; سنڌي شخصيتون: هادي بخش مھر - سرور سيف

10 June, 2019

هادي بخش مھر - سرور سيف


هادي بخش مھر
لونءَ لونءَ اندر دانهن سدا سپرين جي
سرور سيف
Image may contain: 1 person, close-upجينئيس، سياسي، سماجي شخصيت، ارڏو، انقلابي، ترقي پسند اڳواڻ، محترم هادي بخش، پنو عاقل جي ڪچي جي ويرم ڳوٺ ۾، غريب هاري خاوند بخش جي گهر ۱۹۳۹ع ۾ جنم ورتو. مختلف ادارن ۾ پڙھيو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. تاريخ ۽ فلسفي جو گهرو مطالعو هوس. بي انتها سياسي ادراڪ رکندڙ، مارڪسزم جو ڄاڻو، اسلامي تاريخ تي مهارت رکندڙ، ھر موضوع تي ڳالهائڻ ۽ ڳالھ مڃائڻ جو ماهر.
نواب رياست علي، سيد حيدر شاه عبدو واري، مولوي نذير حسين جلالي جتوئي جو شاگرد ۽ ڪڙيل، روشن خيال رجحانن جو حامل هو. کاٻي ڌر جا سڀ ئي نالي وارا ڪامريڊ، ھاري، مزدور رهنما، نه صرف سندس دوست هئا پر کانئس مختلف موقعن تي سياسي صلاح و مشورا به ڪندا هئا.


سندس پنو عاقل، روهڙي ۽ سکر اوطاقن تي، سياسي ڪارڪنن جو ميڙو متل هوندو هو. جن ۾ ليفٽ جي سڀني ڌرين سان لاڳاپيل شامل هوندا هئا. مير رسول بخش ٽالپور، قاضي محمد بخش ڌامراھ، عبدالوحيد ڪٽپر، معراج محمد خان، رشيد حسن، خورشيد حسن مير، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، غلام محمد لغاري، ڄام ساقي، اعزاز نظير ۽ ٻين جي سندس اوطاقن تي ڪچھري مون به ٻڌي ۽ سندن خدمت ڪئي.
اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾، عاليشان ڪردار ادا ڪيائين. پنو عاقل ۾ عبدالرسول منگي، نورالله ملڪ ۽ ٻين سان گڏ، اينٽي ون يونٽ ويڪ ملهايائين. جنهن ۾ اقبال ترين، لالا قادر، عزيز ميمڻ، ڄام ساقي، مسعود نوراني ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ۽ سندس مهمان ٿيا.
سال ۱۹۶۷ ع ۾، جڏهن ڀٽي صاحب پ پ پ جو بنياد وڌو ته پني عاقل جو پهريون ماڻھو هو، جنهن لبيڪ چئي ۽ پنهنجي همخيال دوستن سان پ پ جو بنياد وڌو. پنهنجي اوطاق کي پ پ جي آفيس بڻايو. سندس همخيال دوستن ۾ سيد صبغةالله عرف شنگن شاھ، الطاف سومرو، اسماعيل شيخ، رحمةالله مري، غلام مصطفيٰ بوزدار، صالح شاھ،ه ڪيولرام ۽ فتح محمد ڀٽو شامل هئا.
وڏيراشاهيءَ جي سخت خلاف هو. وڏيرن ۽ سردان خلاف، جنگ جوٽيائين. شهر ۾ نوجون ڪٺا ڪري، وڏيرن خلاف محاذ جوڙيائين، جن ۾ عبدالخالق شيخ وغيره شامل هئا. ايوبي آمريت خلاف، ڀٽي صاحب جي جهدوجهد جو حصو رهيو. بهترين مقرر هو. ڀٽو صاحب، کيس ساڻ کڻندو هو. پني عاقل ۾، ڀٽي صاحب جا ٻه جلسا ڪرايائين. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين. ڪافي وقت جيل ۾ رهيو. خورشيد شاه، ڪاظم علي شاه، غلام قادر ڀٽو، مشتاق سرهيو، پني ۽ گهوٽڪيءَ جا ساٿي، کيس سياسي استاد سڏيندا هئا.
سال ۱۹۹۰ ع ۾، سندس سياسي بصيرت، محنت ۽ قربانين جو قدر ڪندي، کيس بينظير صاحبه، صوبائي اسيمبليءَ جي ٽڪيٽ ڏني ته هزارين ماڻھن ريلي ڪڍي، سندس فارم ڀرايو. بدقسمتيءَ سان وڏيرڪي ساز باز جو شڪار ٿيو. خاص طور احمدعلي سومري مرحوم سازش ڪري محترمه کان ٽڪيٽ ڪينسل ڪرائي ته دل شڪستو ٿي پيو ۽ سياسي طور سياست ۽ پ پ کان پاسيرو ٿي ويو ۽ ڪراچي شفٽ ٿي ويو.
سال ۱۹۹۵ع ۾، سندس قنڌارَ ڀاءُ مولابخش جي شهادت کيس گهرو صدمو رسايو. سال ۱۹۹۶ ۾، جوان ڀائٽي خاوند بخش جي ايڪسيڊنٽ ۾ وفات، کيس هيڻو ڪري ڇڏيو ۽ پهرين جنوري ۲۰۰۰ ع ۾ وفات ڪيائين. ڪراچي ۾ ئي مدفون ٿيو.
مون کي فخر آھي مان ٻاروتڻ کان ئي سندس ويجهو رهيس، خدمت ڪئي، سندس ڪچھرين ۾ ويٺس ۽ وٽس ايندڙن جا هٿ ڌورايا ۽ پرايو.
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.

No comments:

راءِ ڏيندا