; سنڌي شخصيتون: سميع بلوچ - همير گاد

30 June, 2019

سميع بلوچ - همير گاد


سميع بلوچ
نفيس ۽ نازڪ جذبن جو شاعر
همير گاد
Image may contain: 1 personسميع بلوچ جنهن جو پورو نالو سميع الله لنڊ بلوچ آھي
پاڻ ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۵۵ع ۾ حاجي غلام مرتضى لنڊ جي گهر ۾ ڳوٺ حاجي عطا محمد لنڊ خيرپور ۾ اک کولي.
سميع بلوچ پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۷۷ع کان ڪئي.
سندس ڪلامن کي سنڌ جي ڪيترن ئي راڳين ڳايو آھي خاص طور تي سرمد سنڌيءَ جو ڳايل هي امر گيت جيڪو اڄ به ماڻھن کي اوترو ئي ياد آ جيترو ان وقت جڏھن هي ڪلام نئون نئون آيو هو.


“ تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير.“
سميع بلوچ هڪ سٺي شاعر سان گڏ ٽي وي پروڊيوسر، بهترين فوٽوگرافر ۽ ھدايتڪار پڻ آھي.
۱۹۹۰ع ۾ جپان ٽيليويزن تي پروڊڪشن جي ٽريننگ به حاصل ڪئي آھي.
سميع بلوچ جا ڪيترائي ڪلام سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳايا آھن جن مان سندس ڪجھ مشھور ڪلام هي آھن.
۱-تنهنجي ياد جي وري آ وير (سرمد سنڌي)
۲-آءُ ته گڏجي مرڪي وٺون- بيدل مسرور
۳- هوءَ ڪيڏي نه بي چئي آ (عاشق نظاماڻي)
۴- مون لئه تنهنجي سار او سائين (راجا مدثر)
۵-تون جو وئين هن پار- سرمد سنڌي/ ديبا سحر
۶-پاڻ جيڪي وڻيس- منظور سخيراڻي
سميع بلوچ پي ٽي وي تي ڪافي نون فنڪارن کي به متعارف ڪرايو جن ۾ سرمد سنڌي، احمد مغل، راجا مدثر وغيره شامل آھن.
انسان چاهي خود ڪنهن کي ڇڏي ڪيڏانهن وڃي يا ڪوئي ان کي ڇڏي هليو وڃي جدائي بحرحال مقدر بڻجي ويندي آ. ڪنهن کي الوداع چوڻ وارو وقت تمام تڪليف وارو هوندو آ. انسان ڪنهن کي روئي الوداع ڪندو آ ته وري ڪنهن کي کِلي، مگر ٻنهي صورتن ۾ اندر مان ڪجھ ٽُٽڻ جو آواز ضرور ايندو آ.
تون جو ويندين برسي پوندي
اکڙين ۾ جا آھي جهڙالي
تون جو وئين هُن پار
سار به اهڙي سار
ساھ مُنجهي ٿو سائين.
سندس هي نثري نظم پڙهي واھ واھ ڪرڻ کان دل رهي نٿي سگهي
مان اڪثر
روئندو آھيان
اڪيلائيءَ ۾
پنهنجن ڳوڙھن ۾
تنهنجو عڪس ڏسڻ لاءِ.
منهنجي خيال ۾ ادبي تاريخ ۾ ڪوئي شاعر اهڙو ناهي گذريو جنهن جي شاعريءَ ۾ غم ۽ درد جو ذائقو نه هجي. اهو موضوع آفاقي آ. خوشيون ته بس ڪجھ لمحن لاءِ اينديون آھن.
آءُ ته گڏجي
مرڪي وٺون
الاءِ ڪڏھن اهو حق به!
تنهنجي ۽ منهنجي چپن کان،
کسجي وڃي باھ بندش جي لڳي،
۽ پاڻ رک ٿي وڃون،
آءُ ته گڏجي مرڪي وٺون.
آءُ ته گڏجي روئي وٺون،
ان کان اڳ جو،
دک ڪوئي توکي يا مون کي ملي
۽ پاڻ گڏ روئڻ لئه به،
نه گڏجي سگهون،
آءُ ته گڏجي روئي وٺون.
بي شڪ هر حساس ماڻهو شاعر ناهي هوندو مگر اهو درست آ ته هر شاعر حساس ضرور هوندو آ.
مير تقي مير چيو آ
مجھ ڪو شاعر نه ڪهو مير که صاحب مين ني
درد و غم ڪتني ڪيئي جمع تو ديوان ڪيا.
جهڙي طرح مير کي پنهنجا درد ۽ غم پيارا هئا مون کي يقين آ ته سميع بلوچ کي به پنهنجا درد ۽ غم پيارا آھن.
سميع بلوچ کي لفظن ۾ ساھ وجهڻ جي بلڪل ڄاڻ آهي سندس هي سِٽون پڙھو.
مون ٿي پڇيو هُن کان سائين،
مون کان وڇڙي ڪيئن ٿي ڀانئين،
هوءَ به کلي پئي، مان به کليس پئي،
کِلندي کلندي روئي ڏنائين.
جڏهن به سميع بلوچ جي شاعري پڙهندو آهيان ته دل چوندي آهي ته پڙهندو ئي رهان اها ختم ئي نه ٿئي. هن وٽ ورجاءُ گهٽ ۽ نواڻ وڌيڪ آهي.
سميع جي شاعري انجا خيال ۽ پيشڪش دلچسپ ۽ دل کي موهيندڙ آهن.
ڪيئن پيار جا پيچرا ٺاهي ٿا ڇڏن
چنڊ چهرا سج کي به لاهي ٿا ڇڏن.
سونهن سان سچائيءَ جي سرهاڻ سندس شاعريءَ مان هميشه جهلڪندي نظر اچي ٿي.
پاڻ تمام سادو ۽ سٻاجهو ماڻهو آهي جنهن ڪري سندس دل شيشي جيان صاف ۽ شفاف آهي ۽ سچ چوڻ کان ڪڏھن به ڪونه گهٻرائيندو آ.
سميع بلوچ اهڙو منفرد شاعر آھي جنهن جي شاعري پڙھي روحاني مسرت جو احساس ٿيندو آ.
سٽن ۾ ساھ وجهڻ هر شاعر جو ڪم ناهي، مگر سميع بلوچ اهو ڪم بخوبي ڄاڻي.
هن وٽ لفظ قطار ڪيو ۽ حڪم جا غلام ٿيو بيٺا هوندا آھن.
ڪيئن وساري سگهندس توکي
من تي تنهنجي ئي تصوير.
يا سندس غزل جون هي سٽون...
تو بن جيون ائين ٿو گذري،
پن پن ٿي جيئن گل ڪو وکري.
مون ڪنهن وٽان هي ٻڌو هو ته جيڪا شاعري اوهان کي خاموش ڪري ڇڏي اسٽل ڪري ڇڏي اها شاعري صرف اوهان جي جسم کي ناهي ڇُھندي دماغ کي به ڇهندي آ.
۽ هي سٽون جڏھن پهريون ڀيرو پڙھيون هيون ته سچ پڇو هنن سٽن مون کي اسٽل ڪري ڇڏيو هو.
گڏجي ساھ کنياسين
ٻانهون ٺاهي هار
سميع توکان وڇڙي
ھينڙو ڦارون ڦار
گلزار چيو آ؛ “جيڪي ننڍا ننڍا زندگيءَ جا لمحا مون کي ڇُھي گذرندا آھن يا ڀرسان گذرندا آھن، انهن کي قابو ڪرڻ، انهن کي محسوس ڪرڻ ۽ چوڻ مون کي سڀ کان سٺو لڳندو آھي. رهي ڳالھ سوچ ۽ خيال جي ته مان ڪوئي وڏو دانشور نه آھيان ان لاءِ دل سان ئي محسوس ڪري لکندو آھيان.
ائين سمجهو ته مان ڪجھ سوچي نه بلڪ محسوس ڪري لکندو آھيان.“
سميع بلوچ ڇا ته هي شاهڪار سِٽون لکيون آھن.
خواب به پنهنجي بستري جيان
صبح ٿيڻ سان ويڙھي ڇڏيائين.
پاڻ جيڪي وڻيس سو ٿي چيائين
منهنجي ننڍڙي ڳالھ به دل ۾ ڪيائين.
مينهن جڏھن به وسندو آ ته انسان جي موڊ، ماحول ۽ مزاج تي اثر انداز ضرور ٿيندو آ، خاص ڪري شاعر حضرات پنهنجي شاعريءَ ۾ مينهن جو ذڪر ڪرڻ کان بنا رهي ناهن سگهندا ۽ مينهن وري جڏھن نينهن جو هجي ته...
نينهن جو من ۾ مينهن وٺو آ
جنهن ڇڏي آ انڊلٺ ٺاهي.
سميع بلوچ صرف محبت ناهي ڪئي هن شدت سان محبت ڪئي آ ۽ جڏھن هو محبت تي لکندو آ ته محبت هن سان پاڻ ڳالهائيندي آ.
مان يقين سان ٿو چوان ته سندس رومانوي شاعري پڙهڻ کانپوءِ هر سچو پيار ڪندڙ ماڻهو اهو محسوس ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو ته سميع جي شاعري سندن دل جو آواز آهي.
اميد ته سندس شاعري جو آبشار هميشه وهندو رهندو.

(روزاني ارادو اخبار - ۲۹-۶-۲۰۱۹)

No comments:

راءِ ڏيندا