; سنڌي شخصيتون: علي گل ملاح - حبدار جاگيراڻي

25 June, 2019

علي گل ملاح - حبدار جاگيراڻي


علي گل ملاح
حبدار جاگيراڻي
اسان جي سماج جو سڀ کان وڏو الميو اهو آھي ته هتي قابليت هضم ناهي ٿي سگهندي. جنهن سبب ادارن ۾ ڪم ڪندڙ باصلاحيت ماڻھن جي حوصله شڪني ٿيندي رهي ٿي. علي گل ملاح هاڻي خيرپور جي اها متحرڪ شخصيت بڻجي چڪو آھي جو سندس تعارف ڪرائڻ جي ڪا ضرورت پيش نه ٿي اچي. خيرپور جي ڪچي واري علائقي جي پوئتي پيل ڳوٺ مياڻيءَ ۾ جنم وٺندڙ علي گل ملاح جيتوڻيڪ پنهنجي نوڪريءَ جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪئي جتي اڄ به سندس شمار هڪ قابل، محنتي ۽ ديانتدار استادن ۾ ٿئي ٿو ... گل جي شخصيت لڳاتار جاکوڙيندڙ رهي آھي ۽ سندس قابليت جي اڏام، لگن ۽ جستجو کيس سک جي ننڊ سمهڻ نه ڏنو آھي. هن پبلڪ سروس ڪميشن مان پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جي نوڪريءَ جو امتحان پاس ڪيو پر ارباب حڪومت کين پوسٽنگ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي ته ان بيج جا سمورا امتحان پاس ڪندڙ نوجوان مايوس ٿي ٻين نوڪرين جي ڳولها ۾ نڪري پيا. پر علي گل ملاح پاڻ سان گڏ مقابلي جو امتحان پاس ڪندڙن سان رابطا ڪري ارباب حڪومت جي ناجائز اختيارن کي ڪورٽ ۾ چئليج ڪيو. مختصر آمدني ذريعن هجڻ باوجود هن اڏول يار همت نه هاري ٻه اڍائي سال تائين هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ڳايو ۽ ڪيس کٽيو به ... پر رياستي هوڏ تي بيٺل ارباب حڪومت باوجود ڪيس هارڻ جي کين نوڪريون ڏيڻ کان پوءِ به کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو.جنهن بعد باوجود دڙڪن دهمانن ملڻ جي توهين عدالت جي پٽيشن به هن يار وڏيءَ دليريءَ سان داخل ڪرائي. وڏيءَ جاکوڙ بعد کين اي ايس آءِ جي نوڪري ڏني وئي. سنڌ جي نوجوانن سان ستم ظريفي هاڻ عام رواجي معمول بڻيل آھي. ادارن ۾ قابليت کي سفارش ڪلچر ۽ رشوت خوري سُري جيان کائي کوکلو بڻائي ڇڏيو آھي. پر پوءِ به اهڙي گهٽ ۽ سوڙهه واري صورتحال ۾ جيڪي همت ۽ حوصلي سان جاکوڙين ٿا اهي ڪاميابي ماڻي وٺن ٿا. علي گل ملاح پڻ انهن نوجوانن منجهان هڪ آھي.


گل محنتي ته آھي ئي پر سندس شخصيت جي هڪ خوبي اها به آھي ته هو تمام خوددار ماڻهو به آھي. سماجي وهڪري جي ڌارا کي محسوس ڪندي مون ۽ تاج کيس ڪيترائي ڀيرا چيو ته پنهنجن ننڍن ڀائرن لاءَ ڪنهن کي سفارش ڪري کين ڪا نوڪري ڏياري پر هن ڪڏھن ڪنهن کي سوال ئي نه ڪيو ۽ ڀائرن کي سخت محنت ڪرڻ لاءِاڪسائيندو رهندو آھي. جيڪا ڳالهه سندس ننڍن ڀائرن کي ڏکي به لڳندي آھي ۽ کائونس ناراض به رهندا آھن. پر هن شخص جو پختو ايمان سدائين اڻ ٿڪ محنت ۽ جاکوڙ ۾ رهيو آھي.
پوليس کاتي ۾ سندس قابليت ۽ ذميوارانه رويي سبب هو پنهنجن ڪيترن ئي سينئرس کان اڳتي نظر اچي ٿو۽ پنهنجي اعليٰ آفيسرن وٽ مانُ ۽ عزت حاصل ڪري وٺي ٿو جو کيس پوري ضلعي جي ڊسٽرڪٽ انٽيليجينس بيورو جو انچارج مقرر ڪيو وڃي ٿو.جيڪا ڳالهه پڻ سولي هضم ٿيندڙ نه پئي نظر اچي. جنهن ڪري سوشل ميڊيا تي غير تصديق ٿيل خبرون ۽ من گهڙت مفروضا جوڙي کيس حراسان ڪيو پيو وڃي.اهڙن پروپيگنڊائي ڪردارن کي سوچڻ گهرجي ته جنهن باڪردار شخص کي ارباب رحيم جهڪائي نه سگهيو ته بهتاتي صحافت جا هٿ ڪنڊا ڪهڙي اهميت ۽ حيثيت رکن ٿا. جولاءِ ۲۰۱۷جي ٻئي هفتي ۾ مون تاج سروهي ۽ گل سنڌ گهمڻ جو سعيو ڪيو. ته سموري سفر ۾ مون گل کي باوجود موڪل تي هجڻ جي سرڪاري ڪم ۾ مصروف ڏٺو. جنهن عمل تي مون کي ذاتي طور ڪوفت پئي چڙھي ته کيس دوستن سان گهمڻ لاءِ جيڪڏھن وقت نه هئو ته پروگرام ڇالاءِ جوڙايائين.؟ سموري واٽ ان معاملي تي هن ۽ منهنجون جهڙپون هلنديون پئي رهيون جنهن تي تاج مونکي چيو ته بابا ٿڌو ٿي پوليس آفيسر اٿئي... تاج جي اهڙي جملي تي مون کيس جيڪو چيو سو لکي نه ٿو سگهان ۽ مون سندس (گل) جوموبائيل کسڻ لاءِ هٿ وڌايو ته هن هٿ پري ڪري ڇڏيو جنهن تي سندس موبائيل گاڏيءَ مان ڪري پيو ۽ اسڪرين ٽٽي پئي پر فون پوءِ به آن پئي رهيس. جيتوڻيڪ ايندڙ ڪالن جا نمبر نظر نه پئي آيس ۽ نه ڪوئي وري ڪانٽيڪٽ لسٽ ٿي ڏسي سگهيائين. پوءِ ته همراهه جو صفا دٻو ئي گُل ڪري ڇڏيم سموري واٽ پئي فون کي هٿ سان کڙڪايائين ته من اسڪرين ٻري پئي پر ڪاريءَ وارا ڪک نصيب ٿيس.. ۽ پريشانيءَ جي ڪيفيت مٿس پورو سفر طاري رهي. کيس الڪو هو ته ڪانٽيڪٽ نمبرس ڊليٽ ٿي ويا هوندا. مون به کيس چڙ ڏياريندي چيو جان ڇٽي هيلو هيلو مان......
ڪراچي پهچي کيس اسڪرين وجهرائي جڏھن موبائيل فون آن ڪرائي ڏنيسين تڏهن سندس سرير ۾ ساهه پيو. نه ته ائين پئي ڦٿڪيو جيئن ڪرڙي پاڻيءَ ٻاهر ڦٿڪي...... اها ڳالهه ٻڌائڻ جو مقصد اهو هو ته هو پگهار لاءِ نوڪري ناهي ڪندو پر عزت ڪمائڻ لاءِ نوڪري ڪندو آھي ماڻهن جون دليون کٽڻ لاءِ نوڪري ڪندو آھي ۽ اهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ تمام گهٽ آهن جيتوڻيڪ هن اڏوهي ورتل سماج کي اهڙن پاڻ ارپيندڙ ڪارڪنن جي سخت ضرورت آھي.

No comments:

راءِ ڏيندا