; سنڌي شخصيتون: دولهه دريا خان

25 June, 2019

دولهه دريا خان

عنايت کٽياڻ
سنڌ ڌرتيءَ هميشه جوڌن، جوانن، بهادرن ۽ سرويچن کي جنم ڏنو آهي جن ۾ ڪيئي اهڙا نالا آهن جيڪي تاريخي ڪردار بڻجي ويا آهن. سنڌ جي جن تاريخي ڪردارن انتهائي جُرئت ۽ بهادريءَ سان سنڌ وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري آهي اُنهن شهيدن کي سنڌ جي سورمن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. دولهه دريا خان به سنڌ جي انهن سورمن مان هڪ سورمو ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ڪردار آهي جيڪو سنڌ جي “سمان” خاندان جي حُڪمرانيءَ جي دؤر ۾ ڄام نظام الدين(ڄام نندو) جو وزيراعظم ۽ سپهه سالار هئو. دولهه دريا خان جو اصل نالو قبُوليو هئو ۽ سُلطان نظام الدين جي هڪ وزير “لکمير” جو ملازم هئو.


چيو وڃي ٿو ته هڪ ڀيري سُلطان ڄام نندو پنهنجي وزير لکمير کي ساڻ ڪري شڪار ڪرڻ لاءِ نڪتو ته رستي تي پاڻي طلب ڪيائين ته خاص مُلازم پري هُئڻ سبب قبولي ڄام صاحب لاءِ پاڻي آندو جنهن ۾ ڪَک پيل هُئا. ڄام صاحب پاران انهيءَ جو سبب پُڇڻ تي چيائين ته سائين جن کي اُڃ تمام گهڻي لڳي هُئي ۽ جلديءَ ۾ پاڻي پيئڻ سبب اوهان جي طبيعت خراب ٿي پئي سگهي، ان ڪري پاڻيءَ ۾ ڪک وڌم ته جيئن اوهان آهستي آهستي پاڻي پيئو. ڄام صاحب مردم شناس سُلطان هئو ۽ ڇوڪري جي ڏاهپ ڏِسي کيس پاڻ وٽ مُلازم رکيائين. هيءُ ڇوڪرو ڄام نندي جي ويجهڙائپ ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري ترقيءَ جون منزلون طئه ڪندي سپهه سالار ۽ وزيراعظم جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ کيس سندس ايمانداريءَ، ڏاهپ، وطن پرستيءَ ۽ وفاداريءَ عيوض دولهه دريا خان، نواب مُبارڪ خان، نواب خان اعظم جي لقبن سان نوازيو ويو. ڄام نظام الدين جو “فرزند خاص” به سڏيو ويندو هُئس.
سُلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام “نندي” ۸۶۶هه بمُطابق ۱۴۴۶ع ۾ سنڌ جي حڪُومت سنڀالي. هُن جي دؤر ۾ موجوده سنڌ کان علاوه بهاول پور، سبي، مڪران ۽ ڪڇ وارا علائقا به سنڌ ملڪ جو حصو هُئا. پُوري ملڪ کي پرڳڻن ۽ جاگيرن ۾ ورهائي ۽ اُنهن جي حدبندي ڪري اُنهن تي آباد اڪثريتي قبيلن مان نواب مُقرر ڪيا ويا هُئا، جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقي جو ڪاروهنوار هلائن لاءِ خودمختيار هُوندا هُئا. مطلب ته پُوري مُلڪ تي سنڌي قوم جو ئي راڄ هئو، جنهن ڪري امن امان قائم هئو ۽ پُوري سنڌ خوشحال هُئي. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ سنڌ جي تهذيب، تمدن، علم ۽ هُنر کي به ترقي ملي. ڄام صاحب سمان ننگر ڇڏي سمان ننگر کان ۳ ميلن جي فاصلي تي ٺٽو شهر آباد ڪرايو، جنهن ۾ وڏا مدرسا ۽ ڪارخانا ٺهرايائين جنهن ڪري صنعت ۽ واپار کي به هٿي ملي ۽ سنڌ وڌيڪ خوشحال ٿي. ان کان سواءِ ڄام نظام الدين دولهه دريا خان جي مشاورت سان سنڌ جي زراعت کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ۶ عدد ننڍا ۽ وڏا واهه کوٽائي آبپاشيءَ جي نظام جو بُنياد وڌو. هِن دؤر کي سنڌ جي مُڪمل آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو سونهري دؤر ليکيو وڃي ٿو.
دولهه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ جو فوجي نظام به منظم ۽ مضبُوط هئو. جنهن ڪري اندروني بدامنين ۽ ٻاهرين حملن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو هئو. ۸۹۰هه بمُطابق ۱۴۸۵ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان اچي سبيءَ تي حملو ڪيو. نتيجي ۾ سُلطان ڄام نظام الدين پاران مُقرر ڪيل اُتان جو امير بهادر خان ارغونن مٿان مارجي ويو ۽ شاهه بيگ ارغون پنهنجي ننڍي ڀاءُ سُلطان محمد مرزا ارغون کي حاڪم مُقرر ڪري واپس قنڌار هليو ويو. ڄام نظام الدين سبيءَ جو علائقو واپس حاصل ڪرڻ لاءِ دولهه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ شاهي لشڪر مُقابلي لاءِ موڪليو. دولهه دريا خان ارغونن سان جنگ ڪري سبيءَ تي ٻيهر قبضو حاصل ڪري ورتو. ان جنگ ۾ سُلطان محمد مرزا ارغون مارجي ويو ۽ سندس باقي بچيل لشڪر واپس قنڌار ڀڄي ويو. ڄام نظام الدين جي دؤر ۾ وري ڪڏهن به ارغونن سنڌ جو رُخ نه ڪيو. ارغونن کان هيءَ فتح دولهه دريا خان جي هڪ وڏي ڪاميابي هُئي ڇو ته اُن دؤر ۾ ارغون، مُغل ۽ منگول فوجن جي هند ۽ سنڌ ۾ وڏي هاڪ ويٺل هُئي ڇو ته هنن فوجن افغانستان، ايران ۽ عراق ۾ خون جون نديون وهائي ۽ انساني کوپڙين جا مُنارا ٺاهي پنهنجي ظلم ۽ بربريت جو ڌاڪو ويهاري رکيو هئو. اهڙي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڪري ارعون، مُغل ۽ منگول جنهن به علائقي تي حملو ڪندا هُئا اُتان جا رهواسي حملي کان اڳ ئي هُنن جو نالو ٻُڌي پنهنجو علائقو خالي ڪري ويندا هُئا. اهڙن ڌاڪي وارن سان مُنهن مقابل ٿيڻ ۽ جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هُئي جنهن ڪري دولهه دريا خان جي عام توڙي خاص ۾ وڏي ساراهه ٿي ۽ سنڌ جو عوام ۽ امير سندس وڏي عزت ڪرڻ لڳا. سُلطان ڄام نظام الدين پاران کيس جاگير به ملي جيڪا موجُوده ضلعي دادوءَ ۾ ٽلٽيءَ جي ڀرسان هُئي. دولهه دريا خان پنهنجي پُٽن کي هتي رهايو ۽ پاڻ به ايندو رهندو هئو، باقي گهڻو وقت حڪُومتي امُور هلائڻ لاءِ ٺٽي ۾ گُذاريندو هئو يا ننڍين وڏين بغاوتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سرحدي پرڳڻن تي ويندو هئو.
ڄام نظام الدين ۹۱۴هه بمُطابق ۱۵۰۸ع تي وفات ڪئي ۽ آخري وقت ۾ دولهه دريا خان کي پنهنجي پُٽ ڄام فيروز جي پارت ڪيائين. ڄام فيروز سنڌ جي تخت تي ويٺو ۽ سنڌ جي بدقسمتيءَ جو دؤر شروع ٿيو. پهريان ته ڄام فيروز سان سندس ئي خاندان جي ڄام صلاح الدين اختلاف ڪيو ته حڪُومت منهنجو حق آهي ۽ تخت تي قبضو ڪيائين پر دولهه دريا خان ڄام فيروز جي مدد ڪئي ۽ کيس ٻيهر تخت تي ويهاريو ويو ۽ ڄام صلاح الدين گُجرات طرف هليو ويو.
عام راءِ اِها آهي ته ڄام فيروز ناتجربيڪار ۽ خوش آمد پسند ماڻهو هو ۽ حُڪمراني ملڻ سان هُن پنهنجون عياشون وڌائي ڇڏيون هيُون. هُن جي آس پاس خوش آمد ڪندڙ رهڻ لڳا ۽ سندس گهڻو وقت ناچ، گانن ۽ مسخرن جي محفلن ۾ گُذرڻ لڳو جنهن ڪري حڪومتي امُورن تان سندس ڌيان گهٽججندو ويو ۽ شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن جا خرچ وڌي ويا ۽ درٻاري ماڻهن به فضُول خرچيون ڪرڻ شروع ڪيون جنهن ڪري دولهه دريا خان کي ڪجهه سختي ڪرڻي پئي، جيڪا ڄام فيروز کي ناگوار گُذري. دولهه درياهه خان ڄام فيروز سان ڇڪتاڻ وڌائڻ کان پاسو ڪندي وزارتِ اعظميٰ ۽ سپهه سالاريءَ کان استعيفيٰ ڏئي اچي پنهنجي جاگير تي رهڻ لڳو، جنهن ڪري ڄام فيروز وڌيڪ ڇُڙواڳ ٿي ويو ڇو ته مٿانئس نظرداري ڪرڻ وارو ڪو به ڪونه رهيو. ڄام فيروز پنهنجي خوش آمدڙين جي چوَڻ تي ارغونن ۽ مُغلن کي مُلازمت ڏني ۽ اُنهن کي رهڻ لاءِ ٺٽي ۾ هڪ الڳ پاڙو ٺهرائي ڏنائين، جنهن کي مُغل پاڙو سڏيو ويندو هئو. ارغونن ۽ مُغلن اندرئين خاني ڄام فيروز جي ڪمزورين ۽ دولهه دريا خان جي ٺٽي کي ڇڏي وڃڻ جي خبر شاهه بيگ ارغون کي پهچائي جنهن حملو ڪري اچي سڀ کان پهريان سبي فتح ڪئي جتي سندس ڀاءُ مارجي ويو هئو جنهن جو هُن کي وڏو ساڙ ۽ غُصو هئو. هُو اُتي پنهنجي حڪومت قائم ڪري وري قنڌار موٽي ويو ۽ بار بار اچي سنڌ جي علائقن مان ڦُرلٽ ڪري واپس هليو پئي ويو. اِن صورتحال کان ڄام فيروز لاتعلق بڻيو ويٺو رهيو. انهيءَ صورتحال کي ڏسي نواب دولهه درياهه خان ۹۲۳هه بمُطابق ۱۵۱۷ع ۾ سبيءَ تي ڪاهه ڪري ويو پر اُتي شاهه بيگ ارغون موجُود نه هئو جنهن ڪري دولهه دريا خان جو مُقابلو ابو محمد مرزا سان ٿيو جيڪو جنگ ۾ مارجي ويو ۽ دولهه دريا خان لشڪر سميت واپس موٽي آيو ۽ ڄام فيروز کي چيائين سنڌ جي گڏيل فوج ساڻ ڪري هلي ارغونن سان مقابلو ڪجي پر ڄام فيروز ان تي راضي نه ٿيو ۽ نواب دولهه دريا خان موٽي اچي پنهنجي جاگير ۾ رهڻ لڳو جنهن بعد شاهه بيگ ارغون سنڌ تي حملا ڪندي پهريان سکر ۽ پوءِ سيوهڻ فتح ڪيو ته دولهه دريا خان وري ڄام فيروز وٽ لنگهي ويو ۽ چيائينس هاڻي ته شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي ڪاهه ڪري اچي رهيو آهي. اُن سان مُقابلي لاءِ گڏيل ۽ مُتحد فوج جي ضرورت آهي. کيس سنڌ جي سرحدن کان تڙي ٻاهر ڪڍيو وڃي پر ڄام فيروز خان دولهه دريا خان جي ڳالهه ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري ڇڏي ۽ نيٺ ۹۲۶هه بمُطابق ۱۵۱۹ع تي شاهه بيگ ارغون سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي جي ٻاهران اچي منزل ڪئي. ٺٽي شهر ۾ ڄام فيروز جا صرف مائٽ ۽ خوش آمدي هُئا، جيڪي جنگ لاءِ تيار نه هُئا ۽ ڄام صلاح الدين جا مائٽ ۽ دوست جيڪي ڄام فيروز جا مُخالف هُئا اُهي به جنگ ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا.
دولهه دريا خان لاءِ هڪ رستو هيءُ هو ته ٻين وانگر ارغونن سان ٺاهه ڪري ويهي رهي يا سنڌ ڌرتيءَ جي آزاديءَ ۽ ناموس لاءِ ارغونن سان مُقابلو ڪري. دولهه دريا خان هِن ڌرتيءَ جو نمڪ حَلال فرزند هئو ۽ وطن سان وفا نڀائيندي ڄام فيروز کي ٺٽي شهر ۾ ئي ڇڏي پنهنجي پُٽن ۽ پنهنجي لشڪر سميت وڃي ارغونن کي للڪاريائين. ٽن پهرن تائين وڙهندو رهيو ۽ شهيد ٿيڻ تائين ارغونن سان مُقابلو ڪندو رهيو ۽ رَت جي آخري ڦُڙي تائين کين سنڌ جي گاديءَ واري شهر ٺٽي ۾ پير پائڻ نه ڏنائين ۽ پنهنجي ٽن پُٽن ۽ ساٿين سُوڌو شهيد ٿي ويو.
دولهه دريا خان جي شهادت کان پوءِ ارغونن جو قابض لشڪر ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيو ته ڄام فيروز شهر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ ارغونن ۱۰ ڏينهن تائين شهر کي لُٽيو ۽ ڦُريو هو. هتي جي علم، ادب ۽ تاريخ جي ڪُتب خانن کي ساڙيو ويو ۽ پوءِ سنڌ جا حاڪم ٿي ويهي رهيا. ٿوري ئي مُدي اندر ڄام فيروز واپس اچي ارغُونن کان معافي ورتي ۽ زمين جو هڪ محدود ٽُڪرو وٺي ويهي رهيو.
دولهه دريا خان جي مزار مڪليءَ جي قبرستان ۾ آهي جنهن جي چوديواريءَ جو بُنياد پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي بادشاهه سلطان نظام الدين جي مقبري جي ٿوري مفاصلي تي رکيو هُئائين، جنهن کي سندس شهادت بعد سندس پُٽ ۽ ساٿين مڪمل ڪرايو.
نواب دولهه دريا خان جي پڳدار مزار ۽ ننڍي قلعي نُما چوديواري ڏسڻ سان ئي اهو احساس اُڀري ٿو ته ڪو وڏو دلير سپهه سالار سُتو پيو آهي. سندس آخري آرام گاهه سندس شايان شان آهي جيڪا پٿر جي چٽ سالي ۽ اُڪر جي هُنرن ۽ فن جو هڪ شاهڪار آهي. سنڌ جي هِن حَلالي پُٽ پنهنجي پُوري زندگي سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ لاءِ پتوڙيندي گُذاري. سندس شهادت کان پوءِ به ڪيترائي سال سندس جاگير جا ماڻهو، باغبان پرڳڻي ۽ چانڊڪا پرڳڻي جا ماڻهو جن دولهه دريا خان جي اڳواڻيءَ ۽ صحبت ۾ ارغونن سان مُقابلا ڪيا هُئا سي ارغونن، مُغلن ۽ ترخانن سان گوريلا ويڙهه وڙهندا رهيا ۽ پنهنجي وطن پرستيءَ جو احساس ڏياريندا رهيا.
سنڌ جا عالم ۽ مورخ ان ڳالهه تي مُتفق نظر اچن ٿا ته ڄام نظام الدين جو دؤر سنڌ جي خوشحاليءَ جو اهڙو دؤر هئو جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هِن دؤر ۾ سنڌ فوجي لحاظ کان به مضبُوط ۽ مُنظم هُئي ته سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور به پنهنجو مَٽ پاڻ هُئي. هِن ئي دؤر ۾ علم، هُنر، صنعت، زراعت ۽ آبپاشيءَ لاءِ جيڪي سُڌارا آندا ويا اُنهن ۾ دولهه دريا خان جو به وڏو عمل دخل نظر اچي ٿو. دولهه دريا خان جي بهادريءَ، ڏاهپ ۽ وطن پرستيءَ جو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ مثالي باب آهي ۽ دولهه دريا خان سنڌ جو مثالي هيرو ۽ سُورمو ليکيو وڃي ٿو.
مددي ڪتاب ۔
۱۔ جنت السنڌ
۲۔ مڪلي نامون.



دولهه دريا خان
سنڌ جو سرويچ سپهه سالار
غلام جوڻيجو
سنڌ ملڪ جي مقامي حاڪمن سومرن جي حڪومت جي زوال کانپوءِ سنڌ تي سمن جي خاندان جي حڪمراني شروع ٿي، سمن سنڌ ملڪ جي حڪومت جون واڳون ۱۳۵۱ع ۾ سنڀاليون. سما خاندان جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين (ڄام نندو) جي دؤر ۾ سنڌ جون اندروني ۽ سرحدي حدون صلح سانت ۾ رهيون ۽ سنڌ جو عوام سک ۽ امن سان زندگي بسر ڪري رهيو هو. ڄام نظام الدين مذهبي متڀيد کانسواءِ خدمت ڪندڙ هو ۽ پاڙيسري حاڪمن سان دوستاڻا رويا رکيائين. اهڙين پرامن حالتن ۾ حاڪم ڄام نظام الدين تفريح خاطر شڪار تي روانو ٿي ويو، جهنگ ۾ گهمندي ڦرندي ڄام نظام الدين کي سخت اڃ لڳي ۽ اچي پنهنجي پياري وزير لکدير (لکمير) وٽ پهتو ۽ کانئس پاڻيءَ جي گهر ڪيائين، وزير پنهنجي نوڪر قبوليو کي بادشاهه کي پاڻي پيارڻ لاءِ چيو، قبولئي بادشاهه کي پاڻي پيارڻ کان اڳ پاڻيءَ واري برتن ۾ ڪجهه ڪک وجهي ڇڏيا، پاڻي پيئڻ کانپوءِ بادشاهه نوڪر قبولئي کان ڪک وجهڻ جو سبب پڇيو، قبولئي فرمانبرداريءَ سان وراڻيو ته سائين مون سمجهيو ته بادشاهه سلامت کي ڏاڍي اڃ لڳي آهي، سو متان تڪڙ ڪري هڪ ساهيءَ ۾ پاڻي پي وڃن، مون ڪک ان ڪري وڌا ته جيئن پاڻي هوريان هوريان آهستي آهستي واپرايو وڃي، اها عقل واري ڳالهه ٻڌي ڄام نظام الدين پنهنجي وزير لکدير کان سندس نوڪر ڇوڪري قبولئي جي گهر ڪئي، جيڪا وزير هڪدم پوري ڪئي. ڄام نظام الدين قبولئي کي ساڻ ڪري پنهنجي محلات ۾ پهتو. (قبولئي کي ڄام نظام الدين وٽ پهچڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجهه ٻيون روايتون به اچن ٿيون)
جيئن ته سنڌ جي مستند تاريخ لکجي نه سگهي آهي، تنهنڪري مٿين لکت کي اهميت ڏجي ٿي.
مردم شناس ڄام نظام الدين قبولئي جي ذهانت ۽ سلڇڻائپ ڏسي سندس بهترين تربيت ڪئي ۽ قبوليو به ڄام نظام الدين جي معيار تي پورو لٿو.
قبولئي جو نالو دريا خان رکيو ويو ۽ کيس لقب مليا، مبارڪ خان ۽ خان اعظم. ان کان به وڏي ڳالهه ته ڄام نظام الدين کيس پنهنجو پٽ بڻايو. دريا خان ڄام نظام الدين جي سنڌ ملڪ جي فوج جو سپهه سالار بڻيو. دريا خان پنهنجي دؤر ۾ سنڌ کي هرپاسي کان مضبوط ۽ آسودو ڪيو. فوجي، سياسي، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال تي تاريخدان لکن ٿا ته اهڙو دؤر سنڌ ڪڏهن نه ڏٺو! اهڙين تعميري ۽ تاريخي صلاحيتن سان گڏ هن ۾ آزادي ۽ وطن پرستي به حد درجي جي هئي، جيڪا سنڌ جي تاريخ ۾ کيس هميشه ياد رکندي. سر جو سانگو لاهي ملڪ کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ هن جيڪا جدوجهد ڪئي، اها وطن جي تاريخ ۾ مثالي آهي.
افغانستان جي حاڪم ارغونن ڪن به سببن جي ڪري اتر سنڌ تي بنا ڪنهن اعلان جنگ جي اوچتو حملو ڪري سبي سنڌ جي حاڪم بهادر خان کان کسي ويا. سنڌ جي تخت گاهه ٺٽي ۾ جيئن اها خبر پهتي ته ڄام نظام الدين، دريا خان کي هدايت ڪئي ته هو هڪدم سبيءَ پهچي. دريا خان سبيءَ پهچندي پنهنجي سپهه سالاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. والي سبي سلطان محمد بن امير ذوالنون مقابلي ۾ مارجي ويو. دريا خان فاتح ٿي ٺٽي واپس وريو. جيستائين ڄام نظام الدين زندهه هو ته وري ارغونن سنڌ تي حملي جي همت نه ڪئي. دريا خان بااختيار وزيراعظم ۽ فوج جو سپهه سالار هو. جيئن ته سنڌ جي تاريخ تي مڻين مٽي پيل آهي ۽ جيڪا ڪجهه لکي وئي آهي، سا به ڌارين لکي آهي ۽ ان ئي تاريخ تي انحصار ڪرڻو پوي ٿو. دريا خان لاڙ واري ساڪري پرڳڻي ۾ آباديءَ جي لاءِ هڪ واهه کوٽايو هو، جيڪا سندس سنڌ سان سڄڻائپ ۽ هڪ زرعي ماهر هئڻ جي نشاندهي آهي.
ڄام نظام الدين جو بهترين دؤرِ حڪومت 48 سال رهيو، پوءِ حڪومت ۽ اولاد جي وزيراعظم دريا خان کي پارت ڪندي پاڻ اڻ ڏٺل جهان ڏانهن اطمينان سان روانو ٿي ويو. ڄام نظام الدين جو مقبرو فن عمارت جو گلدستو آهي.
ڄام نظام الدين جو فرزند فيروز ننڍو هو، ان ڪري حڪومت جو ڪاروهنوار دريا خان هلائيندو هو. ڪجهه عرصي کانپوءِ ڄام صلاح الدين به حاڪم هئڻ جي دعويٰ ڪئي. دريا خان ٺٽي جي عوام جي حمايت سان کيس ڀڄائي ڇڏيو. ڄام صلاح الدين گجرات جي سلطان مظفر وٽ وڃي ساهه پٽيو. ڄام فيروز جوان ٿيندي حڪومت جون واڳو ورتيون، سندس گهڻو وقت زنانه خاني ۾ گذرندو هو، ٻاهر نڪرندو هو ته چاپلوس سندس پٺيان هوندا هئا. اهڙين حالتن ۾ دريا خان حڪومت کان پاسيرو ٿي ويو ۽ پنهنجي ڳوٺ ڳاها ۾ اچي رهڻ لڳو. ڄام صلاح الدين به اهڙيءَ تاڙ ۾ هو، ورندو ماڻهن به کيس خط موڪليا ته هاڻي اچي حڪومت وٺو. ڄام صلاح الدين گجرات کان لشڪر وٺي ٺٽي تي چڙهائي ڪئي.
ڄام فيروز ماءُ سميت ڀڄي دريا خان وٽ سندس ڳوٺ پهتو ۽ ڪيل گناهن جي معافي گهري ۽ کيس مدد لاءِ گذارش ڪئي. دريا خان حڪمت عملي ذريعي ڄام فيروز کي تخت نشين ڪرايو، وري ٻيهر به دريا خان سان ساڳيو سلوڪ ڪيو ويو. ارغونن، مغلن ۽ چاپلوسن کي ترجيح ڏني وئي. دريا خان واپس ڳوٺ هليو ويو، اهڙيون غير يقيني ۽ افراتفريءَ واريون حالتون نظر ۾ رکندي شاهه بيگ، ارغون پنهنجي ڀاءُ جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڀرپور حملو ڪري ڏنو. دريا خان کي جيئن حملي جي خبر پهتي ته پاڻ اچي پهتو. ۱۱ محرم تي سنڌين ۽ پٺاڻن جو ساموئيءَ واري ميدان ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌين شڪست کاڌي، دريا خان تير ۽ تلوار هلائيندي ۽ سهندي سنڌ تي قربان ٿي ويو. اها تاريخ ۱۱ محرم ۹۲۷ هجري ۽ ۲۲ ڊسمبر ۱۵۲۰ع هئي، انهيءَ جنگ واري واقعي جو نقشو چٽيندي تاريخ معصومي ۽ ترخان نامه ۾ اچي ٿو ته ٻنهي ڌرين ۾ اهڙي ته شديد ويڙهه وڙهي وئي جو قلم بيان ڪرڻ کان قاصر آهي، ٻيون تاريخون به دريا خان جي دليري ۽ مردانگيءَ جون شاهديون ڏئي رهيون آهن ۽ لکن ٿيون ته سنڌ تي جڏهن به ڏکيو وقت آيو ته دريا خان ڄام نظام الدين کانپوءِ ۱۲ سال منهن ڏنو. دريا خان کانپوءِ سنڌ سورن ۾ اچي وئي. دريا خان کي تاريخي قبرستان مڪليءَ ۾ دفنايو ويو. سندس مزار واري چؤديواريءَ جي اندر ۱۷ ٻيون قبرون آهن، وڌيڪ خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي ٻيون قبرون ڪنهن جون آهن، ڇاڪاڻ ته ڪُتبا وغيره لکيل نه آهن. دريا خان کي پنج سرويچ پٽ هئا. سارنگ خان، علاؤ الدين، احمد، محمود خان ۽ مٺڻ خان جيڪي بهادر ۽ وطن دوست هئا.
دريا خان جي شهادت جو ڏينهن سنڌ ۾ قومي ڏينهن ڪري ملهايو وڃي ٿو. زندهه، سڄاڻ ۽ غيرت مند قومون پنهنجن هيرن جا ڏينهن انهيءَ ڪري ملهائينديون آهن ته جيئن ان مان سبق پرائي حال ۽ مستقبل لاءِ عملي ۽ عقلي بنيادن تي حڪمت عمليون جوڙي انهن تي عمل ڪيو وڃي. سنڌ کي هن ڏکئي وقت ۾ دريا خان جهڙي وزيراعظم ۽ سپهه سالار جي ضرورت آهي.



شھيد دولھ دريا خان
جيڪو سنڌ تي سر ڏئي سرھو ٿيو
مدد علي سنڌي
فارسي ٻوليءَ جو ھڪ شعر آھي؛
“خدا رحمت ڪري، انھن پاڪ صفت عاشقن تي جن پنھنجا رت ھاري، بھادري ۽ قربانيءَ جا مثال قائم ڪري ڇڏيا.” ھي بيت، سنڌ جي ھڪ سورھيه سرويچ ۽ جھونجھار دولھه دريا خان تي ٺھڪي اچي ٿو، جنھن جي شھادت جو ڏينھن ۱۱ محرم، ۹۲۷ ھجري بمطابق ۲۲ ڊسمبر ۱۵۲۰ع آھي. ۲۲ ڊسمبر تي جڏھن ھن جي شھادت ٿي ته محرم جو مھينو ۽ ڇنڇر جو ڏينھن ھو. چار صديون گذرڻ بعد به دريا خان جو معطر مقبرو، جيڪو مڪلي ٺٽي ۾ واقع آھي، اڄ به ايندڙ ويندڙن جي لاءِ ڪشش رکي ٿو. تاريخ نويسن دولھه دريا خان جي شھادت واري تاريخ کي “خرابيءِ سنڌ” ڪري لکيو آھي. بقول پير حسام الدين راشدي جي ته ان واقعي کان پوءِ خرابيءِ سنڌ جو باب کلي پيو، جنھن نه صرف ٺٽي بلڪ سموري سنڌ لاءِ غيرن جي غلاميءَ جو رستو ھموار ۽ صاف ڪري ڇڏيو. سنڌ بابت تاريخ جا ڪيترا ئي ڪتاب جھڙوڪ؛ تاريخ معصومي، تحفته الڪرام، بيگلار نامو، تاريخ طاھري ۽ ترخان نامي سميت ڪيترا ڪتاب آھن جيڪي سورھيه، محب وطن جھونجھار تي عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا. فارسي ڪتاب بيگلار نامه ۾ لکيل آھي ته، “دريا خان، مردانگي ۽ سرداري ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. جنگ ڪندي، ارغوني لشڪر جي ھٿ لڳو ۽ قتل ٿي ويو.” تاريخ معصومي ۾ مير معصوم بکري لکي ٿو ته، “ٻنھي ڌرين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنھن جي شرح بيان ڪرڻ کان قلم جي زبان قاصر آھي.”
دريا خان، جنھن جو اصل نالو قبوليو ۽ مبارڪ خان ھو، سنڌ جي ھر دلعزيز حڪمران ڄام نظام الدين سمي جو پٽيلو ھو. سلطان نظام الدين سنڌ تي ۴۸ ورھيه حڪومت ڪئي ۽ سال ۱۵۰۸ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس مثالي دور ۾ دريا خان، جيڪو اصل ۾ ھڪ لاوارث نينگر ھو، پر ڄام نظام الدين جي عاليشان تربيت جي ڪري ڄام نظام الدين جي وزير اعظم واري عھدي تائين وڃي پھتو ۽ سنڌي فوج جي سپھه سالاري به سندس سپرد ڪئي وئي. دريا خان نه رڳو پاڻ کي ان اعليٰ درجي جي مان ۽ مرتبي تي پورو رکيو، بلڪ سموري بادشاھي جو ڳاٽ سڄي سنڌ ۾ اوچو ڪيو. اھو ئي سبب ھو جو ڄام نظام الدين کيس پنھنجي فرزنديءَ جي لقب سان سرفراز ڪري ڇڏيو. ڄام نظام الدين جي وفات کان پوءِ به ھو اھو جھونجھار مڙس مٿير ھو، جنھن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مسلسل ويڙهه ۽ جدوجھد جاري رکي، ويندي پنھنجي حياتيءَ ۾ مغلن کي ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. پھريون دره بولا خان وٽ پھچي کين شرمناڪ شڪست ڏيئي پوءِ ٺٽي ورڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. پڇاڙي ۾ ٺٽي جي چانئٺ وٽ لڙندي وڙھندي، سازشن جي تلوارن ۽ تيرن جا ڌڪ کائيندي، پنھنجي رت جي قرباني ڏئي، پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو.
ان سموري واقعي ۾ ڄام نظام الدين جي نااھل پٽ ڄام فيروز جو ٺٽي ۾ مغلن کي اھم عھدن تي رکڻ وارو به ھڪ ڏکوئيندڙ معاملو آھي، جن حالتن جو فائدو وٺي شاھ بيگ ارغون کي سنڌ تي حملي لاءِ ڀڙڪايو. ان سازش ۾ ڄام فيروز جي والده پڻ شامل ھئي. جڏھن شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪري ٺٽي پھچي ويو ته دولھه دريا خان پنھنجي وطن جي لوئي ۽ لڄ بچائڻ لاءِ سنڌي لشڪر ڪٺو ڪري ٺٽي جي ٻاھران ارغونن جي لشڪر سان مقابلو ڪيو. نيٺ جڏھن ارغوني لڙائي جي پھچ ۾ ناڪام ويا ته قرآن کي وچ وجھي دريا خان کي صلح جي ڳالھين لاءِ دعوت ڏني. حقيقت ۾ اھا سازش ھئي، ان ڪري اڳواٽ رٿيل پروگرام موجب ڳالھين دوران حملو ڪري دريا خان کي“تير ھڻي شھيد ڪيو ويو.” دريا خان جو ڪردار تاريخ ۾ ان ڪري انتھائي اھميت وارو آھي، ڇاڪاڻ ته ھن نھايت سياسي ۽ جنگي دورانديشيءَ سان ارغونن جو مقابلو ڪيو. سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار روڪڻ لاءِ جيڪا تحريڪ ھلي ان ۾ مخدوم بلاول ۽ سيد حيدر سنائي به گڏ ھئا. تاريخ جا ڪتاب ٻڌائين ٿا ته ۲۲ ڊسمبر ۱۵۲۰ع يعني ۱۱ محرم ڇنڇر جي ڏينھن شام جو شاھ بيگ جو ارغوني لشڪر پنھنجي خوفناڪ شڪلين ۽ ڊگھين ٽوپين سان نغارا وڄائيندي، تاريخي شھر ٺٽي ۾ ڪاھي پيو، جن اھڙو ته قتل عام ڪيو، جو خدا جي پناهه! چون ٿا ته انھن ڏينھن يعني محرم جي مھيني ۾ ٺٽي جي رھواسين کي ڪربلا ۽ يزيدي لشڪر ياد اچي ويو. تاريخ معصومي ۾ مير معصوم لکي ٿو ته “مغل ۲۰ محرم تائين ٺٽي شھر کي ڦريندا لٽيندا ۽ اتان جي رھاڪن کي ذليل ڪندا رھيا.”
ڪجھه وقت ڪراچي يونيورسٽيءَ ھڪ پراڻو فارسي ڪتاب “نصرت نامو” شايع ڪرايو ھو. ان ڪتاب جو سنڌي ۽ انگريزي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ کي ڪرائڻ گھربو ھو پر بورڊ جون مشغوليون ٻيون آھن، جن تي لکڻ اسان جو موضوع ڪونھي. بھرحال انھيءَ ڪتاب جو ليکڪ مبارڪ محمود ھو، جيڪو لکي ٿو ته “مبارڪ علي دولھه دريا خان کي مير زنده علي قبتاش ارغون گرفتار ڪيو ھو، جنھن کي شاھ بيگ ارغون جي آڏو آندو ويو. ھڪ شخص دوست ارغون، جيڪو گھڻي وقت کان سنڌ ۾ رھندڙ ھو، تنھن کيس سڃاتو ھو. جڏھن مبارڪ خان کي پنھنجي سڃاڻپ لاءِ پڇيو ويو ته ھن پراڻي جھونجھار سنڌي ٻوليءَ ۾ وراڻيو، “جي آئون ئي مبارڪ خان آھيان.” شاھ بيگ ارغون پنھنجي ڀاءُ يار محمد جي موت کي ياد ڪندي، ڪاوڙ مان کيس پنھنجي تلوار جو ڌڪ ھنيو ۽ پوءِ ٻين سڀني مختلف پاسن کان مٿس حملو ڪيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائون.”
سنڌ جي سموري تاريخ اھڙن خوفناڪ واقعن سان ڀريل آھي، پر سنڌ سورھين صديءَ عيسوي جي اوائل ۾ جنھن ريت انھيءَ حادثي جو شڪار ٿي، اھو ھرگز وسارڻ جوڳو نه آھي. اھو مظلوم دور، اڄ به مڪلي جي قبرستان مان اوھان کي نظر ايندو، جيڪو ھڪ ئي وقت محب وطنن، بادشاھن، مظلومن ۽ وطن سان غداري ڪندڙن جي قبرن ۽ مقبرن سان ڀريل آھي. اڄ قافي قاضن جي قبر اسان کي ڳولئي به نه لڀندي، پر دولھه دريا خان ۽ ڄام نظام الدين جا مقبرا پري کان پيا تجليون ڏين. شھيد دولھه دريا خان جي قبر جي ڪتبي تي لکيل ھي اکر ڪيڏا نه معنيٰ خيز آھن ته، “ياالله ھيءَ معطر مقبرو خان اعظم شھيد مبارڪ خان ابن نظام الدين جو آھي.”
شايد ڊسمبر جو مھينو سنڌين لاءِ سڀاڳو مھينو ڪونھي جو ۲۲ ڊسمبر تي دولھه دريا خان ۽ ۲۷ ڊسمبر تي محترمه بي نظير ڀٽو کي شھيد ڪيو ويو. سنڌ جي شھيدن جي لسٽ ھڪ ھزار سالن جي طويل عرصي تائين پکڙيل آھي. حق اھو آھي ته اسان کي پنھنجي ماضيءَ جي جھونجھارن، سرويچ ۽ مدبر سورھين، سردارن جون ياگيريون سانڍي رکڻ گھرجن جيڪي وطن تي سر ڏئي سرھا ٿيا. سنڌ تي سر قربان ڪندڙ شھيدن جي لسٽ ۾ دولھه دريا خان جو ٽيون نمبر شمار ڪيو ويو آھي. اڄ ھن سورھيه سردار کي ياد ڪندي، پير حسام الدين راشدي جي ھنن لفظن سان پڄاڻي ڪريون ٿا ته، “نواب دريا خان سنڌ کي ھر لحاظ سان مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو.هن جي فوجي، سياسي خواهه سماجي ۽ اقتصادي صورت کي اھڙي ڪڙي تي بيھاريو، جو مورخن جو متفقه فيصلو آھي ته اھڙو زمانو سنڌ نه پھرئين ڏٺو نه پوءِ! انھيءَ تعميري، رفاحي صلاحيتن سان گڏ آزادي ۽ وطن پرستي رکندي سر جا سانگا لاھي وطن کي ڌارين جي قبضي کان آزاد رکڻ لاءِ ھن جيڪا جدوجھد ڪئي، اھا حقيقت ۾ وطنيت جي تاريخ ۾ مثال آھي.”


دولھ دريا خان جي اوطاق بابت تاريخ جي درستگي ٿيڻ گھرجي
عزيز ڪنگراڻي
سنڌ ۾ ڪيترائي ماڳ آهن جن جي نالن توڙي انهن جي تاريخ ۾ مونجهارا پيدا ڪيا ويا آهن. بنا ڪنهن تصديق ۽ تحقيق جي انهن ماڳن بابت غلط معلومات درج ڪئي ويئي آهي. انهن ماڳن ۾ ارغونن پاران سنڌ جي وحدت تي ٿيندڙ وار خلاف وڙهندي شهيد ٿيندڙ سمن جي دور جي سورهيه سپهه سالار ۽ ڄام نندي جي وزير اعظم شهيد دولهه درياءَ خان سان منسوب هڪ ماڳ پڻ آهي، جيڪو ڳوٺ خاصائي شورا ۽ گوپانگ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان انڊس هاءِ وي لڳ تعلقي مانجهند ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. هن ماڳ کي حاڪم علي شاهه، عثمان ميمڻ ۽ غلام محمد لاکي مختلف لکتن ۾ دولهه درياءَ خان جي اوطاق ڄاڻايو آهي جيڪو سراسر غلط آهي. سندس اوطاق ته ٽلٽي يا ڳوٺ ڳاها ۾ هجڻ گهرجي ها ڇاڪاڻ ته دولهه درياءَ خان کي سمن پاران ٽلٽي ۽ ڳوٺ ڳاها (هاڻ ڳوٺ بهار شاهه، تعلقو جوهي) ۾ زمينون مليل هيون. ٽلٽي جيان ڳاها ۾ ته درياءَ خان وڏو مدرسو به قائم ڪيو هو جنهن ۾ سيد يار محمد ابهري ۽ سندس پٽ عبدالعزيز ابهري جهڙا عالم پڙهائيندا هئا. عبدالعزيز ابهري جي مزار اڄ به ڳوٺ بهار شاهه لڳ مٿانهين دڙي تي موجود آهي. بهرحال دولهه درياءَ خان ٺٽي کان ٽلٽي يا ڳاها ايندي ويندي انهيءَ رستي ڪٿي ترسندو ضرور هوندو يا سندس اوطاق به هجي پر جنهن کي ڄاڻايل مورخن ان کي اوطاق ڪوٺيو آهي ان جي طرز تعمير تي غور ڪجي ٿو ته اوطاق ڪنهن به قيمت تي نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته پوري ايشيا يا دنيا ۾ اهڙو مثال نه ٿو ملي جو ڪنهن اوطاق کي گنبذ هجي. اوطاق ترڪي ٻولي جو لفظ آهي. ان حوالي سان ترڪي يا ٻين ملڪن ۾ ڪا قديم يا جديد اوطاق گنبذن سان هجي سا مونکي نه ٿي سجهي. وڏي ڳالهه ته هيءَ اڏاوت مسجد به نه ٿي لڳي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ محراب به نه آهي. محراب شهيد به ٿي ويو هجي پر هن عمارت جي پٺ اولهه بجاءِ اتر اولهه ڪنڊ تي آهي جنهن سان مسجد نه ٿي لڳي. ڇو ته مسجد جو محراب يا پٺ اولهه طرف ڪعبته الله ڏانهن هئڻ گهرجي ها. هن عمارت کي ڪوٽ ڦيريل آهي ۽ ڪوٽ ٻاهران اولهه پاسي پراڻي ڳوٺ يا وستي جا آثار به موجود آهن.

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته غور ويچار کان سواءِ عمارت کي دولهه درياءَ خان جي اوطاق قرار ڏنو ويو آهي. تاريخ جي اهڙي بگاڙ جي اهڙين نشاندهين سبب سنڌ جا اڪثر مورخ ۽ محقق مون کان ناراض آهن ۽ مون کي تڪراري سمجهيو وڃي ٿو پر درستگي لاءِ نشاندهي جو حق هميشه استعمال ڪندو رهيو آهيان. منهنجي خيال موجب هيءُ عمارت نه مسجد آهي، نه ئي دولهه درياءَ خان جي اوطاق. هيءُ قديم شِوَ مندر لڳي ٿو. تنهن ڪري مستند تحقيق ڪري هن ماڳ يا عمارت جي تاريخ ۾ درستگي ٿيڻ گهرجي.


دولهه دريا خان
سنڌ جو سپهه سالار
ياسين سنڌي
عرب مسلمانن ۱۵ هجريءَ کان سنڌ تي سامونڊي ۽ خشڪيءَ رستي حملا شروع ڪيا،چوڏهن حملن کانپوءِ ۹۲ هجري-۷۱۲ع سنڌ جي راجا ڏاهر کي شڪست ڏئي سنڌ تي قبضو ڪري ورتائون، عربن ۽ غزنوي خاندان جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ سنڌ تي سومرن جي حاڪميت شروع ٿي، جيڪي سنڌ جا رهاڪو هئا، سومرن جي حڪومت ختم ڪري سمه خاندان سنڌ جو حاڪم بڻيو. سما خاندان ۾ هڪ هاڪارو، بهادر ۽ عوام دوست حاڪم ٿي گذريو آهي، جنهن جو نالو هو ڄام نظام الدين (ڄام نندو) ۱۴۹۰ع تي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو ويو. سندس گهڻو وقت ڪتب خانن ۾ گذرندو هو. عام حاڪمن کان بلڪل مختلف هو. بنا ڪنهن وڏي سبب جي جنگ وجدل کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ۴۸ ورهيه آرام سان حڪومت ڪيائين.
ننگر ٺٽي شهر جو بنياد رکي ان ۾ رهائش اختيار ڪيائين، ڄام نظام الدين جي حڪومت دوران ڪنهن کي جرئت نه ٿيندي هئي ته سنڌ جي سرحدن تي ميري اک کڻي سگهن هڪ لڱا قنڌارجي حاڪم شاهه بيگ مغل سنڌ جي حدن ۾ اچي آگري،چانڊڪا، سنديجا ۽ ماڇين جو ڪوٽ اچي ڦريو لٽيو، ڄام نظام الدين دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ لشڪر موڪليو هلوڪه ڳوٺ وٽ دوبدو مقابلو ٿيو. جنهن ۾ سنڌ جي لشڪر کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ حملو ڪرائيندڙ شاهه بيگ مغل جي ڀاءُ ابو محمد کي موت پلئه پيو، قنڌارين ڀڄي جان بچائي.
دولهه دريا خان (مبارڪ خان) فوج جو سپهه سالار گهڻو بعد ۾ ٿيو سندس ننڍپڻ هڪ مسڪين ٻهراڙيءَ جي ٻار وانگر گذريو، هڪ دفعي ڄام نظام الدين (ڄام نندو) سنڌ جو حاڪم شڪارتي نڪتو سندس وزير لڪدير به ساڻس گڏ هو، ڄام نندي کي اڃ لڳي وزير هڪ ڇوڪر قبوليو کي چيو ته ڄام کي پاڻي پيار. قبوليو پيالو پاڻيءَ جو ڀري ان ۾ سُڪل ڪک ۽ پن وجھي ڄام نندي کي پيش ڪيو. ڄام پاڻيءَ ۾ ڪک وجھڻ جو سبب معلوم ڪرڻ گهريو، قبولئي هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته قبلا حضور جن کي ڏاڍي اڃ هئي سو سمجھيم ته مٿان يڪ ساهيءَ ۾ سڄو پيالو پي وڃن ۽ متان توهان کي ڪا تڪليف پهچي تنهن ڪري ٿورا ڪک پاڻيءَ ۾ وجھي آيس ته جيئن حضور جن آهستي آهستي پاڻي واپرائين. ڄام نندي کي قبولئي جي اِها ڳالهه نهايت پسند آئي، سو قبولئي لاءِ لڪدير کي چيائين ته قبوليو منهنجي بِلي ڪيو وڃي. انهيءَ گهڙيءَ کانپوءِ قبولئي جو بخت کلڻ شروع ٿي ويو. عمر سان گڏ قبولئي جو عقتل ۽ سمجهه به وڌڻ لڳي. قبولئي جا ڪم ۽ عمل ڄام نظام الدين کي موهيندا رهيا ان ڪري قبولئي کي لقب مليو ”مبارڪ خان“ ۽ ڄام کيس پنهنجو پٽيلو به بڻايو.
حڪومت جي وڏن ۽ اهم مسئلن ۾ صلاح مصلحت دريا خان سان ڄام نندو ڪندو هو. حالانڪه ٻيا وڏا ڏاها ۽ عقلمندر درٻار ۾ موجود هوندا هئا، سنڌ ملڪ تي سور شون ۽ ڪاهون ڌارين کان ٿينديون رهنديون هيون. هڪڙي قنڌار جي ڪاهه ذڪر مٿي ڪري آيو آهيان، سنڌ تي ٻيو حملو ساڳئي قنڌار جي حڪمران شاهه بيگ ارغون قنڌار کان مغلن جو لشڪر سولي قلعي جيڪو ڄام نظام الدين جي امير بهادر خان جي سنڀال هيٺ هو، اُن تي حملو ڪري فتح ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ سلطان محمد جي حوالي ڪري پاڻ قنڌار موٽي ويو. ڄام نظام الدين سپهه سالار دريا خان جي سربراهيءَ ۾ قلعي سوليءَ لاءِ روامو ڪيو دريا خان ۽ سلطان محمد مرزا وچ ۾ زبردست ويڙهه لڳي شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ سلطان محمد مارجي ويو، سوليءَ جو قلعو وري ڄام نظام الدين جي قبضي ۾ اچي ويو، اها خبر جڏهن شاهه بيگ کي پئي ته آپي کان ٻاهر نڪري ويو هڪدم مرزا عيسيٰ کي وڏو لشڪر ڏئي سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. ڄام نظام الدين به تياري ڪري لشڪر دريا خان جي اڳواڻيءَ ۾ روانو ڪيو. مرزا عيسيٰ خان ترخان ۽ دريا خان جي وچ ۾ سرحد وٽ خونريز جنگ لڳي تنهن ۾ ڪيترائي تجربيڪار ويڙهاڪ مارجي ويا ۽ دريا خان به سخت زخمي ٿي پيو ۽ بکر واري قلعي ۾ عارضي پناهه ورتائين. شاهه بيگ قنڌار موٽي هليو ويو.
ڄام نظام الدين وفات وقت پنهنجي فرزند ڄام فيروز ۽ ٻئي عيال جي پارت دريا خان کي ڪري ويو ۽ وصيعت ڪئي ته سڄي حڪومت جو بار دريا خان پنهجن ڪلهن تي سمجھي ۽وڌيڪ چيائين ته وفاداري ۽ ايمانداريءَ جا فرائض چڱيءَ طرح بجا آڻج.
ڄام نظام الدين جو پٽ ڄام فيروز تخت تي ويٺو. حڪومت ۽ ڪاروبار دريا خان هلائيندو رهيو.
ڄام سنجر جي پوٽي ڄام صلاح الدين تخت نشينيءَ لاءِ دعوا داري ڪئي دريا خان ۽ ڄام نندي جي درٻارين جي حڪمت عملين ڄام صلاح الدين کي ناڪام بڻايو. ڄام فيروز سنڌ جو حاڪم بڻييو رهيو. ڄام صلاح الدين گجرات پنهنجي ناٺي سلطان مظفر وٽ رهڻ لڳو، ڄام فيروز پنهنجو گهڻو وقت حرمخانن ۾ گذاريندو ۽ ڪڏهن ٻاهر نڪرندو هو ته راڳ روپ ٻڌڻ ۽ ڇوڪرين جي ناچ ۽ مسخرن جي چرچي بازيءَ ۾ وقت صرف ڪندو هو. ڄام فيروز ۽ سندس ساٿي دريا خان کي حڪومتي معاملن ۾ اهميت نه ڏيڻ لڳا، دريا خان حالتون ڏسندي پنهنجي ڳوٺ ڪاهان هليو ويو.
ڄام فيروز جي عياشي ۽ حڪومت جي ڪمن ۾ لاغر ضائيءَ جي ڪري ڪيترن ماڻهن ڄام صلاح الدين ڏي گجرات ڏانهن اهڙا خط لکي موڪليا، ڄام صلاح الدين پنهنجي ناٺيءَ سان صلاح ڪري وڏو لشڪر وٺي ٺٽي ڏانهن روانو ٿيو ۽ اچي ٺٽي ۾ خيما کوڙيائين. ڄام فيروز ماءُ کي وٺي دريا خان جي ڳوٺ پهتو. دريا خان ڄام نظام الدين جون مهربانيون ياد ڪندي وقت وڃائڻ بدران لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو، ڄام صلاح الدين جي لشڪر جي اڳواڻي سندس وزير حاجي ڪري رهيو هو. دريا خان جي لشڪر سان جنگ لڳي، دريا خان جي لشڪر کي شڪست ملي. پوءِ ڪنهن حڪمت عمليءَ تخت صلاح الدين کي ٺٽو ڇڏي ڀڄي وڃڻو پيو. ڄام فيروز تخت سنڀاليو پر پلڪار اڳي کان به اڳرا مغلن کي نوازيندو رهيو. مغلن اندران ئي اندران مرزا شاهه بيگ کي ٺٽي تي حملي ڪرڻ لاءِ چيو. شاهه بيگ لشڪر وٺي اچي ٺٽي پهتو، دريا خان ڄام فيروز کي ٺٽي ۾ ڇڏي پاڻ لشڪر وٺي اچي ميدان ۾ پهتو ،سخت جنگ لڳي دريا خان جنگ ۾ شهيد ٿي ويو. ”۲۲ ڊسمبر ۱۵۲۰ع شهادت جو ڏينهن“.
ڄام فيروز شڪست جو ٻڌي درياءُ ٽپي ڀڄي ويو، ٺٽي شهر کي لٽيو ۽ ڦريو ويو ۽ قتل عام ڪيو ويو. دريا خان جي شاندار مزار اڄ به مڪليءَ ۾ لکين سنڌين لاءِ، اتساهه جو اهڃاڻ بڻيل آهي. سنڌ تي سِر ڏيندڙن جي ڏاڍي ڊگهي لسٽ آهي جيڪا مهاراجا ڏاهر کان شروع ٿي سرويچ تائين هلندڙ آهي، جيستائين سنڌ ڌرتي رهندي تيستائين سر ڏيندڙن جي لسٽ وڌندي ويندي، سنڌ وارا ڪڏهن به سر جو سانگو ڌرتيءَ سان نه ڪندا آهن، جسماني طرح ڪمزور سنڌ جي عورت اجھو هين ٿي چوي:
ڀڳو آئون نه چوان، ماريو ته وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سهان،
ته پڻ لڄ مران جي هونس پٺ ۾. (شاهه)
جنهن ملڪ جي عورت ايتري جرئت رکندڙ ۽ بهادر هجي اهو ملڪ ڪڏهن به ڊگهي عرصي لاءِ غلام نه ٿو رهي سگهي..

No comments:

راءِ ڏيندا