; سنڌي شخصيتون: مختيار ملڪ

25 June, 2019

مختيار ملڪ

مختيار ملڪ
هڪ ذهين براڊڪاسٽر جي سروس جي پُڄاڻي
خالد زخمي چانڊيو
پنهنجي چاچي سان گڏجي خيرپور جي وڏي علم واري پاڙي ۾ بابا جي ادبي دوست مختيار ملڪ جي پُڇا ڪئي سين ته هڪ رستي ويندڙ دروازي تي آڻي بيهاريو. سائينءَ جي موجودگي معلوم ڪرڻ تي خبر پئي پاڻ گهر آهن، تن ڏينهن ۾ اسين بابا جي شهادت پڄاڻان هڪ خطرناڪ قبائلي ويڙهه جو شڪار هئاسين. بابا کان سندس دوستن جي احوال جي خبر پوندي هئي، ڪن سان ملاقاتون به ٿينديون رهيون... بابا دوستن کي پنهنجي “ملڪيت” ڀائيندو هو ۽ پنهنجي دوستن لاءِ ڪنهن خطري کي به منهن ڏيڻ لاءِ هميشه تيار رهندو هو... دوست ۽ ڀائر سندس وڏي وٿ هئا، دوستن سان ناتو به اعليٰ انداز سان نڀايائين ۽ ڀائرن لاءِ پنهنجي سِرَ کي سستو سمجهي قربان ڪري ڇڏيائين. مختيار صاحب سان ملاقات ٿي ته اول ئي ناشتي جو معلوم ڪيائين.. سندس قربائتي انداز منهنجي چاچي غلام قادر کي حيران ڪري ڇڏيو... اسين وڏي اسر جو ڳوٺان نڪتا هئاسين، ان ڪري ناشتي لاءِ سائين مختيار کي منع نه ڪري سگهياسين. جيسيتائين اسين ناشتو ڪريون، تيسين پاڻ ريڊيو پاڪستان خيرپور تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ جو چئي ويا... ناشتي پڄاڻان چانهه ورتي سين ۽ ٿوري دير کانپوءِ پاڻ نڪري آيا، ريڊيو تي گڏجي هلڻ جو چيائون. آئون ۽ چاچو ساڻس گڏجي ريڊيو تي پهتاسين ۽ کيس حال احوال کان آگاهه ڪيو... حال احوال وري ڪهڙو! قبائلي جهيڙي سبب زندگي مفلوج بڻيل هئي، هر گهڙي خوف ۽ حراس ۾ ٿي گذريو... خطرن سبب اسين اسڪول، ڪاليج توڙي سرڪاري دفترن ڏانهن وڃي به نه پئي سگهياسين... اهو مشرف واري آمريت جو زمانو هو.. هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ فوجي دفتر هوندو هو... اتي اسان جي مخالف مائٽن جون عورتون هر ٻئي ڏينهن اسان جي عزيزن خلاف شڪايتون لڳائي اينديون هيون... اسان حاضر ٿياسين پر گهڻين ڪوڙين شڪايتن سبب بي اثر رهياسين... تن ڏينهنِ ۾ ثناءُالله عباسي شڪارپور ۾ ايس ايس پي هو ۽ مختيار صاحب سندس دوست آهي، اها ڳالهه مون بابا کان ٻُڌي هئي... مختيار صاحبَ، عباسي صاحب کي فون ڪئي ۽ پوءِ وڃي اسان ڪوڙين درخواستن واري معاملي کان پناهه ۾ رهياسين. منهنجي هيءَ ملاقات مختيار صاحب سان پهرين ملاقات هئي... پهرين ملاقات ۾ هُو هڪ ڳُڻائتو، وضعدار، سماج ۽ دوستن سان پيار ڪندڙ شخص محسوس ٿيو... پوءِ سچل ادبي ڪانفرسن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون رهيون... لاڙڪاڻي رهڻ دوران سندس ڀائيٽي ڊاڪٽر فرخ ملڪ سان ڪافي ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿيون... فرخ به مختيار صاحب جهڙو ملنسار، ٻاجهارو، پيار ڪندڙ ۽ تخليقي ماڻهو آهي.


لاڙڪاڻي ريڊيو تي مختيار صاحب ۲۰۰۸ ۾ آيو ته ساڻس وڌيڪ ويجهڙائي ٿي ۽ هڪ باصلاحيت براڊڪاسٽر کان تمام گهڻو سکڻ لاءِ ميسر ٿيو. ريڊيو لاڙڪاڻي تي ان کان اڳ مانواري محمد علي ٻانڀڻ، محترم ڪوثر ٻرڙي ۽ سائين شوڪت خاصخيليءَ سان ڪم ڪرڻ جو هڪ سٺو تجربو رهيو، هاڻ ته ٽيئي ڄڻا ريڊيو جي سروس مڪمل ڪري چڪا آهن. مختيار صاحب جي دلچسپين سبب ۲۰۰۹ دوران آئون پروگرام شعبي ۾ پروڊيوسر ٿيو هوس ۽ سکڻ لاءِ سندس سڄي براڊڪاسٽنگ ڄمار جو تجربو منهنجي اڳيان هو. سندس موجودگيءَ سبب ريڊيو لاڙڪاڻي جي آڊيو ڪئسيٽن واري لائبرريءَ ڊجيٽل دور ۾ پهريون قدم رکيو، انهن ڏينهن ۾ ڪمپيوٽر تان ڪلام نشر ڪرڻ بدران اڪثر انجيئر دوست ڪئيسيٽن جا ڪي.ٽُو جبل پسند ڪندا هئا... ريڊيو جي آڊيو مٽيريل اسسٽٽ سجاد شاهاڻيءَ ۽ ڊيوٽي آفيسر حاجي حسين کي پيا ڪيسيٽن لاءِ منٿون ڪندا هئا... صاحب کي خبر نه پوي ته اسان ڪيسيٽ تان ڪلام هلايو... واه جو رنگ هجي... نيٺ چڱا ڏينهن گذرڻ بعد ڪمپيوٽر جي اجائي خوف مان نڪتا ۽ ڪمپيوٽر جي دوستي سندن پروفيشنل ڪمن کي آسان بڻايو... ڊجيٽل زماني ۾ به ڪيترائي ماڻهو مينوئل قسم جي زندگي ڪيئن ٿا گذارين سا ڳالهه اڄ به جواب طلب آهي...
مختيار ملڪ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي ٻه ڀيرا اسٽيشن ڊائريڪٽر رهيو... ٻيئي دفعا ايڪسٽرا ٽائيم ڏيندڙ هن تخليقڪار شخص وٽ براڊڪاسنگ جي هر شعبي لاءِ نت نوان خيال رهيا... اديبن، شاعرن، ليکڪن، آفيسرن جي ريڊيو جي پروگرامن ۾ شرڪت لازمي ڪيئن بڻائجي... ٻُڌندڙ اسان جي پروگرامن کي ڪيئن ٻُڌندا... ريڊيو جي پروگرامن وسيلي عام ماڻهن جي مدد ڪيئن ڪجي... موسيقيءَ کي هٿي ڪيئن ڏيارجي... ريڊيو کي عوام جي ويجهو ڪيئن وٺي وڃجي... اهڙن ڪيترن ئي خيالن تي سندس نه صرف ويچار ٻُڌبا هئا پر پاڻ هڪ ڪارڪن وانگر ڪم ڪندي نظر ايندو رهيو... پروگرامن جي شيڊيول تيار ڪرڻ کان پرفارم ڪرڻ تائين پاڻ پهرين صف ۾... اهڙي ڪميٽيڊ انسان کان جنهن سکيو تنهن جي براڊڪاسٽنگ واري زندگيءَ تي مثبت اثر ضرور پوندا...
عوام جي معاملن تي نظر رکندي هڪ دفعي اچي پروگرام جي دوستن سان هڪ بحث ڇيڙيو ته عام ماڻهن کي وڌيڪ ڪهڙي تڪليف آهي؟ جنهن ۾ ريڊيو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي... نتيجي ۾ پوليس ڱان شڪايتن تي مشمل پروگرام “ريڊيو هيلپ لائن” وجود ۾ آيو... جنهن جي نگرانيءَ جي ذميواري تڏهوڪي ڊي آءِ جي پاڻ تي کنئي... اڄ تائين لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ضلعن جا آفيسر هن پروگرام ۾ شامل ٿين ٿا ۽ ماڻهن جون شڪايتون ٻُڌي انهن کي حل ڪرڻ جا جوڳا انتظام به ڪن ٿا. اڄ تائين لاتعداد ماڻهو هن پروگرام مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن.
مختيار ملڪ پنهنجي براڊڪاسٽگ واري زندگيءَ ۾ هڪ بهترين ميوزڪ پروڊيوسر ۽ ميزبان رهيو آهي. هن سينگار علي سليم، استاد گلزار علي خان، برڪت علي، غلام علي سنديلي، ممتاز لاشاري، عاشق نظاماڻي، صنم ماروي، حميره چنه، رحمت علي ميرالي، مظهر حسين، حنيف لاشاري، بيدل مسرور، صادق فقير، ثمينه ڪنول، غلام شبير سمون سميت اڻ ڳڻين فنڪارن/ فنڪارائن جي آوازن ۾ معياري شاعري ۽ نين ڌنن تي آڌاريل ڪلامن کي رڪارڊ ڪيو آهي.
ريڊيو خيرپور کان پنهنجي براڊڪاسٽنگ واري زندگيءَ جي شروعات ڪندڙ هي مهان ماڻهو اڄ جڏهن ريڊيو پاڪستان ملتان تان رٽائر ٿي رهيو آهي، تڏهن ائين هرگز نه چئبو ته سندس رٽائرمينٽ پڄاڻان براڊڪاسٽنگ جو سج لهي ويندو پر هن اميد پرست انسان جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي اهو ضرور چئي سگهجي ٿو ته “ريڊيو کي سندس ڪمي ضرور محسوس ٿيندي ۽ اوهان جن جن ماڻهن جي من ۾ هڪ سٺي براڊڪاسٽر واري چڻنگ ٻاري آهي سان لاٽ مان لاٽ وانگر ٻرندي رهندي...”
اڄ ريڊيو پاڪستان هڪ ڪامياب براڊڪاسٽر تي فخر محسوس ڪري ٿو. اوهان جي باقي ڄمار لاءِ انيڪ دعائون، سدا سلامت رهو.





مختيار ملڪ

سنڌ جو نامور براڊڪاسٽر ۽ شاعر - جنهن جي شاعريءَ ۾ مٽيءَ جي خوشبو آهي
حفيظ چانڊيو
سنڌي ادب جي تاريخ جڏهن به پڙهبي ته پتو پوندو ته اهي تخليقڪار جيڪي پنهنجي تخليقي پورهئي جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ کپائي بني آدم جي امن ۽ اهنسا جو فڪر ڪري سندن ترقي ۽ تعمير ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ مارن جي ڦٽل مقدر کي سنوارڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا سي ماڻهن جي دلين تي راڄُ ڪندا آهن. سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ گهر اڏيندڙ خيرپور جو سهڻو شاعر مختيار ملڪ به اهڙن شاعرن مان آهي، جنهن جي هر سٽ مارن جي تعمير ۽ روشن مستقبل لئي مشعلِ راهه آهي. ان پيرائي ۾ جيڪڏهن اسين مختيار ملڪ صاحب جي زندگيءَ تي نظر ڌريندا سي ته هو اسان کي سماج جي سنوت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. هن جي تخليقن ۾ مارن جا مسئلا بيان ٿيل آهن ۽ گڏوگڏ انسانيت جو اعليٰ درس به موجود آهي، هن هميشه سنڌي ماڻهن جي سک ۽ سلامتي لاءِ گيت ۽ وايون لکيون آهن. اهڙا شاعر جيڪي عام کي اجاريندا رهن سي سندن محبوب هوندا آهن. سندن مسلسل تخليقي سلسلي سبب سماج اندر ڦهليل انارڪي جو انت ناممڪن مان ممڪن بڻجندو آهي. اهي شاعر جيڪي ڪنهن سچيتائي واري رندي راهه تي نه ٿا هلن ۽ سندن اعليٰ فڪر کي عملي طور پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ٿا اپنائن ته اهڙا تخليقڪار ڪڏهن به ترقيءَ جي منزلن تي پهچڻ کان پري رهجيو وڃن. ائين جيئن هو ڄڻ ته اونداهين ۾ بانبڙا پائي جهالت جي جهنگ ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي موراڳو مري وڃن ٿا پر زندگي کي ڪا معنيٰ نه ٿا ڏئي وڃن. ڌپ هڻي ويل سماج ۾ جيڪڏهن تخليقڪار پنهنجو آدرشي ڪردار ادا نه ٿو ڪري ته نتيجي ۾ ان سماج مان نه انارڪيءَ جو خاتمو ٿيڻو آهي ۽ نه ئي اتڙي ڪنهن به قسم جي تبديلي جي اچڻ جو ڪو امڪان باقي بچي ٿو.
تــون سـُتــو آن پـيـو ، ازل جــي نـِنـڊ ۾،
تنهنجي قسمت نه بدلي اي هاري اڃا
مون ته ورثي جيان، آهي سانڍي رکي،
منهنجي سمجهي نه تو انڪساري اڃا.
شاعرن کي جيتوڻيڪ هن معاشري ۾ گهربل مان مرتبو ناهي ملي سگهيو، پر مختيار ملڪ کي سنڌ جي ماڻهن جون کوڙ ساريون محبتون مليون آهن، جن جو هو اڪثر ذڪر پيو ڪندو آهي. سندس تخليقن ۾ حق جي حاصلات جي تاريخي چيخ ۽ پراڏو آهي،جنهن سان ستل ضمير گهري ننڍ مان ڇرڪ ڀري اٿي کڙا ٿي پون ٿا، هو پنهنجي ذات ۾ انمول آهي. سندس ان بي مثال ڪردار معاشري جو سونهون بڻبو، جيڪو فريب، دوکي، دولاب يا ڪوڙ کي ڌڪاري سچائيءَ کي سيني لائي ٿو. سنڌي ادب ۾ بحيثيت براڊڪاسٽر ۽ شاعر جي مختيار ملڪ جو الڳ مقام آهي. جنهن جي تخليقن سماج جي ذهني نشونما ۽ ترقيءَ لاءِ گهڻي قدر ڪارگر ڪردار ادا ڪيو آهي، مختيار ملڪ جا ٻه شعري مجموعا ٽم ٽم ٽانڊاڻا – ۱۹۸۱ع اماس ۾ به سوجهرو شايع ٿيل آهن جنهن ۾ سندس هر شعر مٽيءَ سان محبت جو اعليٰ نمونو آهي. مختيار ملڪ، سنڌ جي دردن تي دکندو رهيو آهي، ان لاءِ سندس شعرن ۾ دانهون ۽ آنهون ئي آهن، سندس اهي آنهون هر با ضمير انسان جي ذهنن ۾ تبديليءَ جي آس اڀارن پيون ۽ اونداهين کي روشنين ۾ تبديل ڪرڻ چاهن ٿيون. هو انفراديت بجاءِ اجتماعيت جو قائل رهيو آهي، ان لاءِ ئي هو پنهنجي شعرن ۾ نسلن جي غُلاميءَ وارن سنگهرن مان کين آزاد ٿيڻ جا نت نوان دڳ ٻڌائي استحصالي قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي قومي استحصالي جو ڪيس پيو وڙهي. شاعر هجڻ جي ناتي سان مختيار مستقبل ۾ ايندڙ قومي نقصانن کي اک ۾ رکندي نوجوان طبقي جي ذهنن تان بي پرواهي ۽ غير ذميواريءَ جو ذنگ لاهڻ چاهي پيو ته جيئن هو قومي آجپي ۾ اهو ڪردار ادا ڪن جيئن مستقبل ۾ قوم کي هڪ مستقل عزت ۽ آجپو ملي سگهي.
قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،
ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين
وکان ڪيڏو ڏور ٿياسين
صحرائن ۾ چور ٿياسين
مختيار ملڪ، جديد سنڌي شاعري ۾ عجب احساس آهن، جن ۾ ڏکندڙ ماڻهن جي ڏکن کي پنهنجائي شعريءَ جو موضوع بڻايو اٿائين، هو نهايت حساس قسم ۽ ڏڍاو بئلنسڊ قسم جوماڻهو آهي، جنهن جي زندگي سندس هڪ واحد مثال آهي.هو حساس قسم جو شاندار شاعر آهي، هو ڪڏهن به ڪنهن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي ناهي سگهندو، هو اهڙن تخليقڪارن کان بنهه پري رهيو آهي، جيڪي احساسن کان الاهي پري هوندا آهن، جيڪي انفراديت جي خول ۾ جيئندا آهن، وٽن ڪنهن جي لاءِ ڪو احساس ئي ناهي هوندو. اهڙن ماڻهن جي احساسن کي جهڙُڪ اڏوهي کائي وئي هجي. ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذائن تي منجهس تڙپ ،لڇ پڇ وارو احساس سندس اندر اڌو اڌ ڪندو آهي ته ان وقت ان درد کي هو پنن تي پرٽي، مس جي روپ ۾ پنن تي ڳوڙهن کي ڇاپيندو آهي. هو سقراط ۽ سچل واري راهه جو سچو پانڌيئڙو آهي. مختيار ملڪ، پنهنجي شعري وسيلي نه رڳو جهالت کي روشنين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي پيو، پر دقيانوسي ريتن ۽ رسمن جي خاتمي لاءِ پڻ مثبت ڪردار ادا ڪري ٿو. شاعرن جي روشن راهن تي اڪثر ڪري ڀٽڪيل ماڻهن کي سنئين واٽ ملندي رهي آهي، ساڳي ئي طرح آءُ ائين ٿو سمجهان ٿو ته مختيار ملڪ جي شاعري بي پهچ مارن جي لاءِ اتساهه جو سبب آهي، جتي هو جهٽ پل لاءِ آنند محسوس ڪن ٿا ۽ اڳتي هلي ساڳيا مايوس ماڻهو زندگيءَ کي ڪو ڪارج ڏئي وڃن ٿا.
مختيار ملڪ، جي شاعري سنڌي قوم جي خوشحاليءَ جو پيغام آهي. سندس شاعري سندن سپنن جو حقيقي روپ آهي، جن جي پيروي کانپوءِ سندن زهر آلوده زندگيءَ ۾ خوشين جو سنسار ساهه کڻڻ لڳندو ۽ سندن زندگيءَ جو معمول به تبديل ٿيڻ لڳندو، ان جو بنيادي سبب ساڳيو آهي ته مختيار صاحب جي ان خدائي فڪر پويان سندس سموري زندگيءَ جو تلخ ترين تجربا ۽ مشاهدا ئي شامل آهن، جن کي هو گهڻو وقت اڳ ۾ ڏسي ۽ محسوس ڪري وٺندو آهي. مختيار ملڪ مزاجن نڊر، اڙٻنگ، ڌرتيءَ جو جهونجهار، دودي جو دوست، دولهه جو همراز شاعر آهي، جنهن جي ڪومل احساسن ۾ وطن جي حب جا منظر پسي سگهجن ٿا. سندس شاعري تشبيهن، استعارن، تمثيلن، علامتن سان ٽمٽار آهي، جنهن ۾ جمالياتي رنگ ڍنگ ۾ سڀ کان الڳ ٿلڳ نظر پيو اچي، اها مختيار جي پنهنجي رياضت آهي، ان حوالي سان نامياري شاعر ارزا پائونڊ لکي ٿو ته “ عڪس هڪ اهڙي لفظي سرشتي جو نانءُ آهي جيڪو جذبات ۽ ذهني واردات جي گڏيل ڪيفيتن کي خاص ۽ مقرر وقت ۾ پيش ڪري، عڪس ڪنهن شعر کي سمجهڻ جو اهم ذريعو آهي، انڪري عڪس تجربن واري شاعري بهتر ۽ خوبصورت شاعري چئي سگهجي ٿي”.
مختيار ملڪ، سنڌي ٻوليءَ جو اهو خوبصورت شاعر آهي، جنهن جي قلم جي سگهه اڀ ۾ ٽمڪندڙ انهن ستارن جيڏي آهي، جن جي ٿڌيرڙي روشني جو احساس اونداهيءَ جي خاتمو ڪندو آهي، هن وٽ ڪمال جي اپروچ آهي، سندس شاعري ۾ ڌرتيءَ ۽ آسمانن جا اهڙا راز سمايل آهن، سندس شاعري ڦلواڙيءَ جو هر گل پنهنجي خوشبو سان پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي نظر پيو اچي، ان کان علاوه سندس شاعري جون پاڙون ٻوليءَ جي پاتال تائين کتل آهن، جنهن جي هڳاءَ من جي سڀني مونجهارن کي مٽائي هڪ اهڙي اميد آڻي اڳيان بيهاري آهي، جنهن سان زهر آلوده زندگيون مرڪڻ لڳن ٿيون. مختيار ملڪ جي شاعريءَ کي پڙهندڙ جڏهن مطالعي هيٺ آڻي ٿو ته سندس شعرن جي حقيقت پرجهڻ بنهه آسان ۽ سندس سمجهاڻي سليس آهي، جيئن پڙهندڙ جي دل ۾ سندس اها ڳالهه گهر ڪري ويهي رهي، ساڳي ئي طرح مختيار ملڪ صاحب جڏهن پنهنجي دردن، پيڙائن، پڇتاون، ڀوڳنائن کي لفظن ۾ سمويو ته ڪائنات جا هڙئي اسرار هن جي آڏو کُلي روشن راهن کي هموار ٿي، هن آڏو دنيا جي رازن تان پردو هٽائي، حقيقتن کان کيس همڪنار ڪن ٿا. شاعري جيڪا عام جي ڳالهه نه ٿي ڪري سا شاعري نه آهي، اها شاعري جنهن ۾ استحصالي قوتن خلاف نفرت نه آهي سا شاعري نه آهي، اها شاعري جنهن ۾ مظلوم جي طرفداري ٿيل نه آهي سا شاعري نه آهي، اها شاعري جنهن ۾ ڌرتي ڌڻين جي وڪالت ٿيل نه آهي سا شاعري نه آهي، شاعري اها هوندي آهي جيڪا سخت دل کي پگهاري ميڻ ڪري سندس اندر بيان ڪري کيس قرار بخشي سگهي.

(ڏيھاڙي ڪوشش ۾، ۲۱ ڊسمبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل مضمون)



مختيار ملڪ

خوبصورت شاعر، نثر نگار ۽ براڊڪاسٽر
محمد سليمان وساڻ
ريڊيو سان پراڻو لاڳاپو رهيو آهي ۽ جڏهن ڳوٺ ۾ ۱۹۸۸ع تائين بجلي ڪانه هئي ته گهڻو ڪري ريڊيو جا سڀ پروگرام ٻڌندا هئاسين. ۸۰ جي ڏهاڪي ۾ ريڊيو جي پروگرامن جي ترتيب تبديل ٿيڻ سان گڏ ريڊيو ۾ هڪ انقلاب آيو ۽ ايئن ئي خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي پروگرامن به وڏو نالو ڪمايو. ان وقت جي پروڊيوسرن شوڪت خاصخيلي، مختيار ملڪ،  نصير سومرو سان گڏ اسحاق انصاري جي ڪمپيئرنگ به تمام گهڻو مقبول ٿي. ان زماني کان مختيار ملڪ جي آواز جا چاهيندڙ بڻجي وياسين.
نامياري شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ ۲۱ ڊسمبير ۱۹۵۹ ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽرميڊييٽ سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائون. شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ماس ڪميونيڪيشن ۾ به ماسٽرس ڪيائون. ان کانپوء پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا. ۸۰ ۽ ۹۰ جي دور ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور جي نشريات کي عروج تي پهچائڻ ۾ شوڪت خاصخيلي، نصير سومرو ۽ مختيار ملڪ پيش پيش رهيا. مختيار ملڪ خوبصورت آواز جو مالڪ هجڻ سان گڏ سٺو مقرر پڻ آهي. هن انيڪ پروگرامن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض نڀايا آهن. ممتاز مرزا جي هوندي ئي هن سچل سرمست جي ميلي ۾ اسٽيج سيڪريٽري وارو ڪم وڏي خوبصورتي سان نڀايو.
ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران شاگرد سياست ۽ پرنٽ ميڊيا ذريعي جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ پاڻ رسالا ڪڍڻ ۽ لکڻ ۾ سرگرم رهيا. اهو ئي سبب هيو جو کين گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ڪجهه عرصو روپوشي جي زندگي گذاريائون. مختيار ملڪ بهترين شاعر پڻ آهي ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۾ ڇپجندي رهي آهي ان کان سواءِ سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا:
ٽم ٽم ٽانڊاڻا – ۱۹۸۱  مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب
اماس ۾ به سوجهرو – ۲۰۰۱ مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب
مختيار ملڪ هڪ تمام سٺو نثر نگار ۽ ڪالم نگار پڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا تمام متحرڪ ميمبر ۽ جنرل سيڪريٽري پڻ رهيا آهن. هڪ ڊگهي عرصي کان ريڊيو پاڪستان لاءِ پنهنجون خدمتون نڀائيندي مختلف اسٽيشنن جهڙوڪ خيرپور، لاڙڪاڻو، ڀٽ شاهه ۾ ريڊيو جا لاجواب پروگرام پيش ڪيا اٿن. هن وقت پاڻ ڊپٽي ڪنٽرولر طور ڪراچي ۾ مقرر آهن. مختيار ملڪ يار ويس ماڻهو آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ سندس خدمتون قابل تعريف آهن. هو جڏهن به ۽ جتي به ملندو آهي ته وڏي پيار ۽ شفقت سان پيش ايندو آهي. سندس شاعريءَ مان هڪ چونڊ غزل پيش آهي.

غزل

تو کان ڪيڏو ڏور ٿياسين،
صحرائن ۾ چور ٿياسين.

ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون،
يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين.

قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،
ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين.

ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا،
اسان به اڄ منصور ٿياسين.

لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون،
ايڏو اڄ مجبور ٿياسين.


مختيار ملڪ

ناميارو شاعر ۽ اديب

عوامي آواز ڪراچي

خيرپور جي سهڻي ڌرتيءَ پنهنجي سيني مان ڪيترين ئي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي محنت، سچائي، ڪمٽمينٽ سان هن سماج ۾ وڏو مقام ماڻيو آهي، انهن شخصيتن مان هڪ ناميارو شاعر، ليکڪ، براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ به آهي. شاعر، اديب براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ ۲۱ ڊسمبير ۱۹۵۹ ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ايم اي جرنلزم، ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم ورتي. ان کانپوءِ پاڻ ريڊيو پاڪستان کي جوائن ڪيائون. جتي مختلف عهدن تي رهيا. اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائون ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ پاڻ مڃرايائون، ريڊيو تي ڪيترن ئي فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ جو اعزاز رکن ٿا، پاڻ سٺا شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان سان گڏ سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا آهن، ٽم ٽم ٽانداڻا- ۱۹۸۱ جنهنجو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو. سندس ٻيو شعري مجموعو اماس ۾ به سوجهرو- ۲۰۰۱ جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو. مختيار ملڪ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيا آهن۔ ڪيترن ئي پروگرامن ۽ خاص ڪري سچل سرمست جي عرس جي تقريبن ۾ ميوزڪ واري پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سنڀاليندا رهيا آهن۔ سنڌ جي هن سهڻي شاعر مختيار ملڪ جي غزل جون ڪجھ سٽون هيٺ ڏجن ٿيون :

تو کان ڪيڏو ڏور ٿياسين،

صحرائن ۾ چور ٿياسين.

ٺهندا ڊهندا رهندا آهيون،

يارو! ڄڻ ڪو پور ٿياسين.

قيد به ڄاڻون، ڀيد به ڄاڻون،

ڏاڍي لئه پر سور ٿياسين.

ڳاٽ اسان جا اوچا اوچا،

اسان به اڄ منصور ٿياسين.

لُٽجون ڀي ٿا، چپ ڀي آهيون ايڏو اڄ مجبور ٿياسين.

مختيار ملڪ کي ادبي، علمي ۽ پيشيور خدمتن عيوض ڪيترا ئي اوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. پر کيس بهترين پروڊيوسر، ريڊيو پاڪستان ريجنل ايڪسيلينس اوارڊ ۱۹۹۹ع ۽ ۲۰۰۲ع، سچل سرمست لائف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ۲۰۱۳ع ۽ ۲۰۱۴ع، ٻارن لاءِ بهترين ليکڪ طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ ۱۹۸۰ع ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ بهرين پوزيشن تي وقت جي وزير اعلي هٿان مليل گولڊ ميڊل ذڪر جوڳا آهن.

سائين مختيار ملڪ جن جي پياري شخصيت منهنجي لاءِ اتساه بخشيندڙ رهي آهي. مختيار ملڪ ھڪ محبتي، محنتي، ايماندار، سچو ۽ کرو شخص. ھڪ مڃيل ناميارو تخليقڪار. ٻاراڻي ادب جو مانائتو ۽ احترام لائق نالو. شاعري. موسيقي جو پارکو، اسان جو محسن علمي، ادبي، سماجي پروگرامن جي سونهن، ڪمال جو تخليقار رهيو آهي.

مختيار ملڪ صاحب جن جي سالگره آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آوزا ڪراچي ۾، ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

مختيار ملڪ

سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري، کاهوڙي ڪردار

ايڊووڪيٽ محمد ايوب لاڙڪ

کجين جو ديس خيرپور ميرس ۾ هونءَ ته کوڙ سارن مٺڙن ماڻهن ھن سماج جي بھتريءَ لاءِ پنھنجا پنھنجا عملي ڪردار ادا ڪيا آھن، اھي ڪردار جيڪي تاريخ جي امر باب ۾ لکيا ويندا، ڇو جو تاريخون سٺن، ڪردارن جي سونھن ھونديون آھن، ۽ اُنھن تاريخن جي امر باب منجھان ضلعي خيرپور ميرس جي اھڙي بيباڪ باڪردار ھردل عزيز سماج سڌارڪ، اٻوجھ ماڻھن جي چڱائي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ مخلص شخصيت مختيار ملڪ به ھڪ آهي. ۽ مون کي يقين آهي ته اُن جي محبتن ۽ ڪاوشن کي ڏسي ڪري اسان جو ايندڙ نسل ان کي ائين ياد ڪندو.

جيئن عاشق پنهنجي محبوب جي ياد کي ياد ڪري پنھنجي جيئڻ جي راھِ ھموار ڪندو آهي، سائين مختيار ملڪ جي دل ڌرتيءَ جي محبت سان ايئن ڀريل آهي جيئن خيرپور جون اصيل کارڪون مٺاڻ سان ٽٻٽار آهن. اهڙيءَ محبت جو اظهار

شاھ صاحب هيئن فرمايو.

جاءِ نه سڄو ڏينهن،

هينئڙو اوٺي وڳ جيئن،

مون پريان سين نيهن،

ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو . .

ملڪ صاحب جو ادبي دوستن پراڻن يا نون فنڪارن سان الفت جو انداز ايترو ته شفيق رھيو آھي، جو ھر مڪتب فڪه جو پارکو، ملڪ صاحب کي سچل يادگار ڪميٽي جو سيڪريٽري ٿيڻ جي نوٽيفڪيشن تي ايترو ته خوش ٿيو آهي جو اُنھن جي جذبي خوشي کي ڏسي ايئن لڳو جيئن ڪچي جا ماڻھو درياھ ۾ پاڻي اچڻ تي خوش ٿيندا آھن ۽ اُميدون ھونديون اٿن، ته ھيل بھاريون ٿي وينديون. ملڪ صاحب جي سيڪريٽري ٿيڻ سان فنون لطيفه سان لاڳاپيل سڀني سڄڻن ۾ ڄڻ سرھائي، اچي وئي آھي. مختيار ملڪ سان، جيڪڏنهن ڪنهن نه بي نڀايو هجي، پر جڏھن به ملڪ صاحب ۾ ڪم پوندو ھيو ته ھو فورن بنا فرق جي سندن ڪم ايندو هو، جيئن ڪو مذھبي عبادت لاءِ، نه سيءُ ڏسي نه مينهن، اٿي پئي عشق سان.

ڪنھن جي چوڻي مطابق ته. . .

ڏٺائين ڪين ڏوھ،

اھڙي مدد ڪيائين

جو،

اکين نھاريو عقل ڏي.

اھڙي ارڏي اديب حساس طبيعت واري شاعر، محقق سائين مختيار ملڪ کي سچل يادگار ڪاميٽي جي سيڪريٽري مقرر ٿيڻ تي اسين سندس کي دل جي گهراين سان مبارڪ باد پيش ڪريون ٿا ۽ اسين جس ڏيون ٿا، اٿارٽي کي جنھن ھڪ مخلص جاکوڙي باڪردار شخص کي مقرر ڪيو. اھا نھايت خوشيءِ جي ڳالھ آ. سچل سرڪار پنھنجي شعر ۾ فرمائي ٿو ته.

ڪڏھن من ماڪوڙي،

ڪڏهن ڪيھر

شينھن

سچل سارو ڏينھن

حال ناهي هيڪڙو. .

ملڪ مختيار جيڪو ننڍپڻ کان ئي نھايت ذھين ۽ لکڻ پڙھڻ جو بيحد شوق رکندو ھئو اسڪول ۾ ھو شيار شاگردن سان راند روند ڪندي پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ جاکوڙيندو رھيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ٻارھين سپيريز سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪري شاھ لطيف يونيورسٽي مان ھڪ اھڙي ڊگري حاصل ڪيائين. جنھن ۾ غير حيات شين جو علم ۽ سندن ڪھڙو رول ھوندو آھي ۽ انجو تعلق ڪيئن آهي اُنھيءَ سوچ سندس کي مجبور ڪيو ته حياتيءَ واريَون شيون، ماڻھن جي سوچ ويچار وارو زاويو ڇا آهي. پوءِ کيس جرنلزم علم جو شوق پيدا ٿيو ۽ گڏوگڏ ھڪ بھترين صحافت جي ڊگري حاصل ڪيائين. ملڪ صاحب صدر ايوب جي آمريت، aضياءَ جي مارشلا، لا اينڊ آرڊر جي حالتن کي مدنظر رکندي، جڏھن کين قانون جي ڄاڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، ته ترت قانون واري ڊگري حاصل ڪيائين ۽ سندس گھڻ پاسي شخصيت مختلف عملي ميدانن ۾ پاڻ ملھائڻ بعد خصوصي خدمتون ريڊيو پاڪستان حوالي ڪيون، ۽ ملڪ جي مختلف حصن ۾ خدمتون سرانجام ڏنائون. پنھنجي خاندان ۽ اولاد جي تعليم و تربيت ذهني نشونما تي خاص توجھ ڏنو ۽ ملڪ صاحب سرڪاري نوڪريءَ کي خيرباد چئي، پاڻ ادبي دنيا ۾ مختلف ادبي سرگرمين ۾ سراپا عمل رھيا آھن. ۽ پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا باعمل عھديدار سيڪريٽري جنرل پڻ رھي چڪا آهن. سندن سيڪريٽري جنرل جي وقت پاڻ ادبي ڪارج احسن نموني سنڀاليو، سنڌي ادبي سنگت کي اوچي پرواز ڏنائون، سنگت تي نازڪ وقت اچي ويو آهي، ملڪ صاحب کي عرض آهي ته، ادبي سنگت کي سلامت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ اسين ملڪ مختيار صاحب مان اھا اميد ٿا ڪريون ته حضرت سچل سرمست جي فڪري ۽ الستي ايجاد کي صحيح طرح نڀائڻ ۾ثابت قدم رھندا.

. ساٿ ھلندو رھي.

. لاٽ ٻرندي رهي. . . . . . . .

سندس ئي شعر.

زندگيءَ۾ خوش گذارجي،

درد دل اندر نه ڌارجي. . . .

. سنڌ سلامت.

ساٿ، سلامت. . . . . . .

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


مختيار ملڪ

نامياري اديب ۽ براڊڪاسٽر جون خدمتون

زين سولنگي

خيرپور جي سهڻي ڌرتيءَ پنهنجي سيني مان ڪيترين ئي املهه شخصيتن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي محنت، سچائي، ڪمٽمينٽ سان هن سماج ۾ وڏو مقام ماڻيو آهي، انهن شخصيتن مان ناميارو شاعر، ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر مختيار ملڪ به آهي.

مختيار ملڪ جو جنم خيرپور ميرس ۾ ۲۱ ڊسمبير ۱۹۵۹ ۾ ٿيو. مئٽرڪ ناز پائلٽ اسڪول مان ۽ انٽر سپيريئر شائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائين. شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان آرگينڪ ڪيمسٽري ۾ ماسٽرس ڪرڻ سان گڏ ايم اي جرنلزم،ايم اي سنڌي ۽ ايل ايل بي تائين تعليم ورتي. ان کانپوءِ پاڻ ريڊيو پاڪستان کي جوائن ڪيائون، جتي مختلف عهدن تي رهيا، اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرمينٽ ورتائون ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ پاڻ مڃرايائون، ريڊيو تي ڪيترن ئي فنڪارن کي متعارف ڪرائڻ جو اعزاز رکن ٿا.

پاڻ بهترين شاعر پڻ آهن ۽ سندن شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندي رهي آهي. ان سان گڏ سندن شاعري جا هيٺيان ڪتاب به ڇپيا آهن، ٽم ٽم ٽانڊاڻا ۱۹۸۱ع جنهن جو مهاڳ محترم محمد ابراهيم جويو صاحب لکيو. سندس ٻيو شعري مجموعو اماس ۾ به سوجهرو ۲۰۰۱ع جنهن جو مهاڳ محترم تنوير عباسي صاحب لکيو. مختيار ملڪ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيا آهن۔ ڪيترن ئي پروگرامن ۽ خاص ڪري سچل سرمست جي عرس جي تقريبن ۾ ميوزڪ واري پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض پڻ سنڀاليندا رهيا آهن۔ مختيار ملڪ خيرپور ۾ مختلف علمي ادبي فورمن سان سلهاڙيل آهي. مختيار ملڪ ڊسمبر ۱۹۷۶ع ۾ ٻارن لاءِ هڪ رسالو “جوت” جي نالي سان شايع ڪيو، ان حوالي سان سندن ادب سان گَهِرو تعلق جڙيو. اسڪول ڪاليج جي زماني ۾ اخبار هلال پاڪستان ڪراچي جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيل تنظيم “گلن جهڙا ٻارڙا سنگت” ان ۾ سرگرم رهيا، سکر ڊويزن جا آرگنائيزر پڻ رهيا، ادب ۾ لکڻ جي شروعات شعر ۽ ڪهاڻيون لکڻ سان ڪيائون. سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪلاس ڇهين جي ڪتاب ۾ هڪ نظم “پورهئي جو مان” مختيار ملڪ جو ڏنل آهي ۽ جڏهن ته گابا پبليڪيشن جي نصابي ڪتاب سنڌي پنجين ۾ هڪ گيت “ مور” مختيار ملڪ جو شايع ٿيل آهي.

مختيار ملڪ کي ادبي، علمي ۽ پيشيور خدمتن عيوض ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون مليون آهن. پر کيس بهترين پروڊيوسر، ريڊيو پاڪستان ريجنل ايڪسيلينس ايوارڊ ۱۹۹۹ع ۽ ۲۰۰۲ع، سچل سرمست لائف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ۲۰۱۳ع ۽ ۲۰۱۴ع، ٻارن لاءِ بهترين ليکڪ طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ ۱۹۸۰ع ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ بهترين پوزيشن تي وقت جي وزير اعلي هٿان مليل گولڊ ميڊل ذڪر لائق آهن.

مختيار ملڪ جي ادبي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي درجا بندي جي اداري “ريڪنگ ڊاٽ ڪام” جي سروي جي مطابق پاڪستان جي ۳۰ مشهور شاعرن جي فهرست ۾ شمار ڪيو ويو آهي. مختيار ملڪ جي ڇپيل ڪتابن کان علاوه اٺ ڪتاب ڇپجڻ جا منتظر آهن جن ۾ قديم ڪلاسيڪي ادب ۾ عظيم صوفي شاعر حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، سامي ۽ ٻين جو ڪلام ڏنل آهي، مشهور شاعرن شيخ اياز، تنوير عباسي جن تي الڳ الڳ ڪتاب، سنڌ جي معروف افسانا نگار، ڪهاڻيڪار نسيم کرل تي اردو ۾ ڪتاب “ نسيم کرل شخصيت اور فن ” قابل ذڪر آهن.مختيار ملڪ جن سنڌي ادبي بورڊ ۽ انڊومينٽ فنڊ فار آرٽيسٽس جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر قابل تعريف آهن، هن وقت پاڻ سچل يادگار ڪاميٽي جا سيڪريٽري آهن.

مختيار ملڪ جن جي پياري شخصيت منهنجي لاءِ اتساه بخشيندڙ رهي آهي، ان جا ڪيترائي پهلو ٿي سگهن ٿا انهن مان هڪ هي به پهلو آهي ته هنن پنهنجي ڀائٽي ڊاڪٽر فرخ ملڪ صاحب، پنهنجي پٽ سنگهار ملڪ صاحب جن جي پرورش تي خاص ڌيان ڏيئي انهن کي سي ايس ايس ڪرائي، انهن نوجوانن به ڪمال جي محنت ڪئي اڄ هو ٻئي نوجوان ايس ايس پي آهن، مختيار سائين انهن نوجوانن کي نوجوانن لاءِ هڪ رول ماڊل بڻايو آهي.

مختيار ملڪ ھڪ محبتي، محنتي، ايمانتدار، سچو ۽ کرو شخص، ھڪ مڃيل ناميارو تخليقڪار، ٻاراڻي ادب جو مانائتو ۽ احترام لائق نالو آهي. پاڻ شاعري، موسيقي جو پارکو اسان جو محسن علمي، ادبي، سماجي پروگرامن جي سونهن، ڪمال جو تخليڪار رهيو آهي. مختيار ملڪ هڪ زبردست براڊڪاسٽر جو اعزاز پڻ رکن ٿا، هو مختلف ريڊيو اسٽيشنس تي رهيو، خيرپور ريڊيو اسٽيشن تي وڏو عرصو رهيا، ڪيترن ئي نوجوانن کي ريڊيو ڪمپيئر، انائونسر طور ته متعارف ڪرايو پر اتي رهڻ دوران مختيار ملڪ پنهنجي براڊڪاسٽگ واري زندگيءَ ۾ هڪ بهترين ميوزڪ پروڊيوسر ۽ ميزبان رهيو آهي. هن سينگار علي سليم، استاد گلزار علي خان، برڪت علي، غلام علي سنديلي، ممتاز لاشاري، عاشق نظاماڻي، صنم ماروي، حميره چنه، رحمت علي ميرالي، مظهر حسين، حنيف لاشاري، صادق فقير، ثمينه ڪنول، غلام شبير سمون سميت اڻ ڳڻين فنڪارن/ فنڪارائن جي آوازن ۾ معياري شاعري ۽ نين ڌنن تي آڌاريل ڪلامن کي رڪارڊ ڪيو آهي.مختيار ملڪ صاحب ريڊيو اسٽيشن ملتان تي اسٽيشن ڊائريڪٽر رهڻ دوران هنن جي ويجهڙائي سرائڪي، پنجابي، اردو ٻوليءَ جي شاعرن ۽ فنڪارن سان ٿي جيڪا پڻ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي، هنن جي آڏو هو باصلاحيت هڪ برجستو سنڌ جو شاعر، اديب ۽ براڊڪاسٽر ثابت ٿيو، هُنن به هِن سنڌ ڄائي کي لکين عزتون ڏنيو، جڏهن اتان سرڪاري جاب تان رٽائرمينٽ پئي ورتائون ته هن سنڌ جي محبتي انسان کي سوين گلن جا هار پائي، ڪتابن جا تحفا ڏيئي، شالن ۽ اجرڪن جي تحفن ۽ سڪ جا ڀاڪر پائي رخصت ڪندي اهو چيائون ته اوهان جو يعني سنڌ جو اهو محبت ڀريو صوفياڻو رشتو ملتان واسين سان برقرار رهندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

مختيار ملڪ

اڄ سندس جنم ڏينهن آھي

شوڪت نوناري

هڪ سچو کرو بي لوث انسان جنهن جي نيت تي شڪ نه ٿو ڪري سگهجي.

جنهن جي تخليقي صلاحيتن آڏو وڏا وڏا ادبي بت هيچ لڳندا آهن جنهن جي مطالعي جي وسعتن ۽ گهرائيءَ سان چڱو ڀلو نه پڄي سگهي.

خالص ٽئلينٽ جو قدر دان جنهن اسان کي اڳتي آندو جنهن مون کي متعارف ڪرايو جنهن مون کي ان وقت ريڊيو ۾ نوڪري ڏني جڏهن يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ پئسو نه هو ان جي برڪتن سان ئي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهيس.

زندگي جي ڪجھ اوچتن حادثن سانحن هن جي لهجي ۾ ڪڙاڻ ضرور اوتي ڇڏي پر اهو زهر هن اندر مان ڪڏهن نه اوڳاڇيو لهجي ۾ ميٺاج يارن جو يار ۽ دشمنن جو دشمن.

مون هن جو ساٿ ڪڏهن نه ڇڏيو هر موڙ تي هن سان گڏ رهيس هميشه هن جو ٻانهن ٻيلي رهيس هن تي ٿيندڙ ھر وار اڳيان هيومن شيلڊ ٿي بيٺس ڪنهن به مرحلي تي هن کي نه ڇڏيم هن جو دشمن منهنجو دشمن اڄ به مختيار سان روح جا پيچ اٽڪيل اڄ به هن سان منهنجي محبت اڄ به هن کي لڳندڙ خنجر اڳيان پهريان منهنجو سينو ڇلني.

مون ڪڏهن مختيار مان هٿ نه ڪڍيا هن منهنجي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو هڪ هڪ ڳالھ منهنجي دل تي اڪريل ان ڪري مختيار ۽ مان قلم ۽ مس وانگر لازم ملزوم.

ماڻھن کي هن سان همدردي پر منهنجو فخر مختيار.

هو پرفيڪشن جو قائل منهنجي ٻوليءَ کي بهتر بڻائڻ وارو منهنجي شخصيت جي ڀڃ گهڙ ڪري تعمير ۽ اڏاوت ڪرڻ وارو اڻ گهڙئي ڪاٺ مان مون کي صورت ڏيڻ وارو مختيار جنهن جي اڄ سالگره المنظر هوٽل ۾ ملهائڻ پٺيان به مک ڪردار منهنجو اڄ ڪيڪ تي به هن جي تصوير ٺھرائي آ.

جنهن کي ڏسي هو خوش ٿيندو مان هن جون چڱايون وساري ئي نه ٿو سگهان احسان اتارڻ چاهيان پر اتاري ئي نه ٿو سگهان.

ڪلھ به مختيار جي مرڪ چلڪڻي پکراج جهڙي سچي اڄ به هن جي ٽھڪن ۾ تازن سڄر گلابن جهڙو سواد.

لو يو پيارا مختيار

 

(شوڪت نوناري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا