; سنڌي شخصيتون: محترمه بينظير ڀٽو شهيد

28 June, 2019

محترمه بينظير ڀٽو شهيد

هڪ بهادر سياستدان
ڊاڪٽر يعقوب مغل
تاريخِ اسلام عظيم عورتن جي ڪارنامن سان ڀري پئي آهي، هتي آءٌ صرف ننڍي کنڊ هندو پاڪ جي عظيم عورتن مان چند عورتن جو مختصر ذڪر ڪندس، جن سياست ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو ۽ اهي امر بنجي ويون. غلام خاندان جي ذهين تاريخي شخصيت رضيه سلطانه (۱۲۳۹_۱۲۳۶ع) پهرين عورت آهي، جيڪا دهلي جي تخت تي ويٺي. تاريخ فرشته ۾ سلطانه رضيه بيگم ۾ هر قسم جي نيڪي موجود هئي ۽ جيڪي ماڻهو مٿس اعتراض ڪندا هئا، هنن وٽ اُن کان علاوه ٻيو ڪوبه سبب نه هو ته رضيه بيگم عورت هئي. رضيه سلطانه کان پوءِ ٻي عظيم خاتون چاند بيبي سلطانه تاريخ ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. مغل دور حڪومت ۾ به عظيم عورت جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. خاص طور جهانگير مغل بادشاهه جي راڻي نورجهان نه صرف حسين و جميل هئي پر ان سان گڏوگڏ وڏي شهسوار، اعلى نشانه باز ۽ بهادر عورت هئي. تدبر ۽ سياست ۾ به سندس ڪو مٽ ڪونه هو.


تحريڪ پاڪستان ۾ به عظيم عورتن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، انهيءَ کي وساري نٿو سگهجي. خاص طور محترمه فاطمه جناح، قائد اعظمؒ  جي وفات کان بعد جنرل ايوب خان خلاف صدارتي اميدوار بنجي جيڪو مقابلو ڪيو، اهو به تاريخ پاڪستان جو هڪ باب آهي. جيڪڏهن محترمه فاطمه جناح کي صدارتي چونڊن ۾ نه هارايو وڃي ها ته پوءِ يقينن اوڀر پاڪستان ۾ عليحدگي جي تحريڪ جنم نه وٺي ها. جڏهن جمهوري رستا بند ڪيا ويندا آهن ته پوءِ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ غير جمهوري رستا اختيار ڪيا ويندا آهن. پاڪستان کي جيترو نقصان ڊڪٽيٽرن پهچايو آهي، اوترو ٻئي ڪنهن ڪونه پهچايو آهي. پاڪستان جي سياستدانن تي ۱۹۵۸ع تائين ڪرپشن ۽ مالي اسڪينڊلز جا الزام نٿا لڳائي سگهجن. ۱۹۵۸ع تائين اسان جا سياستدان اقتدار جا بُکيا ضرور هئا، پر بي ايمان ۽ بدديانت ڪونه هئا. مارشل لا لڳڻ کان پوءِ ڪرپشن ۽ مالي فائدن حاصل ڪرڻ جا دروازا کُلي ويا ۽ هاڻي اهو ڪرپشن جو جن بوتل ۾ وڃڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. ڊڪٽيٽر جمهوري حڪومت کي هلڻ نٿا ڏين، ڇاڪاڻ جو اقتدار جو مزو چکڻ کان پوءِ اقتدار تان هٿ کڻڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو اهو عظيم ڪارنامو آهي جو عوام ۾ شعور پيدا ڪيائين. شهادت جو جام پيئڻ قبول ڪيائين پر آمر جنرل ضياءُ الحق اڳيان جھڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.
آمريڪا جا توسيع پسندانه عزم رهيا آهن. ڀٽو شهيد پاڪستان کي ائٽمي طاقت بنائڻ چاهيو ٿي. آمريڪا جنرل ضياءُ الحق ذريعي ذوالفقار علي ڀٽي جو اقتدار ختم ڪرايو ۽ بعد ۾ آمريڪا جي هُشي تي شهيد ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو پر خون ناحق رائيگان نه ويندو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد پيپلز پارٽي جو ٻچو ٻچو ڀٽي شهيد ذوالفقار جو انتقام وٺڻ لاءِ قربانيون ڏيندو رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي تربيت ڀٽو شهيد ڪئي هئي، بلڪل ائين جيئن التمش غلام خاندان جي هندستان جي بادشاهه رضيه سلطانه جي ڪئي هئي ته جيئن بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان ۾ جمهوريت قائم ٿيڻ بعد نظامِ حڪومت سنڀالي سگهي. ڀٽو شهيد ۱۹۵۸ع ۾ ٻٽيهن ورهين جي ننڍي عمر ۾ جنرل ايوب خان جي مارشل لا حڪومت ۾ واپار واري وزارت جو قلمدان سنڀاليو ۽ پنهنجي سياسي زندگي جو آغاز ڪيو ۽ پاڻ چاهيائين ٿي ته بينظير صاحبه به ننڍي عمر ۾ سياست ۾ عملي حصو وٺي.
آمريڪي حڪومت جي سازش جي ڪري جڏهن آمريڪي سفير سان گڏ جنرل ضياءُ الحق ۽ ٻيا جنرل هوائي جهاز جي حادثي ۾ مري ويا ته جنرل اسلم بيگ مارشل لا لڳائڻ جي بجاءِ ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ غلام اسحاق خان وقتي صدر جي حيثيت ۾ واڳ سنڀالي. ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع ۾ ملڪ ۾ چونڊون ٿيون. پيپلز پارٽي بينظير جي اڳواڻي ۾ حصو ورتو ۽ سندس پارٽي پارليامينٽ ۾ اڪثريت حاصل ڪئي. بينظير ڀٽو صاحبه ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي وزيراعظم پاڪستان جو قسم کنيو ۽ ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم بڻي. وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ وقت سندس عمر ۳۵ سال هئي. ۱۹۸۹ع ۾ کيس جنرل انٽرنيشنل طرفان پائينير فار فريڊم ايوارڊ مليو ۽ پيپلز ميگزين کيس دنيا جي پنجاهه خوبصورت عورتن ۾ شامل ڪيو. ۱۹۹۰ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيو ويو، ان بعد نوازشريف چونڊن ۾ اڪثريت کڻي وزيراعظم ٿيو. ۱۹۹۳ع ۾ نواز شريف کي به برطرف ڪيو ويو ۽ وري چونڊون ٿيون ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان جي وزيراعظم ٿي. دراصل ضياءُ الحق جي باقيات ۽ جمهوريت مخالف نه پيا چاهين ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام هلندو رهي. انهيءَ ڪري هنن سياستدانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي مارشل لا لاءِ راهه پئي هموار ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو صدر فاروق لغاري کي استعمال ڪري پيپلز پارٽي جي حڪومت ٻيهر ۱۹۹۶ع ۾ ختم ڪئي ويئي. ۱۹۹۸ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ۾ محترمه ڀٽو صاحبه جلاوطني اختيار ڪري دبئي ۾ وڃي رهي ۽ آصف علي زرداري جيل ڪاٽيندو رهيو. ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع تي غيرجمهوري طاقتون جمهوري حڪومت ختم ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون ۽ جنرل پرويز مشرف آخرڪار ۲۰۰۸ع ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ۽ جلاوطن سياستدانن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏني ويئي.
محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي ڪراچي پهتي ته سندس تاريخي استقبال ڪيو ويو، پر جمهوريت دشمن طاقتن محترمه کي بم ڌماڪي ذريعي ختم ڪرڻ جو منصوبو بنايو هو، خوش قسمتي سان محترمه بينظير ڀٽو صاحبه قاتلاڻي حملي مان بچي ويئي پر ۱۳۶ بي گناهه شهري جن مان اڪثريت پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي هئي، اهي شهيد ٿي ويا ۽ ۴۵۰ ماڻهو زخمي ٿي پيا. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بعد ۾ بلاول هائوس جي هائيڊ پارڪ ۾ اخباري نمائندن سان گفتگو ڪندي قتل جي سازش جي باري ۾ ٻڌايو ته بم ڌماڪن جو نشانو محترمه بينطير ڀٽو صاحبه پاڻ ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت هئي، انهيءَ منصوبي لاءِ ٽي ڪروڙ روپيا طئي ٿيا هئا.
محترمه بينظير ڀٽو کي پڪ هئي ته لڪل هٿ کيس قتل ڪرڻ چاهين ٿا پر هو ڊڄڻ واري نه هئي. کيس يقين هو ته موت جو ڏينهن مقرر آهي. بزدل روز روز مرندا آهن ۽ بهادر انسان هڪ ڏينهن مرندو آهي. محترمه پنهنجو جيئڻ مرڻ عوام سان وابسته ڪري ڇڏيو هو، کيس زندگيءَ جي مقصد جي خبر هئي. اهو ئي سبب هو جو هو پاڪستاني عوام جي مقبول ترين ليڊر هئي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد صوبي جا طوفاني دورا ڪري ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي اسلام آباد پهتي ۽ پروگرام مطابق لياقت باغ راولپنڊي ۾ هڪ وڏي اجتماع ۾ تقرير ڪندي پارٽي جي منشور تي روشني وڌي ۽ چيائين ته “پاڪستان ۽ ڀارت ۾ جيڪي جنگيون لڳيون، اهي غيرجمهوري حڪومت دوران لڳيون. ذوالفقار علي ڀٽي غريبن ۽ بيوس ماڻهن لاءِ پيپلز پارٽي ٺاهي ۽ اقتدار ۾ اچڻ بعد غريبن ۽ هن ملڪ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪيو. گڏوگڏ هن ملڪ جو دفاع مضبوط ڪري پاڪستان جو ڳاٽ اوچو ڪيو، جنهن ڪري اڄ سڄي دنيا ۾ پاڪستان هڪ ايٽمي پاور ملڪ آهي.” تقرير جاري رکندي محترمه وڌيڪ چيو ته “قائداعظم ۽ قائد عوام جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ جهڙي طرح تعمير ۽ ترقي ٿي. اهڙي طرح عوام، قائد عوام جي ڌيءُ جو ساٿ ڏي ته جيئن پاڪستان جو مستقبل روشن ٿئي ۽ هن ملڪ ۾ تعمير ۽ ترقي ممڪن ٿي سگهي. پيپلز پارٽي پنهنجي منشور ۽ غريب عوام لاءِ پروگرام آندو آهي. وڌيڪ چيائين ته “پيپلز پارٽي جي دور ۾ ڪڏهن به ملڪ خلاف آپگهاتي حملا ۽ تخريبڪاري ڪونه ٿي. ۱۹۶۵ع ۽ ۱۹۷۱ع واريون جنگيون غيرجمهوري دور حڪومت ۾ وڙهيون ويون. هن ملڪ جي عزت خاطر اسين سڀ قربان ٿي سگهون ٿا.
لياقت باغ وارو جلسو بي حد ڪامياب رهيو پر واپسي وقت، سنڌ جي نياڻي، اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جي محبوب ليڊر بينظير ڀٽو آپگهاتي حملي ۽ فائرنگ ۾ شهيد ڪئي ويئي. بينظير ڀٽو جي شهادت ملڪي تاريخ جو تمام وڏو واقعو هو، جنهن پاڪستان ۾ زلزلو پيدا ڪري ڇڏيو. لکين ماڻهو زارو قطار روئيندا رهيا، اُنهن ۾ پيپلز پارٽي جا اڳواڻ، جيالا، ڪارڪن ۽ بينظير ڀٽو سان والهانه عقيدت رکندڙن کان علاوه سول سوسائٽي جا معززين، پروفيسر صاحبان، دانشور، اهل قلم، صحافي، سڀني سياسي پارٽين جا اڳواڻ. غير ملڪي ليڊر به اها خبر ٻڌي پريشاني جو اظهار ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا. مسلسل ٽي ڏينهن شام غريبان وارو ماحول رهيو. عوامي رد عمل ايترو ته شديد هو جو سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري عمارتون، گاڏيون ساڙيون ويون ۽ هوٽلن کي باهيون ڏنيون ويون، پيٽرول پمپ ساڙيا ويا پر حڪومت خاموش تماشائي رهي،
شهيد ڀٽو هڪ بهادر سياستدان هئي ۽ عالمي شهرت يافته دانشور جنهن جي ذهن ۾ پاڪستان جي عوام جي ترقي جو پروگرام هو ۽ هن چاهيو ٿي ته پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري هڪ ترقي يافته ملڪ بنجي پر غير جمهوري ادارا نه پيا چاهين ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه اقتدار ۾ اچي ملڪ جو نظام تبديل ڪري. انهيءَ ڪري هڪ سوچيل سمجهيل حڪمت عملي تحت محترمه کي شهيد ڪيو ويو. ۱۸ فيبروري ۲۰۰۸ع تي ملڪ ۾ اليڪشن ٿي ۽ عوام آمريت جو ساٿ ڏيندڙن کي شڪست ڏني پر بدقسمتي سان پيپلز پارٽي جي اقتدار واري دور ۾ به محترمه بي نظير صاحبه جي قاتلن کي سزا نه ملي سگهي. محترمه جي شهادت کي ۱۱ سال گذري چڪا آهن پر سندس قاتلن کي ڪابه سزا نه ملي سگهي آهي. اسان جي پيپلز پارٽي جي قيادت خاص ڪري آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي گذارش آهي ته هو اهڙو طريقو اختيار ڪن ته جيئن قاتل پڪڙجي سگهن ۽ کين عبرتناڪ سزا ملڻ تي شهيد محترمه جي روح کي تسڪين حاصل ٿئي.

شهيد راڻي
ايشيا جي عظيم ليڊر
استاد لغاري
ڊسمبر وڇوڙن جو مهينو آهي. جڏهن به هي مهينو ايندو آهي، ته اسان غمگين ۽ اداس ٿي ويندا آهيون. ڊسمبر ايندي شرط، ڪو نه ڪو اندوهناڪ ۽ المناڪ اعلان ضرور آڻيندو آهي. ڊسمبر پنهنجي ۲۵ هين تاريخ کان سواءِ، باقي سراسر سُورائتو ۽ سنگين سماچارن سان سٿيو پيو آهي. ايشيا جي عظيم ليڊر، مسلمان ملڪن جي مدبر ۽ ننڍي کان ننڍي عمر واري، دنيا جي پهرين عورت وزيرِ اعظم جو اعزاز رکندڙ، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت جو مهينو به ڊسمبر ئي آهي. هن کان اڳ ۾، اسان اپريل مهيني کي ڦاسين ۽ ڦٽڪن جو مهينو مڃيندا هئاسين. اپريل مهيني به اسان کان، اسان جا عظيم ليڊر، رهبر ۽ رهنما کسيا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هجي، توڙي سائين جي ايم سيد، پر اپريل به اسان سان ڪو چڱو وهنوار ڪو نه ڪيو آهي.
شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو: “هُن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ کيس چيائون، تون ڏوهي آهين، تو پيار جو نانءُ ورتو آهي. هُن پنهنجي جسم تي پيل زنجيرن کي زور سان سٽ ڏني ۽ رڙ ڪري چيو، مان ڏوهي نه آهيان! مان ڏوهي نه آهيان! مان هن دور جو پيغمبر آهيان. هُو ڏند ٽيڙي کلڻ لڳا ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون. ان ڳالھ کي ڪيئي سال گذري ويا. اڄ هُو ساڳي جاءِ تي، ٻئي ڪنهن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ هُن کي چيائون، تون ڏوهي آهين، تون پيار جو نانءُ به نه ٿو وٺين، تون اسان جي پيغمبر کي به نه ٿو مڃين. ايئن چئي غصي ۾ ڏند ڪرٽيائون ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون”. وري ٻئي هنڌ لکي ٿو: “ آڌيءَ رات جو سمو آهي، هُو ڦاسيءَ جي رسي ۾ لڙڪِي رهيو آهي. لُرِيءَ ۾ هُن جا پير اُگھاڙا آهن، پير جي تخت تان لهي، تختي تائين پهتا آهن ۽ هاڻي هيٺ مُڙي ويا آهن، جيڪي ڪنهن سوڙهي گھٽيءَ جو رستو ڏيکارين ٿا. مان انهن ٿڌن پيرن تي، پنهنجا ڪوسا هٿ رکي سوچيان ٿو، ته جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا هُو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هُو جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا هُو اهو مڃيندو ته رڍون ۽ بگھڙ گڏ نه پالبا آهن!”.
ڏٺو ويو آهي، ته انساني تاريخ ۾، سُقراط کان وٺي عيسيٰ تائين ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻيءَ تائين، هڪ منصوبي تحت انياءُ ۽ اتياچاريءَ جو سلسلو جاري و ساري آهي. اُها گولي، جيڪا گانڌي، لياقت علي خان ۽ شيخ مجيب الرحمٰن کان ٿيندي، شهيد راڻيءَ تائين پهتي آهي، خبر ناهي ته اڃان الاءِ ڪيتريون حياتيون ڳڙڪائيندي؟ ۽ اڃان الاءِ ڪيترا نسل ناس ڪندي؟ اها ڦاسي، جيڪا هيمون ڪالاڻي کان هلندي، شهيد سورهيه بادشاھ کان ٿيندي، ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهتي آهي، اڃان الاءِ ڪيترا جڳن جا جڳ تباھ ڪندي؟ حُسين کي ڪُوفين، منصور کي عباسين، مخدوم بلاول کي ارغونن، سرمد کي مغلن، دارا کي ڀائرن، شاھ عنايت کي ڪلهوڙن، سُورهيه بادشاھ کي انگريزن، ڀٽي کي ڪورٽن ۽ محترمه کي ملعونن انهيءَ ڪري مارايو، ته جيئن هُو پنهنجي ڪرسيءَ کي قائم رکي سگھن ۽ ان کي اڃان اڳتي دوام ۽ دريگھ ڏيئي سگھن. باقي شهيدن ته انهن جو ٻيو ڪجھ به ڪو نه بگاڙيو هو. پر ان جو انتهائي افسوس ناڪ عمل ۽ خطرناڪ پهلو اهو به آهي، ته پنهنجن ڪُڌن ڪرتوتن کي، قانوني شڪل ڏيڻ جي خاطر، مسلڪ جو معاملو وچ ۾ آندو وڃي ٿو، يا ڪنهن عدالت جي آڙ وٺي، ڪنهن جو گردن لاٿو وڃي ٿو. انسان ڪهڙو نه ظالم ۽ جاهل آهي، جيڪو پنهنجي ڪرسي، حڪومت ۽ طاقت کي قائم رکڻ جي لاءِ، ڪنهن ڪنهن جو ساھ نه ٿو وٺي!
اي تاريخ جا تاريڪ ترين دور! اسين ايستائين ته مڃڻ جي لاءِ تيار آهيون، ته اسان کان اسان جا رهبر ۽ رهنما کسيا ويا آهن، انهن کي گولين، گھاڻن ۽ ڦاسين وسيلي ابدي ننڊ سمهاريو ويو آهي، باقي قتل ڪرڻ جا جيڪي جواز اوهين پيش ڪندا آهيو، ته اهي اسان قطعي ۽ ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهيون. اهي غير منطقي، غير فطري ۽ غير انساني جواز ۽ عمل آهن. اسان هڪ ارب سالن تائين به اهو تسليم نه ڪنداسين، ته اوهان سچ جِي ساهميءَ کي سامهون رکي، اسان سان ڪو انصاف ڪيو آهي. شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو: “سچ به مايا آهي، وشنو نارد مُنيءَ کي چيو. انهيءَ سچ جي لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهيءَ سچ، اتهاس جي پهراڻ تي رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهوءَ وهايو آهي، ڪالهوڪو سچ اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ سُڀاڻي جو سچ نه آهي”. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان، ته اسان جي ايشيا کنڊ ۾، بگھڙن جو تعداد گھٽجي رهيو آهي ۽ انهن جي جاءِ، ڪي اهڙا وجود والاري رهيا آهن، جيڪي بگھڙن کان به بُرا ۽ بدترين آهن. انساني تاريخ ۾، اسان ڪڏهن به ۽ ڪنهن به نياڻيءَ تي هٿ نه کنيو آهي، بلڪه اوڏانهن آڱر به اُڀي نه ڪئي آهي. ليڪن اڄ اسان پنهنجي تهذيب جو تماشو پاڻ بنائي رهيا آهيون. اسان سڌري نه رهيا آهيون، بلڪه ويتر وڌيڪ بگڙي رهيا آهيون. اسان کي دنيا جي سمورن مذهبن محبت سيکاري آهي، پيار، پاڻ ارپڻ ۽ امن جي جذبي جو درس ڏنو آهي. پر اسان آهيون، جيڪي وحشت ۽ بربريت جي وهنوار کي اڃان وڌائي رهيا آهيون. اي اقتدار جا بکيا ۽ انڌا انسانو! دنيا ۾ جيڪي ذهين ترين انسان، ساڳئي وقت ذليل ترين انسان به ٿيا آهن، انهن مان ڪجھ انڌا اوهين به آهيو. اڄ تائين ايشيا جو عوام، اوهان جي ذلالت جو ڪيتو لوڙي رهيو آهي.
اي اپريل ۽ ڊسمبر جا المناڪ ۽ اندوهناڪ مهينا! اوهان ۾ آيل آمرانه ۽ ظالمانه زلزلن کي ڏسي، اسان اکيون ڇنڀڻ ڇڏي ڏنيون آهن. اسان ڪانگن، نانگن، ڳوهن، ڳجھن، واڳُن، واگھن، بگھڙن ۽ برڙ باڪاسن کي به پنهنجو دوست ۽ ڀاءُ سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڇو جو اُهي، اوهان کان وڌيڪ وحشي ۽ نقصان ڪار هاڻي ناهن رهيا. هاڻي اوهان انهن جي جاءِ والاري ويا آهيو، بلڪه انهن کان گھڻو، اڃان اڳتي نڪري ويا آهيو. مون پنهنجن ناحق شهيد ليڊرن تي لکڻ ڇڏي ڏنو هو، ڇو جو ان معاملي ۾، آئون تمام گھڻو جذباتي ٿي ويندو آهيان. منهنجا لفظ منهنجو ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن. پر جڏهن قلم جي نوڪ مان نڪرندا به آهن، ته اهي منهنجو هانءُ ۽ ڪليجو ڪوري ڪڍندا آهن. منهنجا لفظ ڪربلا ۽ ڪيڏارا ٿي پوندا آهن. صدام حسين کي ڦاسي، ڪرنل قذافي کي ڦاسي، ڊاڪٽر نجيب الله کي ڦاسي، ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي، لياقت علي خان کي گولي، گانڌي کي گولي، شيخ مجيب الرحمٰن کي گولي، محترمه شهيد راڻيءَ کي گولي. ڇا ايشيا جي عظيم ليڊرن جي مقدر ۾ صرف گوليون ۽ ڦاسيون ئي لکيل آهن؟ ڪاش! مان اوهان کي ڏيکاري سگھان، ته اسان جو اندر اڌواڌ ٿيل ڪيئن آهي؟ لهولهان ٿيل ڪيئن آهي؟ ۽ رت ورتو ٿيل ڪيئن آهي؟ اي ايشيا جي عظيم ليڊر! محترمه بينظير ڀٽو صاحبه! توکي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، تون جو زنده جاويد ٿي چڪي آهين، تنهنجو قاتل ملعون تباھ و برباد ۽ مٽيءَ جي چپٽيءَ ٿي چڪو آهي. اي شهيد راڻي! مون کي جو ڪجھ لکڻ کپندو هيو، سو آئون اڃان لکي نه سگھيو آهيان. آئون پنهنجي ڪوتاهيءَ قبول ڪريان ٿو. انياءُ جي معاملي ۾، آئون گھڻو ڪجھ لکي نه سگھندو آهيان. ڊسمبر جي رات ڊگھي ٿيندي ٿي وڃي، سمونڊر کي ننڊ اچي رهي آهي. منهنجي عشق ۽ محبت جي ڪشتيءَ ٽُٽِي پيئي آهي. ٺهيو! تنهنجو منهنجو حساب چُڪتو. هاڻي اجائي آهي فهرست ٺاهڻ، هڪٻئي کي ڏنل ڏکن جي، سُورن جي ۽ دردن جي”.
هلال پاڪستان جي ٿورن سان. - خميس ۲۷ ڊسمبر ۲۰۱۸ ع.....

شھيد راڻيءَ جي ياد ۾....!
احسان ابڙو
۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن ھڪ ڀيرو ٻيھر آيو آھي ۽ ماحول تي ھڪ ڀيرو ٻيھر اھي ساڳيا درد، تڪليفون، غم ۽ اوندھ جا پاڇا لامارا ڏئي رھيا آھن، جن شھيد راڻي جي شھادت واري شام ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي پنھنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو ھو. اھا ڪھاڻي ۱۹۷۱ ۾ پاڪستان جي ٻن حصن ۾ ورھائڻ وقت شروع ٿي، ۱۹۷۹ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي شھادت ان ڪھاڻي کي وڌيڪ تقويت ڏني ۽ پوءِ ۲۷ ڊسمبر جي منحوس شام راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ اھا ڪھاڻي پنھنجي دردناڪ انجام تي پھتي. اڄ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جي يارهين ورسي جي ڏھاڙي تي دل کي مضبوط ڪرڻو ٿو پوي ته جيڪر اڄ محترمه شهيد، ملڪ جي قيادت ڪرڻ لاءِ موجود ھجي ھا ته شايد پاڪستان کي ھڪ سڌي واضح منزل، تعمير ۽ ترقي جو رستو مليل ھجي ھا ۽ قوم ان کان آگاھ ھجي ھا. اسين مسئلن، مشڪلاتن، قرضن ۽ عالمي اڪيلائپ جو شڪار نه ھجون ھا، شايد اھڙا ئي وقت ھوندا آھن، جڏھن ضرورت ھوندي آھي ھڪ دانا، جرئتمند، دلير ۽ بي باڪ ليڊر جي، جنھن تي قوم کي ڀروسو ۽ انڌو يقين ھجي، ملڪ جي سمورن ادارن کي سندس اهليت، ذھانت، ڏيھي توڙي پرڏيھي معاملن تي سندس مڪمل اختيار، شناسائي ۽ سندس خداداد صلاحيتن تي ڪامل يقين ھجي. اھو ليڊر ھڪ منتشر، مذھبي، لساني ۽ فرقيواراڻي بنيادن تي ورھايل قوم کي اتحاد ۽ ايڪي، ترقي ۽ خوشحالي جي منزلن تائين رسائي سگھي. اھڙيون تمام خوبيون ۽ ڳڻ شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي الله پاڪ جي طرفان ورثي ۾ مليل ھئا. پنھنجي پياري ابي جي شھادت کان پوءِ انتھائي مشڪل ۽ خطرناڪ حالتن سان وڏي دليري ۽ جرئت، عزم ۽ استقلال سان مھاڏو اٽڪائي شھيد راڻي فولاد بنجي چڪي ھئي. سندس جنھن پُرخطر ۽ ھنگاماخيز زندگيءَ جو اختتام ۲۷ ڊسمبر جي شام راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ ٿيو، ان جي منظر ڪشي شھيد راڻي پنھنجي ڪتاب “پورب ڄائي” ۾ ڪري چڪي ھئي، ھن آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي ڌيءَ ڪيٿلين ڪينيڊي جو ذڪر ايئن ڪيو آھي ته “آئون ننڍي جيلر جي سامھون بي بس بيٺل ھيس ۽ منھنجي ھٿن ۾ منھنجي جيءُ جان کان پياري بابا جي بچيل سامان جي پوتڙي ھئي، جنھن ۾ سندس ھڪ قميص به ھئي، جنھن مان ان وقت به خوشبو اچي رھي ھئي ۽ مون بابا کي محسوس ڪندي سندس قميص کي پنھنجي ڀاڪر ۾ وجهي ڇڏيو، ان وقت مون کي ڪيٿلين ڪينيڊي ياد اچي وئي، جنھن پنھنجي پيءُ جي قتل کان پوءِ سندس ڪپڙا پائي ڇڏيا ھئا.”
شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۱۸ آڪٽوبر تي وطن واپسيءَ جي موقعي تي اھو پڪو پھ ڪري چڪي ھئي ته جيڪڏھن سندس ڪلھن تي ملڪ جي جمھوري نظام کي ھلائڻ جي ذميواري آئي ته ھُو ملڪ کي ھڪ روشن خيال، ترقي يافته اسلامي ملڪ بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي. پاڪستان کي ھڪ اھڙي رياست جو روپ ڏيندي جتي مثبت سياسي، مذھبي سرگرمين  جي کلي آزادي ھوندي، جتي اقليتن کي اھي تمام حق ھوندا، جيڪي کين ملڪ جو آئين عطا ڪري ٿو. ان ڪري ئي ھن پنھنجي منشور کي ھڪ انقلابي نعرو ڏنو:
علم، روشني سڀني کي ڪم، گھري رھيو آھي ھر انسان، اٽو، لٽو ۽ اجھو، پر قسمت کي شايد اھو منظور نه ھو جو سندس ھن خوبصورت خواب کي ساڀيان ملي سگھي، ڪروڙين پاڪستانين جي دلين تي راڄ ڪرڻ واري شھزادي پنھنجي ڪروڙين چاهيندڙن کي لڙڪن ۽ سڏڪن ۾ ڇڏي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري وئي. شھيد راڻيءَ پنھنجي والد جي شھادت کانپوءِ سندس پلاند کي پنھنجي زندگيءَ جو مقصد نه ٺاھيو، بلڪ ھن سندس ڇڏيل اڌوري خواب جي ساڀيان لاءِ سندس عظيم پاڪستان جي مشن جي تڪميل لاءِ پنھنجي زندگي ارپي ڇڏي. شھيد راڻيءَ پنھنجي جاني بابا جي وڇوڙي جي غم کي ھڪ اھڙي عزم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنھن سندس زندگيءَ تي گھرا اثر ڇڏيا، بينظير ڀٽو شھيد سمجھندي ھئي ته جيڪڏھن کيس پنھنجي بيگناهه والد جي ناحق خون جو پلاند ڪرڻو آھي ته سندس ائٽمي ۽ خوشحال پاڪستان جي خواب کي پورو ڪرڻو پوندو، پوءِ دنيا ڏٺو ته پنھنجي بابا جي نرم ۽ نازڪ پنڪي ڪھڙيءَ ريت ھڪ فولادي بينظير بنجي سندس ڇڏيل مشن جي ڪاميابيءَ لاءِ پنھنجي باقي حياتي ارپي ڇڏي. شھيد راڻيءَ جھڙي عظيم مفڪر پنھنجي عوام جي خوشحالي ملڪ جي امن، تعمير ۽ ترقي لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪرڻ واري ھڪ دردمند، دلير ۽ عالمي مدبر اڳواڻ جو اھڙي بي درديءَ ۽ سفاڪي سان قتل پوري انسانيت جي منھن تي چماٽ آھي. شھيد راڻيءَ جي قتل تي سموري دنيا مان شديد ردعمل آيو، دنيا ان قتل کي انسانيت، روشن خيالي، پاڪستان جي يڪجهتي ۽ سالميت جو قتل قرار ڏنو. شھيد راڻيءَ جي قتل تي پوري ملڪ ۾ جھڙو شديد ترين پر تشدد ردعمل ظاھر ڪيو ويو، ان جو مثال دنيا جي سياسي تاريخ ۾ ان کان اڳ نٿو ملي، سندس شھادت جي عظيم سانحي کانپوءِ ھڪ انٽرويو ۾ جنرل پرويز مشرف چيو ته محترمه جي شھادت تي پاڪستان کي ھڪ سؤ ارب روپين جو نقصان ٿيو، جنھن جي جواب ۾ ملڪ جي ھڪ انگريزي اخبار جي ھڪ وڏي ڪالم نويس لکيو ته پرويز مشرف کي شرم نٿو اچي جو اھڙي ڪِريل ڳالھ ٿو ڪري، جيڪڏھن ھڪ ھزار ارب روپيا وڌيڪ نقصان ڪري بينظير واپس اچي سگھي ته اھو به سستو سودو آھي. مطلب ته شھيد راڻي ھاڻ صرف پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن نه رھي ھئي بلڪه ھوءَ ھڪ عالمي مدبر ۽ امن جي سفير بنجي چڪي ھئي. ھو دنيا جي وڏين وڏين درسگاھن ۾ عالمي امن، دھشتگردي، معاشي ۽ سماجي موضوعن تي ليڪچر ڏئي دنيا کي پاڪستان جي مسئلن، دھشتگردي خلاف پاڪستاني قوم جي قربانين کان آگاھ ڪندي ھئي. شھيد بي بي دنيا کي پاڪستاني عوام جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن بابت ٻڌائي دنيا کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ھئي ته پاڪستان دھشتگرد ملڪ نه پر دھشتگردي جو شڪار ملڪ آھي ۽ پاڪستاني عوام کي دنيا جي مدد ۽ حوصلا افزائي جي ضرورت آھي. ھوءَ دنيا کي مذھبي، فرقيواراڻي، زبان رنگ ۽ نسل جي بنياد تي خظرن کان اڳواٽ آگاھي ڏيندي ان خطري جي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل رھندي ھئي. شھيد راڻيءَ پنھنجي آخري ڪتاب “مفاھمت، اسلام جمھوريت ۽ مغرب” ۾ جيڪو ھن وطن واپسيءَ کان پوءِ مڪمل ڪيو، پنھنجي ذات خلاف ٿيندڙ چؤواٽين محلاتي سازشن ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ پارلياماني چونڊن جي انتھائي مصروفيتن باوجود پنھنجي ملڪ ۽ دنيا جي امن لاءِ خطرو بنجدڙ قوتن خلاف دنيا کي متحد ڪرڻ وارين ذميوارين کان ڪڏھن به لاپرواهي جو مظاھرو نه ڪيو. کيس جمھوريت ۽ آمريت، انتھا پسندي ۽ اعتدال پسندي جي وچ ۾ ھلندڙ خوني جنگ کي منطقي انجام تي پھچائڻ لاءِ ھڪ فيصلائتي معرڪي جي تياري ڪرڻي ھئي. کيس يقين ھو ته سندس محبوب دين اسلام جي پيغام کي مذھبي انتھاپسند ۽ جنوني وحشي سياسي رنگ ڏيئي ان جو استحصال ڪري رھيا آھن، ان ڪري آمريت جي ڪک ۾ پلجندڙ انتھاپسندي ھڪ لاوي جي صورت اختيار ڪندي نه صرف سندس پياري وطن پاڪستان بلڪه پوري عالم جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ خطرو بنجي چڪي آھي.
شھيد راڻيءَ جي دوست مارڪ اي سيگل سندس شھادت تي لکيو ته “بينظير منھنجي سڄاڻ حلقن ۾ شامل ٿيڻ واري ھڪ بھادر ترين عورت ۽ بھترين شفيق دوست ھئي، جنھن جي خالي ٿيل جاءِ کي پُر ڪرڻ ممڪن نه آھي، سندس شھادت جتي دنيا جي سياسي تاريخ جو ھڪ عظيم الميو آھي، اتي ئي منھنجي لاءِ اھو احساس تسڪين جو باعث آھي ته سندس آخري ياد سندس قتل واري ھنڌ جي رتوڇاڻ سان نه بلڪه سندس ڪتاب جي عظيم ورثي سان تعلق رکي ٿي، جيڪا ھڪ عظيم عورت، ھڪ عظيم اڳواڻ جي قوت، ھاڪاري خيالن ۽ سندس سياسي بصيرت جي اھڃاڻ آھي”
محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي والد جي گرفتاري کان پوءِ صرف ۲۴ ورھين جي عمر ۾ پير پاتو، ان وقت ھو آڪسفورڊ مان پنھنجي تعليم مڪمل ڪري مس وطن واپس پھتي ھئي ته کيس سياسي رمزن بابت ڪابه ڄاڻ نه ھئي نه کيس پارٽيءَ جي ليڊرن ۽ ڪارڪنن سان ڪا شناسائي هئي پر شھيد ڀٽي جيل مان پنھنجي جان ۽ باصلاحيت ڌي کي خط لکي پنھنجي عوامي ورثي جون واڳون سندس حوالي ڪيون ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ڪيئن ھڪ عظيم ليڊر بنجي مشڪل ترين حالتن ۾ ھن پيپلزپارٽي کي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي جو روپ ڏنو، ڪيئن ھن ھڪ وڏي ڀيڻ ۽ ماءُ بڻجي پنھنجي ڪارڪنن جي سياسي پرورش ڪئي. اڄ جڏھن سندس شھادت جي عظيم سانحي کي يارنھن سال مڪمل ٿي رھيا آھن ته کيس ياد ڪندي منھنجيون اکيون آليون آھن ٻه لڙڪ اکين جا بند ٽوڙي وھي رھيا آھن، اھا سياست، اھي مخالفتون، حمايتون، محبتون ۽ نفرتون اھو سڀ ڪجھ جيڪو شھيد راڻي جي معرڪن سان ڀريل ھنگاما خيز زندگيءَ جو خلاصو رھيو آھي، سڀ ماضيءَ جو حصو بنجي ماضيءَ جي اونداھين ۾ گم ٿي چڪا آھن. شھيد راڻيءَ ۵۴ سالن جي عمر ۾ شھادت ماڻي، جولائي ۱۹۷۷ کان وٺي شروع ٿيندڙ تڪليفن ۽ مشڪلاتن جي ٽيھن مشڪل سالن جي پڄاڻي ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي سندس المناڪ شھادت تي ٿي. محترمه شھيد پنھنجي سموري حياتي جي سياسي جدوجھد دوران صرف ۽ صرف پاڪستان جي تعمير ترقي، امن ۽ خوشحالي کي پنھنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو. ھن پاڪستان کي ميزائيل ٽيڪنالاجي ڏني، ملڪ جي آزاد ۽ حقيقت پسنديءَ تي ٻڌل اھڙي پرڏيهي پاليسي لاءِ ڪوشش ڪئي، جيڪا سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي جي اثر کان آزاد ھجي، کيس سڄي زندگي پاڪستاني عدالتن مان سواءِ ناانصافي جي ڪجھ نه مليو، ان جي باوجود ھن ڪڏھن به عدالتن جي احترام ۽ تقدس خلاف نه ڳالھايو، ايتري قدر جو سندس شھادت کانپوءِ به ساڻس انصاف نه ڪيو ويو ۽ سندس وحشي قاتل ڪجھ ملڪ ۾ ته ملڪ کان فرار آزاديءَ سان گھمندي نظر ٿا اچن. ھن پنھنجي بدترين سياسي مخالف ميان نوازشريف سان مفاهمت ڪري ميثاق جمھوريت ڪيو ته جيئن پاڪستان کي مخالفت برائي مخالفت جي سياست مان ڇوٽڪارو ڏياري ھڪ صحيح ۽ تيز ترقي ڪندڙ واٽ تي گامزن ڪري سگھجي. بينظير ڀٽو شھيد ان ڳالھ جي قائل ھئي ته ملڪ کي آمرن پاران تباھ ڪيل، پنھنجي مقصدن ڪاڻ ڪاري ڪيل آئين جي نه پر ۱۹۷۳ واري آئين جي اصلي شڪل ۾ بحاليءَ جي ضرورت آھي، ان ڪري ئي ھوءَ ميان نوازشريف سان ملي آئين کي وڌيڪ جديد تقاضائن مطابق تبديل ڪري سندس اصل شڪل ۾ بحاليءَ جي خواهشمند ھئي. ھوءَ مسلسل خراب ٿيندڙ سول ۽ ملٽري تعلقاتن کي به بھتر کان بھتر ڪرڻ جي خواهشمند ھئي ته جيئن سول ۽ ملٽري قيادت گڏجي ھڪ پيج تان ملڪ جي تعمير ۽ ترقي، امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪوششون وٺي سگھن، ھوءَ پنھنجي عوام سان ورثي ۾ مليل لازوال عشق ۽ عقيدت کي وڌيڪ گھرو ۽ اثرائتو ڪرڻ لاءِ عوام کي دنيا جي جديد ترين سياسي، معاشي ۽ سماجي لاڳاپن سان ھم آھنگ ڪرڻ جي خواهشمند ھئي پر ڪنھن کي خبر ھئي ته اھي سڀ خواهشون بس خواهشون ئي رھجي وينديون ۽ عوام جي دلين جي ڌڙڪن، محبتن ۽ عشقن جو محور بينظير پنھنجي ڪروڙين چاھيندڙن ۽ عقيدتمندن کي روئندي، سڏڪندي، دنيا کي حيران ۽ ششدر ڪندي، پنھنجن پراون کي روئاري اوچتو دنيا ڇڏي ويندي.
اڄ جڏھن محترمه جي شھادت کي يارنھن سال ٿيا آهن ته پاڪستان ان ٻه واٽي تي اچي بيٺو آھي جتي کيس شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جھڙي عالمي مدبر، دانا، ڏيھي پرڏيھي معاملن تي مڪمل عبور رکڻ واري ھڪ اھڙي اڳواڻ جي ضرورت آھي جيڪا پاڪستان کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍي پار ڪرڻ جي صلاحيت رکندي ھجي. شھيد راڻيءَ جي شھادت تي ھڪ ھندستاني اخبار لکيو ته “اڄ پاڪستان پنھنجي شناختي ڪارڊ کان محروم ٿي ويو آھي” واقعي پاڪستان جي پوري عالم ۾ سڃاڻپ شھيد راڻيءَ جو عظيم والد ذوالفقار علي ڀٽو ھو يا ان کانپوءِ ھوءَ پاڻ پاڪستان جو شناختي نشان ۽ اھڃاڻ ھئي. آخر ۾ آئون بينظير ڀٽو شھيد جو ھڪ پتڪڙو مداح ۽ عقيدتمند کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيندي فقط ايترو چوندس ته:
“بينظير واقعي بينظير ھئي، جنھن جو مثال ۽ نظير ملڻ گهٽ ۾ گھٽ ھن وقت ڌرتيءَ تي ممڪن نه آھي، الله رب العالمين شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ مون جھڙن پوئينرن کي سندس وڇوڙي جو عظيم سانحو برداشت ڪرڻ جي ھمت عطا ڏي.”

بينظير سان جڙيل يادون!
مظهر عباس
“ڇو مظهر! منهنجو آخري جلسو ڪوَر ڪرڻ کان بغير ڪراچي وڃي رهيو آهين؟” بينظير ڀٽو شهيد جا اهي لفظ مونکي اڄ تائين ياد آهن. جڏهن مان ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي لياقت باغ راولپنڊيءَ جي جلسي کان هڪ هفتو پهرين زرداري هائوس، اسلام آباد ۾ سندس انٽرويو وٺي واپس وڃي رهيو هوس. جڏهن شهادت جي خبر آئي ته مان ڪراچي ۾ هئس. هن جي سياست ۽ منهنجي صحافت جي شروعات تقريبن گڏ گڏ ٿي هئي ۽ هن سان جڙيل ڪيتريون يادون آهن. ڪجهه آن ريڪارڊ، ڪجهه آف ريڪارڊ ڳالهيون آهن. خير شهيد ته ان کي ٿيڻو ئي هو. ان ۾ لڪل ڪيترائي ڪارڻ آهن، جنهن ۾ عورت جي حڪمرانيءَ کان وٺي روشن خياليءَ تائين ۽ وري نالي سان گڏ ڀٽو لڳل هجڻ، اهو اسان جي سياسي تاريخ ۾ گهٽ ٿيو آهي ته پيءُ ۽ ڌيءَ پنهنجي مقبوليت جي عروج تي مارجي ويا هجن.
ڳالهه شروع ڪئي هئي ان آخري ملاقات جي. مون چيو ته “اليڪشن مهم ختم ٿي رهي آهي ۽ منهنجو ڪراچي وڃڻ ضروري آهي، اوهان سان ملاقات اليڪشن کان بعد ۾ ٿيندي.” پوءِ مون سوال ڪيو ته “ڇا اهو سچ آهي ته “اوهان کي لياقت باغ وڃڻ کان منع ڪيو پيو وڃي؟ حملي جو خطرو آهي.” جواب آيو “ها اهو سچ آهي ته هي سڀ ماڻهو منع ڪري رهيا آهن پر اهو به سچ آهي ته مان جلسي ۾ وينديس. نه ويس ته دهشتگرديءَ جي فتح هوندي ۽ مان انهن کي ڪامياب ٿيندي نه ٿي ڏسي سگهان.”
بينظير سياست جي شروعات پنهنجي والد سان گڏ قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ لٺيون کائي ڪئي ۽ جيترو عرصو سياست ۾ رهي، ڊرائنگ روم کان وڌيڪ عوامي سياست ڪئي. هڪ دفعو آگسٽ ۱۹۸۶ع ۾ لياريءَ مان جلوس ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ته پوليس ۷۰ ڪلفٽن کي چئني طرفن کان گهيري ڇڏيو. لياريءَ ۾ ڀڃڊاهه شروع ٿي وئي. پي پي پي جي ڪارڪنن کي يقين نه هو ته بينظير پهچي سگهندي پر اوچتو پوليس کي چڪمو ڏئي هڪ مقامي اڳواڻ جي گاڏيءَ ۾ لڪي ڪري لياريءَ جي سوڙهين گهٽين مان ظاهر ٿي ۽ سو به ان وقت جڏهن شديد ڳوڙها آڻيندڙ گيس سان پورو علائقو متاثر هو. مونکي اڄ به ياد آهي ته جنرل ضياءَ جو اهو دور جڏهن ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهيءَ وقت ٻئي ماءُ ڌيءَ نظربند هيون. اڃان سپريم ڪورٽ ۾ اپيل سماعت هيٺ هئي، هڪ ڏينهن اوچتو سرڪاري ٽي وي تي اها خبر آئي ته بينظير خلاف غير ملڪي سفارتخانن کي موڪليل خطن جي جاچ شروع ٿي وئي آهي. بينظير خلاف سازشن جو سلسلو پراڻو هو، شايد ان وقت جڏهن ڀٽو کي ڦاهي لڳي ته اندازو نه هو ته پ پ پ ايتري مقبول جماعت بڻجي ويندي. جڏهن هوءَ اپريل ۸۶ع ۾ واپس آئي ته تمام وڏو استقبال ٿيو، جنهن ۾ اهو خدشو ٿيڻ لڳو ته چونڊون کٽڻ کانپوءِ انهن کان انتقام وٺي سگهي ٿي، جن کي اُها ڀٽو جي ڦاهيءَ جو ذميوار سمجهي ٿي. پر منهنجي جڏهن هن سان پهرين ملاقات ٿي، مون هن ۾ هڪ محب وطن ۽ سچو پاڪستاني ڏٺو. مون کيس چيو ته اڄ اوهان جي باري ۾ منهنجا خدشا ختم ٿي ويا. پر ان جي باوجود هن جو رستو روڪيو ويو. چونڊن کان پهرين ۱۹۸۸ع ۾ شوشو ڇڏيو ويو ته اسلامي ملڪ جي حڪمراني عورت ڪيئن ڪري سگهي ٿي، ۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ محترمه فاطمه جناح خلاف به ايئن ئي چيو ويو. اليڪش اها پوءِ به کٽي وئي، اقتدار جي منتقلي ۾ رڪاوٽ وڌي وئي ۽ سازشون اقتدار ڏيڻ کان بعد ۾ جاري رهيون ۽ ۱۸ مهينن بعد آگسٽ ۹۰ع ۾ سندس حڪومت ختم ڪئي وئي. پهريون دفعو پئسو سياستدانن ۽ انهن ماڻهن ۾ ورهايو ويو، جيڪي حڪومت ٺاهيندا ۽ ڪيرائيندا رهيا. بينظير سان سلهاڙيل يادن ۾ هڪ ياد اُن تاريخي شاديءَ جي به آهي، جيڪا هن جلاوطني ختم ڪري واپس اچڻ کان صرف هڪ سال بعد ۾ ۱۹۸۷ع ۾ ڪئي. ڇو ته عوامي ليڊر هئي، هڪ دعوت پنهنجن دوستن، عزيزن ۽ مائٽن جي ٿي پر وليمي جي عوامي تقريب پيپلز اسٽيڊيم لياري ۾ ٿي. مون هڪ دفعو پڇيو ته شاديءَ جي اهڙي ڪهڙي جلدي هئي ته هن مسڪرائي جواب ڏنو، “مان اوڀر جي روايتن جي وڏي قائل آهيان. شادي هڪ خوبصورت ٻنڌڻ آهي، پوءِ والده ۽ خاندان وارا به اهو چاهين ٿا ته شادي ٿي وڃي ته سياست جاري رکان. هونئن به اوهان کي خبر آهي ته معاشري ۾ عورت کي گهر کان ٻاهر وڃڻ، تعليم حاصل ڪرڻ ۽ نوڪريءَ تائين مختلف نگاهن سان ڏٺو ويندو آهي، اُتي غير شادي شده جي سياست ڪرڻ ڪيترو مشڪل آهي.” ان گفتگو ۾ هوءَ مونکي مختلف نظر اچي رهي هئي. ڪيترائي ڀيرا هُن پنهنجي سياسي غلطين جو اعتراف به ڪيو، جنهن ۾ حڪومتي ڪم ڪار هلائڻ ۾ ناتجربيڪاري ۽ سٺا صلاحڪار نه ملڻ، ان جا سبب بيان ڪيا. بينظير خلاف سندس قتل جي سازش هُن جي ٻئين حڪومتي دور ۾ پڪڙي وئي، جڏهن بلاول هائوس جي ويجهو هڪ نالي ۾ نصب ٿيل بم هٿ ڪيو ويو. بعد ۾ هڪ شخص گرفتار به ٿيو پر اهو ڪيس اڳي نه وڌي سگهيو. پر ۲۰۰۷ع هُن جي واپسي جي اعلان سان گڏ اهڙي قسم جون خبرون اچڻ شروع ٿي ويون. ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع، ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع جي ياد تازي ڪري ڇڏي پر وري اهوئي ٿيو، جنهن جو خدشو هو. هڪ خودڪش حملي ۾ پي پي پي جا ۱۵۰ جيالا شهيد ٿيا. سؤ کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڪو ٻيو هجي ها ته گهر کان ٻاهر نه نڪري ها، پر هوءَ ٻئي ڏينهن صبح جو جناح اسپتال زخمين کي ڏسڻ لاءِ پهچي وئي. ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي رات ۳ وڳي مان هوٽل پهتس، پوري سنڌ سڙي رهي هئي پر ان ڏينهن جيڪو سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ ٿيو، اهو بيان کان ٻاهر آهي، پر جيڪو واقعو مان بيان ڪرڻ وارو آهيان، ان جو جواب اڄ تائين ناهيان ڳولهي سگهيو.
شهيد ته خير ان کي ٿيڻو هو، ڀٽو جي وارث جو هئي. ڀٽو جيل جي ڪاري ڪوٺڙيءَ ۾ آخري ملاقات ۾ بينظير کي نصيحت به لکرائي ۽ وصيعت به. “مان نوٽيس ڪندي رهيس ۽ سوچيندي رهيس ته ان شخص جو ذهن هن وقت به اچڻ وارين حالتن جو سوچي رهيو آهي، جڏهن ته ان کي خبر آهي ته ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ان کي ڦاهيءَ تي چڙهڻو آهي. چوڻ لڳو ته زمين کان رشتو ڪڏهن نه ٽوڙجانءِ ۽ عوام ۾ رهجانءَ. وري چيو ڦاهي کانپوءِ ياسر عرفات، قذافي ۽ حافظ الاسد جو شڪريو ادا ڪجانءِ. اهي ماڻهو پاڪستان سان محبت ڪرڻ وارا اڳواڻ آهن ۽ انهن مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي.”
بينظير جي قتل جي سازش شايد ڪڏهن به بي نقاب نه ٿي سگهي. جهڙي طرح ملڪ جي پهرين وزيراعظم جي سازش اڄ تائين هڪ راز آهي. شهيد ته خير هن کي ٿيڻو هو، پر اها ويندي ويندي پاڻ کان وڏي سياسي مخالف سان “ميثاقِ جمهوريت” ڪري سياست ۾ نئون مثال قائم ڪري وئي. جڏهن ٻنهي اعتراف ڪيو ته اهي هڪٻئي جي خلاف استعمال ٿيا، شايد اهو ئي سبب هو جو آخري جلسي دوران خبر آئي ته ميان صاحب جي جلسي تي فائرنگ ٿي آهي. شهادت کان ڪجهه منٽ پهرين هن آخري ٽيليفون ميان صاحب کي ڪئي پر ڳالهه نه ٿي سگهي ۽ گولي هلي وئي، ڌماڪو ٿيو. اسپتال پهچڻ وارن ۾ پهريون سياستدان نواز شريف هو. مان اهي آخري لفظ ڪيئن ٿو وساري سگهان، جيڪي شايد هئا ته آخري چونڊ جلسي جي حوالي سان پر هاڻي ته لڳي ٿو ته ان کي اندازو هئو ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.
“ڇو مظهر! منهنجو آخري جلسو ڪوَر ڪرڻ کان بغير ڪراچي وڃي رهيو آهين؟” مان صرف حيران آهيان ته پارٽي قيادت انهن ماڻهن کي بغير جاچ جي ڪيئن ٻاهر وڃڻ ڏنو، ڪيئن ڪجهه ماڻهن کي اقتدار ۾ شريڪ ڪيو، جن جو ذڪر فيروز آباد ٿاڻي جي ايف آءِ آر ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع جي ڌماڪي کانپوءِ ڪيو ويو هو. هاڻي ته اهو چئي سگهجي ٿو.
میں کس کے هاتھ په اپنا لهو تلاش کروں
تمام شهر نے پهنے هوئے هیں دستانے

عوامي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ.
رحمان ملڪ
محترمه بينظير ڀٽو ۱۴ سيپٽمبر تي پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن واپسيءَ جو اعلان ڪيو جنهن تي جنرل مشرف ۽ سياسي اڳواڻ پريشان ٿي ويا ۽ انهن چونڊ مهم دوران انتهاپسند گروهن پاران سندس زندگيءَ کي درپيش خطرن تي زور ڀريو. ان وقت محترمه کي پاور شيئرنگ ڪرڻ واري معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي به  آڇ ڪئي پر محترمه بينظير ڀٽو ڪڏهن به انهن جي آڇن کي نه مڃيو. اقبال زيڊ احمد هڪ ويجهي قابل اعتماد جنرل سان گڏ آيو ۽ هنن محترمه کي سينيٽ جي چيئرپرسن بڻجڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن منهنجي ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ٿڏي ڇڏي.
۶-۲۰۰۵ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي جنرل مشرف ۽ انهن جي ويجهن ساٿين وچ ۾ دبئي ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون پر هن ملڪ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ڪانٽڪريڪٽ معاهدو ڪڏهن نه ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو ۽ جنرل مشرف وچ ۾ ۲۴ جنوري ۲۰۰۷ع ۽ ۲۷ جولاءِ ۲۰۰۷ع تي ابوظهبيءَ ۾ ملاقاتون ٿيون انهن ملاقاتن جو مون بندوبست ڪيو هو ۽ جنرل پرويز مشرف جي ڪجهه صلاحڪارن اسانجي ٽيم سان سڌيون ڳالهيون ڪيون. انهن آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۲۰۰۷ع ۾ ٻيهر ملاقاتون ڪيون جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجن اهم خدشن بابت کين آگاهه ڪيو، جنهن ۾ آزاد ۽ منصفاڻا چونڊون ۽ ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ تي پابندي جو خاتمو شامل هئا. محترمه بيظير ڀٽو کي جنرل پرويز مشرف جي کيس پاڪستان واپس اچڻ کان روڪڻ لاءِ وسيلا استعمال ڪيا پر محترمه ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ تي سمورن خطرن باوجود دبئيءَ کان ڪراچيءَ پهتي، قائداعظم انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ماڻهن جو وڏو هجوم موجود هو، اهو ئي هنڌ جو جتي هن عوام کي خطاب ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو.
دبئي ۾ ٿيل اجلاس ۾ پارٽيءَ محترمه بينظير ڀٽو جي مناسب حفاظت لاءِ فيصلو ڪيو ۽  انهن هڪ ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڪجهه رٽائرڊ ميجر جنرل شامل هئا جيڪي محترمه بينظير ڀٽو جي فزيڪل سڪيورٽيءَ جا هيڊ هئا. حڪومت ان وقت جي ايس ايس پي اي ڊي خواجه جي چونڊ ڪئي جنهن جي محترمه بينظير ڀٽو منظوري ڏني پر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اعليٰ سطحي اڳواڻ اي ڊي خواجه جو نالو تبديل ڪري ميجر رٽائرڊ امتياز حسين جو نالو ڏنو جيڪو ان وقت ايس ايس پي هو جنهن اڳ به محترمه بينظير ڀٽو جي بطور فزيڪل سڪيورٽي آفيسر خدمت ڪئي هئي.
ڪيبنٽ ڊويزن جي نوٽيفڪيشن مطابق بينظير ڀٽو جي بطور اڳوڻي وزيراعظم جي سڪيورٽيءَ جي مڪمل ذميواري حڪومت جي هئي ۽ فزيڪل سڪيورٽي ايس ايس پي ميجر رٽائرڊ امتياز حسين جي هئي. اهڙي ريت فزيڪل سڪيورٽي، روڊ سائيڊ سڪيورٽي، سڀني تقريبن ۾ تحفظ جي ذميواري حڪومت جي هئي، نه ئي پي پي پي اڳواڻ بشمول منهنجي. پارٽيءَ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي قافلي سان گڏ ڪجهه اضافي سڪيورٽي جيڪا پوليس فراهم ڪئي هئي پارٽي جي جانثارن سان گڏ انهن سمورن سڪيورٽي انتظامن باوجود ڪارساز وٽ هڪ ڌماڪو ان ٽرڪ ويجهو ٿيو جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو سوار هئي ۽ ان جي ترت بعد هڪ ٻيو ڌماڪو ٿيو ان ڏينهن هجوم مان ڪجهه ماڻهن هڪ ننڍڙو ٻار جنهن جي چوڌاري ڌماڪي وارو مواد لڳل هو بينظير ڀٽو ڏانهن موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي پر اتفاق سان اهو ٻارڙو محترمه بينظير ڀٽو تائين پهچي نه سگهيو ان ڌماڪي جي نتيجي ۾ ۱۴۹ ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ۴۰۲ زخمي ٿيا، هڪ معجزو هو ته حملي ۾ محترمه بينظير ڀٽو محفوظ رهي.
آئون ۽ راجا پرويز اشرف، اعتزاز احسن، ڪرسٽينا ليمب ۽ ٻين ڪيترن ئي ماڻهن سان گڏ حملي دوران ٿيل ڌماڪي واري وقت ٽرڪ جي مٿان موجود هئاسين، ڌماڪي جي نتيجي ۾ منهنجا وار ۽ راجا پرويز اشرف جا ڪپڙا باهه کان متاثر ٿيا انهيءَ باوجود اسان زخمي نه ٿياسين پر اسان پنهنجي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي وڃائي ڇڏيو جن پنهنجي محبوب ليڊر محترمه بينظير ڀٽو جي حفاظت لاءِ انساني ڍال جو ڪردار ادا ڪيو.
پوليس محترمه بينظير ڀٽو پاران شڪايت درج ڪرڻ باوجود ڪيس رجسٽرڊ ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ هڪ ڪلاڪ جي اندر بنا ڪنهن ثبوت محفوظ ڪرڻ جي انهن کي ضايع ڪيو ويو جيڪا مقامي ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، اها ڳالهه به حيران ڪندڙ آهي ته ۱۸ آڪٽوبر واري شڪي ماسٽر مائنڊ جنهن آپگهاتي حملو ڪيو هو ان جو نالو قادري يوسف الله اختر، ان جون ٻه ڌيئرون ۽ ٻيا گرفتار ڪيا ويا. شڪي ماڻهن کي ڪجهه ڏينهن ۾ آزاد ڪيو ويو، انهن خلاف ڪو به ثبوت نه آهي، هو پنهنجي ڌيئرن سان فوري طور تي افغانستان هليو ويو جتي هو القاعده لاءِ هڪ سکيا ڪيمپ هلائي رهيو هو.
پي پي پي حڪومت تحت ڪاهليءَ سان ٿيندڙ جاچ ۾ تيزي آئي پر ڪراچي پوليس جي ڊي ايس پي نواز رانجها جيڪو ان وقت ڪيس جي جاچ ڪري رهيو هو انکي قتل ڪيو ويو جڏهن ته هُو حملي ڪندڙن تائين پهچڻ وارو هو. محترمه بينظير ڀٽو تي ٿيل گذريل حملن، سڪيورٽيءَ جي حوالي ۽ مسلسل ملندڙ ڌمڪين باوجود محترمه بينظير ڀٽو چونڊ مهم کي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. ۲۶ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي اسان محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ پشاور وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ پهتاسين جتي محترمه بينظير ڀٽو کي اليڪشن ريليءَ کي خطاب ڪرڻو هو ۽ اتي هن هڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو پشاور ۾ ڪامياب جلسي جي ڪري تمام گهڻي خوش هئي. محترمه تي قاتلاڻا حملا ٿي چڪا هئا پر ان جي باوجود هوءَ پشاور ۾ چپلي ڪباب جي ڳولها ۾ هئي ۽ هن مونکي چيو ته پشاور کان اسلام آباد رستي ۾ ان جو اهتمام ڪيو وڃي. مونکي ياد آهي محترمه ناهيد خان جيڪا سندس کاٻي پاسي ويٺل هئي جڏهن ته مان سندس ساڄي پاسي ويٺل هوس. محترمه بينظير ڀٽو چپلي ڪباب مان ڪجهه حصو پهرين مونکي ۽ بعد ۾ ناهيد خان کي ڏنو ۽ آخر ۾ پاڻ کاڌائين. اسان ڪڏهن اهو سوچي به نه ٿا سگهون ته سندس زندگيءَ ۾ ٻيهر ڪا به شام نه ايندي.
۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ واري ڪاري شام اسان جي قوم محترمه بينظير ڀٽو جهڙي عظيم اڳواڻ کي وڃائي ڇڏيو ۽ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي گهرو وزارت پاران محترمه بينظير ڀٽو جي لياقت باغ ۾ ٿيندڙ چونڊ مهم ۾ امڪاني دهشتگرد حملي بابت ڪيتريون ئي وارننگ هيون. حڪومت کان انهن ڌمڪين جي حوالي سان سڪيورٽي جا فول پروف اپاءَ وٺڻ جا مطالبا ڪيا ويا هئا پر صوبائي اٿارٽيز سندس تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جا مناسب اپاءَ يا خاص هدايتون جاري نه ڪيون. وفاقي حڪومت جي بليو بڪ مطابق حڪومت جامع سڪيورٽي ۽ سندس تحفظ جي ذميواري پوري نه ڪري سگهي.
محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ان وقت جي پنجاب حڪومت پوليس آفيسرن تي ٻڌل هڪ جي آءِ ٽي جوڙي جيڪا شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ ڪري ها، جي آءِ ٽي ان سازش ڪندڙ ۽ ان جي سهولتڪارن جي شبعي ۾ پنجن سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو پر ان سان گڏوگڏ ڪيترن ئي ماڻهن کي جيڪي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئا انهن کي نامزد ڪيو پر اڃا به ڪيترن ئي سوالن جا جواب اچڻا آهن. جي آءِ ٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سڪيورٽيءَ ۾ لاپرواهي ڪرڻ جي ڪنهن به سرڪاري اهلڪار بشمول جنرل پرويز مشرف جي ذميواري لاڳو نه ڪئي. .
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ۲۴ ڪلاڪن بعد نيشنل ڪرائسز مئنيجمنٽ سيل جي ان وقت جي ڊائريڪٽر جنرل وفاقي حڪومت جي حڪم تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ بيت الله محسود ۽ هڪ مولوي (بعد ۾ جنهن جي نالي جي سڃاڻپ عزيرالله سان ٿي جيڪو مدرسي حقانيا جو شاگرد هو) جي وچ ۾ ٿيندڙ فون ڳالهن بابت ٻڌايو، جنهن ۾ ان سانحي بابت تفصيل ۽ مبارڪباد وارا لفظ ڳالهايا ويا هئا. پريس ڪانفرنس جي ذريعي ان وقت جي پنجاب حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽي تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
بعد ۾ وفاقي حڪومت انگلينڊ جي اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي هڪ ٽيم کي گهرايو جنهن هڪ محدود پئماني تي جاچ ڪئي، انهن رڳو قتل ٿيڻ جي ڪارڻ جي ڳولها ڪئي حالانڪه ٽيم اهو نتيجو ڳولهو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڪابه گولي نه لڳي هئي جنهن ڪري سندس موت واقع ٿيو پر انهن جي ان مفروضي کي سهي به نٿو چئي سگهجي ان وقت جي پنجاب حڪومت هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي هئي جنهن وٽ هڪ محدود مينڊٽ هو جنهن تحت انهن ڪرائم سين کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان امڪانن جو جائزو وٺڻو هو. ڪميٽيءَ پنهنجي جاچ ذريعي مقامي انتظاميا بشمول پوليس آفيسرن جيڪي ڪرائيم سين کي ڌوئڻ جا ذميوار هئا ڪلين چٽ ڏني.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت واري درخواست تي گڏيل قومن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙيو ۽ اهو نتيجو ظاهر ڪيو ويو ته “جي آءِ ٽي” کي هدايتن جو فقدان هو ۽ ڏوهارين کي انصاف واري ڪٽهري ۾ آڻڻ ۽ نشاندهي جي حوالي سان دير ڪئي وئي، ان دير جي ڪري ثبوت گڏ ڪرڻ وارو ڪم به متاثر ٿيو. ان جي باوجود ڪراچي ۽ راولپنڊيءَ جي حملن وچ ۾ رابطا موجود هئا، ان ۾ انهن ٻنهي ڪيسن جي جاچ ڪندڙن وچ ۾ ڪنهن به قسم جا رابطا نه ٿيا.
گڏيل قومن جي ڪمشنر آف انڪوائري جي نتيجن کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي جي صدر خالد قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پوليس، سڪيورٽي ايجنسين ۽ ايف آءِ اي جي آفيسرن سميت ٻين تي ٻڌل هڪ ٻي جي آءِ ٽي قائم ڪئي. جاچ جي دوران ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي ته اڳوڻي جي آءِ ٽيءَ انهن ماڻهن جي جاچ نه ڪئي جن کي محترمه بينظير ڀٽو هڪ اي ميل ۾ نامزد ڪيو هو، جيڪا هن ۲۰۰۷ع ۾ پنهنجي شهادت کان پهرين مارڪ سيگل کي لکي هئي. جنهن ۾ ڪيترائي نالا شامل هئا جيڪو ريڪارڊ جو حصو آهي.
ٻي جي آءِ ٽيءَ جنرل پرويز مشرف تي اها ذميواري لاڳو ڪئي ته هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي مناسب سڪيورٽي فراهم نه ڪئي ۽ ڊي آءِ جي پوليس سعود عزيز ۽ ايس ايس پي خرم شهزاد ڪرائم سين کي ڌوئڻ ۽ ثبوتن کي ختم ڪرڻ جو ڪم ڪيو ۽ ڊاڪٽرن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. جي آءِ ٽي اهو به چيو ته اهو حملو رٿابنديءَ تحت هو جنهن مدرسي دارالعلوم حقانيا اڪوڙا خٽڪ جا اڳوڻا شاگرد ان جي نگراني ڪري رهيا هئا. ٻي جي آءِ ٽي ان سانحي جي مڪمل رپورٽ فراهم ڪئي ۽ “وڏي پئماني تي سازش” قرار ڏنو جيڪا وزيرستان ۾موجود دهشتگردن ڪئي جنهن جو جنرل پرويز مشرف  شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي مناسب سڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ ڪري سهولتڪار بڻيو.
جاچ جا اهم تفصيل هيٺ ڏنل آهن؛
ڪرائم سين کي ان وقت جي انتظاميا واقع ٿيڻ جي هڪ ڪلاڪ ويهه منٽن اندر سي سي پي او سعود عزيز، ايس پي خرم شهزاد ذريعي ڌوئي ڇڏيو جنهن سان واقعي جي فرانزڪ ثبوت گڏ ڪرڻ تي ناڪاري اثر پيا. ڪنهن به واقعي جي ڪرائم سين کي ڌوئڻ ته ڪجهه به نه آهي پر ڪيس جي جاچ ۾ رڪاوٽون به پيدا ڪيون ويون. اهو عمل ان وقت جي انتظاميا جو واضح طور تي قانون جي ڀڃڪڙي هو. ٻنهي پوليس آفيسرن کي ان بنياد تي ڏوهاري قرار ڏنو ويو ۽ انهن جو چالان ڪيو ويو.
ان وقت جي حڪومت / انتظاميا پاران فراهم ڪيل سڪيورٽي بليو بڪ ۽ ايس او پي جي مطابق نه هئي، حڪومت ٻنهي اڳوڻن وزيراعظمن چوڌري شجاعت حسين ۽ شوڪت عزيز وانگر شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سڪيورٽي فراهم نه ڪئي.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي رهائشگاهه کان ويندي لياقت باغ ۽ واپسيءَ تائين محفوظ سفر جي ذميوار حفاظتي جٿي کي هٽايو ويو ۽ ان کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي جلسي ختم ٿيڻ کان اڳ ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو. ان وقت جي سي سي پي او راولپنڊي حفاظتي جٿي کي هٽائڻ ۽ ڪنهن ٻئي هنڌ موڪلڻ جو ذميوار هو جيڪو راولپنڊي پوليس جي حد ۾ به نه هئو.
ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ ڪنٽينجنٽ پلان تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حادثي ۾ تباهه ٿيل گاڏيءَ کي واقعي واري هنڌ کان ويجهي اسپتال موڪلڻ بدران هڪ پري واري اسپتال موڪليو ويو حلانڪه ايمبيولنس ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف سڪيورٽي پلان ۾ شامل ئي نه هئو.
راولپنڊي جي ان وقت جي سي سي پي او پوليس ڊاڪٽرن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو پوسٽ مارٽم به ڪرڻ نه ڏنو ۽ ان حوالي سان ڪوڙا بيان ڏنا ويا.
ڏوهارين پاران اعتراف تي آزاداڻي فرانزڪ ثبوت جنهن سان عدالت ۾ انهن جو ڏوهه ثابت ٿئي ها ۽ دهشتگرد / آپگهاتي بمبار جا جاگرز جيڪي ان استعمال ڪيا هئا اهي هڪ ڏوهاريءَ جي گهران برآمد ٿيا.
اها سازش مدرسه حقانيا اڪواڙه خٽڪ جي ڪمري نمبر ۹۶ ۾ مدرسي جي اڳوڻن شاگردن تيار ڪئي. هڪ نادر عرف قاري اسماعيل جيڪو مدرسي حقانيا جو اڳوڻو شاگرد هو، هُو آپگهاتي بمبار کي ٽي ٽي پي چيف بيت الله محسود وٽان مدرسي وٺي آيو ۽ ان کي مدرسي جي هاسٽل جي ڪمري نمبر ۹۶ ۾ ترسايو. (هلندڙ)

بينظير ڀٽو
سندس تاريخي جدوجهد ۽ جمهوريت جي حاصلات
علي محمد ميمڻ
دنيا ۾ جمهوريت ۽ انساني آزادين ۽ سرچاءَ لاءِ جاکوڙيندڙ عالمي اڳواڻ ۽ پاڪستان ۾ عوامي راڄ جي بحاليءَ واري جمهوري تحريڪ جي سرواڻ،  محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي  اڄ،  ملڪ ۽ دنيا ۾ يارهين  ورسي عوام پنهنجي عظيم اڳواڻ ۽ سرپرست کي دل جي گهرائين سان ياد ڪري رهيو آهي. شهيدن جي شهر  ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ اڄ  وري جمهوريت جا لکين پانڌيئڙا، عوامي راڄ لاءِ جاکوڙ ڪندڙ جيالا ۽ پروانا گڏ ٿي رهيا آهن ۽ پنهنجي عوامي طاقت جو وري تاريخي مظاهرو ڪري رهيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو لائق فرزند بلاول ڀٽو پنهنجي عظيم امڙ کان وراثت ۾ مليل جمهوري تحريڪ، پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نئين دور جي نئين للڪارن کي منهن ڏيڻ  لاءِ ملڪ ۽ قوم طرفان سونپيل جمهوري تحريڪ جي سرواڻي ڪري رهيو آهي، اهڙي ريت. ملڪ ۾ عوامي راڄ ۽ جمهوري تحريڪن جي جدوجهد نسل در نسل اڳتي وڌي رهي آهي.
محترمه بينظير ڀٽو، ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي بندش واري دور ۾ خود اختيار ڪيل  ۹ سالن واري پنهنجي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ته دنيا حيران ۽ پريشان هئي. هڪ پاسي، ملڪ ۾ هرطرف خطرا، دهشت گرديءَ جا راڪاس عوام تي حملا ڪري رهيا هئا ۽ ملڪ تيزيءَ سان گهرو ويڙهه جي ڌٻڻ طرف ڌڪيو پئي ويو. ٻئي پاسي، ملڪ ۾ وڪيلن ۽ جمهوريت پسندن  جي جنرل پرويز مشرف جي سرڪار خلاف هلچل جاري هئي،  اهڙي صورتحال ۾ملڪ جي اڪثر جمهوريت پسندن ۽ گهڻ گهرن جي عام راءِ هئي ته  محترمه جو  نامناسب حالتن ۾ وطن واپسيءَ وارو فيصلو پنهنجي جان جوکي ۾ وجهڻ وارو آهي. اهڙي غير يقينيءَ واري صورتحال ۾پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهڻ دانشمندي نه ٿيندي.
هوڏانهن، وطن واپسي جي حوالي سان  دبئيءَ واري سندس رهائشگاهه تي ٿيندڙ ڳالهين ۽ تيارين جي حوالي سان ميڊيا تي آيل خبرن موجب، محترمه بينظير ڀٽو کي پيپلز پارٽيءَ جي سينئر قيادت، ساٿين ۽ گهڻ گهرن صحافين طرفان پڻ پنهنجي فيصلي تي ٻيهر غور ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي ويئي ۽ کيس ملڪ ۾ موجود خطرن کان ثابتين سميت آگاهه پڻ ڪيو ويو. انهيءَ کان علاوه کيس دنيا ۾ هلندڙ سياسي تحريڪن جي محفوظ طريقن خاص ڪري برما جي فوجي حڪومت خلاف  آنگ سانگ سوچي پاران نظربندي جي حالت ۾ ورهين کان تحريڪ جاري رکڻ جا پڻ مثال پيش ڪيا ويا. جنهن جي جواب ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جا دليل هئا ته اسان جي ملڪ ۾ جاري آمريت ۾ لکين ماڻهو ۽ معصوم ٻارڙن جون زندگيون خطري ۾ آهن. انهن کي بچائڻ ۽ انهن جو مستقبل محفوظ ڪرڻ جو معاملو اهم آهي.
ٻي ڳالهه اها ته، برما ۾ آنگ سانگ سوچي جي نظربنديءَ باوجود تحريڪ ورهين کان جاري آهي پر اها برما جي عوام لاءِ گهڻو مفيد نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجي  عوام ۽ عوام جي تحريڪ تي يقين رکي ٿي ۽ ملڪ کي آمريت کان نجات ۽ جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ کي منزل تي پهچائڻ لاءِ عوام جي اڳواڻ جو عوام وٽ موجود هجڻ ۽ تحريڪ جي قيادت ڪرڻ لازمي آهي. اڄ آنگ سانگ سوچي پنهنجي ملڪ برما جي حڪومت جي سربراهه آهي ۽ اتي ئي روهنگيا جي مظلوم عوام کي مسلمان هجڻ ڪري سرعام قتل ڪيو پيو وڃي ۽ هوپنهنجيون حياتيون بچائڻ لاءِ پنهنجو وطن ڇڏي بنگلا ديش ۽ ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ پناهه ۽ واهر ڪرڻ لاءِ  واجهائي رهيا آهن پر برما ۽ ان جي سربراهه آنگ سانگ سوچي خاموش آهن.
محترما بينظير ڀٽو پنهنجي ۹ سالن واري جلاوطني ختم ڪري وطن واپس اچڻ تي ڪراچيءَ ۾ شاندار استقبال جون تياريون جاري هيون. آخرڪار اهو تاريخي وقت به اچي ويو جو محترما بينظير ڀٽو ملڪ جي عوام کان ورهين جي وڇوڙي بعد واپس موٽي آئي ۽ پوري ملڪ کان لڳ ڀڳ ۳۰ لک عوام سندس تاريخي استقبال ڪيو ۽ دنيا ۾ عوام جي محبت جا نوان ريڪارڊ قائم ٿي ويا. پر ظالمن کان اهي منظر برداشت نه ٿي سگهيا ۽ ملڪ ۾ عوامي راڄ جي ان جشن تي ۱۰ ڪلاڪن بعد ڪارساز وٽ راتاهو هنيو ويو ۽ دهشت گردي جو حملو ڪري سوين بي گناهه ماڻهن، ٻارڙن، عورتن ۽ جمهوريت ۽ امن جي پانڌيئڙن کي شهيد ۽ گهايل ڪيو ويو. پر ياد رهي ته ان سانحي جو ڪيس پڻ وارثن ۽ فريادي ڌر پيپلز پارٽيءَ کي داخل ڪرڻ نه ڏيو ويو ۽ اڳ ئي ڪيس سرڪار پاڻ داخل  ڪري ڌماڪي واري جاءِ بلڪل ائين ڌوئي صاف ڪري ڇڏي وئي جيئن راولپنڊيءَ ۾ محترما بينظير ڀٽو سان گڏ ٻين جيالن جي شهادت واري سانحي بعد جاءِ واردات کي ڌوئي ثابتيون ضايع ڪري قاتلن ۽ ٻين ڏوهارين کي لڪايو ويو آهي. اهڙيءَ ريت ملڪ جي مظلوم عوام جي مظلوم ڀيڻ ۽ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي ۽ ليڊر محترمه بينظير ڀٽو بي گناهه شهيد ڪئي وئي، اهو خون ۽ سوين مظلوم ڪارڪنن جا قاتل پڻ غائب ٿي ويا۽ ڪيسن جا فائل داخل دفتر ٿي ويا.
محترمه بينظير ڀٽو طرفان ۱۰ سال اڳ،  ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي پنهنجي ۹ سالن واري خود اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري وطن واپسي، ملڪ جي تاريخ کي بدلائيندڙ معرڪو هو. جنهن جي نتيجي ۾سنڌ کي ورهائڻ جو ظالمن جو منصوبو ناڪام ٿيو ۽عوام، دهشت گردن سان جنگ وڙهي، تاريخي سوڀون ماڻيون آهن. جن ۾ملڪ تان آمريت جي رات جو خاتمو ٿيو، ۱۹۷۳ع جو آئين ۽ جمهوري پارليماني نظام ٻيهر بحال ٿيو، آئين ۾ ۱۸هين ترميم ذريعي صوبائي خودمختياريءَ جو حق حاصل ٿيو. ان کان علاوه آزاد عدليا جي بحالي ۽ ملڪ مان ناانصافيءَ جو خاتمو ۽ حڪمرانن جو شفاف احتساب ٿيڻ ۽ ملڪ جو ترقي يافتا ۽ عوامي فلاحي مملڪت بنجڻ لاءِ مضبوط بنياد پئجي چڪا آهن۽ هاڻي انهن  ڪاميابين جي حفاظت ۽ تڪميل باقي آهي.
اهڙيءَ ريت! محترمه بينظير ڀٽو جو اهو سياسي تجزيو درست ثابت ٿيو ته ملڪ ۽ عوام جي آزادي ۽ سلامتي معمولي ڳالهه ناهي، اها رت جي راند آهي. جنهن ۾ قيادت ۽ عوام جي ڀرپور طاقت سان ئي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. يقينن! حقيقي عوامي ليڊر لاءِ اهو ضروري آهي ته هو اقتدار پنهنجي عوام لاءِ  ۽ عوام جي طاقت سان حاصل ڪري، عوام راڄ  عوام جي مارچ ۽ ان جي شموليت کان سواء اقتدار ته حاصل ڪري سگهجي ٿو پر اختيار  ۽ عوام جي آزادي حاصل نه ٿي ڪري سگهجي.
آخرڪار، عوامي راڄ ۽ جمهوريت جي بحاليءَ واري منزل جي ويجهو پهچڻ وقت جنرل پرويز مشرف سرڪار ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي راولپنڊيءَ ۾هزارين عوام جي اکين آڏو ٿيل حملي۾فخر ايشيا، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي عظيم نياڻي محترمه بينظير ڀٽو شهادت ماڻي ۽ پنهنجي وچن کي نڀائيندي پنهنجي ملڪ ۽ عوام تان سر گهوري عظيم جمهوري اڳواڻ ۽ بينظير ماءُ هئڻ جو پڻ مثال قائم ڪري وئي.
ملڪ ۾ بينظير ڀٽو شهيد جي آندل عوامي جمهوريت هڪ ڀيرو وري يرغمال آهي۽ انتقامي ڪارروائيون عام جام جاري آهن، جنهن تي ملڪ جي ميڊيا ۽ ٻيا سمورا ادارا ۽ ساڃاهه وند  روز بحث ۽ مذاڪرا ڪري رهيا آهن. يقينن، ملڪ جي ۲۲ڪروڙ سجاڳ جمهوريت پسند عوام جي حق حاڪميت تي قبضا گهڻو وقت برقرار نه ٿا رکي سگهجن ۽ جلد ئي صبح ٿيڻ وارو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو
تاريخ جنھن جو حساب وٺندي
امير ڀنڀرو
سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ کي سوين نه پر هزارين اعزاز آهن انهن اعزازن مان سنڌ ڌرتيءَ کي اهو به اعزاز آهي ته هن ڌرتيءَ هڪ اهڙي شخصيت  کي جنم ڏنو، جنهن  شخصيت سنڌ ۽ هند ته ڇا پوري دنيا ۾ اهو ثابت ڪيو ته سنڌ جي اولاد ڪنهن به ميدان ۾ گهٽ نه آهي.
شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جو جنم سنڌ لاءِ اهو اعزاز هو جنهن اعزاز پوري دنيا ۾  سنڌ کي اهو فخر ڏنو ته سنڌ جي اولاد هيئن ٿيندي آهي، دنيا جي عظيم انسانن مان سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه صف اول جي اها عظيم ليڊر ٿي گذري آهي. جنهن ۾ خوبين جي سگهه ايتري وسيع هئي جو هوءَ دنيا جي سگهه بڻجي وئي، هوءَ دنيا جو آواز هئي هو دنيا جو شعور هئي هو دنيا جي اها دولت هئي جيڪا پوري دنيا لا۽ روشين جي راهه بڻي هئي ملڪ جي بهادر ليڊر ۽ عظيم انسان ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي سگهه مان روشني وٺندڙ محترمه بينظير ڀٽو بابت شايد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي به اندازو نه هو ته محترمه بينظير ڀٽو ايترو جلد دنيا جي عظيم  بهادر ۽ مقبول ليڊر جو اعزاز ماڻي ويندي، ائين چئجي ته بهتر ٿيندو، ته محترم بينظير ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي سوچ کان به  تمام اڳتي نڪري وئي  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي  پنڪي تمام ٿورڙي وقت ۾ سياسي ميدان ۾  دنيا جي اها عظيم عورت بڻجي وئي، جنهن سياست جرعت خدمت ۽ عورتن جي حقن بابت جيڪا جدوجهد ڪئي انهي جدوجهد کانپوءِ لڳندو آهي ته  دنيا جا سڀ اعزاز شهيد راڻيءَ آڏو معمولي ۽ ننڍا آهن،  محترم بينظير ڀٽو دنيا جي اها عظيم شخصيت هئي جيڪا ايوارڊن ۽ اعزازن جي محتاج نه هئي هن جي نالي سان منسوب ٿيندڙ ايوارڊ ۽ اعزار محترم کي ملڻ کانپوءِ وڏي قد وارا ٿي ويندا هئا.
سياسي سفر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ رهندڙ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياست کي پوري دنيا اندر اهڙو ته مڃرايو هو جو پوري دنيا کي لڳندو ئي نه هو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي وڃڻ کانپوءِ هن  جي سياسي سفر۽ مقبوليت ۾ ڪا ڪمي آئي آهي، هن پوري دنيا کي اهو ڏيکاريو ته ملڪ جي سياست مان هن جي سياست ۽ ڪردار جو ڪڏهن به خاتمو نٿو ٿي سگهي، محترمه بينظر ڀٽو سنڌ جي نه، ملڪ جي نه پر هوءَ دنيا جي اها سياسي روشني ثابت ٿي جنهن روشنيءَ پوري دنيا کي ٻڌايو ۽ سيکاريو، ته سياست ڪيئن ٿيندي آهي، ترقي ڪيئن ٿيندي آهي، معاشرا سنواربا ڪيئن آهن، ملڪ ٺاهبا ڪيئن آهن ملڪ هلائبا ڪئين آهن هن عورت ٿي دنيا کي ڏيکاريو هو ته عورت به حڪومت ڪري سگهي ٿي، عورت به ڪنهن کان گهٽ نه آهي پر محترمه ته اهوبه ثابت ڪري  دنيا آڏو ڏيکاريو هو ته عورت ئي معاشري کي سنواري سگهي ٿي، هن ڳالهين ذريعي نه پر عملن دنيا آڏو ڪري ڏيکاريو.
محترم بينظير ڀٽو دنيا جي وڏين يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندي هئي، هن جي ذهانت ۽ سياسي ڏاهائپ جي پوري دنيا ۾ هاڪ هئي، هن جو سياسي پسمنظرپوري دنيا ۾ پڙهيو ۽ وڏي چاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، ذوالفقارعلي ڀٽو جي سکيا جي سياسي چڻگ مان سياسي ممڻ مچائيندڙ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ذهانت سان وڏيون منزلون ماڻي وئي،   محترم بينظير ڀٽو ملڪ جي ٻه ڀيرا وڏي اڪثريت سان چونڊيل  وزيراعظم ٿي هئي پر هن جي اقتدار کي ٻئي ڀيرا سازشن سان هٽايو ويو، هن جي اقتدار ۾ سوين سازشون ڪيون ويون محترم بينظير ڀٽو دنيا جي اها سياستدان هئي جنهن سياست جي دنيا ۾ سياست کي فخر ڏنو، جنهن دنيا ۾ عورتن کي فخرسان نوازيو جنهن انسانيت جي دنيا ۾ انسانيت کي فخر ڏنو  هن لاڙڪاڻِي کانپو۽ پوري سنڌ ۽ پوري پاڪستان جو فخر سان ڪنڌ مٿي ڪيو.
محترم بينظير ڀٽو هرلحاظ کا ن فخر جهڙي عظيم عورت هئي جنهن پنهنجي حياتيءَ کان پوءِ شهادت کي به فخر ڏنو، هن شهيد ٿيندي به پوري دنيا آڏو اهو نياپو ڇڏيو ته ڏسو شهادت ڪيئن ٿيندي آهي. شهادت ان کي چئبو آهي، محترم بينظير ڀٽو کي پوري زندگي عوام جي وچ ۾ هجڻ جو درد رهيو اهو ئي درد هن کي زندگيءَ مان آجو ڪرائي ويو. مشرف جي دور ۾ جڏهن محترم بينظير ڀٽو اٺ سال جلا وطن رهڻ کانپوءَ ڏيهه واپس وري هئي ته پوري سنڌ سندس استقبال لاءِ اٿلي پئي هئي پر حيرت جي ڳالهه آهي ته محترمه جي اچڻ جي پهرين ڏينهن ئي ۱۸ آڪٽوبر تي وڏو ڌماڪو ٿيو، هن مٿان حملوڪري هن کي پيغام ڏنو ويو ته هوءَ سياست جو پيڇو ڇڏي وڃي پر محترم بينظير ڀٽو پرويز مشرف جي انهن سازشن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.
۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ تي محترمه بينظير ڀٽو مٿان حملو ٿيو هو جنهن ۾ هن جا ۱۸۰ ڪارڪن شهيد ٿي ويا هئا انهيءَ واقعي ۽ محترما بينظير ڀٽو مٿان قاتلاڻي حملي کانپوءَ محترم بيظير ڀٽو سڌو اهو بيان ڏنو هو ته مونکي پرويز مشرف مان جان کي خطرو آهي جيڪڏهن مونکي ڪجهه ٿيو ته اهي ڏوهي هوندا پر پوءِ به محترمه جي زندگيءَ مٿان خطرو برقرار رهيو، آخرڪار ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ ۾ سنڌ کي پنڊي مان محترمه بينظير جي صورت ۾ هڪ ٻيو لاش، هڪ ٻئي قتل جو تحفو ڏنو ويو جنهن قتل کان اڳ ئي محترمه اهو چئي چڪي هئي ته جيڪڏهن مون مٿان حملو ٿئي ته منهنجي مرڻ کانپوءَ انهن مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي پر ٿيو ڇا محترم جو قتل لوڙهيو ويو ملڪي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو قتل ڪيس به اڄ تائين انصاف جو منتظر آهي محترم جي قتل کانپوءَ ڪجهه دير ۾ پرويز مشرف حڪومت پاران جاءِ وارڌات کي ڌوئڻ مان ثابت ٿيو هو ته محترمه جو قتل ڪيس لوڙهيو ويندو، جڏهن ته انهيءَ قتل ڪيس کانپوءِ سازشن جو سلسلو هلندو رهيو پرويز مشرف دور ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي محترمه جو قتل ڪيسن لوڙهڻ ۾ پرويز مشرف کي سزا ڏيارڻ بجاءِ  پرويز مشرف کي ريڊ ڪارپيٽ ڏئي ملڪ مان فرار ڪرائي محترم جي قتل جا رهيا کُهيا پيرا به گم ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي، مشرف دور کانپوءَ پيپلز پارٽيءَ جو حڪومتي دور آيو اهو پيپلز پارٽيءَ جو حڪومتي دور جيڪو محترم جي قتل جي بدلي ۾ پيپلز پارٽيءَ کي پلئه پيو پيپلز پارٽي حڪومت جنهن کي محترمه جي قتل کانپوءِ اڪثريت سان تخت انهيءَ اميد سان عوام انهن حوالي ڪيو ته هو اقدار ۾ اچي محترمه بينظير ڀٽو جي قاتلن کي سزا ڏياريندا، پر پيپلز پارٽيءَ اقتدار ۾ اچي ڪجهه نه ڪيو پر وقت جي مٽي اقتدار هوث ڪڏهن به تاريخ جي انهي وڏي قتل جو حساب وٺندي جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو.


شھيد محترمه بينظير ڀٽو
وٺي هر هر جنم وربو ....
چنديرام کتري
اڄ کان پورا ۶۵ سال پهرين ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي گهر ۾ هڪ سرخ گلابن جهڙي ٻار جو جنم ٿيو جنهن جو نالو بينظير رکيو ويو. سندس گلابي رنگ هجڻ جي ڪري سندس والد کيس “پنڪي” جي نالي سان سڏيندو هو. سندس پهرين تعليم ڪراچي ۽ بعد ۾ کيس  آڪسفورڊ  ۾ تعليم ڏياري ويئي. تعليم جي دوران  هن پنهنجي والد جي وزارت اعظميٰ جو زمانو پڻ ڏٺو ۽ هن ڪجهه وقت پاڪستان ٽيليويزن تي پرڏيهي پروگرامن ۾ شرڪت پڻ ڪيئي برطانيا جي اخبارن ۾  سياست جي موضوعن تي ڪالم پڻ لکندي هئي. جنهن مان سندس سياسي شعور جي ڄاڻ ملي ٿي هن جي ذهانت ۽ خداداد صلاحيتن تي ذوالفقار علي ڀُٽي کي فخر هو، ۽ ذهني طور هو کيس پنهنجو سياسي جانشين سمجهندو هو. ۽ سندس خواهش هئي ته سندس نياڻي تعليم مان فارغ ٿي سياست ۾ حصو وٺي هو سڄي خاندان کي پياري هئي سندس طبعيت ننڍپڻ کان ڏاڍي سادي هوندي هئي هن کان انسان ته پري پر ڪنهن جانور جو به درد برداشت نه ٿيندو هو، ۽ هو هڪ معصوم ۽ ڏاڍي سلڇڻي نينگري هئي.
۰۴ اپريل تي جڏهن سندس والد کي ڦاهي ڏني ويئي ته سندس عمر فقط ۲۴ سال هئي ۽ سندس والد جي ڦاهي گهاٽ کان ڪجهه فاصلي تي سهالا ريسٽ هائوس ۾ پنهنجي والده بيگم نصرت ڀُٽو سان گڏ نظر بند هئي ۽ کيس پنهنجي پيءُ جي آخري ديدار ڪرڻ جي اجازت نه هئي هي بهادر پيءُ جي بهادر نياڻي هئي  هن ڪڏهن به پنهنجو حوصلو نه هاريو ۽ نه وري  ڪارڪُنن کي مايوس ٿيڻ ڏنو تاريخ شاهد آهي ڀُٽي خاندان کي عوام کان پري ڪرڻ جي هر ڪوشش ناڪام رهي آهي ۽ جڏهن ڀُٽي خاندان کي سياسي طرح سان ختم ڪرڻ جي دشمنن جي خواهش پوري نه ٿي ته هنن کيس جسماني طرح سان ختم ڪيو آهي. بينظير  ڀُٽو جو قتل پڻ  عالمي انساني تاريخ جي روايت جو تسلسل آهي جنهن روايت ۾ سوڀون سر ئي گهرنديون آهن ۽ تارخ جي هن ڳاڙهي روايت مان رت جي هڪ ندي وهندي آهي جنهن جو آغاز به شهادت آهي ۽ انجام به شهادت آهي تاريخ جي اها عظيم روايت سقراط کان شروع ٿي سڄو قديم زمانو پنهنجي ڀاڪر ڀريندي جديد ۲۰ صدي ۾ داخل ٿئي ٿي تڏهن انسان جون اکيون عدم تشدد جي عظيم عالمبردار مهاتما گانڌي جي هڏائين ڇاتي ڏانهن کڄي ٿيون وڃن جنهن مان هڪ بارودي گولي پار ٿيندي نظر ٿي اچي ۽ ڪنهن به ماڻهو کي نشانو بڻائڻ کان نٿي گسي شيخ مجيب الرحمان، نومبا، شاهه فيصل، جمال ناصر، صدر آليندي، ٻين جا سينا پار ڪندي اها گولي اندرا گانڌي جو سينو چيريندي افغانستان جي بي مثال اڳواڻ شهيد نجيب الله خان جو نشانو ٿي وٺي ۽ اتان ان گولي جي مسافري شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ستر ڪلفٽن جي واٽ تي سندس سورهيه پُٽ شهيد مرتضيٰ ڀُٽو جي ڪشادي ڇاتي مان پار ٿي وڃي ٿي گولي جنهن کي عالمي انساني تاريخ جي روايت ورجائڻ لاءِ ابد تائين سفر ڪرڻو آهي اها ۲۷ ڊسمبر  جي سرد شام جو  پنڊي جي پار تي اوڀر جي ان عظيم نياڻي تائين پهتي جنهن کي سڄي دنيا اڄ ان عظيم روايت جو تسلسل ٿي سمجهي جيڪا روايت دنيا جي شهيدن جي روايت آهي ۽ دنيا اها مڃڻ تي به مجبور آهي ته دنيا جي هر چڱائي، نيڪي، فضيلت ۽ ماڻهپو فقط شهيدن جي رت جي ڪري ئي موجود آهي نه ته هن دنيا ۾ رڳو يزيدن جو شڪليون ڏسڻ لاءِ موجود هجن ها.
شهيد بينظير ڀُٽو پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن به ويساهه جو ڇلو لهڻ نه ڏنو هن کي  ان ڳالهه جي پڪ هئي ته بهار هميشه پن ڇڻ جي سهيلي رهي آهي  ان کي زندگي جتي  بي پناهه شهرت ڏني  اتي زندگي هن کان ڪڙا امتحان به ورتا ۽ سندس ئي زندگي ۾ نه برداشت ڪرڻ جهڙن صدمن جي هڪ ڊگهي قطار آهي  هي هڪ اهڙي ته بهادر عورت هئي  جنهن کي  هن ملڪ جو  هر آمر  جهڪائڻ ۾بار بار  ناڪام رهيو آهي هي ته هڪڙي علامت هئي،
۽ هڪڙو انڊيڪيٽر هئي پاڪستان ۾ هڪ حد تائين سڄي دنيا ۾ جهموريت جو، انساني حقن جو،مسڪينن ۽ پورهيت ماڻهن جو مان ۽ مرتبي جو ۽ بهادري سان جيئڻ جو  تنهنڪري شهيد محترمه جي سڀني پُرستارن ۽ ساڻس پيار ڪندڙن کي اها ڳالهه هڪ لمحي لاءِ به نه وسارڻ کپي ته پاڪستان ۾ هر چڱائي انهي کان ئي قربانين جي گهرُ ڪندي ۽ هر قرباني ڏيڻ جي بينظير سان محبت ڪندڙ ماڻهن لاءِ نه رڳو ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هن کان سواءِ بينظير ڀُٽو جا خواب ڪڏهن به ساڀيان ٿي نٿا سگهن اڄ سندن ۶۵ هين سالگرهه آهي ۽ سندس مُرڪ مان جيڪي گُل اسان جي اکين ڇنا سي اسان وٽ اڃا موجود آهن ۽ مرجهايا به نه آهن اڄ سندس جنم ڏينهن موٽي آيو آهي ته دل جي دنيا ۾ هٻڪار پيدا ٿي پئي آهي ۽ اسين پنهنجي هٿن ۾ تازو گلاب جو گل سندس تصوير کي آڇيندي کيس جنم ڏينهن جي مبارڪ باد چئون ٿا.


محترمه بينظير ڀـُٽو- پارس هـُئي
امام راشدي
اسان جي علائقي ۾ شهيد ڀٽو خاندان لاءِ هڪ چَوڻي مشهور آهي ته، “ڀـُٽا پارس آهن جنهن سان لڳن تنهن کي سونُ بڻائي ڇڏين.” اها هڪ حقيقت به آهي ته ڀـُٽا پارس آهن.
هونئن به ڀٽو خاندان جون عوامي خدمتون عالمِ آشڪار آهن. ڀٽو خاندان هميشه امن پسند، صلح سانت ۽ ميٺ محبت وارو رهيو آهي. هِن خاندان سان جنهن محبت ڪئي ته اهو اَڏجي ويو ۽ جنهن کين نفرت ڪئي ته اهو ڪنگال بڻجي ويو. هِن خاندان سدائين ڀلائيءَ کي ترجيح ڏني آهي. تنهنڪري پنهنجي علائقي سان گڏ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ کي فروغ مليو آهي. هِن خاندان هميشه خدمت تي يقين رکيو آهي. جنهن سبب هن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ سڀئي هَربا ڪتب آندا ويا. ظاهري طور ڀٽي خاندان کي ختم ڪيو ويو آهي، پر ماڻهن جي دلين مان ختم نه ٿي سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڀٽي خاندان ماڻهن جي دلين، دماغن ۽ روحُن تي حڪمراني ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو عوام هِن خاندان کي انتهائي محبوب رکي ٿو.
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان بعد محترما بينظير ڀٽو عوام جي محبوب ترين ليڊر طور اُڀري آئي. هـُوءَ آئي، هن جدوجهد ڪئي ۽ بالآخر اقتداري ايوانن ۾ پهچي وئي ۽ پنهنجي خدادا صلاحيتن جي بدولت ملڪ جي ڪايا ئي بدلائي ڇڏيائين. عوام جي وچ ۾ ويهي عوام جون ڳالهيون ڪندي رهي. ماڻهن جي ڏکن، دردن، اَهنجن، ايذائن ۽ تڪليفن جو تدارڪ ڪندي رهي. خوشحاليءَ لاءِ جدوجهد ڪري عوام کي سـُک ڏنائين. هـُوءَ نه عوام کان الڳ هئي نه وري عوام هـُن کان پري ٿيو. هـُو فرشته نما عورت هئي. سـُونهن سوڀيا ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هئي. اخلاق، ادب ۽ روايتن جي امين هئي. ان سان گڏ دينِ اسلام جي مڪمل پاسداري ڪندڙ عورت هئي. کيس پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن سان بيحد پيار هو ۽ انهيءَ پيار جي بدولت هـُوءَ ماڻهن جي دلين ۽ ذهنن ۾ اڄ به زندهه آهي. اول آخر هـُن جو عوام ۾ پختو يقين هو ۽ هـُوءَ به مڪمل اعتماد، حوصلي ۽ همت سان عوام جو خيال رکندي آئي، نهايت شفيق، مهربان ۽ ٻاجهاري عورت هئي. جنهن وٽ عوام لاءِ وڏو درد هو ۽ انهن جي دردن جو دَرمانُ ڪندي پنهنجي جان به گهوري ڇڏيائين.
محترما بينظير ڀٽو واقعي پارس هئي. ان جا ٻه چِٽا مثال اسان جي آڏو آهن. هڪڙو مثال سندس وَر آصف علي زرداري آهي. ڪنهن کي وَهم گـُمان ۾ اها ڳالهه نه هئي ته آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر بڻبو. اهو سڀ محترما جي عظمت جو ڪمال آهي. آصف زرداري ملڪ جو صدر بڻيو ۽ پنهنجي خدادا صلاحيتن جي بدولت ايوانِ صدر پهتو ۽ پورا پنج سال وڏي شانَ مانَ ۽ دٻدٻي سان حڪومت جو مـُدو پورو ڪيائين. اهو سڄو ڪريڊٽ محترما بينظير ڀٽو ڏي وڃي ٿو.
محترما بينظير ڀٽو جي پارس هجڻ جو ٻيو مثال سائين غلام حسين شاهه قمبر وارو پير آهي. محترما بينظير ڀٽو اهلِ بيت گهراڻي جي وڏي معتقد ۽ حـُبدار رهندي آئي. ان جو چِٽو مثال آهي ته محترما بينظير ڀٽو سائين حسين شاهه قمبر واري جي قدمن ۾ وڃي ويٺي ته سڄي دنيا ڏٺو ۽ حيرت جو اظهار ڪيو ويو. پر محترما بينظير ڀٽو صاحبه سائين حسين شاهه قمبر واري جي پيرن ويهي نه رڳو پنهنجي عظمت کي وڌايو بلڪه دنيا کي سيد/اهلبيت جي اهميت ۽ قدردانيءَ جو مئسيج پڻ ڏنو. محترما جي انهيءَ عمل سان نه رڳو سائين حسين شاهه جي شهرت ۽ اهميت وڌي وئي بلڪه سندس مريدن ۽ معتقدن ۾ پڻ وڏو اضافو ٿي ويو. فرض ڪيو ته جيڪڏهن سائين حسين شاهه جي مريدن جو تعداد اڳ ۾ هڪ لکُ هيو ته ان کانپوءِ اهي ٽي لکَ ٿي ويا. مطلب ته محترما بينظير ڀٽو پارس هئي. جنهن جا ٻه مثال اسان جي سامهون آهن.
محترما بينظير ڀٽو صاحبه اهلِ علم، اهلِ قلم ۽ اهلِ دل به هئي. سندس باوقار، پـُروقار ۽ شاندار شخصيت ۾ نماڻائي ۽ معصوميت سمايل هئي. هـُوءَ درويشانه طبيعت جي مالڪ هئي. هـُوءَ قلندرانه صفات سان ڀرپور عورت هئي. منجهس انسانيت جون هڙئي وَصفون موجود هيون. هوءَ سراپا نـُور هئي. هونئن ته قلندرانه طبيعت رکندڙ محترما بينظير پنهنجي ذات ۾ به قلندر هئي.
دنيا ۾ اڍائي قلندر موجود آهن، جن مان ٻه مرد، شهباز قلندر، بـُو علي قلندر ۽ هڪ عورت بيبي رابعه بصري (اڌ قلندر) مشهور آهن پر محترما بينظير ڀٽو جي شهيد  ٿيڻ کانپوءِ دنيا ۾ ٽي قلندر مڪمل ٿي ويا آهن. يقينن ان کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته محترما بينظير ڀٽو قلندر هئي ۽ اڄ ڏسجي پيو ته سندس مزار تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو سلام ڀرڻ اچن ٿا. سـُکائون باسن ٿا ۽ مَن جون مرادو حاصل ڪن ٿا. اهڙي ريت محترما بينظير ڀٽو کي عقيدت ۽ احترام جو اظهار ڪن ٿا.

شهيد بينظر ڀٽو
سياست، جمهوريت ۽ پاڪستان
زاهد ميراڻي
ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ جڏهن به سياسي ڪردارن جو ذڪر ڪيو ويندو ته ڀٽي خاندان جو ذڪر انتهائي اهميت واري انداز ۾ ٿيندو ۽ اهو ضرور لکيو ويندو ته ڀٽو خاندان ۽ سياست جهڙوڪر هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم رهيا آهن ۽ اهو به ضرور لکيو ويندو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي قيام، جمهوريت جي بقا ۽ استحڪام لاءِ ڀٽي خاندان جو ڪردار انتهائي بنيادي نوعيت جو آهي، هوند جن جي مڪمل ذڪر کان سواءِ نه ته ملڪ ۾ سياست جي تاريخ مڪمل ٿيندي ۽ نه جمهوريت جي تاريخ سان ڪو انصاف ٿي سگهندو.
ملڪ جي سياسي پسمنظر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪردار جيڪڏهن هڪ طرف ڪرشمه ساز ۽ جادوئي آهي ته وري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار جدوجهد، رهنائيءَ ۽ قربانيءَ جي علامت آهي.
محترمه بينظير ڀٽو پنهنجو شروعاتي تعليم ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول مان حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هن ۱۹۵۸ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخل ٿي. انهيءَ دور ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب جي ڪابينه ۾ وزير ٿيو ته سندن رهائش راولپنڊيءَ ۾ ٿي جتي کيس تعليم جاري رکڻ لاءِ جتي پهرين کيس “پريزنٽيشن ڪانوينٽ” (Presentation Convent) ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. بينظير ڀٽو کي سياست سان دلچپسي اسڪول واري دور کان ئي پيدا ٿئي هُئي هُوءَ اڪثر ڪري پرڏيهي دورن دوران سياسي سرگرمين شم شرڪت ڪندي هُئي ۽ ڪيئي موقعن تي سياسي تقريرون پڻ ڪندي هُئي،
۱۹۶۶ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ مقبول سياسي شخصيت بڻجي چڪو هو، جنرل ايوب جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ بعد هو وري ڪراچي موٽي آيو ۽ محترمه بينظير ڀٽو وري ڪراچيءَ ۾ ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن صرف ۱۵ سالن جي عمر ۾ ’او‘ ليول جو امتحان ڏنو.
ان کان اڳ ۱۹۶۷ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پئجي چڪو هو، جنهن جو چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي بڻايو ويو ۽ محترمه بينظي ڀٽو ان وقت چوڏهن سالن جي عمر ۾ ئي پيپلز پارٽيءَ جي پنجن بنيادي ميمبرن ۾ شامل هُئي. محترمه بينظير ڀٽو ڪجهه وقت گرامر اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هلي وئي. اهو ۱۹۶۹ع جو سال هو، انهيءَ دور ۾ ويٽنام جنگ خلاف ويٽنامي عوام جي حق ۾ ٿيندڙ ڪيترن مظاهرن ۾ شرڪت ڪيائين، اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ چندا گڏ ڪيائين ۽ ڪاليج جي ٻين ڪيترين ئي سرگرمين، تقريري مقابلن ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري هوءَ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ تمام گهڻو مشهور ٿي وئي هُئي.
اهو ڊسمبر ۱۹۷۱ع جو دور هيو جڏهن اوڀر پاڪستان ٽُٽي بنگال مان بنگلاديش ٿي ويو، اهڙي سياست بحران واري دور ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جون واڳون سنڀاليون ۽ مجموعي طور تي تباهه حال ملڪ کي پنهنجي پرجوش سياسي قيادت سان سياسي توڙي اقتصادي بحرانن مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد جي شروعات ڪئي، هُن ملڪ ۾ اصلاحات نافذ ڪيا، پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو، ڪشمير جي آزديءَ لاءِ جدوجهد ڪئي. دنيا جي اسلامي ملڪن تي مشتمل اسلامي بلاڪ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.
۱۹۷۰ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽي اولهه پاڪستان مان اڪثريت سان چونڊجڻ مهل هوءَ آمريڪا ۾ هئي ان کان پوءِ اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيون ۽ جنگ لڳي ۽ اوڀر پاڪستان بنگلاديش جي صورت ۾ ڌار ٿي ويو، ۽ اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽو باقي رهيل پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنايو ويو. ان دور ۾ بينظير ڀٽو جيئن ۱۹۷۲ع ۾ اونهاري جون موڪليون گذارڻ پاڪستان آئي ته کيس والد صاحب پاڻ سان هندستان وٺي ويو، جتي کيس شملا ۾ اندراگانڌيءَ سان ملڻو هو. شملا ۾ اندار گانديءَ سان ملاقات ۱۸ سالن جي نوجوان بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو ۽اهائي ملاقات جهڙوڪر سندس جي عملي سياست ۾ داخلا جو پهريون قدم ثابت ٿي.
محترم بينظي ڀٽو شملا مان واپسيءَ بعد پنهنجي ڪاليج جي رهيل تعليم پوري ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪئي ان بعد هوءَ پاڪستان موٽي آئي. جڏهن ملڪ ۾ ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي ملڪ جو پهريون آئين نافذ ڪيو ٿي ويو، تڏهن بينظير پاڪستان ۾ موجود هُئي، انهيءَ عرصي دوران ذوالفقار علي ڀٽو کيس اڪغر ڪري سياسي دورن تي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو جنهن ڪري سندس ملاقات اڪثري ڪري دنيا جي وڏن سياستدانن ۽ شخصيتن سان ٿيندي رهندي هُئي، زندگيءَ ۾ پهريون دفعو جن وڏين شخصيتن سان ملاقات ٿي انهن ۾ آمريلي صدر هينري ڪسنجر پڻ شامل آهي، ان بعد جڏهن ۱۹۷۴ع ۾ لاهور ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ته اتي مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي شاهه فيصل، لبيا جي ڪرنل قذافي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان پڻ سندس ملاقات ٿي، لاهور ۾ سندس ملاقات گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي اميرن سان به ملي. علامي اڳواڻن سان ملاقاتن جو اهڙو سلسلو سندس جي لاشعوري طور تي جهڙوڪر سياسي تربيت ڪري رهيو هو. ان سال آڪسفورڊ ۾ بينظير کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي وئي ۽ ڪجهه وقت بعد ۱۹۷۷ع ۾ هُن يونين جي صدر لاءِ چونڊ وڙهي ۽ ڪامياب ٿي هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو هو.
شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي عملي سياست جي شروعات جهڙوڪر ۴- جولاءِ ۱۹۷۷ع کا ٿئي ٿي جڏهن جنرل ضياالحق مخالف ڌر سان معاهدو ختم ڪرڻ بعد اوچتو ئي اوچتو ۴ ۽ ۵ جولاءِ جي وچ واري رات جو ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ ۾ مارشلا مڙهي ڇڏي، ۽ ذوالفقار علي ڀٽي کي نظر بند ڪري ڇڏيو، جنهن بعد بيگم نصرت علي ڀٽو کي پارٽيءَجو قائم مقام چيئرپرسن بنايو ويو ۽ بينظير کي سندس سيڪريٽريءَ طور ذميواريون ڏنيون ويون.
هي دور ڀٽو خاندان، خود بينظير ڀٽو ۽ ملڪ جي سياست لاءِ انتهائي سنگين دور ثابت ٿي رهيو هو بيگم نصرت ڀٽو کي بار بار گرفتار ۽ آزاد ڪيو ٿي ويو، کيس ڪڏهن ڪراچيءَ ته  ڪڏهن سهالا پوليس ڪيمپ ۾ ۽ وري ڪڏهن سکر جيل ۾ قيد ڪيو ٿي ويو، جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ وارو فيصلو ٿيو، ان وقت بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترم بينظير ڀٽو ٻئي سهالا جيل ۾ قيد هيون. ان بعدکين ڀٽي صاحب سان ملاقات لاءِ راولپنڊيءَ آندو ويو جتي سندن جي ڀُٽي صاحب سان زندگيءَ جي آخري ملاقات ٿي. ڀٽي صاحب جي شهادت جتي بينظير کي دنيا جي هن وڏي ڏک کان ڏنو اتي منجهس شخصيت ۽ سوچ ۾ وڏي پڻ آندي، هوءَ هاڻي بيحد بهادر، بي خوف، پراعتماد ۽ بيباڪ عورت بنجي اڀري.
ڀٽي صاحب جي ڦاهيءَ بعد هڪ طرف جنرل ضياالحق ملڪ جو صدر ۽ چيف آف اسٽاف بڻجي ويهي رهيو ته ٻئي طرف سڄي ملڪ ۾ بيچيني پکڙيل رهي، سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻ خلاف ڪارروايون جي اڻ کٽ سلسلا شروع ٿي ويا، هر سياسي عمل ۽ جدوجهد خلاف سخت کان سخت ڪارروين معمول بڻجي ويون جهڙوڪر هن ملڪ ۾ سياست حرام هُجي، سڄي ملڪ ۾ مذهبي ماحول ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي هٿ سان واڌيو ويو ۽ سنڌ ۾ ته وري ڌاڙيلن جي وبا کي ڦهلايو ويو جنهن سنڌي سماج کي مڪمل طور تي معذور ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ هڪ طرف ڌاڙيل، ٻئي طرف ڦرون، ٽيئن طرف بدامني گڏجي ڪري سڄي سنڌي سماج کي اپاهج بڻائي ڇڏي، روزگار بند، سرڪاري نوڪريون بند، زرق روزگار جي هر سرگرمي بند، سنڌ لاءَ جنرل ضاي جي حڪومت جا سال انتهائي بدترين سال ٿابت ٿا، انهيءَ دوران ۱۹۸۱ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ شروع ٿي جنهن جو مقصد جنرل ضيا کي هٽائي ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ هو ته جيئن ملڪ ۾ جمهوري دور جي واپسي ٿئي، ملڪ ۾ شروع ٿيندڙ ايم آر ڊي جي تحريڪ جو زور سڄي ملڪ کان وڌي سنڌ ۾هيو، جيڪا ۱۹۸۳ع ۾ عروج تي پهتي.
انهيءَ دوران مارچ ۱۹۸۱ع ۾ پي. آءِ. اي جو هڪ جهاز اغوا ٿي ڪابل پهتو جنهن جو الزام سندس مرتضى ۽ شهانواز تي آيو ۽ انهيءَ جهاز جي اغوا جي الزام ۾ محترمه بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي وري گرفتار ڪيو ويو ۽ هو ۱۹۸۲ع تائين گرفتار قيد رهيون. قيد دوران بيگم نصرت ڀٽو سخت بيمار ٿي پئي ۽ ڊاڪٽرن کيس ڦڦڙن جي ڪينسر جو مرض تشخيص ڪئي، علاج لاءِ کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ملي جڏهن ته بينظير ڀٽو کي ڪراچيءَ واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو.
۱۹۸۴ ۾ بينظير کي ڪن ۾ شديد سور پيو ۽ کيس به علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، هُن پرڏيهه ۾ پنهنجي ڪن جو آپريشن ڪرايو، پرڏيهه هجڻ دوران سندس ڀاءُ شاهنواز جيڪو فرانس ۾ رهائش پزير هو ان جي موت جي خبر ملي جنهن کيس جهوري ڇڏيو هوءَ پاڻ فرانس وئي ۽ سندس مڙهه کڻائي پاڪستان واپس آئي، انهي دوران به جنرل ضيا کيس نظر بند ڪرايو جنهن جي خاتمي بعد هوءَ وري پرڏيهه هلي وئي ۽ وري ۱۹۸۶ ع ۾ لاهور واپس آئي ته لکين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو،
پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. سندس اهڙي شايان شان واپسيءَ کان پوءِ ۱۹۸۷ ۾ سندس شادي آصف علي زرداريءَ سان ٿي. ۱۰ اپريل تي اوجهڙي ڪئمپ واري واقعي کان پوءِ
۲۹ مئي۱۹۸۷تي جنرل ضياءَ، محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم ڪيون ۽ چونڊن جو اعلان ڪيو ۽ اتفاق سان ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۷ تي جنرل ضياءِ جو جهاز ڌماڪي سان هوا ۾ ڦاٽي پيو، آمر ضيا جي اهڙي انت بعد پاڪستان جي عوام جو خدا جو شڪر ادا ڪيو، جنرل ضيا جي موت بعد غلام اسحاق خان ملڪ جو صدر مقرر ٿيو، جنهن بنا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. غلام اسحاق خان جي اهڙي فيصلي خلاف محترم بينظير ڀٽو هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪئي جنهن تي سندس حق ۾ فيصلو آيو ۽ ملڪ ۾ پارٽي بنيادن تي چونڊن جو اعلان ٿيو.
اهڙين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ خلاف نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ آءِ جي آءِ نالي اتحاد ٺاهيو، ۱۹۸۸ع واريون اهي چونڊون پيپلز پارٽيءَ شاندار نموني کٽيون ۽ ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي محترم بينظير ڀٽو ايوان صدر ۾ وزارت عظميٰ جو قسم کنيو اهڙي نموني هوءَ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم ٿي. پهرين نومبر ۱۹۸۹ع تي سندس حڪومت خلاف مخالف ڌر بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي. ان بعد حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ٿيل آپريشن ۾ فوج جي مداخلت کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون ۽ نسلي فساد ڀڙڪي پيا. ۵ آگسٽ ۱۹۸۹ع تي صدر غلام اسحاق خان سندس حڪومت کي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.
سياست ۾ تاريخ پاڻ کي ورجائيندي آهي ۱۹۹۲ع صدر غلام اسحاق خان وري ساڳيا ئي الزم لڳائي نواز شريف جي حڪومت برطرف ڪري ڇڏي ان بعد بلخ شير مزاريءَ کي ملڪ جو نگران وزير اعظم چونڊيو ويو، ان بعد  ۱۹۹۳ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون جن ۾ ڪامياب ٿي محترم بينظير ڀٽو ٻيو دفعو ملڪ جو وزير اعظم ٿي وئي.
۱۳ نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو، جنهن سان ڪجهه وقت تائين سندس تعلقات بهتر رهيا ۽ جحڪومت سڪون سان هلي پئي، پر پوءِ وڳوڙ شروع ٿي ويا خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ انساني قتل گاهه بنجي ويو، ٽارچر سيل ۽ ٻورين ۾ بند لاش روز جو معمول بنجي چڪا هئا، نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان صنعتون پنجاب منتقل ٿيڻ لڳيون. سنڌي جي شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن جو راچ هو ۽ سنڌ جي باقي ضلعن ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. ۱۹۹۵ جي آخري ڏينهن ۾ صدر فاروق لغاري بينظير جو مخالف ٿي بيٺو.
۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۵ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو. هوءَ جهڙوڪر ٽُٽي پئي. اڃا صدمي ۾ هئي ته ۵ نومبر تي کانئس حڪومت به کسي وئي. قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو.
مجموعي طور تي بينظير ڀٽو جي سموري زندگي جهڙوڪر سياسي جدوجهد سان ڀرپور رهي جنهن ۾ جمهوريت جي بقا لآ۳ سندس جدوجهد اهم مقام رکي ٿي، ان بعد عوامي حقن ۽ ملڪ جي بقا، ترقي ۽ استحڪام لاءِ سندس جدوجهد پڻ انتائي قابل ذڪر آهي، سندس جي ٻي دور حڪومت جي پڄاڻيءَ بعد وري چونڊون ٿيون جن ۾ هن دفعي واري چونڊن ۾ ۱۷- فيبروريءَ تي نواز شريف جي حڪوتم قائم ٿي ۽ ۱۹۹۷ع جي پڇاڙيءَ ۾ وري بينظير ڀٽو کي ڪيترن ڪيسن ۾ ڪورٽن کي منهن ڏيڻو پيو. ملڪ جي اهڙي سياسي پس منظر ۾ هُن پنهنجي جدوجهد تان نه ته هٿ کنيو ۽ نه ئي ماٺي ٿي ويهي رهي، پنهنجي سياسي سرگرميءَ جي سلسلي ۾ ئي هوءَ روالپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ جلسي لاءِ پهتي هُئي جتي لکين ماڻهو سندس استقبال لاءِ آيل هيا.
شهيد بينظير ڀٽو کي ۲۷ – ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ بعد جڏهن هو پنهنجي گاڏيءَ ۾ واپس اچي رهي هُئي ته کيس عوام جي بي انتها جوش ۽ جذبي کي ڏسي هُوءَ پنهنجي گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري آئي ۽ عوام کي هٿ لوڏي انهن جي نعرن جو جواب ڏيندي رهي، ته ايتري ۾ هڪ قاتل گولي خبر ناهي ڪهڙي پاسي کان آئي جنهن کيس هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏيو، محترمه بينظير ڀٽو جو قتل نه فقط سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ انتهائي نقصان ڪار ثابت ٿيو پر سندس جي شهادت سان ملڪ جي سياسي عمل، جمهوريت جي بقا ۽ عوامي حقن جي حاصلات ک کي تمام وڏو ڇيهو رسيو.  ۲۷- ڊسمبر بعد ملڪ جي سياست ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ جمهوريت لاءِ خطره وڌي ويا، اڄ محترمه بينظير ڀٽو اڄ جسماني طڳر تي اسان جي وچ ۾ موجود نه آهي پر هُو پنهنجي سياسي جدوجهد، جمهوريت لاءِ قربانيون ۽ عوامي حقن لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ۽ ڪاوشن جي صورت ۾ عوام جي دلين ۾ زنده آهي ۽ هميشه زندهه رهندي. سموري دنيا ۽ پاڪستان ۾ سندس ڪميءَ کي محسوس پيو ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سنڌ ۽ پاڪستان جو عوام کيس “مارئي ملير جي”، “سنڌ راڻي” ۽ “شهيد راڻي”، “وفاق ڪي زنجير، بي نظير بينظير” جهڙن نالن سان ياد ڪري ٿو.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۽ سياست متعلق احوال پنهنجي ڪتاب”ڊاٽر آف دي ايسٽ” جي پهرين سٽ ۾ ئي مڪمل ۽ جامع نموني ڪري ڇڏيو آهي هُن لکيو آهي،”مون پنهنجي هن زندگيءَ جي پاڻ  چونڊ نه ڪئي آهي، پر ان منهنجي چونڊ ڪئي آهي.”.

ڪاش! بينظير ڀٽو، نذير عباسي جي صلاح مڃي ها
حميده گهانگهرو
منهنجي پياري ڌيءُ “پنڪي” اهي لفظ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جيل مان پنهنجي لاڏلي، وڏ ور ڌيءُ بينظير ڀٽو کي مخاطب ٿيندي هڪ طويل خط ۾ لکيا هئا. هوُ هيءُ خط نه پر هڪ بين الاقوامي سياسي جائزو آهي. هن کي پتو هئو ته پنهنجي ڌيءُ کي مخاطب ٿيندي جيل جي خوف هراسمينٽ بجاءِ دنيا جي سياسي حالتن جي پسمنظر کان آگاهي ڏيڻ تمام ضروري آهي. ڀٽو صاحب ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم ۽ ۵ سال پورا ٿيڻ کان پوءِ وري اليڪشن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿئي ٿو پر هن ملڪ ۾ اندروني طرح هميشه سامراجيت جو راڄ رهيو آهي. ان ڪري ڀٽي صاحب سوشلزم جو نعرو ڏئي روٽي، ڪپڙا، مڪان جي نعري سان عوام کي ميڙي هڪ منظم وڏي پارٽي ته ٺاهي ويو پر ان پارٽيءَ جي اقتدار تي راتاهو هڻي اقتدار کسي کيس جيل ڀيڙو ڪيو ويو، تنهن کي ڪير به نه بچائي سگهيو. ايشيا جي مهان ڏاهي جو سياسي فڪر ڪمزور نه ٿيو، ان ڪري پنهنجي سياست جو واڳ ڌڻي پنهنجي ڌيءُ کي منتخب ڪيائين.
بينظير ڀٽو ملڪ جي بيحد بردبار ۽ پيءُ وانگر ڏاهي سياست دان ٿي اڀري، ڀٽي صاحب جي گهرواري ايران ڄائي نصرت ڀٽو ور جي محبت کي ايترو سندر بڻائي ٿي جو پارٽي منشور ڄڻ نڪاح سان گڏوگڏ زندگي نڀائڻ ۽ سياسي ساٿ ڏيڻ جو وچن هجي. سندس خوبصورت سلڇڻي نياڻي مايوسي بجاءِ طاقتور سوچ جي رهنما ٿئي ٿي، هوءَ پنهنجي عظيم پيءُ جي لاش تي ڳوڙها وهائيندي وچن ڪري ٿي ته بيدرديءَ سان ڪيل هن خون جي ڏک کي عوام جي طاقت ۾ تبديل ڪرڻو آهي. خون سان رڱيل جهنڊي کي مضبوطي سان پڪڙي محلن جي آسائش کي الوداع چئي ملڪ جي غريب عوام جي آزاديءَ ۽ حقن جي پاسداري لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي ٿي، هوءَ پنهنجي خوبصورت جوانيءَ جي خوبصورت خوابن کي اڇلي جيلن جون ڀوڳنائون ۽ سورن ڀري زندگيءَ جي چادر ويڙهي عوام جي احساسن کي پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ سمائي ڇڏي ٿي.
هيءَ آمر جي اڳيان ڪنڌ نٿي جهڪائي. جيل جو ڀوڳنائون ۽ ملڪ بدر ٿيڻ جي سزا به کيس ڪمزور نٿي ڪري. بلڪه هر تڪليف کان پوءِ سگهاري سياسي قوت بڻجي اڀري ٿي، ڏيهه کان ڏور به پنهنجي قوم جي حقن لاءِ سندس وڙهڻ جو جذبو ختم نٿو ٿئي. مٿس ڪنهن گهر ڀاتي ڪاوڙ ۾ گل به نه اڇليو هوندو پر عوامي جدوجهد جي ميڙاڪن ۾ امڙ سميت لاٺي چارج کي به منهن ڏنائين. سندس هٿن ۾ هٿ ڪڙيون هنيون وڃن ٿيون. هيءَ بينظير هئي ۽ آهي، عوام ۾ سندس نالو گونجي ٿو ۽ اعليٰ تعليم يافتا بينظير ڀٽو پورب ڄائي  جي لقب سان ياد ڪئي وڃي ٿي. هن جو گهر لاڙڪاڻو، ڪراچي ناهي، هوءَ بهادر ڪردار جدوجهد ڪندڙ سياسي سوچ جي مالڪ پورب ڄائي ڄائي اڳتي هلي، دنيا جي مشهور سياسي اڳواڻن ۾ شمار ٿئي ٿي. سندس زندگيءَ جا وڏا ڏک پيءُ جي بي ڏوهي ڦاسي چڙهڻ نوجوان ننڍي ڀاءُ جو زهر وسيلي مارجڻ، ٻئي ڀاءُ جو سرعام گولين جو کاڄ بڻجڻ ڪنهن به خوفناڪ اذيت کان گهٽ ناهن. توڻي جو کڻي مرتضيٰ ڀٽو جو قتل سندس دور حڪمرانيءَ ۾ ٿيو، ان ڪري سياسي بحث ڪري سگهجي ٿو پر هن وقت سندس شخصيت تي لکڻ اهم آهي. ڇاڪاڻ جو منهنجي اڳيان محترمه جو عوام سان گڏجي بيهڻ ۽ عوام جو آواز بڻجڻ سندس سياسي مدبر ۽ بهادر ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو.
۱۹۸۸ع ۾ جڏهن ملڪ جي پهرين وزيراعظم ٿئي ٿي ته دنيا جي نقشي تي سندس نالو سنڌي عورت وزيراعظم ڪيترين عورتن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته محترمه پنهنجي پارٽيءَ ۾ عورتن کي سياسي شعور ڏئي اڳتي اچڻ جا موقعا ڏنا. قومي توڻي صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جو تعداد وڌڻ لڳو. ملڪ جي هيءَ پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن عورتن کي سگهارو بڻائڻ لاءِ پنهنجي دور حڪمراني ۾ انٽرنيشنل عورت ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ ليلا خالد  پڻ شڙڪت ڪئي جنهن فلسطين جي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻيو دفعو جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ لاءِ منهن جي پلاسٽڪ سرجري به ڪرائي. اهڙيون عورتون تاريخ جو اهم حصو هونديون آهن. محترمه انهن سڀني عورتن کي اسلام آباد ۾ ڪٺو ڪيو. اها هن ملڪ جي بدقسمتي  آهي ته جمهوري حڪومت کي پنهنجي مقرر وقت جو اقتدار پورو ڪرڻ ناهي ڏنو ويندو ۽ محترمه به انهيءَ سوچ جي ور چڙهي سالن جو اقتدار سنڀالڻ بجاءِ مهينن ۾ راتاهو  هڻي اسيمبليون ٽوڙي ختم ڪيون ويون.
مان پيپلز پارٽي جي نه ميمبر هيم نه اڳواڻ پر محترمه سان سياسي طور تعارف هو. ڀٽي صاحب کي جڏهن ڦاهي آئي ته محترمه صدمي ۾ چور هئڻ سان گڏ ڪجهه پنهنجي ئي ماڻهن تي شڪ هيس. ان ڪري تمام محتاط طريقي سان ماڻهن سان ملندي هئي.
بدر ابڙو پنهنجي ڪتاب “قافلو هلندو رهي” ۾ ياد ڏيارائي ٿو ته، اسان کي نذير عباسيءَ جو نياپو مليو ته بينظير وٽ وڃو “ايس اين ايس ايف” پاران تعزيت ڪيو ۽ هيءُ بند لفافو هٿ ۾ ڏيوس ۽ زباني چئجوس ته تون برابر بينظير آهين پر آئون به نظير آهيان. تاريخ توهان ۽ اسان کي اڄ اهڙي جاءِ تي آڻي بيهاريو آهي جو اڳتي اسان کي گڏجي جدوجهد ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي سان ساٿ نه ڏنو ته هي (مارشل لا وارا)نه توهان کي جيئڻ ڏيندا نه اسان کي. اسان جو ا تحاد تاريخي ضرورت آهي، توهان اسان جو ساٿ ڏيو يا نه ڏيو، اسان توهان سان غير مشروط طور گڏ آهيون. هن ملاقات ۾ آئون امداد چانڊيو ۽ ٻيا دوست به هئاسين ۽ ٻئي ڏينهن وفد جو فوٽو ۽ ملاقات جي خبر اخبارن ۾ ڇپي، جڏهن ته ان ملاقات ۾ محترمه انتهائي محتاط ڳالهايو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي. نذير جي ڏنل خط تي چيائين ته اهو سينٽرل ڪميٽي تائين پهچائينديس. بيگم صاحبه کي پڙهائيندس، توهان جي جذبن جو قدر ڪيان ٿي، ڏسون ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي. پيپلز پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي ڪهڙو فيصلو ڪيو يا بينظير ڪا وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪئي. بهرحال ۱۹۸۰ع ۾ جڏهن نذير عباسي کي به ملڪ دشمن عناصر قرار ڏئي ٽارچر وسيلي شهيد ڪيو ٿو وڃي ته محترمه نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نذير جي شهادت جي مذمت ڪندي ڏک ظاهر ڪيو ۽ محراب پور منهنجي بابا جي گهر سڀ کان پهريون ٽيلي گرام محترمه جو پهتو هو، جنهن ۾ هن مون کي مخاطب ٿيندي حوصلو ڏنو ۽ پوءِ جڏهن مارشل لا ڪورٽ ۾ نذير جي شهادت کان پوءِ سندس ساٿين تي ڪيس هليو جيڪو ڄام ساقي ڪيس نالي مشهور ٿيو ته محترمه ان ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.
جڏهن سندس اقتدار آيو ته ۱۹۸۸ع واري حڪومت نه پر ۱۹۹۳ع واري دور ۾ نذير عباسيءَ جي ڌيءُ زرقا عباسيءَ جي اپيل تي ته نذير عباسيءَ جي قاتلن کي وائکو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اهو ڪيس ۸۰-۰۸-۱۷ تي مون ئي داخل ڪرايو هو. محترمه ان اپيل تي نظرثاني ڪئي ۽ مون کي ۽ زرقا کي اسلام آباد گهرايو. مون کان بيان ورتو ويو جنهن ۾ منهنجو موقف هو ته محترمه به شهيد جي ڌيءُ آهي ۽ زرقا به شهيد جي ڌيءُ آهي ٻئي هڪ ئي دور جي حڪمرانن جا شهيد آهن.
نذير عباسيءَ کي ۷ ڏينهن پوءِ يعني ۳۰ جولاءِ تي گرفتار ڪيو ويو ۽ نامعلوم جاءِ تي کيس ٽارچر ڪري شهيد ڪيو ۽ ۹ آگسٽ تي اطلاع مليو ته نذير عباسي فوت ٿي ويو ۽ سندس وفات فطري موت آهي. جيڪڏهن هن جو فطري موت ٿيو ته پوءِ سندس مڙهه وارثن حوالي ڇو ڪو نه ڪيو ويو. محترمه ان ڳالهه تي متفق تي نه بلڪل صحيح آهي ان جي جاچ ڪئي وڃي پر خبر ناهي ڪهڙيون سياسي مصلحتون هيون جو ڪجهه ڏينهن جي بيان بازي ٿي ۽ مون کي  مراعتون وٺڻ جون آڇون ٿيون، جيڪي مون وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ بضد رهيم ته نذير جي قاتلن کي وائکو ڪري ثابت ڪيو ته نذير جو قتل بي ڏوهي جو قتل آهي پر مختصر جاچ پڙتال کان پوءِ خاموشي ٿي وئي، اسان محترمه کي صرف اپيل ئي ڪري پئي سگهياسين. ڇاڪاڻ جو دنيا جي انقلابين جا قتل، جن کي هو  گلي جو هار سمجهي موت جي رسيءَ کي چمي ڏئي پنهنجي ڳلي ۾ پائيندا آهن. هنن کي انهيءَ ڳالهه جي پرواهه ناهي هوندي ته سندن زندگيءَ جي ڏيئي اجهامڻ کان پوءِ آخر  ڇا ٿيندو. بس هو پنهنجي مقصد جي منزل جي ويڙهه وڙهندي ڪرندا يا جهڪندا ناهن، بلڪه ڳاٽ اوچو ڪري شهادت جو جام پي هليا ويندا آهن.
محترمه به جڏهن ٽيون دفعو ۲۰۰۷-۱۰-۱۸ تي مارشل لا جهڙي حڪومت ۾ پاڪستان اچي ٿي کيس موت جا انديشا ٻڌايا وڃن ٿا پر پوءِ به هوءَ موٽ کان انڪاري آهي. ڪراچي ايئرپورٽ کان قائداعظم جي مزار تائين جو سفر ڪيترن ڪلاڪن ۾ به طئه نٿو ٿئي ۽ وچ رستي يعني ڪارساز تي ڌماڪو ڪري ڪيترا شهيد ۽ زخمي ڪيا وڃن ٿا، محترمه معجزاڻي طور بچي وڃي ٿي پر سندس حوصلا جهڪا نه ٿا ٿين ۽ هوءَ ان عوام جي سمنڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ ميڙ کي دل ۾ سانڍي پرعزم رهي ٿي. هن جو قافلو پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏانهن گامزن آهي. سياسي طور سمجهي ٿي ته ملڪ جي اعليٰ عدالت جا اختيار جيڪڏهن پائمال ڪيا ويا ته ڪڏهن به جمهوري حڪومت جو قيام صحيح طريقي سان برقرار نٿو رهي سگهي. هو سمجهيو پئي ته جنرل مشرف هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بعد ملڪ جي عدليا کي هٽايو ۽ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي ملڪي ليول تي هلندڙ جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ لاءِ کيس گهر ۾ نظر بند ڪيو ۽ محترمه چيف جسٽس جي گهر ٻاهران بيهي جلسو ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته سندس چيف جسٽس اهو ئي آهي.
حقيقت ۾ محترمه ملڪ کي آئين ۽ قانون تحت هلندو ڏسڻ چاهي پئي، هوءَ اليڪشن مهم کي جاري رکندي راولپندي رواني ٿئي ٿي ۽ راولپنڊي جي لياقت باغ پهچي ٿي. جتي ملڪ جي پهرين وزيراعظم کي گوليون هڻي شهيد ڪيو وڃي ٿو. محترمه جو جلسو به اتي ٿيڻو هو. ڪامياب جلسي کان پوءِ عوام کي فتح جو نشان ڏيکاريندي هوءَ الوداع ڪري ٿي پر عوام جي جوش، جذبي ۽ محبت کي ڏسي هوءَ گاڏي جو ڍڪ کولرائي ٿي ۽ وري فتح جو نشان ڏيکاري ٿي ته اوچتو ڌماڪي سان گڏوگڏ کيس اهڙو نشانو بڻايو ٿو وڃي جو چنڊ لمحن ۾ مسڪرائيندڙ جوش ۽ ولولي وارو چهرو مرجهائجي وڃي ٿو. سندس محبت ۽ عقيدت ۾ عوام جون آهون، دانهون ۽  ڪوڪون ٻڌجڻ ۾ اچن ٿيون ۽ رات جي انڌيري ۾ آسمان ۾ چمڪندڙ تارن جي پاڇي ۾ چنڊ جي روشني اڳيان هن سياسي روشني نما سياستدان جو مڙهه هڪ بند تابوت ۾ پيءُ وانگر ڳڙهي خدا بخش جي آخري سفر تي روانو ٿئي ٿو.
وقت ثابت ڪيو ته نذير عباسي جو چيل  هڪ هڪ لفظ صحيح هئو ته جيڪڏهن حقيقي جدوجهد جو سياسي اتحاد نه ٺهيو ته ملڪ ۾ سامراجي قوتن جي اثر هيٺ ڪا به تبديلي آڻڻ ناممڪن آهي.
بينظير ته بينظير ثابت ٿي پر نذير به هڪ نذير ثابت ٿيو، مارشل لائن ٻنهي کي جيئرو نه ڇڏيو.
اڄ به وقت نه ويو آهي بينظير جو اڪيلو لاڏلو پٽ بلاول ڏاهپ کان ڪم وٺندي اهڙين قوتن کي منظم ڪندو ۽ پنهنجي پارٽي کي صرف اقتدار جي حوس کان بچائيندڙن کان ڇوٽڪارو ڏياريندو ته سندس ناني ۽ ماءُ جو عوام سان روٽي، ڪپڙا اور مڪان وارو نعرو ڏيڻ جو رستو بچي سگهي ٿو. اهو ئي بينظير ڀٽو جي قربانيءَ کي خراج تحسين پيش ڪري مانُ ڏيڻ جو آسان طريقو آهي.


محترمه بينظير ڀٽو

عبدالستار ڀٽي

محترمه بينظير ڀٽو، ان خاندان جي پهرين سياسي عورت آهي، جيڪو صدين کان هڪ وڏو جاگيردار قبيلو ليکيو ويندو هيو. ۱۹۵۸ع جي پهرين زرعي اصلاحات کان اڳ ۾، ڀٽن وٽ صوبي سنڌ ۾ تمام گهڻا هاري هوندا هيا ۽ سندن زمين جي ماپ ايڪڙن ۾ نه پر ميلن ۾ ٿيندي هئي. سن ۱۸۴۳ع ۾ جڏهن سنڌ جي انگريز فاتح چارلس نپيئر صوبي جو گشت ڪيو ته هن گاڏي جي ڊرائيور کان پڇيو ته اهي زمينون ڪنهن جون آهن. کيس جواب مليو ته ”ڀٽن جون آهن“ چيائين جڏهن اهي زمينون ختم ٿين ته مون کي ننڊ مان اٿارجانءِ پر جڏهن هو پاڻ ئي جاڳيو تڏهن وري معلوم ڪيائين ته ساڳيو جواب مليس ته ڀٽن جون زمينون آهن، هو حيرت ۾ پئجي ويو.

هوءَ ان ڀٽو خاندان جي مجاهد عورت آهي، جيڪي صدين جي پراڻن ريتن رسمن ۽ رواجن کان علاوه پنهنجي عورت جي شادي ٻي ذات ۾ ڪرڻ کي غلط سمجهندا هيا. شاديون پنهنجن خانداني سوٽن، ماساتن ۽ ماروٽن ۾ ٿينديون هيون. جيڪڏهن رشتو موجود نه هجي ته پوءِ عورتون ڪنواريون ئي زندگي گهارينديون هيون. سندس ڏاڏي سر شاهنواز خان ڀٽو سنڌ جي صدين کان هن ظالم جاگيرداري نظام کي ٽوڙيو ۽ پنهنجي ٻي زال جي ڌيئرن جون شاديون ڀٽن کان ٻاهر ڪرايون. خاندان کان ٻاهر شادي ان ڪري ڪو نه ڪرائي ويندي هئي ته ملڪيت جو حصو نه ڏيڻو پوي.

ڀٽو خاندان پردي جو سخت پابند هيو. ايستائين جو ايراني نسل جي ٻاهرين عورت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه به شادي کان بعد ڪراچي ۾ برقعو پائي پنهنجن ماڻهن ڏانهن ويندي هئي. باقي لاڙڪاڻي اچڻ مهل ته مڪمل طرح سان برقعو پائيندي هئي. هڪ دفعي ڪراچي کان جڏهن لاڙڪاڻي پهتا ته بيگم صاحبه ڀٽو صاحب کي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب حيران ٿيندي چيو ته ”کيس برقعي پائڻ جي ضرورت ڪانهي“ ان لحاظ کان به بينظير ڀٽو خوشنصيب عورت آهي جيڪا مردن وانگر آزاد دنيا کي ڏسڻ محسوس ڪرڻ جي ڏات ماڻي. دراصل ڀٽو صاحب پنهنجي پياري ڌيءَ کي ننڍپڻ کان ئي اهو احساس ڏياريندو هيو ته هوءَ اڳتي وڌندي ۽ کيس گهڻو ڪم ڪرڻو آهي. ڀٽو صاحب پنهنجي اولاد کي ننڍپڻ کان ئي دنيا جي عالمي شخصيتن سان ملائيندو رهندو هيو.

محترم بينظير ڀٽو صاحب تاريخ ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي ۾ ڄائي. هوءَ عظيم جمهوري اڳواڻ ماءُ بيگم نصرت ڀٽو ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين اولاد آهي. مٿس سندس پڦيءَ جو نالو بينظير رکيو ويو. ڀٽو خاندان ۾ وڏن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکڻ جو قديم رواج آهي. جيئن ته محترمه پيدائشي طور تمام خوبصورت ۽ گلابي چمڙي جي مالڪ هئي تنهن ڪري پيار مان سڀ کيس ”پنڪي“ سڏيندا هيا.

محترمه جڏهن اڃا ٽن ورهين جي هئي ته کيس ”ليڊي جيننگس نرسري اسڪول“ ۾ داخل ڪيو ويو. پنجن ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي جي سڀ کان بهتر اسڪول“ دي ڪنوينٽ آف جيزس اينڊ ميري“ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي تعليم انگريزي ٻولي ۾ هئي. اهو ئي سبب هيو جو سندن گهر ۾ انگريزي ٻولي هلندي هئي. هن اسڪول ۾ آئرش ماسترياڻيون پڙهائينديون هيون. ٻئي طرف باقائدي مولوي اسلامي ۽ قرآن شريف جي تعليم لاءِ رکيل هيو.

پاڻ جڏهن چئن سالن جي هئي ته سندس والد اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ويو ۽ ستن سالن جي هئي ته ڪابينا ۾ وزير مقرر ٿيو. والده ڀٽو صاحب سان پرڏيهه ويندي کيس چوندي هئي ته ”تون ٻين ٻارن جو خيال رکجانءِ ڇاڪاڻ ته تون وڏي آهين“ ائين ننڍپڻ کان محترمه ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلي جي قوت جنم ورتو. محترمه ڏهن سالن جي ٿي تڏهن کيس ڪوهه مري هل اسٽيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. جتي پهريون ڀيرو کيس پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو پيو. جهڙوڪ وهنجڻ لاءِ ٻاهران نل مان پاڻي ڀرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ ڇاڪاڻ ته سندس والد جو اسڪول جي انتظاميا کي حڪم هيو ته منهنجي ٻارن کي به ٻين ٻارن وانگر سمجهو.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي وزير خارجه جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ بعد محترم والد سان ريلوي گاڏي ۾ لاڙڪاڻي تائين سفر ڪيو. هر اسٽيشن تي ماڻهن جا هجوم پهتا. هنن ”فخر ايشيا زنده باد“ جا نعرا هنيا. اهڙي طرح محترمه کي پنهنجي والد جي صحبت ۾ سياسي جهيڙن جهڳڙن، تقريرن، تبصرن بابت ڄاڻ ملندي هئي. ۱۹۶۷ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد پيو تڏهن محترمه اٽڪل چوڏهن سالن جي ڄمار ۾ ۷۰ ڪلفٽن تي قائم پيپلز پارٽي جي دفتر تي ميمبر شپ لاءِ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جون قطارون لڳل ڏٺيون وري ۱۹۶۸ع ۾ سندس والد کي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت گرفتار ڪيو تڏهن محترمه بينظير جي تعليمي زندگي جو ڏکيو سال آيو، ڇاڪاڻ ته کيس گذريل ٽن سالن جي پڙهائي سميت او ليول امتحانن  ڏيڻ ۽ ريڊ ڪلف ۾ داخلا جي امتحان جي تياري ڪرڻي هئي. ۲۸ نومبر ۱۹۶۸ع تي ساهيوال جيل مان ڀٽو صاحب پنهنجي ذهين ڌيءَ کي خط لکيو ”مون کي سچ پچ ته فخر آهي ته منهنجي ڌيءُ اهڙي ذهين آهي جو هوءَ پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ اهي امتحان ڏئي ٿي جيڪي مون ارڙهن ورهين ۾ ڏنا هيا، ان رفتار سان تون صدر ٿي سگهين ٿي.“

ڀٽو صاحب کي ٽن مهينن بعد آزاد ڪيو ويو پوءِ لاڙڪاڻي جي تاريخي جلوس ۾ محترمه به پنهنجي والد سان گڏ هئي، شروع ۾ ريڊ ڪلف مان داخلا نه ملڻ جو اطلاع مليس ڇاڪاڻ ته داخلا لاءِ عمر ۱۷ سال هئي ۽ هن وقت سندس عمر ۱۶ سال آهي پر ڀٽو صاحب جي دوست جان ڪيلٿ گيلبرائٽ محترمه جي مدد ڪندي ۱۹۶۹ع هن جي داخلا جو انتظام ڪيو. هتي آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي جي ريڊ ڪلف ڪئپمس ۾ سال ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷۳ع ۾ تائين شاندار زندگي جا يادگار تجرباتي سال گذاريائين. هتي کيس وڏين طاقتن ۽ ٽين دنيا جي بيوسي جي ڄاڻ حاصل ٿي هئي. ايليٽ هال ۾ پهريون ڀيرو محترمه بحيثيت عورت اڪيلي رهي. پڻ محترمه بوسٽن ڪامن ۾ هزارن شاگردن سان گڏوگڏ جدوجهد ڪرڻ کان علاوه واشنگٽن ڊي سي جي تمام وڏن جلوسن ۾ حصو ورتو ۽ پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ ئي ڳوڙها گيس جي لذت ماڻي. محترمه پنهنجي پهرين سال ۾ ئي ايليٽ هال جي سوشل سيڪريٽري منتخب ٿي. پوءِ هارورڊ اخبار ”دي ڪرمسن“ لاءِ مقابلو ڪيو.

محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي جي پهرين تقرير اچانڪ جذباتي انداز ۾ ڪئي. پروفيسر والزر هال ۾ موجود ٻه سئو شاگردن کي جڏهن ”جنگ ۽ علم اخلاقيات“ جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي پاڪستان پاران بنگلاديش ۾ حق نه ڏيڻ تي دليل ڏنا، تڏهن محترمه جوابي تقرير ڪندي پروفيسر جي خيالن جي اصلاح ڪئي. ۱۹۷۱ع ۾ بنگلاديش ۾ پاڪستان ڀارت وچ ۾ جنگ لڳي تڏهن جنرل يحيٰ خان هڪدم ڀٽو صاحب کي نائب وزيراعظم ۽ وزير خارجه مقرر ڪري اقوام متحده موڪليو. ڀٽو صاحب محترمه کي نيويارڪ پهچڻ لاءِ چيو ۽ پهريون دفعو محترمه ۱۸ سالن جي ڄمار ۾ سلامتي ڪائونسل جي هن اجلاس ۾ وفد جي ميمبر جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي. پيري هوٽل ۾ محترمه پاڪستان ڀارت جنگ ۾ پرڏيهي سطح تي ٿيندڙ ڪوششون ڏسي وڏو تجربو حاصل ڪيو. هتي روسي وفد، چيني وفد ۽ آمريڪا جو جارج بش جي اڳواڻي ۾ وفد آيو. ۱۵ ڊسمبر ۱۹۷۱ع واري ڏينهن به سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ محترمه پنهنجي والد سان شريڪ ٿي ۽ ڀٽو صاحب جي واڪ آئوٽ ڪرڻ مهل هو به سندس پٺيان واڪ آئوٽ ڪري ٻاهر آئي.

ڀٽو صاحب ۲۸ جون ۱۹۷۲ع تي بحثيت صدر پاڪستان پنجن ڏينهن لاءِ ڀارت ويو ته محترمه به ان وفد ۾ شامل ٿي. شملا معاهدي دوران محترمه کي ڀارت ۾ تمام گهڻي مقبوليت ۽ شهرت ملي. محترمه وري واپس هارورڊ يونيورسٽي آمريڪا وئي جتي سال ۱۹۷۳ع گريجوئيشن پاس ڪيائين. ساڳي سال انگلينڊ جي آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين هتي ليڊي مارگريٽ هال ۾ ننڍڙو ڪمرو غسل خاني ۽ ٽيليفون کان سواءِ مليس. سال ۱۸۲۳ع ۾ هائوس آف ڪامن جي انداز ۾ قائم ٿيل ”آڪسفورڊ يونين ڊبيٽنگ سوسائٽي“ ادارو مستقبل جي سياستدان ٿيندڙن کي وڏي مدد ڪندو هيو. محترمه لڳاتار ٽن سالن تائين هتي سياست، فلسفو، معاشيات ۽ چوٿين سال بين الاقوامي قانون ۽ سفارتڪاري جي پوسٽ گريجوئيٽس ڪورس وارن ڏينهن ۾ آڪسفورڊ يونين مان ڀرپور فائدو حاصل ڪندي تقرير جو فن حاصل ڪري ورتو.

آڪسفورڊ ۾ محترمه جي زندگي جي پهرين تقرير جو موضوع ملڪ جي چونڊيل سربراهه جي معزولي فوج طرفان نه پر آئيني هئڻ گهربي هئي. سال ۱۹۷۴ع ۾ محترمه لاهور ۾ ٿيندڙ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ آئي. محترمه آڪسفورڊ يونين ۾ ڪيترا سال خزانچي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. هوءَ ۱۹۷۶ع ۾ يونين جي صدارت ۾ ڪامياب ٿي جيڪا آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي ۽ يونين جي تاريخ جي ٽين خاتون عورت هئي. محترمه ۲۵ جون ۱۹۷۷ع تي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وطن واپس موٽي. هتي پهچڻ شرط وزارت خارجه ۾ انڊر سيڪريٽري عهدي تي ڪم ڪرڻ لڳي پر اٽڪل ڏهن ڏينهن بعد پاڪستان ۾ هلندڙ پي اين اي جي تحريڪ جي بهاني سان ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي سندس والد وزيرراعظم ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي حڪومت کي جنرل محمد ضياءُ الحق ختم ڪري ڇڏيو. محترمه سڄي رات پنهنجي گهر ۾ فوجي ايڪشن بعد ڪنهن به حادثي جي انتظار ۾ تمام ڀاتين سان مختلف وسوسن ۽ سوچن واري ڪيفيت ۾ جاڳي گذاريو ڇاڪاڻ ته بنگلاديش ۾ وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان ۽ سندس خاندان جو اتان جي فوج هٿان قتل سندس ذهن ۾ ويٺل هيو. صبح جو کين آزادي ملي. ڀٽو صاحب جي حڪم تي محترمه بينظير پهريون ڀيرو لاهور ٻوڏ جي ستايلن سان همدردي ڪرڻ لاءِ پهتي سندس شاندار استقبال ٿيو. هوءَ هن وقت تائين سياست ۾ ڪو نه داخل ٿي هئي. پر پوءِ پنهنجي والد جي آزادي بعد ملڪ اندر دورن ۾ والد سان گڏ هوندي هئي، مارشل لا وارن کيس پهريون ڀيرو نوٽيس موڪليو ته سياست کان پاسو ڪيو. تاريخ ۳ ۽ ۴ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي صبح جو ۷۰ ڪلفٽن تي فوجي ڪمانڊو جو هڪ وڏو اٽالو آيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪري وٺي ويا. محترمه جي ڪمري ۾ سامان جي تلاشي ورتائون ۽ هيٺ ملاقات واري ڪمري ۾ بندوقن جي سائي ۾ ويهاريو. پهريون ڀيرو محترمه بينظير اهڙي ڊپ ڏياريندڙ خوفناڪ صورتحال مان گذري. سندس والد ڏهن ڏينهن بعد ضمانت تي آزاد ٿيو پر وري ۱۷ سيپٽمبر ۱۹۷۷ع تي هڪ قتل ڪيس ۾ لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪري ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد ڪيو ويو. محترمه اتي ساڻس ملاقات ڪئي پر ٻن ڏينهن بعد ۲۹ سيپٽمبر تي بينظير صاحبه کي ساهيوال مان گرفتار ڪيو ويو. پوءِ هر پندرهن ڏينهن بعد وڌيڪ نظربندي، وري رهائي، ڪڏهن صوبو دربدري، ڪڏهن نظربندي اها ان وقت جي فوجي ٽولي ۽ محترمه جي وچ ۾ اک ٻوٽ واري راند شروع ٿي چڪي هئي. هوءَ ڪڏهن ڪهڙي شهر ۾ ڪڏهن ڪهڙي گهر ۾ ڪڏهن ڪهڙي صوبي ۾ لڳاتار نظربند يا صوبو بدر رهندي ان تجربي ۽ تڪليف جي عادي بڻجي چڪي هئي.

والد صاحب جي حڪم تي محترمه محدود سياسي سرگرميون شروع ڪيون جنهن ۾ چانهه پارٽين، گڏجاڻين ۽ ميل ملاقات شروع ڪيو. ۱۴ فيبروري ۱۹۷۸ع کان بينظير صاحبه سنڌ جو دورو شروع ڪيو. نواب شاهه جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پهتي ته کيس ۱۸ فيبروري تي نوابشاهه مان ضلعي بدر ٿي ڪراچي اچڻو پيو. ۱۸ مارچ کان ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي ۾ نظر بند ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڀٽو صاحب کي سزائي موت جو فيصلو ڏنو ويو. محترمه پنهنجي والد سان موت جي ڪوٺڙي ۾ ملڻ وئي جتي هن ڏٺو ته اندر بدبو، اوندهه ۽ زنجيرن سان ٻڌل هڪ کٽ پئي آهي، والد جي پيرن ۾ زنجيرن جا نشان آهن. کٽ کي هڪ طرف سوراخ آهي، جيڪو ڦاسي جي قيدين لاءِ پائخاني ڪرڻ جي سهولت لاءِ هيو. هوءَ والد کي ڦاسي جي اعلان بعد غير ملڪي حڪمرانن پاران اپيلن بابت تفصيل ٻڌائي ٿي. پوءِ هيءَ قيدياڻي لاهور ۾ قيد پنهنجي جيجل امڙ بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات ڪري ٿي. هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هن کي آزادي ملي. محترمه ۲۱ جون ۱۹۷۸ع تي پنهنجي پنجويهين سالگره راولپنڊي جي ڦاسي واري ڪوٺڙي ۾ قيد والد سان ملهائي.

۴ آڪٽوبر ۱۹۷۸ع تي ڪراچي کان ملتان جهاز وسيلي پهچڻ تي محترمه ۽ سندس سهيلي ياسمين کي پوليس پڪڙي هڪ سيسنا ننڍي جهاز ۾ زوري گهليندي وٺي وڃي ٿي، نتيجي ۾ محترمه جا ڪپڙا ڦاٽي پون ٿا ڄنگهن مان به خون وهي ٿو ڇاڪاڻ ته رهڙن ڪري کيس زخم رسن ٿا. پوءِ هوءَ به راولپنڊي ۾ قيد پنهنجي والده وٽ پهچي ٿي. ۴ فيبروري ۱۹۷۹ع تي سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ڏنل سزائي موت بحال رکي. قيد ۾ بند محترمه پنهنجي والد جي ڪيس جو فيصلو ٻڌو هن پنهنجي والد جي زندگي بچائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهريو پئي پر مجبور قيدياڻي هئي ڇا پئي ڪري سگهي؟ هوءَ پنهنجي والد جي زندگي بچائڻ لاءِ سوين سوچون ذهن ۾ تيار ڪري پئي پر هن جي سوچ تي قيد جون ديوارون قلف لڳايو ڇڏين. سندس جسم قيد، ساهه قيد هيو. سندس حوصلو، جرئت قيد هئي. سندس عقل، عمل، جوش جذبا قيد هيا. هوءَ مارشل لا حڪومت جي مقابلي ۾ هٿين خالي به آزاد ڪو نه هئي. پاڪستان جي سياست ۾ سياستدان ڪڏهن به اهڙي مصيبت مان ڪو نه گذريا. اهڙي بند قيد ڪوٽ ۾ سياست اڳ داخل ڪو نه ٿي هئي. وري اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سياسي قائد جي ڌيءَ اهڙي مجبور بيوس ڪو نه ڏٺي وئي آهي، ڪهڙو عذاب ۽ اذيت محترمه نه ڏٺي پر هن پنهنجي عظيم والد کي ڪڏهن به مايوس يا پريشان ڪو نه ڪيو. سدائين عظيم والد سان حوصلي ساڻ ملاقات ڪئي. حوصلي جرئت سان ڦاسي جي ڪوٺڙين ۾ حال احوال اوريو. محترمه به هڪ عورت هئي، تمام ڪمزور عورت، هوءَ به پنهنجي اندر ۾ حيران، پريشان، اداس مايوس ٿيندي هئي. دماغ سوچ ۽ جسم گهٻرائجي ويندو هيو پر هن ڪڏهن به سرعام پنهنجي جذبن جو ڪمزور اظهار نه ڪيو. هڪ مضبوط، حوصلي واري اهڙي عورت ٿي جدوجهد ۽ حالتن جو مقابلو ڪيو جن عورتن کي خبر پوندي آهي ته سندن هر ڏينهن تاريخ جو هڪ يادگار حصو بڻجي وڃي ٿو. سندن عمل ايندڙ دور ۾ سياسي ڪارڪنن لاءِ حوصلو پيدا ڪندو.

۱۲ فيبروري ۱۹۷۹ع تي قانون نافذ ڪرڻ وارن وري محترمه ۽ سندس والده کي راولپنڊي جي قيد مان ڪڍي ڪجهه ميلن جي فاصلي تي هڪ پوليس ٽريننگ لاءِ قائم پراڻي جڳهه سهالا سينٽر ۾ قيد رکيو. هي جڳهه هڪ گنجي ٽڪر مٿان ٺهيل آهي. مارچ ۾ محترمه بينظير کان ٿوريون گهڻيون مليل سهولتون به واپس ورتيون ويون. سندس والد جي سفيد ڏاڙهي به وڌي وئي هئي. هو هيٺ فرش تي سمهندو آهي، ڪجهه ڪتاب پڙهندو ۽ ڪجهه سگار پيئندو آهي.

۲ اپريل تي فوج جا عملدر آمد ٿيا ۽ کين چيو ته ڀٽو صاحب سان ملاقات لاءِ هلو، پر بينظير بيماري جو بهانو ڪري هڪ ڏينهن ڀٽو صاحب جي زندگي بچائي ۽ قيد ۾ پنهنجي بورچي ابراهيم کي خط ڏئي پنهنجي سهيلي ياسمين ڏانهن موڪليو جنهن بي بي سي کي بينظير جو آخري پيغام پهچايو ۽ رات جو خبرن ۾ آيو ته بينظير جيل مان پيغام موڪليو آهي ته ۳ اپريل تي اسان جي ڀٽو صاحب سان آخري ملاقات آهي پر بي بي سي عوام کي احتجاج ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ جي اپيل ڪو نه ٻڌائي. سندن آخري اميد به ختم ٿي وئي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ماءُ ڌيئر شهيد ڀٽو کي قيد ۾ رهي ٻيو ڪيئن بچائي سگهن پيون. هنن آخري ڏينهن به ڪوشش ڪئي ته پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي ۽ عوام ميدان ۾ اچي شهيد ڀٽي کي بچائن. دنيا جي سفيرن کي ۽ حاڪمن کي ڄاڻ ملي پر سندن اها ڪوشش به ڪامياب نه ٿي. ٽين اپريل تي فوجي عملدارن جي هڪ تيز رفتار جيپ ٻنهي کي سهاله مان کڻي راولپنڊي جيل پهتي جيل جا دروازه کليا ۽ بند ٿيا. جيل جي ليڊيز پوليس پهريان سهاله پوءِ راولپنڊي جيل ۾ پهچڻ تي محترمه بينظير ۽ سندس والده جي تلاشي ورتي، ڇهن ڦٽن جي ڦاسي واري ڪوٺڙي ۾ بند اونداهي ڪمري ۾ ويٺل ڀٽو صاحب ٻنهي کي گڏ ملاقات لاءِ ڏسي حيران ٿي ويو ۽ پڇي ٿو ”هيءَ آخري ملاقات آهي ڇا؟“ پاڻ سنڀاليندي چئي ٿي ته ”شايد“ پوءِ جيل سپرنٽينڊنٽ ٻڌائي ٿو ته ”اها آخري ملاقات آهي ۽ صبح جو ڦاسي ڏني ويندي“ ڀٽو صاحب اطمينان سان ملاقات جو وقت معلوم ڪري ٿو جواب ملي ٿو ته اڌ ڪلاڪ، ڀٽو صاحب چئي ٿو ته جيل قانون مطابق ته هڪ ڪلاڪ آهي وري جواب ملي ٿو ته اهو حڪم آهي، ڀٽو صاحب چوي ٿو ”پوءِ انتظام ڪر ته آئون غسل ۽ شيو ڪريان. هيءَ دنيا ڏاڍي خوبصورت آهي. آئون صاف سٿرو ٿي اها ڇڏڻ گهران ٿو.“ بينظير ڀٽو صاحبه لاءِ هيءَ گهڙي زندگي ۾ تمام وڏي امتحان واري هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي پيءُ جي تمام گهڻي پياري ڌيءَ هئي. هوءَ به پنهنجي پيءُ کي گهڻو پيار ڪندي هئي. اهڙي عظيم والد کان اڌ ڪلاڪ بعد هميشه لاءِ جدا ٿيڻ جو خوفناڪ تصور هن جي ذهن، اکين، دل ۽ جسم ۾ گردش ڪري پيو. سندس سيني ۾ سور جون سٽون اڀريون، جسم سيٽجي سخت ٿي ويو ۽ اکين اڳيان اوندهه هئي پر هڪ بهادر پيءُ جي بهادر ڌيءُ وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي فيصلو ڪيو ته همت نه هاريندي. بينظير پنهنجي بابا جي ڪمري ۾ هڪ نظر وڌي هن ڏٺو ته عظيم شخص هيٺ تڏي تي ويٺو آهي. ڪمري ۾ ٻيو ڪو به سامان ڪونهي، هن جي ميز ۽ ڪرسي به کڻي ويا آهن. هن جو بسترو به ڪونهي. ڀٽو صاحب پنهنجي هٿن سان ڪجهه رسالا ۽ ڪتاب بينظير صاحبه کي ڏيندي چوي ٿو ته ”مان نه ٿو چاهيان ته منهنجن شين کي هو ڇُهن“ ڀٽو صاحب وڪيلن پاران ڏنل سگار به واپس ڏيندي چئي ٿو ته ”آئون هڪڙو سگار اڄ رات لاءِ رکان ٿو.“ ڀٽو صاحب شاليمار ڪولون جي شيشي به پاڻ وٽ رکي ٿو. بينظير هڪ دفعو ڳالهين دوران پنهنجي بهادر بابا کي ڏسي ٿي پر موت جي ڪوٺڙي ۾ روشني تمام گهٽ آهي ۽ سندس بابا چٽي طرح نظر به نه ٿو اچي. اڳ محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي انقلابي بابا سان ڪوٺڙي ۾ گڏ ويهي ملاقات جي اجازت هوندي هئي پر اڄ اها اجازت ڪونهي. ٻئي ڄڻيون ڪوٺڙي جي دروازي جي لوهي شيخن سان چنبڙيون ويٺيون آهن. ڀٽو صاحب کين پرڏيهه وڃڻ ۽ يورپ ۾ رهڻ لاءِ چوي ٿو پر بينظير صاحبه چوي ٿي ته ”آئون ڪڏهن به ڪو نه ويندس.“ ڀٽو صاحب مرڪي ٿو. ”پنڪي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تو کي خبر ڪونهي ته آئون توکي ڪيترو چاهيان ٿو.“ جيل سپرنٽينڊنٽ چوي ٿو ته ”وقت ختم ٿي ويو.“ بينظير ڇوي ٿي ته ”مهرباني ڪري هن لوهي شيخن جو دروازو کوليو مان پنهنجي پيءُ کان موڪلائڻ گهران ٿي.“ ٻه دفعا جواب مليو ته نه. پوءِ بينظير صاحبه لوهي شيخن مان پنهنجي بابا تائين ٻانهون وڌائي ٿي. سندس بابا جيڪو مليريا، پيچش ۽ لڳاتار بکن ڪري ڳري هڏا ٿي ويو هيو سو پاڻ کي ڇڪي اڀو ڪري پنهنجي حوصلي مند ڌيءُ جي هٿ کي ڇهندي چوندي ٿو ”رات آئون آزاد ٿي ويندس. پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان وڃي ملندس. وڏڙن جي سر زمين ڏانهن واپس ويندس. اتي جي مٽي جي خوشبو ٿي ويندس. منهنجي چوڌاري راڳ هوندا، آئون اتي جي ڏند ڪٿا جو حصو ٿي ويندس.“ هو مرڪي ٿو. جيل اختياري  وارا اندر ڪاهي پون ٿا. ”خدا حافظ بابا“ بينظير بوجهل قدمن سان ويندي چوي ٿي. ”ان وقت تائين جڏهن پاڻ وري ملنداسون.“ ڀٽو صاحب جا لفظ بينظير جي ڪنن ۾ پهچن ٿا. وري گاڏي کين سهاله کڻي وڃي ٿي. هو ٻئي بيقراري ۽ بيوسي جي عالم ۾ خدا تعاليٰ کي ٻاڏائن ٿيون ”يا ا﷢، شل ڪو معجزو ٿئي.“ ”ڪجهه ته ٿيڻ گهرجي.“ ڀٽو صاحب پنهنجي خاندان کي رحم جي اپيل ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، تنهن ڪري سندس گهر واري ۽ اولاد جنرل ضياءُ الحق کي رحم جي اپيل به نه ڪئي، بينظير ڀٽو پنهنجي بابا جي زندگي جي لمحن کي ختم ٿيندي ڳڻيندي رهي ٿي. سندس حال وس کان بي وس ۽ برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي. هوءَ دانهون ڪرڻ چاهي ٿي زور سان روئڻ چاهي ٿي پر قيد جي دريءَ کان ويٺل فوجي اهلڪارن جي موجودگي ۾ پاڻ کي ڪمزور نه ٿي ظاهر ڪري. بهرحال اها پاڪستان جي ظلم جي طويل ترين رات بينظير ڀٽو سندس والده ۽ والد ڪيئن گذاري، تنهن بابت هڪ خدا کي خبر آهي، ٻيو انهن انسانن کي جن جي جذبن کي لفظن ۾ سموئڻ به مشڪل آهي. صبح جو جيل حڪام کان محترمه کي ڀٽو صاحب جي سلوار قميص ۽ پتلون کان علاوه منڊي حاصل ٿي. ۷ اپريل تي صبح جو فوجي عملدارن ماءُ ۽ ڌيءَ کي ڀٽو صاحب جي ٽيجهي ۾ شرڪت لاءِ جيڪب آباد جي هوائي اڏي تي لاٿو، جتان کين پردن سان شيشا بند ڪار ۾ سڌن رستن بدران ڪچين گهٽين ۽ رستن وسيلي ڀٽو خاندان جي قبرستان پهچايو. هتي محترمه بينظير پنهنجي بابا جي پيرن واري جڳهه کي چميو ۽ عقيدت جا ڳوڙها پيش ڪيا. وري ساڳئي رستي کين سهاله جي ڀوائتن ڪمرن ۾ داخل ڪيو ويو.

والد جي وفات کان ست هفتا پوءِ مئي ۱۹۶۹ع جي آخر ۾ محترمه بينظير ۽ سندس والده کي سهاله مان آزاد ڪيو ويو. هو هيڏي وڏي قيامت جهڙي پيڙا ۽ عذاب ڀوڳي نيٺ پنهنجي خانداني گهر ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي ۾ موٽي آيون.

محترمه ايندڙ ماڻهن سان پنهنجي والد جي تعزيت قبول ڪندي رهي ٿي. بينظير صاحبه جڏهن پنهنجي والد جي قبر تي حاضري ڏيڻ لاءِ وڃي ٿي تڏهن جهازن کي منع ڪيو وڃي ٿو ۽ هوءَ ريل رستي لاڙڪاڻي رواني ٿئي ٿي. هر اسٽيشن تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن محترمه جو استقبال ڪيو ۽ جتي اسٽيشن نه هئي اتي ماڻهو پٽڙي تي سمهي پيا. هو محترمه سان شهيد ڀٽي جو غم ونڊائن پيا. هن سفر دوران محترمه کي سنڌ واسين خطاب ڏنو. هڪ نئون نعرو لڳو، ”مارئي ملير جي بينظير بينظير“ سڄي سنڌ بينظير کي پنهنجي ڀيڻ بڻايو. عوام جو اهو جوش ڏسي محترمه جو حوصلو وڌيو ۽ وٽس عوام جي طاقت ۽ قوت ڪري اعتماد پيدا ٿيو، هن محسوس ڪيو ته عوام هر وقت هر گهڙي شهيد ڀٽو سان گڏ هيو پر پيپلز پارٽي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ مرڪزي رهنمائن قوم کي رستن تي اچڻ جي اپيل ڪو نه ڪئي. هو جيلن ۽ ڪيسن کان ڊڄي بزدلي جو مظاهرو ڪندي همت هاري ويٺا هيا. هاڻي محترمه سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته هاڻي هو پارٽي جي انتظامي معاملن، پاليسين کان علاوه ورڪرن جي شڪايتن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري بابت حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪري ٿي، شهيد ڀٽو جي وفات بعد بيگم نصرت ڀٽو صاحبه عدت ۾ ويٺي ۽ پارٽي جي مرڪزيت محترمه بينظير ڏانهن اچي لاڙو ڪيو.

سيپٽمبر ۱۹۷۹ع ۾ بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي فتح حاصل ڪري ٿي. جڏهن جنرل ضياءُ الحق اهو ڏٺو ته ڀٽو صاحب جي ڦاسي بعد به ماڻهو پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا تڏهن هن اعلان ڪيو ته اليڪشن ۾ حڪومت جي قانون مطابق رجسٽريشن حاصل ڪندڙ پارٽي ئي بيهي سگهندي. پيپلز پارٽي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ڇاڪاڻ ته رجسٽريشن جو مطلب جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت کي قبول ڪرڻ هيو. پيپلز پارٽي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته حڪومت آزاد اميدوار جي کٽڻ لاءِ ايڪونجاهه سيڪڙو ووٽ کڻڻ لازمي قرار ڏنو. ۱۵ آڪٽومبر ۱۹۷۹ع تي ۷۰ ڪلفٽن ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلاس منعقد ٿيو. جنهن ۾ پارٽي جي سينيئر رهنمائن جو اليڪشن بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ محترمه بينظير ڀٽو سميت نوجوانن اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو خيال ڏيکاريو. آخر اليڪشن ۾ بيهڻ جو فيصلو ٿيو، جڏهن رات جو حڪومت کي فيصلي جي خبر پئي تڏهن هنن رات جو ۷۰ ڪلفٽن تي ڇاپو هنيو. فوجي حڪام کين گرفتار ڪري ڇهن مهينن لاءِ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو کڻي آيا. فوجي مارشل لا بعد ٻن سالن ۾ محترمه جي هي ستين سياسي نظربندي هئي. مٿن ڪنهن سان به ملڻ جي پابندي هئي ۽ گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ سبب ٽيليفون به ڪٽيل هئي. گهرجي چوڌاري هن قيد عورتن کي فرنٽيئر فورس جا دستا پهرو ڏيندا ڏيندا رهندا هئا. هن دور ۾ اخبارن ڀٽو خاندان جي خبرن کي شايع ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هيو. اخبارن مٿان به سنسر جي پابندي هئي، مارشل لا قانون ۴۹ع مطابق ايڊيٽر لاءِ به پنجويهه سال ۽ ڏهه ڦٽڪا سزا رکيل هئي. پيپلز پارٽي جي اخبار مساوات لاهور بند ڪئي وئي اخبارون ڇپجڻ کان اڳ سنسر لاءِ وينديون هيون ۽ ڪيترن اخبارن جا ته ڪالم خالي هوندا هيا. آڪٽوبر ۱۹۷۹ع ۾ جنرل ضياءُ الحق ٻيهر چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون ۽ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع ۾ تمام سياسي پارٽين کي غير قانوني قرار ڏيندي پابندي وڌي. ان کان علاوه سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺندڙن کي چوڏهن سال سزا سخت پورهئي سان، پنجويهه ڦٽڪا ۽ ملڪيت ضبط ڪرڻ به شامل آهي. جديد دور جي مهذب دنيا ۾ هي هڪ سياسي جدوجهد ذريعي قائم ٿيندڙ آزاد ملڪ جي ڏاڍ ۽ ظلم واري دور جو انتهائي مصبيت وارو باب هيو. محترمه بينظير ڀٽو ڇهن مهينن جي قيد پوري ٿيڻ بعد هڪ دفعو وري آزاد ٿي پر اها کيس خبر ناهي ته گهڻو وقت آزاد رهندي. ٻاهر نڪرڻ بعد محترمه کي پنهنجي زمينن سنڀالڻ جي ذميواري به سونپي وئي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به وڏي زميندار گهراڻي جي ڌيءُ اڄ تائين حالتن جو مقابلو ڪندي اهو ڪم سرانجام ڪو نه ڏنو هيو. محترمه بينظير ڀٽو پاڻ ۾ خود اعتمادي ۽ حوصلو پيدا ڪرڻ لاءِ اسلام ۾ عظيم ترين عورتن کان رهنمائي حاصل ڪندي هئي. سندس اڳيان بيبي خديجه رضي ا﷢ جو مثال هيو ته پاڻ هڪ بيوه عورت هئي ۽ ڀرپور طريقي سان واپار ڪندي هئي، مسلمانن جي ابتدائي لڙاين ۾ اُمه عماره مردن سان گڏجي ڪفارن خلاف جنگ وڙهي هئي. هندستان جي رياست احمد نگر جي حڪمران چاند بيبي وڏي مغل شهنشاهه اڪبر کي شڪست ڏني. شهنشاهه جهانگير جي راڻي ملڪه نورجهان هندستاني حڪومت جا انتظامي معاملا نبيريندي هئي. هاڻي بينظير صاحبه صبح جو ٻنيون سنڀالڻ ۽ شام جو المرتضيٰ هائوس ۾ مختلف وفدن سان ملاقاتيون ڪندي هئي، زمينن تي وڃڻ ڪري اتي هاري ۽ ڳوٺاڻا وٽس پنهنجون دانهون ۽ فيصلا کڻي ايندا هيا. انهن بينظير صاحبه کي ڀٽن جو چڱو مڙس يا سردار سمجهڻ شروع ڪري ڏنو.

سياست ۾ هڪ تبديلي آئي ۽ پاڪستان قومي اتحاد جي جماعتن کي جڏهن جنرل ضياءُ الحق وزارتن مان ڪڍي سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي تڏهن هنن پيپلز پارٽي سان اتحاد لاءِ قدم وڌايو نيٺ جمهوري جدوجهد خاطر هڪ نئون اتحاد ايم آر ڊي“Movement for restoration of democracy”  عمل ۾ آيو ۽ ۵ فيبروري ۱۹۸۱ع تي ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي ۾ گڏيل اجلاس ٿيو. سياست ۾ پهريون ڀيرو بينظير صاحبه کي اهو تجربو ٿيو ته هوءَ پنهنجي گهر پنهنجي والد جي مخالف سياسي رهنمائن سان هڪ ٽيبل تي ويهي سياسي مذاڪرات ڪيا. انهن جي مهمان نوازي ڪئي. آخر ٻئي ڏينهن اتحاد ٺهيو. ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي ۽ پوري ملڪ ۾ جلسا جلوس نڪتا، ايم آر ڊي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪيترن هنڌن تي لاٺي چارج ڪيو ويو. ايم آر ڊي پاران تمام ڪاليجون ۽ يونيورسٽيون بند ڪيون ويون، ايم آر ڊي پاران پاڪستان ۾ ۲۹ مارچ ۱۹۸۱ع تي جلسن جلوسن منعقد ڪرڻ جو پروگرام رکيو ويو، جنهن اعلان ضياءُ الحق جي حڪومت کي لوڏي ڇڏيو پر ۲ مارچ ۱۹۸۱ع تي پي آءِ اي جو هڪ جهاز اغوا ڪيو ويو. جنهن تحريڪ کي ڪاپاري ڌڪ ڏنو ۽ هن واقعي کي بهانو بڻائي اٽڪل ڇهه هزارن کان مٿي سياسي ورڪر گرفتار ڪيا ويا. بينظير ڀٽو صاحبه کي به فوج ۷ مارچ تي ڪراچي مان گرفتار ڪري سينٽرل جيل ۾ پنج ڏينهن تنها رکيو، جتي ڪا به سهولت ڪا نه هيس، وري اتان ۱۳ مارچ تي سکر سينٽرل جيل ۾ شيخن جي ٺهيل کليل وارڊ ۾ رکيو ويو. سردي سخت هوا ٿڌي ۽ شيخن مان برف جهڙو پارو، جڏهن ته بينظير صاحب کي نه هنڌ نه بسترو سڄي رات گوڏن ۾ ٻانهون وجهي ڏڪندي جاڳي گذاريندي هئي، هتي کيس صبح جو چانهه ماني، منجهند جو ڇڊي مهري جي دال ۽ ڪدو جي ڀاڄي ملندي هئي. ۲۳ مارچ ۱۹۸۱ع تي جنرل ضياءُ الحق هڪ حڪم جاري ڪري عدالتن ۽ ججن کان مارشل لا جي عدالتن خلاف اپيل ٻڌڻ جا اختيار کسي ورتا، ۱۶ اپريل تي وري کيس سکر مان ڪراچي جيل آندو ويو. جتان هڪ اسپتال ۾ ڪنهن زناني بيماري جو آپريشن ڪري شام جو وري جيل ۾ آندو ويو. هن عورتن جي بيماري جي وڏي آپريشن سبب هوءَ ڪمزور ۽ گهمڻ ڦرڻ کان لاچار هئي ته وري کيس ڪراچي کان سکر جيل آندو ويو هو. بيهوش ٿي وئي ۽  سب جيل ۾ آندو ويو پوءِ ۲۷ ڊسمبر ۱۹۸۱ع تي پوليس وري ڪراچي جي قيد تنهائي مان لاڙڪاڻي المرتضيٰ  هائوس وٺي آئي. المرتضيٰ هائوس کي جيل قرار ڏيندي ٻاهران فوجي ڪئمپ لڳائي وئي. لاڙڪاڻي ۾ هڪ سال قيد رکڻ بعد آخر ۲۰ نومبر ۱۹۸۲ع تي پوليس ڪراچي والده کي خدا حافظ چوڻ لاءِ وٺي آئي جيڪا پرڏيهه علاج لاءِ وڃي رهي هئي، پوءِ وري کيس ۷۰ ڪلفٽن ڪراچي ۾ قيد تنهائي ۾ رکيو ويو. هڪ دفعو وري ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ زور ورتو ۽ سنڌ صوبو ته هٿين خالي جمهوري تحريڪ ۾ اڳيان اڳيان هيو. اٽڪل ۸ سئو ماڻهو قانون نافذ ڪندڙن جي گولين جو کاڄ بڻيا. جيئن ته بينظير صاحبه کي لڳاتار جيل ۽ گهر ۾ نظربند رهندي پنج سال گذري ويا هيا ۽ هوءَ ڪن ۾ سوراخ سبب دماغ کي چڪر ايندي محسوس ڪندي هئي ۽ ڪيترا دفعا بيهوش به ٿي وئي هئي، ملڪ جي ڊاڪٽرن ۽ پرڏيهه مان ڪجهه آمريڪا ۽ برطانيه جي سينيٽرن جي عالمي انساني ادارن ۾ بينظير ڀٽو جي مسلسل ڪرندڙ صحت لاءِ اٿاريل آواز سبب ڊسمبر ۾ حڪومت هن کي ڪراچي واري گهر ۾ قيد تنهائي مان ٻاهر علاج ڪرائڻ لاءِ راضي ٿي وئي پوءِ ۱۰ جنوري ۱۹۸۴ع تي صبح جو جهاز ذريعي سئيزرلينڊ رواني ٿي وئي.

هتي پنهنجي والده ۽ ڀائرن سان آزاد ماحول ۾ ستن سالن جي وڏي جدائيءَ بعد ملاقات ڪيائين. هوءَ هيڏي وڏي عرصي تائين مسلسل قيد بند ۽ ٻين پريشانين ۾ گهاريندي آزادي جي نعمت کان ئي محروم ٿي وئي هئي. لنڊن ۾ ڪن جي آپريشن بعد اتان جي حسين ۽ جميل زندگي ۽ ماضي ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ گذاريل سالن جون ياديون ۽ دوست ساڻس گڏ هيا. ڪجهه زندگي جي خوبصورتي ۽ حقيقت کي محسوس ڪيائين. آمريڪا جي شهر واشنگٽن ۾ مارچ مهيني ۾ ”بين الاقوامي امن لاءِ ڪارنيگي وقف“ موضوع تي کيس خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي. هڪ زمانو هيو جو ڪانگريس عمارت اڳيان محترم هارورڊ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ وارن ڏينهن ۾ ويٽنام جي جنگ ۾ آمريڪا جي ڪردار خلاف احتجاج ۾ حصو ورتو هيو، هاڻي هوءَ پنهنجي ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي بابت احتجاج پئي ڪري، هتي بينظير صاحبه لڳاتار هڪ هفتو انساني حقن جي انحرافي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ڪرڻ بابت ڳالهائيو. ”ڪارنيگي وقف“ ۾ تقرير واري رات کيس ٻڌڻ لاءِ آمريڪي رياست بچاءَ کاتي جا بالا عملدار، ڪانگريس جا ميمبر اڳوڻا سفير ۽ اخبارن جا عيوضي موجود هيا جڏهن ته پاڻ اڃا تائين جيل جي ٻوساٽ مان نڪرڻ بعد اعتماد پيدا ڪري نه سگهي هئي پر پوءِ هن پنهنجي ذهانت جو ثبوت ڏنو ۽ هال ۾ ويٺلن کيس ڀرپور ساراهيو. پاڻ نيويارڪ ۾ ٽائيم رسالي جي ايڊيٽرن سان ٽائيم لائيف بلڊنگ ۾ گڏجاڻي ڪئي، ٻن هفتن جي آمريڪي دوري پوري دنيا ۾ سندس عزت ۽ شهرت وڌائي، انگلستان ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ به محترمه انساني حقن جي خلاف ورزي بابت دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ باقائدي دفتر قائم ڪيو. جتان ماهوار اردو رسالو ”عمل“ جاري ڪيو ويو جيڪو پاڪستان ۾ سياسي قيدين بابت معلومات ڏيندو هيو.

هتي پاڻ آمريڪي سينيٽر ايڊورڊ ڪئنيڊي، سينيٽر ڪلبورن پيل سان ملي. ڪئليفورنيا جي سينيٽر ايلنڪرينشن نيويارڪ جي ڪانگريس مين اسٽفن سولاز، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ميمبرن، نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي صلاحڪارن ساڻس گڏجاڻيون ڪيون، هن سابق اٽارني جنرل رامسي ڪلارڪ ۽ سينيٽر هڪ گورن سان به ملاقاتيون ڪري پاڪستان ۾ جمهوريت جي پامالي، هزارن جي تعداد ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي بابت کين مڪمل ڄاڻ ڏني.

سال ۱۹۸۵ع ۾ آمريڪي دٻاءُ تحت جنرل محمد ضياءُ الحق غير جماعتي بنيادن تي اليڪشن ڪرايون. پيپلز پارٽي بائيڪاٽ ڪيو. محترمه جو شاندار استقبال ٿيو. لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي جي عوام دل کولي سندس آجيان ڪئي، مارشل لا حڪومت بينظير ڀٽو جي عوامي مقبوليت ڏسندي کيس پنجن ڏينهن بعد ۲۶ آگسٽ تي وري گرفتار ڪيو پر هاڻي وڏي عرصي بعد واپس ملڪ موٽندڙ بينظير ڀٽو ست سال اڳ قيدن ۾ گهاريندڙ ڪمزور بينظير کان وڌيڪ مضبوط هئي. هاڻي آمريڪا ۽ برطانيا جا عالمي ادارا، ميمبر، انگريزي اخبارون، رسالا ۽ دنيا جا جمهوريت پسند ادارا، تنظيمون بينظير جي ڏاهپ ۽ جدوجهد کان گهڻو واقف ٿي چڪا هيا. ظلم ۽ ڏاڍ سان پر امن جنگ کيس دنيا ۾ جمهوريت جو هيرو بڻائي ڇڏيو هيو. هاڻي بينظير کي گرفتار ڪري عوام ۽ دنيا کان دور رکڻ مارشل لاءِ حڪومت لاءِ ممڪن ڪو نه هيو ڇاڪاڻ ته هوءَ دنيا ۾ خاص طرح همدردي پيدا ڪري آئي هئي هوءَ هاڻي صرف شهيد ڀٽو جي ڪمزور ڌيءُ نه پر هڪ مضبوط سياسي اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي قائد هئي. سندس گرفتاري بابت آمريڪي صدر رونالڊريگن پاران سرڪاري طرح سان ڳڻتي جو اظهار ۽ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن مئڪس مئڊن ۽ لارڊ ايوبيوري به احتجاج ڪيو. پوءِ فرانس جي هڪ عدالت پاران بينظير ڀٽو کي شاهنواز ڀٽو قتل ڪيس ۾ حاضر ٿيڻ جو ليٽر مليو. جنهن ڪري کيس ۳ نومبر ۱۹۸۵ع تي آزاد ڪيو ويو. هوءَ هڪ دفعو وري غير ملڪي تنظيمن ۽ دوستن سان رابطا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. آخرڪار ۳۰ ڊسمبر ۱۹۸۵ع تي ملڪ مان مارشل لا ختم ٿي. محترمه لنڊن ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ملڪ واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ۹ اپريل تي سعودي هوائي اڏام وسيلي سعودي عرب پهتي جتان وري پي آءِ اي جي جهاز وسيلي ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع صبح جو ستين وڳي لاهور ايئرپورٽ تي پهتي، لاهور ايئرپورٽ کان مينار پاڪستان تائين پهچڻ ۾ صبح کان شام ٿي وئي هئي. دنيا جي پريس موجب استقبال ۽ جلوس ۾ اٽڪل ٽيهه لک عوام موجود هيو. پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هي سڀ کان وڏو عوامي استقبال ۽ جلوس هيو جنهن جو اڳ ڪو به مثال ڪو نه ٿو ملي. هي عوام جو سمنڊ ۽ سيلاب هيو جيڪو مسلسل مارشل لا جي سزائن ڏاڍاين ۽ محترمه جي جمهوري جدوجهد لاءِ قربانين جي عظمتن جو مثال هيو. ايشيا جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به قوم پنهنجي سياسي قائد جو ايترو احترام ۽ استقبال ڪو نه ڪيو. نه صرف اهو پر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه گجرانوالا جي جلسي لاءِ ۱۲ اپريل تي شام جو پنجين بجي پهچڻ بدران ۱۳ اپريل تي صبح جو پنجين بجي پهتي ته به لکن جي تعداد ۾ عوام سڄي رات جاڳي سندس آجيان ڪئي. ساڳيو حال فيصل آباد ۽ پشاور ۾ به ٿيو. اهڙا ئي استقبال بلوچستان، سنڌ جي شهرن ۾ به ٿيا جن جي ڪري سياسي جلوسن ۽ جلسن جي هڪ نئين رڪارڊ جنم ورتو. بينظير صاحبه جا جلسا ۽ جلوس صبح رات يا شام واري وقت جا محتاج ڪو نه هيا پر وقت ۽ عوام سندس منتظر هيو. ورڪرن ۽ عوام ۾ هڪ سياسي جاڳرتا جو سيلاب هيو جيڪو گذريل نون سالن جي دٻاءُ خلاف نفرت جو وڏو رد عمل هيو. ايشيا جي هن خطي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو پر امن سياسي جدوجهد ذريعي مارشل لا جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائڻ جو شاندار مثال قائم ڪيو. جنهن ثابت ڪيو ته هٿين خالي عوام جمهوريت جي جهنڊن هيٺيان پر عزم ۽ نه جهڪندڙ سياسي قائد جي سڏ تي ٽينڪ ۽ توپ کان وڏي طاقت ثابت ٿي سگهن ٿا. هو پهاڙ ۽ جبل به ڏاري سگهن ٿا. درياهن جا رخ موڙي سگهن ٿا. تاريخ جي فيصلن کي پنهنجي تابع ڪري سگهن ٿا. غلامي جا زنجير ٽوڙي سگهن ٿا.

۱۵ آگسٽ ۱۹۸۶ع تي ايم آر ڊي آزادي واري ڏينهن تي لاهور ۽ ڪراچي ۾ جلسا ڪرڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو. حڪومت هڪ دفعو وري محترمه بينظير کي پنجاب بدري جو حڪم ڏنو. پاڻ ڪراچي جي علائقي لياري ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو. ۱۳ آگسٽ تائين ايم آر ڊي جا مرڪزي اڳواڻ ۽ هزارين عهديدار گرفتار ٿيا. محترمه بينظير ڀٽو صبح سوير پنهنجن ڪارڪنن کي ۷۰ ڪلفٽن تي گهرايو ۽ هڪ وڏي جلوس جي قيادت ڪندي سوين گاڏين جي قافلي ۾ رستن تي اچي پهتا، پوليس ڪلفٽن روڊ تي اٽڪل ٽي سئو ۽ ڪراچي ۾ ٻه هزار ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا گولا استعمال ڪيا پر محترمه بينظير ڀٽو حڪمت عملي تحت پوليس کي ڌوڪو ڏئي لياري ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود ماڻهن کي مختصر خطاب ڪيو ۽ وري اتان ڳوڙها گيس ۽ لاٺي چارج ٿيڻ بعد پوليس کان پاڻ بچائي هڪ پيلي ٽيڪسي ۾ ۷۰ ڪلفٽن پهتي جتي پوري دنيا جي پريس موجود هئي. ڪلفٽن روڊ تي بيٺل پوليس محترمه کي گرفتار ڪري نه سگهي ڇاڪاڻ ته هوءَ پيلي ٽيڪسي ۾ هئي. گهر پريس ڪانفرنس ڪندي کيس گرفتار ڪري لانڍي جيل ۾ آندو ويو، ان ڏينهن لاهور ۾ پوليس هٿان  ڇهه ۽ سنڌ ۾ اٽڪل سورهن ماڻهو هلاڪ ٿيا. سڄي ملڪ ۾ هنگاما جلسا ۽ جلوس شروع ٿيا. فرانس، جرمني، برطانيا ۽ آمريڪا مان هڪ دفعو وري اسيمبلي ميمبرن ۽ تنظيمن محترمه بينظير ڀٽو جي آزادي لاءِ آواز اٿاريو ۽ آخر حڪومت مجبور ٿي هن کي ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۵ع تي آزاد ڪيو.

محترمه بينظير ڀٽو صاحبه هاڻي مڪمل طرح سان پر امن ۽ جمهوري جدوجهد جي عظيم قائد جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي چڪي هئي. هوءَ پاڪستان ۾ جوش کان وڌيڪ هوش سان جمهوري لڙائي لڙڻ واري رهبر ثابت ٿي. هن پنهنجي پارٽيءَ ۽ ورڪرن کي پنهنجي حڪمت عملي وسيلي هاڻي گرفتاري ۽ جيلن کان پري رکڻ شروع ڪيو. هر هڪ واقعي لاءِ الڳ الڳ حڪمت عملي جوڙي، پارٽي مان گروپ بندي ختم ڪري پارٽي کي مضبوط ڪيو. پيپلز پارٽي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ پارٽي ۾، پيپلز لائير فورم، خواتين ونگ، ليبر ونگ پيپلز ڊاڪٽرس فورم، هاري ونگ، ڪلچرل ونگ، يوٿ فورم قائم ڪيا، جنهن ڪري پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي، بينظير ڀٽو صاحبه کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرپرسن به منتخب ڪيو ويو. سندس قيادت ۽ باهمت شخصيت مايوس ورڪرن ۾ حوصلو پيدا ڪيو. قائد عوام شهيد ڀٽو جي وفات بعد پارٽي بي جان ٿي وئي هئي پر محترمه هڪ دفعو وري هن کي پاڪستان جي مضبوط ترين سياسي جماعت بڻائي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪا به اهڙي سياسي پارٽي ڪونهي جيڪا پيپلز پارٽي جي تنظيم سان مقابلو ڪري سگهي. هيءَ پارٽي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ شاخ رکي ٿي، اليڪشن ۾ سڀ کان وڌيڪ اميدوارن جون درخواستون هن پارٽيءَ کي ملنديون آهن، هن پارٽي جي ڪارڪنن سڀ کان وڌيڪ مارشل لا خلاف جدوجهد ۾ جيل ڪاٽيا، سزائون ڀوڳيون، ڪوڙا کاڌا ۽ هر دور ۾ اڳي کان وڌيڪ مضبوط ٿيندي رهي. پاڪستان جا ماڻهو هن پارٽي کي ڀروسي جوڳو ۽ قابل اعتماد سمجهن ٿا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ مسلم ليگ قائداعظم جي قيادت ۾ واحد جماعت هئي جنهن ڪنهن به غريب ورڪر کي اليڪشن ۾ بيهاريو ته عوام ان کي کٽايو پوءِ ٻي اهڙي سياسي پارٽي پيپلز پارٽي ثابت ٿي جنهن جهڙي به اميدوار کي اليڪشن ۾ بيهاريو ته عوام بينظير ڀٽو صاحبه جي قيادت کي ووٽ ڏيندي انهن کي ڪامياب بڻايو. مسلم ليگ حڪومت ۾ اچڻ بعد ڏهن سالن تائين به پنهنجو وجود قائم رکي نه سگهي ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ جي قيادت صرف حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو جڏهن ته جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي پيپلز پارٽي گذريل ٽيهن سالن کان حڪومت ۽ عوامي جدوجهد جون ٻئي واٽون محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ورتيون ڪاميابي ڏانهن وڌندي وڃي پئي.

۱۸ سيپٽمبر ۱۹۸۷ع تي محترمه بينظير ڀٽو جي شادي جناب آصف علي زرداري سان ڪراچي ۾ منعقد ٿي. اٽڪل ڏهن سالن جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن بعد ڀٽو خاندان ۾ هڪ دفعو وري خوشيون واپس موٽيون. هڪ دفعو وري محترمه ۱۲ مارچ کان ۲۳ اپريل ۱۹۸۸ع تائين پرڏيهه آمريڪا ۽ برطانيا جي دوري تي وئي جتي هن واشنگٽن ۾ آمريڪي ٽيليوزن ۽ اخبارن کي انٽريو ڏنا ۽ پنهنجي پارٽي جي پاليسي جي وضاحت ڪئي.، جنرل ضياءُ الحق هڪ دفعو وري پنهنجي غير جماعتي بنيادن تي چونڊجي ايندڙ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو صاحب کي ۲۶ مئي ۱۹۸۸ع تي عهدي تان هٽائي ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع تي جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي سندس جهاز جي حادثي سبب فضائي موت واقع ٿيو. محترمه بينظير کي تاريخ ۲۱ سيپٽمبر ۱۹۸۸ع تي پهرين اولاد پٽ ماسٽر بلاول ڄائو. واضح هجي ته جنرل صاحب اها اليڪشن محترمه کي ٻار ڄمڻ واري مهيني ۾ رکي هئي پر محترمه حڪمت عملي وسيلي غلط مهينو ظاهر ڪرايو.

هن دفعي وري محترمه بينظير پنهنجي عظيم عوامي والد وانگر طوفاني دورا شروع ڪيا، جلسا، جلوس، هڪ عوام جو سيلاب روڊن، گهٽين ۽ ميدانن ۾ اچي ويو. هن وڌيڪ محنت ڪري ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع وارين اليڪشن ۾ پارٽي کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي ثابت ڪيو ۽ ٽوٽل ۲۰۷ سيٽون هيون. جنهن مان سندس پارٽي ۹۲ مخالف پارٽي اسلامي جمهوري اتحاد ۵۴ ۽ ايم ڪيو ايم ۱۳ سيٽون حاصل ڪيون. پهرين ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي پاڪستان جي قائم مقام صدر غلام اسحاق خان صاحب محترمه کي پاڪستان جي وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي هن پاڪستان جي يارهين ۽ تاريخ اسلام جي پهرين خاتون وزيراعظم جي حيثيت ۾ حلف کنيو. مسلسل يارهن سال ڀٽو خاندان جون عورتون قيد تنهائي ۽ جلا وطن رهڻ بعد وري پنهنجي گهرن ۾ خوشين جا ڏيئا ٻرندي ڏٺا ۽ خوشي وچان ڳوڙها به ڳاڙيا. عزم، حوصلي، جدوجهد، محنت جو سلو کين مليو. لڳاتار ڪنڊن ڀريل رستن تي سفر ڪندڙ هن قابل فخر خاندان کي ٿڌڙين هوائن وارن گهاٽن وڻن واري باغ ۾ آرام ڪرڻ، ساهه پٽڻ جو موقعو مليو.

محترمه پنهنجي پاليسي ۾ سوشلزم بدران بدلجندڙ حالتن مطابق نجي ملڪيت ۽ پرائيويٽائيزيشن جو عمل شروع ڪيو. پنهنجي والد جي قاتلن کي ملڪي مفاد ۾ معاف ڪيو ۽ جمهوري ادارن، انساني حقن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ هن سزائي موت وارن قيدين کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو. مارشل لا ۾ مليل سزائن کي ختم ڪيو. ۶۰ سال کان وڏي عمر جي قيدين کي کي آزاد ڪيو. قتل کان علاوه ٻين ڪيسن ۾ قيد عورتن کي آزاد ڪيو. اهڙي طرح اٽڪل سترهن هزار قيدين کي فائدو حاصل ٿيو جلاوطن ٿيل سياسي قيدي واپس آيا.

۱۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي ۳۵ ورهين جي ڄمار ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه بحيثيت وزيراعظم پاڪستان قومي اسيمبلي کان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪيو، کيس حمايت ۾ ۱۴۸ ووٽ مليا ۽ مخالفت ۾ ۵۵ ووٽ پيا. هن سال ۲۹ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي اسلام آباد ۾ منعقد سارڪ ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلا محترمه جي وڏي پرڏيهي ڪاميابي هئي جنهن ۾ هندستان جو وزيراعظم راجيو گانڌي، بنگلاديش جو صدر حسين ارشاد، سريلنڪا جو صدر جي ورڌني، مالديپ جو صدر مامون عبدالقيوم، نيپال جو شاهه بريندرا ۽ ڀوٽان جو شاهه جگمي سنگي شريڪ ٿيا. پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان جي مخالفن کي محترمه جو وزير اعظم هئڻ هر حال ۾ بردداشت ئي ڪو نه هيو. هنن عدم اعتماد جي تحريڪ هلائي پر محترمه قومي اسيمبلي کان اڪثريت ۾ ووٽ وٺي ان بحران مان بچي وئي ليڪن جنرل ضياءُ الحق جي ساٿاري صدر مسٽر غلام اسحاق خان مختلف الزام هڻي ۴ آگسٽ ۱۹۹۰ع تي هن جي حڪومت کي صرف ۱۸ مهينن بعد برطرف ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عوام کيس پنجن سالن لاءِ چونڊيو هيو. هڪ دفعو وري ڪمزور حڪمرانن محترمه بينظير ڀٽو مٿان ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ۽ سندس ور مسٽر آصف علي زرداري کي مختلف ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي قيد ۾ بند مڙس سان مختلف جيلن ۾ ملاقاتن ڪرڻ، ڪورٽن ۾ حاضرين تي ملڻ، سندس مقدمن لاءِ قانوني طرح عدالتن ۾ جنگ ڪرڻ کان علاوه پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي خصوصي عدالتن ۾ منهن ڏيڻ واري سلسلي ۾ مصروف ٿيڻو پيو. ان وچ ۾ ۲۴ آڪٽوبر ۱۹۹۰ع تي چونڊون ڪرايون ويون. صدر غلام اسحاق خان صاحب هڪ رٿيل منصوبه بندي تحت پيپلز پارٽي کي هارايو. هاڻي محترمه کي حزب اختلاف جي ليڊر جي حيثيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو مليو. هوءَ مسلسل عدالتن ۾ پنهنجو دفا ڪرڻ ۾ ڦاسي پوي ٿي. هڪ نه کٽيندڙ ذهني پريشاني سان مقابلو ڪندڙ عورت هاڻي انهن ننڍين پريشانين ۾ ڀلا ڪيئن همت هاريندي، اڳ ته هوءَ مصيبت جا وڏا جبل جهاڳي آئي هئي. محترمه بينظير کي حڪومت ۾ ويٺل حڪمرانن پريشان رکيو ته ٻئي طرف وري صدر غلام اسحاق خان ۽ سندس وزير اعظم ميان محمد نواز شريف صاحب پاڻ ۾ ڪن مسئلن تي اختلافن سبب هڪ ٻئي جا مخالف ٿي بيٺا. سندس اختلافن حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو. پرڏيهي امداد ڏيندڙ ملڪن اڳوڻا قرض نه ملڻ ڪري نوان قرض نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اڳوڻا قرض واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ پاڪستان کي دهشتگرد ملڪ قرار ڏئي اقتصادي ناتن جي بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏني. آخر اهڙي صورتحال سبب طاقتور قوتن وزيراعظم ميان محمد نواز شريف صاحب کي هڪدم هٽائي عارضي وزير اعظم مسٽر معين قريشِ کي مقرر ڪيو. جڏهن ته ڪجهه عرصي بعد صدر غلام اسحاق خان کي به هٽايو ويو. لڳاتار اڍائي سال محترمه جو مڙس آصف علي زرداري صاحب جيل ۾ رهيو اهو پڻ آزاد ٿيو. محترمه ۽ سندس ور جي مٿان داخل ڪيس ثابت ڪو نه ٿيا.

وري ۶ آڪٽوبر ۱۹۹۳ع تي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ۲۰۷ سيٽن مان قومي اسيمبلي جون ۸۶ سيٽون حاصل ڪيون. محترمه پاڪستان جي تاريخ ۾ پنهنجي والد ماجد جو رڪارڊ برابر ڪندي ٻيهر ووٽن ذريعي ڪاميابي ماڻي ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۹۳ع تي وزيراعظم منتخب ٿي. هن پاڪستان مسلم ليگ جوڻيجو گروپ سان مرڪز ۽ صوبن ۾ پي ڊي اي جي مخلوط حڪومت ٺاهي.

محترمه بينظير ڀٽو کي جڏهن ٻيهر حڪومت ملي ته ملڪ ۾ افراط زر جي شرح وڌيل، زرمبادلي جا گهٽ ذخيرا موجود هيا. اڳوڻي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب بئنڪن جو ڏيوالو نڪتل هيو. پرڏيهي قرضن جي عدم ادائگي ۽ منشيات جي ڌنڌي ۾ وڏن ماڻهن جي ملوث هئڻ سبب پاڪستان کي منشيات فروش ۽ دهشتگرد ملڪ قرار ڏيڻ جا عالمي طاقتن طرفان اعلان شامل هيا. سال ۱۹۹۴ع ۾ محترمه پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪندي تمام گهڻا انتظامي فيصلا ڪيا جنهن ۾ ڪراچي اندر دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ فوج جي واپسي ۽ پوليس آپريشن ذريعي صوبي جي عوام کي سڪون واپس ڏنو، بئنڪن مان مختلف ذريعن سان سرمائيدارن، واپارين، سياستدانن، جاگيردارن پاران ورتل قرض واپس ڪرڻ لاءِ سخت اپاءَ وٺڻ، سيلز ۽ انڪم ٽيڪس چورن خلاف وڏي مهم هلائڻ، بئنڪن ۽ ٻين مالياتي ادارن پاران بااثر ماڻهن کي قرض ڏيڻ تي بندش، وفاقي اينٽيڪرپشن ڪميٽي جو قيام، پنجاب ڪو آپريٽو سوسائٽي پاران لٽيل متاثرين کي پنجويهه هزار رپين تائين سرڪار پاران ادائگي، اٽڪل پنجاهه هزار بيروزگارن کي ملازمتون ڏيڻ، نج ڪاري ڪميشن جو قيام شامل آهن. دراصل محترمه جو هي دور هڪ وڏي اقتصادي بحران لاءِ مهانگائي کي وڌايو، ڇاڪاڻ ته گذريل حڪومتن I.M.F ۽ ورلڊ بئنڪ کان ورتل قرض ادا نه ڪيا ۽ هر حڪومت قرضن جي ادائگي کي ايندڙ حڪومت ڏانهن ملتوي ڪندي رهي آخر مالي قرض ڏيندڙ ادارن سخت موقف اختيار ڪيو. هن ڏس ۾ محترمه نجڪاري تي ڀرپور توجه ڏنو. زرعي شعبي ۾ انڪم ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس لڳائڻ جو اعلان ڪيو. ٻئي طرف ماحوليات، زرعي، سوشل ۽ توانائي جي شعبن ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪيا. غير ملڪي سرمايه ڪارن ۽ غير ملڪي ڪمپينين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري  ڪرڻ لاءِ هڪ پيڪيج ڏنو ۽ ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. هن سال معيشت لاءِ ورتل سخت اپائن سبب عالمي مانيٽرنگ فنڊ واري اداري هڪ رپورٽ تسليم ڪيو ته پاڪستان اقتصادي بحران کان ٻاهر نڪري ويو آهي ۽ وٽس هڪ ارب ۲۰ ڪروڙ ڊالرن جا ذخيرا موجود آهن. عالمي بئنڪ ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن حب پاور پروجيڪٽ، غازي بروٿا پروجيڪٽ ۾ ۱۴۰۰ ميگاواٽ واڌارو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سوا ٻه ارب رپين جي منصوبي ۾ اڌ ڏيڻ جو فيصلو، عالمي بئنڪ سوشل ايڪشن پروگرام لاءِ اسي ڪروڙ ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جيڪا اڳ ڏنل هڪ ارب پنجونجاهه ڪروڙ ڊالرن کان علاوه آهي.

سندس ڪاميابين ۾ دفاعي سطح تي سويڊن ۽ فرانس حڪومت پاران پاڪستان کي ميراج پنج هزار جهاز ۽ اگوسٽانوي آبدوز کان علاوه جديد A.M.X ٽينڪ، لاما ۽ پيوما هيليڪاپٽر ڏيڻ جي معاهدن کان علاوه جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ فوجي سامان خريدڻ لاءِ ڏنل پئسن مان پاڪستان کي ۳۷ ڪروڙ ڊالرن جو فوجي سامان ڏيڻ جو اعلان به شامل آهي. هن ڏس ۾ ۲۳ آڪٽوبر ۹۵ع تي واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽ ۽ ايوان نمائندگان جي پينل کان پريسلر ترميم جي جڳهه تي برائون ترميم منظور ڪرائڻ هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. سندس پرڏيهي ڪاميابين ۾ آمريڪا پاران ايٽمي هٿيارن تي پابندي بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪرڻ، ڪشمير مسئلي کي عالمي اسلام ۽ دنيا جي عالمي ادارن کان مڃائڻ به شامل آهي. ۳ جنوري ۱۹۹۴ع تي ڪشمير بابت پاڪ ڀارت سيڪريٽري خارجه مذاڪرات ۾ ڪشمير کي ڀارت متنازعه تسليم ڪيو. آمريڪا ۾ ۳ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي اسلامي ملڪن جي وزرا خارجه اجلاس ۾ قرارداد پاس ڪري ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس کي O.I.C ۾ مبصر طور جڳهه ڏني. ۲ فيبروري ۱۹۹۴ع تي بوسنيا ۾ هلندڙ شديد لڙائي ۾ زندگي خطري ۾ وجهي دنيا جي ٻن عورتن وزيراعظمن محترمه ڀٽو ۽ ترڪ وزيراعظم مسز تانسو چلر دورو ڪري زخمين جي عيادت ذريعي دنيا جو توجه ڇڪايو.

سال ۱۹۹۴ع محترمه لاءِ سياسي اقتصادي ۽ خارجي سطح تي ڪامياب ٿابت ٿيو. هن عالم اسلام ۾ دنيا جا ڪيترا ڪامياب دورا ڪيا.

هن جي حڪومت ۳۱ مارچ ۹۴ع تي اقوام متحده جي قيادت ۾ صوماليه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اٽڪل پنج هزار فوجي موڪليا. ۲۵ اپريل ۱۹۹۴ع تي شمالي علائقن ۾ عدالتي انتظامي اصلاحات جو اعلان ٿيو. محترمه جي ڪوششن ساڻ ۱ آگسٽ ۱۹۹۵ع تي اسلام آباد ۾ مسلم ملڪن جي خواتين پارليامينٽرين جي عالمي ڪانفرنس منعقد ٿي ۽ محترمه ان جو افتتاح ڪيو. ملڪ ۾ تباهه ٿيل ٽيڪسائيل سيڪٽر لاءِ ۳ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي ۱۷ نڪاتي پيڪيج جو اعلان ڪيو جنهن جو واپارين ڀليڪار ڪيو. ۷ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي سعودي سيڙپڪار سرمائيدارن سان ڪراچي جي بيمار صنعتن کي ٻيهر هلائڻ لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو معاهدو ٿيو. ساڳي ڏينهن تي سندس حڪومت آمريڪا جي پيشڪش کي رد ڪيو. جنهن مطابق ايف ۱۶ جنگي جهازن بدلي پاڪستان يورينيم سان لاڳاپيل مرڪز کي بين الاقوامي ايٽمي انرجي ڪميشن کي آمريڪي حڪام ماتحت ڪرڻ شامل هيو. محترمه ۱۸ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي غير وابسته تحريڪ پاران سربراهه ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ۲۳ آڪٽوبر ۱۹۹۵ع تي اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ انڊر سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ تجويز ڏني. محترمه تقرير ۾ ڪشمير، روانڊا ۽ بوسينيا ۾ ظلم بابت عالمي ٽربيونل قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. محترمه هن اجلاس جي موقعي تي اٽڪل ۲۷ ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي. محترمه جي ڪوششن سان اقوام متحده پنهنجي ۵۰هين سالگره جي وقت حصول حق خود اراديت جدوجهد کي جائز قرار ڏنو. اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل بابت پاڪستاني موقف شامل ڪيو. محترمه ۲۵ آڪٽوبر ۹۵ع تي فرانس جي صدر جيڪ شيراڪ سان پاڪستان ۽ فرانس درميان دفاعي اقتصادي شعبن ۾ تعاون ڪرڻ ۷ ميراج ۵۸-۲۰۰۰ جي خريداري بابت ڳالهايو.

محترمه ايراني صدر هاشمي رفسنجاني جي دعوت ۶ نومبر ۹۵ع کان ايران جو دورو ڪيو ۽ ۷ نومبر تي ايراني اسيمبلي کي خطاب ڪيو. محترمه ۲۲ نومبر ۹۵ع کان آمريڪا جو دورو ڪيو جنهن ۾ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن سندس شاندار ۽ خاص آڌرڀاءُ ڪيو. محترمه آمريڪي سينيٽ. سرمائيڪارن، اخبارن، واپارين ۽ ٻين ڪيترن تنظيمن کي خطاب ڪيو. جيئن ته محترمه ڀٽو جي حڪومت ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون شامل آهن جن سان پاڪستان جو نالو دنيا ۾ وڌيڪ روشن ٿيو. دراصل محترمه جي اقتدار ۾ اچڻ بعد دنيا جون نگاهون پاڪستان ڏانهن ڏسڻ لڳنديون آهن. ڇاڪاڻ ته هڪ لبرل، روشن خيال، جمهوريت پسند عالمي معاملن تي ڀرپور واقفيت رکندڙ سياسي اڳواڻ طور محترمه ڀٽو کان دنيا گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي اميد رکندي آهي. محترمه پاڪستان کي دهشتگردي ۽ منشيات فروش ملڪ جي بدنامي کان بچايو ۽ سخت خطرن باوجود ڊرگ مافيا جون اٽڪل ٻه سئو بااثر شخصيتون گرفتار ڪيون. هڪ وڏو آپريشن ڪري سرحد ۽ قبائل ۾ منشيات جي اڏن کي ختم ڪيو. ملڪي مفاد ۾ انتهائي دليرانه ۽ ڏاهپ ڀريل فيصلن ڪرڻ تي دنيا جي پريس محترمه ڀٽو صاحبه کي پاڪستان جي ”آئرن ليڊي“ جو خطاب ڏنو. مختصر نموني سندس ڪامياب پاليسين سبب پرڏيهه کان ملندڙ قرضن جو تفصيل ڏجي ٿو. سال ۹۴-۹۵ع دوران پاڪستان ۲ ارب ۵۸ ڪروڙ ۴۰ لک ڊالرن جا قرض حاصل ٿيا. جڏهن ته ۹۳-۹۴ع جي مقابلي ۾ ۵ ڪروڙ، ۴۰ لک ڊالر جا وڌيڪ قرض حاصل ٿا. ڪنسوريشم وسيلي ۵۰ ڪروڙ، ۵۰ ڊالر قرض مليا. اسلامي ملڪن لاءِ ۷ ڪروڙ ۱۰ لک ڊالر قرض ڏنا. ملائيشيا پام آئل خريداري لاءِ ۱۰ ڪروڙ ڊالر منظور ڪيا. پاڪستان جي تاريخ ۾ دنيا پاران هڪ رڪارڊ سيڙپڪاري جو اعلان هن کان اڳ ٻڌڻ  ۽ ڏسڻ ۾ نه آيو. سندس حڪومت ۾ پورٽ قاسم وٽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر جو قيام ۽ ٺٽي ۾ ڪيٽي بندر گاهه، گوادر پورٽ جو قيام به شامل آهي.

ٿرڪول پروجيڪٽ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو پرڏيهي سيڙپڪاري جو منصوبو آهي جيڪو ٿر جي ڪوئلي کي ڪم آڻڻ لاءِ عمل ۾ آيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ڪوئلو دنيا جي اعليٰ قسم مان هڪ آهي. هن پروجيڪٽ تي عمل ڪرڻ سان اٽڪل هڪ لک ماڻهن جي روزگار جو ذريعو پيدا ٿيندو. محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ رڪارڊ پرڏيهي سيڙپڪاري جا معاهدا ٿيا. پوري دنيا جي ملڪن کي گهربل سهولتون ڏئي کين پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو. هر ملڪ سان قرضن جا معاهده سيڙپڪاري جي انداز ۾ ٿيا. دنيا کي محسوس ڪرايو ويو ته پاڪستان دنيا لاءِ بهترين سيڙپڪاري واري جڳهه آهي. جڏهن دنيا جي هر هڪ ملڪ ۽ ملڪن جي صنعتڪارن پاڪستان ۾ ڪارخانن ۽ ٻين توانائي جي شعبن ۾ اڳتي اچڻ جو اعلان ڪيو ته پوءِ پاڪستاني بزنس مين طبقو به اڳتي وڌيو. ان کان اڳ پاڪستاني واپاري صرف پلانن تي ڪارخانا ظاهر ڪري ڪوڙا قرض وٺي پئسا هضم ڪري ويندا هيا. پاڪستان ۾ رڪارڊ پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ بيروني امداد حاصل ڪرڻ، خارجه پاليسي ۾ ڪاميابين ۽ پريس جي آزادي کي سندس مخالفن به تسليم ڪيو آهي. اخبارن ۾ ورڪرن لاءِ ويج بورڊ ۽ بونس لازمي ڪرڻ به سندس ڪارنامو آهي.

سڀ کان وڌيڪ تبصري لائق سندس قابليت، ذهانت ۽ مضبوط سياسي شخصيت آهي. ان کان اڳ به ۱۹۸۸ع ۾ سندس پارٽي کي اسيمبلي ۾ خاص اڪثريت حاصل ڪيائين. اهڙي طرح وري ۱۹۹۳ع وارين اليڪشن ۾ مخلوط حڪومت پي ڊي اي اتحاد سان جوڙيائين. پيپلز ڊيموڪريٽڪ الائنس ۾ نوابزادي نصر ا﷢ خان، غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب ۽ حامد ناصر چٺه صاحب جي مسلم ليگ کان علاوه مولانا فضل الرحمان جي جماعت شامل هئي.

محترمه ڀٽو صاحبه جو اهو ڪمال آهي ته پاڪستان جي سماج ۾ جتي مرد ۽ اسلام جي احترام سبب عورتن کي ٻي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو ۽ هڪ ٽولو پنهنجي خواهشن لاءِ من پسند تشريح ڪندي ائين به چئي ٿو ته عورت کي حڪمراني جو حق ڪونهي. اهڙي مرد جي سماج ۾ جتي عورت ڪنهن مرد سان هٿ به ملائي نه سگهي. اڪيلو سياسي ملاقات نه ڪري سگهي. گڏجي شڪار نه ڪري سگهي ۽ ڪنهن سان حد کان وڌيڪ مسڪرائي ڳالهائي نه سگهي. فوٽو به نه ڪڍائي سگهي، اهڙي مضبوط مرد جي سماجي معاشري ۾ محترمه ننڍي عمر جي عورت هوندي انهن سياست جي چاچن ۽ مامن کي شڪست ڏني مخالف بئنچن تي يا پنهنجي قيادت ۾ هلائي جن جي زندگي سياست ۾ گذري هجي اها سندس همت ۽ ڏاهپ آهي. سندس ٻه دفعا وزيراعظم ٿيڻ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن ته پاڪستان ۾ هڪ قوم نه آهي، صوبائيت ۽ مذهبي بنيادن تي پارٽيون آهن، تنهن کان علاوه ”پردي“ پويان قوتون آهن. ان سبب محترمه جي مخالفت به ايتري ئي گهڻي آهي. هر هڪ چاهي ٿو ته ان جي شرطن تي حڪومت اچي انهن کي راضي رکيو وڃي تنهن ڪري اهو محترمه ڀٽو لاءِ ناممڪن آهي ته سڀني کي راضي رکي. ان کان علاوه پ پ هڪ عوامي پارٽي آهي عوام ۽ ورڪرن کي به خوش رکي. اهڙن حالتن کان علاوه ٻئي طرف مخالف پارٽين پاران ساڻس عدم تعاون ۽ روزانو تحريڪون، لانگ مارچ، ڪڏهن ٽرين مارچ، هڙتالون، شهر بند، مظاهرا هجن ته پوءِ ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿيندي، سياسي انارڪي ٿيندي، پرڏيهه ۾ ملڪ جو نالو بدنام ٿيندو، جمهوريت کي استحڪام نه ملندو ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿينديون، اهو ئي ٿيو جو ملڪ ۾ مخالفن جي ضدي روين، پرڏيهي مالياتي ادارن جي سخت شرطن ۽ پيپلز پارٽي ۾ ناخوش دوستن جي ڪري محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت کي هڪ دفعو وري ۵ نومبر ۱۹۹۶ع تي رات جو ختم ڪيو ويو. وري احتساب ڪميشن ئي محترمه ۽ سندس وڪيل آهن، ڏسون ڇا ٿئي ٿو. گذريل ڇهن سالن ۾ محترمه چوٿين چونڊيل وزيراعظم آهي جنهن جي حڪومت جو خاتمو وقت کان اڳ ٿيو آهي. محترمه ۽ پيپلز پارٽي سان واسطو نه رهيو آهي يا ساڻس ملاقات جو موقعو اڄ ڏينهن تائين ڪو نه مليو آهي مان ذاتي طرح سان سندس باري ۾ راءِ نه ٿو ڏيان پر مٿس تنقيد به ٿئي ٿي ته هو سخت طبيعت سياستدان آهي. ڪنهن پارٽي عهديدار جي جي تنقيد، برداشت نه ٿي ڪري، پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو سان سندس رويو به پسند نه ٿو ڪيو وڃي. پنهنجي والده سان به اختلاف کيس ڀٽو صاحب طرفان مقرر ڪيل پارٽي چيئرمين واري عهدي تان هٽائڻ ۽ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو تي سندس موجودگي ۾ فائرنگ کان علاوه ڀٽو خاندان جي ماضي ۾ قائم سياسي يڪجهتي کي نه سنڀالڻ به قابل تنقيد رهي ٿو. حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ مخالفن ۽ شهيد ڀٽو جي قاتلن سان گڏجي ڪم ڪرڻ به ماڻهن کي نه ٿو وڻي پر هاڻي ملڪي حالتن مطابق عوام به انقلاب لاءِ تيار ڪونهي. ڪرسي جي سياست جو دور آهي قومپرست، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اسلامي خيالن جا ماڻهو اقتدار ۾ گڏ ويٺا آهن. سياسي نظريا ۽ فلسفا هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. جيڪو وڌيڪ بااثر ماڻهو رکي ٿو، قائد جي شخصيت ۾ چمڪ ۽ ڏاهپ آهي. سگهارن ادارن سان ويجهڙائپ رکي ٿو ۽ ڪرسي لاءِ هر هڪ حربو استعمال ڪري ٿو اهو حڪومت ماڻي ٿو ۽ عوام به هاڻي حڪومت مان ڪم حاصل ڪرڻ جو رستو ورتو آهي پوءِ ڀلا محترمه ڀٽو صاحبه تي ڪهڙي معيار.

بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ هن باوقار، باعمل، شان، مان، رعب، ڏات، نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد آهي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل آهي. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.

 

 

لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي تان کنيل

 


 

ڀٽو جي پِنڪي ۽ لوڪ جي مارئي

عبداش پنهور

اها ڀٽو جي پِنڪي جنهن کي لوڪ پُڪاريو ۽ پچاريو ”مارئي ملير جي، بينظير، بينظير“ سو به سياسي طور صفا سوڙهو زمانو هو. اها عوامي عظيم اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو آهي، جنهن جو اڄ جنم ڏڻ آهي، وقت جي بگهڙن خلاف ماڻهن جي طاقت سان ”ووٽ عوام جو حق آهي“ جي نعري تي جيڪا جمهوري شاندار هلچل هلائي، سندس شاندار بهادري‏، عقل، ڏاهپ ۽ سياسي ڪردار سان بندوق بازن سان ويڙهه ڪندڙ ۽ بمن سان مهاڏا اٽڪائڻ واري هٿين خالي پنڪي جڏهن پنهنجي بابا ڀٽو کي بچائڻ لاءِ ٽرين مارچ شروع ڪري ٿي تڏهن لوڪ نعرو نروار ٿئي ته ٿو ”تنهنجي ڀيڻ، منهنجي ڀيڻ، بينظير، بينظير“ اها ڀٽو جي پنڪي هئي، جنهن ننڊي کنڊ جي تمام وڏي سياسي شخصيت انڌران گانڌي کي مجبور ڪري ڇڏيو ته هن جنرل اروڙا آڳيان هٿيار ڦٽا ڪندڙ سڀ قيدي آزاد ڪري ڇڏيا تنهن کانپوءِ به جڏهن ۶ آگسٽ ۱۹۹۰ع تي سندس حڪومت کي وقت کان اڳ ختم ڪيو ويو ته تنهن عمل کي انگريزيءَ جي مشهور هڪ اخبار لکيو ”مڊنائيٽ جيڪال آپريشن.“ تڏهن وقت جي بگهڙن کان ڀٽو جي پِنڪي بچي نه سگهي.

اها ئي ڀٽو جي پنڪي هئي، جنهن اهڙين حالتن کان ڪجهه سال اڳ جنهن جبري تنگ حالتن سبب عوام کي آمريتي دور ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ۽ پاڻ اڳواڻي ڪندي ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي جڏهن تختِ لاهور لٿي ته لکين ماڻهن جي شاندار ۽ تاريخي ڀليڪار ڏسي ڪيترن ئي ظالم ۽ عوام دشمن ڌرين کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. سازشين ڌرين ان کان اڳ پ پ پ تي ۳ وڏا حملا شروع ڪري ڇڏيا هئا، هڪڙا انڪلز الڳ ٿي ويا، ٻن ڌار پارٽيون وڃي ٺاهيون، تنهن وقت سندس تاريخي مهارت اها لوڪ پڌري ٿي جو اهڙين تنگ حالتن ۾ هن شاندار ڪتاب لکي ڇڏيو، ها! ڪتاب، ”ڊاٽر آف ايسٽ“ لکڻ جو مطلب اهو هو ته تاريخ ۾ سندس ڪردار ڪڏهن به ڪنهن سياسي مونجهاري جو شڪار نه رهي، جيڪڏهن ڪنهن کي تنهن دور جو سياسي جائزو پرکڻ جو موقعو ملي ته ضرور اهو ڪتاب پڙهي، جيڪو هاڻ سنڌي ٻولي ۾ موجود آهي ۽ آساني سان پڙهي سگهجي ٿو. اهو ڪتاب پڙهڻ سان نه رڳو محترمه جي اصل مقصد کي پرکي سگهجي ٿو بلڪه تنهن زماني جي سموري سياسي سرگرمين کي به پرکڻ سولو ٿي پوندو.

ڀٽو جي پنڪي تنگ حالتن سبب جڏهن پنهنجي حياتي جي اهم دور ۾ نوازشريف جي سياسي انتقام جي ڪري جبري جلاوطني اختيار ڪئي، تنهن دور ۾ مون ستر ڪفلٽن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بلاول هائوس کي سياسي ويرانين ۾ ڏٺو، ستر ڪلفٽن جي ويراني جهونو سياسي اڳواڻ عبدالستار بچاڻي بهتر انداز سان بيان ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو ئي پ پ اڳواڻ آهي، جيڪو مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي ايم آرڊي جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪرڻ تائين واسطيدار هنڌ پهچائڻ جا انوکا ڪرتب ڪندو رهيو، محترمه جي جبري جلاوطني ۽ کيس پهچايل ايذاءَ انهي ڪري ياد ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون آهن جو جڏهن سعودي عرب جي قيادت جي ميزباني ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ نوازشريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي موجودگي ۾ ڪلثوم نواز جي روبرو مليا هئا، تڏهن نوازشريف جي سياسي انتقام جي ڪري جبري جلاوطني جو تاريخي ڏوهه پاڻ نه صرف قبول ڪيو پر معافيون به ورتيون هنيون ۽ ڀٽو جي پنڪي آدرشي شاعر فهيمده رياض وانگر “چلو تمهين معاف ڪرتي هين.“ نظم وانگر کيس معاف ڪري ڇڏيو هو.

اها ڀٽو جي پِنڪي هئي، جنهن دنيا جي ناميارن اڳواڻن کي جهموريت جو سبق ڏنو ته اوهان جي غلطين سان پاڪستان سميت دنيا ۾ عوام آمريتي دور جا عذاب ڀوڳيندو رهي ٿو، اها ڳالهه هن نه صرف ميخائيل گورباچوف کي چئي پر آمريڪي صدر بل ڪلنٽن کان هيلري ۽ رئيسا تائين مڃرائي به هئي، ها! اها ئي ڀٽو جي پِنڪي هئي، جيڪا اڄ به عوام جي دلين ۾ رهي ٿي.


محترمه بينظير ڀٽو

ستھٺهين سالگره جي مناسبت سان جمهوريت جو بي مثال ۽ امر ڪردار

گل محمد جکراڻي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جو اڄ ۶۷هون يومِ پيدائش ملهايو پيو وڃي. پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿي، هن ۱۵ سالن جي عمر ۾ او ليول جو امتحان پاس ڪيو، ۱۹۷۳ع ۾ هارورڊ يونيورسٽي برطانيه ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيشن ۽ ۱۹۷۶ع ۾ فلسفي، سياست ۽ معاشيات ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري رڪارڊ قائم ڪيائين.

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ پاڪستان ۾ واپس آئي، ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن آمر ۽ فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪيو ته ان وقت شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو باقاعده سياست ۾ پنهنجي عظيم ماءُ بيگم نصرت ڀٽو سان گڏجي فوجي آمر جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف جدوجهد جو آغاز ڪيو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کانپوءِ باقاعده پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي سنڀالي ورتو ۽ فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي خلاف جدوجهد شروع ڪيائين، ان جدوجهد ۾ هوءَ جيل به وئي. سن ۱۹۸۴ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي آزادي ملي ته هوءَ برطانيه هلي وئي. هن جلاوطني دوران پنهنجي سياسي جدوجهد کي جاري رکيو. ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن فوجي آمر جنرل ضياءُ جهاز حادثي ۾ فوت ٿيو ته ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع ۾ ملڪ اندر عام چونڊون ٿيون، ان چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي قومي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻي سوڀاري ٿي، اهڙي طرح ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾ ۳۵ سالن جي عمر ۾ پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم طور حلف کڻي هڪ رڪارڊ قائم ڪيو.

جمهوريت مخالف قوتن جي سازشن سان ڪل ۲۰ مهينن اندر ۶ آگسٽ ۱۹۹۰ع ۾ ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان محترمه بينظير ڀٽو جي چونڊيل حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. ۲ آڪٽوبر ۱۹۹۰ع تي ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون ويون، اسٽبلشمينٽ جي لاڏلي ميان محمد نواز شريف کي ڪاميابي ڏياري وئي ۽ هن ملڪ جي وزيراعظم جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو قائد حزب اختلاف جو عهدو سنڀالي ورتو. ٽن سالن کان پوءِ ٻيهر ملڪ ۾ چونڊون ڪرايون ويون. ۱۹۹۳ع وارين چونڊن ۾ ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادي پارٽين ڪاميابي ماڻي ورتي. اهڙي طرح هڪ دفعو ٻيهر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي وزيراعظم بڻجي وئي ۽ پارٽي هڪ مُک اڳواڻ سردار فاروق لغاري کي ملڪ جو صدر بڻايو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته فاروق لغاري پ پ مخالف قوتن ۽ سامراجي قوتن جي ايجنٽن سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجي پارٽي جي ليڊر محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. انهن حالتن کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف ۲۰۰۶ع ۾ لنڊن ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪري فيصلو ڪيو ته آئنده هڪ ٻئي خلاف استعمال نه ٿينداسين ۽ حقيقي جمهوريت جي لاءِ جاکوڙ جاري رکي ويندي.

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو تقريبا ۹ سالن جي جلاوطني کي ختم ڪري ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي دبئي کان پاڪستان واپس آئي. جڏهن شهيد راڻي بينظير ڀٽو ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتي ته لکن جي تعداد ۾ ماڻهن ۽ پارٽي جي ڪارڪنن پنهنجي محبوب ليڊر جو شاندار استقبال ڪيو پر افسوس ته ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي جمهوريت دشمن قوتن محترمه بينظير ڀٽو جي ڪاروان جمهوريت تي بم ڌماڪن سان حملو ڪيو، اهڙي طرح ۱۵۰ کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ٿي ويا ۽ سوَن تي تعداد ۾ ڪارڪن زخمي ٿيا، ان جي باوجود شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بهادر نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سياسي سفر کي جاري رکندي جمهوريت دشمن قوتن ۽ دهشتگردن کي چئلينج ڪيو ۽ انهن جي ڌمڪين جي ڪابه پرواهه نه ڪيائين. بهرحال جمهوريت دشمن قوتن، دهشتگردن ۽ عالمي قوتن جي سازشن سان فوجي ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي محترمه بينظير ڀٽو کي لياقت باغ راولپنڊي ۾ شهيد ڪرائي ڇڏيو. محترمه هن سنڌ ڌرتي جي عظيم نياڻي هئي ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آهي، هن آخري گهڙي تائين عوام جي حقن ۽ پاڪستان جي سربلندي لاءِ جدوجهد ڪئي. اسان اُميد ڪريون ٿا ته چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري شهيد بي بي جي مشن کي جاري رکندو.


بينظير ڀٽو شهيد

آصف جمال سومرو

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي نياڻي، بينظير ڀٽو جي ولادت ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا.

پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو، جنهن جو تعلق لاڙڪاڻي جي مردم خيز زمين سان هو. جڏهن ته سندس ماءُ بيگم نصرت ڀٽو جو تعلق ايران جي اصفهان شهر سان آهي.بينظير سندن وڏور ڌيءَ هئي. هي پاڻ ۾ چار ڀائر ڀيڻون هئا، جن مان هاڻي صرف هڪ ڀيڻ صنم ڀٽو حيات آهي.

بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام حسين عورت هئي، جنهن جي شادي ۱۹۸۷ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي، جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي افنديءَ سان واسطو رکي ٿو. آصف علي زرداري هن وقت پاڪستان جو صدر آهي. کيس ٽي ٻار، هڪ پٽ بلاول ۽ ٻه نياڻيون بختاور ۽ آصفه آهن.

بينظير ڀٽو کي ابتدائي تعليم لاءِ ڪراچيءَ جي مسز جيننگ جي نرسري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ هن ۱۹۵۸ع ۾ ڪراچيءَ جي مشهور اسڪول ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري (Convent of Jesus and Mary) ۾ داخلا ورتي. ننڍپڻ ۾ هوءَ هڪ سلڇڻي ۽ سٻاجهي نينگر هئڻ سان گڏ تمام ذهين ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي. ستن سالن جي عمر ۾ جڏهن سندس والد جنرل ايوب خان جي مرڪزي ڪابينا ۾ وزير ٿيو ته سندن ڪٽنب راولپنڊيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پهرين کيس ”پريزنٽيشن ڪانوينٽ“ (Presentation Convent) ۾ داخل ڪيو ويو، پر پوءِ جلد ئي سندس ڀيڻ صنم ڀٽو سان گڏ ڪوهه مريءَ جي بورڊنگ هائوس ۾ موڪليو ويو. هن دور ۾ هن کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ٿيو. ڪتابن ۾ هن کي تاريخ، آتم ڪهاڻيون ۽ اگاٿاڪرسٽيءَ جون جاسوسي ڪهاڻيون پسند هيون. بينظير کي ٽپال جون ٽڪليون گڏ ڪرڻ جو به شوق هو ۽ هوءَ اسڪول جي راندين ۽ ٻين غيرنصابي سرگرمين ۾ به حصو وٺندي هئي، ان ڪري سندس استاد کيس گهڻو ڀائيندا هئا. ننڍي عمر کان ئي مختلف پرڏيهي ملڪ گهمڻ ۽ گهر ۾ ٿيندڙ سياسي گفتگوءَ جي ڪري هن ۾ سياسي شعور موجود هو.

جڏهن سندس والد وزير خارجه بڻيو، تڏهن سندس مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿيو ۽ ان وقت جي ڪابينا ۾ عمر ۾ ننڍي ۾ ننڍو وزير هئڻ جي باوجود گهڻن تي ڀاري هو.

سال ۱۹۶۵ع ۾ هندستان پاڪستان جي جنگ لڳي، جنهن کان پوءِ ڀٽي صاحب جا ايوب خان سان اختلاف ٿي پيا، ان ڪري هو سندس حڪومت کان ڌار ٿي ويو. هي اهو دور هو، جنهن ۾ بينظير کي تمام ويجهي کان ملڪ جي حالتن جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو.

۱۹۶۶ع ۾ جنرل ايوب خان جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڀٽو صاحب وڏو مقبول سياسي ليڊر بنجي اڀريو ۽ هي خاندان ڪراچيءَ واپس موٽي آيو ۽ بينظير وري ڪانوينٽ آف جيزز اينڊ ميري اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتان هن صرف ۱۵ سالن جي عمر ۾ ’او‘ ليول جو امتحان ڏنو. ان کان اڳ ۱۹۶۷ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پئجي چڪو هو، جنهن جو چيئرمئن ڀٽو صاحب بڻيو ۽ بينظير صرف چوڏهن سالن جي عمر ۾ ان جي بنيادي پنجن ميمبرن ۾ شامل هئي.

ڪجهه وقت گرامر اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ هوءَ هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ريڊڪلف ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ آمريڪا هلي وئي. اهو ۱۹۶۹ع جو سال هو. انهيءَ دور ۾ ويٽنام جنگ خلاف ٿيندڙ ڪيترن مظاهرن ۾ شرڪت ڪيائين، اوڀر پاڪستان ۾ آيل سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ چندا گڏ ڪيائين ۽ ڪاليج جي ٻين ڪيترين سرگرمين ۽ تقريري مقابلن ۾ حصو ورتائين، جنهنڪري هوءَ ڪاليج ۾ گهڻي مشهور ٿي وئي.

۱۹۷۰ع جي چونڊن ۾ اولهه پاڪستان مان پيپلز پارٽيءَ جي اڪثريت سان چونڊجڻ مهل هوءَ آمريڪا ۾ هئي. ان کان پوءِ اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيون ۽ جنگ لڳي، اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو، ڀُٽي صاحب کي باقي رهيل پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنايو ويو. ان دور ۾ بينظير ڀٽو جيئن ۱۹۷۲ع ۾ اونهاري جي موڪلن ۾ پاڪستان آئي ته ڀٽو صاحب کيس پاڻ سان هندستان وٺي ويو، جتي کيس شملي ۾ اندراگانڌيءَ سان ملڻو هو. ان ملاقات ۱۸ سالن جي نوجوان بينظير جي زندگيءَ تي وڏو اثر ڇڏيو. عملي سياست جو سندس اهو پهريون تجربو هو، جتي هوءَ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽيليويزن وارن جي توجهه جو مرڪز بڻجي وئي هئي. اتان موٽي هوءَ وري واپس آمريڪا پڙهڻ هلي ويئي. اتي پنهنجي چئن سالن واري ڪورس کي پورو ڪري سياست ۾ گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ پاڻ مختصر عرصي لاءِ پاڪستان اچي، وري پنهنجي والد جي خواهش مطابق آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ وڃي داخلا ورتائين، جيڪو پاڻ به اتان پڙهيو هو.

جنهن وقت ۱۴ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي ملڪ جو آئين نافذ ڪيو ويو، بينظير پاڪستان ۾ آيل هئي. ان کان پوءِ ڀٽو صاحب مختلف دورن ۾ هن کي پاڻ سان وٺي ويندو هو، ان ڪري هن کي ڪيترن مشهور ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو، جن ۾ هينري ڪسنجر به شامل هو.

لاهور ۾ ۱۹۷۴ع ۾ ڪوٺايل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ به هوءَ شامل ٿي هئي، جتي هن کي مصر جي صدر انور سادات، سعودي عرب جي شاهه فيصل، لبيا جي ڪرنل قذافي، بنگلاديش جي شيخ مجيب الرحمان، فلسطين جي ياسر عرفات ۽ ٻين سان ملڻ جو موقعو مليو. ان کان سواءِ گڏيل عرب امارات ۽ بحرين جي اميرن سان به ملي. اها سندس لاشعوري تربيت هئي، جيڪا سندس والد ڪري رهيو هو. ان سال آڪسفورڊ ۾ بينظير کي يونين جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو. ان کان ڪجهه وقت پوءِ هن انهيءَ يونين جي صدر لاءِ چونڊ وڙهي ۽ ۱۹۷۷ع ۾ هوءَ پهرين ايشيائي ڇوڪري هئي، جنهن اهو عهدو ماڻيو هو.

هوڏانهن پاڪستان ۾ نين چونڊن جو چؤٻول هليل هو. پي. اين. اي نالي ساڄي ڌر جي پارٽين جي اتحاد اسلامي نظام جي نعري هيٺ هيٺ ماڻهن کي گمراهه ڪيو ته به ڀٽي صاحب جي پارٽي ۶۰ سيڪڙو اڪثريت سان ڪامياب ٿي، پر پوءِ مٿس چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جو الزام هڻي هڙتالون ڪيون ويون ۽ احتجاجي سياست ڪئي وئي.

سال ۱۹۷۷ع ۾ پڙهائي پوري ڪري ڊگري وٺي بينظير واپس وطن آئي ۽ پنهنجي پيءُ جي پاران بين الصوبائي رابطه ڪميٽيءَ جي خاص صلاحڪار بڻائڻ کانپوءِ ان حيثيت ۾ سندس آفيس ڀرسان ٻي آفيس ۾ ويهڻ لڳي. ۴ جولاءِ ۱۹۷۷ع تي مخالف ڌر سان معاهدو ٿيڻ کان پوءِ جنرل ضياءُالحق اوچتو ۴ ۽ ۵ جولاءِ جي وچ واري رات ۾ ڀٽي صاحب جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. ڀٽي صاحب جي نظربنديءَ کان پوءِ بينظير پنهنجي خاندان سان ڪراچيءَ موٽي آئي.

ڀٽي صاحب جي غيرموجودگيءَ ۾ بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽيءَ جي قائم مقام چيئرپرسن بنايو ويو ۽ بينظير کي سندس سيڪريٽريءَ طور ذميواريون ڏنيون ويون. هن جي ڀائرن کي ماءُ ملڪ کان ٻاهر اماڻي ڇڏيو هو ته جيئن اهي پنهنجي پيءُ جي آزاديءَ لاءِ دنيا جي ضمير کي جاڳائڻ جو ڪم ڪن. ڀٽي صاحب جو ڪيس هلندو رهيو، بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي بار بار گرفتار ۽ آزاد ڪيو ويو، ڪڏهن ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن سهالا پوليس ڪيمپ ۾ ته ڪڏهن سکر جيل ۾. جڏهن ڀٽي صاحب کي ڦاسي ڏيڻ وارو فيصلو ٿيو، ان وقت اهي ٻئي سهالا جيل ۾ هيون. ان کان پوءِ کين ڀٽي صاحب سان ملاقات لاءِ راولپنڊيءَ نيو ويو، جيڪا ساڻس سندن آخري ملاقات هئي. ڀٽي صاحب جي شهادت جتي بينظير کي دنيا جي هن وڏي ڏک کان آشنا ڪيو، اتي منجهس وڏي تبديلي آندي، جو پوءِ هوءَ بيحد بهادر، بي ڊپي، پراعتماد ۽ بيباڪ عورت بنجي اڀري. محترمه پنهنجي ڪتاب ”ڊاٽر آف دي ايسٽ“ جي پهرين سٽ اها لکي هئي ته ”مون پنهنجي هن زندگيءَ جو پاڻ انتخاب نه ڪيو، پر ان مون کي چونڊيو هو.“ حالتن هن کي فولاد بڻائي ڇڏيو. بعد ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي بيماريءَ سبب کيس پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرپرسن ۽ پوءِ چيئرپرسن بنايو ويو.

سال ۱۹۸۱ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ هلي، جيڪا ۱۹۸۳ع ۾ عروج تي پهتي. مارچ ۱۹۸۱ع ۾ پي. آءِ. اي جو هڪ جهاز اغوا ٿيو، جنهن جو الزام سندس ڀائرن تي لڳائي بينظير ۽ بيگم نصرت ڀٽو کي وري گرفتار ڪيو ويو، جتي ٻئي ۱۹۸۲ع تائين قيد رهيون. ان کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو سخت بيمار ٿي پئي ۽ ڊاڪٽرن ڦڦڙن جي ڪينسر جو مرض تشخيص ڪيو، جنهن جي علاج لاءِ کيس ولايت وڃڻ جي اجازت ملي ۽ بينظير کي ڪراچيءَ واري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. ۱۹۸۴ ۾ بينظير کي ڪن ۾ شديد سور پيو، جنهن جي علاج لاءِ ولايت وڃڻ جي کيس اجازت ملي. ائين هوءَ ايندڙ ڇهن سالن لاءِ ملڪ کان ٻاهر هلي ويئي. لنڊن ۾ هن ڪن جي آپريشن ڪرائي.

سال ۱۹۸۵ع ۾ فرانس ۾ سندس ڀاءُ شاهنواز جي اوچتي وفات زهر ڏيڻ سان ٿي ته پاڻ فرانس هلي وئي ۽ سندس ميت کڻائي، پاڪستان واپس آئي. اهو سندس زندگيءَ جو ٻيو سانحو هو، جنهن سان کيس منهن ڏيڻو پيو. ڀاءُ کي پنهنجي پيءُ جي ڀرسان دفن ڪرايائين. ان وقت جنرل ضياءَ کيس نظربند ڪرايو. بهرحال هوءَ پنهنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس جي پوئواريءَ خاطر وري ڪجهه وقت لاءِ ٻاهر هلي ويئي.

سال ۱۹۸۶ ۾ جڏهن هوءَ لاهور واپس پهتي ته لکين ماڻهن سندس استقبال ڪيو. سندس اهڙي شايان شان واپسيءَ کان پوءِ ۱۹۸۷ ۾ سندس شادي آصف علي زرداريءَ سان ٿي. ۱۰ اپريل تي اوجهڙي ڪئمپ (ڏسو: اوجهڙي ڪئمپ) واري واقعي کان پوءِ ۲۹ مئي۱۹۸۷تي جنرل ضياءَ، محمد خان جوڻيجي جي حڪومت ۽ اسيمبليون ختم ڪيون ۽ چونڊن جو اعلان ڪيو.

تاريخ ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۷ تي جنرل ضياءِ جو جهاز هوا ۾ ڦاٽي پيو ۽ هو ڌرتيءَ ۽ آڪاش جي وچ ۾ ڪٿي گم ٿي ويو. ظالم آمر جو اهڙو انت اچڻ تي پاڪستان جي ماڻهن جو خدا جي انصاف تي ايمان اڃا پختو ٿيو. غلام اسحاق خان ملڪ جو صدر مقرر ٿيو، جنهن بنا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. جنهن جي خلاف بينظير پٽيشن داخل ڪئي، ان وقت جڏهن بنا پارٽي اليڪشن خلاف بينظير جي پٽيشن سپريم ڪورٽ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن جو چوٻول ٿيو، ته ان وقت بينظير، بلاول ڀٽو کي جنم ڏئي بلاول هائوس ۾ شفٽ ٿي چڪي هئي.

چونڊن ۾ هن جي پارٽيءَ خلاف نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ آءِ. جي. آءِ نالي اتحاد ٺاهيو ويو هو. بينظير چونڊ مهم لاءِ ڪامياب دورا ڪيا ۽ پارٽيءَ کي منظم ڪيو.

سال ۱۹۸۸ع واريون اهي چونڊون پيپلز پارٽيءَ کٽيون ۽ ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي ايوان صدر ۾ بينظر ڀٽو وزارت عظميٰ جو قسم کنيو. سموري دنيا جي اسلامي ملڪن ۾ هوءَ پهرين مسلمان عورت ۽ پهرين سنڌياڻي هئي، جيڪا ڪنهن اسلامي ملڪ جي وزيراعظم بڻي هئي.

تاريخ ۱۲ ڊسمبر تي قومي اسيمبليءَ مان اعتماد جو ووٽ ورتائين. سندس اهو دور اختلافن سان ڀريل هو. پنجاب ۾ آءِ. جي. آءِ (نواز شريف) جي حڪومت هئي، جيڪي مرڪز سان ٺهي نه پئي هليا، سنڌ ۾ ايم. ڪيو. ايم حڪومت ۾ شامل هئي، پر لساني ڇڪتاڻ معمول بڻيل هئي. بلوچستان ۾ اڪبر بگٽي ساڻس ڪو نه ٺهيو ۽ اتان جون حالتون به صحيح ڪونه هيون. هوءَ ”سياسيات“ ۽ ”بين الاقوامي تعلقات“ جون ڊگريون رکندڙ هڪ قابل عورت هئي، هن پاڪستان کي دولت مشترڪه ۾ شامل ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون. هن پنهنجي خارجه پاليسيءَ ۾ انقلابي تبديليون آنديون. ڀارت، آمريڪا، چين ۽ اسلامي ملڪن سان دوستيءَ جا ناتا وڌايا.

پهرين نومبر ۱۹۸۹ع تي سندس حڪومت- مخالفن سندس خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي. ان کان پوءِ حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ ٿيل آپريشن ۾ فوج جي مداخلت کان پوءِ حالتون خراب ٿي ويون ۽ نسلي فساد ڀڙڪي اٿيا.

تاريخ ۵ آگسٽ ۱۹۸۹ع تي ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان ٽيليويزن تان قوم کي خطاب ڪري بينظير حڪومت کي برطرف ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون.

ان کان پوءِ نگران حڪومت غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي ڏني وئي ۽ نين چونڊن جو اعلان ٿيو. چونڊون ٿيون ۽ نوازشريف حڪومت ٺاهي، نئين اسيمبليءَ ۾ بينظير مخالف ڌر جي ليڊر چونڊي وئي.

تاريخ ۶ نومبر ۱۹۹۰ع تي هن مخالف ڌر جي اڳواڻ طور اسيمبليءَ کي خطاب ڪيو. سنڌ ۾ حڪومت ڄام صادق عليءَ کي ڏني وئي، جنهن پيپلز پارٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو کي گهڻو نقصان پهچايو. بينظير ڀٽو جي وَر آصف زرداريءَ تي ڪيترا ئي الزام هڻي مقدما قائم ڪيا ويا.

سال ۱۹۹۲ع ۾ نواز شريف کي ساڳئي قسم جا الزام هڻي غلام اسحاق خان برطرف ڪيو ۽ اسيمبليءَ کي ختم ڪري بلخ شير مزاريءَکي نگران وزيراعظم مقرر ڪيو ويو.

سال ۱۹۹۳ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو وري چونڊون ٿيون ۽ بينظير کي ٻيو ڀيرو وزيراعظم بنايو ويو. ۱۳ نومبر تي سندس نامزد اميدوار فاروق احمد لغاري صدر چونڊيو ويو. ڪجهه وقت سانهن ستيءَ سان حڪومت ڪرڻ کان پوءِ وري وڳوڙ شروع ٿي ويا. ڪراچي انساني قتل گاهه بنجي وئي هئي، ٽارچر سيل ۽ ٻورين ۾ بند لاش روز جو معمول بنجي چڪا هئا. نتيجي ۾ ڪراچيءَ مان صنعتون پنجاب منتقل ٿيڻ لڳيون. ڌرين سان ٺاهه ٿيندا ۽ ڊهندا رهيا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن رڻ ٻاري ڏنو هو. ۱۹۹۵ جي آخري ڏهاڙن ۾ صدر فاروق لغاري بينظير جو مخالف ٿي بيٺو.

تاريخ ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۵ع تي بينظير جي پنهنجي حڪومت ۾ سازش ڪري سندس موڀي ڀاءُ ميرمرتضيٰ ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو. هوءَ جهڙوڪر ٽُٽي پئي. اڃا صدمي ۾ هئي ته ۵ نومبر تي کانئس حڪومت به کسي وئي. قومي اسيمبليءَ کي ٽوڙي سندس سرڪار کي برطرف ڪيو ويو. ۱۹۹۶ع جي ان زوال ۾ جن ٽن ماڻهن جو هٿ هو، اهي ٽئي سندس آندل يا مقرر ڪيل هئا، جن ۾ صدر فاروق لغاري، جنرل جهانگير ڪرامت ۽ جسٽس سيد سجاد علي شاهه شامل هئا.

هڪ ڀيرو وري چونڊن جون تياريون ٿيون. سنڌ جو نگران وزيراعليٰ ممتاز علي ڀٽي کي ڪيو ويو. چونڊون ٿيون، انهن ۾ تمام گهٽ ماڻهن حصو ورتو. بهرحال ۱۷ فيبروريءَ تي نواز شريف جي حڪومت قائم ٿي. ۱۹۹۷ع جي پڇاڙيءَ ۾ بينظير کي وري ڪيترن ڪيسن ۾ ڪورٽن کي منهن ڏيڻو پيو. جدوجهد جي طويل سفر ۽ مخالفن وٽان ملندڙ تڪليفن کيس اڃا عوام جي وڌيڪ ويجهو ڪري ڇڏيو.

سال ۱۹۹۹ع ۾ جڏهن پاڻ ملڪ کان ٻاهر هئي ته سندس ور کي اذيتون ڏنيون ويون ته جيئن هو اڻ ڪيل ڏوهن جو اعتراف ڪري. ۱۲ آڪٽوبر ۱۹۹۹ع تي جنرل پرويز مشرف، نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري اقتدار تي قبضو ڪيو.

بينظير، دبئيءَ ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو. سندس استقبال لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيا. سندس قافلو جڏهن ڪارساز وٽ پهتو ته ٻه زوردار بم ڌماڪا ٿيا، جنهن ۾ ۱۷۹ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا.

بينظير کي مارڻ جي ان سازش ۾ سندس دشمن ڪامياب نه ٿيا. هن جي عزم ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه آئي. ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪندي هن سمورن خطرن جي باوجود ملڪ جي مختلف علائقن جا دورا ۽ جلسا ڪيا. هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ بعد جڏهن جنرل مشرف ملڪ جي عدليه کي هٽايو ته هن نظربند چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي گهر جي ٻاهران وڃي جلسو ڪيو ۽ چيو ته سندس چيف جسٽس اهو ئي آهي.

تاريخ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ هڪ عاليشان جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جلسي تان واپسيءَ مهل عوام جي زبردست محبتن ۽ نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هن جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ مان منهن ڪڍيو ته هڪ ڀيرو وري مٿس گوليون وسايون ويون ۽ بم ڦاڙيا ويا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿي وئي. اهو نه صرف سنڌ جو، پر پاڪستان جو انتهائي وڏو نقصان آهي، جنهن جو پورائو شايد ڪڏهن به نه ٿي سگهي. سموري دنيا ۽ پاڪستان سندس ڏک محسوس ڪيو، پر سنڌ جي ماڻهن ان کي بنهه ذاتي ڏک سمجهي، لڙڪ لاڙيا ۽ سخت احتجاج ڪيو. سندس شهادت، سنڌ ۾ نئون ادب، شاعري ۽ نئون ولولو پيدا ڪيو. هو کيس ”مارئي ملير جي“، ”سنڌ راڻي“ ۽ ”شهيد راڻي“ جهڙن نالن سان ياد ڪن ٿا.

محترمه بينظير صاحبه جي خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو سڄي دنيا اعتراف ڪيو آهي. هن پنهنجي اقتدار دؤران ۽ اقتدار کان پوءِ ڪيترين ئي صعوبتن جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. وزارت عظميٰ’’ دوران مٿس ڪيترا ئي الزام هنيا ويا، پر وقت جون حڪومتون اهي ثابت ڪري نه سگهيون. والد بزرگوار جي شهادت، ٻن ڀائرن جي شهادت، والده جي مسلسل بيماري، قيد ۽ نظربندي ۽ خاوند جي مختلف الزامن تحت مسلسل نظربندي ۽ گرفتاري وغيره، پر پوءِ به سنڌ جي هن نياڻيءَ حوصلو نه هاريو ۽ پرڏيهه ۾ رهي پنهنجي پارٽيءَ جي قيادت ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ’ڊاٽر آف دي ايسٽ‘ نالي سان لکي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو مراد علي مرزا ڪيو آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو سجاد بخاريءَ ”مشرق ڪِي بيٽِي“ جي نالي سان ڪيو آهي.

ان کان سواءِ سندس ٻي تصنيف “Pakistan: the Gathering Storm” نالي سان شايع ٿي چڪي آهي.

سندس آخري ڪتاب Reconciliation: Islam and The West پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي، جنهن جو نالو آهي ”سرچاءُ“. هي ڪتاب حسين بادشاهه ترجمو ڪيو آهي.

تاريخ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع پاڪستان جي تاريخ جو سياهه ترين ڏينهن هو، جڏهن لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ محترمه بينظير ڀٽو تي قاتلاڻو حملو ڪري کيس شهيد ڪيو ويو.

کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ سندن اباڻي قبرستان ۾ پنهنجي شهيد والد ۽ ڀائرن جي ڀرسان دفن ڪيو ويو، جيڪا سندس ابدي آرامگاهه آهي. جتي هر سال سندن ورسيءَ تي هزارين ماڻهو اچي کين ڀيٽا ڏيندا آهن.


 

محترمه بي نظير ڀٽو

اهو ڏينهن جنهن ڌرتي لوڏي وڌي

آصف رضا موريو

۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جي شام تاريخ جو هڪ منحوس سج اڀريو جڏهن محترمه بي نظير ڀٽو کي راولپنڊي جي هڪ پارڪ ۾ شهيد ڪيو ويو جتي هن ايندڙ جنوري ۾ ٿيندڙ چوندن جي سلسلي ۾ تقرير ڪئي هئي.  ان حملي ۾ ويهه ماڻهن جي وفات کان علاوه سوين ماڻهو زخمي پڻ ٿيا هيا. واقعي کان پوءِ ان حادثي جون حقيقتون ائين سامهون اينديون ويون ته تقرير ڪرڻ کان پوءِ جيئن ئي محترمه واپس وڃي رهي هئي ته پارڪ ۾ موجود ماڻهن جي نعرن جو جواب ڏيڻ لاءِ هوءَ جيئن ئي پنهنجي گاڏيءَ جي کليل ڇت مان نڪري بيهي ماڻهن ڏانهن هٿ لوڏي رهي هئي ته هڪ موٽر سائيڪل سوار کيس ريزر پسٽول جهڙي هٿيار سان سندس ڳچيءَ تي وار ڪري پاڻ سان آندل يا ٻڌل بم ڦاڙيوجيڪو بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ان جي ڪجهه ساٿين جي موت جو سبب بڻيو.

بينظير ڀٽو ان حادثي کان گذريل اٺ سال کان جلا وطني جي زندگي گزاري رهي هئي ڇوته کيس پنهنجي ملڪ واپس اچڻ جي اجازت ڪونه هئي پر پرويز مشرف جي دور ۾ نرمي ٿيڻ تي پاڪستان آئي هئي.  سندس واپسي متعلق کيس اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ به موت مار ڌمڪيون به ملنديون رهنديون هيون.  ان لاءِنه رڳو سندس عوام ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت پر دنيا ڀر جي جمهوري ادارن مشرف حڪومت کان بينطير صاحبه جي حفاظت جي گهر ڪئي هئي جنهن تي رياستي ڪارندا ان حملي کان ڪجهه وقت اڳ تائين به سوالن ۽ جوابن ۾ فول پروف...........فول پروف......چئي رهيا هيا.

حادثي کان پوءِ مٽي، رئي، ڌوڌڙ ۽ دوهين سان گڏ آه وزاري، رڙين ۽ چيخن قيامت جو منظر  برپا ڪري ڇڏيو هيو.  ڀو وچان ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀاڄ کائي رهيا هيا.  ڪو بي بي لاءِ پريشان هيو ته ڪو پنهنجن دوستن، احبابن ۽ پيارن کي ڳولهي رهيو هيوته وري ڪو پنهنجي بچاو لاءِ هراسان هيو.  ان وقت ايمبولينس جي خوفناڪ آوازن به ماڻهن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا هيا..............پوليس، ايجنسين ۽ ايمرجنسي سان منهن ڏيڻ واري عملي جو تعداد وڌندو رهيو جن صورتحال کي سنڀالڻ شروع ڪيو......مرده جسمن ۽ انهن جي ٽڙيل پکڙيل ٽڪرن کي ميڙڻ ۽ زخمين کي کڻي ايمبولينسن ۾ رکڻ جو مرحلو پورو ڪيو ويو.  زخمين مان ڪوئي پنهنجي ٽنگن کي پڪڙيون ويٺو هيو ته ڪو ٻانهن کي، ڪنهن جو پيٽ وڍيل هيو ته ڪنهن جو منهن مٿو............

بي بي صاحبه جا جيڪي ساٿي ساڻس گاڏي ۾ گڏ هيا اهي پنهنجي محبوب قائد جي بي جان جسم جي حالت تي وهم و گمان ۾ ڦاٿل هيا جنهن جي شهادت گاڏي ۾ ئي ٿي چڪي هئي پر هڪ اميد جي آسري کيس ايمرجنسي سرجري لاءِ اسپتال نيو ويو.  اها اميد رڳو بي بي جي ساٿين کي ئي نه پر حملي جي خبر کان پوءِ تمام دنيا ۾ ٽي وي اڳيان  ويٺل ڪروڙين ماڻهن کي به هئي جن جون زبانون بينظير جي سلامتي لاءِ دعائن جاِ ورد ڪري رهيون هيون پر ان شام روشنين کي مات ڏئي انڌيري دنيا جي ڪارندن جيڪو وار ڪيو هيو اهو پنهنجو ڪم ڪري چڪو هيو.  اسپتال ۾ بي بي جي دفائي صلاحڪار رحمان ملڪ ميڊيا تي بيان ڏنو ته “کين شهيد ڪيو ويو آهي”.

بينظير ڀٽو جي شهادت جو خدشو نه رڳو بين الاقوامي خبر رسان ادارن سندس هتي اچڻ کان پهريون ظاهر ڪيو هيو پر سندس دوستن ۽ خير خواهن به کيس پاڪستان واپس اچڻ کان باز رهڻ لاءِ زور وڌو هيو پر انتهائي عقلمند هئڻ جي باوجود بي بي پنهنجي والد  جيان پنهنجي ماڻهن جي حقن ۽ ڌرتي جي سلسلي ۾ گهڻي جذ باتي ۽ ضدي هئي.  ان لاءِ موت مار ڌمڪين ملڻ جي باوجود هتي هلي آئي هئي جتي پهرين ڏينهن ئي سندس جلوس تي خود ڪش بم جو حملو ڪيو ويو جنهن ۾ پاڻ ته بچي وئي پر ان حادثي ۾ سندس ۱۱۰ ساٿي شهيد ٿي ويا هيا.  ان حملي جا سمورا نشان ڪراچي جي هڪ دهشتگرد تنظيم جي آستانن ڏانهن ويندي ڏٺا ويا جنهن کي نه ان وقت مشرف انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو نه ئي بعد ۾ آيل پي پي حڪومتن هن وقت تائين آڏي پڇا ڪئي بلڪه انهن کي پنهنجي سرڪار ۾ به سانجهي دار بنايو آهي.  جيڪو مان کي يقين آهي ته اڳتي هلي پيپلز پارٽي جي تاريخ جو ڪڙوو موضوع بڻجڻ وارو آهي.

پاڻ تي حملي جو انديشو بينظير صاحبه کي به هيو ان لاءِ ئي ته هن پاڪستان اچڻ کان اڳ اي ميل ذريعي دوستن کي آگاهي ڏني هئي ته “جيڪڏهن مان ماري ويم ته منهنجا قاتل ڪير ڪير ٿي سگهن ٿا”.  پنهنجي ان اي ميل ۾ بينظير صاحبه  انهن ماڻهن جا نالا به ٻڌايا هيا جن مان کيس جان جو خطرو هيو يا وري جن کان کيس ڌمڪيون ملنديون رهنديون هيون.  شهادت واري ڏينهن بي بي صاحبه تقرير ڪندي چيو هيو ته “توڙي جو مان هتي اچي پنهنجي جان خطري ۾ وڌي آهي پر مون محسوس ڪيو هيو ته منهنجو ملڪ خطري ۾ آهي منهنجا ماڻهو خوفزده آهن ۽ مون کي پنهنجي ملڪ جي خراب صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڃڻو پوندو”.  ان  انديشي جو اظهار برطانوي خارجه سيڪريٽري ڊيوڊ بينڊ به ان وقت پنهنجي اعلان ۾ ڪيو هيو ته “اسان بينظير تي حملي جي انديشن  کان واقف  هياسين پر اهو پڻ ڏسون پيا ته سندس ملڪ کي ان جو ضرورت آهي”.

بينظير نه رڳو پاڪستان جي ٻه دفعا رهندڙ وزيرِ اعظم هئي پر پنهنجي ملڪي سماج جي خاص طبقي ۾ پيدا ٿيندڙ هن عظيم عورت تمام عمر عام طبقي جي ڏکن، پريشانين ۽ لاچارين کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سچي جمهوريت آڻڻ واسطي جدوجهد ڪئي هئي.  سندس شهادت کي تمام دنيا جي اخباري لڏن پاڪستان ۾ جمهوريت آڻڻ خلاف هڪ اونهي سازش قرار ڏنو ته “بينظير جي شهادت ايندڙ وقت ۾ نه رڳو پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت کي وڌڻ ۽ ويجهڻ نه ڏيندي پر هتي رهندڙ قومن وچ ۾ فرقي بازي ۽ علاقائي دهشتگردي کي به هٿي ڏياريندي”. 

هن وقت ملڪ جي موجوده سماجي، سياسي، اخلاقي ۽ مذهبي  صورتحال ڏسي لڳي پيو ته انهن گروهن جي پيشنگوئي ٺيڪ هئي ڇوته  پاڪستان پيپلز پارٽي هن وقت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي چڪي آهي بلڪه هتي ڪوبه جمهوري ادارو صحيح طور تي ڪم ڪندي نظر ڪو نه پيو اچي.  ماڻهو پنهنجي پاڻ کي پهريون کان وڌيڪ غير محفوظ سمجهن ٿا ۽ دهشت گردي جا ڪڪر وقت سان گڏ گهاٽي کان گهاٽا ٿينديا پيا وڃن.

بي بي جي شهادت واري حادثي کي دنيا ڀر جي ساڃاهه وند ڌڙن انتهائي بزدلاڻو عمل قرار ڏنو آهي جنهن ماڻهن کي تاثر ڏنو ته پاڪستان اهڙو غير امن علائقو آهي جتي امن امان جو ملڻ مشڪل ۽ جمهوري قدرن جو پلجڻ ناممڪن آهي. ان حادثي متعلق دانشورن جو خيال هيو ته هي عمل انهن انسان دشمن گروهن جو آهي جن کي پاڪستان ۾ جمهوريت کان خطرو آهي. 

دنيا ڀر جي تمام سماجن کي اسان جي ادارن، اسان جي رياست، اسان جي قوم ۽ اسان سڀني کان اميد هئي ته اسان هن حادثي کان پوءِ اهڙن عنصرن جي خلاف متحد ٿي بينظير ڀٽو جي قاتلن کي سزا ڏيارينداسين پر اسان انهن کي مايوس ڪيو آهي.  هي پڻ افسوسناڪ حقيقت آهي ته بي بي جي شهادت کي ۱۳ سال گذري چڪا آهن پر ان تمام عرصي ۾ اسان ان حادثي جي ذميدارن کي نه رڳو سزا ڏيارڻ ته ڇا پر انهن کي منظرعام تي آڻڻ ۾ به ناڪام رهيا آهيون پر سندس قاتلن جي نشانين کي به پنهنجي هٿن سان مٽائي چڪا آهيون.  توڙي جو ان سلسلي ۾ بي بي جي سموري خاندان کي اسان عوامي طاقت ذريعي اقتدار به ڏياريو.........

اڄ توڙي جو بينظير ڀٽو اسان جي وڄ ۾ موجود ڪونه آهي پر اها به حقيقت آهي ته شهيد بي بي دنيا جي تاريخ ۾ جمهوري ادارن جي بقا لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏئي جدوجهد جي هڪ اهڙي امر ميراث ڇڏي آهي جنهن کي رهندي دنيا تائين نه رڳو ساراهيو ۽ ياد ڪيو ويندو پر جتي جتي ۽ جڏهن جڏهن سياست جي دنيا جي رهنمائن جو اتهاس انسانن جي قرباني جي ڳالهه ڪندو اتي بينظير ڀٽو جي عوام لاءِ ڏنل بهادرانه جدوجهد کي به خراج ضرورڏيندو.


شهيد راڻي بينظير ڀٽو

عظيم پيءُ جي عظيم نياڻي

سيد ناصر حسين شاهه

سنڌ جي سياسي مرڪز لاڙڪاڻي جي ڌرتي مان جنم وٺندڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو عظيم پيءُ جي عظيم ڌيءَ آهي، دنيا جي سياسي اُفق تي نظر ڊوِڙائبي ته عالمي سطح تي جن عظيم عالمي شخصيتن جو ذڪر ٿيندو ته اتي عظيم انقلابي شخصيت محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو نالو وهائي تاري جيان روشن نظر ايندو. اهڙيون عظيم شخصيتون جيڪي جسماني طور تي ته اسان وٽ موجود ناهن پر سندن فڪر، سوچ ۽ عمل جي ڪري هو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه امر آهن.

محترمه بينظير ڀٽو جنهن جو جنم ۲۱ جون ۱۹۵۳ تي ڪراچي ۾ ٿيو ۽ سندس شهادت ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ ۾ راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ٿي. هن ۵۴ سالن جي مختصر ۽ انتهائي گهٽ عرصي اندر سندس ۱۵ کان ۲۰ سال ٻاروتڻ ۾ گذريا هوندا، ۲۳ سالن تائين تعليمي سلسلو جاري رهيو هوندو، جڏهن ته باقي ۳۰ سالن جو عرصو مشڪل سان هوندو، جيڪو هن دنيا جهان کي سمجهڻ، سياست، گهرو زندگي ۽ ٻين زماني جي ڪار وهنوارن کي ڏنو هوندو. اهڙيءَ ريت تمام ٿورو وقت هن عظِيم ۽ عالمي پائي جي ليڊر پنهنجي ذاتي زندگي کي ڏنو هوندو، شايد سندس ڪردار ۾ ذاتي زندگي هئي ئي ڪانه. ٿي سگهي ٿو ته ڪردار ڏيڻ واري سندس ڪردار ۾ فقط جدوجهد، جاکوڙ، ڏک، تڪليفون، اهنج ۽ آخرڪار شهادت لکي ڇڏي!

عظيم انقلابي ليڊر شهيد بينظير ڀٽو هڪ اهڙي ڪردار جو نالو آهي، جنهن ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي. اقتدار جي ٽڪنڊي ۾ پاڪستان جي سياسي حالتن ۾ ڪجهه موقعن تي سياسي مصلحت پسندي ڪرڻ سندس سياسي حڪمت علي ضرور هئي پر هن پنهنجي والد صاحب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شايد اهو گُڻ سکي ورتو هو ته پاڪستان جهڙن اُسرندڙ ملڪن ۾ جمهوريت ۽ عوامي اقتدار تي راتاها ۽ مڪمل عوامي جمهوري راڄ قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به وڏي قرباني کانسواءِ ناممڪن آهي. محترمه کي اها به پروڙ ۽ پرک هئي ته ملڪ جو حقيقي پاور عوام ئي آهي، عوام جو آواز خدا جو آواز آهي پر هن اهو پڻ ڄاتو ٿي ته پاڪستان ۾ عوام جي آواز کي هر دور ۾ دٻايو ۽ هيسايو ويو آهي. اهو آواز جنهن کي ڪڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي روپ ۾، ڪڏهن شاهه عنايت، مخدوم بلاول، مرتضيٰ ڀٽو شهيد، شاهنواز ڀٽو شهيد، نظير عباسي شهيد ته ڪڏهن وري لاتعداد ڳاڙهن ڳڀرن نوجوانن، هارين، مزدورن ۽ جمهوريت جي جيالن جي روپ ۾ هميشه لاءِ خاموش ڪرائڻ جي ڪِريل ڪوشش ڪئي وئي پر وقت اهو ثابت ڪيو ته اهو آواز جيڪو وقت جي ويرين، امن جي ازلي دشمنن، آمريت جي ساٿارين ۽ وطن فروشن جي ڪيل ناڪاري ڪوششن باوجود اڄ به زنده آهي ۽ ڏينهن قيامت تائين زنده رهندو. اڄ به هر ڳلي ڳلي ۾ نعرا گونجي رهيا آهن ته، ”ڪل ڀي ڀٽو زنده ٿا، آج ڀي ڀٽو زنده هي.“ جنهن جو مقصد اهو آهي ته ڀٽو جي سوچ، عوامي سوچ ۽ جمهوري سوچ کي ڪڏهن به مات اچي نٿي سگهي ۽ ڀٽو جو ڏنل شعور ڏينهن قيامت تائين دنيا ڀر جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن ۽ ملڪن جي رهنمائي ڪندو رهندو.

بينظير ڀٽو شهيد کي سمجهڻ لاءِ اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي سمجهڻو پوندو، مان سمجهان ٿو ته شهيد ڀٽو هڪ اهڙي دور ۾ سياسي ڪيريئر جو آغاز ڪيو، جڏهن دنيا ۾ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ جمهوري ادارن کي سگهه بخشڻ لاءِ آزاد عدليه، انساني حقن يا سياسي جماعتن جي هاڻوڪي صورتحال بنهه نه هئي. ان دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن جوانمردي، بهادري، بردباري ۽ سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪندي عالمي ادارن ۽ سپر پاورس کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ تي مجبور ڪيو، اها سندس سياسي دانشمندي چئبي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جيئن ته شهيد ڀٽو جي سياسي وارثي جو اعزاز شهيد ڀٽو جي زندگي ۾ ئي ماڻي چڪي هئي. ان سڄي سياسي وايو منڊل کي تفصيلي پڙهي ورتو هو. شهيد راڻي بابت ڪيترن ئي دانشورن جا اختلافي خيال آيا آهن، جن ۾ ڪافي وزن پڻ آهي پر محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ان ڳالهه تي سمورا دانشور ۽ ڏاها متفق ٿيندي نظر اچن ٿا ته هن جهڙي نموني بهادري، سچائي، عوام سان محبت، جمهوريت جي آبياري ۽ آمريت جي خاتمي لاءِ ملڪ اندر توڙي ڏيهه، جيل توڙي جلاوطني ۾ سمورين سياسي ڌرين، ساڄي توڙي کاٻي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏجي هاڪاري ڪردار ادا ڪيو، ان سرواڻي واري ڪردار پاڪستان جي اسٽبلشمينٽ توڙي پرڏيهي سامراج جون ننڊُون ڦٽائي ڇڏيون ۽ کين ڏڪائي وڌو ته هڪ اهڙي ليڊر جنهن جي هڪ ئي آواز تي ملڪ جا لکين هاري، مزدور، شاگرد، عورتون، پوڙها توڙي ٻار لبيڪ چوندي سر ڌڙ جي بازي لڳائيندي نڪري نروار ٿين ٿا، اهڙي ليڊر جيڪا عوام، امن، جمهوريت، انصاف ۽ رواداري تي ڪنهن سان به سودي بازي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ان سان عوام جي آواز کي للڪاريندڙ عوام دشمن قوتون ڪيئن گڏ هلي سگهن ٿيون. انهن ڏيهي توڙي پرڏيهي سامراجي قوتن هڪ منظم سازش هيٺ محترمه بينظير ڀٽو کي منظر تان هميشه لاءِ هٽائڻ جو فيصلو ڪيو.

موجوده صورتحال ۾ ماڻهن جي ذهنن تي مختلف سوال ضرور هوندا ته محترمه جي قتل ۾ ڪير ملوث آهن، محترمه جا قاتل ڪير آهن، اهي ڇو نٿا پڪڙجن؟ انهن سوالن جو جواب اهو ئي آهي ته محترمه جي قتل ۾ اها آمريتي سوچ ملوث آهي، جيڪا هن ملڪ ۾ آمريت، بدامني ۽ جهالت جو راڄ چاهي ٿي، اها سوچ جيڪا ملڪ اندر مذهبي ڀائيچارو، انسانيت، انصاف، هڪجهڙائي، مساوات، امن، خوشحالي، روزگار، سياحت، آزادي، عالمي ڀائيچاري ۽ عالمي امن جي ڪٽر مخالف آهي. اڄ شهيد راڻي جنهن جو آواز هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ انڌن اونڌن ويڄن کي للڪارڻ جو ڏينهن آهي. اچو ته اسان شهيد راڻي جي شهادت جي ڏهاڙي تي ان عزم ۽ ارادي کي ٻيهر پڪو ڪريون ته ملڪ اندر جمهوريت، انصاف ۽ امن ڀريو معاشرو اڏڻ لاءِ هلندڙ انقلابي عمل جي حمايت جاري رکنداسون ۽ سماج مان هر قسم جي ڏاڍ، جبر، بي انصافي، جهالت، دهشتگردي، بيروزگاري ۽ بدامني جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسون، محترمه شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏينهن کي ورجائڻ ئي سندس لاءِ عظيم تحفو آهي، جنهن لاءِ هن جان ارپيندي آمرن کي للڪاريندي چيو هو ته:

ويڙهو پٽ وريام، وڙهندو رهجانءِ ويڙهه ۾،

مائرن توڏي موڪليا سهسين سرخ سلام،

هر گهٽي هر گام، اڄ نعرا تنهنجي نام جا.

اڄ شهيد بينظير ڀٽو اسان وٽ جسماني طور تي موجود ناهي، پر سندس فڪر، فلسفو، سوچ ۽ لوچ اسان وٽ زنده آهي، اڄ اسان وٽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بيبي آصفه ۽ بختاور جي روپ ۾ شهيد راڻي موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪڏهن اسان محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي مڃتا ڏيڻ گهرون ٿا ته ان جو بهترين طريقو اهو آهي ته سندس فڪر ۽ سوچ تي عمل ڪندي ملڪ اندر غريب، مجبور ۽ محڪوم عوام جي حقن لاءِ عملي جدوجهد ڪندي جمهوريت کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانائيون استعمال ڪريون ۽ ملڪ اندر هر قسم جي ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ استحصال خلاف جدوجهد جاري رکون.

جنگ اسان جي جاري رهندي،

جيسين رات انڌاري رهندي،

جنگ اسان جي جاري رهندي.

اسان اڄ محترمه جي شهادت واري ڏينهن تي هڪ ڀيرو ان عزم کي ورجايون ٿا ته ملڪ اندر حقيقي عوامي ۽ جمهوري راڄ جي قيام لاءِ جدوجهد جاري رهندي.

 

(نوٽ: ليکڪ سنڌ جي اطلاعات ۽ بلديات کاتي جو وزير آهي)

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


محترمه شهيد بينظير ڀٽو

هڪ عظيم رهنما - سندس ۱۳هين ورسيءَ جي حوالي سان

احسان ابڙو

ڊسمبر هڪ دفعو ٻيهر اچي ويو، اڃان اڳين سال ئي ته راولپنڊي ۾ شهيد راڻي جي ۱۲هين ورسي ملهائي چڪا هئاسين ته اک ڇنڀندي ئي سندس شهادت کي ۱۳هون سال پورو ٿي ويو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ۱۳هين ورسي جي افاديت هن دفعي پي ڊي ايم جي قيادت جي شرڪت جي ڪري وڌيڪ وڌي وئي آهي، هن دفعي شهيد محترمه ڀٽو ۽ ان جي خاندان جا ازلي سياسي مخالف، شهيد ڀٽو جي قاتل ۽ پيپلز پارٽي جي وجود تي ڪاوڙيل جنرل ضياءُ الحق جي سياسي پيروڪار مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي قيادت هن شهيد ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪندا، جيڪا قوت ڀٽو شهيد جي شهادت جي جاءِ ڪوٽ لکپت کي عبرت جو مقام بنائڻ چاهي پئي، جيڪي شهيد ڀٽو کي سڪوت ڍاڪا جو ذميوار سمجهندا هئا، جيڪي شهيد راڻي جي بيدرد ڪردار ڪشي جو ڪو موقعو هٿ مان وڃڻ نه ڏيندا هئا ۽ هن جي ڪردارڪشي ۾ سڀئي اخلاقي ۽ شرعي شعار جي ڌڄيون وکيرڻ ۾ ڪنهن قسم جي شرم ۽ حيا توڙي انساني اخلاقي ۽ اسلامي قدرن کي خاطر ۾ نه آڻيندا هئا، هن دفعي ميان نواز شريف جي ڌيءَ محترمه مريم نواز شهداءِ ڳڙهي خدا بخش کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سندن روح جي ايصال ثواب جي لاءِ جڏهن فاتحه خواني ڪندا ته عالم ارواح ۾ ويٺل شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ ٻين شهيدن جو روح نه صرف سرخروئي محسوس ڪندا بلڪه قدرت جي انصاف جو مان مٿانهون ٿيندو ته پاڪستان جي محسن جن هستين جي زندگين ۾ انهن جو بيدرد ميڊيا ٽرائل ڪيو ويو، جن جي ڪردارن تي سڄي زماني جو گند اڇليو ويو، جن کي ملڪ جي لاءِ سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ويو، اڄ اُهي ماڻهو انهن جي آخري آرام گاهن تي ندامت سان نه صرف پنهنجي ڪيل ڪم تي شرمندگي محسوس ڪندا بلڪه ان ڳالهه تي به مهر ثابت ڪندا ته ماضي ۾ هنن جيڪو ڪيو اهو غلط ڪيو!

شهيد ڀٽو چيو هو ته ”آئون هن گهر ۾ زنده رهندس، جنهن گهر جي ڇت مينهن ۾ ٽمندي، آئون هر مزدور، هاري، شاگرد، استاد واري انساني شڪل ۾ زنده رهندس ۽ پنهنجي آخري آرام گاهه تان هن ملڪ تي حڪومت ڪندس“ ته هن دراصل ملڪ جي سياسي مستقبل جو نقشو ڪڍيو هو، هن کي خبر هئي ته هاڻي پاڪستان ۾ يا ته سياست ڀٽو جي نالي تي ٿيندي يا پوءِ ان جي مخالفت ۾، هن جي ان پيشنگوئي کي هن جي عظيم دلير پنڪي اهڙي طرح سچ ثابت ڪيو جو اڄ پيپلز پارٽي کي وجود ۾ ايندي ۵۰ سال کان به وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي پر اڄ به ملڪي سياست يا پيپلز پارٽي جي حمايت ۾ يا پوءِ مخالف ۾ ٿيندي آهي، پر پيپلز پارٽي کي نظرانداز ڪري يا ان کي ماضي جو قصو سمجهي پاڪستان ۾ سياست ناممڪن آهي، شهيد راڻي پنهنجي شهيد والد جي ڇڏيل سياسي ورثي جي پنهنجي رت سان حفاظت ڪئي ۽ پنهنجي رت سان ان جي آبياري ڪئي. ٻه دفعا ملڪ تي حاڪميت جو تاج پيپلز پارٽي جي سر تي سينگاريو ويو، پاڪستا کي بين الاقوامي سڃاڻپ جيڪا هن جي شهيد والد پنهنجي خداد صلاحيتن سان عطا ڪئي هئي، ان ۾ محترمه بينظير ڀٽو چار چنڊ لڳايا، هو دنيا جي بهادر، مدبر، روشن خيال، ترقي پسند، دانشور امن پسند، جمهوريت پسند سياسي اڳواڻ جي طور تي نه صرف سڃاتي ويندي هئي، بلڪه عالم اسلام جي هڪ راسخ العقيده مسلمان سياسي اڳواڻ جي طور تي پنهنجي الڳ ئي سڃاڻپ ٺاهي چڪي هئي.

شهيد بينظير ڀٽو جو نظريو ڇا هو؟ ان جو نظريو دليري واري سياسي جدوجهد تي يقين جو نظريو هو، نه ڪي انتقامي سياست تي يقين هو، هن جا سخت آمريت مخالف هئا، هن جو نظريو ملڪ جي فوج کي طاقت ۽ استحڪام عطا ڪري ملڪ جي دفاعي نظام جي مضبوطي جو نظريو هو، هن جو نظريو اسلامي سوشل ازم، روشن خيالي، ترقي پسند پاليسين ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو نظريو هو، هو هڪ پيدائشي ليڊر هئي، هن ۾ اُهي سڀئي خصوصيتون اُهوئي سڀئي صلاحيتون بدرجه اتم موجود هيون، جيڪي ڪنهن قوم جي حقيقي ليڊر، سچي ۽ ايماندار رهنما ۾ هئڻ گهرجن.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي شهايت کان ڪجهه ڏينهن پهرين مڪمل ڪيل پنهنجي آخري ڪتاب ”مفاهمت، اسلام، جمهوريت ۽ مغرب“ جيڪو دنيا جي مشهور پبلشر هارپر ڪولنز شايع ڪيو ته مون پنهنجي سڄي زندگي جي يادداشتن ۽ پاليسين تي کليل ڳالهه ڪئي، هن جي سڄي زندگي جي سياسي تجربي جو جامع مجموعو آهي، ان ڪتاب جي باري ۾ هارپر ڪولنز جي ايگزيڪٽو ايڊيٽر ٽم ڊگنز جو چوڻ آهي ته ان ڪتاب کي شهيد بينظير ڀٽو جو ورثو قرار ڏئي سگهجي ٿو ۽ آئون ته يقين ئي نٿو ڪري سگهان ته هي هن جا آخري لفظ هوندا“ ان ڪتاب ۾ شهيد راڻي پنهنجي سياسي زندگي جي جدوجهد، پنهنجي سياسي تجربن، اسلام جي باري ۾ پنهنجا شاندار خيال ۽ مغرب سان تعلق جو نچوڙ پيش ڪيو. هن اسلام، جمهوريت، انسانيت ۽ سڄي دنيا جي امن ۽ سلامتي کي دهشتگردي کان لاحق خطرن ۽ ان جي سدباب جي لاءِ اسلام ۽ مغرب کي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ موثر طريقي سان ان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم تجويز ڪيا.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڻمرادو جلاوطني ختم ڪري واپس وطن آئي ته هن جي ۲۵ لک کان وڌيڪ چاهڻ وارن، عقيدتمندن ۽ ڪارڪنن هن جو بي مثال استقبال ڪيو، هر جلسي ۾ هن جي تقرير وطن سان محبت، امن، خوشحالي، پاڪستاني عوام جي ڏکن تڪليفن جي خاتمي جو عزم جو آئينو هوندي هئي، هن وطن واپسي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ امن جي قيام، دهشتگردي جي خاتمي، پاڪستان جي ترقي، خوشحالي پنهنجي عوام جي تڪليفن ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ هڪ ڀرپور ۽ جامع روڊ ميپ ڏنو، پاڪستاني عوام ۽ هن جا ڪروڙين چاهڻ وارا پنهنجي راڻي جي استقبال ۽ پوءِ هن جي هر سياسي جلسي ۾ هن جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ سمنڊ وانگر اچي ويندا هئا، مون جهڙو خوشنصيب يوٿ ونگ حيدرآباد ڊويزن جو صدر هئڻ جي ناتي سندس سيڪيورٽي اسڪواڊ جو حصو هوندو هو، بينظير صاحبه جي هر جلسي ۾ ساڻس گڏ هيس، مون کي اڄ به ياد آهي ته سنڌ ۾ هن پنهنجو آخري جلسو لاڙڪاڻي ۾ ۲۱ ڊسمبر تي قرباني جي عيد جي ٽين ڏينهن ڪيو هو، آئون پنهنجي دوست ۽ صوبائي صدر سينيٽر عاجز ڌامراهه سان گڏ اسٽيج تي هن سان گڏ موجود هئس، جڏهن هو تقرير ڪرڻ آئي ته اسان هن جي پويان بيٺا هئاسين، تقرير جي دوران ڊائس تي لڳل ڪا ڪلي لڳڻ سان محترمه جي آڱر مان رت وهڻ لڳو ته بار بار ٽشو پيپرز سان ان کي صاف ڪري ۽ ٽشو پيپر ڊائس تي رکندي ويندي هئي ۽ آئون اُهي ٽشو اتان کان پنهنجي کيسي ۾ وجهندو ويس، انهي دوران هو ٽشو پيپر سان پنهنجي خوبصورت روشن چمڪندڙ چنڊ جهڙي چهري تي آيل پگهر کي به اُگهندي ويندي هئي ۽ آئون اهي ٽشو پيپرز به پنهنجي کيسي ۾ وجهندو ويس، اُهي سڀئي ٽشو پيپر مون گهر واپس اچي هڪ شيشي جي برني ۾ محفوظ ڪري ڇڏيا، مون کي ڪهڙي خبر ته صرف هڪ هفتي کانپوءِ شهيد راڻي تابوت ۾ واپس اچي ڳڙهي خدا بخش ۾ هميشه جي لاءِ آرامي ٿي ويندي، اڄ هن جي شهايت کي ۱۳ سال پورا ٿي چڪا آهن ۽ آئون هر ورسي تي شيشي جي برني کولي بي بي شهيد جي رت ۽ هن جي پگهر وارا ٽشو پيپر پنهنجي اکين ۽ منهن تي هڻي بي بي شهيد جي وجود مان اُٿندڙ مهڪ کي محسوس ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويندو آهيان، هن جي ياد ۾ اکين مان ڳوڙها نه بيهندا آهن!

شهيد راڻي واقعي هڪ پيدائشتي ليڊر هئي، هن کي پنهنجي وطن، پنهنجي عوام، ڪارڪنن سان جنون جي حد تائين عشق هو، وطن، عوام ۽ ڪارڪنن سان اها محبت هن کي پنهنجي زندگي ۾ لاحق شديد خطرن جي باوجود وطن واپس وٺي آئي، اڄ جڏهن هن جي شهايت کي ۱۳ سال گذري ويا آهن، پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي سياست ۾ هڪ خلا محسوس ٿئي ٿو. اڄ پاڪستان جنهن سياسي، معاشي بحران مان گذري رهيو آهي اهڙي صورتحال ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙي ولوله انگيز، مدبر ۽ دلير عالمي رهنما ئي پاڪستان کي بدترين بحران مان ڪڍي سگهي پئي پر افسوس ته اڄ پاڪستان هن جي عظيم مدبرانه قيادت کان محروم آهي، خمار باره بنڪوي شايد شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي لاءِ ئي چيو آهي ته ”اوهان کان پوءِ هر پل اسان، اوهان سان گڏ ئي گذاريو آهي.“

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

 


شهيد بينظير ڀٽو

اوليائن سان سندس عقيدت، ڪير وساريندو

عبدالفتاح عباسي

پاڪستان جي سياست ۾ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار شخصيتن ۾ جيڪڏهن غير جانبدار طور تجزيو ڪيو وڃي ته پوءِ صف اول جي قدآور سياسي عوامي ليڊرن ۾ سنڌ جي ڄائي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙين شخصيتن جو نالو اچي ٿو، جيڪي پنهنجي سموري زندگي عوام جي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت معمولات بڻائيندي سگهارين قوتن ۽ غير جمهوري عناصرن خلاف ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿي بيٺا رهيا، جنهن ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي پنهنجي زندگيءَ جو نذرانو ڏيڻو پيو ۽ پاڻ ڦاسي جي ڦندي تي چڙهي آخري وقت تائين للڪاريندو رهيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ڪي ڌريون ۽ ٽولا مون بي گناهه کي ڦاسي ڏيئي خوش ٿي رهيا آهن، اهڙي طرح توهان جي نسلن جا نسل انهيءَ ڳالهه تي پڇتاءُ ڪندا ته اسان هڪ بي گناھ کي صرف انهيءَ لاءِ ماريو ته جيئن آمريڪا نواز لابي توهان کان راضي رهي، هن ملڪ جي سياست عوام جي قوت سان هميشه سرخرو رهندي، غير جمهوري نظام ڀلي ڪيڏو به بظاهر سگهارو ڇو نه هجي پر عوامي راڄ عوام جي قوت ۽ طاقت ۾ سمايل آهي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو به پنهنجي والد شهيد ڀٽو جيان سموري زندگي عوام جي وچ ۾ رهندي گذري، هوءَ عورت هوندي سامراجي قوتن کي جهڙي طرح للڪاريندي هئي، جهڙي طرح انهن جي هٿ ٺوڪين ڳالهين کي پوئتي ڦٽو ڪري ڇڏيندي هئي، انهيءَ جو مثال نٿو ملي سگهي، هوءَ پنهنجي عظيم والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان وڏي دلير ۽ بهادر هئي، جهڙي طرح شهيد ڀٽو پنهنجي دور حڪومت ۾ هڪ نمايان ۽ قابل ساراهه جوڳو ڪم ڪري پوري دنيا جي مسلمانن جون دليون کٽي ورتيون، جنهن ۾ قاديانين کي ڪافر قرار ڏيئي حڪومتي سطح تي انهن کان شديد نفرت جو اظهار ڪيو ويو، انهي ڪري جو قادياني الله جي آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلم بجاءِ هڪ هٿ فرد کي الله جو نبي چوڻ لڳا (نعوذ بالله). اهڙي عظيم ۽ بهادري واري ڪم ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان جهڙي طرح عالم اسلام جي عظيم روحاني شخصيت عالمي مذهبي اسڪالر مدبر حضرت علامه شاهه احمد نوراني صديقي رحمت الله عليه وک وک تي ساٿ ڏيندي انهيءَ ڳالهه تي آماده ڪرايو ته هيءُ قادياني دين اسلام جا ويري ۽ ازلي دشمن آهن، الله پاڪ واضح لفظن ۾ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي جنهن جو مفهوم آهي ته: حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم، الله جو آخري نبي آهي، انهي کان پوءِ ڪو به نبي نه ايندو جيڪو پاڻ کي نبي چئي. قاديانين کي ڪافر پارليامينٽ هائوس حڪومتي سطح تي قرار ڏيڻ تي عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو کي پوري دنيا ۾ پذيرائي ملي ۽ سڄي دنيا جي ڪروڙين مسلمانن انهيءَ اهڙي قدم کڻڻ تي کيس سلام پيش ڪيو، شهيد ڀٽو جي شخصيت ۾ پنهنجن وڏڙن جيان هميشه اولياءَ الله، صوفياءِ ڪرام، بزرگان دين، درويشن، ڪاملين جي محبت سمايل هئي، هو ۽ هن جي نياڻي محترم بينظير ڀٽو جڏهن به ڪنهن به شهر ۾ ويندا هئا ته اڪثر ڪري انهن شهرن جي ڪاملين، اولياءَ الله جي مزارن تي ضرور حاضري ڀريندا هئا ۽ انهي سعادت کي پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهندا هئا، جنهن ڪري ئي انهن جي مزاران تي به اڄ ڏينهن تائين ماڻهن جا انبوهه هجوم گلن جي ورکا ڪندي پهچن ٿا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جون بزرگان دين سان عقيدت ۽ محبت ڀريون ڳالهيون ڪيئن وسري سگهن ٿيون، هوءَ جڏهن اسلام آباد ۾ پهچندي هئي ته مختلف وقتن ۾ ڪڏهن ڪامل ولي الله حضرت سخي سائين عبداللطيف المعروف امام بري سرڪار القادري رحمت الله عليه، ته ڪڏهن وري  حضرت ميهر علي گولڙا شريف واري بزرگ رحمت الله عليه (ڪٿي ميهر علي، ڪٿي تيڏي ثنا، گستاخ اکيان، تي جالڻا)، جيڪڏهن هو پنجاب جي گاديءَ واري شهر لاهور ۾ ايندي هئي ته ضرور ڪامل ولي بزرگ هستي حضرت داتا علي هجويري رحمت الله عليه (گنج بخش فيض عالم مظهر نور خدا، ناقصان را پير ڪامل ڪاملان را رهنما) ۽ لاهور ۾ ئي سنڌ جي سيوهڻ شريف جي مشهور ڪامل ولي الله بزرگ سخي سائين حضرت ميان مير رحمت الله عليه جي مزارن تي حاضري جي سعادت حاصل ڪندي هئي، اهڙي طرح هوءَ پنجاب جي دوري دوران حضرت بابا بلهي شاهه رح، حضرت غلام فريد رح، حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا رح، حضرت شاهه رڪن عالم ملتاني رح سميت ٻين ۽ سنڌ ۾ ڪراچي پهچندي حضرت سائين سخي سيد عبدالله شاهه غازي رح، سنڌ جي بادشاهه سخي حضرت محمد عثمان مروندي المعروف قلندر لعل شهباز رحمت الله عليه، درازا خيرپور ميرس ۾ حضرت سائين سچل سرمست رحه، ڀٽ شريف پهچندي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، لاڙڪاڻي پنهنجي اباڻي شهر ۾ پهچندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو مختلف وقتن ۾ ڪامل ولي بزرگ هستي خواجه خواجگان حضرت سائين عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين نقشبندي مجددي رحه جي مزار تي عقيدت ڀري انداز ۾ حاضري ڀريندي هئي ۽ اهڙي طرح سنڌ جي مشهور درگاهه مشوري شريف ۾ به حضرت سخي سائين محمد قاسم مشوري رحه وٽ پهچندي هئي ۽ درگاهه حسين آباد قمبر ۾ حضرت سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري جي روحاني آستاني تي پهچندي دعائون وٺندي هئي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)

 

 

 

 

 

 


شهيد محترمه بينظير ڀٽو

جنهن لاءِ عوام اڄ به روئي ٿو!

گل محمد جکراڻي (سينئر)

اڄ ۲۷ ڊسمبر تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏهاڙو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي ۱۳ سال اڳ دنيا جي عظيم عورت اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي دهشتگردن ۽ سامراجي قوتن جي سازش سان ملي ڀڳت ڪري پنجاب جي شهر راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ بم ڌماڪي ۽ فائرنگ ذريعي قتل ڪري شهيد ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو سان گڏوگڏ ڪافي تعداد ۾ پارٽيءَ جا ڪارڪن به شهيد ٿيا. اڄ شهيد بينظير ڀٽو جي ۱۳هين يوم شهادت آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙندي ۱۳ سال ٿي ويا آهن. ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ جي هڪ اداس شام تي هوءَ پنهنجي ڪروڙين چاهيندڙن کي روئاريندي هن فاني دنيا مان هميشه لاءِ رخصت ٿي وئي. ظالم ۽ سفاڪ قاتلن عوام جي اهڙي محبوب اڳواڻ کي اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو، جيڪا پنهنجي عظيم والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نقشِ قدم تي هلندي پنهنجي سموري زندگي غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي نانءُ ڪري چڪي هئي. هن عظيم اڳواڻ پنهنجي سموري حياتي عوام جي حقن ۽ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۾ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف جي ظلمن ۽ جبر جو مقابلو ڪيو. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڏکئي سياسي سفر جو آغاز پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ شروع ڪيو. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ هُن پنهنجي والده مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو سان گڏجي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪمان سنڀالي ورتي. پارٽي ڪارڪنن ۽ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي والد ۽ عوام سان جيئڻ مرڻ جو واعدو ڪري چڪي هئي. بهرحال سازشي قوتن ملڪ جي محنتڪش مزدورن، هارين، شاگردن ۽ غريب عوام جي مقبول ليڊر کي قتل ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.

اڄ هوءَ اسانجي وچ ۾ موجود نه آهي پر هن جو مقدس مشن اسان وٽ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ جا لکين ڪارڪن آهن، جنهن جي قيادت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪري رهيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو جي اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳتي وڌائيندو رهندو.

هي پهريون دفعو هوندو جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کان علاوه حڪومت مخالف جڙيل اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽ موومينٽ جي پليٽ فارم تان شهيد بينظير ڀٽو جو يوم شهادت ملهايو پيو وڃي. دنيا جي هن عظيم اڳواڻ کي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل اهي سياسي ليڊر به خراج تحسين پيش ڪندا، جيڪي ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي ۽ ڀٽو خاندان جا ڪٽر سياسي مخالف رهيا ۽ ڪردار ڪشي به ڪندا رهيا. منهنجي نظرن ۾ هيءَ ڳالهه هڪ معجزي کان گهٽ نه آهي جو پيپلز پارٽي ۽ شهيد ڀٽو خاندان جا بدترين سياسي مخالف اڄوڪي ڏهاڙي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ شهيدن جي مزار تي حاضري ڀريندا.

اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي کي ۱۳ سال گذري چڪا آهن، مگر هوءَ اڄ به ڪروڙين عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سياست جي باقائده شروعات پنهنجي عظيم والد پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ڪئي. شهيد بينظير ڀٽو، سازشي ۽ سامراجي قوتن جي هر ظلم ۽ جبر جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. محترمه، جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي دور ۾ تقريباً ساڍا پنج سال قيد و بند ۾ رهي. هوءَ علاج خاطر جنوري ۱۹۸۴ کان ۱۹۸۵ع تائين ملڪ کان ٻاهر هلي وئي. بدقسمتيءَ سان ان دوران شهيد راڻيءَ جي ڀاءُ مير شاهنواز ڀٽو کي سازشي قوتن سازش ڪري زهر ڏياري شهيد ڪرايو. ان وقت شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي ڀاءُ مير شاهنواز ڀٽو جي ميت کڻائي پاڪستان آئي ته جيئن پنهنجي نوجوان ڀاءُ جي تدفين ۽ باقي رسمن ۾ شرڪت ڪري، مگر ظالم ۽ جابر جنرل ضياءَ ظالمانا ڪارروائي ڪندي محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ مهيني لاءِ نظربند ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح نظربنديءَ دوران هن کي ٻيهر جلاوطن ڪيو ويو. آخرڪار ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جلاوطنيءَ کي ختم ڪري پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور پهتي، جتي ان وقت تقريباً ۱۰ لک کان مٿي عوام ۽ پارٽيءَ جي ڪارڪنن پنهنجي محبوب ليڊر جو تاريخي ۽ شاندار استقبال ڪري اسلام آباد جي ايوانن کي لوڏائي ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو جي ملڪ واپسيءَ کانپوءِ سياسي ماحول ۾ گرما گرمي پيدا ٿي ۽ بين الاقوامي سطح تي به هن پنهنجي سياسي ساک کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري ورتو. ۱۹۸۸ع ۾ جنرل ضياءَ هڪ جهاز حادثي ۾ مارجي ويو. اهڙي طرح دنيا جو ماڊل ڊڪٽيٽر پنهنجي منطقي انجام تي پهتو. جنرل ضياءَ جي مارجي وڃڻ کانپوءِ ۱۹۸۸ع ۾ ملڪ اندر عام چونڊون ڪرايون ويون. چونڊ نتيجن ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري وڏي پارٽي طور سامهون آئي. ائين محترمه بينظير ڀٽو ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي مسلم دنيا جي پهرين مسلمان عورت وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي عالمي دنيا، خاص ڪري عالم اسلام ۾ هڪ رڪارڊ قائم ڪيو.

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جمهوريت لاءِ وڏو سانحو آهي. انڪري پوري دنيا ۽ خاص ڪري پاڪستان جو مظلوم عوام شهيد بينظير ڀٽو کي ساريندي روئندو رهندو آهي. شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ وڏا ڏک ۽ صدما ڏٺا. هن هڪ ڌيءَ جي حيثيت سان پنهنجي عظيم والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مٿان ظلم ۽ زيادتين کان علاوه ڦاسيءَ جي تختي تي چڙهندي ڏٺو. هڪ ڀيڻ جي ناطي ٻن ڳڀرو نوجوان ڀائرن کي شهيد ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي هٿن سان دفنايو. پنهنجي عظيم والده مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو کي زخمي ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي ور آصف علي زرداريءَ کي قيد ۽ تڪليفن ۾ ڏٺو. ڀٽو خاندان ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان ٿيندڙ ڪهڙي ڪهڙي ظلم جو ذڪر ڪجي؟ ڀٽو خاندان جي مٿان ٿيندڙ زيادتين سان تاريخ ڀريل آهي؟ شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا ڏک ۽ صدما ڏٺا، آخرڪار پاڻ به ظالمن سان مقابلو ڪندي حق ۽ سچ جي راهه تي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري شهيد ٿي وئي. غير جمهوري قوتن ۽ دهشتگردن جي سازشن سان ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي لياقت باغ راولپنڊيءَ ۾ سنڌ جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو کي بيدرديءَ سان قتل ڪري شهيد ڪيو ويو. ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن پاڪستان جي عوام خاص ڪري سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ دردناڪ ۽ ڪارو ڏينهن آهي. محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ يقيني طور اهي لفظ به نه آهن جو ان سان ٿيندڙ هر ظلم ۽ ڏاڍ کي بيان ڪري سگهجي. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت دنيا جي ڪروڙين ماڻهن خاص ڪري سنڌي ماروئڙن کي روئاري جهوري ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو هن ملڪ جي چئني صوبن جي زنجير هئي ان کي ظالمن قتل ڪري اسان کان هميشه جدا ڪري ڇڏيو. اڄ هوءَ جسماني طور اسان وٽ موجود نه آهي، ليڪن هوءَ مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي صورت ۾ هميشه موجود رهندي.

 

(ليکڪ پ پ پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر آهي)

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


شهيد محترمه بينظير ڀٽو

پورب ڄائي

ڊاڪٽر ڀائي خان ”هالار“ سولنگي

۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ پورب ڄائي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت پوري دنيا کي غم ۽ ڏک جي لهر ۾ لپيٽي ڇڏيو هو. شهيد راڻي اهو ئي درد کڻي پنهنجي عوام وٽ پهتي هئي ته پنهنجي قائد محترم ذوالفقار علي ڀٽو وانگر اسان به اصولن تي مري مٽجنداسين. هن وقت منهنجو ملڪ خطري ۾ آهي، ملڪ جو غيور ۽ بي باڪ عوام ملڪي صورتحال تي پريشان آهي. هن چيو ته منهنجي بابا ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي سموري زندگي غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. هو چوندو هو ته غريب منهنجا ساٿي آهن، آئون غريبن جو آهيان، آئون غريبن جو ساٿ ڪڏهن به ڪونه ڇڏيندس. منهنجا ڀائرو اهو اوهان کي ياد هجڻ گهرجي ته ڪو به ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ عوام جي دلين مان ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي فڪر کي مِٽائي نه سگهندو. اسان پنهنجي شهيدن جي خون جي قطري قطري کي رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين. طاقت جو سرچشمو عوام آهي، عوام ئي پنهنجي قائد ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ جي وزيراعظم واري عهدي تائين اقتدار ڏياريو.

پيپلز پارٽي غريبن، مزدورن، محنت ڪشن، هارين ۽ مظلوم عوام جي بهتري ۽ فلاح و بهبود لاءِ جدوجهد شروع ڪري رکي آهي. اُها ان وقت تائين جاري رهندي، جيستائين حقيقي معنائن ۾ استحصال کان پاڪ معاشرو قائم نٿو ٿي وڃي. ۱۹۷۳ع جو آئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي ملڪ ۽ عوام کي ڏنو. هن چيو هو ته منهنجي عوام ئي ان آئين جي پاسداري ڪئي آهي ۽ جڏهن اوهين پنهنجي ڀيڻ ۽ پنهنجي نياڻيءَ کي وزيراعظم جي منصب تائين پهچايو ته اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم جي حيثيت سان دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ٿيو. پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي جيڪا عوام جي زخمن جي مرهم آهي. ياد رکو ته جيڪڏهن اوهان جو عوام مفلسيءَ واري زندگي گذاري ٿو، اهو بنيادي حقن کان وانجهيل آهي ته پوءِ اوهان جي ملڪ جي مضبوطيءَ کي يقيني بڻائي نٿو سگهجي. ان لاءِ اهو عهد ٿو ڪجي ته اڄ به ڀٽو خاندان انهن گهرن ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪچي ڇت برسات ۾ ٽمي ٿي. منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو- شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته آئون قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جو جهنڊو سربلند رکڻ چاهيان ٿو ته جيئن دنيا تي ثابت ڪيو وڃي ته ڪروڙين عوام جي اها اسلامي مملڪت ڪماليت کي پهچي سگهي. اهو واضح ٿي ويو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتن ملڪ ۾ هميشه امن قائم رکيو آهي. جناب ذوالفقار علي ڀٽو وقتائتو فيصلو ڪيو ته اسان گاهه کائينداسين پر ائٽم بم ضرور ٺاهينداسين ۽ ڪنهن کي به پاڪستان جي سالميت تي ميري اک کڻڻ ڪونه ڏينداسين ۽ اوهان ڏٺو دنيا ۾ پاڪستان به هڪ ائٽمي طاقت ٿي اڀريو. آمريڪي وزير خارجه هنري ڪسنجر چيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ائٽمي پروگرام ترت بند ڪرڻ لاءِ گذارش ڪيون ٿا. قائد عوام وراڻيو مسٽر ڪسنجر اها منهنجي وس جي ڳالهه ڪونهي. هي پاڪستاني قوم جو حق آهي ۽ پاڪستاني قوم پنهنجي حق تان دستبردار نٿي ٿي سگهي. مونکي اهو قبول آهي ته منهنجي لاش کي روڊن تي گهليندا رهو پر قوم سان غداري ڪري آئون تاريخ جو ڏوهي نه بڻجندس. منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو مان پنهنجي عوام کي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته جن سياسي يتيمن اوهان کي پئي گمراهه ڪيو ته بينظير واپس ڪونه ايندي پر مان پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائي ۽ اندروني سازشن هوندي به اوهان ڀائرن ۽ ڀينرن جي وچ ۾ آهيان، مون کي ڌرتي پڪاري پئي، اڄ مان پنهنجو وچن نڀاهڻ آئي آهيان. ڇو ته اسان حق تي آهيون ۽ حق جو سر بلند رهيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي سونهري ورقن ۾ رقم ٿيل هن تاريخي تقرير کان پوءِ راولپنڊيءَ جي جلسي کان واپسيءَ دوران جڏهن پاڻ مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب شهادت جو جام پيتائين ته پوري ملڪ پاڪستان ۾ ڪا اهڙي اک نه هوندي جنهن ٻه لڙڪ نه لاڙيا هجن. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته رت دانگيءَ ڏانهن به وري پوندو آهي. معنيٰ پنهنجن مائٽن جي رت جي ڪشش هڪ ٻئي ڏانهن مائل ڪندي آهي. منهنجو رب ٿو ڄاڻي محترمه بينظير ڀٽو جي خون جو گروپ آخر ڪهڙو هو؟ پر هن سنڌ ڌرتيءَ جي نياڻيءَ وارو خون جو گروپ ماءُ، ڀيڻ ۽ نياڻي جي رشتي سان هر گهر ۾ موجود هو. ڪنهن کيس امڙ ڪري پئي پڪاريو ته ڪنهن ڀيڻ ۽ نياڻيءَ جي ناتي سان اوڇنگارون ڏئي پئي پڪاريو. ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪنهن به گهر ۾ ماني پچائڻ لاءِ چلهه نه ٻري هئي. ۲۷ ڊسمبر جو اڀاڳو ڏينهن تيرنهن سال گذرڻ کان پوءِ به سنڌ جي نياڻيءَ جي شهادت تي زاروزار روئاري ڇڏيندو آهي. ايئن لڳندو آهي ته اسان جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو زنده آهي ۽ اڄ به اسان جي ملڪ پاڪستان جي وزيراعظم آهي.

 

(ڏيھاڙي عبرت حيدرآباد ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

شهيد محترمه بينظير ڀٽو

سندس يادگيريون

مير نادر علي ابڙو

اڄ هر اک آلي آهي، ماحول ۾ سوڳ جا بادل جتي ڳوڙها ٿا هارين ته اتي سڏڪا ۽ هوڪارا هر دل کي آب هارڻ تي مجبور ٿا ڪري ڇڏين. اڄ اهو ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن جي ڀيانڪ شام، راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي اسان کان الڳ ڪيو ۽ هڪ وقت لاءِ سموري سنڌ ماتم بڻجي ويئي، سمورا شهر ويران بڻجي ويا، هر طرف افراتفري اهڙي ڏسڻ ۾ آئي جو هتي ماڻهن جي ذهنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. هر طرف روڄ راڙو ڪندي، قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندي ماڻهو گهرن مان نڪري آيا. پنهنجي محبوب قائد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري خبر ماڻهن جي ذهنن تي اهڙي نموني سان اڀري جو هر ڪنهن ايئن ٿي سمجهيو ته انهن جي دنيا ويران ٿي ويئي آهي، جهڙوڪ انهن جي پنهنجي گهر جو ڀاتي شهيد ٿي ويو هجي، هر ماڻهو پاڻ کان بي خبر هو، ذهن ڪم ڪرڻ کان جواب ڏيئي ويٺا هئا ته اتي وري انتظاميه بيوس بڻيل نظر آئي. سمورو ملڪ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي غم ۾ بيحال بڻجي ويو. ان لمحي آئون سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ هيس، جتي هر اک آلي  هئي، هر ماڻهو قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندو  ٿي رهيو.

 ان وقت مون کي پراڻي دؤر  جون يادگيريون ستائڻ لڳيون ۽ مون کي اهي ڏينهن ياد پيا، جڏهن آئون ۱۰ سالن جي ڄمار جو هيس ته شهدادڪوٽ مان عورتن جي وين ۾ سوار ٿي انهن ساڻ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان مليو هيس ته اتي موجود عورتن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اهو چيو هو ته هي اوهان جي بابي مرحوم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهاٽي دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو موڀي پٽ آهي. ان کان بعد ۱۹۹۳ع ۾ جڏهن آئون وڪيل هيس ته ان وقت لاڙڪاڻي بار جي اندر شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو آئي ته اتي ساڻن باقاعده ملاقات ۽ حال احوال اورڻ جو موقعو مليو. اهو موقعو اڳوڻي سفير عبدالرزاق سومرو جي مهربانين سان ميسر ٿيو، جنهن جو مان وڪالت ۾ شاگرد هئس، اتي عبدالغفور ڀرڳڙي اڳوڻي روينيو وزير ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ رٽائرڊ جسٽس اختر علي جي قاضي ۽ هاڻوڪو لا منسٽر اياز سومرو به موجود هئا. جڏهن مان اچانڪ ايجنسين جي دائري هوندي وڪالت جي ڪاري ڪوٽ ۾ سرڪي سرڪي شهيد راڻي محترمه بينظر ڀٽو صاحبه جي چيئر پويان وڃي بيٺس. ساڻس ڳالهائڻ لڳس ته ايس پي اسپيشل برانچ اچي منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏنو ته اوستائين مان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ٻڌائي چڪو هئس ته مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو پٽ آهيان، ان تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ايس پي اسپيشل برانچ کي حڪم ڏنو ته نادر صاحب ڪو ميري سامني لائو. انهي کان علاوه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فيملي جا مثال ۽ چرچا اڄ به لاڙڪاڻي جي هر گهٽي واهڻ رستي ۾ مشهور آهن

۱۹۵۴ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جن ٻاهرين ملڪ کان ڏيهه وريا ته کيس ملڪي سياست جي اڃا ڪا ڄاڻ نه هئي ته ان زماني ۾ سندس وڏو ڀاءُ سڪندر علي خان ڀٽو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اسان جي اوطاق تي وٺي آيو هو، جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آڱر بابي مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته هاڻ آئون اوهان ڏي نه ايندس، پر ذوالفقار علي ڀٽو ايندو. ان وقت ۾ اسان جي اوطاق پاڪستان ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور ٿي چڪي هئي، جتي نواب اڪبر بگٽي، عطاءُالله مينگل، مير غوث بخش خان بزنجو، مرحوم خير بخش مري، ولي خان، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش خان ٽالپر، مخدوم طالب الموليٰ، سوڀو گيانچنداڻي، مير علي احمد ٽالپر، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مولانا جان محمد عباسي ۽ ٻيا ايندا رهندا هئا. هن کان بعد ۾ حالتن جي تبديلي سان گڏ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم پاڪستان ٿيو ته ان وقت ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ طفيل علي عبدالرحمان کي شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي چيو ته منهنجي يار تاجل ابڙو کي سيشن جج ڪر، تنهن تي طفيل علي عبدالرحمان جواب ڏنو ته اسان ڊائريڪٽ سيشن جج عدليه ۾ مقرر ناهيون ڪندا، تنهن تي شهيد ڀٽو وراڻيو هو ته جڏهن اوهان ڊائريڪٽ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿي سگهو ٿا ته پوءِ منهنجو مسڪين ڀاءُ تاجل به ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ٿي سگهي ٿو، اهڙي طرح عدليه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڪيل کي ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ڪيو ويو.

سياري جي سرد راتين ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو باهه جي مچ تي اسان جي اوطاق ۾  ويهي بي بي سي ريڊيو تي خبرون گڏجي ٻڌندا هئا ۽ گرمين ۾ وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوطاق ٻاهران موڙن تي ويهي خبرون ٻڌندو هو. چار ڀيڻن مٿان جڏهن آئون بابا سائين کي پيدا ٿيس ته ان وقت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان هو. هن کي خبر پئي ته تاجل کي پٽ ڄايو آهي ته بحيثيت وزيراعظم مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيو. ان وقت مان تنجڻن ۾ ٻڌل ماءُ جي هنج ۾ ستل هئس، ان لمحي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان جي خاص بورچي نوڪر ميوو کي حڪم ڏنو ته تاجل جي پٽ کي کڻي اچ نوڪر امان کان هنج مان تنجڻ ۾ مون کي کڻي آيو ۽ اچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هٿن ۾ ڏنو، جنهن مون کي پيار مان چمي ڏيندي بابا کي چيو ته تاجل مبارڪ هجي تنهنجي پيڙهي هلي ويئي.

 پر اڄ وقت جي ستم ظريفي آهي جو شهيد ۽ هن جي لاڏلي ڌيءُ پنڪي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪو اسان جي قوم جو آواز ۽ سهارو هئي. سا به وقت جي بي رحم هوائن ۽ سازشن جي ور چڙهي، عوام جي حقن واري ويڙهاند ۾ شهادت جو جام اوتي چڪي آهي، جنهن جو غم اسان جي قوم صدين تائين به شايد وساري نه سگهي ۽ نه وري ڪو اهڙو ليڊر ورهين تائين پيدا ٿيڻ جي ڪا اميد نظر ٿي اچي.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ اسان جي قوم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪري زاروزار روئي رهي آهي ۽ پاڻ کي اڄوڪي حالتن ۾ اڪيلو ٿي محسوس ڪري. هاڻ انهن کي اها پڪ ٿي چڪي آهي ته ڪوبه اهڙو ليڊر ناهي رهيو جيڪو انهن جي ڳالهه ڪري، انهن خاطر خطرن سان کيڏي، موت کي ڇاتي سان لاهي، اها هڪ ئي بينظير هئي، جيڪا بينظير ٿي ويئي ۽ ماڻهو هن جي غم ۾ بيحال بڻجي ڪلهه وانگي اڄ به اهو ٿا نعرو هڻن ته

آج ڀي ڀٽو زندهه هي، ڪل ڀي ڀٽو زندهه  ٿا.

 

(عبرت، هلال پاڪستان، سوڀ، خبرون، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سڪار، عوامي آواز، هلچل، تعمير سنڌ، عبرت مئگزين)


 

محترمه بينظير ڀٽو شهيد

هڪ عظيم سياستدان ۽ عوام دوست ليڊر

ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي اڄ کان پنج سال اڳ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو. انهيءَ جي باوجود اڄ به هوءَ هر پاڪستانيءَ جي دل ۾ زندهه آهي، پر افسوس اهو آهي ته اڄ تائين سندس قاتلن کي سزا نه ملي سگهي آهي.

محترمه بينظير ڀٽو عالم اسلام جي هڪ عظيم ۽ نامور خاتون هئي، جنهن پنهنجي ذهانت، فهم و فراست، غريبن جي همدرد ۽ عوام سان والهانه محبت ڪرڻ جي ڪري، اڄ عوام جي مقبول ليڊر آهي. بينظير ڀٽو صاحبه ڏاڍي دانشمند هئي، هُو هڪ عالمي مدبر هئي ۽ دنيا جي چند مقبول ترين شخصيتن ۾ سندس شمار ٿيندو هو.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص توجه ڏني. پاڻ جڏهن ڏهن سالن جي هئي ته کيس ۽ صنم جا ستن سالن جي هئي، کي ڪوهه مري جي برطانوي بورڊ هائوس ۾ داخل ڪرايو ويو. ڀٽو صاحب چاهيو ٿي ته سندس نياڻين کي سخت زندگي گذارڻ جو تجربو حاصل ٿئي. بينظير پاڻ لکي ٿي ته ”پهريون دفعو مون کي پنهنجو بسترو وڇائڻو پيو، بوٽ پالش ڪرڻا پيا ۽ ڏند صاف ڪرڻا پيا. انهيءَ کان علاوه بابا جي انسٽرڪشن مطابق اسان سان عام شاگردياڻين جيان سلوڪ ڪيو ويندو هو ۽ هاسٽل جي رولز جي خلاف ورزي جي صورت ۾ سزا به ڏني ويندي هئي“. پاڻ وڌيڪ لکي ٿي ته ”والد محترم خط و ڪتابت ذريعي اسان جي سياسي تعليم به جاري رکي. جڪارته ۾ غير جانبدار ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس کانپوءِ بابا سائين اسان کي هڪ ڊگهو خط لکيو، جنهن ۾ اقوام متحده ۽ سپر پاورز جي خود غرضين ۽ ٽي دنيا جي ملڪ جي لاتعلقي جي تفصيلات جو ذڪر ڪيل هو.“

مطلب ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو محترمه بينظير جي ننڍپڻ کان وٺي ڪاليج لائيف تائين سياسي تربيت ڪندا رهيا ۽ سياسي حالات ذهن نشين ڪرائيندا رهيا. محترمه بينظير ڀٽو پيپلز پارٽي جي بنياد رکڻ جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي بنيادي مقصد ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ تي به روشني وڌي آهي. بينظير صاحبه جي سياسي تربيت جو اثر هو جو پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران آڪسفورڊ يونيورسٽي ڊيٽنگ سوسائٽي جي صدر منتخب ٿي. پاڻ ٽي خاتون صدر هئي ۽ برطانوي اخبارن سندس انهيءَ عهدي تي چونڊجڻ کي ڏاڍو ساراهيو. جلدي پنهنجي وسيع مطالعي ۽ قابليت سبب سندس شمار بهترين تقرير ڪندڙن ۾ شامل ٿي ويو. پاڻ صدر ٿيڻ کان اڳ يونيورسٽي جي خزانچي به رهي چڪي هئي. هارورڊ يونيورسٽي جي گريجوئيٽ هئي. اهو ئي سبب هو جو پاڻ جڏهن ۳۵ سالن جي عمر ۾ ۱۹۸۸ع ۾ پهرئين خاتون وزيراعظم بڻي ته ان وقت انهيءَ اعليٰ منصب تي پاڻ کي اهل ثابت ڪري ڏيکاريائين.

محترمه بينظير ڀٽو ناز و نعم ۾ پلجي وڏي ٿي ته وري ڀٽو صاحب کي جڏهن جيل ۾ وڌو ويو ۽ سندس عدالتي قتل ڪيو ويو ۽ ڀٽو خاندان تي جيڪا آزمائش آئي انهيءَ جو به بهادري سان مقابلو ڪيائين. محترمه بينظير ڀٽو ٻه دفعا پاڪستان جي وزيراعظم رهي چڪي هئي. ٻئي دفعا کيس مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. کيس سياست جو وڏو تجربو ٿي چڪو هو. اٺن سالن جي جلاوطني کانپوءِ پاڪستان اچڻ وقت کيس خبر هئي ته لڪل هٿ سندس خون جا پياسا آهن، پر هو بيباڪ ۽ بهادر خاتون هئي. هن هر حالت ۾ عوام کان پري نه رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن دفعي هو پختي يقين سان آئي هئي ته عوام جي طاقت سان هو نظام بدلائي پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بنائي ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ جي نعري تي عمل ڪرائي سگهي. لکين ماڻهو سندس اشاري تي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ تيار هئا. هو عوام جي اميد ۽ آسرو هئي.

۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع هوائي اڏي تي پهتي ۽ لکين ماڻهن کي ڏسي کيس يقين ٿي ويو هو ته هاڻي نظام بدلجڻ جو وقت قريب آهي. پاڻ غير جمهوري قوتن جي سازشن کان به بي خبر نه هئي، تنهن ڪري اڳي ئي وصيت لکي ڇڏي هئائين، پر هو موت کان ڪڏهن به نه ڊني. عوام جو ايڏو شاندار استقبال ڏسي، شايد جلدي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هن انبوهه ماڻهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت کي ختم ڪيو وڃي. اهو وار ناڪام ويو. جيتوڻيڪ محترمه ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت انهيءَ بم ڌماڪي ۽ قاتلانه حملي مان بچي وئي. تنهن هوندي به ۱۳۶ بي گناهه شهري جن مان اڪثريت پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي هئي، شهيد ٿي ويا ۽ ۴۵۰ ماڻهو زخمي ٿيا. اهو پهريون وار هو، جيڪو بينظير صاحبه تي ڪيو ويو هو. غير جمهوري طاقتن جو مقصد هو ته جيڪڏهن منصوبو ڪامياب ٿيو ته چونڊون ملتوي ڪيون وينديون ۽ جيڪڏهن محترمه هن خوني حملي مان بچي وئي ته ڊڄي ويندي ۽ اليڪشن مهم نه هلائيندي.

آمريت جي علمبردارن لاءِ اهو قابل برداشت نه هو ته جمهوري حڪومت چونڊجي اچي ۽ جنرل پرويز مشرف جي غير آئيني فيصلن کي رد ڪري. محترمه بينظير ڀٽو جي ڊڪشنري ۾ لفظ ”خوف“ هو ئي ڪونه. هو ڊڄي گهر ۾ نه ويٺي. هو حڪمرانن کي ٻڌائيندي رهي ته کيس ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت کي ختم ڪرڻ لاءِ ۳ ڪروڙ روپيه طئي ٿيا هئا ۽ سخت سيڪيورٽي جو مطالبو ڪندي رهي. پر پنهنجي اليڪشن مهم جاري رکيائين. ٽن صوبن جا دورا ڪري اسلام آباد پهتي، اتان ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي لياقت باغ راولپنڊي جي عظيم جلسي ۾ اچي خطاب ڪيائين ۽ عوام کي اپيل ڪيائين ته هو قائدِ عوام جي ڌيءُ جو ساٿ ڏين ته جيئن پيپلز پارٽي جي منشور تي عمل ڪري غريب عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ پاڪستان کي خوش بنايو وڃي.

لياقت باغ وارو لکين ماڻهن جو جلسو ڏاڍو ڪامياب ٿيو، پر واپسي تي سنڌ جي نياڻي، پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرئين عورت وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام جي محبوب ليڊر محترمه بينظير ڀٽو تي آپگهاتي حملو ڪيو ويو ۽ هو فائرنگ ۾ شهيد ڪئي وئي. ان بعد چند ڪلاڪن اندر جاءِ واردات کي پاڻي سان ڌوئي نشان به مٽايا ويا. اهو ڪنهن جي حڪم سان ڪيو ويو، اڃان سوڌو نه ٻڌايو ويو آهي. اها هڪ سازش هئي، پر سازشي نه پڪڙجي سگهيا آهن.

شهيد راڻي جي شهادت کان فورن پوءِ سڄي ملڪ ۾ روڄ راڙو مچي ويو، لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا ۽ روئندا رهيا. هر صوبي جي هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر وسندي ۾ ماتم برپا هو. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ، جيالا ڪارڪن، ننڍا وڏا، اهلِ علم، اهلِ قلم، صحافي، مختلف سياسي ليڊر، سول سوسائٽي، دانشور ۽ لکين محترمه سان عقيدت رکندڙ جانثار لڙڪ واهيندا رهيا ۽ پڇندا رهيا ته آخر ڪهڙي ڏوهه جي ڪري هڪ عظيم عورتِ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. سال گذرڻ کانپوءِ انهيءَ جو جواب نه ملي سگهيو آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جا قاتل ڪير هئا ۽ سندن حمايتي ڪير هئا، اهو سوال به جواب طلب آهي.

۱۸ فيبروري ۲۰۰۸ع تي عوام آمريت جو ساٿ ڏيندڙن کي شڪست ڏئي پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ آمريت مخالف سياسي پارٽين کي کٽايو ۽ اهڙي طرح ”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي“ صحيح ثابت ٿيو. هاڻي نظام تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چونڊيل حڪومت تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه شهيد جمهوريت جو ڇڏيل اڌورو مشن مڪمل ڪري ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي ۽ هر ضرورت مند ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ حاصل ڪري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي، پر اڃا اهو خواب پورو ڪونه ٿيو آهي. دشمنن جا ناپاڪ منصوبا آهن. ملڪ مالي بحران ۾ مبتلا آهي. عوام دهشتگردي، مهانگائي ۽ بيروزگاري کان پريشان آهي. دهشتگرد اسلام جي نالي ۾ بيگناهه ماڻهن جو خون وهائي رهيا آهن. هنن ۾ نالي ماتر به انسانيت ڪونهي. دراصل خودڪش حملا ڪندڙ پاڪستان دشمن قوتن جا آله ڪار آهن. سندن مشن پاڪستان کي نقصان پهچائي ڪمزور ڪرڻ آهي. پر هو پنهنجن ناپاڪ منصوبن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ڪو نه ٿيندا.


بينظير ڀٽو کان ڪريمہ بلوچ تائين

عورت ئي نشانو ڇو؟

حسن مجتبيٰ

انھي ڳالھه جي قطع نظر ته سندس سياست ڪھڙي ھئي، تازو ڪينيڊا جي شھر ٽورنٽو ۾ ھن مھل تائين پراسرار حالتن ۾ مئل ھٿ آيل جڳ مشھور نوجوان عورت، انساني حقن جي علمبردار طور سڃاتي ويندڙ ڪريمه بلوچ ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ (باوجود زمين آسمان جي طبقاتي ويڇي جي) ھڪڙي وڏي ھڪجھڙائپ اھا ھئي ته اھي ٻئي عورتون ھيون، سياست جون “اسٽار ” ھيون ۽ ٻنھي جي موت جي ذري گھٽ ڇٽيھه ڪلاڪن اندر سندن ڪيس داخل دفتر ڪيا ويا. پوءِ ان سان ڪھڙو فرق ٿو پوي ته بينظير ڀٽو جو قتل نما شام ھزارين ماڻھن جي آڏو راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ ٿيو ۽ ڪريمه بلوچ جو لاش پراسرار يا مشڪوڪ حالتن ۾ ڪينيڊا جي ٽورنٽو جي مرڪزي علائقي مان پوليس کي ھٿ آيو.  سندن موت جي ڇٽيھه ڪلاڪن اندر بينظير جي موت جو ڪارڻ سندس گاڏي جي ڇت جو شيشو کولڻ وارو هينڊل مٿي ۾ لڳڻ ڪري ٻڌايو ويو جڏھن ته ڪريمه بلوچ جي موت جا ڪارڻ اڃا پبلڪ نه ڪيا ويا آھن پر ٽورنٽو جي پوليس “غير مجرمانه” ٻڌائي ٿي جن مان سندن مطلب خودڪشي ورتو پيو وڃي، جنھن کي ڪريمه جو مڙس حمل حيدر بلوچ، سندس سياسي ساٿي توڻي ڪيترا سول سوسائٽي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل سميت انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ يا ڪيترا صحافي پڻ نه پيا قبول ڪن ۽ ھو ڪريمه جي موت جي وسيع طور تحَقيقات جو مطالبو ڪري رھيا آھن.

مون آڏو سوال اھو آھي ته رياست ھجي يا سياست، انھن جو سڀ کان سولو ۽ وڏو شڪار عورت ڇو آھي. پوءِ اھا بينظير ڀٽو ھجي يا ڪريمه بلوچ، مريم نواز ھجي، سسئي ھجي يا سورٺ لوھار، غزالا بتول صديقي ھجي، ريحام خان ھجي، نصرت سحر عباسي ھجي، نبيله شاھ ھجي، فرزانه بلوچ ھجي، پي پي پي ڪارڪن عيسيٰ بلوچ جي زال ھجي، يا راحيله ٽوانه، منيره شاڪر، مائي بختاور، حميدھ گھانگھرو، شاھده جبين، منھنجي دوست آمنه بٽر، مختاران مائي، ساجده مير، ميرپور خاص جون ڪي لغاري مانواريون ڇوڪريون ھجن، توڻي شيرين مزاري ۽ سندس ڌي منيزه، عاصمه جھانگير ھجي يا ٻيون ڪئين سوين عورتون، مشھور توڻي گمنام، امير توڻي غريب، مٿين، توڻي وچولي طبقي جون يا پورھيت طبقي جون.  تحريڪن کي، پارٽين کي شھيد ملي ويون، عورتون پارٽين ۽ تحريڪن جون “پوسٽر گرل” بڻايون ويون. رياستي توڻي غير رياستي عورتون ئي جبر، تشدد، اڪثر ھراسگي، توڻي ڪن ڪيسن ۾ ريپس جو به شڪار ٿيون. ٻين ٽين شادين جو به شڪار. سيڪس سليو يا جنسي غلام به بڻايون ويون.

ضياءُالحق جي فوجي آمريت وارن ڏينھن ۾ پاڙيواري ملڪ انڊيا جي تڏھوڪي وزير اعظم اندرا گانڌي ھڪڙي انٽرويو دوران چيو ھو، “پاڪستان ۾ ضياءُ الحق عورتن لاءِ قانون سخت ان لاءِ بڻائي رھيو آھي جو اتي ڀٽو خواتين سياست ۾ آھن.” پوءِ اوھان ڏٺو ته ضياءُ الحق جي دور ۾ ڀٽو خواتين سميت ھن جي پارٽي توڻي آمريت مخالف عورتن سان ڇاڇا نه ٿيو. مڙسالا، مٿير، ڏھن ڏھن مٿن وارا ليڊر قائد عوام جا مرد مجاھد ڀڄي لڪي ويا پر اھي عورتون ھيون جن جا مٿا مارشل لا جي گھاڻي ۾ ڏنا ويا. اڃا ته تاريخ جو اھو باب به ڪڏهن کلڻو آ ته بينظير سان سکر جيل ۾ ڇا وهيو واپريو!

قذافي اسٽيڊيم ۾رتورت ڪاري ويس پھريل بيگم نصرت ڀٽي جو پوليس جي لٺين سان ڦاٽل مٿو ھو، جيڪو پاڪستان ۾ جمھوري تحريڪ جو پوسٽر نه پر تاريخ بڻجي ويو. باقي ممتاز، پيرزادا، کر، جتوئي اھڙا ڪئين مڙد مٿير الائجي ڪٿي ھا. ڪن ته شاديون پئي رچايون. تڏھن ته بينظير جي گاڏي ڊرائيو ڪرڻ به ته وڏي سورھيائي ھئي، واقعي به. ھاڻي اھا گھڻي مشھور ڳالهه آهي ته ڪيئن نه ايم آرڊي جي هڪ سر براھ گڏجاڻي ۾ عبدالستار بچاڻي جھڙو جيالو ستر  ڪلفٽن جي چوڌاري  سمورين ايجنسين جي چوڪسين ھوندي بيگم نصرت ڀٽو کي سندي گاڏي جي ٽرنڪ يا ڊگي ۾ لڪائي کڻي ويو ھو.

وري اگسٽ ۱۹۸۶ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ٻئي رائونڊ ۾ پھرين ميرپور ماٿيلي کان برقعو پھري ريل رستي لاھور ۾ جلوس جي اڳواڻي ڪرڻ ڪاڻ لائلپور (فيصل آباد) ريلوي اسٽيشن تي جھلجي پوڻ کان پوءِ واپس کڻي ستر ڪلفٽن تي نظربند ڪرڻ ۽ مٿس بغاوت جو مقدمو داخل ٿيڻ ان جي باوجود ستر ڪلفٽن مان پوليس ۽ ٻين ايجنسين جو گھيرو ٽوڙي ڳوڙھا گيس ۽ ھوائي فائرنگ ۾ لياري تائين جلوس جي شڪل ۾ پھچڻ بينظير ڀٽو جي وڏين بھادرين وارن تاريخي داستانن مان هڪ آھي. جي ھي سينما جي اوج وارو دور ھجي ھا ته پنجابي فلمن جو ڪو ڊائريڪٽر ان تي فلم ٺاھيندو ھجي ھا “بي بي دا کڙاڪ”.

انھي ڏينھن ڪريمه بلوچ جي ھڪڙي ھڏڏوکي مقامي ڪيناڊا جي اخبار ۾ سندءِ ڪالم ۾ ڪجھه ھن ريت لکيو ”جي سڀاڻي ڪو فلم ساز بلوچستان جي حقن واري جاکوڙ تي ڪا فلم ٺاھيندو ته ان جو نالو ھوندو “ڪريمان”. يعني ڪريمان ھڪڙي بھادر بلوچ  عورت جي زندگي يا موت. بس هڪڙي فلم جو ٽائيٽل ٿيو!

ايم ڪيو ايم پڻ وڏي پيماني تي سياست ۾ ٻين پارٽين کان به ڪئين ڀيرا وڌيڪ عورتن کي خطرناڪ حد تائين استعمال ڪيو. پڪو قلعو آپريشن ھجي يا ڪراچي آپريشن ھنن ته عورتن کي پوليس ۽ فوج يا رينجرس آڏو انساني ڍال بڻايو. ڀٽو خواتين جون جعلي تصويرون نواز شريف جي پنجاب ۾ وزارت اعليٰ وارن ڏينھن ۾ ھيليڪاپٽرن مان اڇلايون ويون ۽ وري ھاڻ ھڪڙي ٽرولر برگيڊ ھزارين سوشل ميڊياصفحن تي پنجاب سميت سموري ملڪ ۾ مقبول اڳوڻ مريم نواز شريف خلاف فسطائي  لوڌون ڇيڪ ڇڏيل آھن.

شيرين مزاري توڻي نصرت سحر عباسي ھجي يا ٻيون خواتين سندن خلاف يا چونڊيل ايوانن جي فلورن  توڙي ميڊيا تي شرميلا فاروقي يا مارئي سرمد خلاف مخالف مردن پاران ڇا ڇا نه گند اڇلايو ويندو آھي. بينظير تي جيڪڏھن ڪراچي ۾ حملو نه ٿئي ھا ته يوسف رضا گيلاني توڻي سائين مخدوم جا ارادا ٻيا ڪجهه ھيا. انھن مانوارين خواتين مان ڪي ٻڌائين ٿيون جيڪي ان ڏينھن بينظير سان گڏ دبئي مان پھتيون ھيون. بھرحال حقيقتون ۽ حالتون ڪھڙيون به ھجن پوءِ انھن ھيٺ بينظير ڀٽو ھجي يا ڪريمان بلوچ ڀل اسين کين شھيد راڻي چئون يا ڪي عظيم سورميون پر  عورت اڳواڻن جو قتل ھڪ مايوسي، ھڪ دک  جو اٿاھ بلئڪ ھول ضرور ڇڏي ٿو، اتي جتي عورت لاءِ اڳ ۾ اسپيس گھٽ ھجي مرداڻي ۽ پدر شاهي سماج ھجن. ڪنھن چواڻي ”ڪريمان جو لاش مليو  ڄڻ ته ھوءَ ڪينيڊا ۾ نه پر بلوچستان ۾ ھئي۔” سڀ کان سھڻو تبصرو پياري اسٽار رپورٽر رياض سھيل جو  ھو؛ “ھو تومپ ۾ ڄائي ۽ وڏي ٿي، ڪراچي جي گھٽين ۾ ڀٽڪي ۽ ڪينيڊا ۾ ماري ويئي.”

بينظير ڀٽو جو قتل راولپنڊي جي اسپتال ۾ ھڪڙو فائيل ۽ ان تي ڪيس نمبر لکيل آھي ۽ سندس موت جو ڪارڻ “نامعلوم”ڄاڻايل آھي.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾، ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

بينظير

آمريت کي للڪاريندڙ ۽ انصاف جي منتظر

نثار کوکر

هاڻي جڏهن ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي مزارن اندر جهاتي پايان ٿو ته يقين نٿو اچي ته ڪو تيرنهن سال اڳ ان ئي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جي مزارن جي احاطي اندر خود محترمه بينظير ڀٽو زنده بيٺي هئي. جڏهن هوءَ دبئي مان پنهنجي طويل پاڻمرادو اختيار ڪيل جلاوطني ختم ڪري لاڙڪاڻي پهتي هئي  ته ٿڌو ساهه ڀري مزار جي دروازي ٻاهران بيٺي هئي جتي سندس اکين ۾ ڳوڙها هئا. ان موقعي تي  هن کان هڪ انگريز صحافيءَ پڇيو هو ته هاڻي وطن واپس اچي ڪيئن محسوس ڪري ٿي ته هن هڪ نثري نظم جيان پنهنجي وطن جي مٽيءَ جي خوشبو کان ويندي زيتونن ۽ سارين جي فصلن جو ذڪر ڪيو ۽ سڀ کان وڌيڪ ذڪر انهن ماڻهن جو ڪيو هو جن ماڻهن کان الڳ ٿي لاڙڪاڻي جا ڀٽا سياستدان پنهنجو پاڻ کي لاچار محسوس ڪندا آهن. لاڙڪاڻي جي ڀٽا سياستدانن جي ان احساس جي ترجماني شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي پنهنجي هڪ تقرير ۾ تمام بهتر انداز ۾ ڪئي هئي، جنهن ۾ هن ڪنهن شاعر جيان لفظ چونڊيندي چيو هو  ته جيئن خوشبو گل کان ڌار نٿي ٿي سگهي، جيئن مڇي پاڻيءَ کان ڌار نٿي رهي سگهي تيئن ئي مان عوام کان الڳ نٿو رهي سگهان... خود محترمه بيظنير ڀٽو جي پڻ اها عادت هوندي هئي ته ماڻهو سندس آسپاس نه هوندا هئا ته پاڻ ئي پڇا ڪندي هئي ته ماڻهون ڇو نه آيا آهن. اهڙو هڪ واقعو مشرف جي زماني ۾ تڏهن پيش آيو جڏهن محترمه بينظير ڀٽو نئون ديرو هائوس ۾ عيد ملهائڻ خاطر ترسيل هئي. عيد ڳوٺ ۾ ملهائڻ جي اها روايت خود ذوالفقار علي ڀٽي جي دور کان منجهن هئي. سو بينظير صاحبه جڏهن اها عيد ملهائڻ آئي ته ان وقت ضلعي ۽ تعلقي ناظمن جو راڄ هو تنهنڪري سندس پارٽي جي هڪ ناظم چالاڪي ڪندي نئون ديرو هائوس جا مک دروازا عوام لاءِ بند ڪرائي ڇڏيا ۽ پنهنجي پر ۾ محترمه کي آرام ڪرڻ جي سهولت ڏئي رهيو هو. ان واقعي جي اکين ڏٺن شاهد پارٽي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ٺيڪ نائين وڳي محترمه تيار ٿي ٻاهر ڊرائينگ روم ۾ اچي ويٺي. ڪجهه دير اڳواڻن سان حال احوال ڪرڻ بعد هن ماڻهن جي پڇا ڪئي ته ماڻهو ڪٿي آهن جنهن تي انهن ناظمن ڪوڙ ڳالهائيندي چيو ته محترمه اڃا نماز وغيره جو وقت آهي ماڻهو نه آيا آهن. اهڙي ڪوڙي ڳالهه کي هڪ ٻه دفعا ٽارڻ بعد نيٺ محترمه خود اٿي وڃي ٻاهر اڱڻ ۾ بيٺي ۽ چوڪيدار کي دروازو کولڻ جي هدايت ڪيائين ته عوام جو هڪ سمنڊ هائوس اندر هليو آيو. جنهن کي ڏسي محترمه خوش ٿي ۽ ان ئي ناظم کي ڪاوڙ مان ڏسندي چيائين ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته منهنجي ماڻهن کي خبر پوي ته مان نئون ديرو آئي آهيان ۽ هو مون وٽ عيد ملڻ نه اچن. محترمه جي زندگي جي آخري ڏينهن وارين سمورين سرگرمين کي ويجهو کان ڏسڻ بعد ڪيئن سندس لاش رات جو ٽين بجي هائوس تي هڪ کٽارا ايمبولينس ۾ آندو ويو انهن تفصيلن تي ڪتاب لکي سگهجن ٿا  پر ڪجهه ذڪر ان ڊسمبر مهيني جو ڪجي جنهن بابت اهو مشهور آهي ته هي  وڇوڙن جو مهينو آهي پر اهو عجيب اتفاق آهي ته ڊسمبر جو مهينو محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي ۾ تمام وڏن واقعن وارو مهينو ثابت ٿيو.

اهو ۱۹۸۸ع جو ڊسمبر هو جنهن جي ٻي تاريخ تي محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي پهرين خاتون وزيراعظم طور حلف کنيو. ان اعزاز سبب کيس اسلامي ملڪن جي پهرين چونڊيل وزيراعظم چيو ويندو هو. جڏهن ته ان کان هڪ سال اڳ يعني ۱۹۸۳ع ۾ پڻ اها ۱۸ ڊسمبر جي تاريخ هئي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي آصف علي زرداري سان شادي ٿي ۽ لياري جو ڪڪري گرائونڊ جيالن جي خوشين سان ٻهڪي اٿيو. پر ۲۰۰۳ع ۾ اها به ڊسمبر جي اڀاڳي ۲۳ تاريخ هئي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ گوليون ۽ گرنيڊ هڻي شهيد ڪيو ويو. جڏهن عجيب واقعن جو ذڪر نڪتو ئي آهي ته ڇا اهو به عجيب اتفاق آهي يا ڪا گهري ۽ طويل سازش جو پاڪستان جا ٽي چونڊيل وزيراعظم ان ئي شهر راولپنڊي ۾ قتل ٿيا آهن جنهن شهر کي انگريزي صحافي ته ڀلي گيريزن سٽي لکن پر ٻين ماڻهن لاءَ اهو ڪوفي جهڙو شهر آهي، جتي پاڪستان جا اهم اڳواڻ ۽ سابق وزيراعظم  ڪٺا ويا آهن. ان ئي راولپنڊي مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو لاش ڪهڙين جبر جي حالتن ۾ ڳڙهي خدابخش  آندو ويو ۽ ڪيئن ان جي جنازي نماز پهري اندر پڙهائي وئي سو ظلم جو داستان به  هاڻي تاريخ جي ڪتابن ۾ رقم ٿيل آهي .

محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي  مختصر زندگيءَ ۾ پاڪستان جي طويل ترين آمريتن سان مهاڏو اٽڪايو. هن اسي واري ڏهاڪي ۾ جنرل ضياءُ جهڙي ماڊل ڊڪٽيٽر سان جمهوري انداز ۾ مهاڏو اٽڪايو ته کيس سکر جهڙي گرم ترين جيل ۾ عام قيدين وانگر اهڙين حالتن ۾ رکيو ويو جو  لاڙڪاڻي جون جيڪي ڊاڪٽرياڻيون کيس چڪاسڻ ويون هيون سي سندس حالت ٻڌائين ٿيون ته سندن اکين ۾ اڃا تائين ڳوڙها اچي وڃن ٿا. اهڙي بدترين آمريت دوران هن جلاوطني به اختيار ڪئي ۽ لنڊن جي هڪ ننڍڙي فليٽ مان ويهي پارٽي معاملن کان ويندي سياسي معاملا اهڙي انداز ۾ هلايا جو سندس ليڊرشپ جي رٽ قائم ٿي وئي. انهن ئي سالن دوران جڏهن لنڊن جي جلاوطني ختم ڪري ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي لاهور اچڻ جو اعلان ڪيو ته پوري ملڪ جا ماڻهو سندس استقبال ڪرڻ پهتا جنهنڪري لاهور جي سياسي تاريخ ۾ اڃا تائين بينظير جي ان عوامي استقبال جو حوالو ڏنو ويندو آهي. اسي واري ڏهاڪي ۾ جنرل ضياءَ جي حادثاتي موت بعد جڏهن ملڪي حالتون معمول ڏانهن موٽڻ لڳيون ته محترمه بينظير ڀٽو ۱۹۸۸ع واريون چونڊون کٽي اچي اقتداري ايوانن تائين پهتي. سندس اقتدار جي ٻن سالن اندر  سندس مڙس ۽ خود پاڻ مٿان ڪرپشن جا الزام هڻي ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان سندس حڪومت ختم ڪئي. جڏهن ته ٻئي ڀيري هن پنهنجي پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فاروق لغاري کي صدر بڻايو ته جيئن سندس اقتدار جو ٻيو دور محفوظ رهي پر فاروق لغاري پڻ ساڳيا غلام اسحاق خان وارا الزام هڻي سندس حڪومت ختم ڪئي. سياسي ڪيسن سان منهن ڏيندي ڏيندي محترمه پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪئي ۽ دبئي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جتان ويهي هن ٻئي طويل  آمر پرويز مشرف خلاف  پنهنجي پارٽي کي سرگرم رکيو.

آمرن سان وڙهندي وڙهندي جڏهن دبئي واري جلاوطني ختم ڪري ۱۸ آڪٽوبر تي ڪراچي ائرپورٽ لٿي ته  سندس ڀرپور استقبال ڪيو ويو پر ان ئي استقبالي جلوس ۾ مٿس خودڪش حملا ڪيا ويا جنهن دوران محترمه پاڻ ته محفوظ رهي پر سندس پارٽي جا ۱۳۶ ڪارڪن قتل ٿي ويا. ڪارساز سانحي جهڙي وڏي حملي جي باوجود محترمه خاموش ٿي نه ويٺي پر هن ٻئي ڏينهن ئي  نڪري ڪارڪنن جي عيادت ڪرڻ شروع ڪئي. سندس سرگرمي ايتري تيز ٿي وئي جو پوري ملڪ ۾ جلسا ڪندي ڪندي جڏهن ڪوفي جهڙي شهر راولپنڊي ۾ پهتي ته مٿس خونخوار حملو ٿيو ۽ محترمه شهيد ٿي وئي. سندس شهادت بعد سندس جماعت کي اقتدار ته مليو پر ڇا ان اقتدار دوران محترمه جي خون سان انصاف ٿي سگهيو؟ ڇا محترمه جي خون واري ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ٿي سزا ڪاٽي چڪا آهن؟ اهڙا سوال جڏهن ان دور جي گهروزير رحمان ملڪ کان ڪيا ويا هئا ته هن ڏاڍو کل جهڙو جواب ڏنو هو ته حملو طالبان اڳواڻ بيت الله محسود ڪيو هو سو پنهنجي ساٿين سميت مارجي ويو آهي باقي ڪنهنکي پڪڙيون؟ سندس اهڙي کل جهڙي موقف بعد پاڪستان پيپلزپارٽي جي نظرياتي ڪارڪنن مٿس چٿرون ڪيون هيون ته جنهن آمر جا محترمه جي خون ۾ هٿ رڱيل آهن ان خلاف توهان ڪهڙو قدم کنيو.؟ اهو سوال محترمه جي شهادت جي تيرنهن سالن بعد به اڃا سوال ئي بڻيل آهي ته  پوري زندگي آمريتن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ محترمه جي خون سان ڪو انصاف ٿي سگهندو يا اڃا سندس شهادت تي رڳو سياست ئي کيڏي ويندي.؟

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾، ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن

ملڪ جو المياتي ڏينهن

ايڊيٽوريل

بينظير ڀٽو ۽ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادتن جي ڏينهن کي اسان ملڪ لاءِ الميي جو ڏينهن سمجهون ٿا. مُلڪي تاريخ ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان کي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو جهڙا وزيراعظم وري نه ملي سگهيا آهن. هن ملڪ کي هلائيندڙ اصل اقتداري طاقتن کي جيڪڏهن اهڙو احساس هجي ها ته جيڪر اهي انهن سربراهن جو جيئري قدر ڪن ها۽ انهن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺن ها ڇاڪاڻ ته ان قدر ۾ ئي ملڪ جي اصل ترقي هئي.

ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو جيڪڏهن تڏهوڪو چيف آف آرمي اسٽاف ضياءَ الحق تختو اونڌو نه ڪري ها ته ذوالفقار علي ڀٽو هن ملڪ کي ترقي جي نئين شاهرائن تي گامزن ڪري چڪو هجي ها. ان جو جيئرو جاڳندو مثال ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت آهي. ڀٽي جي پنجن سالن جي حڪومت اندر ملڪ لاءِ جيڪي ڪم ٿيا سي سندن ڦاهي کانپوءِ واري عرصي ۾ به نه ٿي سگهيا آهن، اڃا به ملڪ کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي ڪارنامن جو ذڪر ڪجي ته هي ايڊيٽوريل به ناڪافي ثابت ٿيندو. ٻيو ته ڇڏيو هن ملڪ جو آئين ئي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ ٺهيو يعني قائداعظم کانپوءِ هن ملڪ جو جيڪڏهن ڪو ٻيو خالق آهي ته اهو ذوالفقار علي ڀٽو ئي آهي. جيڪڏهن سندس ٺاهيل  آئين جي روح تحت به هي ملڪ هلي ته تڏهن به ان جي  ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي ٿي، ڀٽي پنهنجي حڪومت دور ۾ جيڪي ادارا ٺاهيا تن کي به  بعد۾ هڪ هڪ ڪري تباهه ئي ڪيو ويو.

ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ هن ملڪ جيڪو ٻيو تمام وڏو نقصان ماڻيو سو بينظير ڀٽو جي شهادت جو هو جنهن ۾ سنئين سڌي جنرل مشرف جي حڪومت ملوث هئي جنهن بينظير ڀٽو کي گهربل سيڪيورٽي مهيا نه ڪئي بينظير ڀٽو پاڻ ئي لياقت باغ واري جلسي جي صبح، بيان جاري ڪيو هو ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته انجا ذميوار، هن جن شخصيتن کي ڄاڻايو هو تن ۾ سرفهرست  پرويز مشرف جو نالو هو. ان جو مطلب اهو ٿيوته ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير ڀٽو جي شهادت جا ذميوار ضياءَ الحق ۽ مشرف هيا ۽ اهي ٻئي آمراڻيون حڪومتون هيون.

شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي وقار ۾ واڌارو ئي آندو هو. هن ملڪ کي جن وڏين شخصيتن ڪري پرڏيهه ۾ سڃاتو وڃي ٿو تن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو به نمايان آهن. ذوالفقار علي ڀٽي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ملڪ اندر عوامي حڪومت متعارف ڪرائي ۽ اقتدار کي اسلام آباد جي وزيراعظم هائوس مان ڪڍي عوام جي چائنٺ تي اچي رکيو ۽ بينظير ڀٽو وري سڄي ڄمار پنهنجي والد جي پارٽي منشور ۽ حڪومتي ورثي کي وقف ڪئي ۽ جمهوريت لاءِ ضياءَ ۽ مشرف جي آمريتن جو مقابلو ڪيو ۽ اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه عورت هئڻ جو اعزاز ماڻيو. اسلامي ملڪن جي ان پهرين عورت سربراهه کي ڪڏهن به حڪومتي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ کي آئين ڏنو ته بينظير ڀٽو وري ملڪي جمهوريت کي ”ميثاق جمهوريت“ جو يادگار تحفو ڏنو. جڏهن ته بينظير ڀٽو جي اسلامي ملڪن جي پهرين عورت سربراهه ٿيڻ سان ملڪ جي ئي عزت ۾ اضافو ٿيو هو پر افسوس ته پنهنجي ملڪ سندس جوڳو قدر نه ڪيو. باوجود ان جي ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو عوام جا مقبول ترين حڪمران هيا. عوام سندن حڪومتن کي پسند ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي حڪمراني ۾ عوام کي رڪارڊ روزگار ڏنو هو.

اسان جو خيال آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي ذاتي طور تي ڪو نقصان نه پهتو انهن ته جيئري ئي پنهنجي تاريخ ٺهندي ڏٺي نقصان ته ملڪ ۽ عوام جو ٿيو آهي پر الميو اهو آهي ته ان جو اعتراف نٿو ڪيو وڃي. چوندا آهن ته هڪ ڪوڙ کي لڪائڻ لاءِ سئو ڪوڙ هڻڻا پوندا آهن سو هن ملڪ جي جمهوريت کي ۽ چونڊيل حڪومت کي جن طاقتن راتاهو ڏنو تن پوءِ پنهنجي ان جرم کي لڪائڻ لاءِ وڌيڪ غير آئيني، غير جمهوري ۽ غير اخلاقي ڪم ڪيا جن سالن هي ملڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ئي ويو ۽ ڦاسجندو رهيو آهي. ضياءَ الحق ۽ مشرف ملڪ کي ڇا ڏنو، آئين، قانوني، انصاف جمهوريت،  سول حڪمراني جو جنازو ڪڍيو، ادارا تباهه ڪيا، آمريتون، مارشل لائون، فرقيواريت، دهشت گردي، طالبانائزيشن، نسل پرستي، منشيات ۽ نظريئه ضرورت وارو عدالتي نظام ڏنو جنهن ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. وفاق جي نالي ۾ ملڪ جي صوبن کان اٽي ۾ لوڻ جيتري خودمختياري به کسي وئي آهي. قومن جي ٻولين کي قبوليو نٿو وڃي. عوام جي ووٽ جي ڪا عزت ناهي. پارليامينٽ کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي. ٻيو ته ڇڏيو هاڻي پارليامينٽ اندر موجود مخالف ڌر کي به ملڪ دشمن چيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو.

اهي سڀ غير جمهوري، غير پارلياماني ۽ غير اخلاقي رويا آهن ۽ انهن روين کي متعارف ڪرائيندڙن ۽ انهن کي بالادست بڻائيندڙن کي ملڪ جو سڄڻ سمجهيو وڃي ٿو جڏهن ته اسان سمجهون ٿا ته هن ملڪ جا اصل سڄڻ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو هيا جن جي شهادتن جي ڏينهن کي اسان هن ملڪ ۽ عوام جي بدقسمتي سمجهندي انهن ڏينهن کي ملڪ ۽ عوام لاءِ المياتي ڏينهن تصور ڪيون ٿا.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

بينظير ڀٽو

پاڪستان جي خواب جي شهادت

حميد ڀٽو

۲۳ ڊسمبر ڏهاڙو به هاڻ ته ڄڻ ڏکارو ڪرڻ لاءِ ئي ايندو آهي. گذريل۱۳سالن کان بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏک سنڌ واسين سميت دنيا جا سمورا درد واري دل رکندڙ ماڻهو وساري ناهن سگهيا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان ۾ گلابن جيان مهڪندڙ ملڪ جي عوام جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بي نظير ڀٽو پنهنجي بابا، امڙ۽ ڀائرن سان گڏ هميشه جي ابدي ننڊ ستل آهي. ۲۳ ڊسمبر ۲۰۰۳ تي رهزنن جي گوليءَسان بي نظيرڀٽو جي شهادت سان ملڪ جي خواب کي ڄڻ ته ابدي ننڊ ۾ سمهاريو ويو آهي. ۲۳ ڊسمبر اڄوڪو ڏهاڙو موهن جي دڙي جي عظيم نياڻيءَ کي سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

۱۹۳۳ع ۾ بينظير ڀٽو کي پوليٽيڪل سائنس جي تعليم حاصل ڪرڻ  جي سلسلي ۾ هارورڊ يونيورسٽي  ۾تعليم  ڏياري وئي. بينظيرڀٽو ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ داخل ٿي معاشيات ۽ سياسيات ۽ فلسفي ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن حاصل ڪئي. آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تمام گهڻي مشهوري ماڻيندي تعليم حاصل ڪرڻ بعد ۱۹۳۳ع ۾ وطن واپس اچي پرڏيهي معاملن ۾  پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. پڙهائي کان فارغ ٿيل بينظير ڀٽوجي زندگيءَ ۾ تڪليفون اچڻ شروع  ٿيون، جنهن تحت فوجي آمر جنرل ضياءُ الحق ملڪ جي جمهوري سسٽم کي معطل ڪري فوجي حڪومت قائم ڪئي، جنهن دوران سندس والد ۽ ان  وقت جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم کي پنهنجي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو، اپريل ۱۹۳۹ع ۾ سندس والد کي سازش تحت ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي. شهيد محترمه پنهنجي بابا (قائد عوام) خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ کيس آيل  ڦاسي واري سزا جي خلاف جدوجهد ڪندي رهي ۽ ۱۹۸۱ع دوران بينظيرڀٽوآمريت جي خاتمي جي لاءِ مختلف سياسي پارٽين جي سهڪار سان ”ايم آرڊي تحريڪ“ شروع ڪئي، جنهن ضياءَ الحق کي مٿي ۾ تمام گهڻو سور وڌو نيتجي طور جنرل ضياءُ الحق سنڌواسين کان ڀٽو دوستيءَ جو پلاند وٺڻ جي لاءِ لساني جماعتن جو بنياد وجهي سنڌ کي سدائين سورن ۾ وجهي ڇڏيو،  اهڙي طرح سان اڻسڌي طرح سان جنرل ضياءُ الحق سنڌي ماڻهن کان پنهنجو پلاند ورتو.

ايم آرڊي تحريڪ جي اڳواڻن جون گرفتاريون ڪيون ويون تن ۾ بينظيرڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو سميت ٻيا اڳواڻ پڻ شامل هئا،جن کي گرفتار ڪيو ويو. ۴ اپريل ڏينهن بينظير ڀٽو کي نظربندي دوران جيلر اچي ٻڌايوهو ته سندس والد کي ڦاهي ڏئي لاش کي لاڙڪاڻي روانو ڪيو ويو آهي، ته ان وقت بينظير ڀٽو کيس چيو هو ته فوجي حڪومت جي ماڻهن کي اها به خبر ناهي ته ڪنهن به لاش سان گڏ سندس خاندان جي فردن جو وڃڻ مذهبي طور تي فرض آهي. اهڙي طرح سان هن بهادري ۽صبر سان جيل جي تڪليفن کي برداشت ڪيوجنهن بعد ۱۹۸۴ع دوران بينظيرڀٽو جيل مان آزاد ٿيڻ بعد برطانيه هلي وئي ۽ اتي جلاوطن رهندي به ملڪ کي آمريت کان  ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف رهي.

ان دوران پيپلزپارٽيءَ جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد پارٽي جي ڪمان کي سنڀالڻ جي سلسلي ۾ پارٽي ڪارڪنن پاران کيس پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن طور چونڊيو ويو. والد جي ڦاهي بعد هڪ ٻيو صدمو بينظير ڀٽو کي ان وقت رسيو جڏهن هن پنهنجي ڳڀرو ڀاءُ شاهنواز ڀٽو جو لاش فرانس مان کڻائي لاڙڪاڻي آئي هئي، جنهن لنڊن جي هڪ ننڍڙي فليٽ ۾ ملڪ جي آمر حڪمران ضياءُ الحق جي خلاف تحريڪ هلائي هئي، اهڙي طرح سان بينظير ڀٽو ۱۹۸۳ع دوران اڳوڻي ضلعي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي بينظيرآباد ضلعي سان تعلق رکندڙ اهم شخصيت حاڪم علي زرداري جي فرزند آصف علي زرداري سان ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ شادي ڪئي.

۱۳ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ ملڪ جي آمر جنرل ضياءُ الحق جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ بعد ملڪ ۾ جمهوري سرشتي تحت ٿيندڙ چونڊن ۾ حصووٺڻ جي سلسلي ۾ هوءَ وطن واپس آئي ۽ چونڊن جي تياري ڪرڻ لڳي.  ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع ۾ ٿيل عام چونڊن دوران پيپلزپارٽيءَ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، جنهن جي نتيجي ۾ ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾بينظير ڀٽو کي ۳۵سالن جي ننڍي عمر ۾ ملڪ جي وزير اعظم جي عهدي جو اعزاز حاصل ٿيو ۽ اهڙي طرح سان اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم طور بينظيرڀٽو پنهنجي عهدي جو حلف کنيو. اڻويهه مهينن جي حڪومت بعد ملڪ جي صدر اسحاق خان کيس چارج شيٽ پيش ڪندي سندس حڪومت کي ختم ڪيو. ۱۹۹۳ع دوران ٿيل عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ هن ”مخالف ڌر جي اڳواڻ “ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. اهڙي طرح سان۱۹۹۳ع دوران ٿيل عام چونڊن  ۾ حاصل ٿيل ڪاميابي تحت هڪ  ڀيرو ٻيهر وزير اعظم بڻجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ لڳي ۽ پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ صدر مملڪت فاروق لغاري هٿان ۵ نومبر ۱۹۹۶ع ۾بينظير ڀٽو جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.۽ ملڪ جي آمر  پرويز مشرف جي  دور ۾ ڊگهو عرصو ملڪ کان ٻاهر رهي انهيءَ دوران ملڪ کي هميشه جي لاءِ آمريت کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان محمد نواز شريف سان معاهدو ڪرڻ کان سواءِ پرويز مشرف سان ڳالهيون ڪندي ”قومي مفاهت واري سياست“ جو تصور ڏنو جنهن  تحت پرويز مشرف جي آمر حڪومت سان  ٿيل معاهدن تحت ۱۸ آڪٽوبر تي وطن واپس آئي، جنهن جو ڪراچي هوائي اڏي تي شاندار استقبال ڪيو ويواهڙي موقعي مان فائدو حاصل ڪندي جمهوريت دشمنن ڪارساز لڳ سندس قافلي تي ڌماڪا ڪيا جنهن ۾ بيظير ڀٽو معجزاڻي طور تي بچي وئي پر ڪيترائي ڪارڪنن ان واقعي ۾ شهيد ٿيا.

اهڙي طرح سان ملڪ، عوام، جمهوريت سان بي انتها پيار ڪندڙ بينظير ڀٽوعوامي مهم جو آغاز ڪيو، جنهن تحت لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ٻين شهرن بعد ۲۳ ڊسمبر۲۰۰۳ع ۾راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسه عام منعقد ڪري عوام سان سڌا لاڳاپا رکڻ پئي گهريا پر آمريت جي ساٿارين کي اها ڳالهه پسند نه آئي ۽ هميشه جي لاءِ ڀٽو خاندان جا ويري بڻيل بگهڙ اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هئا، جنهن جو فائدو وٺندي عوام جي حقيقي اڳواڻ شهيد بينظير ڀٽو مٿان حملو ڪري موقعي تي ئي کيس شهيد ڪيو ويو. اڄوڪي ڏينهن ۲۳ ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو جون پنج قبرون يقينن اهو سوچڻ تي مجبور ڪري رهيون آهن ته کين ڪهڙي ڏوهه تحت اذيتناڪ موت ڏنا ويا، جنهن جو اڄ تائين انصاف ڀريو فيصلو ئي ناهي ٿي سگهيو آهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کي اڄ ۱۳سال گذري چڪا آهن پر پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ ۾حڪومت هوندي به پنهنجي قائد بينظير ڀٽو جي شهادت جو انصاف نه وٺي سگهڻ مان ظاهرٿئي ٿو ته اها پيپلزپارٽي حڪومت جي وڏي ۾ وڏي ناڪامي آهي. باقي بينظير ڀٽو عوام جي دلين ۾ هميشه زندهه آهي ۽ زندهه رهندي بينظير ڀٽو سان پيار ڪندڙ عوام جا سڏڪا اڄ به پڙاڏو بڻجي ماحول ۾ گونجي رهيا آهن.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)


 

شھيد بينظير ڀٽو!

جمھوريت جي علمبردار

شھيد راڻي بينظير ڀٽو ۲۱-جون ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ جي مشھور سياسي خاندان ”ڀٽو خاندان“ ۾ پيدا ٿي. شھيد راڻيءَ ۱۵ سالن جي عمر ۾ او ليول جو امتحان پاس ڪيو، اپريل ۱۹۶۹ع ۾ محترمه هارڊ ورڊ يونيورسٽي جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ داخلا ورتي، بينظير ڀٽو هارڊ ورڊ يونيورسٽيءَ مان ۱۹۷۳ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيٽ ڪئي. ان کان پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جتان ان فلسفو معاشيات ۽ سياست ۾ ايم.اي ڪئي. ان دوران بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي صدر به رهي.

بينظير ڀٽو شھيد برطانيه مان تعليم پوري ڪري ان خيال سان موٽي ته پنھنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾ خدمتون  ڏئي سگهي. جون ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن محترمه ملڪ پھتي ته ٻه هفتن بعد ان جي والد محترم  جناب شھيد ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري جنرل ضياءُ الحق ان وقت حڪومت پنھنجي قبضي هيٺ آندي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ان وقت جي آمر خلاف جدوجھد ڪندي رهي. ۱۹۸۱ع ۾ مارشل لا جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي اتحاد ٺاهيو. ۱۹۸۳ع ۾ ۱۴ آگسٽ کان ڀرپور جدوجھد شروع ٿي. ۱۹۸۴ع ۾ بينظير ڀٽو کي جيل مان رهائي ملي ۽ محترمه کي ۲ سالن تائين برطانيه ۾ جلا وطن رهڻو پيو. جلاوطني دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن محترمه بينظير کي پارٽي جو سربراهه بڻايو. ملڪ مان مارشل لا ختم ڪيو ويو ته ان کان پوءِ ۱۹۸۶ع ۾ بينظير ڀٽو وطن واپسي ڪئي ته لاهور ايئرپورٽ تي ان جو بيمثال استقبال ڪيو ويو. بينظير ڀٽو ۱۹۸۷ع ۾ نوابشاهه جي اهم شخصيت حاڪم علي زرداري جي پٽ آصف علي زرداري سان رشتو ٿيو. ان کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي جدوجھد مسلسل جاري رکي.

۱۷-آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن ان وقت جي حڪومت ختم ٿي ملڪ اندر سياسي ماحول پيدا ٿيو. ان وقت جي سينيٽ جي چيئرمين غلام اسحاق ملڪ جو قائم مقام صدر ٿيو ۽ ان ۹۰ ڏينھن ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو. ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع ۾ اليڪشن ٿي جنھن ۾ قومي اسيمبلي جي سڀ کان وڌيڪ سيٽون پيپلز پارٽي حاصل ڪيون ۽ بينظير ڀٽو ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾ ۳۵  سال جي عمر ۾ ملڪ ۽ اسلامي دنيا کي پھرين عورت وزيراعظم طور قسم کنيو. آگسٽ ۱۹۹۰ع ۾ ۲۰ مھينن بعد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي. ۲ آڪٽوبر ۱۹۹۰ع تي ٻيھر اليڪشن ٿي. جنھن ۾ نواز شريف وزيراعظم ٿيو ۽ ۱۹۹۳ع ۾ نئين اليڪشن ٿي جنھن ۾ وري به محترمه بينظير ڀٽو وري ڪامياب ٿي، ۱۹۹۶ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي وئي، ان زوال ۾ جن ٽن ماڻهن جو هٿ هو، اهي ٽئي سندس آندل يا مقرر ڪيل هئا، جن ۾ صدر فاروق احمد لغاري، جنرل جھانگير ڪرامت ۽ جسٽس سيد سجاد علي شاهه شامل هئا. ان کانپوءِ محترمه مسلسل جلاوطن رهي.

محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي ٻنھي دورن ۾ ملڪ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي جنھن ۾ هن ۳۰ سيپٽمبر ۱۹۹۰ع تي آمريڪي حڪومت نيوڪلائي ڦھلاءَ تي پريسلر ترميم جو حوالو ڏيئي پاڪستان کي ملندڙ امداد کي رسمي طور بند ڪري ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي ڪوشش سان پاڪستان جي بقا لاءِ نه رڳو امداد بلڪه حقيقي طور خاص انداز ۾ ناڻي جي وهڪ واريءَ واڌ کي جاري رکڻ ۾ ڪامياب وئي. محترمه بينظير ڀٽو اسٽاڪ ايڪسچينج کي جديد بڻايو ۽ خانداني رٿابنديءَ جي ڪم لاءِ هڪ لک عورتن کي سکيا ڏني، ٽيھه هزار نوان پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ٺھرايا جيڪو تعداد ٻن عھدن دوران اٺيتاليهه هزار اسڪولز تائين وڃي پھتو ۽ ان ڳالهه ته ٻارن ۾ پڙهائي واري شرح وڌائڻ جو سڀ کان ڪارائتو طريقو ماءُ جو پڙهيل لکيل هئڻ ضروري آهي. تنھن ڪري اسان کي خاص طور عورت کي سامھون رکندي کين فائدو ڏيندڙ تعليمي پروگرام شروع ڪيا.

۱۹۹۵ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو واشنگٽن کان مليل ڇٽيھه ڪروڙ اسي لک ڊالرن جي نئين فوجي هٿيارن ۽ سامان جي بندوبست سان موٽي آئي هئي. محترمه جي اڳواڻي ۾ فوجي ۽ پوليس عالمي امن رکندڙ جٿن واري مشن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي. انھيءَ عمل سان انهن ۾ فخر ٿيو ته دنيا هنن جي عزت ڪري ٿي ۽ پاڪستان دنيا ۾ ٻين امن قائم رکندڙ وفدن ۾ سٺن وفدن مان هڪ آهي. محترمه بينظير ڀٽو  جلاوطن هوندي به ملڪ جي خدمت ڪندي رهي، نيٺ اٺ سالن جي جلاوطن ختم ڪري ۱۸-آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي پاڪستان موٽي ۽ ڪراچي ۾ لکين ماڻهن هن جو استقبال ڪيو. بينظير ڀٽو جو قافلو شاهراهه فيصل تي مزار قائد طرف وڌي رهيو هو ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو جنھن م محترمه ڀٽو سلامت رهي پر ان ۾ ۱۷۹ ماڻهو شھيد ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا.

جمھوريت جي علمبردار ساهه ته ڏنو پر قوم کي ويساهه ڏئي وئي. جمھوريت ئي بھترين پلاند آهي، اهو هن قوم ثابت ڪري ڏيکاريو. آمر سان مھاڏو اٽڪائڻ ذهنن کي دلجاءِ ڏيڻ هر باضمير کي حوصلو ڏيڻ، هر ڪنھن ۾  جرئت پيدا ڪرڻ، هاڻي ته شھيد راڻي جي خوبي  ذهني قابليت هئي شھيد راڻي جي مسلسل جدوجھد جنھن ۾ ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع تاريخي حيثيت رکن ٿا پر ۱۸ آگسٽ ۲۰۰۸ع به پاڪستاني تاريخ ۾ هڪ اهم ڏينھن هو. آمريت جو وات بند ڪرڻ ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه آهي پر شھيد راڻي ٻنهي آمرن کي للڪاريو ان جي مقصدن کي پورو ڪرڻ نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته محترمه کي خبر هئي ته جنرل ضياءَ ۽ جنرل مشرف ۾ ڪوبه فرق نه آهي، هنن جيڪو اسلام جي نالي تي ادارن، جمھوريت، ملڪ ۽ عوام کي تباهيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو هو. هنن عوام کي اکين ۾ سرمو پائي اعتدال پسندي ۽ جمھوريت جي نالي تي ملڪ کي تباهه ۽ برباد ڪيو پر شھيد راڻي هردم آمر کي للڪاريو ۽ هن قوم کي جيئڻ جو حق ڏياريو. هاڻي به وقت ويو ناهي، دوستو ڪوشش ڪيو حوصلي کان ڪم وٺو، اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو، جيڪڏهن اسان هڪ نه ٿياسين ته اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسين، جيڪڏهن خدا ائين نه ڪري اسان اقليت ۾ تبديل ٿيا وياسين ته پوءِ اسان پنھنجي اڳواڻن جو ڪيس ڪڏهن به وڙهي نه سگهنداسين ۽ هر آمر سان مقابلو نه ڪري سگهنداسين.شھيد راڻي جي سڄي زندگي جدوجھد جي حوالي رهي جڏهن هن سياست ۾ پير پاتو تڏهن کان هن کي رڳو شھيدن جا لاش وصول ڪرڻا پيا. ڀٽي صاحب پنھنجي ڌيءُ پنڪيءَ کي هڪ خط ۾ لکيو،”تون ۽ انڌرا گانڌيءَ ۾ صرف ايترو فرق آهي جو توکي پنھنجي ملڪ ۾ فوجي جنتا کي منھن ڏيڻو پوندو پر انڌرا گانڌيءَ کي ائين نه ڪرڻو پوندو ان لاءِ تون دنيا جي هڪ مثالي عورت آهين.“ ڏسجي ته اها ڳالهه ڪيتري نه سچ ثابت ٿي، فوجي جنتا جي مخالفت پنڪيءَ کي تمام گهڻي جدوجھد ڪرڻ تي مجبور ڪيو. اها جدوجھد دنيا ڏٺي ۽ سندس تعريف به ڪئي، ايتري تائين جو سندس مخالف به افسوس ڪري رهيا آهن ته ”هن بي مثال عورت جو قدر ڪرڻ گهرجي ها.“ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شھيد راڻي کي شھيد ٿئي ورهيه گذري چڪا آهن، هن وقت تائين پ پ پ جي مرڪزي قيادت ۽ موجوده حڪومت ان حوالي سان تڪڙا قدم نه کڻي رهي آهي ۽ غير سرگرم نظر اچي رهي آهي، جيتوڻيڪ پ پ پ جي حڪومت گڏيل قومن ۾ شھيد راڻي جي ڪيس جي جاچ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي ۽ مطالبو به ڪيو هو پر گڏيل قومن ۾ ويٺل پاڪستان جو نمائندو حسين هارون ۽ موجوده حڪومت في الحال ڪردار ادا ناهن ڪري سگهيا.

اقوام متحده تي جانچ ڪاميٽي جوڙڻ لاءِ ڀرپور دٻاءُ نه وڌيو ويو آهي، نتيجي ۾ اقوام متحده ان حوالي سان خاموش نظر اچي رهي آهي. ماضيءَ ۾ هاءِ پروفائيل ڪيسن جو اهو حشر ٿيو آهي جو اڄ ڏينھن تائين ڪوئي ملوث ماڻهو، نه ظاهر ٿي سگهيو آهي نه گرفتار ٿي سگهيو آهي، جيئن شھيد راڻي مظلوم ۽ محڪوم سنڌي قوم جي نياڻي آهي.

ان حوالي سان پ پ پ جي قيادت جو اولين فرض اهو آهي ته محترمه جي ڪيس کي هنگامي بنيادن تي تڪڙو هلايو وڃي، قاتلن کي وائکو ڪري کين  ڪيفرِ ڪردار تائين پھچايو وڃي. جيڪڏهن ان ۾ گهڻي دير ٿئي ٿي ته ڪروڙين ماڻهن جي امنگن جو ڇا ٿيندو؟ سنڌي قوم جي اڳواڻن جي ضمانت ڪير کڻندو، مظلوم ۽ محڪوم قوم جي بھتر مستقبل جي ضمانت ڪير کڻندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آوز ڪراچيءَ ۾ ۲۱ جون ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



بينظير ڀٽو صاحبہ

ماروي ملير جي

شاھد جتوئي

تاريخ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي جڏهن ۸ ورهين جي جلاوطني کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو ڏيهه پهتي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي انساني سمنڊ ان جي استقبال لاءِ اٿلي پيو هو. ايئرپورٽ کان ميلن تائين ماڻهن جو ميڙ هو. ان ڏينهن ماڻهو جوش ۾ تمام گھڻا نعرا هڻي رهيا هئا پر هڪ نعرو نمايان هو ۽ اهو نعرو هو “ماروي ملير جي، بي نظير، بي نظير”. ماروي در اصل سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ شاعري جو اهو ڪردار آهي، جيڪو وطن سان محبت جو استعارو آهي. پنهنجي ڌرتي، پنهنجي مٽي ۽ پنهنجا ماڻهو دنيا خاطر سڀ ڪجهه ڇڏي ڏيڻ ۽ ايستائين جو پنهنجي قرباني ڏيڻ وارو اهڙو ڪردار شايد دنيا ۾ ڪنهن ٻي قوم وٽ نه آهي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت جو اظهار ماروي جي زبان ۾ ڪندا آهن جن حالتن ۾ پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجهي محترمه بينظير ڀٽو وطن واپس آئي هئي، ان کي محسوس ڪندي ماڻهن خود فيصلو ڪيو ته بينظير ماروي آهي ۽ وطن ملير آهي.

ملير ۾ ئي ڪارساز جي مقام تي نئين دور جي ماروي کي قتل ڪرڻ لاءِ بم ڌماڪا ڪيا ويا، جن ۾ وطن جا ڪيترا مارو شهيد ٿي ويا. اها هڪ قيامت صغريٰ هئي. ۱۹ آڪٽوبر تي ٽه پهري جو ۳ بجي اسان کي اطلاع مليو ته بينظير ڀٽو شام ڇهين وڳي بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي. جڏهن اسان بلاول هائوس پهتاسين ته ماحول تمام سوڳوار هو. ماڻهن جو هجوم هئڻ باوجود دل ڌوڏيندڙ خاموشي هئي. محترمه بينظير ڀٽو پريس ڪانفرنس ۾ آئي ته اتي موجود هر شخص کي ڏسي حيرت ٿي ته انهن جو مورال (حوصلو) تمام بلند هو. پريس ڪانفرنس کان اڳ هوءَ شهيدن جي ڀاتين سان ملي آئي هئي. سندس اکين مان لڳو هو ته هوءَ روئي رهي هئي پر جڏهن هن پريس ڪانفرنس شروع ڪئي ته سندس آواز ۾ گجگوڙ هئي. چهري تي ڏک ۽ ڪرب جي باوجود هوءَ پنهنجي گجندڙ آواز سان اهو پيغام ڏئي رهي هئي ته هوءَ دهشتگردن ۽ انهن جي سرپرستن کان ڊنل ناهي.

پريس ڪانفرنس ۾ پنهنجو وارو اچڻ تي مون سوال پڇي ئي ورتو، جيڪو مون سوچي رکيو هو. مون سوال ڪيو ته ڪارساز سانحي کانپوءِ ڇا هوءَ عوامي رابطه مهم جاري رکندي؟ ان سوال سان دراصل آئون کيس اهو احساس ڏيارڻ چاهي رهيو هئس ته ڪجهه قوتون کيس پنهنجي رستي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. ان ڪري هوءَ پنهنجي عوامي رابطه مهم جو ارادو ڇڏي ڏئي. منهنجي سوال تي ڪجهه دير ته هوءَ مون کي ڏسندي رهي. مون محسوس ڪري ورتو ته جيڪو ڪجهه آئون چوڻ چاهيان ٿو، هوءَ سمجهي وئي آهي. محترمه نهايت صبر سان جواب ڏنو ۽ چيو ته “اهي ماڻهو به اهو ئي چاهين ٿا ته آئون چونڊ مهم نه هلايان ۽ واپس هلي وڃان. اهي ماڻهو چاهي ٿا ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال نه ٿئي پر هاڻي جيڪڏهن جمهوريت بحال نه ٿي ته پاڪستان لاءِ خطرا وڌي ويندا. “ پوءِ هوءَ خاموش ٿي وئي. ٿوري وقفي کانپوءِ هن چيو ته “آئون ماڻهن سان گڏ رهنديس”.

بلاول هائوس مان نڪتاسين ته منهنجي ذهن ۾ هڪ سوال گونجي رهيو هو ته ڇا محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي زندگي کي درپيش خطرن جو اندازو ناهي؟ پاڪستان پيپلزپارٽي جو اڳواڻ راڻا محمد رمضان (جنهن کي دوست پيار مان داني چوندا آهن) به ڪراچي آيل هو. هن دبئي کان ڪراچي روانگي جي وقت محترمه بينظير ڀٽو کي امام ضامن ٻڌو هو. مون ان کي چيو ته توهان بي بي جي ويجها رهو ٿا، ڇا بي بي کي اندازو ناهي ته ان جي زندگي کي خطرو آهي. رمضان داني جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ هو ٻڏندڙ آواز ۾ ٻڌائڻ لڳو ته؛ “خدا جو قسم بي بي کي صرف اندازو ئي نه پر يقين آهي ته کيس قتل ڪيو ويندو. ڪا ڪنوار پنهنجي شادي جي تياري ايتري ناهي ڪندي، جيتري بي بي پنهنجي موت لاءِ ڪئي آهي”.

پوءِ جي واقعن ثابت ڪيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي پنهنجي موت جو پورو يقين هو. هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ اها خبر آئي ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي مقبري جو دروازو بند ڪري محترمه بينظير ڀٽو اڪيلي اندر ويٺي رهي. ماڻهو ٻڌائين ٿا ته اها مٽي جتي هوءَ ويٺي رهي، جتي هاڻي ان جو مقبرو آهي، هن حڪم ڏنو هو ته ان وقت تائين ڪير دروازو نه کولي، جيستائين هوءَ پاڻ ٻاهر نه اچي. هوءَ اتي ٻه ڪلاڪ موجود رهي. ان واقعي کانپوءِ هوءَ ٻيهر عوامي رابطه مهم تي نڪري وئي. هن کي هر جلسي ۽ ريلي ۾ وڃڻ کان اڳ خبردار ڪيو ويندو هو ته سندس زندگي کي خطرو آهي، پر هوءَ هر ڀيري اهو ئي چوندي هئي ته آئون پنهنجي ماڻهن سان گڏ رهنديس ۽ منهنجو جيئڻ مرڻ منهنجي ماڻهن سان گڏ آهي.

پوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع جو ڏينهن به آيو، جيڪو هن خطي جي تاريخ جو خطرناڪ ڏينهن هو. محترمه بينظير ڀٽو کي لياقت باغ راولپنڊي ۾ بي دردي سان قتل ڪيو ويو. بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو ڪتاب “مفاهمت” شايع ٿيو ته ان ۾ هي لفظ لکيل هئا. “ مون پنهنجي والد جي گرفتاري، قيد ۽ قتل جو عذاب ڀوڳيو هو ۽ ڄاڻان ٿي ته روح جا اهڙا زخم ڪڏهن ناهن ڀرجندا. پنهنجي والد جي موت جي تڪليف سٺي، ان کان پنهنجي ٻچن کي بچائڻ لاءِ آئون ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هيس، پر اهو واحد ڪم هو جيڪو آئون نٿي ڪري سگهيس”. انهن سٽن ۾ محترمه بينظير ڀٽو ٻڌائي ڇڏيو هو ته هوءَ پنهنجي اولاد سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي ۽ کيس موت جو صدمو ڏيڻ نه چاهيندي هئي. ان جي باوجود به هن موت کي شعوري طور تي قبول ڪيو.

محترمه بينظير ڀٽو ائين ڇو ڪيو؟ کيس پڪ سان پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ پنهنجي وطن ۽ پنهنجي ماڻهن سان محبت هئي. هي ماروي ئي هوندي آهي، جيڪا مٽي ۽ مارن جي محبت ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پنهنجي هڪ ڊگهي انگريزي نظم جو مصرعو آهي “آئون هڪ ماروي آهيان، پنهنجي مارن جي”. پوري سنڌ ماٿري يعني موجوده پاڪستان عهد جديد جي ماروي بينظير ڀٽو جو وطن ملير آهي. جنهن تي هوءِ قربان ٿي وئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شهيد بينظير ڀٽو

۽ سندس ڇڏيل سياسي ورثو

اشرف لاريب

ڊسمبر جي انتهائي سرد موسم جڏهن ايندي آهي تڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو شدت سان ياد ايندي آهي هن جي شهادت جو منظر اکين آڏو تري ايندو آهي تڏهن دل ۾ ڏک جي لهر ۽ اکين ۾ آب وهي ايندو آهي. سموري عورتن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندڙ شخصيت جو سري عام قتل اڃا تائين هڪ سوال بڻيل آهي!! محترمه بينظير ڀٽو جو قتل سمورين باشعور با صلاحيت عورتن جو قتل ٿيڻ جي برابر آهي. هوءَ نه صرف سمورين عورتن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ حق حاصل ڪرڻ جو آواز ڏياريندڙ هئي پر هر گهر ۾ عورتن جي ذهني آزادي ۽ شعور جو بينظير زنده مثال هئي هن جو منشور هن جي جدوجهد پاڪستاني عوام سان پيار ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا آهن ته هو هڪ بهادر پيءُ جي بهادر نياڻي هئي جيڪا پنهنجي والد جي ڇڏيل مشن کي اڳتي کڻي هلي رهي هئي شهيد بيبي همت جو نشان ۽، پاڪستان ۾ سياسي  شعور  پيدا ڪندڙ شخصيت هئي.

حقيقي معنيٰ ۾ قاعداعظم محمدعلي جناح ۽ شهيد ذوالفقار ڀٽو کان پوءِ پوري دنيا ۾ پاڪستان کي روشناس ڪرائيندڙ ۽ پوري اسلامي دنيا جي پهرين  خاتون وزيراعظم طور اڀري ايندڙ شخصيت هئي، پاڪستاني سياست کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ اقوام متحده جهڙي عالمي اداري ۾ پاڪستاني قيادت کي سڃاڻپ ڏياريندڙ واحد خاتون وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه هئي، هو جڏهن به ڪنهن عالمي سطح تي ٿيندڙ سيمينار ۾ ايندي هئي ته پوري دنيا جا بادشاهه وزير حيرت سان  تڪيندا  هئا.

هن جي پيشاني تي خوش اخلاقي جو تاج چمڪندو هو ۽ چپن تي مسڪراهٽ هوندي هئي اهو ئي سبب هو جو هر غريب توڙي امير بادشاهه توڙي فقير جي نظر ۾ هر دل عزيز هئي. جڏهن به هوءَ غريبن جي جهوپڙي ۾ هلي ويندي هئي ته پٽ تي ويهي انهن سان رلي ملي ويندي هئي، اهو سبب هو جو هوءَ دشمنن جي دل تي تير وانگر هوندي هئي

شهيد راڻي جو منشور هن جي اعليٰ قيادت هر وقت دشمنن کي للڪاريندي رهندي هڻي، جيڪو هن جي دشمنن کي برداشت نه ٿيندو هو، هر وقت هن جا دوست نما دشمن هن جي تاز ۾ رهندا هئا ۽ هميشه هن جي خلاف سازشون پيا ڪندا رهندا هئا، ليڪن پوءِ به هوءَ هنن سان کلي کيڪاريندي  رهندي هئي، ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي اعلي مقصد ۾ هميشه مصروف رهندي هئي هوءَ چوندي هئي ته منافقت ۽ سازشن ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته قومي مقصد جي حصول لاءِ وقت کي بهتر استعمال ڪجي اهو ئي سبب هو جو هوءَ هر وقت جديد علم جي حصول لاءِ مطالعو ڪندي رهندي هئي، جڏهن هوءَ ڪنهن ڊگهي سفر تي نڪرندي هئي ته ساڻ قرآن پاڪ تسبيح ۽ معلوماتي ڪتاب کڻندي هئي ۽ سفر دوران مڪمل ڪتاب پڙهي پورو ڪري ڇڏيندي هئي.

ان مان صاف ظاهر آهي ته هوءَ قرآن پاڪ مان دنياوي مسئلن جا روحاني حل ۽ ٻين معلوماتي ڪتابن مان ملڪي ترقي جون نيون راهون تلاش ڪندي هئي، اهو ئي سبب هو جو هن جي شعوري اک ديرپا مسئلن جا حل ڳولهندي هئي.

هن جي وسيع علمي ڄاڻ هئڻ جي ڪري هو پاڪستان جي ايرضي ۽ پاڪستاني عوام جي ضرورتن  کي نظر ۾ رکي حڪمت عملي جوڙيندي هئي، محترمه بينظير صاحبه جي دور حڪومت ۾ هن ڪافي عوام دوست پروگرام جوڙيا جنهن ۾ غريب ۽ نادار عورتن جي مالي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، وومن پوليس اسٽيشن، عوامي مرڪز، يوٽيلٽي اسٽورز، سرڪاري اسپتالن ۾ مڊوائيف سروس، هيلٿ ورڪرز، پوليو ۽ ٻين وبائي بيمارين جي خلاف قومي مهم ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اسڪيمون ٺاهيون، هن جي منشور ۾ عملي ڪم هوندو هو ۽ حقيقي عوامي خدمت ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي هئي، تعليم جي مد ۾ ڪيترا ئي تعليمي منصوبا جوڙيائين اها ٻي ڳالهه آهي جو هن سان ڪم ڪندڙ اعليٰ عملدار هن جي جوڙيل منصوبن سان انصاف ڪري نه سگهيا جنهن ڪري هن جون ڪيئي اسڪيمون هن جي ڪوششن جي باوجود صحيح طرح هلي نه سگهيون ظاهري ڳالهه آهي هڪڙو سچو ۽ ايماندار ماڻهو  اڪيلي سر ٻيو ڪري به ڇا سگهي ٿو پر پوءِ به شهيد راڻي پنهنجي مقصد کان پوئتي نه هٽي. پنهنجي والد صاحب جي مشن کي ساهه جي آخري تند تائين نڀائيندي رهي.

بينظير صاحبه هر وقت پاڪستان جي ترقي ۽ سر بلنديءَ لاءِ سوچيندي رهندي هئي هو پنهنجو ذهني سک عوام سان گڏ رهڻ ۾ ڳولهندي هئي ان ڪري هن جي عوامي جلسن ۾ عوام جو سمنڊ اٿلي پوندو هو هر طرف جيئي ڀٽو جيئي ڀٽو جا نعرا گوجندا هئا حقيقت ۾ اهي نعرا نه پر عوام جو بيحد پيار هن سان گڏ هوندو هو،  پاڪستان جي تاريخ کي  کڻي ڏسجي  ته بينظير ڀٽو جهڙي عزت ۽ شهرت هن مهل تائين ڪنهن سياست دان کي نصيب ناهي ٿي اپوزيشن ۾ رهي ڪري به هن ڪنهن جي عزت تي وار نه ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ذاتي انتقام وٺڻ تي يقين رکندي هئي، بينظير صاحبه جن جي دور ۾ هُن ڪڏهن به ڪنهن سياسي شخصيت  کي نقصان پهچائڻ جو نه سوچيو، بلڪه هوءَ اپوزيشن ۾ رهي اهڙي اصلاحي تنقيد ڪندي هئي جنهن سان سياستدان سوچڻ تي مجبور ٿي  ويندا هئا. ۽  اهي پنهنجي پلاننگ تي نئين سري سان غور ڪرڻ تي مجبور ٿي عوامي خدمت ڪندا هئا سن ۱۹۸۸ کان وٺي ۲۰۰۷ تائين پاڪستان جي سياسي دور کي پاڪستان جو سونهري  دور چئجي ته غلط نه ٿيندو انهيءَ دور جي سياست ۾ عوامي خدمت ڏسڻ وٽان هوندي هئي.

اها مڃيل حقيقت آهي ته جيڪي حڪمران عوام سان گڏ هوندا آهن انهن جي جنت عوام جي وچ ۾ هوندي آهي ان ڪري شهيد ذوالفقار ڀٽو جي نياڻي اهو سچ چئي وئي آهي ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي. ڇاڪاڻ ته هوءَ پنهنجي منزل عوام ۾ تلاش ڪري وئي هئي  ۽ ٻين کي اهو ڏس ڏئي وئي ته جهموريت جو اصل رستو عوام ڏانهن آهي. اهو ئي سبب هو جو شهادت واري ڏينهن شهادت کان ڪجهه دير پهرين پنهنجي تقرير ۾ هوءَ پوري جوش جذبي ۽ عزم سان پاڪستان جي ترقي لاءِ منصوبه بندي عوام جي سمنڊ سان ونڊي رهي هئي هن کي پنهنجي  سچائي ۽ صلاحيتن تي پورو ڀروسو هو،  اٺ سال جلاوطني کان پوءِ هن جي شعورجي اک وڌيڪ پختي ٿي چڪي هئي هن وٽ پاڪستان جي حقيقي خوشحالي جو راز هو اهو ئي سبب هو جو هوءَ آخري لياقت باغ واري  تقرير ۾ عوام دشمنن کي للڪاري رهي هئي هن کي پنهنجي ڪاميابي جو پڪو يقين هو, جنهن کي دشمن برداشت نه ڪري سگهيا. سندس تقرير ٻڌڻ کان پوءِ هنن جا دوست نما دشمن جيڪي سندس جلسي ۾ هن جا نعرا هڻي رهيا هئا، هن جي عزم، حوصلي ۽ پاڪستان جي خوشحالي متعلق پلاننگ جو ٻڌي  هن تي پويان وار ڪيو ۽ اسان جي شهزادي راڻي کي شهيد ڪري وڌو، نتيجي ۾ پوري پاڪستان جي عوام ۲۷ ڊسمبر تي پاڻ کي ننڌڪڻو سمجهي غم ۽ غصي مان هر شيءِ کي باهه لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، مان سمجهان ٿي اهو عمل درست نه هو پر جڏهن اميدن جا ڏيئا هڪدم اجهامي وڃن ته پوءِ هر انسان جي ذهني ڪيفيت جنونيت واري ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ ڪير به ان جنون کي ايترو آساني سان روڪي نه سگهندو آهي عوام جو رد عمل ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي به اهو ساڳيو هو. هر دل اداس ٿي وئي هئي، اميد جو روشن ڪرڻو هڪدم اجهامي ويو هو.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي ڇڏيل سياست وارو ڪردار پاڪستان جي موجوده سياسي اڳواڻن لاءِ هڪ رهنمائي آهي، بينظير صاحبه جا لکيل ڪتاب، تقريرون سياست ۾ قدم رکندڙ ساٿين لاءِ هڪ رهنمائي آهن...... شهيد بينظير پنهنجي عظيم ڪردار سان هميشه زنده رهندي..... هوءَ سڀني جي سوچ ۾آهي  هن جو ڪردار هڪ وجود  وانگر هميشه  زندهه رهندو...... !!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شهيد محترمه بينظير ڀٽو

جرئت، همت ۽ حوصلي جي علامت

منظور کوسو

ظلم ۽ جبر خلاف آخري حد تائين مهاڏو اٽڪائڻ، موت سان اکيون اکين ۾ ملائي للڪارڻ، هٺيلي، اڻموٽ ظالمن جي آڏو سينو سپر، ڪڏهن عوامي سيلاب سان گڏ جابر کي ڪراچيءَ ۾ ڪڏهن پنڊي ته ڪڏهن اسلام آباد ۾ للڪاريندي، جان جي پرواهه نه ڪندي،

همه آهوان صحرا سر خود نهاده بر کف. (خسرو)

(صحرا جا سڀئي آهو سر تريءَ تي رکي آيا. ترجمو)

بي خوف، عوامي طاقت تي ڀروسو رکي آمرن لاءِ ڌرتي تنگ ڪندڙ، ڪڏهن تخت اسلام آباد تي براجمان هٿياربند فوجن کان سلامي وٺندي ته ڪڏهن قيد ۾ پابندِ سلاسل ته ڪڏهن جلاوطنيءَ جو عذاب! هر ظالم جابر جا ڏند کٽا ڪري آخر ۾ جامِ شهادت ۽ ڪروڙين همدردن ۽ جيالن کي روئندي ڇڏي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ امر، سرخرو ڳڙهي خدا بخش جي مٽيءَ ۾ ابدي آرامي. جيڪڏهن تاريخ کي سمجهيو وڃي ته عظيم سبق، زنده جاويد قومن جي تاريخ جو هڪ اڻ مٽ سونهري باب، مظلوم قومن لاءِ باعثِ فخر ڪردار! ۽ جيڪڏهن نه سمجهيو وڃي ته هاءِ ڙي! قهر ظلم.... ! فقط سينه زني تي اڪتفا، ڄڻڪ اسان تي پنهنجن شهيدن جو فقط ايترو ئي حق آهي ته انهن لاءِ آهه و فغان ۽ ماتم ئي ڪندا رهون، پر ان جي ريٽي رت، قيد ۾ گهاريل جوانيءَ جا خوبصورت ترين ڏينهن ۽ جلاوطنيءَ جو عذاب ڀوڳيندڙ اکيون. اکيون جيڪي پنهنجي وطن ۽ پنهنجن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن رات بيتاب هجن، تن جي زندگي ۽ بي بها قربانين مان ڪو سبق حاصل ڪونه ڪيون.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پنڪي، اسلامي دنيا جي پهرين ننڍي عمر جي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو به انهن سڀني حالتن مان گذري آخر ۾ جامِ شهادت نوش ڪري ڳڙهي خدابخش ۾ وڃي مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي. محترمه شهيد بينظير ڀٽو فقط سنڌ نه پر مشرق جي ترقي يافته دلير، معتبر ۽ مدبر عورت جي هڪ علامت آهي. مارئي هن جو پسنديده ڪردار آهي، جنهن کان هن ڌرتيءَ سان محبت جو سبق حاصل ڪيو. پنهنجي پنجاهين جنم ڏڻ تي هن جيڪو نظم لکيو تنهن جي آخر ۾ لکي ٿي ته مان ملير جي مارئيءَ کان گهڻو متاثر ٿي آهيان. هوءَ به پنهنجي زمين کان جلاوطن هئي ۽ مان به ساڳيو عذاب پئي ڀوڳيان. هيٺين سٽن ۾ سندس احساس ڏسو: جڏهن اڃا تخليقِ ڪائنات ۾ ڪجهه دير هئي، آدم کي اڃا خاڪ جي پوشاڪ نه پهرائي وئي تنهن ويل مون پنهنجي خالق جو آواز ٻڌو ۽ لبيڪ چيو؛

تنهن کان پوءِ هن مٽيءَ سان منهنجو رشتو مضبوط ٿيو

۽ منهنجي پنهنجي زمين سان نسبت شروع ٿي.

جيڪڏهن انهن احساسن کي ڀٽائيءَ جي زبان ڏجي ته هيئن ٿيندو؛

نه ڪا ڪن فيڪون هئي، نه ڪو لڱ لحم،

بنيو هو نه بت ۾، اڃا ڪي آدم،

مون توهين سين سڱ، اها ساڃاءَ سپرين.

جلاوطنيءَ جي دوران هميشه وطن جي اڪير ۽ واپس ورڻ جو الڪو هيس، توڙي جو طاقتور ڌرين کيس سختيءَ سان منع ڪيس ته اوهان جو پاڪستان اچڻ توهان جي جان لاءِ خطري جو باعث آهي، اسان توهان جي تحفظ جي ڪا ذميداري نه ٿا کڻي سگهون، تنهن هوندي به انهن کي کليو جواب ڏنائين ته هرصورت ۾ وطن واپس اچڻ ٿي چاهيان. هوءَ جلاوطنيءَ جي ڪرب ۽ پنهنجن کان دوريءَ جي احساسن جو اظهار پنهنجي طويل نظم (جيڪو هن مشهور صحافي خالد حسن جنهن منٽو ۽ فيض احمد فيض جا ترجما به ڪيا آهن ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهيو آهي ۽ ڪتاب پڻ لکيا اٿس کي ۲۱ جون ۲۰۰۳ تي ميل ڪيو هو) ۾ هن ريت ڪري ٿي:

منهنجو ابدي گهر منهنجي دل جي ڌڙڪن کان به وڌيڪ

منهنجي ويجهو آهي

مان ڪڏهن آزاد ٿينديس

مون کي لاڙڪاڻي وڃڻو آهي

پنهنجي ڏيهه

پنهنجن پيارن ڏانهن

سرزمين عرب کان مادر وطن ڏانهن

منهنجا وار سفيد پيا ٿين

چهرو غمزده آهي

رات جو خوابن ۾ 

۽ ڏينهن ۾ خبرن جو انتظار

ڪڏهن ايندو ڪو پيغام

جيڪو مونکي هتان وٺي وڃي

پنهنجن ڏانهن.

انتهائي دلير ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ کي به جلاوطنيءَ جي عذاب جهوري وڌو. هن کي پڪ هئي ته پاڪستان ورڻ منهنجو موت آهي پر هن هر حال ۾ پاڪستان موٽڻ پئي گهريو. لاڙڪاڻي جي اڪير هن کي لنڊن ۽ دبئيءَ ۾ سک جو ساهه کڻڻ ڪونه پئي ڏنو. هن وڙهي مرڻ کي ترجيح ڏني، بلڪل پنهنجي پيءُ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان ارڏي هئي. کيس موت جو اڳواٽ اندازو هيو، ڇوته هوءَ پاڪستاني سياست جي خونخوار آدمخورن کان چڱيءَ ريت واقف هئي.

The struggle BHUTTO for power DYNASTY in Pakistan.

جي مصنف اوون بينٽ جونز هڪ جاءِ تي لکي ٿو ته؛ پاڪستان واپس اچڻ کان پهريان هو آمريڪا جي شهر ڪولوراڊو کان ايسپن وڃي رهي هئي، ان فلائٽ ۾ آمريڪي سفير زلمي خليل زاده ۽ ان جي گهرواري به محو سفر هئي، جهاز جي ميزبان محترمه کي تندور مان تازا پڪل ڪوڪيز کارائڻ جي پيشڪش ڪئي، جنهن جو پاڻ وڏي شائستگيءَ سان کائڻ کان انڪار ڪندي چيائين ته اڄ ڪلهه مان پنهنجو وزن گهٽ ڪري رهي آهيان پر وري ٻن سيڪنڊن کان پوءِ ايئرهوسٽس کي واپس اچڻ جو اشارو ڪندي چيائين چڱو ڀلا کڻي اچو ان سان ڪهڙو فرق پوندو “مون کي ته چند مهينن ۾ مري وڃڻو آهي. “ ڪمال حيرت جي ڳالهه ۽ دليريءَ جي انتها آهي ته اهڙي پڪي پختي اندازي کانپوءِ به وطن ورڻ کي ترجيح ڏنائين.

تاريخ ۲۶ ڊسمبر ۲۰۰۷ جي رات جڏهن محترمه ڊگهي سفر کان پوءِ اسلام آباد جي زرداري هائوس پهتي ته ISI جو سربراهه نديم تاج سندس ملاقات لاءِ پهتو ۽ پيغام موڪليائين ته ضروري ڪم آهي، ان ڪري منهنجو محترمه سان ملڻ ضروري آهي. جواب آيو ته محترمه ٻه ڪلاڪ آرام ڪندي، ان کان پوءِ اوهين ملي سگهو ٿا. رات جو ڏيڍ وڳي رحمان ملڪ جي موجودگيءَ ۾ هيءَ ملاقات ٿي، هتي به ساڳي ڳالهه دهرائي ويئي ته اوهان جي جان کي خطرو آهي، ڪوئي اوهان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. نديم تاج جي ڳالهه ٻڌندي ئي محترمه محسوس ڪيو ته ڪٿي مون کي پروگرام منسوخ ڪرڻ لاءِ ڊيڄاريو ته نه پيو وڃي. محترمه کيس چيو ته توهان خودڪش بمبار جي باري ۾ ايتري ڄاڻ رکو ٿا ته پوءِ ان کي گرفتار ڇونه ٿا ڪريو؟ جنرل جواب ڏنو ته هي ناممڪن آهي، ڇو ته ايئن ڪرڻ سان اسان جي وسائل جا راز افشا ٿي پوندا. هيءَ هڪ حيرتناڪ ڳالهه آهي ته راز افشا ٿيڻ جي پرواهه ته آهي پر محترمه جي جان جي پرواهه نه پئي ڪئي وڃي. ان تي محترمه چيو توهان سيڪيورٽيءَ ۾ اضافو ڪيو، نه فقط منهنجي پر منهنجن ماڻهن جي حفاظت کي به يقيني بڻايو. جنرل واعدو ڪيو ته هو ان لاءِ پنهنجي پوري طاقت ڪم آڻيندو ۽ پوءِ لياقت پارڪ ۾ جيڪا سيڪيورٽي ڏني وئي، تنهن کي پوري دنيا ڏٺو. ساري دنيا سوڳ ۾ وٺجي وئي، سنڌ تي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو ۽ دنيا جي هڪ انتهائي دلير ۽ موت سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ واري رعبدار ۽ گرجدار آواز جي مالڪ، جا ڳالهائيندي هئي ته ان جي للڪار ڄڻ دشمنن تي وڄ ٿي ڪرندي هئي، سا هميشه لاءِ خاموش ٿي وئي ۽ پنهنجي پٺيان بهادري، همت ۽ حوصلي جا روشن باب ڇڏي ويئي.

جان جان هئي جئري، ورچي نه ويٺي،

وڃي ڀون پيٺي، سڪندي کي سڄڻين. (شاهه) 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شھيد محترمه بينظير ڀٽو

ڪرشماتي ليڊر

گل محمد جکراڻي

وفاقِ پاڪستان ۽ جمھوريت تي يقين رکندڙ ڪرشماتي ليڊر شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت جو اڄ ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي. اڄ کان ۱۴ سال اڳ دنيا جي عظيم عورت اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو کي آمر جنرل پرويز مشرف جي دورِ حڪومت ۾ عالمي قوتن جي سازش ۽ ملي ڀڳت سان دھشتگردن ھٿان راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ ھڪ بم ڌماڪي ۽ فائرنگ ذريعي قتل ڪرايو ويو، محترمه کي اسان کان جسماني طور ڌار ٿئي ۱۴ سال گذري ويا پر اڄ به هوءَ پاڪستان جي ڪروڙين ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهي. ۲۷ ڊسمبر پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي. جنهن ڏينهن محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڪروڙين چاھيندڙن ۽ پارٽي ڪارڪنن کي روئاريندي ھن فاني دنيا مان ھميشه لاءِ رخصت ٿي وئي. ظالم ۽ سازشي ڪردارن، عوام جي محبوب اڳواڻ ۽ پاڪستان جي چئني صوبن جي زنجير محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان ڌار ڪري ڇڏيو. شھيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي عظيم والد قائدِ عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نقشِ قدم تي ھلندي پنهنجي سموري زندگي غريب ۽ ڏتڙيل عوام جي نانءُ ڪري چڪي ھئي. ھن عظيم اڳواڻ پنهنجي سموري حياتي عوام جي حقن ۽ جمھوريت جي بحاليءَ لاءِ  جدوجهد ۾ وقف ڪري ڇڏي ھئي. شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جنرل ضياءَ کان وٺي جنرل مشرف جي ظلمن ۽ جبر جو مقابلو ڪيو ۽ ملڪ اندر جمھوريت جي بحالي، قانون ۽ آئين جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري ھميشه لاءِ  امر ٿي وئي.

محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ان وقت شروع ڪيو، جڏهن آمر جنرل ضياءَ الحق پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني چيئرمين ۽ پاڪستان جي پھرين چونڊيل وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لا نافذ ڪري ڇڏي. جنرل ضياءَ ھڪ ڪوڙي قتل جي ڪيس ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسائي ڪورٽن ذريعي ڦاسي ڏياري شھيد ڪرائي ڇڏيو. بھرحال شھيد ڀٽو جي شھادت کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڏکن واري زندگي ۽ سياسي سفر جي شروعات ڪئي. شھيد راڻي بينظير ڀٽو پنهنجي عظيم ماءُ بيگم نصرت ڀٽو سان گڏجي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڪمان سنڀالي ورتي. اھڙي طرح ھن پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۽ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ھن پنهنجي والد شھيد ڀٽو ۽ پاڪستان جي غريب عوام سان جيئڻ مرڻ جو وچن ڪري آمر جنرل ضياءَ جي ھر ڏاڍ ۽ ظالم خلاف مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سازشي قوتن ملڪ جي محنت ڪش ۽ غريب عوام سان پيار ڪندڙ دنيا جي مقبول ترين ليڊر محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪري شھيد ڪرائي ڇڏيو. اڄ ھوءَ اسانجي درميان موجود نه آهي پر ھن جي مشن ۽ ڏسيل واٽ اسان وٽ موجود آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکڻ لاءِ پيپلز پارٽي جا لکين ڪارڪن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ جدوجهد ڪري رھيا آهن. محترمه بينظير ڀٽو جي اڌ ۾ ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏينهن رات محنت ڪري رھيو آهي. ھن دفعي ۲۷ ڊسمبر تي ڳڙھي خدا بخش ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي ھڪ عظيم الشان ۽ تاريخي جلسو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پارٽي جا ھزارين ڪارڪن ۽ شھيد راڻيءِ جا عقيدت مند شريڪ ٿي پنهنجي محبوب ليڊر کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهن.  

اڄ محترمه بينظير ڀٽو جي وڇوڙي کي ۱۴ سال گذري چڪا آهن، پر ھوءَ اڄ به ڪروڙين عوام جي دلين تي راڄ ڪري رھي آهي. شھيد بينظير ڀٽو جنرل ضياءَ الحق کان وٺي جنرل مشرف جي سازشي ۽ سامراجي قوتن جي ھر ظلم ۽ جبر جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو. شھيد بينظير ڀٽو جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي دور ۾ تقريباً ساڍا پنج سال قيد ۽ سختيون برداشت ڪرڻ کان علاوه محترمه بينظير ڀٽو ۱۹۸۴ع کان ۱۹۸۵ع تائين جلاوطنيءَ جا ڏينهن به ڏٺا. ان دوران بدقسمتيءَ سان شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڀاءُ مير شاھنواز ڀٽو کي سامراجي قوتن جي سازش سان زھر ڏياري شھيد ڪرايو ويو. ان وقت شھيد بينظير ڀٽو پنهنجي ڀاءُ مير شاھنواز ڀٽو جي ميت کڻائي پاڪستان آئي. پنهنجي نوجون ڀاءُ جي تدفين ۽ باقي رسمن ۾ شرڪت ڪئي، پر ظالم ۽ جابر جنرل ضياءَ ظالمانه ڪارروائي ڪندي محترمه بينظير ڀٽو کي ھڪ مھيني لاءِ  نظربند ڪري ڇڏيو. اھڙي طرح نظربندي جي دوران شھيد راڻيءَ کي زبردستي ٻيھر پاڪستان کان جلاوطن ڪري ٻاھرين ملڪ موڪليو ويو.

تاريخ ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جلاوطني کي ختم ڪري پنجاب جي گادي واري شھر لاهور پھتي، جتي ان وقت تقريباً ۱۰ لک کان مٿي عوام ۽ پارٽيءَ جي ڪارڪنن پنهنجي محبوب ليڊر جو تاريخي ۽ شاندار استقبال ڪري اسلام آباد جي ايوانن کي لوڏائي ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو جي ملڪ واپسي کانپوءِ سياسي ماحول ۾ گرما گرمي پيدا ٿي ۽ بين الاقوامي سطح تي به ھن پنهنجي سياسي ساک کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪري ورتو. چوندا آهن ته الله پاڪ وٽ دير آهي انڌير ناهي. ھڪ ظالم ۽ جابر حڪمران جنرل ضياءَ جو خاتمو ۱۹۸۸ ۾ ھڪ جھاز حادثي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ھو سڙي تباھ ٿي ويو. اھڙي طرح دنيا جو ماڊل ڊڪٽيٽر پنهنجي منطقي انجام تي پھتو. جنرل ضياءَ جو آخري ديدار به ڪوئي نه ڪري سگھيو. جنرل ضياءَ کانپوءِ ۱۹۸۸ ۾ ملڪ اندر عام چونڊون ڪرايون ويون. چونڊ نتيجن ۾ پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽن تي سوڀاري ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي کان پوءِ دنيا جي پھرين مسلمان عورت محترمه بينظير ڀٽو ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ تي پاڪستان جي وزيراعظم بڻجي. محترمه بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پھرين مسلمان عورت وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻي عالمي دنيا خاص ڪري عالم اسلام ۾ ھڪ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.  

تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسو ته پوري دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي مشهور اڳواڻن کي قتل ڪيو ويو، پر پاڪستان اندر شھيد ڀٽو ۽ ان جي خاندان سان جيڪي ظلم ۽ زيادتيون ٿيون آهن، ان جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي سگهي. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي ڏيئي شھيد ڪيو ويو، جڏهن ته محترمه بينظير ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ مير شاھنواز ڀٽو کي بيدرديءَ سان قتل ڪري شھيد ڪيو ويو. محترمه بينظير ڀٽو جي شھادت دنيا جي وڏن صدمن مان آهي، ان ڪري اڄ به پوري دنيا ۽ خاص ڪري پاڪستان جو غريب عوام شھيد بينظير ڀٽو کي ساريندي روئندو آهي. شھيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ وڏا ڏک ۽ صدما ڏٺا. ھن ھڪ ڌيءَ جي حيثيت سان پنهنجي عظيم والد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو مٿان ظلم ۽ زيادتين کان علاوه ڦاسيءَ جي تختي تي چڙھندي ڏٺو، ھڪ ڀيڻ جي حيثيت سان نوجوان ڀائرن کي شھيد ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي ھٿن سان دفنايو. ان کان علاوه پنهنجي عظيم والده مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو کي زخمي ٿيندي ڏٺو ۽ پنهنجي ور آصف علي زرداري کي قيد ۽ تڪليفن ۾ ڏٺو.

شھيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگي ۾ وڏا ڏک ۽ صدما ڏٺا، آخرڪار پاڻ به ظالمن ۽ جابرن سان مقابلو ڪندي حق ۽ سچ جي راھ تي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري شھيد ٿي وئي، هن جي شھادت دنيا جي ڪروڙين ماڻهن خاص ڪري سنڌي ماروئڙن کي روئاري جھور ڪري ڇڏيو آهي، محترمه بينظير ڀٽو ھن ملڪ جي چئني صوبن جي زنجير ھئي، ان کي ظالمن قتل ڪري اسان کان ھميشه جدا ڪري ڇڏيو. اڄ شھيد بينظير ڀٽو جسماني طور اسان وٽ موجود نه آهي پر ھوءَ مظلوم ۽ محڪوم ماڻھن جي صورت ۾ موجود آهي ۽ رھندي اسان کي يقين آهي ته ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن ھڪ پيغام کڻي اڀرندو ۽ موجوده مڙهيل حڪومت جو خاتمو ٿيندو، ان جو واضح مثال خيبرپختونخوا ۾ پھرين مرحلي ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن جا نتيجا آهن، ڪي پي ڪي جي ۱۷ ضلعن ۾ اليڪشن ڪرائي وئي، انهن ضلعن ۾ سليڪٽيڊ حڪمران پارٽي جي تڏا ويڙھ ٿي ۽ پي ٽي آءِ وارن جو جيڪو حشر ٿيو آهي، اھو سڀني جي سامهون آهي، بلدياتي اليڪشن جي نتيجن سان اھا ڳالهه واضح ٿي وئي ته ۲۰۱۸ واري اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ڌانڌلي جي ذريعي ۽ غير جمھوري قوتن جي مدد سان اقتدار تي قابض ٿي، بھرحال خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ سان گڏوگڏ پاڪستان پيپلز پارٽي جي به ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي، ان ڪري پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ان طرف توجه ڏيڻ گھرجي ۽ پارٽي کي “ڪور ڪميٽي” يا مخصوص ماڻهن جي چنبي مان آزاد ڪري ھڪ حقيقي جمھوري ۽ عوامي پارٽي بڻائڻ لاءِ پارٽي عھدا يا ٽڪيٽ ميرٽ جي بنياد تي ڏنا وڃن، بلاول ھائوس جا دروازا پارٽي ڪارڪنن لاءِ  کوليا وڃن ته جيئن پارٽي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي legacy جي مطابق پنهنجو منزل ماڻي سگهي، اميد ٿا ڪريون ته اڄ شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي شھادت واري ڏھاڙي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شھيد ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي فڪر کي سامهون رکندي ملڪ ۽ پارٽي جي بھتر مفاد لاءِ نئين حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ويندو.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شهيد راڻي

تو کي سُرخ سلام

استاد لغاري

جڏهن به ڊسمبر جو مهينو ايندو آهي ته اسان جي من اندر، عجيب قسم جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندي آهي. اهو ان ڪري جو ڊسمبر هميشه اسان لاءِ المناڪ وڇوڙا آندا آهن. جيئن ته اڄ ۲۷هين ڊسمبر آهي، انهيءَ تاريخ تي، ايشيا جي عظيم اڳواڻ، رهبر ۽ ليڊر محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جامِ شهادت نوش فرمايو هو. مسلمان ملڪن جي مدبر ۽ ننڍي ۾ ننڍي عمر واري دنيا جي پهرين وزيرِاعظم جو اعزاز رکندڙ، شهيد راڻي هزارين اکڙيون آليون ڪري، ارمان جي آغوش ۾ هلي وئي هئي. ڏٺو ويو آهي، ته انساني تاريخ ۾ سُقراط کان وٺي حضرت عيسيٰ عه تائين ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي شهيد راڻي تائين، هڪ منصوبي تحت انياءُ ۽ اتياچاريءَ جو سلسلو جاري و ساري آهي. اُها گولي جيڪا گانڌي، لياقت علي خان ۽ شيخ مجيب الرحمان کان ٿيندي، شهيد راڻي تائين پهتي آهي، خبر ناهي ته اڃان الائي ڪيتريون حياتيون ڳڙڪائيندي؟

اي تاريخ جا تاريڪ ترين دور! اسين ايستائين ته مڃڻ جي لاءِ تيار آهيون، ته تو اسان کان اسان جا عظيم رهبر، رهنما ۽ ليڊر کسيا آهن. انهن کي گولين، گھاڻن ۽ ڦاسين وسيلي ابدي ننڊ سمهاريو آهي. پر هڪ ارب سالن تائين به اسان اهو تسليم نه ڪنداسين، ته اوهان سچ جي ساهميءَ کي آڏو رکي، ڪو انصاف ڪيو آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي، ته “سچ به مايا آهي. انهيءَ سچ جي لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهيءَ سچ اتهاس جي پهراڻ تي رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهو وهايو آهي. ڪالهوڪو سچ، اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ سُڀاڻي جو سچ ناهي. “انساني تاريخ ۾ اسان سنڌين ڪڏهن به ڪنهن نياڻيءَ تي هٿ نه کنيو آهي. بلڪه اوڏانهن آڱر به اُڀي ڪو نه ڪئي آهي. پر افسوس! اڄ اسان پنهنجي تهذيب جو تماشو پاڻ ڏسي رهيا آهيون. شايد اسان سُڌري نه رهيا آهيون! بلڪه ويتر وڌيڪ بگڙي رهيا آهيون. اسان دنيا جي سمورن مذهبن کي محبت سيکاري آهي. پيار، پاڻ ارپڻ ۽ امن جي جذبي جو درس ڏنو آهي.

اي ڊسمبر ۽ اپريل جا المناڪ مهينا! اسان اوهان جي اچڻ وقت، اکيون ڇنڀڻ ڇڏي ڏيندا آهيون. اسان هاڻي ڪانگن، نانگن، ڳوهن، ڳجھن، ڄرڪن، واڳُن، واگھُن، بگھڙن، راڪاسن ۽ برڙباڪاسن کي به پنهنجو خيرخواهه سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇو جو اهي جيوَ ۽ جاندار ايترا نقصانڪار، خطرناڪ ۽ وڏا وحشي ناهن رهيا، جيترا اوهان ٻيئي مهينا ٿي چڪا آهيو. اسان اپريل ۾ زوري شهيد ڪيل ذوالفقار علي ڀٽو جو سوڳ ملهائيندا آهيون ۽ ڊسمبر ۾، چوري شهيد ڪيل محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جو داغ سيني ۾ سانڍي، ڪارا ڪپڙا ڪندا آهيون. “داغ سيني پر غم ڪا هي! ماتم ڪا هي!” مون پنهنجن ناحق شهيد ڪيل ليڊرن تي لکڻ ڇڏي ڏنو هو، ڇو جو ان معاملي ۾ آئون تمام گھڻو حساس ۽ جذباتي ٿي ويندو آهيان. لفظ منهنجو ساٿ ڇڏي ڏيندا آهن. پر جڏهن به قلم جي نوڪ مان نڪرندا آهن، ته اهي منهنجو هنيانءُ ڪوري ڪڍندا آهن. منهنجا لکيل لفظ ڪربلا ۽ ڪيڏارا ٿي پوندا آهن. ڇا ايشيا جي عظيم ليڊرن جي مقدر ۾، صرف گوليون ۽ ڦاسيون ئي لکيل آهن؟ ڪاش! مان اوهان کي ڏيکاري سگھان ها، ته اسان جو اندر اڌواڌ ٿيل ڪيئن آهي! لهولهان ٿيل ڪيئن آهي! ۽ رت ورتو ٿيل ڪيئن آهي!

اي ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه! توکي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو. تون جو امر ۽ زنده جاويد ٿي چڪي آهين. تنهنجو قاتل ملعون جيڪو به آهي، اهو تاريخ ۾ تباھ و برباد ٿي چڪو آهي. مٽي جي چپٽي ۽ خاڪ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي. اي شهيد راڻي! مون کي جو ڪجھ لکڻ کپندو هيو، سو آئون اڃان لکي نه سگھيو آهيان. آئون پنهنجي ڪوتاهي قبول ڪريان ٿو. اَنياءُ جي معاملي ۾، آئون گھڻو ڪجھ لکي نه سگھندو آهيان. شيخ اياز پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ لکيو هو: “ڊسمبر جي رات ڊگھي ٿيندي ٿي وڃي. سمونڊ کي ننڊ اچي رهي آهي. منهنجي عشق ۽ محبت جي ڪشتي ٽُٽي پئي آهي. اي ڊسمبر! ٺهيو، تنهنجو منهنجو حساب چُڪتو. هاڻي اجائي آهي فهرست ٺاهڻ تنهنجي ڏنل ڏکن جي، سُورن جي ۽ دردن جي. “

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شهيد بينظير ڀٽو

ڪاش محترمه جا قاتل گرفتار ٿين ها... !

عبدالوھاب منشي

اڄ ۲۷ ڊسمبر جو ڏينهن وري اچي ويو. اڄ پيپلز پارٽي ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ وڏو جلسو سجائيندي. اڄ وري جيالا پنهنجي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي روح سان عهد وفا ڪندا. اڄ وري پيپلز پارٽي جي قيادت صف ماتم وڇائيندي. اڄ بي بي جا وڏا وڏا پورٽريٽ، تصويرون رکي ميڻ بتيون روشن ڪيون وينديون، ضرور ان عظيم عورت کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. بينظير ڀٽو واقعي هڪ عالمي ليڊر هئي. هاڻ ٻيهر بينظير صدين تائين جنم نٿي وٺي سگهي. ها اڄ کان ۱۴ سال پهرين هن ڌرتي جي هر گهر ۾ شهيد بينظير ڀٽو جو تعزيتي فرش وڇايو ويو هو. هر اک آلي هئي، هر دل سوڳوار ۽ غمگين هئي. اسان مان هر هڪ جي ڪيفيت اهڙي ئي هئي، ڇوته بينظير ڀٽو ڪا عام عورت نه هئي، هوءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي محبوب ڌيءَ ۽ هن ملڪ جي عظيم، دلير ليڊر هئي. ضرور بينظير ڀٽو جي سياست سان اختلاف رکي سگهجي ٿو پر ان جي ليڊرشپ، وزن، آئيڊيولاجي ۽ ان جو عورت ٿي هڪ مرد کان وڌيڪ دلير هئڻ کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي.

سال ۲۰۰۷ع واري بينظير ڀٽو هڪ مڃيل سياستدان، بي خوف، نڊر ۽ هڪ ميچوئر قيادت بڻجي سامهون آئي هئي پر ظالم قوتن هڪ عورت کي لياقت باغ ۾ شهيد ڪري تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو ۽ قاتل پاڻ تاريخ جي راهن ۾ خوار ٿي ويو. بينظير ڀٽو جي شهادت، قاتلن جو اڄ تائين گرفتار نه ٿيڻ، پاڻ تاريخ جي مورخ جي سامهون ڪنهن وڏي سوال کان گهٽ نه آهي. اسان سڀ بينظير ڀٽو جي قتل جي معاملي ۾ تاريخ جا مقروض آهيون. اسان تاريخ جي سامهون جوابده آهيون، ايتري وڏي ليڊر جا قاتل اسان ڇو تلاش ڪرڻ ۾ ناڪام وياسين. جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني جي نتيجي ۾ هن ملڪ جي عوام پيپلز پارٽي کي پهريون ڀيرو هڪ منظم اقتدار فراهم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ۲۰۰۷ع کانپوءِ ملڪ جو اقتدار وڏي احسن طريقي سان پيپلز پارٽي جي حوالي ڪيو ويو. آصف علي زرداري کي هڪ وصيت تحت پارٽي جو ڪو چيئرمين ۽ ملڪ جو صدر بنايو ويو، مخدوم يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو، چئني صوبن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جو پوري پيپلز پارٽي تي مڪمل ڪنٽرول رهيو. پوءِ به اڄ ڏينهن تائين عظيم پيءُ جي ڌيءَ جا قاتل ڇو گرفتار نه ٿي سگهيا؟ هي سوال اسان جي سياسي تاريخ جو هڪ الميو بڻجي چُڪو آهي. اڄ پوري قوم ڪراچي کان خيبر تائين جي ماڻهن جو هڪ سوال آهي، ڇا شهيد بينظير جو خون رائيگان ٿي ويو؟ ڇو بي بي جي قتل ڪيس جي مالڪي نه ڪئي وئي. اڄ تائين موجوده قيادت بي بي شهيد جي نالي جي ثمر ۽ اقتدار جو مزو وٺي رهي آهي. اڄ به پوري سنڌ ۾ توهان جي حڪومت آهي، ڇا توهان عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪيو، نه هرگز نه، اسان سڀ تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ضرور جوابده آهيون، آئون پاڻ راقم تاريخ ۾ پنهنجو پاڻ کي جوابدار تسليم ڪريان ٿو، اسان شهيد راڻي جي قاتلن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. پوري سنڌي قوم، پوري ملڪ جي عوام تاريخ جي مورخ جي سامهون جوابده آهي. پ پ قيادت کي بي بي شهيد راڻي جي نالي سڀ ڪجهه مليو، پر ان هوندي به بينظير ڀٽو جي قتل سان انصاف نه ٿي سگهيو. اسان روزِ محشر ڪهڙو جواب ڏينداسين، اسان ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان ۾ انهن چئن قبرن سان ڪيئن اکيون ملائينداسين؟ ڪيئن اسان ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻي جي رستن تي انهن نعرن جي سماعت ڪنداسين، جڏهن هڪ غريب هاري پنڌ بي بي جي قبر تي حاضري لاءِ پهچي ٿو، جنهن جو هي نعرو هوندو، “بي بي هم شرمنده هين، تيري قاتل آج بهي زنده هين. “

اڄ ۱۴ سال گذري ويا آهن، سنڌ ۾ ڪيترائي قتل ٿيل ۽ ڪيترن ئي قتلن جو انصاف ٿي چُڪو پر اسان بي بي جي قتل جو انصاف نه ڪري سگهياسين، افسوس ته موجوده قيادت شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي پيروي نه ڪئي! مون کي اڄوڪي ڏينهن هي ڏک، افسوس ۽ زخمي دل سان اهو لکڻو ٿو پوي ته ڪاش بي بي جي قتل جي بهتر انداز ۾ پيروي ڪئي وڃي ها!

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شھيد محترمه

تو کي سنڌ سدائين ساريندي رهندي... !

محمد فاروق ٻرڙو

اڄ وري ۲۷ ڊسمبر، اتر جا واءَ کڻي اسان جي زخمن تي ھڪ ڀيرو وري ٻيهر لوڻ ٻرڪڻ آيو آهي، ھا اھو ئي آهي ڊسمبر جنهن اسان کي ھميشه ھنيانءُ ڏاريندڙ گھاءُ ڏنا آهن، اھي ئي ٿڌيون هوائون جيڪي دلبريون وکيرينديون آهن، انھيءَ ٿڌيءَ ھوا گھلندي گھلندي ناز ۽ ناچ ڪندي اسان کان ھڪ عظيم تر ماءُ، عظيم تر ڀيڻ کسي، ھا ھي ظالم ڊسمبر آهي جنهن ھن ڏتڙيل بي سھارا قوم سان ھيڏو قھر ڪيو.

شهيد راڻي بينظير ڀٽو ۲۱ جون ۱۹۵۳ع تي سنڌ جي نالي واري ۽ مشهور سياسي ڀٽو خاندان جي گھر ۾ پيدا ٿي، شهيد راڻي ۱۵ سالن جي ڄمار ۾ او ليول جو امتحان پاس ڪيو، اپريل ۱۹۶۹ع ۾ محترمه ھارڊ ورڊ يونيورسٽي جي ريڊ ڪلف ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتان ۱۹۷۳ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ گريجوئيٽ ڪئي، ان کان پوءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتائين، جتان ان فلسفو معاشيات ۽ سياست ۾ ايم، اي ڪئي، ان دوران بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونيورسٽي جي صدر به رهي.

شهيد راڻي بينظير ڀٽو برطانيه مان تعليم حاصل ڪري ان خيال سان موٽي آئي ته پنهنجي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۾ خدمتون ڏئي سگھي، جون ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن محترمه ملڪ پھتي ته ٻن ھفتن بعد هن جي والد محترم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪري جنرل ضياءُ الحق ان وقت حڪومت پنهنجي قبضي ھيٺ آندي ۽ محترمه بينظير ڀٽو ان وقت جي آمر خلاف جدوجھد ڪندي رهي، ۱۹۸۱ع ۾ مارشل لا جي خاتمي ۽ جمھوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي اتحاد ٺاهيو، ۱۹۸۳ع ۾ ۱۴ آگسٽ کان ڀرپور جدوجهد شروع ٿي، ۱۹۸۴ع ۾ بينظير ڀٽو کي جيل مان آزادي ملي ۽ محترمه کي ٻن سالن تائين برطانيه ۾ جلاوطن رھڻو پيو، جلاوطني دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي رھنمائن محترمه بينظير ڀٽو کي پارٽي جو سربراھ بڻايو، ملڪ مان مارشل لا ختم ڪيو ويو ته ان کان پوءِ ۱۹۸۶ع ۾ بينظير ڀٽو وطن واپس وري ته لاھور ايئرپورٽ تي هن جو تاريخي استقبال ڪيو ويو، بينظير ڀٽو جو ۱۹۸۷ع ۾ نوابشاھ جي اھم شخصيت حاڪم علي زرداري جي پٽ آصف علي زرداري سان رشتو ٿيو، ان کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جدوجهد مسلسل جاري رکي.

آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ جڏهن ان وقت جي حڪومت ختم ٿي ته ملڪ اندر سياسي ماحول تبديل ٿيو، ان وقت جي سينيٽ جي چيئرمين غلام اسحاق ملڪ جو قائم مقام صدر ٿيو ۽ هن ۹۰ ڏينهن ۾ اليڪشن جو اعلان ڪيو، ۱۶ نومبر ۱۹۸۸ع ۾ اليڪشن ٿي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جون سڀ کان وڌيڪ سيٽون پيپلزپارٽي حاصل ڪيون ۽ بينظير ڀٽو ۲ ڊسمبر ۱۹۸۸ع تي ۳۵ سالن جي عمر ۾ ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي پھرين عورت وزيراعظم طور قسم کنيو، آگسٽ ۱۹۹۰ع ۾ ۲۰ مھينن بعد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي، ۲ آڪٽوبر ۱۹۹۰ع ۾ ٻيھر اليڪشن ٿي، جنهن ۾ نوازشريف وزيراعظم ٿيو ۽ ۱۹۹۳ع ۾ نئين اليڪشن ٿي جنهن ۾ وري محترمه بينظير ڀٽو ٻيھر ڪامياب ٿي، ۱۹۹۶ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي وئي، ان کان پوءِ محترمه مسلسل جلاوطن رھي.

شهيد راڻي پنھنجي ٻنهي دورن ۾ ملڪ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي، محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڪوشش سان پاڪستان جي بقا لاءِ نه رڳو امداد بلڪه حقيقي طور خاص انداز ۾ معيشت کي بهتر بنائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، محترمه بينظير ڀٽو اسٽاڪ ايڪسچينج کي جديد بڻايو ۽ خانداني رٿابندي جي ڪم لاءِ ھڪ لک عورتن کي سکيا ڏني، ۳۰ ھزار نوان پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ٺھرايا، جيڪو تعداد ٻن عھدن دوران ۴۸ ھزار اسڪولز تائين وڃي پهتو ۽ ان ڳالھ ته ٻارن ۾ پڙھائي واري شرح وڌائڻ جو سڀ کان ڪارائتو طريقو ماءُ جو پڙھيل لکيل ھئڻ ضروري آهي، تنھن ڪري عورت کي سامھون رکندي کين فائدو ڏيندڙ تعليمي پروگرام شروع ڪرايا، ڪمپيوٽر تعليم ۽ سافٽ ويئر ادارن کي متعارف ڪرايو، ٻارن کي پوليو کان بچائڻ لاءِ عالمي سطح تي مسلسل جدوجهد ڪئي ۽ ڪافي ٻارن کي پوليو جي موذي مرض کان بچايو، ۱۹۹۵ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو واشنگٽن کان مليل ۳۶ ڪروڙ اسي لک ڊالرن جي نئين فوجي ھٿيارن ۽ سامان جي بندوبست سان موٽي آئي ھئي، محترمه جي اڳواڻي ۾ فوجي ۽ پوليس عالمي امن رکندڙ جٿن واري مشن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي، انھيءَ عمل سان انھن ۾ فخر ٿيو ته دنيا ھنن جي عزت ڪري ٿي ۽ پاڪستان دنيا ۾ ٻين امن قائم رکندڙ وفدن ۾ سٺن وفدن مان ھڪ آھي.

محترمه بينظير ڀٽو جلاوطن ھوندي به ملڪ جي خدمت ڪئي، ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي پاڪستان واپس موٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ لکين ماڻهن ھن جو استقبال ڪيو، بينظير ڀٽو جو قافلو شاھراھ فيصل تي مزار قائد طرف وڌي رهيو هو ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ محترمه سلامت رهي، پر ان ۾ تقريبن ۱۷۹ ماڻھو شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، ۱۸ آڪٽوبر کان پوءِ به سڀني جا حوصلا بلند رهيا، محترمه ڪافي شھرن ۾ تاريخي جلسا پڻ ڪيا، جمھوريت جي علم کي اونچو ڪيو، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي محترمه جو راولپنڊيءَ ۾ تاريخي جلسو ھو، جنھن کي خطاب ڪري جيئن ئي لياقت باغ کان ٻاهر نڪتي ۽ ڪارڪنن کي نعرن جو جواب ڏيئي رھي ھئي ته نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي وئي، جمھوريت جي علمبردار ساھ ته ڏنو پر قوم کي ويساھ ڏئي وئي ته جمھوريت ئي بھترين پلاند آهي، شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي مسلسل جدوجهد جنهن ۾ ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع تاريخي حيثيت رکن ٿا، پر ۱۸ آگسٽ ۲۰۰۸ع به پاڪستاني تاريخ ۾ ھڪ اھم ڏينھن ھو، آمريت جو وات بند ڪرڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھ نه آهي، پر شهيد راڻي آمرن کي للڪاريو ان جي مقصدن کي پورو ڪرڻ نه ڏنو ۽ ھن قوم کي جيئڻ جو حق ڏياريو.

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي سڄي زندگي جدوجهد جي حوالي رهي، جڏهن شهيد راڻيءَ سياست ۾ پير پاتو، تڏهن کان ھن کي رڳو شهيدن جا لاش وصول ڪرڻا پيا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي نياڻي پنڪي کي ھڪ خط ۾ لکيو ته “تون ۽ انڌرا گانڌي ۾ صرف ايترو فرق آهي جو تو کي پنهنجي ملڪ ۾ آمرن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر انڌرا گانڌي کي ائين نه ڪرڻو پوندو، ان لاءِ تون دنيا جي ھڪ مثالي عورت آهي. “ ڏسجي ته اھا ڳالھ ڪيتري نه سچ ثابت ٿي، آمريت جي مخالفت پنڪي کي تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻ تي مجبور ڪيو، اھا جدوجهد دنيا ڏٺي ۽ سندس تعريف به ڪئي، ايتري تائين جو سندس مخالف به افسوس ڪري رهيا آهن ته ھن بي مثال عورت جو قدر ڪرڻ گهرجي ھا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


محترمه بينظير ڀٽو

جھموريت جي ديوي شهيد راڻي

دولت رام کتري

۲۰۰۷ع  وارو سال پنهنجي موڪلاڻي محل دنيا کي هڪ اهڙو درد ڏئي ويو جيڪو درد هر ماڻهو جي رو رهجي ويو آهي ۽ ذهن ۾ ضم ٿي ويو آهي، اهو درد شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت جو درد هو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. ۲۷ ڊسمبر جو اهو منحوس (اڀاڳو) ڏڻ وري موٽي آيو آهي ۽ انهي ڏهاڙي جي موٽي اچڻ سان سنڌ جي ماڻهن جا زخم وري به تازا ٿي ويا آهن. شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ انهي جي درد جي ڪيفيت کي ڀلا ڪيئن ٿو وساري سگھجي؟ سنڌ جا ماڻهو عظيم ليڊر کي ساريندي اڄ به اوڇنگارون ڏيئي روئن ٿا.

ڌرتي جي دامن ۾ ستي منهنجي ڀيڻ

دنيا بڻجي نيڻ، روئي تنهن کي روز ٿي. (سائينداد ساند)

شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي هڪ اها عظيم ليڊر هئي جنهن پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتي جي مارو ماڻهن لاءِ شهادت جو جام پيتو ۽ هو پنهنجي ڌرتي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيئي تاريخ ۾ هميشه امر بڻجي وئي آهي، محترمه جي شهادت کي اڄ ۱۴سال گذري چڪا آهن، پر جھموريت جي ان عظيم ديوي جي ڪردار  ۽ شهادت واري واقعي کي سنڌ جا ماڻهو هرگز نه ٿا وساري سگهن. شهيد راڻي ته مظلوم ماڻهن جو ڀرجھلو هئي، سنڌ جي سڃاڻپ هئي، وفاق جي علامت هئي فڪر جي فرات هئي، ڳڻن جو ڳوٿرو هئي، آمريت جي اک جو ڪنڊو هئي دردن جي ديس جو مرهم هئي، سنڌو جي راڻي هئي، ٿر جي مارئي هئي، انساني حقن جي علمبردار هئي ۽ هو آدرشي ڪردار،  گھڻ رخي شخصيت هئي، ڇا هڪ اهڙي  عظيم ليڊر کي وساري سگهجي ٿو؟ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي عوامي سياست ڪئي. هن جو جيئڻ مرڻ عوام سان هو. هن دليري ۽ جرئت مندي سان عوامي سياست ڪئي ۽ اڄ انهي جي آدرشي سياست کي ساريندي سنڌ جا ماڻهو اوڇنگارون ڏيئي روئن ٿا ۽ هن جي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏين ٿا.

اوڇنگار جهڙي ان خبر تي ڪيئن ويساهه ڪيون ته

هوءَ هاڻ اسان ۾ نه رهي آهي

هوءَ جيڪا جابر جي اک ۾ ڪنڊي جيان سدائين رهي

ڪيئن اعتبار ڪيون ته

غريبن جي اميدن جو آخري سج اُلهي ويو؟؟

هن جي شهادت

رڳو آصفه، بختاور ۽ بلاول جي اکين لاءِ

مستقل سوڳواري نه آهي.

پر هاڻ سموري سنڌ.

ان جا خاموش پهاڙ، ساوا وڻ، اڇا ڪبوتر ۽ ڏاهپ جا حوالا يتيم ٿي ويا آهن!

اي سنڌ!

تون اڃا ڪيترن شهيدن لاءِ جھولي بڻجندين!؟ (نامعلوم شاعر)

محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن وٽ صرف سڏڪا بچيا هئا، غريب ماڻهن وٽ احساس محرومي بچي آهي ۽ انهي احساس محرومي جي ڪيفيت ۾ سنڌ جا ماڻهو اڄ پنهنجي زندگي بسر ڪن ٿاپيا.  سنڌ جا ماڻهو اڃان تائين به شهيد راڻي جي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏين ٿا ۽ جمھوري حڪومتن کي ميار به ڏين ٿا ته شهيد راڻي جا اصل قاتل اڄ ڏينهن تائين ڇو نه بي نقاب ٿي سگهيا آهن؟

راڻي تنهنجي رت مان ايندا انقلاب،

گھر گھر گلاب، هوندا تنهنجي نانءُ جا (سائينداد ساند)

شهيد راڻي ته سنڌ جي سورمي هئي. جيڪر شاهه لطيف جي دور ۾ هو شهادت ماڻي ها ته لطيف سائين “سُر بينظير” ۾ هن جي قربانين کي ڳائي، محترمه کي مارئي، سسئي ۽ نوري وانگر لازوال ڪردار بڻائي ڇڏي ها.

محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ سنڌ جيڪو ڪجھه ڀوڳيو آهي انهن جا اسين اکين ڏٺا شاهد آهيون دنيا جي هڪ عظيم ليڊر جي شهادت تي عوام جو وڏي پيماني تي رد عمل اچڻ هڪ فطري هو پر محترمه جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي ليڊر شپ جو خال پيدا ٿيو اهو خال اڃان ڀرجي ناھي سگهيو. سنڌ بلڪه پاڪستان ۾ محترمه بينظير ڀٽو جهڙو ڪو به اهڙو ليڊر نه آهي جيڪو شهيد راڻي جي ليڊر شپ جو تسلسل هجي. هن وقت سنڌ ۾ جيڪا احساس محرومي آهي اها انهي ڪري پڻ آهي جو سنڌ ۾ حقيقي ليڊر شپ جو فقدان آهي. محترمه بينظير ڀٽو سنڌ جي ماڻهن جو ڏڍ هئي سنڌ جي ماڻهن جو حوصلو هئي پر جڏهن هو اسان جي وچ ۾ ناهي رهي ته سنڌ ۾ احساس محرومي جنم ورتو آهي ڇا سنڌ جا ماڻهو مستقبل ۾ ڪنهن اهڙي ليڊر مان اميد رکي سگهن ٿا!؟ جيڪو مستقبل ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڀرجھلو ٿئي. اڄ وري به سوال اهو اڀري ٿو ته محترمه بينظير جي شهادت کان پوءِ اسان جا جيالا ۽ حڪومت ۾ ويٺل نمائندا شهيد محترمه جي نقش قدم تي ڪيترو هلي رهيا آهن؟ ڇا شهيد راڻي جي حقيقي جمهوريت وارو خواب ساڀيان ٿي سگهيو آهي؟ ڇا چونڊيل نمائندا عوام جي دردن جو درمان بڻجي سگهيا آهن!؟ اُهي سوال اهڙا سوال آهن جيڪي هر ماڻهو جي ذهن ۾ گونجن ٿا.

کين ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي ماڻهن جو ڀٽي خاندان سان ۽ پ پ سان هڪ روحاني رشتو رهيو آهي پر جڏهن هن ملڪ جي ڏکن سورن جو ذڪر ڪجي ٿو ته ماڻهن جي معاشي حالت ڏينهون ڏينهن بدتر ٿيندي پئي وڃي. شهيد راڻي کان پوءِ جمهوري حڪومتن ۾  عوام جي ڏکن سکن جو ازالو نه ٿي سگهيو آهي هن ملڪ جا ماڻهو (خاص ڪري سنڌ جا ماڻهو) وڏي مشڪلاتن جو شڪار آهن، عوام جي ڏکن سورن جي داد رسائي ڪرڻ وارو ڪو به نه آهي، مهانگائي ان حد تائين پهتي آهي، جو غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. شهيد راڻي جي شهادت کان پوءِ ۲۰۰۸ع  ۲۰۱۳ع  ۽ ۲۰۱۸ جي اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام پ پ جي اميدوارن کي انهي ڪري ووٽ ڏيئي اسيمبلين ۾ موڪليو هو ته اهي نمائندا اسانجي دردن جو درمان بڻجندا اسان جي ٻچن کي روزگار لاءِ ڪوششون وٺندا. مهانگائي۾ گھٽتائي آڻي عوام کي جيئڻ جو حق ڏيندا، شهيد راڻي جي نقش قدم تي هلي هو عوام جو ڀرجهلو ٿيندا.   جيتوڻيڪ سنڌ۾ پ پ جي سرڪار ڪجھه کاتن ۾ نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون ته ڏنيون آهن پر سنڌ پرڳڻي ۾ تمام گھڻي بيروزگاري آهي جو ماڻهن ۾ هاڻي بيروزگاري جو درد ڀوڳڻ جي سگھه ناهي رهي.

شهيد راڻي محترمه بينظير جي جمهوريت واري خواب کي ساڀيان ڪرڻ ۽ جمهوريت جي تقدس کي بحال رکڻ لاءِ موجوده صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي ڪجھه جمهوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. محترمه جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪا احساس محرومي جي ڪيفيت اڄ به قائم آهي  ته انهي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جا نوجوان جيڪي گذريل ڪيترن ئي سالن کان بيروزگار آهن ۽ نوڪريون ملڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن ته انهن بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ملڻ گهرجن. موجوده حالتن ۾ مهانگائي جي طوفان ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي انھي ڪري مھانگائي کي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي تعليمي نظام کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي سنڌ جي معدني وسيلن جي مالڪي ڪرڻ جي ضرورت آهي، اقليتن کي بنيادي حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي ماڻهن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. مٿي ذڪر ڪيل سمورا قدم سنڌ حڪومت کي کڻڻ گھرجن ڇاڪاڻ جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو هڪ خواب هو ته منهنجي ڌرتي جا ماڻهو سکيا ستابا هجن، انهي ڪري هن عظيم ليڊر جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي. شهيد راڻي جي جمھوريت واري خواب کي اسان تڏهن ساڀيان بڻائي سگھون ٿا جڏهن اسان جا چونڊيل نمائندا (حڪومتي نمائندا) محترمه جي نقش قدم تي هلي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عملي ڪوششون وٺندا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شھيد بينظير

جمهوريت جي اميد ۽ علامت

پنھنجي اخبار ايڊيٽوريل

ڪي ڪي اڳواڻ پنهنجي ڪردار سان رڳو هڪ پارٽي, هڪ ڌر، ڪنهن ڌڙي تائين محدود نه رهندا آهن پر اهي سڀني لاءِ هڪ جيترا معتبر ۽ احترام لائق ٿي ويندا آهن جن جي جدوجهد سبب اهي انسانذات، جمهوريت، بنيادي حقن لاءِ اميد ۽ علامت ٿي ويندا آهن. شهيد محترمه بينظري ڀٽو کي به بلاشڪ عالمي اڳواڻن جي اهڙي فهرست ۾ ڳڻي سگهجي ٿو جنهن نه رڳو پاڪستان بلڪه سڄي دنيا جي انسانن جي عزت لائق زندگي لاءِ جدوجهد ۾ گذاري ڇڏي، هن جي جاکوڙ، جدوجهد يا ڪردار دنيا جي هر ڪنڊ ۾ جمهوريت لاءِ جاکوڙيندڙن لاءِ علامت بڻجي وئي آهي. هو رڳو ماروي ملير جي نه هئي پر هو انهي جمهوريت جي به اميد هئي جنهن لاءِ اڄ به پاڪستان ۾ هر طريقي سان جاکوڙ جاري آهي. اڄوڪو ڏانهن اهو اڀاڳو ڏينهن آهي جنهن تي جمهوريت جي دشمنن مٿس حملو ڪيو ۽ کيس شهيد ڪري ڇڏيو تنهن ڪري جيڪڏهن انهي جي شهادت کي جمهوريت جي اميد جي  قتل جي ڪوشش چئجي ته غلط نه ٿيندو پر ڇا اميد ۽ علامتن کي به قتل ڪري سگهجي ٿو؟

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سڄي سياسي زندگي انهي عوام جي آزادي ۽ جمهوريت لاءِ گذري جيڪي اڄ به انگ اگهاڙا آهن جيڪي اڄ به ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن جن جي اظهار تي اڄ به پابنديون آهن. هو جيڪا پاڪستان ۾ چئني صوبن جي زنجير سمجهي ويندي هئي، هوءَ جيڪا وفاق جي علامت سمجهي ويندي هئي، هوءَ جيڪا ڪشمور کان ڪوئيٽا، لاڙڪاڻي کان لاهور، پشاورکان پنڊي، گلگت کان مظفر آباد تائين عوام جي دلين ۾ ڌڙڪندي رهندي هئي جنهن هر انهي آمر سان مهاڏو اٽڪايو جنهن جمهوريت تي راتاهو هڻڻ يا عوام جا حق غصب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ به ملڪي سياست ان جي جدوجهد جي ذڪر کان سواءِ اڌوري آهي. هوءَ جيڪا اڄ به هر انهي انسان لاءِ آٿت ۽ ڏڍ بڻيل آهي جيڪو حقيقي جمهوريت لاءِ جاکوڙي رهيو آهي، هن جي جدوجهد اڄ به انهن لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي جيڪي بنيادي انساني حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن.

هوءَ اڄ به انهن پيٽ بکايل ٻارڙن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي جيڪي بنيادي تعليم کان ته محروم آهن پر گرمي سردي ۾ پنهنجي انگ کي اوڍڻ کان لاچار بڻيل آهن. پر ڇا اسان اڄ انهي عظيم اڳواڻ جي انهي فڪر  ۽ انهي فڪر لاءِ ڏنل قرباني سان صحيح انصاف ڪري سگهيا آهيون يا ان جي صحيح نموني پوئيواري ڪري سگهيا آهيون؟ هن جن شين لاءِ جدوجهد ڪئي ڇا اهي ملڪي سياست يا ملڪي عوام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي جيڪڏهن  نه ته پوءِ محترمه جي جدوجهد جو اهو خواب اڌورو آهي جنهن لاءِ هن پنهنجي سڄي حياتي نه رڳو وقف ڪري ڇڏي پر انهي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ کان به نه ڪيٻايو. انساني آزادي ۽ جمهوريت کان خائف قوتن جي اها ڪوشش هئي ته کيس رستي تان هٽائي عوام جي خوشحالي جي خواب آڏو بند ٻڌجن پر خوابن کي ڪڏهن به قيد نه ٿو ڪري سگهجي نه ئي قتل ڪري ٿو سگهجي.

اسان سمجهون ٿا پاڪستان جهڙا معاشرا جيڪي گهڻ لساني آهن جيڪي گهڻ قومي آهن انهن جو جياپو انهي جمهوريت ۾ ئي آهي جنهن لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جهڙين شخصيتن نه رڳو جدجهد ڪئي پر ان لاءِ پنهنجي حياتي جي قرباني به ڏني. تنهن ڪري شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي خراج پيش ڪرڻ جو بهتر ۽ صحيح طريقو اهو آهي ته ملڪ ۾ آئين جي مڪمل حڪمراني ۽ مڪمل جمهوريت لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪجي، ڇاڪاڻ ته شخصيتن کي ته رستي تان هٽائي سگهجي ٿو پر جدوجهد جي علامت بڻجي ويلن کي مٽائي نه ٿو سگهجي. محترمه به جمهوريت جي اهڙي اميد جي علامت بڻجي وئي جنهن کي نه ڪو آمر، نه اوندهي جون پوڄاري قوتون، نه وقت ۽ نه ئي تاريخ ختم ڪري سگهن ٿيون، سندس ڪردار جمهوريت جي جدوجهد جي آسمان تي سدائين چنڊ وانگر چمڪندو رهندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شهيدن جا قافلا

اعجاز منگي

مون شيخ مجيب جي باري ۾ ڪٿي پڙهيو هو ته هن جي تصوير اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۽ موجوده بنگلاديش جي اڪثر گهرن ۾ سجايل هوندي هئي. انهن گهرن ۾ گهڻا گهر غريب بنگالين جا هئا. هڪ ڀيري بنگال جي هڪ دکي ماءُ ڪاوڙ ۾ پنهنجي ڀت تان “بنگلا بنڌو” جي تصوير لاهي اڇلائي ۽ جڏهن ڪجهه وقت روئڻ کان پوءِ ٻار وانگر هن جي دل هلڪي ٿي ته هن اها تصوير واپس کڻي ڀت تي ٽنگي ڇڏي. اسان ان دور ۾ جنم ورتو آهي، جنهن دور جي هر ديوار تي بينظير جي تصوير هوندي هئي ۽ جيڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ڪاوڙ ۾ اها تصوير لاهي به ڇڏيندو هو ته هو پاڻ يا گهر جو ٻيو ڀاتي اها تصوير وري سجائي ڇڏيندو هو.

گذريل صديءَ جي اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جون هاسٽلون سياسي بحثن جا ماڳ مڪان سمجهيون وينديون هيون. هاسٽلن جي رومن ۾ ملڪ جي مختلف صوبن ۽ شهرن مان آيل نوجوان ضياءَ جي آمريت خلاف بغاوت جي باهه کڻي ايندا هئا. ان دور ۾ ڪراچيءَ جي موسم مست هوندي هئي. جڏهن ساحلي شهر جي رات ٺرندي هئي، تڏهن بحثن جي باهه ٻرندي هئي ۽ مون ان وقت نوٽ ڪيو هو ته قومپرستيءَ تي سنڌين سان بحث ڪندڙ ترقي پسند پٺاڻ ان مهل جذباتي ٿي ويندا هئا، جڏهن ڪوئي “باچا خان” جي مٿان تنقيد ڪندو هو. جيتوڻڪ سرخ ٽوپي پائي هلندڙ پشتونن جو رهنما ڪميونسٽ يا سوشلسٽ نه هو پر هن جي ترقي پسند پٺاڻ به عزت ڪندا هئا. ڪجهه ماڻهن جا تصور اهڙو روپ وٺي ويندا آهن جو اختلافن جي باوجود به انهن جو احترام ڪرڻ لازمي بڻجي ويندو آهي. بينظير ڀٽو سان سياسي اختلاف ته گهڻن کي هئا، سنڌ ۾ سنڌي قومپرست هن جا سخت مخالف هئا پر اڄ انهن جي لفظن توڙي انهن جي لهجي ۾ بينظير ڀٽو جي لاءِ جيڪو احترام آهي، اهو ڪوئي سياسي اختلاف ختم ڪري نه ٿو سگهي.

بينظير ڀٽو جي شهادت تي عبدالواحد آريسر جيڪو ڪتاب لکيو هو، ان ڪتاب جو نالو هو “اميد جو قتل”! هوءَ اميد ئي ته هئي. اها حقيقت آهي ته هوءَ صرف هڪ طبقي يا هڪ صوبي جي لاءِ اميد نه هئي پر هوءَ گهڻن صوبن ۽ گهڻن طبقن ۾ ڀرپور اميد جي علامت سمجهي ويندي هئي. عوام ۽ خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب جو غريب عوام بينظير ڀٽو جي عزت نه ڪندو هو پر هن سان پيار ڪندو هو. جيتوڻي هئي بادشاهي گهراڻي سان تعلق رکندي هئي پر پوءِ به هر غريب گهر ۾ هن جو تصور هڪ ڀاتيءَ جهڙو هوندو هو. وڏي عمر وارن ماڻهن جي لاءِ هوءَ ڌيءَ هئي. نوجوانن ۾ هن جو ڀيڻ وارو رشتو هو. هوءَ واقعي عوام جي دلين ۾ رهڻ واري شخصيت هئي.

غريبن جو بينظير سان پيار غيرمشروط هو. جڏهن ته امير طبقن جي ماڻهن بينظير سان مشروط محبت ڪئي. انهن جو خيال هو ته بينظير ملڪ ۾ وڏي تبديلي آڻيندي. ترقي پسندن جو خيال هو ته بينظير ڀٽو پنهنجي شهيد والد جي واٽ وٺندي ۽ هوءَ هڪ سامراج مخالف جمهوري تبديلي آڻي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ڪمزور ۽ ڪنڊائتو ڪري وڏيراشاهيءَ مخالف فيصلا وٺندي ۽ عوام کي جيئري، جاڳندي ۽ صحتمند جمهوريت ڏيندي. جڏهن بينظير ڀٽو اهو سڀ ڪجهه نه ڪري سگهي، تڏهن به ان طبقي جي ماڻهن ۾ بينظير ڀٽو جي لاءِ احترام جو جذبو آخرتائين رهيو ۽ جڏهن هوءَ اچانڪ ڊسمبر جي سرد شام ۾ شهيد ٿي وئي ته ماڻهن جي دلين ۾ اختلافن جا ڪک پن اڏامي ويا ۽ انهن جي اکين ۾ ايترا ته ڳوڙها ڀرجي آيا، جيترا ڳوڙها پاڪستان جي سياست جي دفتر ۾ ڪڏهن به موجود نه رهيا آهن.

بينظير ڀٽو کي وڏي پلاننگ ۽ باقاعده سيٽنگ سان قتل ڪيو ويو. جڏهن ته بينظير ڀٽو جي اها پلاننگ نه هئي ته هوءَ شهيد ٿي وڃي ۽ پويان هن جي پارٽي هر صورت ۾ اقتدار وٺڻ لاءِ سمجهوتا ڪرڻ جي ڪاريگر بڻجي وڃي. بينظير ڀٽو تمام وڏي محنت سان پارٽيءَ کي توازن ۾ رکڻ جي مهارت ڄاڻندي هئي. هن کي اختلاف رکڻ به ايندا هئا ۽ هوءَ انتظار ڪري به سگهندي هئي. جيڪڏهن هوءَ پرويز مشرف سان شروع ۾ سمجهوتو ڪري ها ته آصف زرداري نه رڳو ان وقت آزاد ٿي وڃي ها پر هن کي اقتدار جو هڪ حصو پتي به حاصل ٿئي ها. ڇو ته پرويز مشرف جو ٽڪر شروع کان وٺي آخر تائين نواز شريف سان رهيو.

پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ هن جي دل ۾ نرم گوشو هو ۽ هن مخدوم امين فهيم کي ويجهو آڻڻ جي ڪوشش به ڪئي پر بينظير ڀٽو هن جي سياسي مخالف بڻجي بيٺي ۽ جيڪڏهن پرويز مشرف کي ڪنهن سياسي طور تي تمام گهڻو دٻاءَ ۾ آندو ته اهو نواز شريف نه هو. نواز شريف ته ڪوري ڪاغذ تي صحيح ڪري سڀ ڪجهه وساري جهاز ۾ ويٺو ۽ سعودي عرب جي محل ۾ پاڻ کي قيد ڪري ويٺو. مشرف لاءِ مصيبتن جو ماحول پيدا ڪرڻ واري ته بينظير ڀٽو هئي، جيڪا ڪڏهن ڪهڙي عالمي اخبار ۽ ڪڏهن ڪهڙي عالمي چينل کي انٽرويو ڏئي پرويز مشرف جي آپيشاهيءَ خلاف آواز اٿاريندي رهندي هئي.

پرويز مشرف ۾ پاور حاصل ڪرڻ جي صلاحيت به هئي ۽ هن ۾ اقتدار جي ڪڏهن به نه لهندڙ اڃ هئي. هن نه رڳو ملڪي پر عالمي اسٽيبلشمينٽ کي به پنهنجي حق ۾ ڦيرائي ڇڏيو هو. ايتري حد تائين جو هن آمريڪا کي ايترو ته قابو ڪيو جو هن جي ڪري آمريڪي صدر ڀارت جي وزير اعظم کي ناراض ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. دنيا جي ڪا به طاقت پرويز مشرف کي هٽائي نه سگهي ها پر بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڌماڪو پرويز مشرف جو پاڙون به اکيڙي ويو. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پاڪستان جي سياست مڪمل طور تي هڪ نئون رخ ورتو. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته شهيد ڀٽي جي حوالي سان هن جو منفرد ۽ دانشور دوست جي ايم مهڪري چوندو هو ته”شاعر هن ملڪ جي تاريخ ۾ ٻه دور رهيا آهن. هڪ تارامسيح کان اڳ وارو ۽ ٻيو تارا مسيح کان پوءِ وارو” پر بينظير ڀٽو کان پوءِ به اسان پاڪستان جي سياست کي پنهنجو رهيو کهيو وقار وڃائيندي ڏٺو.

هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ اها سگهه ئي ناهي، جيڪا فخر سان ڪنڌ کڻي سگهي. بينظير ڀٽو کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جو ملڪي سياست جي مٿان ايترو ته ڪنٽرول ٿي ويو جو پاڻ کي پاپولر ليڊر سمجهندڙ سياستدان به اسٽيبلشمينٽ جا نقاب بڻجڻ لاءِ تيار ٿي ويا. هن وقت جيڪو به حڪمرانيءَ لاءِ تيار ٿي اچي ٿو، ان جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڪليئر آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ جو صرف ماسڪ بڻجي اقتداري ڪرسيءَ تي ويهندو. هن کي پنهنجو علم، پنهنجو عقل، جيڪو هونئن به اسان جي ملڪي سياست ۾ بنهه گهٽ آهي، سو جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٿورو گهڻو آهي ته ان کي پهريان جمع ڪرائي ان کان پوءِ اقتداري ايوانن ۾ پير ڌري سگهي ٿو. ڇو ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ وارا حڪمران ڪنهن به طور تي پسند ناهن. هن مهل سياست اسٽيبلشمينٽ کي خوش رکڻ جي چٽاڀيٽي بڻجي وئي آهي. هڪ ٻئي جي مٿان طنز ڪندي سياسي ڌريون وڏي فخر سان پنهنجي سيني تي هٿ هڻي چون ٿيون ته هو اسٽيبلشمينٽ کي حقيقي طرح سان خوش رکي سگهن ٿيون. ٽين دنيا جي ملڪن جي سياست ۾ بنيادي تضاد اهو آهي ته حڪمران ڪنهن کي خوش رکن؟ عوام کي يا اسٽيبلشمينٽ کي؟ اسان جا هاڻوڪا حڪمران عوام کي ناخوش ڪري اسٽيبلشمينٽ کي خوش رکڻ جي مهارت تي ناز ٿا ڪن.

بينظير ڀٽو اهڙي نه هئي. هن جي نظر ۾ سندس والد ۽ خاندان جو هڪ سياسي وقار به هوندو هو. هن کي به سياسي سمجهوتا ڪرڻا ٿي پيا پر هوءَ ڪڏهن به ايترو سمجهوتو نه ڪندي هئي جو هن جو اميج متاثر ٿي وڃي. بينظير ڀٽو کي پنهنجي اميج جو تمام گهڻو فڪر هو. هوءَ اقتدار جي لاءِ هر شيءَ داوَ تي لڳائڻ وارن منجهان نه هئي. ان ڪري هن کي عوام جي پاران ايتري گهڻي موٽ ۽ ايتري گهڻي محبت ملي. ماڻهو جيڪڏهن انگريزي اخبارن جا ايڊيٽوريل ۽ سياسي فڪر وارا ڪتاب نه ٿا پڙهن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته عوام کي سياست جي سچ ۽ ڪوڙ جو ڪو پتو ڪونهي. بينظير ڀٽو کان پوءِ عوام جي سياست کان بيزاري جو سبب آخر ڪهڙو آهي؟ عوام سمجهي ورتو ته هن مهل هر طرف کان ڪٽي کائو مجنون ڪاهي پيا آهن ۽ ملڪي سياست ۾ انهن مجنن جو مقدار تر جيترو به بچيو آهي، جيڪي آدرش جي لاءِ رت ڏيڻ خاطر هر پل تيار هوندا هئا. جيڪي ماڻهو سياست ۾ لطيف جي انهن لفظن جا لڄپال هوندا هئا ته:

“سر ڏئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلالن سين،

مرڻان منهن نه موڙ، وٽي ٿي وڌ لهي.”

سياست ۾ سر ڏئي سٽ جوڙڻ وارا ۽ آدرشن جي لاءِ ننڊ نهوڙي اوجاڳن سان عشق ڪرڻ واري جنس ڪيئن نه تيزيءَ سان ختم ٿيندي وئي. اسان کي بينظير ڀٽو کان پوءِ واري سياسي ماحول ۾ اهو رنگ ڍنگ نظر ئي نه ٿو اچي، جيڪو جمهوريت جي بي رنگ لفظ ۾ لال رنگ ڀريندو هو. جمهوريت جو لفظ پاڻيءَ وانگر آهي. بي رنگو ۽ بي بتو. اهي انسانن جا آدرش آهن، جيڪي جمهوريت کي هڪ سڄاڻ ٿين ٿا ۽ جيڪي جمهوريت جي سينڌ ۾ سيندور ڀرين ٿا.

بينظير ڀٽو ان دور مان اڀري هئي، جيڪو دور ضياءَ جي آمريت خلاف سراپا احتجاج هو. بينظير ڀٽو جي سياسي تعليم پرڏيهه ۾ نه ملڪن جي جيلن ۾ ٿي ۽ هن جي سياسي تربيت انهن عوامي قافلن ۾ ٿي جيڪي ايئرپورٽ کان جلسي گاهه تائين ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين سفر ڪندا رهندا هئا. انهن قافلن جا قدم اڄ به ماضيءَ جي گنبذ ۾ گونجي رهيا آهن. انهن قافلن جو صدائون هن مهل به اسان جي وجودن کي جهنجهوڙي رهيون آهن. انهن قافلن جو سماءُ هن مهل اسان پنهنجي ساهه پساهه ۾ محسوس ڪري سگهون ٿا. اهي قافلا اسان جي اندر ۾ اڄ به روان دوران آهن. اهي قافلا جن جي سرواڻي “شهيد ڀٽي جي نياڻي” ڪري ٿي. اهي قافلا هلن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان کان پڇن ٿا، اسان کي منزل ڪڏهن ملندي؟

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


بس هڪڙي هئي بينظير

غلام حيدر برھماڻي

هوءَ لازوال هئي، هوءَ بي مثال هئي، هوءَ صرف ۽ صرف دنيا جي هڪڙي بينظير هئي، دنيا ۾ کوڙ سارا ماڻهو اهڙا هوندا جن جو، پنهنجي ڪنهن نه ڪنهن ڪارنامي سبب ڪنهن نه ڪنهن، سياسي سماجي خدمتن سبب هن دنيا ۾ هميشه جي لاءِ امر بڻجي ويندا آهن.

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ سنڌ جي ڀٽن ۽ پاڪستان جي سياسي پارٽين ۾ هڪ اهڙي سياسي پارٽي به  آهي جنهن جو پنهنجو هڪ سياسي ڪعبو به آهي ۽ پنهنجي هڪ سياسي ڪربلا به آهي۽ جنهن جي پنهجو هڪ گنج شهيدان به آهي، ۽ سياسي شام غريبان به آهي  جيڪا آهي لاڙڪاڻي جي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو.

جتي هر سال شهيدن جون ورسيون ۽ سالگرا هون به ٿينديون آهن ڳڙهي خدابخش هاڻي هڪ سياسي درسگاهه آهي. جتي لکن جي تعداد ۾ سياسي مريد پنهجن سياسي پيرن جي درگاهه تي اچي حاضري ڀريندا آهن. هن سياسي ڪعبي جي سياسي امامن جن ۾قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد راڻي بينظير ڀٽو، اهڙيون هستيون آهن جن کي هر سال لکين عقيدتمند ڀيٽا پيش ڪنداآهن  ۽هي اعزاز صرف  سياسي سچائي ۽ سياسي بهادري سياسي عقلمندي ۽ سياسي اڪابري  جي بنياد تي کين مليو. تن کان علاوه اهي گمنام شهيد ۱۸ آڪٽوبر وارا جن جي قبرن تي  لکيل آهي ته “ها مان ڀٽو آهيان. “

اهڙي شاهڪار ۽ شاندار تاريخ رکندڙ سياسي پارٽي صرف پاڪستان پيپلز پارٽي آهي، جنهن جي آبياري  به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي رت جو ريج ڏيئي ڪئي هئي. ۽ سندس  سياسي پورهئي،  سياسي ميراث کي سنڀالڻ جي ذميواري سندس بهادر ڌيءَ ۽ ماروي ملير جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو  نڀائي. پنهجي والد جي مشن جي تڪميل جي لاءِ  جيترو ڀوڳيو جيتريون سختيون ۽ تڪليفون سٺيون اهي به تاريخ جي ڪتابن ۾ سونهري اکرن سان لکيون وينديون. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، جيڪا پنهجي شهيد والد جي  سياسي جانشين ۽ حقيقي وارث هئي، تنهن پنهنجي والد جي سياسي فلسفي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ وسان نه گهٽايو، جنهن مارشلا جي دور ۾ جيل جون سختيون ڪاٽيون، لٺيون کاڌيون، ڪال ڪوٺڙين۾ قيد بند جون اذيتون سٺيون، جنهن تي ان زماني جي  ڪنهن شاعر هيئن چيو هو ته.

جن پيرن ۾ پٽ ريشم هئا تن پيرن ۾ زنجير ڏٺم

هي حال نڀاڳي قسمت جا ڳوڙهن سان لکان يا رت سان لکان. پنهنجي والد جي شهادت کان پوءِ، هو هڪ يتيم ۽ لاوارث نياڻي هئي، پر سندس  حوصلو ۽ عزم هماليه کان به وڌيڪ اوچو مضبوط ۽ مستحڪم هو، والد جي شهادت کان پوءِ جيتري هوءَ اڪيلي هيڻي ۽ بظاهر ڪمزور تصور  ڪئي پئي ويئي پر در حقيقت هو هڪ طاقتور ۽ فولادي جوش ۽ ولولي جو هڪ پهاڙ ٿي اڀري، هن تي گهڻ رخيون ذميواريون ڪنهن مصيبت جيان اچانڪ اچي ڪڙڪيون. جڏهن هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي فلسفي جي والي وارث هئي تنهن ڪري ملڪ جي عوام جي سياسي اڳواڻ ۽ سربراهه به هئي. هن انهن کي سنڀالڻ انهن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ انهن جي سار سنڀال لهڻ، پارٽيءَ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ، ماڻهن کي منظم ڪرڻ، ۽ متحرڪ ڪرڻ جي ذميواري  کي  بهتر انداز ۾ هلايو.

شهيد راڻي بينظير سياسي ميدان ۾ بينظير هئي هن پنهجي سياسي مخالفن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون، سندس سياسي مخالف، هر وقت  هن پريشاني ۾ هوندا هئا ته هن معصوم ۽ ڪمزور نظر ايندڙ بظاهر، هن سياسي ۽ فولادي پهاڙ کي ڪيئن چپ ڪرائجي، جنهن جي هڪ سڏ تي لکين ماڻهو جمع ٿي وڃن ٿا. تاريخ ۱۰ اپريل ۱۹۸۶ع تي جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جلاوطني کان پوءِ پهريون ڀيرو  پاڪستان اچي ٿي ته ان جي جلسي ۾  لکين ماڻهو سندس  آجيان لاءِ جمع ٿين ٿا، لکين ماڻهن جي سمنڊ کي ڏسي وقت جا حڪمران چڪرائجي ۽ وائڙا ٿي ٿا وڃن ته هي جيڪا بظاهر هڪ ڪمزور معصوم ڇوڪري آهي پر در حقيقت هي ته هڪ عظيم ليڊر آهي. ماڻهو پنهجي عظيم قائد جي عظيم ڌيءَ جي هڪ تقرير  ٻڌڻ لاءِ آتا ۽ منتظر آهن، اهڙي طلسماتي هستي ۽ عوام جي دلين تي  حڪمراني ڪرڻ واري ليڊر شهيد محترمه بينظير ڀٽو ئي ٿي سگهي ٿي جيڪا چئني صوبن جي زنجير بينظير بينظير ٿي سگهي ٿي.

مون کي اڄ به چڱي طرح ياد آهي، ته ۱۹۸۷ع ۾ دادو جي ميونسپل اسٽيديم ۾ پهريون ڀيرو جڏهن جلسو ڪرڻ لاءِ آنسه بينظير ڀٽو اچي رهي هئي ۽ اسان سڀني سياسي ڪارڪنن کي صبح ۱۱ وڳي ڌامراهه واهه تي پهچڻ لاءِ چيو ويو هو، جتي شهيد راڻيءُ جو استقبال ڪرڻو هو، پر ڪارڪنن جي پنهنجي قائد سان سچائي ۽ وفاداري جي انتها اها هئي جو ڪارڪن ۱۰وڳي ڌامراهه واهه تي پهچي ويا هئا، ان زماني ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءُ جو صوبائي صدر سائين مخدوم خليق الزمان هو، ۽ دادو کان قافلي جي قيادت سائين پير مظهر الحق، مرحوم چاچا سيف الدين پنهور، ڪامريڊ دادن خان ڀنڊ، ادي رشيده پنهور، ادي ڪلثوم چانديو، ۽ ٻيا کوڙ سارا ان زماني جا اڳواڻ ڪري رهيا هئا. صبح يارهين وڳي بدران بينظير ڀٽو  هڪ وڳي ڌامراهه واهه تي پهتي هئي، ۽ چپي چپي تي جيئي ڀٽو جون صدائون هيون جيئي ڀٽو جا نعرا هئا. خيرپورناٿن شاهه ۾ امير علي ايري جي رهائش گاهه تي ماروي ملير جي مانجهاندو ڪيو تنهن کان پوءِ وري سفر جي شروعات ٿي. قافلو رات جو ۹ وڳي دادو  ميونسپل اسٽيديم پهتو هو، اها هئي شهيد بينظير جي طلسماتي شخصيت.

دنيا ۾ کوڙ سارا ماڻهو اهڙا ضرور هوندا، جن جو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪو نه ڪو ڪردار ضرور هوندو، هر ڪنهن جو ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ ڪو ڪردار ٿي سگهي ٿو. ڪنهن جو ادب ۾ هوندو ته وري ڪنهن جو سماجي خدمتن جي حوالي سان، ڪن وري ماڻهن کي جاڳائڻ، منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ ۽ ڪن جو وري سماج کي تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هوندو. پر ساڳي وقت اهي سڀ خاصيتون اسان جي هر دل عزير قائد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۾ هڪ ئي وقت موجود هيون. هن ملڪ هن ڌرتيءَ تي بس صرف هڪڙي  بينظير هئي جيڪا بي ڏوهي عوام جي خاطر  ۽ هن ملڪ جي خاطر شهيد ڪئي ويئي ۽ انهي کان پوءِ صدين تائين هاڻي ڪابه بينظير پيدا ناهي ٿيڻي، هاڻي صرف شهيد بينظير، پارٽي ڪارڪنن ۽ سچن جانثارن ۽ ڪارڪنن جي صرف دلين ۾ ئي رهي سگهي ٿي. سنڌ جي سياسي ڪعبي جي سرواڻ صرف هڪڙي بينظير هئي.

غم بينظير کي چئجو عالمِ  ضمير کي چئجو

قوم دلگير کي چئجو

اسان تنهنجا گنهگار آهيون

اسين تنهنجا قرضدار آهيون

پنهجي بدنصيب تقدير کي چئجو

بس هڪڙي هئي بينظير.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شهيد محترمه بينظير ڀٽو

جهموريت جي علمبردار

يوسف مرتضيٰ بلوچ

هن سماج کي ڪهڙي پاسي ڌڪيو پيو وڃي، آمريت ۽ سامراج سان سلهاڙيل سموريون قوتون معاشري جي مختلف طبقن کي ويڙهائي ۽ ورهائي انهن جي ايڪي، اتحاد، عزم ۽ حوصلي کي چور چور ڪري رهيون آهن. ملڪ خداد پاڪستان ۾ محبت بدران نفرتن جا ڪيترائي اوڙاهه ٻاريا ويا آهن. جيڪڏهن ساڙ ۽ حسد جي انهن وڪوڙيل دائرن مٿان رکيل پردا کڄندا ته ڪٿي فرقيواريت جو ڀوت ڪٿي قوميتن جا ڏار، ڪٿي نسل پرستي جو تلوار، ڪٿي زبان ۽ لسانيت جا وڇوڙا ڪٿي چچريل لاشن جا ڍير، ڪٿي ڏينهن ڏٺي دهشتگردن جا راڄ ڪٿي مافيائن ۽ سليڪٽيڊ جي غير متوازي حڪومت، ڪٿي هٿياربند ٽولن جو وائکو ۽ انهن جي وجود نظر ايندو انهن سمورن مسئلن ۽ مصيبتن جي پٺيان عالمي قوتون ۽ انهن جا مقامي ضمير فروش ايجنٽ ئي نظر ايندا، فاسد معاشري ۾ ڄاڻايل ڏچن کان گهڻو وڌيڪ خوفناڪ ۽ خطرناڪ معاشي، سياسي، اقتصادي سفارتي، داخلي ۽ خارجي صورت حال منهن پوندي.

اصل ۾ قيادت جي اڻاٺ، باصلاحيت ليڊرشپ جي اڻهوند، باشعور ٽرينڊ ميڪرز جي ڏڪار، راهنمائن جي عدم موجودگي ۽ رهبر جي مرڪزيت جي عدم دستيابي سبب انهن ڏچن ۽ ڏوجهرن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. سياسي ۽ ملڪي منظر نامي تي قائداعظم محمد علي جناحرح جي عظيم الشان اڳواڻي کان ويندي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي با عظمت شهادت، محترمه بينظير ڀٽو جي لازوال فداڪاري کان وٺي پُر عزم ۽ باهمت ڪردار جي مالڪ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري جي مثالي موجودگي واري احساس تائين ڪجهه مبهم سوالن جا معقول جواب ملي وڃن ٿا. پر وقت جي تيز رفتاري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خونخوار پاليسين ۾ شامل هلڪن پردن ۽ کليل محلاتي سازشن جي ڊگهي سفر ۾ اهي ئي نظارا نظر ايندا ته ڦورن، فاسقن ۽ فاجرن پنهنجي لڪل يا ظاهري طاقت جي ڏڍ تي ڪڏهن به ڪو عوامي راڄ ملڪ اندر قائم ٿيڻ نه ڏنو آهي. ماڻهو به حقيقي جمهوريت کان فيضياب ٿي نه سگهيا آهن. جمهوريت کي پختو ڪرڻ گهرجي ته جيئن ملڪ جي انچ انچ  جي حفاظت سان گڏ عوام مهانگائي جي طوفان ۽ بيروزگاري کان محفوظ بڻائي سگهجي.

ٻئي پاسي وري ملڪي سياست جي لاهن چاڙهن تي ڊگهي نگاهه ڪجي ته معلوم ٿي ويندو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي، استحڪام عوام جي نيڪي ۽ ڀلائي سميت انهيءِ عظيم مشن جي پورائي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏ ڪري اڳتي وڌائڻ واري مرحلي ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار هڪ ٽڙيل گل جيان هر طرف سڳنڌ ۽ سرهاڻ ڏيندي نظر ايندو. شهيد راڻي اعليٰ تعليم جي مالڪياڻي، مثالي سکيا ورتل، عالمي صورتحال کان هر گهڙي باخبر رهندڙ ملڪ جي اندرين توڙي ٻاهرين حالتن کان شناسا ۽ نظرياتي سرحدن جي محافظ ليڊر هئي، هو ڄمندي ئي ڄام هئي ته باصلاحيت سبب شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۾ اها خاصيت هئي ته ڪهڙي ماڻهو کي ڪهڙي هنڌ ويهاري سندس صلاحيتن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو، هوءَ عالمي سياست جي لاهن چاڙهن کان آگاهه، عالمي نظرين، نظامن ۽ انتظامن تي گهري نظر رکندڙ ليڊر هئي،

شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه رڳو پنهنجي والد گرامي سميت ڪٽنب جي ٻين عظيم ڀاتين جي ميتن کي پنهنجن ڪلهن تي کنيو پر ڪارڪنن جي مڇريل سمنڊ کي به سنڀالي ورتو. هن معاملي تي سڄي ملڪ جي عام سياسي ڪارڪنن، پورهيتن، هارين قلمڪارن، صحافين، شاعرن ۽ ٻين دانشورن طبقن جي رهنمائي ڪئي. انهن کي هر هنڌ نئون حوصلو به ڏنو. عوام کي اهو به ٻڌايو ته آمرن ۽ شاطرن جو ڳاڻيٽو فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترو آهي. اهي بيوس، بدحال ۽ وائڙا به آهن. جڏهن ته هي ملڪ ماروئڙن جي امانت آهي، پيٺل طبقو مڙي مٺ ٿي اڳتي وڌي سگهاري هاٿي کي به شڪست ڏئي سگهي ٿو. سندس دل ۽ دماغ ۾ جديد تر، ترقي پسند، روشن خيال، خوشحال ۽ پُروقار پاڪستان جو نقشو موجود هو، جنهن ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو ڪو تصور به نه هجي! جنهن ۾ هر فرد کي بنيادي آزادي حاصل هجي. ڪيترن سانحن ۽ المين سان ٽمٽار اسان جي تاريخ جي اونداهن بابن ۾ ڪجهه هي سٽون به شامل آهن ته جنهن عظيم انسان هن ملڪ کي ايٽمي طاقت عطا ڪئي، عالمي طاقتن جي اشاري تي ان کي ڦاسيءَ چاڙهيو ويو، جنهن قابل ڏاهي ملڪ کي جوهري طاقت سان مالا مال ڪيو تنهن جي ان حد تائين تذليل ڪئي وئي جو هڪ ڀيري سڏڪا ڀريندي ان کي چوڻو پيو ته قدرت جيڪڏهن کيس ٻيو جنم ڏنو ته هو پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ پسند نه ڪندي! اهڙن ٻاجهارن ماڻهن جي ان روح رنجائيندڙ آواز تي اڄ سموري قوم شرمنده آهي. اهڙي ماحول کي قابل فخر ڪيئن بڻائي سگهجي ٿو، بيشڪ هي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي، هي وطن اسان جو آکيرو آهي پر هن آکيري کي باهه لڳي آهي گهر جي ڏيئي منجهان!

شهيد راڻي جي وڇوڙي کي عددي اعتبار کان ۱۴ ورهيه ٿيا آهن پر ان جي شخصيت جا رنگ اسان جي وجود سان سلهاڙيل آهن. هو بيباڪ ۽ بي مثال هئي. هوءَ کليل لفظن ۾ دوست کي دوست ۽ دشمن کي دشمن چوڻ جو ڏانءُ رکندي هئي، وطن جي ويڙهيچن، اقليتي آبادي، مظلوم عورتن پيارن پورهيتن، اهم ادارن سميت سڀني  مسئلن جي ڄاڻ ان کي ازلئون هئي، غلامي، غريبن جو مقدر نه پر آزادي انهن جي منزل آهي، ان حوالي سان هوءَ آفاقي سوچ جي مالڪ هئي.

۱۹۷۷ع کان ۲۰۰۷ تائين هن آمريت جي ٻن خطرناڪ دورن ۾ ٻن وڏن آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، ۱۹۸۳ ۽ ۱۹۸۶ ۾ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي، تاريخي تحريڪون هلايون، ضياءَ شاهي جي دور ۾ سندس ابي کي تخت دار تي لٽڪايو ويو ۽ اقتدار تي قابض ڊڪٽيٽر پرويز مشرف جي دور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پاڻ عوام کان الڳ ڪيو ويو، شهيد راڻي جان جو نذرانو ته ڏنو پر ڪنهن به آمر اڳيان نه جهڪي. هن هر ڀيري سمورين فسطائي قوتن، دهشتگردن، سامراجي پٺوئن ۽ آمرن کي بهادري سان للڪاريو. هوءَ عوامي بغاوت کي سياسي پاسي موڙي وٺندي هئي، هن اقتدار خاطر دين کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪندڙ آمرن جي چهرن تي چماٽون هنيون ۽ کين بي نقاب ڪيو.

اسان اڃا وساري نه سگهيا آهيون ته ملڪي تاريخ جي ڪارن دورن ۾ عوامي مزاحمت کي چٿڻ لاءِ ڪارڪنن ۽ قلم ڪارن مٿان ڪهڙي نموني ڪوڙا وسايا ويا جبري طور پورهيت طبقي کي سزائون مليون، آمريت جو ٻيو دور به زلتن ۽ وحشتن سان هر هنڌ ٽمٽار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هاڻي ته تاريخ ۾ انهن آمرن جو ڪوبه ماڻهو نالو به نه ٿو وٺي ڇاڪاڻ ته ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ واري ان مقتل گاهه ۾ ڪا گهڙي اهڙي به آئي جو رت تلوار مٿان سوڀارو ٿي ويو! ۽ آمراڻيون سازشون مٽيءَ ۾ ملي ويون، هڪ زماني اسان کان فخر ايشيا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کسيو ۽ ٻئي دور ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان کسي وئي، ان جي جدائي جو غم به اسان مٿان قرض آهي! طاغوتي قوتن چاهيو هو ته اهي عوامي اڳواڻن کي مارائي پاڻ سدائين لاءِ اقتدار تي قابض ٿي ويهي رهنديون. پر وقت جي رفتار انهن مسخ ٿيل ڪردارن کي وقت جي يزيدن جيان ننگو ڪري ڇڏيو ۽ هي هميشه لاءِ فنا ٿي ويا،

گهوٽالو اڃا به قيادت جو آهي. عالمي قوتن ۽ فوجي جنتائن سدائين عوامي اڳواڻي کان ڊڄي گدڙن کي شينهن  جو لباس پارائي شهرن طرف ڌڪيو آهي، انهن گدڙن  ته ناچ گاني جون محفلون سجائي فقط پنهنجا ڪرتب ئي  ڏيکاريا آهن ۽ وري ڪنهن نه ڪنهن منطقي انجام تي پهچي ماٺ ٿي ويا آهن. انهن جي خاڪ وڃي اتي ئي رسندي آهي جتان  جو خمير هوندا آهن. عام طور تي نظريئه ضرورت تحت جمهوريت جا دشمن متبرڪ لباس اوڍي پنهنجا ڇومنتر ڏيکاري وري منظر تان غائب ٿي ويندا آهن. انهن وٽ ڌرڻن، پرڻن ۽ مرڻن کانسواءِ ڀلا ٻي ڪهڙي ايجنڊا آهي؟ اهي ته جمهوريت جي گاڏي کي ڊي ريل ڪرڻ گهرن ٿا.  وقت ثابت ڪيو آهي ته انهن جون پاڙون عوام ۾ کتل ئي ناهن نه انهن وٽ عدل آهي نه ئي انصاف... نه اهي اسلام سان سچا آهن ۽ نه ئي وطن سان وفادار! هتي ته ڪامياب اهي ئي ٿيندا آهن جيڪي سرمحفل دار کي چُمي وٺندا آهن. هو پنهنجي ريٽي رت سان پنهنجي گواهي ڏيندا آهن. اهي عشق سان ڪم وٺندا آهن.

آتش نمرود ۾ ڪود پڙا عشق

عقل هي محو تماشا لب بام اڀي!

شهيد راڻي جو تذڪرو هميشه تازو لڳندو آهي، هوءَ ڪالهه به زنده هئي ۽ اڄ به زنده آهي.  هن ٻاروتڻ  کان وٺي جوڀن تائين هڪ ئي نعرو هنيو هو ته.

ميري هاٿ ۾ حق ڪا جهنڊا هي

ميري سر پر ظلم ڪا ڦندا هي

مين مرني سي ڪب ڊرتي هون،

مين موت ڪي خاطر زنده هون!

هڪ اهم پهلو حڪومتي جنجال پوره جي تنگ نظر سياست جو به آهي ڇا سرمائيدار گروپ سمورا ملڪي ادارا صنعتون، قومي معيشت جا مرڪز، دفاعي نوعيت جا ڪارخانا ڀڳڙن مٺ تي نيلام ڪندا ۽ انهي ريت هو ملڪي مسئلن کي حل ڪري وٺندا.

خبردار! ڀٽو ڪالهه به زنده هو ۽ اڄ به زنده آهي، بي ڪفن لاشن مان اڃا به آواز اچن پيا... اسان اڃا زنده آهيون ڪنهن به ستم گر، ڦورو، رت پياڪ ٻهروپ ۽ مڪار کي هن قوم سان سنگين مزاق ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. مقدس رت وري سراپا احتجاج بڻجي روڊن تي اچي ويندو. شهيد راڻي اڃا به زير ڪفن انهن ظالمن خلاف سراپا احتجاج آهي. ان جا نقش قدم اڃا موجود آهن ۽ آذان بلال جو هر هنڌ انتظار آهي، تڏهن ئي ته صبح صادق ٿيندو. هي سحر گاهي وري هن دور جي فرعونن کي ٻوڙائي ڇڏيندي.

ضرور اڪ روز بدلي گا نظام قسمت آدم

سجي گي اڪ نئي دنيا بسي گا اڪ نيا عالم

شبستان ۾ نئي شمعين گلستان ۾ نيا موسم

ملڪ ۾ اڃا تائين اقتدار اهڙن سليڪٽيڊ حوالي آهي جن مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ غريب عوام کي غرق ڪرڻ جي رٿابندي سوچي آهي، تبديلي جي نالي تي بيروزگاريءَ جي هڪ نئين طوفان ۾ ادارن مان هزارين پورهيت، مزدور بيروزگار ڪيا ويا آهن، اهڙي صورتحال ۾ شهيد جهموريت محترمه بينظير ڀٽو جو لقت جگر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي بهتر معاشي، خارجي ۽ اندروني بهتر پاليسين ڏيڻ سان گڏوگڏ عوام جي معاشي ۽ ترقي جي خوشحالي جي اميد ۾ هڪ نئون سج اڀرندي اميد رکي ٿو ۽ ملڪ کي هڪ وڏي دلدل کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت هڪ واحد رستو آهي.

(ليکڪ پ پ جو ايم پي اي آهي))

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شهيد راڻي جو خون، جمهوريت جو قتل

منير احمد سوهو

رات، فيض احمد فيض پئي پڙهيوسين، ٻيو ڇا پئي ٿي سگهيو. دل کي گولي لڳي ويئي آهي. دل ٻاهر نڪرندي ٿي محسوس ٿئي. فيض جي هن نظم تي دل جي ڌڙڪڻ بند ٿيندي محسوس ٿئي ٿي. “ دل سي ڦر هوگي ميري جان ڪ اي دل اي دل يه تو مهمان هين گهڙي ڀر ڪا، چلا جاعي گا اس سي ڪب تيري مصيبت ڪا مداوا هوگا مشتعل هو ڪي اڀي اٺين گي وحشي سائي يه چلا جائي گا، ره جائين گي باقي سائي رات ڀر جن سي ترا خون خرابا هوگا، جنگ ٺهري هي، ڪوئي کيل نهين اي دل، دشمن جان هي سڀي، ساري ڪي ساري قاتل يه ڪڙ رات ڀي، سي سائي ڀي، تنهائي ڀي، درد اصر جنگ مين ڪڇ ميل نهين هي اي دل!.

منٽگمري جيل ۾ هن اهو نظم پهرين ڊسمبر تي لکيو هو ۽ اسين ۲۷ ڊسمبر جي شام کان تاريخ جي ڊگهي رسيس تي هلي ويا آهيون. هيڪلي سڙڪ ڪيستائين وڃي ٿي؟ هاڻ شايد منهنجي نسل کي منزل واري سلور لائين (Silver Line) ڪٿي به نه ملي؟ اور ڪڇ دير مين، جب ڦر ميري تنها دل ڪو، فڪر آ لي گي ڪ تنهائي ڪا ڪيا چارا ڪرين، درد آئي گا دبي پائون، لئي سرخ چراخ وه جو اڪ درد دهڙڪتا هي ڪهين دل سي پري شعله درد جو پهلو مين لپڪ اٺي گا، دل ڪي ديوار پو نقش دمڪ اٺي گا، حلقه زلف ڪهين، گوشه رخسار ڪهين، هجر ڪا دشت ڪهين، گلشن ديدار ڪهين، لطف ڪي بات ڪهين، پيار ڪا اقرار ڪهين. هيءَ پوهه جي ڪاري رات آهي، هيءُ ويراني ۽ هيءَ سنسان سڙڪ ۽ سڙيل ٽارن جي بوءِ........

۽ انڌيرن ۾ لڪل قوتون اسان جو پيڇو ڪري رهيون آهن. پر قاتل قوتن پنهنجو ڪم ڪري ڏيکاريو. اڄ هر طرف اهڙن چهرن تي لڳل رت جو سڃاڻو. اهي لڪل نه آهن. هو پڌرا آهن. هو لڪي نٿا سگهن. پر هو ايترا ته طاقتور آهن جو هو هڪ هنڌ گڏ آهن. ڪير به هنن جي پوري چال کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سڀ جا سڀ قاتل..... اهي ڪيتري وقت کان تاڙ ۾ هيا؟ خود ڪش بمبار.... القاعده.... طالبان.... القاعده هن کي قتل نه ڪيو آهي. پاڪستان جو ڪو به سياسي اڳواڻ اسان جي هٽ لسٽ تي ناهي، بيت الله محسود ان ۾ ملوث ناهي”. ملان عمر. هوءَ القاعده جي هٽ لسٽ تي هئي”. گهرو وزارت جو ترجمان. هي جنگ بنياد پرستن ۽ اعتدال پسندن وچ ۾ آهي”. ڪونڊاليزا رائيس. اعتدال پسند ۽ روشن خيال الطاف حسين... اهي القاعده جي هٽ لسٽ تي ناهن جن دهشتگرديءَ خلاف عالمي جنگ ۾ اقتدار ماڻيو ۽ بلين ڊالرز ايڊ جي مد ۾ ورتا. جلا وطن رهندڙ اسان جي راڻي جي طاق ۾ هو پهرين ڏينهن کان هيا؟ ڪير..... ؟

اهو سمجهڻ هن پنهنجي زندگيءَ ڊائريءَ ۾ وقت جي هر ظالم، جابر ۽ عوام جا حق ڦٻائيندڙ ڊڪٽيٽر سان ڪو ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهه ڪري، عوام جي خوابن کي نيلام ڪرڻ بدران انهيءَ عوام جي ويساهه جي پاسداري ۽ انهن جي ڦريل حقن جي حاصلات پنهنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو ۽ ڪروڙين عوام جي مليل طاقت مشرق جي ڌيءَ جا ارادا ايڏا ته اٽل ۽ مضبوط بنائي ڇڏيا ۽ ۸ سالن کان وڌيڪ عرصو پنهنجي محبوب وطن، دعائن جي ڇانو کان پري رهي عملي زندگي جي تلخين ۽ اڪيلاين شهيد بينظير ڀٽو کي ايتري ته سياسي طور بالغ نظريءَ عطا ڪئي جو ڏيهه ورڻ بعد هن جو هر انداز، هر گفتگو ۽ هر للڪار، پنهنجي شهيد بابا جي شبيهه محسوس ٿيڻ لڳي. ويتر عوام جي بي انتها غير مشروط محبت ۽ اعتبار ڄڻ ته بينظير ڀٽو جي روح ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي زنده ڪري ڇڏيو هيو ۽ هن جون اسٽيبلشمينٽ، ڊڪٽيٽر شپ ۽ ڪرپشن جو آکاڙو بڻيل نظام خلاف آخري تقريرون پنهنجي جوهر ۾ نئين انقلاب جو سڏ بڻجي ڪوڙن اقتداري ايوانن کي ڌوڏڻ لڳيون هيون. ڇو گهٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي هي اوچي اوچي اوٽ ڏسي. زندان اڏائي وينداسين، زنجير پگهاري وينداسين.

هيل جڏهن محترمه بينظير ڀٽو وطن وري هئي تڏهن هن جا جذبا هن جا احساس اڳي کان بنهه مختلف هئا. طويل خود ساخته جلا وطنيءَ جي ايذائيندڙ گهڙين هن کي اهو ادراڪ بخشيو هيو ته انسان جي فاني ۽ بي تبات زندگيءَ کي ڪوبه دوام ڪونهي. جيڪڏهن دوام ۽ امرتا حاصل آهي ته اها صرف ۽ صرف انسان جي انهيءَ سوچ ۽ فڪر کي جنهن سوچ ۽ فڪر ۾ فرد جي ذات بدران ڪروڙين ماڻهن جي زندگين جو آجپو ۽ خوشحالي شامل آهي محترمه بينظير ڀٽو هن ڀيري سر تريءَ تي رکي وطن وري هئي (نه ته اڃان به ڪي اهڙا نام نهاد سياستدان ته موجود آهن جيڪي سر جو سانگو ساري، ديس ۽ عوام کان ڪٽجي پرديس ۾ ويهي، رڳو واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي ۽ بيان بازيءَ جي بنياد تي پيراسائيٽ واري زندگي گذاري رهيا آهن. (بينظير ڀٽو کي اهو به ادراڪ ٿي چڪو هيو ته هيلوڪي سندس وطن واپسي سندس حياتي کسڻ جي رسڪ کان خال ينه آهي تڏهن ته هن اچڻ کان پهريان توڙي ۱۸ آڪٽوبر واري ڪارساز واقعي کان پوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي بنا رک رکاءُ جي بار بار اهو ورجايو ته “سندس حياتيءَ کي حد کان وڌيڪ خطرو آهي.

شهيد بينظير ڀٽو طرفان اڳواٽ ظاهر ڪيل عدم تحفظ وارن خدشن ۽ سندس شهادت بعد پاڪستان جي وفاقت وزارت پاران ڏنل بريفنگ جي متضاد وضاحتن منجهان سمجهڻ واري کي گهڻو ڪجهه چٽو نظر اچي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ٿي، ان ڏينهن سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ راولپنڊي اسپتال جي ڊاڪٽر مصدق اهو واضح ڪيو هو ته محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ گولي مٿي ۾ ۽ ٻه گوليون ڪنڌ ۾ لڳيون گهڻو رت وهي وڃڻ سبب سندس قيمتي جان بچي نه سگهي. (جيڪا ڳالهه پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي رڪارڊ طور موجود آهي) انهيءَ حقيقت بيان ڪرڻ کان پوءِ گهرو وزارت جي ترجمان جاويد اقبال چيمه پاران آخر ڪهڙي مقصدن ڪارڻ زميني حقيقتن کي تبديل ڪندي اهو چيو ويو ته “بينظير ڀٽو جو موت کاٻي ڪنپٽيءَ ۾ لڳندڙ زخم سبب ٿيو آهي ۽ بينظير ڀٽو جي قتل ۾ القاعده اڳواڻ بيت الله محسود ملوث آهي. حڪومت پاران متضاد بيان ڏيڻ واري روش، نيتن ۾ پلجندڙ نانگن تان پردو کڻي رهي آهي ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي جي قيادت پڻ حڪومت جي اهڙي وضاحت کي ڪوڙ تي مبني ۽ اصل حقيقتن کان انحرافي قرار ڏئي ڇڏي آهي.

اسين سمجهون ٿا ته حڪمران انهيءَ خوشفهميءَ ۾ نه رهن ته اهي سنڌ جي جينيس ۽ ڏاهي نياڻي ۽ عالمي سياسي مزاج رکندڙ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي سياسي جماعت جي قاعد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏکوئيندڙ الميئي کي وقت جي ڪاري چادر ۾ ويڙهي ڇڏيندا. هيل به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيل بيگناهه خون جيان اسٽيبلشمينٽ سندس نشاني بينظير ڀٽو جي قتل کي رائيگان ڪيو ويندو ته اهو هاڻ ان ڪري به ممڪن ۽ آسان نه آهي، ڇو ته هڪڙي پاسي سمورو عوام انتهائي باشعور ٿي چڪو آهي ته ٻئي طرف ميڊيا جون عقابي اکيون هر گهڙي ۽ لمحي جي وارتا کي محفوظ ڪري رهيون آهن. انهيءَ ڪري حڪمران جيڪڏهن چاهين ته ايندڙ وقت جي تاريخ ۾ اهي ڏوهارين جي ڪٽهڙي ۾ به بيهن ته ته کين هن ڀيري سنڌ جي عظيم نياڻي جي وهايل بيگناهه خون سان ناانصافي ڪرڻ بدران حق ۽ سچ کي عوام آڏو آڻڻ گهرجي (جيڪو بظاهر ناممڪن نظر پيو اچي.... ؟) نه ته انهن کي به تاريخ ماضيءَ جي ڊڪٽيٽرن جيان ئي ياد ڪندي.

(ليکڪ پ پ تعلقا ڏوڪري جو صدر آهي)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


اڄ به ڀٽو زنده آهي

مير نادر علي ابڙو

۲۷ ڊسمبر جنهن جي سانجهه ويلي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ سنڌ جي راڻي شهيد بينظير ڀٽو کي اسان کان الڳ ڪيو ويو ۽ سموري سنڌ ماتم بڻجي وئي سنڌ جا شهر ويران بڻيا هر پاسي افرا تفري اهڙي ڏسڻ ۾ آئي جو ماڻهن جي ذهنن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو روڄ راڙو ڪندي ماڻهو قاتلن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي گهرن مان روڊن تي نڪتا پنهنجي محبوب قائد شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري خبر ماڻهن جي ذهنن تي اهڙي نموني سان اڀري جو هر ڪنهن ائين پئي سمجهيو ته انهن جي دنيا ئي ويران ٿي چڪي آهي جهڙو انهن جي گهر جو ڀاتي ڪو شهيد ٿيو هجي هر ڪو پاڻ کان بيخبر هو ذهن ئي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ته اتي انتظاميه بي وس بڻيل ٿي نظر آئي سمورو ملڪ محترمه جي شهادت تي غم ۾ بي حال بڻيل هو ان ويلي آئون سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ هئس جتي هر اک آلي هئي ۽ قاتلن کي ماڻهو پٽون ۽ پاراتا ڏيندي ٿي نظر آيا ان وقت مونکي پراڻي دور جون يادگيريون ستائڻ لڳيون ۽ مونکي اهي ڏينهن ياد پيا جڏهن آئون ۱۰ سالن جي ڄمار جو هئس ته عورتن جي وين ۾ سوار ٿي انهن سان گڏ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان مليو هئس ته اتي موجود عورتن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اهو چيو هو ته هي اوهان جي بابي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهاٽي دوست ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو موڀي پٽ آهي ان بعد ۱۹۹۳ع ۾ جڏهن آئون وڪيل هيس ته ان وقت لاڙڪاڻي بار جي اندر شهيد راڻي محترمه بينظِير ڀٽو آئي ته اتي ساڻن باقائدي ملاقات ۽ حال احوال اورڻ جو موقعو مليو اهو موقعو اڳوڻي سفير عبدالرزاق سومرو جي مهربانين سان ميسر ٿيو جنهن جو مان وڪالت ۾ شاگرد هئس اتي عبدالغفار ڀرڳڙي اڳوڻو روينيو وزير ۽ اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ رٽائرڊ جسٽس اختر علي جي قاضي ۽ اڳوڻو منسٽر اياز سومرو پڻ موجود هو جڏهن مان اچانڪ ايجنسين جي دائري هوندي وڪالت جي ڪاري ڪوٽ ۾ سرڪي سرڪي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پويان وڃي ويٺس ساڻس ڳالهائڻ لڳس ته SP اسپيشل برانچ اچي منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏنو ته اوستائين مان شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ٻڌائي چڪو هئس ته مان ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو پٽ آهيان ان تي شهيد راڻي محترمه بينظِر ڀٽو ايس پي اسپيشل برانچ کي حڪم ڏنو ته نادر صاحب ڪو ميري سامني لائو انهي کان علاوه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فيملي ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي فيملي جا مثال ۽ چرچار اڄ به لاڙڪاڻي جي هر گهٽي واهڻ وستي ۾ مشهور آهن ۱۹۵۴ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جن ٻاهرين ملڪ کان ڏيهه وريا ته کيس ملڪي سياست جي اڃا ڪا ڄاڻ نه هئي ته ان زماني ۾ سندس وڏو ڀاءُ سڪندر علي خان ڀٽو کي اسان جي اوطاق تي وٺي آيو هو جتي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي آڱر بابي مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي هٿ ۾ ڏيندي چيو هو ته هاڻ آئون اوهان ڏي نه ايندس پر ذاالفقار علي ڀٽو ايندو ان وقت ۾ اسان جي اوطاق پاڪستان ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور ٿي چڪي هئي جتي نواب اڪبر بگٽي، عطاالله مينگل، مير غوث بخش خان بزنجو، مرحوم خير بخش مري، ولي خان، سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، مير رسول بخش خان ٽالپر، مخدوم طالب الموليٰ، سوڀو گيانچنداڻي، مير علي احمد ٽالپر، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، مولانا جان محمد عباسي ۽ ٻيا ايندا رهندا هئا. ان کان بعد ۾ حالتن جي تبديلي سان گڏ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم پاڪستان ٿيو ته ان وقت ۾ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سنڌ طفيل علي عبدالرحمان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته منهنجي يار تاجل ابڙو کي سيشن جج ڪر تنهن تي طفيل علي عبدالرحمان جواب ڏنو ته اسان ڊائريڪٽ سيشن جج عدليه ۾ مقرر ناهيون ڪندا تنهن تي شهيد ڀٽو وراڻيو هو ته جڏهن اوهان ڊائريڪٽر چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ٿي سگهو ٿا ته پوءِ مهنجو مسڪين ڀاءُ تاجل به ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ٿي سگهي ٿو اهڙي طرح عدليه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وڪيل کي ڊائريڪٽ سيشن جج مقرر ڪيو ويو.

سياري جي سرد راتين ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو باهه جي مچ تي اسان جي اوطاق ۾ ويهي بي بي سي ريڊيو تي خبرون گڏجي ٻڌندا هئا ۽ گرمين ۾ وري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اوطاق ٻاهران موڙن تي ويهي خبرون ٻڌندو هو چار ڀيڻن مٿان جڏهن آئون بابا سائين کي پيدا ٿيس ته ان وقت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزير اعظم پاڪستان هو هن کي خبر پئي ته تاجل کي پٽ ڄائو آهي ته بحثيت وزير اعظم مبارڪ ڏيڻ لاءِ آيو ان وقت مان تنجڻن ۾ ٻڌل ماءُ جي هنج ۾ ستل هئس ان لمحي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسان جي خاص بورچي نوڪر ميوو کي حڪم ڏنو ته تاجل جي پٽ کي کڻي اچ نوڪر امان کان هنج مان تنجڻ ۾ مونکي کڻي آيو ۽ اچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هٿن ۾ ڏنو جنهن مونکي پيار مان چمي ڏيندي بابا کي چيو ته تاجل مبارڪ هجي تنهنجي پيڙهي هلي ويئي. پر اڄ وقت جي ستم ظريفي آهي جو شهيد ۽ هن جي لاڏلي پنڪي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪو اسان جي قوم جو آواز سهارو هئي سا به وقت جي بي رحم هوائن ۽ سازشن جي ور چڙهي عوام جي حقن واري ويڙهاند ۾ شهادت جو جام اوتي چڪي آهي جنهنجو غم اسان جي قوم صدين تائين به شايد وساري نه سگهي ۽ نه ئي وري ڪو اهڙو ليڊر ورهين تائين پيدا ٿيڻ جي ڪا اميد نظر ٿي اچي.

اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ اسان جي قوم شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪري زارو زار روئي رهي آهي ۽ پاڻ کي اڄوڪي حالتن ۾ اڪيلو ٿي محسوس ڪري هاڻ انهن کي اها پڪ ٿي چڪي آهي ته ڪو به اهڙو ليڊر ناهي رهيو جيڪو انهن جي ڳالهه ڪري انهن خاطر خطرن سان کيڏي موت کي ڇاتي سان لاهي اها هڪ ئي بينظير هئي جيڪا بينظير ٿي ويئي ۽ ماڻهو هن جي غم ۾ بيحال بڻجي ڪلهه وانگي اڄ به اهو ٿا نعرو هڻن ته

آج ڀي ڀٽو زنده هي، ڪل ڀي ڀٽو زنده ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


ڳڙهي خدا بخش ڀٽو

دنيا جي جهموريت جو قبرستان

مرتضيٰ ڪلهوڙو

هوءَ نه ڊڄندي هئي آمرن کان ان جو ويساهه غريب عوام ۾ هو انڪري ئي راولپنڊي ۾ بم ڌماڪي ۾ عوام جي وچ ۾ هئي ۽ عوام سان محبتون قربتون وکيريندي شهادت ماڻي تاريخ ۾ امر ڪردار ٿي ويئي محترمه شهيد بينظير ڀٽو جڏهن سياست ۾ پير پاتو ۽ شهادت تائين سک سان نه ويٺي کيس الڪو هوندو هو ته، مان هن ملڪ جي مسڪين غريب بي پهچ ايذا ئيل مظلوم ماڻهن جي زندگيءَ تبديل ڪيان ۽ طاقتور ٿي خوشحال بڻجن محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي پاڪستان جي سلامتيءَ جو اڻ تڻ هوندي هئي ان ڪري پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي پاڪستان کي پرڏيهي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ميزائيل پروگرام ڏنو. محترمه بينظير ڀٽو دنيا جي اها عظيم ليڊر هئي جنهن عوامي حقن تي سودو نه ڪيو. بهادريء سان جدوجهد جاري رکي وڙهندي رهي نيلسن منڊيلا کان وٺي محترمه بينظير ڀٽو شهيد تائين جيڪي به دنيا جا باوقار عوامي ليڊر آهن اهي پنهنجي مٿن تي پهاڙ جيڏيون مصيبتون کڻي جيلن جو عقوبتون ڀوڳي حسين زندگيءَ جا ڏينھن جيلن جي سلاخن ۾ گذاريا پر وقت جي آمرن جابرن جي آڏو نه جھڪيا. نه آڻ مڃي، پنهنجا سر ضرور سهايا دنيا آڏو سرخرو ٿيا

محترمه شهيد بينظير ڀٽو آمر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جلاوطني ختم ڪري ڏيھه وري ته ان جو ڪراچيءَ ۾ استقبال ڪرڻ لاءِ عوام جو سمنڊ اٿلي پيو پر وحشي بمبارن مٿس ڪارساز تي حملو ڪيو. محترمه جا جانثار شهيد ٿي ويا. ڪيترا شديد زخمي ٿي پيا پر محترمه جا ان وقت به حوصلا بلند هئا ۽ شهيد بينظير ڀٽو ٻئي ڏينهن تي اسپتال وڃي ڪارڪنن جي عيادت ڪري پيغام ڏنو هو ته هوءَ ڊڄڻ واري نه آهي، نه ڀڄڻ واري آهي، نه گهٻرائڻ واري آهي وڏي دليري سان پيغام ڏنو ته هوءَ موت قبوليندي پر عوامي حقن تان هٿ نه کڻندي ۽ پوءِ عوامي جلسا ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔ لاڙڪاڻي جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو عوامي سمنڊ کي خطاب ڪيو هو ته ان وقت ماڻهو روئي رهيا سندس ان جي تقرير ۾ وڏو سحر هون محترمه بينظير ڀٽو ان وقت چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي اسٽيج تي قطار ۾ بيهاري وچن ورتو هو ته  هو غريبن جا ڪم ڪندا، انهن جا ڀرجهلو ٿيندا محترمه شهيد ٿي وئي پيپلز پارٽي جي انهن اميدوارن محترمه سان ڪيل وچن هوا ۾ اڏائي ڇڏيو ان ڪري ئي اڄ لاڙڪاڻو مايوس آهي ويڳاڻو آهي جهموريت جي اناالحق جو نعرو هڻندڙ عالمي سازش جو شڪار ٿيندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئر پرسن شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڄ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ابدي آرامي آهي ۽ انهن پارٽي اڳواڻن کان پڇاڻو ڪري ٿي. منهنجي ماروئڙن جهانگيئڙن کي بي سهارو ڇو ڪيو اٿو؟ منهنجي وحشي قاتلن کي نروار ڇو نه ڪيو اٿو؟  واعدا ماڻهن سان ڇو نه نڀايا اٿو؟ آءُ توهان کي ڏسان پيئي آءُ ڏسان پيئي رحم ڪيو، رحم ڪيو منهنجي بي پهچ بي سهارن ماڻهن تي رحم ڪيو. جان جان هئي جيئريورچي نه ويٺي وڃي ڀونءَ پيٺي سڪندي کي سڄڻين

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


سنڌ جي نياڻي

سندس شهادت جا ۱۴ سال

غلام حسين لغاري

سنڌ جي امر نياڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت جا ۲۷ ڊسمبر تي چوڏهن سال پورا ٿي رهيا آهن ۽ سندس چوڏهين ورسي ملهائجي رهي آهي، پر افسوس جو مرحومه جا قاتل پڪڙ ۾ اڃا اچي ناهن سگهيا نه وري کين ڪا سزا ملي آهي مرحومه جا اصل قاتل ڪير آهن، ڪير هئا يا اهي وائکا ٿي ڇو ناهن سگهيا، سوال اٿندا پيا رهن پر صرف اهي بيان سامهون ايندا رهن ٿا ته بي بي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو۔

لياقت باغ پنڊي سانحو ڪو معمولي سانحو ۔جڏهن اهو واقعو ٿيو ته بنا ڪنهن وقت وڃائڻ جي روڊ تان نشان ڊاٿا ويا ۽ چيو ويو ته وقت جو دهشتگرد حڪيم الله محسود جيڪو طالبان جو اڳواڻ هو. ان واقعي پويان هو. القائده سربراهه ۽ انجي جماعت عورت جي حڪمراني جي سخت مخالف ئي ۽ کيس اقتدار دوران به ڌمڪيون مليون هيون. ڪجهه سياسي قوتن وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف کي انجو ذميوار ٺهرايو. محترمه جي شهادت کانپوءِ ئي جلد پرويز مشرف جي صدارت جي دور ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ پ پ پ اقتدار سنڀاليو ۽ پرويز مشرف ئي وزيراعظم توڙي ڪابينا کي قسم کڻايو هو۔اتحادي ڌر ن ليگ جي وزيرن به پهريان سخت مخالفت ڪئي پر بعد ۾ انجي وزيرن به مشرف هٿان قسم کنيو. اها ٻي ڳالهه ته پ پ پ جي هن ئي دور حڪومت ۾ مشرف باعزت شان و شوڪت سان ايوان صدر مان رخصت ٿيو ۽ اقتدار ڇڏيو، پاڪستان ۾ رهيو ۽ آزادا نه نموني پاڪستان مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو. ن ليگ جي دور حڪومت ۾ ميان محمد نواز شريف جيان بيماري جو بهانو بڻائي دبئي وڃي پهتو نه پ پ پ ڪجهه ڪيو. نه وري ن ليگ جڏهن مشرف هٿن مان نڪري ويو ته مٿس الزام لڳڻ شروع ٿيا، جن ۾ محترمه جي شهادت ۾ به کيس گهلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر مشرف دبئي ۾ ويهي الزامن جي ترديد پيو ڪري ۽ الٽو اهو چئي رهيو آهي ته بينظير جي شهادت جو فائدو ڪنهن کي ٿيو آهي۔مشرف جيڏانهن اشارو پيو ڪري اهي ڌريون خاموش آهن ۽ ڪو به جواب نٿو ڏنو وڃي. نه وري پ پ پ وضاحتن ڪرڻ واري سياست ۾ پاڻ کي الجهيل رکڻ چاهي ٿي۔

ڏٺو وڃي ته اڳوڻي وزير اعظم لياقت علي خان جي شهادت کانپوءِ جيڪي به هاءِ پروفائيل قتل ۽ شهادتون ٿيون آهن، تن جي هن وقت تائين ڪا به جاچ مڪمل ٿي ناهي سگهي نه وري انهن جا قاتل وائکا ٿيا آهن، نه وري ڪيفر ڪردار تائين پهتا آهن، جو چئجي ته محترمه جا قاتل به وائکا ٿيندا ۽ ڪا سزا کائي سگهندا ۔محترمه جي شهادت ۽ انجا قاتل ڪيفر ڪردار تائين نه پهچڻ هن ملڪ هن قوم ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي ۽ خاندان سان ٿيندڙ المين ۾ سڀ کان وڏو الميو آهي جنهنجا منفي اثر پارٽي تي پيا آهن جيڪا گذريل ڏهن سالن کان سنڌ تائين محدود آهي۔ڏٺو وڃي ته پ پ پ ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾  آمرن کي چئلنج ڪيو، ملڪ کي متفقه عوامي آئين ڏنو ۽ هيٺين سطح جا سڌارا آندا جن سان غريب طبقي خوشحالي ماڻي.

هن وقت پ پ پ ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي. پنجاب جيڪو پ پ پ جو ڳڙهه سمجهيو ويندو هو اهو پ پ پ جي هٿن مان نڪري وڃي ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ وٽ پهتو آهي. مستقبل ۾ ايندڙ پنج سال به شايد اهڙو ئي ڪو منظر نامو رهي۔پ پ پ جنهن کي شهيدن جي پارٽي جو درجو حاصل هجي ۽ پنجاب هٿن مان نڪري وڃي سوچڻ سمجهڻ جهڙي ڳالهه آهي۔ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ هرسال هونئن به ٻين شهيدن جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي موقعن تي ميڙاڪا ٿيندا رهن ٿا پر شهيد محترمه جي ورسي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو ميڙاڪو ٿيندو آهي يا ٿيڻ وڃي رهيو آهي، ان ۾ ملڪ جي چئني صوبن مان پ پ پ قيادت ۽ ڪارڪن شرڪت ڪن ٿا ۽ انقلابي ڏيک ڏسڻ وٽان ملي ٿو پر خبر ناهي ته انجا اثرات سنڌ کان سواء پنجاب ۽ ٻين صوبن تائين ڇو نٿا پهچن اها ڳالهه سوچڻ وٽان آهي۔جيئن ن ليگ سنڌ ۾ پنهنجو اثر وڃائي ويٺي آهي ۽ پنجاب تائين محدود رهجي وئي آهي اهڙي طرح پ پ پ به سنڌ تائين محدود رهجي وئي آهي پنجاب ۾ سندس پير نٿو کپي انجو ڪارڻ به پ پ پ قيادت ئي کي سمجهڻو پوندو۔

ايندڙ وقت ۾ پارٽيون پنهنجن صوبن تائين محدود رهجي وينديون جو ڏينهون ڏينهن ملڪي سطح تي قومپرستي واري وفاقي سياست ڪر کڻي رهي آهي. ملڪ ۾ اتحادي قومي حڪومتون وجود ۾ پيون اينديون جن کي هلائڻ وارا ٻيا هوندا جن لاءِ اقتدار کان ٻاهر رهندڙ هر سياسي پارٽي سدائين اهڙا الزام مڙهينديون ۽ آڱريون کڻنديون رهن ٿيون. پ پ پ کي هاڻ پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪرڻي پوندي. جنهن لاءِ قومرستي واري لاڙي بدران مڪمل طور وفاقي سياست ڪرڻي پوندي. پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي پنهنجو ڪرڻو پوندو ۽ اهي اڳواڻ ۽ بنيادي ڪارڪن جيڪي مايوس ٿي ٻين پارٽين ۾ شامل ٿي چڪا آهن، تن جو اعتماد بحال ڪرڻو پوندو۔اهي اقتداري ۽ وزارتن جا بکيا جيڪي ماضي ۾ مشرف ۽ ٻين آمرن جا ساٿاري رهيا آهن يا سرڪاري نوڪريون ۽ ادارا تباهه ڪرڻ کانپوءِ پ پ پ ۾ شامل ٿيا آهن، تن تي پ پ پ قيادت کي ڪڙي نظر رکڻي پوندي۔جلسن جلوسن ۽ ورسين ۾ شريڪ ٿيندڙن جو انگ نه، پر انهن جي خلوص، محبت وفادارين کي نظر ۾ رکڻو پوندو ۽ بنيادي ڪارڪنن جا جذبات، احساسات ڏسڻا پوندا. انهن کي ويجهو آڻڻو پوندو انهن مان غربت جو خاتمو انهي جذبي سان آڻڻو پوندو جيڪو جذبو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه وٽ هو ۽ ڏيکاريو هو سنڌ سميت پوري ملڪ جي خوشحالي لاءِ سوچڻو پوندو ۽ هر اداري کي مضبوط بنائڻ جو عزم ڪرڻو پوندو. شهيد محترمه جي قاتلن کي وائکو ڪرڻو ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ وارو نعرو کڻي ميدان تي لهڻو پوندو پوءِ ڇو نه محترمه جا قاتل دبئي ۾ ويٺل هجن يا لنڊن ۾ يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾بهرحال محترمه جي ورسي جي موقعي تي محترمه جي عظمت کي سلام جيڪا خبر هوندي به پوئتي نه هٽي ۽ والد توڙي ڀائرن جيان شهادت جو درجو ماڻي امر ٿي وئي, جيڪا امر رهندي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شھيد محترما بنظير ڀٽو

تاريخ جي عظيم اڳواڻ

طفيل مگسي

جڏھن به ڊسمبر جي ۲۷ تاريخ ايندي آھي. ان ڏينهن الائي ڇو ماحول تي مڪمل خاموشي ڇانئجي ويندي آھي ۽ اھو ڏينهن صدين جي سفر ڪيل ٿڪاوٽ کان چور چور ٿي ويندو آھي ۽ مرڪ ائين غائب ٿي ويندي آھي ته ڄڻ ڪنهن جا سئي سان چپ سبي ڇڏيا هجن. شايد اهو عالم ان ڪري به ٿيندو هجي ته هن ئي ڏينهن تي عالمي حيثيت جي مالڪ ۽ ساسيت جي دنيا ۾ ڪنهن مدبر فلسفي جهڙي سوچ رکندڙ ۽ خاص ڪري سنڌ جي مٽيءَ جهڙو سڳنڌ رکندڙ سنڌ جي راڻي محترما بينظير ڀٽو کي بي گناه عوامي حقن جي پاداش ۾ راولپنڊي جي شھر ۾ شھيد ڪيو ويو هو. بنظير ڀٽو شھيد جيڪا پنهنجي بابا شھيد ذلفي ڀٽو جيان نه صرف ملڪ بلڪ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سياسي لحاظ کان ايتري ته واقفيت رکندڙ ھئي جو چڱا ڀلا سياستدان به هن جي انهيءَ سياسي قد ڪاٺ جي اڳيان نه بيهي سگهندا هئا. هڪ  سنڌ جي هن عظيم نياڻي کي پنهنجي شديد بابا جي تربيت مليل هئي. ٻيو ته هن پنهنجي بابا سان گڏجي ڏيهي توڙي پرڏيهي سياست جو مطالعو ڪيو هو جڏھن سندس بابا کي بي گناه عوام دوستي ۽ ملڪ دوستي جي پاداش ۾ شھيد ڪيو ويو ته انهن ڏينهن کان هن پنهنجي بابا جي مشن کي هٿ ۾ کنيو ۽ ٿورڙي وقت ۾ پاپولر بڻجي وئي ملڪ جي جهرجهنگ ۾ هن شھيد راڻي جا نه صرف نعرا گونجڻ لڳا بلڪ هن کي ڏسڻ ۽ ھن جي انداز تقرير کي ٻڌڻ جي لاء لکين هن جي پروانن ۽ متوالن جو ڄڻ سمنڊ اٿلي پوندو هو.

محترما بينظير ڀٽو جڏھن جلاوطني جا ڏينهن گهاآري رهي هئي ته کيس پنهنجي بابا سان پيار ڪندڙ اٻوجهه، . مسڪين ۽ محنت ڪش پورهيتن سان گڏوگڏ ھن کي پنهنجي بابا جي ملڪ جو هر پل اوسيئڙو ۽ اڻ تڻ رهندي هئي. ڇاڪاڻ ته هن جي بابا کي جيترو پنهنجي ملڪ جي پورهيتين سان پيار هو شايد ملڪ جي ڪنهن حڪمران نه کي نه هجي. نه صرف پورهيتن سان بلڪ پنهنجي ملڪ سان به ايترو ئي پيار هو. ڇوته هن جو بابا ئي هيو جنهن ٽٽل ڦٽل ملڪ کي رات ڏينهن محنت ۽ جفاڪشي سان ميڙي گڏ ڪيو. محترما جي لاء سندس والد جون نشانيون هيون جن کي هوءَ وسارڻ جو ڪڏھن سوچي به نٿي سگهي هئي.

محترمه بينظر ڀٽو جڏھن جلاوطني جا ڏينهن گهاري پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي عوام ڏانهن واپس وري ته هن جي ڪافلي مٿان ڪارساز وٽ حملو ڪرايو ويون. جنهن ۾ هوءَ پاڻ ته محفوظ رهي بچي پر سوين ڪارڪنن پنهنجي جانثاري پيش ڪئي. ان حملي جو مقصد اهو هيو ته هوءَ سياست جي منظر تان خوفزده ٿي ڪري هٽي وڃي. پر سندس دشمنن کي اها ڀل هئي ته اها بينظير جهڙي عوامي ليڊر کي منظرعام تان ھٽائي محترمه ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي هئي شهيد جنهن کان دنيا جون سپر طاقتون به خوف کائينديون هيون. نيٺ دشمن پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويا ۽ عظيم ليڊر کي راولپنڊي جلسي کان موٽندي گولي جو نشانو بڻائي شھيد ڪري ملڪ ۽ عوام کان جسماني طور تي الڳ ڪري ڇڏيو. ليڪن ڪيترن سالن جي گذرڻ جي باوجود هوءَ اڄ تائين محسوس ٿيئي ٿو هوءَ ڄڻ زنده آھي. ڇاڪاڻ مري اهي ويندا آھن جيڪي وسري وڃن. پر هوءَ ته اڄ به عوام جي دلين. ذھنن ۽ ساه جي ھڏڪين ۾ زنده آھي ۽ ان وقت تائين زنده رهندي جيستائين عوام زنده رهندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



محترمه بينظير ڀٽو

جس دهج سي ڪوئي مقتل مين گيا

پير مڪرم الحق

جس دهج سي ڪوئي مقتل مين گيا،

وه شان سلامت رهتي هي،

اس جان ڪي ڪوئي بات نهين،

يي جان تو آني جاني هي!

چوڏھن ۱۴ سال پهرين لياقت باغ جي تاريخي مقام تي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت نهايت منظم طريقي سان ۵ ٽولن گهيرو ڪري محترمه بينظير ڀٽو کي بيوس حالت ۾ شهيد ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته هي اهو مقام آهي، جتي پاڪستان جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان کي شهيد ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ به هن هنڌ جي ويجهو ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊيءَ ۾ ۱۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي اڳوڻي صدر، ۲ ڀيرا چونڊيل وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي بانيءَ کي رات جي اونداهيءَ ۾ ۳ ۽ ۴ اپريل جي وچ ۾ ۲ وڳي ڦاسي ڏني وئي هئي ۽ پوءِ انهيءَ لياقت باغ کي چونڊيو ويو، جتي ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي، ٻه ڀيرا چونڊجڻ واري مقبول وزيراعظم، جنهن کي اسلامي دنيا جي پهرين چونڊيل وزيراعظم هئڻ جو اعزاز به حاصل هو، کي بيت الله محسود ۽ ۷/۷ جي لنڊن ڌماڪن جي ڏوهاري رئوف ادريس، ڪن ڳجهن هٿن جي سهڪار سان قتل ڪيو. انهيءَ سازش ۾ عين جلسي جي وقت کان ڪجهه ئي وقت اڳ محترمه کي خفيه اداري جي سربراهه منع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته توهان جلسي ۾ نٿا وڃي سگهو. هنن کي چڱيءَ ريت علم هو ته جهڙي طرح بي بي پاڪستان اچڻ کان نه ڪيٻايو، هوءَ جلسي ۾ وڃڻ کانسواءِ نه رهندي. ان لاءِ پنهنجي پوزيشن کي صاف رکڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان اچڻ کان پهرين جنرل پرويز مشرف، محترمه کي پاڪستان اچڻ کان منع ڪيو هو، ڇو ته مشرف ڄاڻندو هو ته محترمه جيڪڏهن پاڪستان اچي وئي ته پوءِ ان جي حڪومت کي ختم ٿيڻ کان ڪير به بچائي نٿو سگهي. پر محترمه، مشرف کي سڌو جواب ڏنو ته؛ آئون هر صورت ۾ پاڪستان اينديس. جنهن تي مشرف هڪ ڌمڪي نما جواب ڏنو ته؛ ان صورت ۾ توهان جي حفاظت جي آئون ڪا ضمانت نٿو ڏئي سگهان. ان جملي مان صاف ظاهر آهي ته مشرف، محترمه کي صاف چئي ڇڏيو هو ته؛ جيڪڏهن توهان پاڪستان ايندؤ ته ماريا ويندؤ. نه ته جنهن رياست وٽ دنيا جي ڏهين وڏي فوج ۽ جنهن جي ماتحت عالمي نمبر ون انٽيليجنس ايجنسي آءِ ايس آءِ هجي، اُها رياست طالبان جي غنڊن سامهون ڪيئن بيوس ٿي سگهي ٿي؟

مقتل تيار هو، قاتل ٽولن کي پکيڙيو ويو هو. محترمه کي به اندازو هو ته قاتل منهنجي پويان آهن پر هوءَ ذوالفقار علي ڀٽو جي صاحبزادي هئي، جنهن پنهنجي جان ته قربان ڪرڻ قبول ڪئي پر تاريخ ۾ مرڻ قبول نه ڪيو. جيڪڏهن هوءَ به چاهي ها ته جان بچائڻ جي لاءِ سياست تان دستبردار ٿي وڃي ها ۽ نواز شريف وانگر ملڪ بدري قبول ڪري ڇڏي ها، پر هُن به پنهنجي ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ مرڻ کي ترجيح ڏني. اهڙي طرح جيڪڏهن محترمه چاهي ها ته آمريڪا يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ سٺي زندگي گذاري سگهي ها پر هُن پنهنجي رت سان اقتدار جي مرڪز ۾ پنهنجي مظلوم رت جو اهو داغ لڳائڻو هو، جنهن کي جنرل مشرف جي سوين واٽر ٽينڪرز جي ڌوئڻ جي باوجود داغ ڌوپجي نه سگهيو ۽ اچڻ واري تاريخ ۾ هميشه جي لاءِ عيان رهندو. ان داغ ۾ جتي لياقت علي خان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو رت شامل آهي، انهيءَ ۾ اڪبر بگٽي ۽ انهن هزارن گم ٿيل ماڻهن جو رت به شامل آهي، جن کي بلوچستان، سنڌ، پنجاب ۽ پختونخواهه مان کنڀيو ويو ۽ اڄ تائين انهن جو ڪو به پتو نه آهي.

پاڪستان جي غريب عوام جون بد دعائون ۽ ڳوڙها به ان دردناڪ داغ جو حصو بڻجي ويا آهن ۽ اڄ آسمان طرف ڏسي مظلومن جا وارث ان وڏي عدالت ۾ پنهنجي داد رسيءَ جي فرياد داخل ڪري رهيا آهن، ڇو ته جتي زميني عدالتون ناڪام ٿينديون آهن، اُتي آسماني عدالت پنهنجو فيصلو ڏيندي آهي، جيڪو آخري ۽ اٽل فيصلو آهي. جنرل ضياءُ الحق تي ته آسمان جي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جيڪو هينئر تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي، جنرل مشرف به ڀوڳي رهيو آهي، ڇو ته هيءُ قتل ان معصوم ۽ يتيم جو نه هو پر ۲۲ ڪروڙ عوام جي مستقبل جي اُميدن جو قتل هو.

اڄ تبديلي جو خواب ڏيکاري جن پاڪستان جي عوام کي مهانگائي، بيروزگاري ۽ لاقانونيت جي باهه ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي، هي اُن بي ڏوهي بينظير جي بيگناهه رت جو انتقام آهي، جيڪو انهن کي ٻڌائي رهيو آهي ته هاڻ هيءَ خلقِ خدا اٿي ته مقتدر ڌرين جون ديوارون ڌڏي وينديون ۽ پوءِ ڀڄڻ جي لاءِ رستو به نه ملندو. پيءُ ۽ ڌيءَ جو خونِ ناحق اڄ به هِن زمين تي موجود آهي، اهو ان وقت تائين تازو رهندو، جيستائين انهن جي شهادت کي مٽيءَ ۾ لڪائڻ وارا پاڻمرادو تباهه ۽ برباد ٿي ويندا. هن زندگيءَ جي ته ڪا ڳالهه نه آهي، ڇو ته اها اچڻي وڃڻي آهي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۹ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


محترمه بينظير ڀٽو

(مثال رحمدلي ۽ بهادري)

شرجيل انعام ميمڻ

اڄ محترمه بينظير ڀٽو جو ۶۹هون جنم ڏينهن آهي، هوءَ ڪيتري قدر رحمدل هئي ۽ ڪيتري قدر هن بهادري سان ظلم، ظالم، تڪليفن ۽ ڏکيائين جو مقابلو ڪيو. اڄوڪو ڏينهن اها حقيقيت سمجهڻ جو آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڊسٽرڪٽ جيل راولپنڊي ۾ موت جي ڪال ڪوٺڙي ۾ ويهي پنهنجي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي هڪ خط لکيو هو، جيڪو ”منهنجي سڀني کان پياري ڌيءَ“ جي نالي سان ڪتاب جي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. ان خط ۾ شهيد ڀٽو پنهنجي نياڻي کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته ”۱۹۵۷ع جي سياري جي موسم ۾ جڏهن تون چئن سالن جي هئينءَ ته اسان ”المرتضيٰ“ جي بلند چبوتري تي ويٺا هئاسين، صبح جو وقت تمام خوشگوار هو، منهنجي هٿ ۾ دونالي بندوق هئي، هڪ بيرل ۲۲ ۽ ٻيو ۴۸۰ جو هو، مون بنا سوچي سمجھي هڪ جھنگلي طوطو ماري وڌو، جڏهن طوطو چبوتري ويجھو ڪريو ته تو رڙ ڪئي، تو ان کي پنهنجي موجودگي ۾ دفن به ڪرايو ۽ تون لاڳيتو روئيندي رهينءَ. تون ماني کائڻ کان به انڪار ڪيو هو. هڪ مرده طوطي ۱۹۵۷ع جي سياري جي موسم ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٻارڙيءَ کي روئاري ڇڏيو هو. ۲۱ سالن بعد اها ٻارڙي هڪ نوجوان ناري بڻجي وئي آهي، جنهن جا حوصلا فولادي آهن ۽ جيڪا ظلم جي ڊگھي رات ۾ دهشتگرديءَ جو بهادري سان مقابلو ڪري رهي آهي.“

هڪ پکيءَ جي موت تي ماتم ڪندڙ انتهائي رحمدل ڇوڪريءَ تاريخ ۾ بهادري جا اُهي مثال قائم ڪيا، جيڪي شايد ئي ڪو ڪري سگھندو. اُن ئي ڇوڪريءَ ٻن فوجي آمرن جو مقابلو ڪيو. ان ئي دهشتگردن کي للڪاريو، جن جي پٺڀرائي عالمي طاقتون ۽ پاڪستان ۾ سندن ڪارندا ڪري رهيا هئا. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن سياست جي شروعات ڪئي ته پوري دنيا ۾ سياسي قوتن لاءِ تاريخ جو سڀني کان ڏکيو وقت شروع ٿي چڪو هو، اهو دور شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي دور کان به وڌيڪ ڏکيو هو. ۳ اپريل ۱۹۷۹ تي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي امڙ بيگم نصرت ڀٽو سان گڏ پنهنجي والد سان آخري ملاقات ڪري رهي هئي ته دنيا ۾ سرد جنگ جو دور پنهنجي پڄاڻي ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو هو. سلاخن جي هڪ پاسي زمين تي ذوالفقار علي ڀٽو ويٺو هو، جنهن کي ڪجھ ڪلاڪن کان پوءِ ڦاهيءَ تي چڙهڻو هو، ٻئي پاسي شهيد بي بي ۽ سندس والده هئي. ٻنهي پاسي جنهن ڏک ۽ درد جو احساس هو، اهو صدين تائين الميه شاعري ۽ دردناڪ گيتن ۾ بيان ٿيندو رهندو. شهيد ڀٽو پنهنجي گھرواري ۽ سڀ کان پياري ڌيءَ کي مخاطب ڪندي چيو ته؛ ”اوهان ٻنهي تمام گھڻيون تڪليفون سٺيون آهن، هي اڄ مون کي قتل ڪرڻ وڃي رهيا آهن، مان اوهان کي اوهان جي مرضيءَ تي ڇڏيان ٿو، جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پاڪستان مان ان وقت تائين ٻاهر هليا وڃو، جيستائين آئين معطل آهي ۽ مارشلا لاڳو آهي. جيڪڏهن اوهان کي ذهني سڪون گھرجي ۽ زندگي نئين سر گذارڻ چاهيو ٿيون ته يورپ هليا وڃو. مون پاران اجازت آهي.“ بيگم نصرت ڀٽو جواب ڏئي ٿي ته ”نه نه اسين نٿا وڃي سگھون، اسان ڪڏهن به نه وينداسين، جرنيلن کي ڪڏهن به اهو تاثر نه ڏينداسين ته اُهي کٽي ويا آهن.“ شهيد ڀٽو بعد ۾ پنهنجي ڌيءَ بينظير سان مخاطب ٿيندو آهي ”۽ پنڪي تون!” شهيد بي بي چوندي آهي ته: ”مان ڪڏهن به نٿي وڃي سگھان“ اُن گهڙيءَ ۾ جيل سپريٽينڊنٽ پڪاري ٿو ته؛ “وقت ختم ٿي چڪو آهي.“ جِتان تاريخ ۾ بهادريءَ جي هڪ ٻي داستان شروع ٿئي ٿي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پنهنجي والده کان پيپلز پارٽي جي قيادت سنڀالي ته سرد جنگ جي دور جو خاتمو ٿي چڪو هو، دنيا ۾ يونيپولر سسٽم لاڳو ٿي چڪو هو. آمريڪا دنيا جو واحد سپر پاور بڻجي چڪو هو، ڪجھ عرصي بعد سوويت يونين به ٽٽي ويو. ٽئين دنيا ۾ عوام دوست، ترقي پسند ۽ اعتدال پسند سياسي قوتن لاءِ تمام ڏکيو وقت شروع ٿي ويو. پوري دنيا ۾ جمهوري قوتون ڪمزور ٿي ويون، نو آبادياتي تسلط خلاف آزاديءَ جون تحريڪون به ڪمزور ٿي ويون. سوشلسٽ انٽرنيشنل جو به اُهو ڪردار نه رهيو. پوري دنيا ۾ عوام دوست قوتن جي وچ ۾ رابطا به ڪمزور ٿي ويا ۽ هو پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ آمراڻي ۽ سامراجي قوتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اڪيليون رهجي ويون، شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي پاڪستان ۾ جنرل ضياءُ الحق جي آمراڻي حڪومت جي ظلمن ۽ تڪليفن جو ان ڪري به وڌيڪ مقابلو ڪرڻو پيو جو پاڪستاني خطو آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي فرنٽ لائين اسٽيٽ بڻجي ويو هو. پاڪستان جي حڪمرانن افغانستان ۾ عالمي طاقتن جي جنگ ۾ پوري ملڪ کي ڌِڪي ڇڏيو هو. عوام دوست سياسي قوتن لاءِ جيتريون مشڪل حالتون پاڪستان ۾ هيون، شايد ٽئين دُنيا ۾ ڪٿي به نه هيون. ان هوندي به شهيد محترمه بينظير ڀٽو حالتن جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ (ايم آر ڊي) جي پليٽ فارم تان پاڪستاني قوم کي منظم ڪيو. ان ئي دوران ٽئين دنيا جي سياست ۾ دهشتگردي جو عنصر شامل ٿيو ۽ دهشتگردن ”غير رياستي قوت“ طور عوام دوست ۽ ترقي پسند قوتن خلاف ڪارروائيون ڪيون ۽ انهن کي نقصان رسايو.

هي اهو دور هو، جنهن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڪوڙي ڪيسن کي منهن ڏنو. جيل جون سختيون برداشت ڪيون، ڪيترن ئي ڪارڪنن پنهنجي پٺيءَ تي ڪوڙا کاڌا ۽ ڪجھ ڪارڪن ته ڦاهي به چڙهي ويا. اهو خوف ۽ دهشت جو دور هو، شهيد بي بي ان دور کان پاڪستان کي ٻاهر ڪڍيو ۽ مشڪل جدوجهد کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي، پر اهو جمهوري دور گھڻو عرصو نه رهيو ان ۾ به ٽن جمهوري حڪومتن کي هٽايو ويو ۽ چوٿين جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري هڪ جنرل پرويز مشرف اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. پرويز مشرف جو دور عوام دوست ۽ ترقي پسند سياسي قوتن لاءِ جنرل ضياءَ جي دور کان به وڌيڪ مشڪل ٿي ويو. پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان ۾ وڙهي ويندڙ عالمي طاقتن جي جنگ جو ٻارڻ بڻايو ويو. سياست کي غير رياستي قوتون يعني دهشتگرد ئي ڪنٽرول ڪندا هئا ۽ دنيا ۾ دهشتگردي خلاف جنگ جي نالي تي هڪ نئون ضابطو لاڳو ڪيو ويو، جنهن ۾ دهشتگرد ئي فيصلا ڪندڙ ڪردار هئا. ٽئين دنيا خاص ڪري پاڪستان ۾ عوامي سياست ڪرڻ رسڪ بڻجي ويو هو. پاڪستان جا حڪمران دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران عوام دوست ۽ ترقي پسند قوتن کي چٿڻ ۾ مصروف هئا ۽ دهشتگرد ان ڪم ۾ سندن مددگار هئا. اهڙين حالتن ۾ به شهيد محترمه بينظيرڀٽو پاڪستان واپس اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عوام جي جمهوري حقن جي جدوجهد ۾ اڳواڻي ڪئي. هوءَ ڄاڻي پئي ته ملڪي ۽ بين الاقوامي طاقتون اهو سڀ برداشت نه ڪنديون ۽ دهشتگردن جي ڪُلهي تي بندوق رکي کيس نشانو بڻائينديون. هن ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۰۷ع تي وطن واپسي کان پهرين چيو هو ته منهنجي جان کي خطرو آهي. هن اهو به ٻڌايو هو ته کيس ڪهڙن ماڻهن کان خطرو آهي پوءِ به هوءَ پاڪستان آئي. هڪ حملو مٿس ۱۸ آڪٽوبر تي ٿيو تنهن هوندي به هن عوام سان پنهنجي رابطا مهم جاري رکي، ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي لياقت باغ راولپنڊي ۾ عظيم الشان جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ”منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ عوام ساڻ آهي“ ۽ پوءِ هُن بهادري سان حالتن جو مقابلو ڪندي عوام وچ ۾ ئي پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي. هڪ پکيءَ جي موت تي روئڻ واري هڪ هٿين خالي ڇوڪريءَ آمرن، دهشتگردن ۽ سامراجي قوتن جو جهڙي ريت مقابلو ڪيو تاريخ کي هميشه ان تي فخر رهندو. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

شھيد بينظير ڀٽو

ڀلي ڄائي مارئي!

عبداش پنھور

شهيد بينظير ڀٽو جو اڄ جنم ڏڻ آهي. اها بينظير جنهن کي ڌرتي لوڪ جمهوري جدوجهد دوران آمريت خلاف شاندار هلچل هوندي سڏيو هو. ”مارئي ملير جي، بينظير، بينظير.“ ها! اها ئي بينظير جيڪا ڀٽو جي پنڪي آهي. ساڳي ئي بينظير جيڪا وقت جي آمريتي هچائن خلاف جمهوريت جو بئنر کڻي ڏچا ختم ڪرڻ لاءِ بيهي رهي. هن چار اپريل تي پنهجي والد شهيد ڀٽو جي ورسيءَ تي لاهور جلسي ۾ اعلان ڪيو هو ته ”زنده آ، ڀٽو زنده آ“  انهي نعري ڊڪٽيٽرشپ واري ماحول ۾ مانڊاڻ مچائي ڇڏيو هو. اڄ تنهن بينظيرجو جنم ڏڻ آهي، جنهن کي ملڪ جي ماڻهن چيو هو ته ”تنهنجي ڀيڻ، منهنجي ڀيڻ، بينظير، بينظير.“ تنهن بينظير لاءِ هاڻ اهو لکڻ چوڻ فضول ڳالهه هوندي ته هوءَ ڦلاڻي پارٽيءَ جي سربراهه هئي. هوءَ ڪيترا ئي ڀيرا وقت جي وزير اعظم چونڊي وئي پر نام نهاد جهادين عورت وزير اعظم کي فڪري طور ڪڏهن به قبول نه ڪيو تنهن ڪري بينظير صرف بينظير آهي، جيڪا هردور جي بينظير رهندي، ڇو ته وطن جي ماڻهن اهو به نعرو نغارو بڻائي ڇڏيو هو ته ”سياسي مرشد، سياسي پير، بينظير، بينظير.“ سچ لکيو شيخ اياز ته، ”تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.“  اها بينظير اسان جي تنهن سرگرم سياسي دور۾ ساماڻي هئي جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي ۽ سندس ساٿي ڪميونسٽ بغاوتي ڪيس واري جيل ڀوڳنا ڀوڳي رهيا هئا. عوامي تحريڪ جو رهبر رسول بخش پليجو ڪوٽ لکپت جيل ۾۽ شيخ اياز کي ساهيوال جيل ۾ موڪليو ويو، تنهن وقت ولي خان کان ميرغوث بخش بزنجو ۽ عطاءُ الله مينگل تمام وڏا ليڊر هئا. اهو سرد جنگ جو زمانو هو چون ٿا ڀٽو حڪومت جو سج به تڏهن لٿو جو ڀٽو اولهه اوڀر ڇڏي سموري جڳت کي جاڳائڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته واٽ تي ئي پنڌ ۾ سج لهي ويس، ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع ۾ ڊگهي آمريت اچي پاڪستان کي آباد ۽ شاداب ڪرڻ جا ترانا شروع ڪيا هئا. نان سول اسٽيبلشمنٽ ۽ سردارن، نوابن گڏجي ڀٽو جو تخت بخت ختم ڪرڻ جو پنهنجو پنهنجو وچن وفا ڪيو ۽ پوءِ جيڪو ٿيو خوب ٿيو، جڳت ڊگهي ڪاري دور ۾داخل ٿي وئي. بس تنهن ڪاري دور ۾ اياز سمون کي به ڦاهي چاڙهيو ويو، جنهن مست قلندر جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونجار ۾ ڦندو پائي وقت جي تارا مسيح کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو. راولپنڊي جا اهي جيالا جن ڀٽو جي ڦاهي خلاف آتم هتيا يعني آپگهات ڪيو، پاڻ ساڙي باهه لڳائي ڇڏي هئي، تنهن زماني جو اهو داستان تاريخ جي باب جو حصو آهي، جڏهن شهيد راڻي جا سمورا انڪل شاهي محلاتن ۾ پنهنجي پنهنجي سياسي مستبقل لاءِ ڌار ڌار انداز سان سوچي رهيا هئا ۽ پوءِ آهستي آهستي کسڪي ڌار به ٿي ويا، پ پ پ ڇڏي ويا، ڇو ته انهن کي پاڻ بچائڻ جو رڳو بهانو گهربو هو. شهيد بينظير ڀٽو کي ڏکين حالتن ۾ پ پ پ جي قيادت ملي، ان وقت  سندس ماءُ مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو پارٽي جي رهبري ڪندڙ هئي. پ پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊڪٽيٽر سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، تاريخ جا ڪجهه مورخ اها راءِ رکن پيا ته ڀٽو خلاف ڀٽو ڪارڊ کيڏڻ جهڙو تماشو به تنهن آمريت جي ذهانت جو ڪمالي ڪرتب هو. اها سياسي روايت آهي ته پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۾ مزاحمتي بينظير ڀٽو جڏهن نواب خيربخش مري وٽ بالاچ خان مريءَ جي حوالي سان ڏک ونڊڻ وئي ته تنهن ملاقات دوران سخت سياسي طور مايوس ٿي ۽ پريشان به ٿي هڪ پ پ پ جي اهم اڳواڻ کي چيائين ته، ”ڏسو ڪو حل ڪڍو صورتحال ڳنڀير آهي.“ تن ڏکين حالتن دوران شهيد بينظير ڀٽو کي ڪامريڊ ڄام ساقي ياد اچي ويو ۽ هڪ پ پ پ  ليڊر کي چيائين ته ڪامريڊ ڄام ساقي سان رابطو ڪيو ته رُٺل بلوچ پرچائڻ ۾ سياسي طور مدد ڪري. اها به سياسي روايت آهي ته جڏهن ڪميونسٽ بغاوت ڪيس ۾ ملٽري ڪورٽ اندر شهيد بينظير ڀٽو، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي حمايت ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ آئي هئي ته تنهن وقت ايم آر ڊي هلچل پئي هلي انهن حالتن ۾ اهو ملٽري ڪورٽ وارو فورم سياسي طور تمام گهڻو سرگرمين جو ڳڙهه بنجي ويو هو. انهيءَ ڪيس ۾ ميرغوث بخش بزنجو کان ولي خان تائين اهم اڳواڻ شاهد بنيا هئا پر خاص ڪري محترمه بينظير ڀٽو جي شاهدي اها به ملٽري ڪورٽ ۾ بيان جيڪو هاڻ تاريخ جو حصو آهي، تنهن زماني ۾ تمام وڏو سياسي فيصلو هو، ڇو ته سرد جنگ جو زمانو هو، پ پ پ ۽ سي پي ۾ ويجهي اچڻ جا امڪان ۽ انديشا گهڻن لاءِ خطري جي گهنٽي پڻ هئا، اهو ئي سبب آهي جو محتر مه بينظير ڀٽو جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقيءَ وٽ پ پ پ ۾ شموليت واري آڇ کڻي پهتي ته ڪامريڊ ڄام ساقيءَ لاءِ انڪار ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هو. تنهن کان اڳ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه کان وٺي اسماعيل اڍيجو تائين اهم اڳواڻن رابطا بحال ڪري ورتا هئا. 

شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ جي آخري حياتي واري ڏهاڪي دوران دنيا ۾ ماحولياتي بچاءُ واري عالمي فورم جو حصو رهي، جنهن کي ميخائيل گورباچوف ليڊ ڪري رهيو هو. آمريڪا برطانيه سميت ڪيترن ملڪن جي وڏن تعليمي ادارن ۽ سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ محترمه بينظيرڀٽو عالمي امن، ماڻهن جي سک سلامتي، انساني حقن جي بچاءُ ۽ ماحولياتي تحفط بابت جيڪو موقف رکيو تنهن کي فڪري طور محترمه بينظير ڀٽو ريڪنسليشن جو نالو ڏنو هو. مطلب ته هڪڙا ماڻهو چون پيا ته هاڻ دنيا اندر تهذيبن جي لڙائي ٿيندي پر محترمه بينظير ڀٽو وري اهو چوڻ شروع ڪيو ته تهذيبن ۾ سرچاءُ سان عالمي امن ۽ انساني حقن جو تحفظ ممڪن آهي. محترمه بينظير ڀٽو جو اهو عالمي امن وارو پيغام تاريخ جو تمام وڏو سڏپڙاڏو آهي، ڇو ته اهو فڪر انسانيت، امن، ڀائيچاري جو فڪر آهي، اهو فڪرِ بينظير، اصل ۾ جمهوري سفر جي بهتري سان گڏ اختلاف راءِ جو احترام رکڻ به آهي، جنهن ڳالهه ۾ سموري انسانيت جو جياپو پڻ ممڪن آهي، رڳو دنيا نه پر پاڪستان ۾ اهو فڪر کڻي محترمه بينظير ڀٽو بهترين پرچار ڪئي پر جيڪا سوچ سدائين آمريتي لڇڻ ۾ پلجي وڌندي رهي آهي تنهن فڪرِ بينظير خلاف سخت ترين مزاحمت شروع ڪري ڇڏي، جنهن جو هڪڙو اولڙو ۲۷ ڊسمبر جو سانحو آهي جو دشمن بينظير جو نشانو وٺي جسماني طور کيس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر فڪرِ بينظير ڀٽو، جيڪو عالمي اصولن جي امانت ۽ اعلان بنجي چُڪو آهي، تنهن جو آئينو بينظير ڀٽو جي شهادت بابت آيل عالمي رد عمل آهي، جيڪو تاريخ جو رڪارڊ آهي. 

جڏهن ته ڪامريڊ هيرالڊو مونوز جي جاچ رپورٽ پڻ تاريخ جو تمام وڏو رڪارڊ آهي. ڀٽائيءَ جي ڀوميءَ جي ڀاڳڀري ۽ وقت جي مارئي شهيد بينظير ڀٽو جو جنم ڏڻ ملهائڻ به هڪ تاريخ سان مخاطب ٿيڻ برابر آهي. جڏهن جديد سنڌ جي تاريخ ڪير پچاريندو تڏهن اها ئي وائي لوڪ واتان نڪري نروار ٿيندي ته، ”ڀلي ڄائي مارئي.“ هن جنم ڏڻ تي تنهن سموري لوڪ کي واڌايون هجن جيڪي فڪرِ بينظير ۾ يقين رکن ٿا.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۱ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


ھڪڙي ھئي بينظير

رضيہ مورائي

۲۱ جُون ان عظيم ھستيءَ جي ڄمڻ جو ڏينھن آهي، جيڪا ھڪئي وقت ھڪ عظيم نياڻي، بي مثال عورت، وفادار زال، محبت سان مالا مال ھڪ بھترين ماءُ، پيار ڪندڙ ۽ جان نڇاور ڪندڙ ھڪ ڀيڻ ۽ ھڪ بھادر، جرئتمند، بيباڪ، سھڻن سخنن واري ۽ عوام جي ھردلعزيز اڳواڻ ھئي. ھوءَ عورت ھوندي به مردن وانگر عظمت، بھادريءَ ۽ بيخوفيءَ جي اھڙي تاريخ ڇڏي وئي آھي، جيڪا سونھري اکرن سان لکي ويندي. اھي سڀ ارڏايون ۽ سرفروشي ھن کي ورثي ۾ ملي. ڇاڪاڻ ته ھوءَ ذوالفقار ڀٽو جھڙي اڏول ۽ دنيا جي مڃيل اڳواڻ جي نياڻي ھئي. اھو اڳواڻ جيڪو جنرل ضياءَ جھڙي جابر جي اڳيان ھمت ۽ بيباڪيءَ جو مثال بڻيو بيٺو رھيو. جنھن موت سان به اکيون اکين سان ملايون ۽ ذوالفقار ڀٽو پنھنجي قول فعل جي پاسداريءَ ۽ ڪوڙ جي اڳيان آڻ نه مڃيندي، پنھنجي ھٿن سان سوريءَ کي به مانُ بخشيو ۽ پاڻ کي تاريخ ۾ امر ڪري ڇڏيو. اھڙي بھادر ۽ عظيم اڳواڻ ۽ پيءُ جي ڌيءَ ڀلا ڪيئن ٿي ڪنھن جي اڳيان آڻ مڃي سگھي!

ھوءَ مسلم دنيا جي پھرين عورت اڳواڻ ھئي، جيڪا جمھوري طرح سان منتخب ٿي ۽ ۳۵ سالن جي تمام ننڍي ڄمار واري وزيراعظم بنجي ايوان ۾ پھتي. محترمه بينظير ڀٽو کي قائدانه صلاحيتون توڙي ڏاھپ پنھنجي پيءُ کان ورثي ۾ مليون. جھڙي طرح ذوالفقار ڀٽو عوام کي ۽ ھن ملڪ کي سڃاڻپ، استحڪام بخشيو، ساڳئي وقت ملڪ کي سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام کان نجات ڏيارڻ لاءِ اھڙا سخت قدم کنيا جن جو مثال ملڻ مشڪل آھي. ان جي نتيجي ۾ جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقو ڀٽو جي خلاف ٿي ويو ۽ آخر ڪار انھن ملي ڪري ڀٽو کي تختهءِ دار تي چاڙھيو. ڇاڪاڻ ته انگريز سامراج جي اثر ھيٺ پليل يا رھيل انھن قوتن کي ڀٽوز جھڙن اڳواڻن جي ضرورت نه ھئي. ڇو ته ھنن جي سوچ سدائين پنھنجي مفادن جي چوڦير ڦرندي ٿي رھي. اھڙين استحصالي قوتن سدائين جمھوريت ۽ عوامي اڳواڻن جي رستا روڪ ڪئي آھي. بينظير ڀٽو به پنھنجي بابا جيان عوامي اڳواڻ ھئي، ان ڪري ھوءَ ملڪ دشمن قوتن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندي ھئي. محترمه کي ٻه ڀيرا حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو پر افسوس ته ھن کي حڪومتي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. ٻئي ڀيرا سندس حڪومت کي اڍائي ٽن سالن کانپوءِ ڪنھن نه ڪنھن ڪرپشن جي الزام تحت ختم ڪيو ويو. ايترين رڪاوٽن، تڪليفن ۽ پريشانين ملڻ کانپوءِ به ھن عوامي ڀلائيءَ جا اھڙا کوڙ سارا ڪم ڪيا، جيڪي نه صرف سنڌي توڙي پاڪستاني قوم جي لاءِ فخر جو سبب آھن. ھڪ عورت ھوندي ھن عورتن جي لاءِ ڪيترائي انقلابي قدم کنيا، جيڪي تاريخ ۾ سونھري باب بڻجي جرڪندا رھندا. سندس ڪيل ڪجھ ڪمن جو ھت ذڪر ڪجي ٿو.

ھن عورتن لاءِ قائدا قانون مقرر ڪيا. پنھنجي تقريرن جي ذريعي عورتن جي ھمت ۽ حوصلي کي وڌايو ته جيئن اھي اڳتي اچي تعليم حاصل ڪن ۽ نوڪري ڪن. ۱۹۸۸ ۾ ھن عورتن جي لاءِ تعليمي سينٽر ملڪ جي پنجن يونيورسٽيز ۾ قائم ڪيا. محترمه عورتن جي بنيادي ۽ سماجي حقن لاءِ اھڙي ملڪ ۾ آواز اٿاريو، جتي عورتن کي گھر کان ٻاھر نڪرڻ جي اجازت نه ھئي. ھن پنھنجي مذھبي دائري ۾ رھندي سندن حقن لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ انھن کي اڳتي آڻڻ ۽ سماجي سوچ کي بدلائڻ ۾ ڪامياب ٿي. ھن ۱۹۹۳ ۾ پھريون وومين پوليس اسٽيشن قائم ڪيو ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪر پروگرام تشڪيل ڏنو. عورتن جي معاملن لاءِ وزارت تشڪيل ڏني وئي ۽ ورڪنگ وومين ھاسٽل جو قيام پڻ عمل ۾ آيو. اسلام آباد ۾ عورتن لاءِ ڪمپيوٽر سينٽر قائم ٿيا. ان کان علاوه ڪيتريون ئي اسڪيمون پڻ آنديون ويون. ھوءَ اڄ به عورتن لاءِ ھمٿائڻ، عزم ۽ حوصلي جو اھڙو ڪردار آھي، جنھن کي موت به مات نه ڏئي سگھيو. ھوءَ ڪلھ به ھئي ۽ اڄ به اسان جي دلين ۾ آباد آھي. 

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا