; سنڌي شخصيتون: افسانه ڀرڳڙي

30 June, 2019

افسانه ڀرڳڙي


افسانه ڀرڳڙي
سرتين کان وڇڙي ويل ڪونج
شهزادي ڀرڳڙي
موت هڪ اٽل حقيقت آهي، اهو هر وجود کي هڪ نه هڪ ڏينهن پاڻ سان گڏ وٺي وڃي ٿو، پر ڪي موت اهڙا هوندا آهن، جن جو ٻُڌندي ئي ماڻهن جا هنيانءَ هٿن ۾ اچي پوندا آهن ۽ بي ساخته لڙڪ لڙي پوندا آهن. اهڙي ئي احساس مان مون کي اُن وقت گذرڻو پيو، جنهن وقت ادي افسانه ڀرڳڙيءَ جي لاڏاڻي جي خبر پئي. اڃا ته هُن کي گهڻو ڪجهه ڪرڻو هو، هوءَ جيڪا سنڌ کان ڪوهين ڏور هوندي به سنڌ لاءِ سوچيندي هُئي، بلڪه سندس دل ۾ سنڌ ئي ڌڙڪندي هُئي، اُن جي وڇوڙي سچ ته جيءُ جهوري ڇڏيو آهي. ساڻس ملاقات کي اڃا ڪي ڇهه مهينا ئي مَس گُذريا هوندا، سندس نيڻن ۾ سنڌ جي عورتن لاءِ ايترا ته خواب هُئا جو اُنهن مان ڪجهه جو ذڪر ٻُڌي مون کي مٿس ڏاڍو فخر ٿيو هو، هونئن ته هوءَ منهنجي ذات واري هُئي، پر ڪي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ ايترا ته وڏا ٿي ويندا آهن، جو اُهي ذات برادريءَ جي دائري مان نڪري پنهنجي پوري ڌرتيءَ جا ٿي ويندا آهن ۽ سچ ته هوءَ ڌرتيءَ جي ڌيءُ هُئي.


هُن ’سنڌ سرتيون‘ نالي هڪ گروپ جوڙيو هو، جنهن جو مقصد سنڌ جي عورتن ۾ سُجاڳي پيدا ڪرڻ هو. ٿوري عرصي اندر ’سنڌ سرتيون گروپ‘ جون ڇهه ست هزار عورتون ميمبر ٿيون هيون، جن کي صحت، تعليم، ادب ۽ سماجي مسئلن جو شعور ڏيڻو هو. اِن سلسلي ۾ هُن گذريل سال نومبر مهيني ۾ پهرين انٽرنيشنل ڪانفرنس سنڌ ڪوٺائي هُئي، جنهن ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي هُئي. اُن کان علاوه افسانه پوري سنڌ جو دورو ڪري، عورتن کي اڳتي اچڻ لاءِ همٿايو هو. هوءَ غريب ماڻهن جي علاج لاءِ بندوبست ڪندي هُئي، يو ڪي مان سنڌ دوست ماڻهن کان چندو گڏ ڪري هُن لاڙڪاڻي ۽ تلهار ۾ اکين جون ڪيمپون لڳرايون، جنهن ۾ مريضن جو مفت علاج ۽ آپريشن ڪرايو. ٽنڊي باگي ۾ چمڙيءَ جي بيمارين جي علاج لاءِ ڪئمپ لڳرائي. هوءَ جڏهن بدين ۾ ٿيلسيما جي سينٽر جو وزٽ ڪرڻ وئي ته اُتي بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جي آزار کي ڏسندي سولر سسٽم لڳرايائين. اُن کان علاوه هُن ڪيترائي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. هُن جو مقصد خودنمائي نه هو، پر هوءَ سنڌ جي عورتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڏسڻ جي خواهشمند ضرور هُئي. هُن توڻي جو ۲۵ ورهيه يو ڪي ۾ گذاريا هُئا، پر سندس ذهن جي ڪينواس تي سدائين سنڌ جا ماروئڙا هوندا هُئا، جن جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ هُن گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيو، پر موت کيس مهلت نه ڏني ۽ سمورا ڪم اڌ ۾ رهجي ويا. دل جي آرزي سبب هوءَ سرتين کان وڇڙي ويل اُها ڪونج آهي، جيڪا منزل تي رسي نه سگهي. سندس پُڄاڻان سرتين جو اِهو فرض ٿو بڻجي ته اُهي سندس مشن کي اڳتي وڌائين، خاص ڪري سندس خوابن جي تعبير لاءِ انهيءَ گروپ کي هٿي وٺرائين.
آئون سوچيان ٿي ته لاڙڪاڻي جي مٽيءَ ۾ آخر اهڙو ڇا آهي جو اُن مان جيڪو به ڳوهيو ويو آهي، اُهو يا ته ذوالفقار بڻجي ويو آهي يا بينظير، ڪنهن کي باباءِ سنڌ جي سُڃاڻ ملي ته ڪنهن کي ’مين آف موهن جو دڙو‘ جو لقب مليو ۽ ڪا وري افسانه ڀرڳڙي ٿي سامهون آئي. افسانه، سنڌ جو اڌورو افسانو بڻجي رهجي وئي، پنهنجي ماروئڙن سان چاهت جو هوءَ کُلي ڪري اظهار به نه ڪري سگهي. انهيءَ افساني جو ڪلائمس اهڙو ته ڏُک ڀريو آهي جو اُن کي جڏهن به ساريو ويندو، ماڻهن جي اکين ۾ لڙڪ ضرور لڙي ايندا. آئون دعاگو آهيان ته ڌڻي تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جي سگهه ڏي.

افسانه ڀرڳڙي
سنڌ جي بهادر نياڻي جو وڇوڙو
آفتاب حسين شاهه گرهوڙي
ڪن شخصيتن جو وڇوڙو جيءُ جهوري ڇڏيندو آهي، ماڻهو لک سبب ڳولڻ باوجود به انهن کي وساري ناهي سگهندو، اهڙين شخصيتن ۾ سنڌ جي بهادر نياڻي ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي جو به ڳاڻيٽو ٿئي ٿو، جيڪا اڄ اسان ۾ ناهي رهي، هوءَ سنڌ دوست روشن، خيال سلڇڻي پنهنجي ڌرتي سان پيار ڪندڙ عظيم رتبو رکندڙ بي مثال خدمتگار هئي، هن کان زندگي لنڊن جي هوائن ۾ هميشه لاءِ ساهه جي سڳ ٽوڙي بيوفائي ڪري هلي وئي، افسانه ڀرڳڙي کي دل جي تڪليف بعد لنڊن جي اسپتال ۾ آپريشن لاءِ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن دل جي آپريشن بعد دم ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽر افسانه ٻولي ۽ سنڌ ڌرتي جي ماڻهن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو عورتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ سرگرم رهي، هن سنڌ سرتيون فيس بڪ گروپ ۲۰۱۸ع ۾ شروع ڪيو هو، حيدرآباد ۾ عالمي عورت ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي هئي، لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ افسانه ڀرڳڙي جي وڇوڙي تي سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي، افسانه ڀرڳڙي ماڻهن لاءِ سوچيندي هئي.
ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو هو، سندس والد جي نوڪري ۽ بدلين سبب سندس خاندان ميرپورخاص، سکر، ڄامشورو ۾ به رهيو، هن پرائمري تعليم ميرپورخاص مان حاصل ڪئي، ميٽرڪ حيدرآباد مان ۽ انٽر جو امتحان زبيده ڪاليج مان پاس ڪرڻ بعد ايم بي بي ايس جي ڊگري لمس ڄامشورو مان حاصل ڪئي، هن کي ۱۹۹۵ع ۾ انگلينڊ مان ٽريننگ جي آفر ٿي، پوءِ هو پنهنجي جيون ساٿي ۽ نياڻي سميت انگلينڊ هلي وئي، جتي زندگي جون ۲۳ بهارون گذاريون پر هو ملڪ کان ٻاهر رهي به پنهنجي سنڌ ڌرتي جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهي، بهتري لاءِ ڪوششون وٺڻ جي ڪري هڪ بهترين مثال بڻيل نظر آئي. هن جو سمورو جيون انسانيت جي شيوا ۾ گذري ويو، هن پنهنجي سموري زندگي جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي، هوءَ سياسي طور تي پيپلز پارٽي سان به همدردي رکندڙ هئي ۽ آخري ساهه تائين انهي ئي پارٽي سان نڀايائين، هن جو ڪردار هميشه هر ميدان ۾ اهم نظر آيو، پاڻ پنهنجي زندگي ۾ هميشه انهي ئي ڪم کي ترجيح ڏيندي هئي، جيڪو انسانيت جي بهتري ۽ ڀلي ۾ هجي، پاڻ هيٺئين طبقي کان ويندي مٿئين سطح تائين پهچڻ ۾ تمام وڏي جدوجهد ڪئي، پاڻ غريب مريضن جو علاج ڪرائڻ کان ويندي سماجي ميدان ۾ جتي ڪٿي اڳڀري بيٺل نظر ايندي هئي. پاڻ پرڏيهه ۾ هوندي به پنهنجي ملڪ جي مارو ماڻهن لاءِ سوچيندي هئي، پروفيشنل سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪري صحتمند تبديلي آڻڻ سميت سندس سماجي خدمتون وسيع تر نظر اچن ٿيون، لنڊن ۾ ٿيل سنڌي ڊاڪٽرز ايسوسيئشن جي سرگرم ڪارڪن رهي ۽ پاڻ ڊاڪٽر ضياءِ الدين شيخ، ڊاڪٽر اويس شيخ ۽ ٻين سان گڏجي يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن جو هڪ پليٽ فارم پڻ ٺاهيو، هن سان گڏ افسانه عورتن جي حوالي سان به وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ عورتن جو سماجي پليٽ فارم سنڌ سرتيون نالي سان قائم ڪيو ۽ انهي تحت عالمي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي، جنهن ۾ سموري دنيا جي مختلف علائقي سان واڳيل سنڌ جي نياڻين کي سرگرم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، هن فورم جوڙڻ جو مقصد هي هو ته عورتون يا مرد دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ هجن پر هڪٻئي کان سکن ۽ سيکارين. ان حوالي سان حيدرآباد ۾ به پڻ اهڙي قسم جي ڪوشش ڪندي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ به ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي هئي، مقصد اهو آهي ته هن پنهنجي سموري ڄمار جدوجهد ۽ تبديلي ۾ گذاري ڇڏي ۽ اهڙا ماڻهو تاريخي والار ۾ اهم حصيدار هوندا آهن ۽ سماجي ترقي ۽ تبديلي ۾ انهن جو پنهنجي جاءِ تي ڪردار رهجي وڃي ٿو، جنهن کي ڀلي ماڻهو ڪيترو به ڇونه نظرانداز ڪري پر اهي ماضي جو قصو بڻجي اسان جي سامهون ايندا آهن ۽ اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. اڄ جڏهن افسانه ڀرڳڙي اسان ۾ ناهي رهي ته هن جو ڪردار اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته سنڌ جي بهادر ۽ سنڌي ماڻهن تي ساهه نڇاور ڪندڙ سنڌ جي مظلوم عورتن جي هڪ وقت تائين آواز بڻيل افسانه هاڻ اسان ۾ ناهي رهي، ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

No comments:

راءِ ڏيندا