; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر

29 June, 2019

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر


پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شڪارپور ڪئمپس جي ڊائريڪٽر سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: الطاف ابڙو
Image result for Professor Dr. Abdur Razak Maharدنيا ۾ ڪي اهڙا انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجي اخلاق جي انمول موتين سان سينگاري سنواري پنهنجو انوکو مثال قائم ڪري ڇڏيندا آهن اهڙو ئي انسانيت، محنت ۽ محبتن سان ڀريل ڪردار سهڻي سنڌ جي ضلعي شڪارپور شهر ۾ عبيدالله مهر جي گهر ۾ آڪٽوبر۱۹۶۰ع ۾ اک کوليندڙ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر به هڪ آهي.


ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر، شڪارپور جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول ھاٿيدر ۾ پرائمري جي تعليم حاصل ڪئي. ميٽرڪ هاءِ اسڪول مشهور قبن وارو مان ۱۹۷۶ع ۾ ڪئي جيڪو اسڪول هاڻي گورنمنٽ هاءِ اسڪول ٽو جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. انٽر جي تعليم سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان پري ميڊيڪل شعبي ۾ ۱۹۷۹ع ۾ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر مهر باٽني شعبي ۾ بي ايس سي جي تعليم ۱۹۸۳ع مان سنڌ يونيورسٽي مان فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي ايم ايس سي به سنڌ يونيورسٽي مان سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي. جنهن بعد وفاقي هاءِ اسڪول راولپنڊي ۾ ۱۹۸۵ع ۾ ٽيچر ٿيو; ٽي مهينا اسڪول ۾ نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ايگريڪلچر بئنڪ ۾ موبائل ڪريڊٽ آفيسر خيرپور ضلعي جي پيرجوڳوٺ ۾ مقرر ٿيو. پروفيسر عبدالرزاق مهر ۱۹۸۶ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي باٽني شعبي ۾ ليڪچرار طور مقرر ٿيو. شاگردن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکڻ سان گڏ ڊاڪٽر رزاق مهر ۱۹۹۲ع ۾ ايم فل جي ڊگري به شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. ۱۹۹۹ع ۾ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ويلز يونيورسٽي جي شھر بينگر مان باٽني شعبي ۾ ڪلراٺي زمين ۾ ڪڻڪ پوکڻ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي جنهن بعد ڊاڪٽر رزاق مهر واپس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شاگردن کي تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو. -۲۰۰۷ ۾ آمريڪا جي اسٽيٽ ڪيليفورنا جي شھر رور سائيڊ مان پوسٽ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ لاءِ ويو. جنهن کانپوءِ ۲۰۰۹ ۾ عبدالرزاق مهر کي ڪيو اي سي (ڪوالٽي انهانسمينٽ) سيل جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ وائيس چانسلر جي رھنمائي ۾ ذي ڪيٽيگري مان ڊبليو ڪٽيگري تائين پھچايو. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر ۷ سال لطيف يونيورسٽي جي باٽني شعبي جو چيئرمين به رهيو. جنهن بعد وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين  شاهه ڊاڪٽر مھر تي اعتماد ڪري ۽ سندس صلاحيتن کي ڏسي ڪري کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شڪارپور ڪئمپس ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو جتي ڊاڪٽر مھر پنهنجي صلاحيتن کي ڀرپور نموني استعمال ڪري پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
ڊاڪٽر رزاق مهر ٻڌايو ته منهجي والد صاحب ۱۹۴۲ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج مان بي اي ڪئي هئي ۽ مختيار ڪار بڻيو ۽ ڪشمور، رتوديرو، گمبٽ، ميهڙ سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهيو. مڊل ڪلاس خاندان هو پر پڙهيل لکيل گهراڻو هجڻ ڪري آئون اڳتي وڌي ويس. ڊاڪٽر بڻجڻ منهنجي خواهش هئي هڪ يا ٻن مارڪن جي گهٽ هجڻ ڪري منهنجي ميڊيڪل ۾ داخلا نه ٿي سگهي. شڪارپور جي ايم پي اي امتياز شيخ سنڌ گورنمنٽ کان اسان کي ڪيمپس  لاءِ ۲ بسيون وٺي ڏنيون آھن ۽ ڪئمپس لاءِ ۱۵ لک روپيا ڏياريا جن پئسن مان ڪمپيوٽر، ڪتاب ۽ ڪئمپس لاءِ ٻيو ضروري سامان ورتو. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر چيو ته منهنجا عالمي ۽ مقامي سطح تي ۲۷ آرٽيڪل شايع ٿيل آهن. مان ايم فل جا ۱۲ شاگرد ۽ ٻه پي ايڇ ڊي جا شاگرد پروڊيوس ڪيا آهن. جيئن ئي انگلينڊ کان ۱۹۹۹ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري واپس آيس مان انگلينڊ ۾ تمام گهڻيون چئرٽيز ڏٺيون  جنهن مان متاثر ٿي مان والنٽيري ”هدايه ٽرسٽ” جوائن ڪئي. جيڪا ۱۸ ملڪن ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن جي هيڊ آفيس شڪارپور ۾ آهي. ٽرسٽ جون سکر، حيدر آباد ۾ به آفيسون آهن. ۸ آفريڪن ڪنٽريز، بنگلا ديش، ايران، انڊيا ۾ به آفيسون آهن جيڪا شڪارپور جو مشهور وڪيل غياثدين واحد بخش بلوچ مرحوم ھلائيندو ھيو جيڪا ھاڻي سندس پٽ انجنيئر وسيم بلوچ پيو ھلائي. پروفيسر مهر چيو ته منهنجو ڀاءُ انجنيئر آهي، لطيف يونيورسٽي جو نئون ايڊمنسٽريشن بلاڪ جو پروجيڪٽ به منهنجي ڀاءُ ٺاهيو آهي. لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار جو ٻاھريون ۽ اندريون ڊيزائين وارو ڪم به منهنجي ڀاءُ جو ئي ٺهيل آهي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر شاگردن کي پيغام ڏيندي چيو ته اڄ جي تاريخ توهان جي زندگي ۾ ٻيهر ڪڏهن به نه ايندي اڄ جيڪو توهان سکڻ کان رهجي ويئو ته رهجي ويندئو توهان ڪلاس مس نه ڪيو. يونيورسٽي ۾ ماسٽرز جي ڊگري کان پوءِ ڪافي گهٽ ٻار وڃي ايم فل جي تعليم تائين پهچندا آهن توهان کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو سڀاڻي واري ڏينهن جي آسري تي نه رکو اڄ ئي پنهنجي محنت ڪيو توهان تي والدين محنت ڪري توهان جون زندگيون سنوارڻ چاهين ٿا. توهان پنهنجي زندگي سنواري والدين کي سک پيار محبت ۽ خوش اخلاقي سان پيش اچو. اڄ جو دور ميرٽ ۽ محنت جو دور آهي ڪوبه محنت ڪندڙ شاگرد اڄوڪي دور ۾ نه پيو رهجي. شاگردن کي گهرجي ته هو پنهنجي زندگي سان سچا ٿين. محنت ڪن ۽ جيترو ٿي سگهي اعلي تعليم حاصل ڪن.  مونکي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي ته اسان جا ڪافي نوجوان استاد اسان کان وڌيڪ ريسرچ توڙي پڙهائي لکائي ۾ بهتر ڪم ڪري رهيا آهن. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر ٻڌايو ته مان عوامي آواز اخبار شوق سان پڙهندو آهيان ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مسئلن توڙي عالمي خبرن  جي حوالي سان عوامي آواز جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر پنهنجي ننڍپڻ بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجي ننڍ پڻ جي زندگي تمام حرڪتي رهي آهي پاڙي وارن ۽ ڪلاس فيلوز سان جهيڙا جهٽا ۽ شرارتي حرڪتون ڪندو هيس مونکي ننڍ پڻ کان ڪبوتر پالڻ پسند آهن ۽ مان ڪبوتر ڪافي سال گهر ۾ به پاليا هئا.  ڊاڪٽر رزاق مهر ٻڌايو ته منهنجا پسنديده گلوڪار لتا منگيشڪر، عابده پروين، استاد منظور علي خان، ماسٽر محمد ابراهيم آهن. شاعري ۾ ابراهيم منشي، ڊاڪٽر تنوير عباسي، شيخ اياز، ادل سومرو ۽ اياز گل پسند آهن. منهنجي زندگي جو موسيقي جي لحاظ کان حسين لمحو جڏهن ٿر جي مٺي شهر ۾ مرحوم صادق فقير کي سامهون  اياز گل جو ڪلام توکان ٿيندي ڌار کلندي کلندي يار لڙڪ لڙي پيا لاڙ ڪري ۽ ادل سومري جو اسان کي او سھڻا وساري نه ڇڏجو وارا ڳايل گيت آهي. صادق فقير جي بيوقتائتي وڇوڙي کان پوءِ اڪيلي ۾ اڄ به انهيءَ لمحي کي ياد ڪندو آهيان. ڊاڪٽر عبدالرزاق مهر ٻڌايو ته مان شادي والدين جي مرضي مطابق ۱۹۸۸ع ۾ ڪئي. منهنجي زندگي جا سڀ کان وڌيڪ تڪليف دهه لمحا منهنجي والدين جي وفات جا آهن ٻاهرين ملڪن ۾ مان ٻين سان ساڻن والدين گڏ ڏسندو هئس ته مونکي پنهنجي امڙ ۽ پيءُ ياد ايندا هيا ۽ اکيون نم ٿي وينديون هيون سوچيندو هئس ڪاش اڄ منهنجو ماءُ ۽ پيءُ زنده هجن ها ته مان به انھن کي ٻاهرين دنيا ۾ گهمايان ها. مونکي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءُ جي اولاد آهي جيڪي پڙهي لکي هن وقت سٺن عهدن تي آهن ۽ منهنجي ڌيءَ جرمني ۾ تعليم پرائي رهي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا