; سنڌي شخصيتون: اين ايم بليموريا - مختيار ملاح

29 June, 2019

اين ايم بليموريا - مختيار ملاح


اين ايم بليموريا
سنڌ جي تاريخ جي هڪ وساريل شخصيت
مختيار ملاح
انگريزن جو دور سنڌ جي تاريخ جو منفي ۽ مثبت طور تي منفرد دور آهي. هن دور ۾ سنڌ جي تعليم، ادب، سماجي خدمتگاري وغيره صحيح نموني فعال هئا. هر طبقي، زبان، مذهب، عقيدي جا ماڻهو گڏجي سنڌ جي اڏاوت ۾ ڪردار ادا ڪندا هئا. سنڌ جي هندو ۽ مسلمانن سان گڏو گڏ، پارسي انسان دوست، اديب ۽ تاريخدان به پوئتي ڪو نه هئا، انهن ۾ هڪ نالو نرسجي مولجي بليموريا پڻ وڏي حيثيت وارو هو. پر گهڻي ڪوشش جي باوجود سندس زندگيءَ جي باري ۾ احوال ملي نه سگهيو آهي. (اگر ڪنهن دوست وٽ اهڙي معلومات موجود هجي ته ضرور شيئر ڪري) پر پراڻن ڪتابن جي ورق گرداني مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪراچيءَ جي پارسي اسڪولن ۾ ٽيچر هو ۽ علمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور نموني حصو وٺندو هو. بليموريا شروع ۾ ’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ جو خزانچي ۽ سيڪريٽري رھيو ۽ آخري دور ۾ وري ان جو صدر پڻ ٿيو. عجيب اتفاق آھي ته ھن لڳ ڀڳ ڏھ سال سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ ۽ ٻين اھڙين سوسائٽين ۾ مثالي ڪم ڪيو. ھو وڏو ڄاڻو، آرڪيالاجسٽ ۽ تاريخدان ھيو. هو ڪراچيءَ جي مارسٽن روڊ تي رھندو ھيو. باقي ھن جا وڌيڪ تفصيل في الحال ڪون ٿا ملن.


۱۹۳۴ع ۾’سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ‘ ڪراچي شهر ۾ وجود ۾ آئي. ان جو پهريون صدر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي بنيو. ڪاروباري ڪميٽيءَ جا ست ميمبر پڻ مقرر ڪيا ويا، جن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن: (۱) اين ايم بليموريا، (۲) بي ڊي ميرچنداڻي ۽ (۳) ڀيرومل مهرچند آڏواڻي. هن سوسائٽيءَ جو شاندار ۽ لازوال ڪم ’دي جرنل آف دي سنڌ هسٽاريڪل سـوسائٽـي‘ The Journal of the Sindh Historical Society آهـي. هن انگريزي رسالي جو ٻيو پرچو آڪٽوبر ۱۹۳۴ع ۾ ڇپيو ته آڏواڻيءَ سان گڏ اين ايم بليموريا جو نالو به ايڊيٽرطور شامل ڪيو ويو. سوسائٽيءَ جي جرنل جو جلد ڇهون، نمبر ۴ پرچو، سيپٽمبر ۱۹۴۳ع ۾ ڇپيو، ان پرچي تائين بليموريا، جرنل يا رسالي جو ساٿي ايڊيٽر رهيو.
جلد ستون، نمبر ۱- ۲، پرچو جولاءِ ۱۹۴۴ع ۾ نڪتو. هڪ ته ايڊيٽرن بجاءِ ڪڏهن پنجن ته ڪڏهن چئن عالمن جي ايڊيٽوريل بورڊ، رسالي جي ادارت جا فرض سرانجام پئي ڏنا. ان ايڊيٽوريل بورڊ ۾ به اين ايم بليموريا آخر تائين شامل رهيو. هن جرنل جو آخري پرچو ۱۹۴۹ع ۾ نڪتو هو، جنهن جو ايڊيٽر، اين ايم بليموريا هو. جرنل لاءِ وڌ ۾ وڌ مواد به بليموريا صاحب لکيو ۽ ڇپرايو.
اين ايم بليمرويا، ”سنڌ نيچرل ھسٽري سوسائٽيءَ“ جو به اهم رڪن هو. ھن سوسائٽيءَ جو بنياد ۳۱ مئي ۱۹۲۷ تي وڌو ويو.
ھن سوسائٽي جا جيڪي مشھور ۽ نالي وارا ميمبر رھيا اھي آھن؛ سھراب ڪيٽرڪ، ھاساسنگ آڏواڻي، درگاداس آڏواڻي، اين ايم بليموريا، خان بھادر اي ايڇ ماما، عبدالرحمان بار ايٽ لا، عالم ٽي گدواڻي، مانٽيگو ويب، ڪي بي نسروانجي مھتا، ٽي ايڇ دستور، ٽي ڪي جيسواڻي وغيره. ھيءَ سوسائٽي سالن جا سال ھلي ۽ ان جا عھديدار بدلبا رھيا مگر ميمبرن جو اضافو ٿيندو رھيو. هن سوسائٽيءَ سيپٽمبر ۱۹۲۹ کان وٺي پنهنجو ٽماھي جرنل ”دي جنرل آف دي سنڌ نيچرل ھسٽري“ جي نالي سان ڪڍيو، جنهن جو ايڊيٽر اين ايم بلميوريا هوندو هو. هن جرنل جو موضوع سنڌ جي نيچرل ھسٽري ھوندو ھو ۽ ان ۾ سنڌ جي پکي پکڻن، سنڌ جي گلن ٻوٽن، شڪار، سنڌ جي آبي جيوت، سنڌ جي نانگن ۽ جيتن، سنڌ جي جهنگلن، سنڌو ندي جي چاڙھ ۽ لاھ جي تاريخ ۽ خصوصيتن ۽ کوڙ سارن انيڪ لاڳاپيل موضوعن تي مواد ڏنو ويو آھي.
اين ايم بليموريا، تمام وڏو مورخ هو، ۽ ڪيترا ئي آرٽيڪل، ڪتاب ۽ مضمون لکيائين. سندس تاريخي مواد منفرد ۽ تمام گهڻي تحقيق جو نتيجو هوندو هو. اين ايم بليموريا، سنڌ جو پهريون اسڪالر آهي، جنهن ’مراءَت الممالڪ‘ جو مطالعو ڪيو ۽ ان ۾ سنڌ بابت ڏنل مواد جي اپٽار ڪئي هئي. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ڪي هيٺيان آهن.
۱. The Script of Mohan-jo-Daro and Easter Island (1940)
۲. Bibliography of Publication on Sindh and Baluchistan (1929)
جڏهن ته بليموريا جا آرٽيڪل تمام گهڻا، جن مان گهڻا سنڌ جي باري ۾ آهن، ۽ اهي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ شايع ٿيل آهن. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي ڪجهه ادارن پاران، اهي آرٽيڪل گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي ۽ اميد ته ٿوري وقت ۾ اهي ڪتابي صورت ۾ اسان جي هٿن ۾ هوندا.

No comments:

راءِ ڏيندا