; سنڌي شخصيتون: استاد اسرار شام - خالد آزاد

25 June, 2019

استاد اسرار شام - خالد آزاد


استاد اسرار شام
لهواري دنيا جو اوڀارو ماڻهو - (۱۷ جون - ورسيءَ جي مناسبت سان)
خالد آزاد
ان ڏينهن، جڏهن پهريون ڀيرو اسرار شام جي طبيعت پُڇڻ لاءِ اسان دوست ٽنڊي ڄام ويا هئاسين ته واپسيءَ ۾ ڊرائيو ڪندي، مون کي مسلسل اهو ئي خيال پئي آيو ته ڪينسر هن کي هاڻي نه ڇڏيندي ۽ هڪ ڏينهن اسان کي وري ٽنڊي ڄام اچڻو پوندو _ ۽ ۱۸ جون ۲۰۱۴ع تي جڏهن اسان سائين اسرار شام کي، سندس ئي گهر آڏو ’شهيد بادشاهه قبرستان‘ ۾ دفنائي، آلين اکين سان حيدرآباد موٽياسين ته مون کي لڳو، اسان هڪ پوري دور کي ٽنڊي ڄام جي ’شهيد بادشاهه قبرستان‘ ۾ دفنائي آيا آهيون!


اسرار شام هڪ اهڙي دور جو نالو هو، جنهن ۾ سنڌ جي هڪڙي پوري نسل جي ادبي آبياري ٿي، ۽ اهو نسل اڄ موجود دور جي ’نئين ٽهي‘۽ ايندڙ دور جي سنڌي ادب جو ’جرڪندڙ آسمان‘آهي. ’امن آباد‘ جي پروس عبدالحڪيم جروار کان وٺي ’ڀُونڀٽ پور‘ جي احسان راهوجي تائين، ۱۲ ميل جوڻيجي فارم جي عظيم آديسيءَ کان وٺي باڊهه جي واحد پارس، غلام محمد ڀٽي ۽ هوش محمد ڀٽيءَ تائين، خيرپور ميرس جي زبير سومري کان وٺي ڪڙيي گهنور جي مقبول حفي بخاريءَ تائين، ڀينڊي شريف جي وفا مولا بخش کان وٺي رُڪ شريف جي اعجاز قادر مهر تائين، خانواهه جي وهاب جروار کان وٺي، پنگريي جي آچار عظيم کوسي تائين، لکيءَ جي ناز نصر الله مهرکان وٺي شهدادڪوٽ جي ماجد عباس سمي تائين _ اسان سڀ ان دور جي پيداوار آهيون، جنهن کي دنيا ’اسرار شام‘ جي نالي سان سڃاڻندي آهي! پر ڳالهه رڳو هتي نٿي ختم ٿئي، هڪ ٻيو دور به اسرار شام ۽ ’سنڌي ٻارڙا‘ رسالي جي مرهونِ منت آهي، جنهن جي شاهدي اوهان کي اسحاق سميجو، اظهار سومرو، آزاد انور ڪانڌڙو، دليپ ڪوٺاري، ذيشان پرويز ميمڻ، رياض سهيل، ساجده چانڊيو، رخسانه عاقلاڻي، اڪبر سولنگي، منظور بڙدي، اختر ملاح ۽ ٻيا نوجوان اديب ۽ شاعر به ڏيندا، جن جي Inspiration جو ذريعو به اهوئي ’اسرار شام‘۽ ’سنڌي ٻارڙا‘ رسالو هو. هي ته استاد اسرار شام جو رڳو ’ٻارن جي ادب‘ ۾ سندس Contribution جو سرسري ذڪر هو، سنڌي صحافت ۽ سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ استاد اسرار شام جيڪو تاريخي ڪم ڪيو، ان جي شاهدي اوهان نصير مرزا، محمود مغل، يونس سنائي، سعود رضا، جاويد خاصخيلي، امداد شهزاد ۽ ٻين کان وٺي سگهو ٿا.
يادگيريون سنڀاليان ٿو ته مون کي اهو ڏينهن اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهي، جڏهن پهريون ڀيرو استاد اسرار شام سان ملاقات ٿي هئي. شايد ۱۹۹۵ع جو سال هو، تڏهن آئون سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران نڪرندڙ ٻارن جي مقبول رسالي ’گلستان‘ جو سب ايڊيٽر هئس. اداري پاران مون کي Assignment ملي ته آئون ’گلستان‘ لاءِ ’اسرار شام‘ جو انٽرويو ڪري اچان. ’اسرار شام ڪير آهي، ڪٿي رهندو آهي، انٽرويو ڪيئن ٿيندو‘، مون کي ڪابه خبر نه هئي. بس مون کي چيو ويو ته اها معلومات وٺڻ به منهنجو ئي ڪم آهي. تڏهن ٻيو ڪو چارو نه ڏسي مون پنهنجي دوست انور سولنگيءَ کي منٿ ڪئي ته هون مون کي اسرار شام وٽ وٺي هلي ۽ انور ان ئي ڏينهن شام جو مون کي، حيدرآباد جي قاضي عبدالقيوم روڊ تي موجود، منظور چئمبرس جي ٽين منزل جي اُن اٺين نمبر آفيس ۾ وٺي هليو، جيڪا ڪنهن دور ۾ ’سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ‘ جي آفيس هوندي هئي. استاد اسرار شام ’سنڌي ٻارڙا‘ جي ڪم ۾ مشعول هو، تنهن کي، اسان جو ائين اوچتو آفيس ۾ گهڙي اچڻ ذرا ناگوار گذريو. حال احوال ڏيڻ وٺڻ بجاءِ ’ڪم‘ جو پُڇيائين ته انور کيس منهنجو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايو ته ’گلستان‘ لاءِ اوهان جو انٽرويو ڪرڻو آهي، تڏهن هن پهريون ڀيرو مون کي مٿي کان پيرن تائين گهُوري ڏٺو ۽ ”پهرين انٽرويو لاءِ راضي ڪريو، پوءِ ٽائيم وٺو ۽ پوءِ اچي انٽرويو ڪريو“ چئي وري پنهنجي ڪم کي لڳي ويو. مون کي سندس اهڙو سخت ۽ اوپرو رويو صفا نه وڻيو، پر ڇاڪاڻ جو ڪم منهنجو هو، ان ڪري مون ۽ انور پوءِ مجبوريءَ ۾ پهرين اسرار شام کي انٽرويو لاءِ راضي ڪيو، پوءِ کانئس ٽائيم ورتو ۽ شايد ٽن ڏينهن کان پوءِ اچي انٽرويو ڪيو. اهو ئي انٽرويو پوءِ استاد اسرار شام سان شناسائي ۽ تعلق جو اهڙو ته بنياد بڻيو، جو ڪيترين ئي ڳالهين تي هڪ ٻئي سان هڪ سو هڪ اختلاف هوندي به، اسان ڪڏهن هڪٻئي کي Disown نه ڪيو. کيس مون لاءِ اها شڪايت هوندي هئي ته ”آئون ’سنڌي ٻارڙا‘ کي وقت ڏيڻ بجاءِ، نوڪري، اين جي اوز، ’نٽ کٽ‘ گروپ آف پبليڪيشنس جي تربيتي پروگرامن ۽ ’ادا سائين‘ جي اشاعت توڙي تنظيمن ڪمن ۾ مشعول آهيان، ڇو؟!“ منهنجو جواب هوندو هو ته ”اوهان جو طريقه ڪار ۽ انداز مختلف آهي، دور بدلجي ويو آهي، تقاضائون به بدلجي ويون آهن، اوهان کي پنهنجي پاڻ کي بدلائڻو پوندو.“ _ ۽ اها ڳالهه کيس قطعي قبول نه هئي ۽ ان لاءِ وٽس مضبوط دليل به هوندا هئا. ائين ئي اسان وچ ۾ اختلافن باوجود پنهنجائپ جو هڪڙو تعلق سو جُڙيو ئي رهيو. بيماريءَ جي بستري تي وڃڻ کان پوءِ به استاد اسرار شام مون وٽ ايندو رهندو هو، اسان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ’سنڌي ٻارڙا‘ رسالي جي مستقبل، ٻارن لاءِ سندس لکيل ڊرامن جي وڊيو ريڪارڊنگ، سنڌي ٻارڙا رسالي جي مڪمل سيٽ جي بائينڊنگ ۽ ٻين ڪيترن ئي ذاتي ۽ ادبي مامرن تي وڙهندا به رهيا سين ۽ ٺهندا به رهيا سين _ ۽ اها ئي اسان جي تعلق جي خوبصورتي هئي جو دوستن جي حلقي مان شايد اڪيلو آئون ئي هوندو هئس، جيڪو استاد اسرار شام سان روبرو سخت اختلاف به رکندو هئس ۽ جهيڙو به ڪندو هئس _ ۽ استاد اسرار شام به پوءِ ڪيترن ئي ڳالهين تي اتفاق ڪري، عمل ڪرڻ به لڳندو هو.
استاد اسرار شام ’لوڪ لهوارو ، پاڻ اوڀارو‘ هو. هُو هن دنيا جو ماڻهو ئي نه هو. هُو اڪيلي سر، مسلسل پنجويهه سال ٻارن جو رسالو ’سنڌي ٻارڙا‘ شايع ڪندو رهيو، پر هن ڪڏهن به اهو نه ڏٺو ته کيس سهولتون ڪهڙيون آهن؟ گاڏي آهي يا نه آهي؟ موبائيل، انٽرنيٽ، ڪمپيوٽر آهن يا ناهن؟ موسم ڪيئن آهي؟ ڪٿي گرمي گهڻي ته ناهي، ڪو واءُ مينهن يا طوفان ته ناهي؟ نه! هن کي نه ته موسم جي سخت گيريءَ جي پرواهه هئي، نه وري جديد سهولتن جي هُجڻ يا نه هُجڻ جو Complex! هن جي بس جيڪڏهن ڪا وابستگي هئي ته اها هئي سنڌي ٻارڙا رسالي جي مستقل طور شايع ٿيندو رهڻ سان. ۱۹۸۸ع وارا سنڌي مهاجر نسلي فساد هجن يا ٻه ٻه ڏينهن هلندڙ ڪرفيو هجي، هڙتالون ۽ شهر بند هجي يا وري مسلسل هفتو هفتو هلندڙ ٻوڙان ٻوڙ مينهن هجي، استاد اسرار شام جي بس اها ئي Routine هوندي هئي ته هو ڏيٿا اسٽيشن، تاج پور، ڀينڊي شريف يا ٽنڊي يوسف ۾ ٻار پڙهائي ٽپهريءَ جو ٽين لڳي ڌاري حيدرآباد پُهچندو هو، جتي منظور چئمبرس واري پنهنجي آفيس ۾ ضروري ڪم لاهي، شام جو پنجين وڳي ڌاري حيدرچوڪ کان ٿيندو فردوس سئنيما واري گهٽي وٺي، مٿي ڪليڪٽر هائوس کان ٿيندو سڌو وڃي حيدرآباد واري جنرل پوسٽ آفيس ۾، پوسٽ باڪس نمبر ۲۲۱ مان سنڌي ٻارڙا جي ٽپال کڻندو هو. اُتان پوءِ گهڙيءَ کن لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ سائين نصير مرزا وٽ حال احوال ڪرڻ کان پوءِ، گول بلڊنگ وارو رستو وٺي سڌو منظور چئمبرس ۾ پنهنجي آفيس پهچي ڪم کي لڳي ويندو هو. ائين پوءِ جڏهن رات جا اٺ ٿيندا هئا ته سياڻن جي دنيا جو هي عبدالله ديوانو هڪ ڀيرو ٻيهر منظور چئمبرس جون ڏاڪڻيون لهي، قاضي قيوم روڊ تي، محمدي پلازه ڏانهن ويندڙ گهٽيءَ جي ڪنڊ تي اڄ به موجود ان مانڊڻيءَ تان ’ظهور راجا جاني‘ پان وٺي کائيندو هو، جنهن مانڊڻيءَ تي پڻس سان گڏ ايندڙ ننڍڙو ذيشان، اڄ ٻن ٻارن جو پيءُ ٿي ويو آهي! ’ظهور راجا جانيءَ‘ پان کي ساڄيءَ ڏاٺ سان چٻاڙيندو، هُو ڀائي صاحب پوءِ وري دوڌ پتي چانهه جي چڪر ۾ پيو هر مهيني ٻئي مهيني ٻاڪڙا هوٽلون بدلائيندو رهندو هو، جن تي اسان ڪيترائي ڀيرا گڏيج چينڪ جون چسڪيون ڀريون هونديون. چانهه پي، هڪ ڀيرو وري هُو منظور چئمبرس جون ڏاڪڻيون چڙهي پنهنجي آفيس ۾ وڃي ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ جڏهن قاضي قيوم روڊ تي سڄو ڏينهن رڙيون ڪندڙ فورسيٽر به ٿڪي ٽُٽي گهر هليا ويندا هئا، جڏهن منظور چئمبرس جو چوڪيدار گيٽ بند ڪرڻ جي انتظار ۾ جُهوٽا کائڻ لڳندو هو ۽ جڏهن گاڏي کاتي جا هيروئني آخري ڪش هڻي گند جي ڍير تي ڍيري ٿي ويندا هئا ته هي ڀائي صاحب آهستي آهستي منظور چئمبرس جون ڏاڪڻيون لهي، سڄو ڏينهن پورهيو ڪري، رات جو اسٽيشن تي گذارڻ لاءِ ويندڙ مزدورن سان گڏ، ريلوي اسٽيشن يا بدين بس اسٽاف ڏانهن نڪري ويندو هو. کيس اها پرواهه نه هوندي هئي ته ڪا گاڏي ملندي يا نه، ريل ملي ته واهه واهه، بس يا ڪو ڪوسٽر مليو ته به ٺيڪ، نه ته ڪنهن نه ڪنهن ٽرڪ يا ٽرالر تي به چڙهي وڃي ٽنڊي ڄام نڪربو!
ائين ئي هن پُورا پنجويهه سال اڪيلي سر ’سنڌي ٻارڙا‘ رسالو پئي شايع ڪيو، جيتوڻيڪ وقتي طور مون سميت وفا مولا بخش، سنڌو جويو، راجا عبدالمجيد بوزدار، انور عباسي، دائود لغاري ۽ ٻين هن رسالي جي ڪم ۾ هٿ به ونڊايو هو، پر وقت ۽ حالتون اسان سڀنيءَ کي پنهنجي بي رحم وهڪري ۾ لوڙهي ويون، پر استاد اسرار شام نه ورچيو نه ويٺو، هُو بيٺو رهيو! ۱۹۸۷ع ۾ سنڌي ٻارڙا جي جاري ڪيل پهرين ڪڙي ’پپيءَ‘ کان وٺي ۲۰۱۳ع جي آخري ڪڙي ’لباس‘ تائين، استاد اسرار شام پنهنجي ساڳي روٽين سان سنڌي ٻارڙا شايع ڪندو رهيو _ ۽ اهو قطعي ڪو گهٽ ڪم نه آهي. سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ پورا پنجويهه سال مسلسل ٻارن جو رسالو شايع ٿيندو رهڻ نه رڳو هڪ رڪارڊ آهي، پر هڪ پوري نسل جي ادبي آبياري آهي. ائين به ناهي ته هنن پنجويهن سالن ۾ استاد اسرار شام مڙئي ميار لاهڻ لاءِ پئي ’سنڌي ٻارڙا‘ رسالو شايع ڪيو، نه! ۸۸ع وارن سنڌي مهاجرن نسلي فسادن دوران ٻارن جو ٽيمون موڪلي سائين جي ايم سيد، ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ڄام ساقيءَ جهڙن قومپرست ليڊرن جا پئنل انٽرويو ڪرائي، نه رڳو سنڌي ٻارڙا ۾ ڇاپيا، پر پنهنجن دونهين دار ايڊيٽوريلن ۾، ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ويل تي واڪا ڪيا! سنڌي ٻارڙا جا ان وقت جا پرچا کڻي ڏسان ٿو ته سچ ته مون کي هن ڀائيءَ جي همت ۽ حوصلي تي فخر ٿئي ٿو ته ڪيئن نه هن مهاجرن جي ڳڙهه گاڏي کاتي ۾ ٻن ٻن ڏينهن جي لڳاتار ڪرفيو دوران به، نه صرف سنڌي ٻارڙا جو مسلسل ڪم ڪيو پر ’سنڌي ٻارڙا‘ ذريعي ان وقت سنڌ جي ٻارن توڙي وڏن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ڪوس کان با خبر رکيو ۽ احتجاج پڻ ڪيو. ائين ئي هن سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر ذريعي تعليم جي ٻيڙي ٻُڏڻ، خانگي اسڪولن ۾ انگريزيءَ جي ڪامپليڪس هيٺ سنڌيءَ جي ختم ٿيڻ، جديد دور جي جديد ايجادن جي سحر ۾ ڪتابن کان پاسيرو ٿي وڃڻ جهڙن روين، ٻارن اندر ننڍي وهيءَ ۾ نشي آور شين جي بي دريغ استعمال ۽ ٻين ڪيترن ئي Issues تي، استاد اسرار شام جو صحيح يا غلط، پر هڪ چٽو ۽ واضح موقف هو، جنهن تي هو آخري دم تائين بيٺو رهيو.
بيماريءَ جي Diagnose ٿيڻ کان پوءِ به استاد اسرار شام مون وٽ آفيس ايندو رهيو هو. هميشه وانگر اچڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ ڪنهن يار دوست يا پاڙي پتيءَ واري جي موبائيل تان فون ڪري اچڻ جو اطلاع ڏيڻ سان گڏ، گهران ماني ٺهرائي اچڻ جي فرمائش به ڪندو هو. هُو جڏهن آخري ڀيرو منهنجي آفيس آيو هو ته اچڻ کان اڳ هُن الائي ته ڪنهن جي موبائيل تان فون ڪري ٻڌايو ته هو فلاڻي ڏينهن اچي رهيو آهي ۽ مانيءَ ۾ گهر جي ٺهيل مڇي کائيندو. مون جڏهن گهر ۾ مڇي تيار پئي ڪرائي ته اوچتو خيال آيو ته هي ڀائي صاحب ڏنگو ماڻهو آهي، مڇي الائي تريل کائيندو، الائي ٻوڙ واري! هاڻي هن وٽ موبائيل هجي ته کانئس پُڇي وٺجي، پر هن سڄي زندگي موبائيل رکي ئي ڪانه! جيڪڏهن آئون پنهنجي مرضيءَ تي مڇيءَ ٿو ٺهرايان ته مون کي خبر آهي ته هُو اڇلي ڏيندو، نه کائيندو! موٽ ۾ ٻه چار گاريون به ڏيندو، هاڻي ڇا ڪجي! شام جو وقت هو، اوچتو مون کي خيال آيو ته متان سائين نصير مرزا وٽ ريڊيو تي ويٺل هجي. اهو سوچي مون نصير صاحب کي فون ڪيو ته استاد اسرار وٽس ئي ويٺل هو. مون جڏهن نصير صاحب کي چيو ته استاد کان پڇي ته هو مڇي تريل کائيندو يا ٻوڙ، ته نصير صاحب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو: ”هان! اي منهنجا رب، هي ڇوڪرا مڇيون ترائي پيا کائين، اسان کي ٻڌائين ئي ڪونه ٿا.“ تڏهن اسان سڀ گڏجي ڏاڍو کلياسين ۽ مذاق ڪيوسين!
هي سڀ ڳالهيون ئي آهن، جيڪي رهجي ويون آهن! آئون ۽ مولا بخش سندس هڪ خواهش ’سنڌي ٻارڙا رسالي جا مڪمل سيٽ ٺهرائي، بائينڊ ڪري، ادارن حوالي ڪرڻ‘ ته پوري ڪري سگهيا آهيون، پر سچ ته مون کي افسوس ٿو ٿئي ته سندس ٻي خواهش، جيڪا سندس ٻارن لاءِ لکيل ڊرامن کي وڊيو ڊرامن جي صورت ۾ آڻڻ جي هئي، سان پوري نه ڪري سگهيا آهيون. کيس سنڌي ٻارڙا رسالي جو به وڏو فڪر هو ۽ هو اسان سڀنيءَ کي آخر تائين رسالي کي سنڀالڻ لاءِ چوندو رهيو هو... هاڻي ٻڌون ٿا ته سندس پيارو ڀائيٽيو آصف جليل ميمڻ عرف جگنو سنڌي ٻارڙا رسالي کي ٻيهر جاري ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. شال، استاد اسرار شام جي اها آخري خواهش به پوري ٿئي!

No comments:

راءِ ڏيندا