قربان سنديلو
علم ۽ ادب جو هڪ ادارو
بند ٿي ويو!
انور ابڙو
اڃا
گذريل هفتي ئي ته قربان سنديلي صاحب پروين شاڪر جو هيءُ نظم ”خوشي ۽ غم“ ترجمو ڪري
خوشيءَ مان ٻڌايو هو:
ڊسمبر جو
ٿڌو مهينو هو
مان
يورپ جي نهايت پري واري علائقي ۾
ڪنهن
ويران جڳهه تي بلڪل اڪيلي ويٺي هيس
سفر جي
اعلان جي منتظر
اک
شيشي مان گذري پئي
اداسي
اچي ڀاڪر پائي
برف به
ڏاڍي ڪِري پئي.
اوچتو
هڪ ڄاتل سڃاتل آواز آيو
’تون ڪيئن
آهين؟
اڪيلي
آهين؟
گهاٽن
وارن، چمڪندڙ ڀورين اکين وارو ڇوڪرو
ڪيڏيون
نه مٺيون ڳالهيون ڪندو هئو!
اهو ڪٿي
آهي؟
اوهان ٻئي
گڏيل ڪيترا نه سٺا لڳندا هئا.‘
منهنجي
مُک تي شايد ڪو پاڇولو آيو هو
هن اڳتي
ڪجهه به نه ڳالهايو
منهنجي
دل دک سان ڀرجي آئي
پر
خوشي جي لهر به آئي
پراڻن
ماڻهن اڃا نه وساريو آهي
اسان
جي وڇوڙي کي اڄ سورهن سال ٿي ويا.
ان نظم
تي هاڻي سوچيندي محسوس ٿئي ٿو ته، ڪٿي کيس پنهنجي وڃڻ جي ته اڳواٽ خبر نه پئجي وئي
هئي جو هُن اِهو نظم پنهنجي وڇوڙي جي اطلاع طور پسند ڪري پڙهيو ۽ پوءِ ترجمو ڪيو؟ -
۽ عيد واري ڏينهن، ۵ جون
تي به ته ڏوڪري شهر ۾ شام جو ڊاڪٽر ڪلياڻ داس وٽ علاج لاءِ پهچڻ وقت، روايتي انداز
۾ خوشيءَ وارو تاثر ڏيندي، هن فون تي ٻڌايو هو ته، ”يار بلڊ پريشر گهٽجي ويو آهي.“
- ۽ اسان سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري هئي. پر عيد جي ٻئي ڏينهن، ۶ جون تي صبح جو اسان هن، زيتونن جي باغن جي وچ ۾ رهندڙ، فطرت سان پيار ڪندڙ
۽ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نثرنگار جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي. هاڻي سندس
آس پاس وارا زيتونن جا باغ، سرسبز کيت ۽ پنهنجي گهر ۽ اوطاق ۾ لڳايل گل ٻوٽا ته
اداس آهن، پر سنڌي ادب تي به سندس وڇوڙو اداسيءَ جا پاڇا وجهي ويو آهي.
قربان
سنديلي صاحب، جنهن ڀٽائيءَ کان شيخ اياز تائين، شيڪسپيئر کان او. هينري تائين ۽ اسٽينلي
وولپرٽ کان وٺي جسٽس ايم آر ڪيانيءَ تائين ڏيهه پرڏيهه جي مختلف اديبن، شاعرن ۽
عالمن جي بيشمار علمي، ادبي ۽ سوانحي ڪتابن جو جيڪو مطالعو ڪيو هو، اُن علم کي هن
پاڻ تائين محدود نه رکيو هو، پر هُو اُهو پنهنجي ڪريئيشن، ري ڪريئيشن توڙي ترجمن
وسيلي پنهنجي پڙهندڙن تائين، ڪوشش ڪري پهچائيندو رهيو هو. سندس هر گفتگو توڙي
تحرير جو موضوع پڻ لوڪ ڏاهپ، پنهنجي زندگيءَ جا انوکا تجربا، سماج جي نرالن ڪردارن
جا قصا، دلچسپ سياسي ۽ سماجي واقعا، وڏيرن ۽ روينيو کاتي جي عملدارن جون ڳالهيون ۽
سٺا ڪتاب هوندا هئا. سو اهڙي شخص جو وڇوڙو يقينن سندس خاندان ۽ دوستن سان گڏ سنڌي
علم ۽ ادب جو پڻ هڪ وڏو نقصان آهي. مان ائين انڪري به چوان ٿو جو اسان وٽ قربان
سنديلي صاحب جهڙا ماڻهو جنهن هيٺئين طبقي مان، محنت ڪري، جديد شعور حاصل ڪري، پاڻ
کي هر برائي توڙي بدعنوانيءَ کان بچائيندي، سچائي ۽ ايمانداريءَ کي پنهنجي زندگيءَ
جو اصول بڻائي، اڳتي اچي، نه صرف پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري، انهن کي ڪامياب
انسان بڻائي وڃن ٿا، پر هو ٻين لاءِ به مددگار ۽ پنهنجي تحريرن ۽ ڪچهرين وسيلي اتساهه
جو هڪ مسلسل ذريعو بڻيل رهن ٿا، اهڙا ماڻهو جڏهن وڇڙن ٿا ته ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ
علم ۽ ادب جو ڪو هڪ وڏو ادارو بند ٿي ويو.
قربان
سنديلو صاحب سان مان جڏهن به مليس، کانئس زندگي، علم، ادب، ادبي شخصيتن، سماج، ان
جي هر قسم جي ڪردارن ۽ سماجي روين بابت نيون ڳالهيون ئي سکيس. سندس هڪ وڏي خوبي
اها به هئي ته هُو هر عمر جي ماڻهوءَ سان ائين ڪچهري ڪندو هو جو سندن وچ ۾ عمرين جو
فرق مِٽجي ويندو هو. هُو هڪ روشن خيال شخص هو، جنهن ڪنهن سان ڪڏهن به ڪو تعصب وارو
رويو نه رکيو. هميشه کِلُ مُک، ڪچهرين جو مورُ ۽ هر ماڻهوءَ جو ڀلو چاهيندڙ هو.
سندس صاف شفاف ڪردار، گڻ ۽ شائسته گفتگو واري سڃاڻپ کيس هر پڙهيل توڙي اڻپڙهيل ماڻهوءَ
جو دوست بڻائي ڇڏيو هو.
سنڌ جي
هڪ بهترين مصور سائين رضوان عمراڻي جو ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ شاگرد رهندڙ ۽ بعد ۾ پنهنجي زندگيءَ جي
آخري گهڙيءَ تائين ان جي دوست رهندڙ قربان سنديلي صاحب پنهنجي اولاد کي ٻي ڪابه ملڪيت
نه ڏني، بس هُن پاڻ بکون ڪاٽي کين معياري ۽ اعليٰ تعليم ڏياري، جنهن جو نتيجو اهو
نڪتو جو اڄ تصوير سنديلو، ڊاڪٽر شاهد سنديلو، ڊاڪٽر سجاد سنديلو، نويد سنديلو،
سندس نياڻي فوزيه سنديلو، آصف سنديلو ۽ ٻيو اولاد پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪامياب
نوجوانن طور ليکجن ٿا.
انگريزي
ٻوليءَ تي دسترس رکندڙ قربان سنديلو روينيو کاتي ۾ ٽريزري آفيسر جي عهدي تان ڪجهه
سال اڳ رٽائر ٿيو هو، پر سندس ايمانداريءَ جي گواهي هر اُهو ماڻهو ڏيندو، جنهن جو
مختيارڪار آفيس ۾ ساڻس ڪڏهن ملڻ ٿيو هوندو. ان بعد هو ڏوڪري شهر ۾ قائم هڪ خانگي
تعليمي اداري جو پرنسپل پڻ ٿي رهيو، جتي به هن ڪوشش ڪئي هئي ته هو پنهنجي نئين نسل
کي بهتر کان بهتر تعليم ڏياري.
مان جڏهن
به ويجهڙ ۾ سندس ڳوٺ ويس ته هُو ڪي سال اڳ پنهنجي رٽائرمينٽ کانپوءِ ٺهرايل نئين
گهر جي ڀرسان موجود زيتونن جي باغن جي وچ ۾ ٺاهيل بيٺڪ تي ئي مليو. سندس نفيس طبيعت
۽ گفتگو سندس ڏاهپ جو ڏس ڏيندي هئي. گهڻو اڳ واري ڏوڪري شهر ۾ ناري جي ڪناري تي ٺهيل
سندس بيٺڪ پڻ هن” مانجهاندي جي ماڳ“ ۾ ”منجهند جو ماڳ“ هوندي هئي، جتي قربان صاحب،
خان گاڏهي، راڌا ڪرشن، ستار عباسي ۽ ٻيا دوست منجهند جو ويهي ڪچهريون ڪندا هئا، ۽
جتي ڪيترائي نوجوان پڻ سندن انهن ڪچهرين جو حصو بڻجي ويندا هئا.
نامياري
ڪهاڻيڪار اختر جانوريءَ جو هيءُ ڪهاڻيڪار دوست پنهنجي ڪهاڻين ۾ اُهي موضوع کڻي
ايندو هو، جن ۾ حقيقي واقعن جو درد شامل هوندو هو، ۽ جن ۾ انسان جي بهتريءَ جون
تمنائون پڻ موجود هونديون هيون، انڪري سندس هر ڪهاڻي ڄڻ ته هن جي پنهنجي ڪهاڻي به
هوندي هئي.
قربان
سنديلي صاحب پنهنجي ئي لهجي ۽ گهاڙيٽي ۾ لکيو ۽ ان عيوض مڃتا ماڻي. هن جون پنهنجي
زندگيءَ جون لکيل يادگيريون پڻ موجوده سنڌي معاشري توڙي سنڌي علم ۽ ادب جي هڪ
تاريخ آهن. جيتوڻيڪ هُن گهٽ لکيو، پر جيڪو به لکيائين، اهو جمال ابڙي صاحب ۽ امير
بخش شر جي ٿورو لکڻ وانگر. يادگار ئي لکيو.
هُن،
رومانوي نظمن جهڙي ڳوٺ حڪيم سنديلو جي رهواسي، جنهن جي هڪ پاسي کان دادو ڪئنال
وهندو آهي، ته ٻئي پاسي کان رائس ڪينال وهندو آهي ۽ جنهن جي وچ تي زرخير زمينون
آهن، ان جو هڪ نظم ”تون جي ايندين ڳوٺ اسان جي“ ته هڪ يادگار نظم آهي، جنهن ۾ هُو
پنهنجي ڳوٺ جي تعريف ڪري ٿو، پر اڄ جڏهن سنڌ جا بيشمار ماڻهو سندس اُن ڳوٺ پهتا آهن،
تڏهن ان نظم جو خالق ۽ ميزبان پاڻ سندن آجيان ڪرڻ لاءِ اُتي موجود ناهي. زندگي
ائين ئي آهي: ڪلهه ۽ اڄ جي وچ تي هڪ مختصر ڊاٻو. ڪلهه کان اڳ ڇا هو ۽ اڄ کانپوءِ ڇا
آهي؟ ان جي اسان کي ڪابه خبر ناهي. اسان بس ڪلهه ۽ اڄ جي وچ واري دائري ۾ رهي،
هليا وڃون ٿا، پر پٺتي اُهو ڪجهه ياد رهي ٿو، جيڪو اسان ڇڏي وڃون ٿا.
No comments:
راءِ ڏيندا