; سنڌي شخصيتون: نور گھلو

25 June, 2019

نور گھلو


نور گھلو
هو زندهه رهندو
انور ابڙو
هينئر ئي اِها منحوس خبر ملي آهي ته: ”سائين نور گهلو صاحب به اسان کي ڇڏي هليو ويو.“ مون سندس ڪهاڻين جي آخري ڪتاب ”مان زندهه رهندس“ تي هڪ تبصرو لکيو هو، جيڪو منهنجي ڪتاب ”ايڪيهين صديءَ جو ادب“ ۾ شامل آهي. سائين گهلو صاحب پنهنجي ڪتاب جو بلڪل به صحيح عنوان رکيو هو: ”مان زندهه رهندس.“ ها، ”هو زندهه رهندو.“ هتي مان پنهنجي ان تبصري مان ڪجهه حصا کڻي، کين پنهنجي پاران ٽربيوٽ پيش ڪيان ٿو:


”سنڌي ٻوليءَ جي سينئر ليکڪ، معتبر ۽ مانائتي انسان سائين نورگهلو صاحب جي ڪهاڻين جو ڪتاب ’مان زندهه رهندس‘ وڏي عرصي کانپوءِ ۲۰۱۶ع ۾ شايع ٿيو آهي. اهو ڪتاب ڄڻ ته سائين گهلو صاحب جي ادبي زندگيءَ جو پُنر جنم هجي، جنهن کيس وري ادبي ميدان تي متحرڪ ڪيو ۽ هو نيون ڪهاڻيون لکڻ، شاعري ڪرڻ ۽ ڪالم ۽ تبصرا لکڻ لڳو.
”سچ اهو آهي ته هيءُ پهريون ڀيرو آهي جو مون نور گهلو صاحب جون ڪهاڻيون هڪ جاءِ تي ۽ هڪ ئي ڪتاب ۾ پڙهيون آهن. مون کي پنهنجن گڏيل دوستن، ڊاڪٽر شمس سومري، محمد علي پٺاڻ، رکيل مورائي ۽ ٻين جي معرفت گهلو صاحب متعلق ٿوري گهڻي ڄاڻ ته اڳ ۾ مليل هئي، پر پوءِ به مان سندس علمي ۽ ادبي ڪم کان گهڻي حد تائين اڻڄاڻ هئس. مون کي گهڻو اڳ ۾ پي ٽي وي تان سندس ڏٺل ڪجهه ڊراما به ڌنڌلا ياد هئا. مان اهو اعتراف ٿو ڪيان ته، سندن گوشه نشيني جي ڪري مان ته کيس ’مرهيات‘ سمجهي ويٺو هئس، ۽ پاڻ به هن ئي ڪتاب ’مان زندهه رهندس‘ ۾ ڪنهن همراهه جي حوالي سان لکيو اٿائين ته، هُو کيس مرحوم سمجهي سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’ٽٽل شيشا ۽ آڱريون‘ ٻيهر شايع ڪرائڻ پيو چاهي.
”سو مون کي اها خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي ۽ ڇا پيو ڪري؟ ان جو هڪ سبب اهو به هيو ته مان جيئن ته ۱۹۹۲ع کان وٺي باقاعده علمي ۽ ادبي رسالن سان لاڳاپيل رهيو آهيان، پر مون کي گهلو صاحب ڪڏهن به پنهنجي ڪا تحرير شايع ڪرڻ لاءِ نه موڪلي. سندس اهڙي گمناميءَ سبب گهٽ ۾ گهٽ مان ته گهلو صاحب جي علمي ۽ ادبي ڪم کان مڪمل طور واقف ٿي نه سگهيو هئس. پر هيءُ ڪتاب سندس پراڻي تعارف جو نئون حوالو بڻجي اسان تائين پهتو آهي.
”ڪتاب ۾ گهلو صاحب جي مزاج، سوچ ۽ ڪردار جي تصوير سندس ڳوٺائي ۽ دوست اطهر منگيءَ جهڙي طرح چِٽي آهي، سا پڙهي محسوس ٿيو ته گهلو صاحب جي مزاج وارا ئي وڏا تخليقڪار هوندا آهن. هو جڏهن الڳ سوچيندا آهن، الڳ انداز سان ورتاءُ ڪندا آهن ۽ نتيجن کي ناهن ڏسندا، تڏهن ئي هو ٻين کان الڳ لڳندا آهن ۽ سندن لکڻيون به تڏهن ئي سچيون لڳنديون آهن. نه ته هُو ته رڳو سماج جا فوٽو ڪاپيئر هجن، جن جيڪا شيءِ ڏٺي، سا پنهنجي ذهن مان ڪاپي ڪري ڪڍي ڪاغذ تي آندي. پنهنجي تخليقي صلاحيت جو اُن کي ڪوبه ريج نه ڏنو.
”نور گهلو صاحب سان ڪي چند سال اڳ ئي منهنجي سڌيءَ ريت واقفيت ٿي آهي، جنهن دوران اسان جي وچ ۾ جڏهن به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، تڏهن مون سندس بردباري، سچائي، ڌيرج ۽ معاملا فهمي ڏسڻ سان گڏ سندس زنده دليءَ وارا ٽهڪ به ٻڌا آهن. تڏهن مان سوچيندو آهيان ته، هِن جهڙي شخص ڪيئن ايتري وقت تائين ادبي گمناميءَ وارو بنواس قبوليو هو؟“
ڇا هو وري گمنام ٿي ويندو؟ نه ”هُو زندهه رهندو“ پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم جي صورت ۾.





نور گھلو

نور نچوئي، نور ڇڏي ويو، نور گھلو!
مٺل جسڪاڻي
نورالدين نالي نينگر جڏهن ڄائو هوندو، ريتن، رسمن، رواجن مطابق، مبارڪون ۽ مٺايون ٿيون هونديون. نپنو، وڏو ٿيو، پنهنجي گهر مان بنيادي تربيت ماڻي، آس پاس مان سکي، تعليمي ادارن تائين پهچي، اوچتو نه، وڏي ذهني ويڙهه کان پوءِ ”نور گهلو“ ٿيو هوندو!
نور گهلو ٿيڻ بعد هو عام رواجي نه، خاص شخص ٿي پيو. سندس سڃاڻپ محبتون ڏيندڙ ۽ وٺندڙ سيبتي شخص واري، ملنسار، کل ڀوڳ وارو، يار ويس، مڃيل استاد، بهترين منتظم طور به ٿي، ته ليکڪ جي حيثيت ۾ پنهنجي اصلوب جو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به ٿي پيو، ته پبلشر به رهيو. هن نه صرف پنهنجا لکيل ڪتاب ڇپرايا، ميگزين به ڇپرايو ۽ ڪجهه مهربان دوستن جو هٿ ونڊايائين، ته انهن جا به ڪتاب شايع ٿي پيا.
جيتوڻيڪ نور گهلو جا پنهنجا ڪتاب به ڇپيل آهن، وقت به وقت سندس لکڻيون مختلف ناميارن علمي ادبي رسالن ۾ به شايع ٿينديون رهيون. مختلف هفتيوار ۽ ماهوار ميگزينس ۽ اخبارن ۾ پڻ ڇپيون. ان ڪري سندس پڙهندڙن جو وسيع حلقو به آهي. نور گهلو جون ڪهاڻيون ڊرامائي تشڪيل ۾ اچي، توڙي سندس ڊراما، جڏهن ڪراچي ٽي وي سينٽر تان عام ماڻهن ڏٺا ۽ ٻڌا، ته اڪثر پڙهندڙ ۽ ٽي وي ڏسندڙ لاءِ، نور گهلو اوپرو نالو نه رهيو، پر نور گهلو کي صحيح نموني سڃاڻڻ ۽ پرکڻ وارن جو تعداد، منهنجي ذاتي راءِ مطابق ڪو گهڻو به نه رهيو!
نور گهلو سان منهنجون ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون، پر ڪي گهڻيون نه ٿي سگهيون. اسان ٻئي، هڪ ٻئي سان ملندي رهڻ جون خواهشون ڪندا رهياسين، پر اهي خواهشون، خواهشون ئي رهيون. ان هوندي به، منهنجي خيال ۾، آئون انهن ٿورڙن ۾ شمار آهيان، جن نور گهلو کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
شيخ اياز سنڌي شاعري توڙي نثر جو اهو وڏو نالو آهي، جنهن جو مطالعو به تمام گهڻو مڃيو ويو آهي. ان ئي شيخ اياز، حالتن ۽ واقعن تي نگاهه وجهي، تُز تجزيو ڪري چيو:
سنڌڙي شاهه لطيف جي، لهر نه ڪو لوڏو،
اکڙين کان اوڏو، مون کي منهنجو ڀٽ ڌڻي.
ان ساڳئي شيخ اياز سندس مخصوخ فلسفياڻي انداز ۾ ڀٽائي کي مخاطب ٿي ائين به چيو ته:
جاڳ ڀٽائي گهوٽ، توکي سنڌڙي پئي سڏڙا ڪري،
مرن پيون ماريون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون!
شيخ اياز ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ“ ڇا چيو، سمجهوئن جي هڪ تمام وڏي گهڻائي، پنهنجي پنهنجي علم ۽ عقل جون نديون وهائي ڇڏيون ۽ اڃا به، توڙي، جيستائين به اڪابر پيدا ٿيندا رهندا، اهي پاڻ تان ماڻهو کِلائيندا رهندا! نور گهلو اهڙن اڪابرن کي مخاطب ٿي، ”ڪمانڊو ڀٽائي“ عنوان سان هڪ فليش ڪهاڻي لکي، جيڪا ائين آهي ته:
ھن نعرو ھنيو ”جاڳ ڀٽائي گھوٽ، سنڌڙي ٿي توکي سڏي“.
کلي چيومانس؛ ”ڪجھ پنھنجي مڙسي به ڪيو ڀٽائي ڪو ڪمانڊو ته ڪونھي، جيڪو ڪلاشن ڪوف کڻي نڪري ايندو ۽ سنڌ دشمنن کي ماري ڇڏيندو“.
نور گهلو جو پنهنجو انداز، پنهنجو ڊڪشن رهيو. هن هڪ ”عام اطلاع“ به لکيو؛
”جيستائين س ا س جا ٻئي ڌڙا گڏ نه ٿا ٿين تيستائين اڌار بند آھي.“
بحڪم ـ صدر
دڪاندار ايسوسيئيشن ـ
نور گهلو جي هڪ ٻيءَ مختصر تحرير آهي:
ٽوڪ مان چيائين؛ ”تون انگريزي سٺو نه ٿو ڳالھائين“
چيومانس؛ ”تون ته پنھنجي سنڌي به صحي نٿو ڳالھائين“
فيس بڪ تي ظالم وڏيري ۽ سندس ڇاڙتن طرفان غريب پورھيت تي بدترين تشدد ۽ سندس ويھڪ واري جاءِ ۾ لوهه جو سريو وجھڻ جون پوسٽون ۽ تصويرون ڏسي ڪاوڙ ۾ ھن جون مٺيون ڀڪوڙجي ويون ۽ پيشاني ۽ گردن جون رڳون تاڻجي ويون ۽ سندس اکين مان ڄڻ ٽانڊا نڪرڻ لڳا.
ھو جھٽڪي سان اٿيو ۽ وڃڻ لڳو ته پڇيومانس؛ ”ڪاڏي ٿو وڃين“؟
چيائين؛ ”سريا وٺڻ“
نور گهلو استاد به هو ته تعليمي ادارن جو انتظامڪار به هو. ٻين مسئلن ۽ مونجهارن، حالتن ۽ واقعن سميت، هو بيشمار موضوعن تي ويچاريندڙ ليکڪ به هو. هي سڀ ”فليش فڪشن“ طور متعارف ٿيل نئين گهاڙيٽي ۾ لکيل سندس تازيون تحريون آهن. ”سپر پاور“ عنوان سان لکي ٿو:
استاد ٻارن کان پڇيو؛ ”سپر پاور ڪير آھي؟“
مختلف ٻارن روس ـ آمريڪا ـ چين ـ برطانيا جا نالا ورتا ـ ھڪ ننڍي ٻار ھٿ کڻي زور سان چيو؛ ”جوتو از سپر پاور“
پڙهندڙن جي پنهنجي علمي ۽ عقلي پهچ آهي. هڪڙا پڙهندڙ نور گهلو جون لکڻيون پڙهي وڏا ٽهڪ ڏيندا آهن، ٻيا پڙهي سوچ جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويندا آهن. سندس لکڻين کي سمجهي سگهندڙن ۽ نه سمجهي سگهندڙن جو تعداد معلوم نه ٿو ڪري سگهجي. نور گهلو جي فليش فڪشن ۾ عنوان آهي ”ڊائنا سوئر“، ان ۾ لکي ٿو:
بليڪ ھول جي ملڻ کانپوء ڊائناسورن به واپسيءَ جو ارادو ڏيکاريو چيومان ”ھتي اچي ڪتي جو موت مري ويندئوـ ھتي اوھان کان به وڏا وڏا ڊائنا سوئر ويٺا آھن“
نور گهلو جو عنوان آهي ”گرل فرينڊ“، گهاڙيٽو آهي ”فليش فڪشن“، لکي ٿو:
چيائين؛ ”تنھنجي پير ۾ جيڪي قيمتي جوتا پاتل آھن اھي منھنجي پيءَ جا آھن، مسجد مان چوري ٿي ويا ھئا“.
فليش فڪشن ۾ ”ڪريڊٽ“ عنوان سان هڪ حقيقت هن ريت لکيائين:
’مان اڄ جنھن عزت واري وڏي پوسٽ تي ويٺو آھيان ان جو ڪريڊٽ منھنجي بابا سائين ڏي ٿو وڃي جنھن منھنجي ڪاميابيءَ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ ھي طريقو استعمال ڪيو ـ ٻيو ته ٺھيو پر پرائمري کان يونيورسٽيءَ تائين ھر امتحان ۾ مون سان گڏ ھلندو ھو‘
”مون کي ڪاپي ڪرائڻ لاءِ“.
نور گهلوءَ جي عمر وارا اڪثر اديب ۽ شاعر جديد دور جي انٽرنيٽ سهوليت کان تمام گهڻا پري ان ڪري آهن، جو منجهن نئون سکڻ جي شايد صلاحيت نه رهي آهي. مون نور گهلو جون هتي جيڪي به تحريرون ڏنيون آهن، يا اڃا به ڏيندس، اهي سڀ سندس فيس بوڪ اڪائونٽ مان، 2019ع ۾ پوسٽ ڪيل تحريرون آهن. جن ۾ هيءَ به شامل آهي. گهاڙيٽو ”فليش فڪشن“، عنوان ”حسرت“، لکي ٿو:
مون کي پريشان ڏسي پڇيائين؛ ”خير ته آھي نه؟“
چيم؛ ”يار اسان جو موبائل تي بنا سوچي سمجھي ’واھ‘، ’زبردست‘، ’نائس‘، ’مبارڪ‘ وغيرھ جون ڪمنٽس ڏيندا آھيون انھن مونکي ماري وڌو.“
”ڇو ڇا ٿيو؟“
چيم؛ ”ھڪ پياري دوست پوسٽ رکي ته ھو سخت بيمار آھي ۽ اسپتال ۾ داخل آھي ـ مون ڪمنٽ ڪئي Excelent ناراض ٿي ويو معافي وٺڻ لاء گلدستو کڻي اسپتال پھتس ته ھو مري چڪو ھو ۽ منھنجي معافي وٺڻ واري حسرت رھجي وئي“.
اپريل فول وڏو موضوع آهي. فليش فڪشن جي هڪ هڪ جملي وارن ٻن ڊائلاگس ۾ نور گهلو هن ريت مڪمل ڪيو آهي:
چيائين؛ ”اڄ اپريل فول آھي ماڻھو اوھان کي بيوقوف بنائيندا.“
چيم؛ ”اسان بيوقوف ناھيون ڇا!؟“
هاڻي هيءَ به پڙهو ۽ پاڻ ئي ويچاريو، ته نور گهلو ٿورڙن لفظن ۾ ڪيڏي وڏي ۽ عقل جي ڳالهه ”فليش فڪشن“ جي مختصر گهاڙيٽي واري هڪ مختصر ڪھاڻي ۾ ڪيئن لکي ويو:
چيائين؛ ”منھنجو ٻڪر گم ٿي ويو آھي“
کلي چيومانس؛ ”فيس بڪ تي ڳولھينس“
نور گهلو جي هڪ ڪهاڻي ”کنڀجي ويل ڪتا“ آهي:
چيائين؛ ”اڄڪلهه ڪتن جو تعداد گهٽبو ٿو وڃي“
چيم؛ ”نهاري، حليم ۽ قيمي جي صورت ۾، اسانجي پيٽ ۾ جو هليا ويا آهن.“
ٽهڪ ڏئي چيائين؛ ”مان به چوان، اڄڪلهه اسان هڪ ٻئي تي ڀونڪون ڇو ٿا“
نور گهلو جي هڪ ٻيءَ ڪهاڻي ”دعوت“ ۾ لکي ٿو:
چيومانس؛ ”اکين ۾ ٿي ويهه ته واري ڍڪيان“
کلي چيائين، ”پهريان پنهنجي اکين جي موتئي جي آپريشن ته ڪراءِ“
فليش ڪهاڻي ”ردعمل“ ۾ نور گهلو لکي ٿو:
هُن ڇوڪريءَ کي بوتل ڏيکاريندي چيو، ”تون مونسان شادي نه ڪندينءَ ته مان توتي تيزاب هاريندس.“
ڇوڪريءَ پرس مان هڪ بوتل ڪڍي، ڏيکاريندي چيو، ”تيزاب جي بوتل مون وٽ به آهي.“
نور گهلو سندس وڇوڙي واري سال ۲۰۱۹ع ۾ ”جي مري ٿيا نه مات“ عنوان سان تاثر ڇو لکيو، اها نور گهلو کي خبر، هتي ورجائڻ ضروري ٿو سمجهان. نور لکيو:
وقت مون کي ڏسي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پڪڙجي پيو. ٻانهن مروٽي چيومانس، ”اڙي بدبخت ڀڄين ڪاڏي ٿو؟“.
چيائين، ”ٻانهن ڇڏ سور ٿو ٿئي“.
چيومانس ”تون جو اسان جي پيارن ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن کي بي درديءَ سان ماري، اسان کي جيڪي ڏک ڏيندو ٿو رهين، ان جو توکي ڪو احساس ڪونهي. ڪو شرم به اچئي ٿو“.
اکيون جهڪائي چيائين ”شرم ته اچي ٿو پر اها منهنجي مجبوري آهي، جيڪڏهن مان هنن کي نه ماريندس، ته اهي مون کي ماري ڇڏيندا“.
چيومانس ”اهي ته توکي مات ڏئي امر ٿي ويا. تون ڪهڙو منهن کڻي جيئرو آهين“. جهٽڪي سان هن جي ٻانهن ڇڏيم ۽ هو هارايل جواري وانگر ڪنڌ جهڪائي هليو ويو.
وقت کي مات ڏئي امر ٿي ويل نور گهلو جي لاءِ آئون ڇا لکان؟ مون وٽ اهڙا لفظ ئي نه آهن، جو نور گهلو جي لاءِ ڪجهه لکان. نور گهلو جي لاءِ آئون صرف ايترو لکندس ته:

نور نچوئي،
نور ڇڏي ويو،
نور گھلو!

زندھه آھي،
زندھه رھندو،
نور گھلو!


(هفتيوار ادبي صفحو ”تخليقڪار“، ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، روزاني عبرت حيدرآباد، اربح ۲۶ جون ۲۰۱۹ع)

No comments:

راءِ ڏيندا