محمد ابراهيم جويو
هڪ صديءَ جو پڙاڏو
پروفيسر محمد
سليم ميمڻ
اڄ ۱۳ آگسٽ آهي. سائين محمد ابراهيم جويي جي ۱۰۲ين سالگرهه. کين ان سڀاڳي ڏينهن جون مبارڪون هجن.
جويو صاحب، سنڌ ڌرتيءَ جو اهو
چمڪندڙ تارو آهي، جيڪو گذريل هڪ صديءَ کان سنڌ جو آواز بڻجي، ان جي افق تي چمڪي،
هن ڌرتيءَ ۽ ان جي رهاڪن لاءِ پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجي آواز کي انهن ايوانن
تائين پهچائيندو رهيو آهي، جن وٽ هن ڌرتيءَ جي رهواسين جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو
اختيار رهيو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن، هن عظيم ڏاهي جي ڳالهين تي ڌيان نه
ڌريو آهي.
محمد ابراهيم جويي جي هڪ صديءَ
جي آدرشي حياتي کي هن ايڏو ته مُحرڪ، متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽ بامقصد بڻايو آهي، جنهن جو
مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محال آهي.
جويو صاحب پنهنجي عملي زندگيءَ
جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي، پر پاڻ سدائين ان حيثيت کي برقرار رکندو آيو
آهي، ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏيندي، ڪٿي سياسي، سماجي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي، ته وري
ڪٿي سياسي اڳواڻن جي به تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ استاد سان گڏ پاڻ هڪ
ڏاهو به آهي، جنهن سنڌ بابت هميشه پاڻ کي پتوڙيو آهي. سندس فڪر سندس لکڻين مان
جرڪندو نظر اچي ٿو. سندس فڪر جي مٽي بنيادي طور تي ٽن ڌارائن مان ڳوهيل آهي.
بنيادي طور تي پاڻ پنهنجي قوم ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو عاشق آهي، سنڌ سان سندس عشق جو
جمال عمر جي هن وهيءَ ۾ به پسي سگهجي ٿو ته پنهنجي ڪمزور بُت، هاٺي ۽ ڪاٺي جي
هوندي به سندس حوصلا، سندس سوچ ۽ سندس فڪر ڌرتيءَ لاءِ ڪيئن بکندو نظر اچي ٿو.
۱۳ آگسٽ ۲۰۱۴ع کان ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تائين محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي پاران ملهايل مختلف جلسن،
ڪانفرنسن ۽ گڏجاڻين ۾ سندس اتساهيندڙ رويو ۽ سوچ ان جو هڪ واضح مثال آهي.
سراج الحق هڪ هنڌ لکيو آهي ته،
”قوم ۽ وطن سان عشق ئي جويي صاحب جو مذهب آهي. هن هميشه روشن سنڌ جو خواب ڏٺو ۽ ان
جي ساڀيان لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي“ ۾ ڪيو اٿس. ان ڪتاب جي
مضمونن ۾ هن دنيا جا سڀ عظيم اصول، آدرش، قدر ۽ روايتون سامهون رکي، اهي سپنا ڏٺا
۽ انهن جي ساڀيان لاءِ حل ۽ نبيرا به تجويز ڪيا آهن.“
جويي صاحب جي فڪر جو ٻيو پهلو
ماديت پسندي ۽ عقليت پسندي آهي. ارڙهين صدي جي ماديت پسندي ۽ اڳتي هلي ان ۾ ٿيل
جدلي ۽ تاريخي ماديت وارا واڌارا ۽ سڌارا، سندس سوچ جو محور رهيا آهن، ۽ سڄي ڄمار
اُن جي پرچار ۽ ٻين کي ان لاءِ اتساهيندو
رهيو آهي.
جويو صاحب بنيادي طور تي هڪ
سيڪيولر سوچ جو مالڪ هو. هن سڄي ڄمار پنهنجي لکڻين ۾ ان فڪر جو پرچار ڪيو آهي،
جيڪو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي.
جويي صاحب جي زندگيءَ جو جيڪڏهن
جائزو وٺجي ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي ماءُ ۽ پيءُ جي پيار کان محروم رهيو، ڏاڏي ۽
ڏاڏيءَ جي قرب ۾ پلجي وڏو ٿيندڙ محمد ابراهيم جويو، جڏهن اسڪول جي چانئٺ اُڪري،
اُتي تعليم پرائڻ لاءِ پهچي ٿو ته سندس استاد ٽيڪڻ مل سندس آدرشي استاد جي حيثيت ۾
کيس اتساهيندو نظر اچي ٿو. اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جو پهريون ڏينهن، سندس زندگيءَ جي اهم
ڏينهن مان آهي.
پنهنجي زندگيءَ جي پهرئين اهم
ڏينهن ۽ پنهنجي استاد سائين ٽيڪڻ مل جي ڪردار ۽ شخصيت تي هڪ خاڪي ۾ لکيو اٿس:
”پنهنجي ننڍپڻ جي پهرين
يادگيريءَ مان پهريون هڪڙي جيڪا پياري ۾ پياري يادگيري منهنجي دل تي سدائين تري
ايندي آهي، سا آهي منهنجي اسڪول ۾ وڃڻ جي پهرين ڏينهن جي يادگيري. منهنجي ڏاڏِي
مون کي اسڪول وٺي هلي هئي. ان کان اڳ ڏاڏو مرهيات ناني احمد موچيءَ کان جُتي
جوڙائي آيو هو. منهنجي غريب امڙ مون لاءِ ڪپڙن جو نئون جوڙو سُبيو هو ۽ ٽِڪن واري
ٽوپي ٽونئر سان، قلم ۽ سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بُجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن تي به هُن ٽِڪون
جَڙيون هيون ۽ ڀرت ڀري ان کي سهڻو بڻايو هو. ڪنهن دفعي آءٌ پنهنجي امڙ جي ڳالهه به لکندس، هينئر به جڏهن آءٌ هي اکر لکي
رهيو آهيان، ته منهنجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن ۽ منهنجو هانءُ به ڀرجي آيو آهي.“
”هميشه کير جهڙو اجو اجرو ڍلو
چولو پائيندو هو، جنهن جي ڳچي پٽي واري هوندي هئي ۽ ڊيگهه گوڏن تائين هوندي هئي.
ٻانهون کليل ۽ ويڪريون هونديون هيون، جنهن کي ڪم ڪرڻ وقت کنجي مٿي چاڙهي ڇڏيندو
هو. جڏهن ته ويڪرن پائنچن وارو پاجامو
پائيندو هو. پيرن ۾ ڪاري چمڙي جي جُتي ۽ مٿي تي
ڪاري مخملي ٽوپي. هو عمر ۾ پنجويهن کان ٽيهن ورهين جو نوجوان هو. ڊگهو قد،
ماسيرو بُت، ڪڻڪ رنگو، گول چهرو، ڊگهو نڪ، وڏيون ڪاريون اکيون، ويڪري پيشاني،
وڏيرن جهڙا وڏا ڪن، جڏهن ڪنهن کي چتائي ڏسندو هو ته لڳندو هو ته پاڻ چهري جي نقش
نگارن مان ان شخص جي ڪردار جي خاصيتن کي پروڙيندو هجي. سندس اکين جي چمڪ ٻين جي
اکين ۾ ائين ليئا پائيندي هئي، ڄڻ ڪنهن شيءِ جي ڳولا ۾ هجن. سندس ڳالهائڻ جو انداز
عجيب، دلڪش ۽ وڻندڙ هوندو هو. آواز سريلو پر کڙڪي وارو، ٻڌندڙ به ڇرڪي پوي.
ڳالهائيندي سندس چپن تي هميشه مرڪ هوندي هئي. ڳالهائڻ جو ڏانءُ به ڪو کانئس سکي.
ٻين جي ڳالهين کي ڏاڍي پاٻوهه مان ٻڌندو هو.
سائين ٽيڪڻ مل ڳوٺ آباد جو
رهواسي ڪونه هو بلڪ اتان ويهه ميل پرتي آراضي نالي ڳوٺ جو رهاڪو هو. پاڻ هر ڇنڇر
تي پنهنجي ڳوٺ هليو ويندو هو ۽ سومر ڏينهن صبح جو سويل اچي اسڪول پهچندو هو. هر
ڀيري ٻارن لاءِ کائڻ جي ڪانه ڪا شيءَ ضرور پاڻ سان آڻيندا هئا. ڪڏهن ڪا مٺائي،
ڪڏهن ٻاجهر يا جوئر جي ماني مان ٺهيل ڪُٽي، ڪڏهن مٺي ماني، ڪڏهن بوندي، ڪڏهن مائو.
ايندي ئي چوندا هئا ٻارو ڏسو! امان هن ڀيري اوهان لاءِ ڇا موڪليو آهي، اهو چوندي
پاڻ سان آندل سوکڙي ٻارن ۾ ورهائي ڇڏيندو هئو. سائين ٽيڪڻ مل جي ميز جي خاني ۾ ٺڪر
جي برنيءَ ۾ ٿڌ، زڪام ۽ کنگهه کان بچاءَ لاءِ گوريون، جن ۾ لونگ ۽ ڪارا مرچ پيل
هوندا هئا، هميشه موجود رهنديون هيون، اهي
به پاڻ پنهنجي گهران آڻيندو هئو، ۽ چوندو هو ته منهنجي ڪاڪي ٺاهيون آهن. پنهنجي
بابي کي ”ڪاڪا“ ڪوٺيندو هئو، سندس والد شايد ويد هو. سياري ۾ ٿڌ لڳڻ، زڪام، کنگهه
۽ بخار جهڙا مرض ڳوٺن ۾ عام جام هوندا هئا، ۽ ڳوٺاڻا هميشه اهڙين بيمارين ۾ ورتا
پيا هوندا هئا. ان مند ۾ سائين ٽيڪڻ مل جنهن به ٻار کي زڪام، کنگهه، بخار يا ٿڌ ۾
ورتل ڏسندو هو ته کيس پنهنجي ويجهو سڏي، خاني مان دوا جي برني ڪڍي کيس دوا چٽائي
ڇڏيندو هو.“
ٽيڪڻ مل جي زندگيءَ جا عڪس، ابراهيم
جويي جي زندگيءَ مان اسان کي جهلڪندا نظر اچن ٿا. پاڻ سڄي ڄمار ٽيڪڻ مل کي هڪ رول
ماڊل جي حيثيت ۾ پسندو ۽ ان جي زندگيءَ مان اتساهه حاصل ڪندو رهيو، ڇاڪاڻ ته ٽيڪڻ
مل نه فقط هڪ استاد هو، پر ساڳي وقت هڪ سماجي ڪارڪن بلڪ سماج سڌارڪ پڻ هو.
جويو صاحب ننڍي کنڊ جي مارڪسي
دانشور ايم. اين. راءِ جي سياسي پارٽي ”ريڊيڪل هيومنسٽ پارٽي“ جو ميمبر به هو ۽
انهن جي اخبار کي ڪجهه وقت تائين ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڏسندو رهيو. ايم. اين. راءِ جي
سوچ ۽ فڪر، جويي صاحب جي عملي زندگيءَ کي
نوان رخ ڏنا ۽ پاڻ سڄي ڄمار هڪ قومي ڏاهي جي حيثيت ۾ قومي سياست سان
لاڳاپيل رهيو. سرڪاري نوڪري هوندي به هن جيڪو سياسي ادب تخليق ڪيو، تنهن جي کيس
وقت به وقت سزا به ڀوڳڻي پئي، پر سندس ارادو اٽل ۽ پَهه پڪو هو ۽ پاڻ ان واٽ تي
هلندي، زندگيءَ جا هڪ سؤ ٻه سال مڪمل ڪري
رهيو آهي. ان اڙانگي واٽ تي هلندي سندس گهريلو زندگي به سخت متاثر ٿي، جنهن
جا اگرا اثر ڪٽنب جي ڀاتين تي به پيا، پر پاڻ انهن سختين ۽ ڏاڍ کي خوش اسلوبيءَ
سان منهن ڏيندو رهيو.
ورهاڱي وقت جيتوڻيڪ سندس عمر ڪا
گهڻي ڪانه هئي، هُو فقط ۳۰ ورهين
جو هو، پر سندس شعور ۽ سياسي سوچ جي پختگي کيس ورهاڱي جي وقت جي حالتن ۽ مستقبل جي
اگرن نتيجن کان باخبر ڪري رهي هئي. ان صورتحال کي آڏو رکندي ابراهيم جويي صاحب،
سنڌ جي وڏيرن، واڳ ڌڻين ۽ سياستدانن کي باخبر رکڻ لاءِ ۱۹۴۶ع ڌاريSave Sindh Save the Continent from the Feudal Lords,
Capitalists and their Communalist ڪتاب لکيو. ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾
ان وقت جي سنڌ جي تعليم جي وزير پير الاهي بخش، جيڪو سنڌ مدرسه بورڊ جو چيئرمين پڻ
هو، کيس نوڪريءَ مان ڪڍرائي ڇڏيو. ان سڄي صورتحال کي جويي صاحب خنده پيشانيءَ سان
قبول ڪيو. ڪتاب جي اشاعت ۽ نوڪريءَ کان جواب ملڻ تي واويلا ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي
مقصدن جي حاصلات لاءِ وڌيڪ سرگرم ٿي ويو ۽ وقت وڃائڻ کان سواءِ سنڌ اسيمبليءَ جي
ميمبرن ڏانهن هڪ کليل خط لکيو، جنهن ۾ ڪتاب ۾ ڏنل نڪتن جي وڌيڪ وضاحت ڪئي ويئي هئي
۽ سنڌ جي عوام پاران گهر ڪئي ويئي هئي ته، شخصي، گروهي ۽ طبقاتي مفادن بدران
پارلياماني سياست ۾ هلندڙ سازشن کي ٻُنجو ڏنو وڃي ۽ سماجي حقن جي تحفظ لاءِ
اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن. ابراهيم جويي اهو خط، اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌ بچايو
ڪميٽي جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ لکيو. ان خط کي سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر جي اخبارن
۾ وڏي پئماني تي پذيرائي ملي. ڳالهه اتي پوري ڪانه ٿي، بلڪ پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جي
هڪ هڪ ميمبر سان ملاقات ڪري به کين سنڌي قوم جي جذبن، خيالن ۽ اندر جي اڌمن کي
پهچائڻ جي مهم شروع ڪيائين، جنهن جو مقصد فقط اهو هو ته سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر انهن حالتن ۽ معاملن کي
چڱيءَ ريت سمجهن، جن کي سنڌ ۽ سنڌي عوام منهن ڏيئي رهيا هئا.
منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته
”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“، جيڪو جويي صاحب جو پهريون ڪتاب هو، تنهن ۾ جويي صاحب جن جن
حالتن ۽ صورتحال جي اڳڪٿي ڪئي هئي، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ انهن حالتن ۽ صورتحال جي
وڪڙ ۾ وڪڙجندي ويئي ۽ ڏينهون ڏينهن حالتون خراب کان خراب تر ٿينديون ويون ۽ جويي
صاحب جا خدشا ۽ اڳڪٿيون درست ثابت ٿين پيون.
جويي صاحب جو اهو ڪتاب هڪ
بنيادي ڪتاب جي حيثيت رکي ٿو. ان کان پوءِ جويي صاحب جيڪي به ڪتاب، مضمون ۽ مقالا
لکيا آهن، تن جو ماخذ اهو ئي ڪتاب آهي. ان ڪتاب تي اڳتي هلي سرڪار پابندي مڙهي
ڇڏي. تازو محمد ابراهيم جويو سؤ ساله جشن ڪاميٽي، اصل انگريزي ڪتاب ۽ ان جي سنڌي
ترجمي کي شايع ڪرايو آهي.
هونئن ته جويي صاحب پنهنجي
شعوري زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ڪيو ۽ مختلف ادارن ۾ مختلف حيثيت ۾ خدمتون
سرانجام ڏنيون، پر سندس ڪم ۽ مقصد بنيادي طور تي فقط اهو هو ته پاڻ سنڌين جي
شعورسازي ڪري. هڪ دانشور ۽ اديب کي پنهنجي قوم، وطن ۽ ٻوليءَ سان جيڪا دلي وابستگي
هجي ۽ ان جي آئيندي جي سلامتي، مانَ ۽ شانَ لاءِ جيڪا بي لوث اون ۽ دورانديش نگاهه
هجڻ گهرجي، ان جو سنڌ ۾ هڪ وڏو مثال سائين محمد ابراهيم جويو آهي.
ٻولي، جيئن ته قومن جي سڃاڻپ ۽
سماج جي شعوري توڙي تحت الشعور جي ترجمان هوندي آهي، تنهن ڪري جويو صاحب هڪ اديب،
ڏاهي جي حيثيت ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت سدائين حساس رهيو آهي، بلڪ اهو چوڻ وڌيڪ مناسب
ٿيندو ته پاڻ سڄي ڄمار ٻوليءَ جي بچاءَ، واڌاري، سڌاري ۽ ان کي قومي ٻوليءَ جو
درجو ڏيارڻ لاءِ هميشه پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي.
ثقافت جي صوبائي وزير سسئي
پليجو، جنهن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾
ان معاملي کي کنيو ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ گهربل سڀيئي
دستاويز، محمد ابراهيم جويي صاحب تيار ڪيا هئا. اهڙي ريت هي مرد مجاهد عمر جي هن
مرحلي ۾ به سنڌ، سنڌين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ ۾ رڌل آهي.
ابراهيم جويو صاحب توهان کي جنم
ڏينهن مبارڪ هجي.
ابراهيم جويو
صديءَ جي ساڃاهه جو سفر طئه ڪندڙ
عتيق ملاح -
حيدرآباد
سنڌ جو ڏاهي، عالم، اديب ۽
دانشور محمد ابراهيم جويو پنهنجي ۱۰۳ هين
سالگرهه ملهائي آهي، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي مختلف شهرن
۾ تقريبون ٿيون ۽ کيس سنڌي ٻولي، ادب ۽ وطن جي خدمت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو
ويو. محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشورو جي ڳوٺ آباد ۾ هاري محمد خان
جويو جي گهر ۾ جنم ورتو، هو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو، پر هن تعليم کي نه
ڇڏيو، معاشي حالتون بهتر نه هجڻ باوجود هن تعليم حاصل ڪئي. سنڌيڪا موجب هن پرائمري
تعليم جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهيا، ۱۹۲۷ع ۾ اي
وي اسڪول سن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي تعاون سان ٽي درجا انگريزي پڙهي،
هن ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخلا
ورتي، جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن اتي ڊاڪٽر گربخشاڻي،
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻي جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت حاصل ڪئي، ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئي جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان
موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ اسسٽنٽ ماسٽر
مقرر ڪيو ويو، هو مختلف عهدن تي رهيو، پر هن پنهنجي رستي کي نه ڇڏيو، هو هڪ صديءَ
جو سفر پورو ڪري زندگي جون ۱۰۳
بهارون مڪمل ڪري چڪو آهي، پر سندس حوصلا اڄ به بلند آهن، هن علم، ادب، شاعري ۽
عالمي ادب توڙي سياست سميت مختلف موضوعن کي تمام گهڻو لکيو آهي ۽ هن جا ڪيترائي
ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، هن مختلف علمي ۽ ادبي ادارن جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪيو،
سائين جي ايم سيد کي هن جو پهريون تعليمي مددگار پڻ سمجهيو وڃي ٿو.
محمد ابراهيم جويو پنهنجي
سالگرهه حيدرآباد واري رهائشگاهه تي ملهائي، جڏهن ته سندس سان محبت جي اظهار لاءِ
مختلف ادبي حلقن پاران پڻ سالگرهه ملهائي وئي، سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ جي سمورين
شاخن ۾ محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي حوالي سان تقريبون ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو
ويو هو ۽ مختلف هنڌن تي اهڙيون تقريبون ٿيون، محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه جي
موقعي تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن سندس گهر تي
پهچي کيس سالگرهه جون مبارڪون ڏنيون ۽ کيس گلدستن ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا.
محمد ابراهيم جويو پنهنجي
سالگرهه جي موقعي تي عوامي آواز معرفت سنڌ جي ماڻهن لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته هو
سنڌي قوم جو احسان مند آهي، هو پنهنجي زندگي مان ڪڏهن به مايوس ناهي ٿيو. هن چيو
ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ واضح آهي ته حياتي کان وڌيڪ مقصد اوچو هوندو آهي ۽ جيترو
به مون ڪم ڪيو آهي، ان مان مطمئن آهيان، اهو احساس ضرور ٿئي ٿو ته تويل عمري جي
ڪري هن عمر جي حصي ۾ هو گهڻا ڪم نه ڪري سگهيو آهيان، اڄ جي دور ۾ به ڪيترائي ڪم
رهجي ويا آهن. محمد ابراهيم جويو چيو ته اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي ماڻهو پنهنجي
زندگي ۾ ئي رهجي ويل ڪم پورا ڪندا ۽ ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم جويو يقين
ڏياريندي چيو ته کيس اهو يقين آهي ته هي علم ۽ قلم جو ڪم ڪڏهن به کٽڻو ناهي، سوچ
جي فڪر جو هي ڀرپور جهرڻو سدائين پيو وهڻو آهي. هن سنڌ جي موجوده صورتحال تي سخت
ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ جي جيڪا صورتحال محسوس ڪيان ٿو ان تي ڪافي
ارمان اٿم، پر اهو ڏکيو وقت گهڻو عرصو نه رهندو ۽ اسان جي ٻڌي اسان کي ان سڄي
صورتحال مان ڪڍي سگهي ٿي.
سنڌ جي اديبن، ليکڪن، دانشورن ۽
سياسي اڳواڻن محمد ابراهيم جويو کي ۱۰۳
سالگرهه جي موقعي تي مبارڪون ڏيندي سنڌ جي علم، ادب، ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ سنڌ جي
ماڻهن کي فڪري طرح سگهارو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس سلام پيش ڪيو آهي. محمد
ابراهيم جويو سنڌ جي علم، ادب ۽ وطن دوست سياست کي هٿي ڏيارڻ وارو ڪم ڪيو آهي، هو
اڄ به بلند حوصلن سان سنڌ جي آجپي، خوشحالي ۽ ترقي جي خوابن جي سچ ٿيڻ لاءِ پراميد
رهيو آهي، محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جي جدوجهد، عمل ۽ پيڙا جي علامت آهي، هن سنڌ
کي جديد فڪر ۽ قومي شعور ڏنو آهي، هو قلمي پورهيي سان گڏ عملي جدوجهد جي ميدان ۾
رهيو آهي، هو اڄ به سنڌ جي لاءِ فڪرمند آهي، سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ
وارو سلسلو بند نه ٿيو ته سنڌ جا اديب ۽ شاعر سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪندا.
سنڌي ادبي سنگت ۽ خانه بدوش
رائٽرس ڪيفي پاران حيدرآباد ۾ خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم
جويو جي ۱۰۳ هين سالگرهه واري تقريب ملهائي
وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. سالگرهه واري هن تقريب
کي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي خطاب ڪندي چيو ته محمد ابراهيم جويو هڪ
ئي پاسي بيٺل هو ۽ آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، محمد ابراهيم جويو سنڌ مدرسي ۾
منهنجا مضمون ڏسي مونکي پنهنجي آفيس ۾ سڏايو، هن منهنجي لکڻين ۾ پڙهيو ته سنڌين جا
گهر سٺا ان ڪري نه آهن ته هو غلام آهن ۽
انگريزن جون رهائشگاهون ان ڪري سٺيون آهن ته هو حڪمران آهن. هن چيو ته محمد
ابراهيم جويو کي اهي شاگرد وڻندا هئا، جيڪي انگريزي ۾ سٺي ڄاڻ رکندا هئا، ان ڪري آئون
به انگريزي پڙهندو هوس. هن چيو ته محمد ابراهيم شروع کان وٺي اهو ئي رهيو آهي،
جيڪو اڄ نظر اچي ٿو، هن ۾ سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هو ڪنهن به بااثر ۽ وڏيري
جي پويان نه لڳو آهي، سنڌ ۾ محمد ابراهيم جويو جهڙو ڪو به ماڻهو نه ڄائو آهي، شل
ان کانپوءِ به ٻيو ڪو پيدا ٿئي. هن ماضيءَ جي يادين کي ورجائيندي چيو ته ايوب جي
مارشلا ۾ سياست تي پابندي هئي، ان ڪري مون، محمد ابراهيم جويو ۽ زرينا بلوچ گڏجي
ميوزڪ لور ڪلب ٺاهيو، ان ۾ اسان شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کي نئين انداز ۾
پيش ڪيو. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الطاف چيو ته محمد
ابراهيم جويو پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي پنهنجو فرض پورو ڪيو، هاڻ اسان جو ڪم آهي ته
ان فڪر تي هلون ۽ ان جي قلمي پورهيي جو فائدو وٺون، سوشل ميڊيا پڙهڻ جي رجحان کي
گهٽايو آهي.
سالگرهه واري تقريب ۾ سنڌ جي
قومي ڪارڪنن جي گمشدگين واري معاملي تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، نسرين الطاف
سنڌي ادبي سنگت جي جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان مطالبو ڪيو
آهي ته سنڌ مان گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ادبي سنگت سڄي
سنڌ ۾ احتجاج ڪندي، سڄي سنڌ جا اديب ۽ شاعر جدوجهد جي ميدان ۾ هوندا، اهڙي طرح
نامياري اديب تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم جويو جديد سنڌ جو فڪري سرواڻ آهي، هن
جديد ادب جي سرپرستي ڪئي آهي، هو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سنڌي ادبي سنگت گم
ڪيل ماڻهن تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي، مختلف آجياڻي وارين تقريبن ۾ کنڀي گم ڪيل
ماڻهن جي گمشدگين جي مذمت ڪئي آهي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ سان گڏ بيهندي، سڄي سنڌ مان
هن هفتي ۾ ۱۵۰ ماڻهن کي کنڀيو ويو آهي. هن
سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪندي چيو ته گنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻمرادو
نوٽيس وٺي ۽ لڪل قوتن کي سامهون آندو وڃي.
تاج جويو چيو ته محمد ابراهيم
جويو جديد سنڌي ادب جو سرجڻهار آهي، سمورو نئون سنڌي ادب جويو صاحب جي فڪري سوچ جو
عڪس آهي، هن جي سنڌ جي خودمختيار حيثيت لاءِ ورهاڱي کان اڳ به ڪتاب لکيو، ون يونٽ
خلاف جدوجهد ڪئي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو، محمد ابراهيم جويو جديد سنڌي شاعري کي به نئون
رخ ڏنو، هن سنڌ جي نئين نسل کي فڪري طرح سگهارو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبوب
بخاري، قومپرست اڳواڻ قمر الزمان راڄپر، ڊاڪٽر دودي مهيري، نوجوان شاعر علي آڪاش،
نامياري شاعر عزيز گوپانگ، حسين مسرت شاهه، محسن جويو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ
جي علم، ادب ۽ قومي وحدت کي اوچو رکڻ وارا سڀئي ابراهيم جويو جي علم جي پيداوار
آهن، اڄ جي سنڌ جي علمي ۽ ادبي تحريڪ جيڪڏهن ڊڪٽيشن وٺڻ وارن مان نه هجي ها ته سنڌ
جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي ائين نه کنڀيو پيو وڃي ها، سياسي ڪارڪن ادب کي نوان
لاڙا ۽ رجحان ڏين ٿا، سياسي ڪارڪن ادب جي ميدان ۾ اديبن ۽ ليکڪن کي جوش ۽ جذبو ڏين
ٿا. محمد ابراهيم جويو صديءَ جي تاريخ آهي، هن سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ فڪر ڏنو
آهي، ان شعور ۽ فڪر کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن کي
مڃتا ملي آهي ۽ ملندي رهندي، اسان کي سوچڻو پوندو سائين جي ايم سيد، رسول بخش
پليجو ۽ محمد ابراهيم جويو جهڙيون شخصيتون هاڻ ڇو نٿيون پيدا ٿين، هنن ڪردار گهٽ
سهولتون هوندي وڏا ادارا ٺاهيا، پر اسان سموريون سهولتن هوندي به ادارن مان اهو
لاڀ حاصل نه ڪري سگهيا آهيون.
محمد ابراهيم جويو جي سڄي ڄمار
علمي، ادبي ۽ سياسي جدوجهد ۾ گذري، محمد ابراهيم وطن ۽ قوم جي خدمت ڪئي آهي، هن
سياسي ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. هنن چيو ته پرائمري ۾ ٻارڙن کي انگريزي
پڙهائڻ واري رجحان جي محمد ابراهيم جويو مخالفت ڪئي، محمد ابراهيم جويو چيو هو ته
ٻارڙن کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم ڏني وڃي، جويو صاحب جي زندگي ڪم ۽ عمل ۾
ڪامياب زندگي آهي. محمد ابراهيم جويو جو ورهاڱي کان اڳ وارو لکڻ وارو طريقيڪار
طبقاتي هو، هو هاري جدوجهدن سان سلهاڙيل هو، پورهيتن ۽ هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ
ڪندو رهيو، هن ترقي پسند فڪر کي سنڌ ۾ رائج ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. محمد ابراهيم
جويو سنڌ جي ماڻهن کي شعور ۽ ساڃاهه ڏني آهي، محمد ابراهيم جويو جهڙن ڪردارن تمام
گهڻا ماڻهو ٺاهيا، انهن کي علمي، ادبي ۽ سياسي حوالي سان شعور ڏنو. هنن چيو ته
محمد ابراهيم جويو کي پنهنجي شخصيت جي تعريف پسند نه ايندي آهي، محمد ابراهيم جويو
هڪ صديءَ جو اوجاڳو آهي، هڪ صديءَ جي ازيت ۽ پيڙا آهي، محمد ابراهيم پنهنجي زندگي
جو مقصد سنڌ جي ماڻهن جي نجات رهيو آهي.
محمد ابراهيم جويو جي سالگرهه
جي حوالي سان عوامي آواز سان ڳالهائيندي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر امان
الله شيخ چيو ته؛ سنڌ ۾ ۲۰ صديءَ
۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سياسي دانشور ۽ ڏاها پيدا ٿيا آهن. انهن ۾ محمد ابراهيم جويو
شامل آهي ۽ محمد ابراهيم جويو جو نالو مٿي نظر اچي رهيو آهي. هن جون لکڻيون تاريخ
تي اثر انداز ٿيندڙ آهن. محمد ابراهيم جويو، انهن اديبن ۽ دانشورن جي ڀيٽ ۾ عظيم
آهي، جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر وڪرو ٿيڻ ۽ مصلحت پسندي جو شڪار ٿي وڃن ٿا. محمد
ابراهيم جويو، هڪ عظيم انسان آهي. هن جون سنڌ جي علم، ادب ۽ سياست لاءِ تمام
گهڻيون خدمتون آهن. هن چيو ته؛ محمد ابراهيم جويو جي پيروي ڪرڻ جي دعويداري ڪندڙ،
کوڙ سارا دانشور پنهنجي ذاتي مفادن کي قومي مفادن تي ترجيح ڏين ٿا ۽ سنڌ ۾ فڪري
مايوسي پکيڙڻ کانسواءِ ڪو به ڪارائتو ڪم ڪرڻ کان لاچار آهن. نامياري اديب ۽ ليکڪ
مدد علي سنڌي چيو؛ محمد ابراهيم جويو جون سنڌ جي علم ۽ ادب لاءِ خدمتون لازوال
آهن، هن ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن کي متحرڪ ڪيو، اهڙا گهٽ ماڻهو هوندا آهن، جن کي
پنهنجي زندگي ۾ ئي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. هن کي جيترو خراج تحسين پيش ڪجي اهو
گهٽ آهي، هن سنڌ جي علم ۽ ادب کي تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هن جون ڪيتريون ئي
لکڻيون اڃا به ڇپجي سگهن ٿيون، پر علمي ۽ ادبي ادارن جي تباهي جي ڪري اهو ڪم مڪمل نه
ٿي سگهيو آهي، آئون محمد ابراهيم جويو جي سٺي صحت لاءِ دعاڳو آهيان. سنڌي ادبي
سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي ادب جي
جديد دور جو مثال آهي، هي اهو واحد اديب آهي جيڪو نون اديبن جون لکڻيون پڙهي ٿو،
انهن جا ڪتاب پڙهي ٿو، پروف جي غلطين ۽ گرامر جي غلطين کي ڳولي ڪتاب تي پنهنجي
راءِ ڏئي ٿو ۽ نون اديبن جي حوصلا افزائيءَ وارو ڪم پڻ ڪندو رهيو آهي.
محمد ابراهيم جويو
جديد سنڌ جي شعور جو
اڏڻهار
رکيل مورائي
سنڌ کي نيئن سنڌ اڏڻ جو شعور
ڏيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو هڪ صديءَ جو سفر پارڪري ٻيءَ صديءَ تي پنهنجي ٻڍاپي
جي ڇانَو ڪري بيٺل آهي، جنهن ڇانَو ۾ اڄ به ڪيترائي شخص علم جي آسيس وٺڻ لاءِ اچي
ويهن ٿا.
سائين جوئي صاحب جي سڄي ڄمار جي
ڪيل علمي ۽ ادبي خدمتن بابت سدائين لکيو ويندو رهيو آهي ۽ اڳتي به لکبو رهبو.
تازوئي جوئي صاحب سان گڏ، اڌ صدي علمي ۽ ادبي مسافت ۾ رهندڙ پروفيسر اعجاز احمد
قريشيءَ پڻ مٿس هڪ بيحد اهم ڪتاب لکيو آهي. جنهن جو عنوان آهي ” محد ابراهيم جويو،
جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهارُ“
سچ پچ ته هيءَ ڪتاب جوئي صاحب
کي هڪ اهڙي ڀيٽا آهي جيڪا هُو اسان سنڌ وارن کان لهڻي به ٿو، ساڳئي وقت هن ڪتاب ۾
جوئي صاحب جي هڪ صديءَ تي ڦهليل سفر جي مختلف ڏسائن جا عڪس به آهن ته هُن جي ڪيل
علمي ۽ ادبي جدوجهد جا پيرا کنيل به آهن ته هُن جي شخص جا به ڪي پاسا ظاهر ڪيا ويا
آهن ۽ اهي اڄ جي پڙهندڙ لاءِ حوالائي / مستند ريفرنس ان ڪري آهن جو اعجاز قريشي
صاحب سندس سفر ۾ ساڻس گڏ گڏ يا سندس پيرن تي پير رکي هليو آهي، هُن کيس پڙهيو آهي،
پرکيو آهي ۽ شخص طور سندس ويجهو رهيو آهي.
اعجاز قريشي صاحب اسان جي انهن
اديبن، دانشورن ۽ تعليمدانن مان آهي، جن مسلسل نئين سنڌ اڏڻ جا نه رڳو خواب ڏٺا
آهن پر انهن خوابن جي سا ڀيا لاءِ پنهنجون عمريون به ڏنيون آهن،
ڪيترائي ڪتاب لکندڙ، ترجمو ڪندڙ
۽ ترتيب ڏيندڙ پروفيسر اعجاز احمد قريشي وطن دوست عالمن ۽ اديبن جي پهريئن صف جي
اها شخصيت رهيو آهي جنهن سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ الڳ الڳ فورمن تان هڪ ڊگهي
ويڙهه ڪئي آهي، اها ويڙهه هن پهرين شاگر طور عملي طرح ڪئي آهي ۽ پوءِ قلم وسيلي
لڳاتا ڪئي آهي، ان ڪري اڄوڪي سنڌ ۾ هُو هڪ آبرودار نالو آهي،
سنڌ جي ڏاهپ ۾هن جو حصو آهي
سندس سائين جوئي صاحب بابت الڳ الڳ وقتن تي لکيل مضمون جڏهن هاڻ هڪ ڪتاب جي صورت ۾
ظاهر ٿيا آهن ته ڪتابي شڪل ۾ اهي جوئي صاحب جي الڳ الڳ پهلوئن جي واقفيت ڏيئي وڃن
ٿا.
نَون الڳ الڳ عنوانن سان ڇپيل
هنن مضمونن ۾ تفصيل سان جوئي صاحب جي ڪيل جدوجهد جو پتو پئجي ٿو. اهو ته سچ آهي ته
جويو صاحب تاريخ ٺاهيندڙ به آهي ته ادارا ٺاهيندڙ به، شخص ٺاهيندڙ آهي نه شعور
وڌائيندڙ به.
۽ ائين به آهي ته سندس ساٿ ۾
جيڪي شخص رهيا آهن انهن مٿان سندس شعوري اثر ته رهڻو ئي آهي ۽ اهو آهي، نيئن سنڌ
اڏڻ جُو خواب. جنهن جي ساڀيا لاءِ هو پنهنجي همسفرن سان گڏ نڪتو هُئو، نوجوان محمد
ابراهيم جويو ۽ اڄ هُو ڪيترائي طوفان، سرديون، گرميون، لڪ ۽ لانگها پار ڪري، هڪ
صديءَ کي اکين ۾ سانڍي، مُرڪي رهيو آهي. سندس مرڪڻ ان حاصلات لاءِ آهي ته هُن جيڪو
سفر چونڊيو هُئو ان سفر ۾ کانئُس پوءِ به ڪيترا ئي شخص پنڌ جاري رکيو اچن ٿا ۽
اڳتي به جاري رکندا. انهن مان هڪ پروفيسر اعجاز قريشي به آهي، جنهن سندس سفر جي
ماڳن مڪانن جا عڪس پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن، جنهن کي هُن ”جديد سنڌ جي شعور جو
اڏڻهار“ نالو ڏنو آهي.
هي ڪتاب اڄ جي پڙهندڙن لاءِ
لازمي پڙهيو ويندڙ نصاب جيان آهي، جنهن مان هُو انهن جي شعوري اڳواڻ سائين جوئي
صاحب جي جدوجهد جو اندازو به لڳائي سگهندا ساڳئي وقت اهو سفر به جاري رکي سگهندا،
جنهن تي هلي، نئين سنڌ اڏڻ جو خواب ساڀيا ماڻيندو.
سياسي، شعور، تاريخي شعور، مادي
شعور ۽ سماجي شعور جو گڏيل مجموعو آهي سائين محمد ابراهيم جويو ۽ ساڻس گڏ سفر ۾
هلندڙ به شاهه سائين جي هن سٽ وانگر آهن.
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ
جي.
دعا آهي ته ساٿ هلندو رهي ۽ ان
ساٿ جي هر مسافر جي هٿ ۾ ڪجهه ڪتاب ضرور هجن، جن مان هڪ ڪتاب هيءُ آهي، جيڪو کين
پنهنجي ساٿ ڌڻي سرواڻ جي گذريل سفر کان واقف ڪندو هلندو. جيئن پروفيسر اعجاز احمد
قريشي صاحب لکيو آهي ۽ اسين سڀ جوئي صاحب سان شعوري طور نسبت رکندڙ شخص به چئون ٿا
ته هو ئي آهي جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ” جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار“ آهي ان ۾ ٻه
ڳالهيون نه آهن.
ڪتاب ۾ ڪيتريون ئي اهم تصويرون
پڻ ڏنل آهن، جيڪي جوئي صاحب جي سفر سان گڏ اعجاز قريشي صاحب جي سفر کي پڻ واضح ڪري
رهيون آهن، هڪ سئو چوونجاهه صفحن جو هيءُ پڪي جلد وارو ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز
ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آهي، ڪتاب جو ملهه ٻه سئو رپيا آهي، سڀ کان اهم ته هي
ڪتاب پڙهڻ ۽ پُرجهڻ جهڙو آهي.
محمد ابراهيم
جويو
سنڌي ٻولي ۽
ادب جو گھڻ گھرو
رضوان گل
ڪجهه ماڻهو قومن جي علم، ادب، ثقافت ۽ ذهني اوسر جي
حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت جا حامل هوندا آهن ۽ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي
قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪنهن به
ٻولي ۽ علم و ادب لاءِ سرمايو هجن ٿا. سنڌي قوم جي ذهني تربيت ۾ جن ماڻهن تمام
ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو وڏي اهميت وارو
آهي. ابراهيم جويو نظرياتي حوالي سان اڄ به اُتي ئي موجود آهي ۽ ان ئي فڪر سان
سلهاڙيل آهي جتان هن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. هن جي خيالن ۽ نظرين سنڌ جي ماڻهن جي
ذهني لاڙن ۾ انقلابي تبديليون آنديون. جويو صاحب جتي به ليڪچر ڏنا، اتي ماڻهو سندس
مداح ٿي پيا. سائين جي ايم سيّد ۽ شيخ اياز جهڙين قدآور ۽ مَهان شخصيتن کان پوءِ
ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ اهڙا چند ئي ٻيا ماڻهو وڃي بچيا آهن، جن
سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ وڙيو آهي.
ڪنهن وڏي شخصيت بابت لکڻ ان ڪري به ڪافي ڏکيو هوندو آهي
جو ان جي ڪيل پورهئي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت پوري ذميواريءَ سان
بيان ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻيو ته پنهنجو قد ان وقت هماليه جي چوٽيءَ جي هيٺان بيٺل
ننڍري ڪِوِل جيترو ڏسي به اهو گمان ٿيندو آهي ته شايد سندس محبت ۽ محنت سان ڪيل
پورهئي جو ڪاٿو ڪري نه سگهجي ۽ سندس ذڪر ڀرپور انداز سان ٿيڻ کان رهجي وڃي. جويي
صاحب جو نالو يقيناً اهڙين ئي شخيتن ۾ شامل آهي.
محمد ابراهيم جويو تعلقي سيوهڻ جي لڪي تيرٿ ڀرسان ڳوٺ
آباد ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي جنم ورتو، بنيادي تعليم
آباد ۽ سنَ ۽ بعد ۾ مئٽرڪ ۱۹۳۴ ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي، انٽر ۱۹۳۶ ۾ ڊِي جي (ڏيارام
ڄيٺمل) ڪاليج، گريجوئيشن ۱۹۳۸ ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۽ بِي ٽِي
۱۹۴۲ ۾ بمبئي مان ڪيائين. ۱۹۳۸ ۾ سنڌ مدرسي ۾
انگريزي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين، ۱۹۴۲ ۾ ميونسپل هاءِ
اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد گورنمينٽ ڪاليج فار مين ۾ استاد ٿيو. ۱۹۵۱ ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جو سيڪريٽري ۽ ۱۹۵۵ ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اهڙي طرح ۱۹۷۳ ۾ نوڪريءَ تان
رٽائرمينٽ ورتائين. ۱۹۹۷ کان ۲۰۰۲ تائين کيس سنڌي
ادبي بورڊ جي چيئرمئن طور خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي ۾ ملازمت دؤران اڪثر سنڌي
ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به منعقد ڪرائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو
ڪيس به وڙهيو، بي ڊپو ٿي لکندو ۽ پروگرامن ۾ بيباڪيءَ ڳالهائيندو رهيو. وقت جي
حڪمرانن سان اصولي ڳالهين تي مهاڏو اٽڪائڻ ۾ هن ڪا به جِجَهڪ محسوس نه ڪئي. پاڻ
هميشه هڪ اديب ۽ دانشور طور ڀرپور مزاحمتي ڪردار نڀائيندو رهيو آهي.
ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور به آهي ته
مترجم ۽ سچو سياسي ڪارڪن به. هن هميشه هڪ ڪارڪن جيان ئي ڪم ڪيو آهي، پر سندس سوچ،
فڪر ۽ ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري آهي. پنهنجي ارادن تي
اٽل رهڻ وارو هي کاهوڙي هر دؤر ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو آهي. شيخ اياز سان
سندس تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ دوستيءَ جو سٻنڌ رهيو ۽ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش
پليجي جي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ سندن حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سندس اهم ڪردار
رهيو. هن ترقي پسند نظريي جي پرچار ۾ پنهنجا ڪيترائي هم خيال دوست پيدا ڪيا.
محمد ابراهيم جويي جن ڪتابن جا ترجما ڪيا سي انتهائي
ڪارائتا آهن. هن ادبي بورڊ ۾ ڪجهه معياري ڪتابن جا ترجما ٻين ناليوارن ليکڪن ۽
مترجمن کان به ڪرايا. سائين جي ايم سيّد جي ڪتابن جي شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروف
ريڊنگ کان ويندي آخري مرحلن تائين جُڙيل رهيو. ساڳئي ريت هن سنڌ جي بيحد وڏي شاعر
شيخ اياز جي ڪتابن جا بهترين مهاڳ پڻ لکيائين جن مان اياز کي وڏو اتساهه مليو. شيخ
اياز، ابراهيم جويي بابت لکيو آهي ته: ”ابراهيم جويي ۾ ڪوئي تذبذَب نه آهي، هن جا
سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طَي شده آهن، جن ۾ ڦير گھير جي ڪائي گنجائش نه آهي.
ترتيب ۽ تسلسل هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن، پسِ پردا رهي هن نئين سنڌ جي
ذهني تربيت ڪئي آهي.“
ابراهيم جويي بابت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي:
”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي
تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص
ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي
لڏو محمد ابراهيم جويي جا مقروض آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به نه
آهي.“
ابراهيم جويو بحيثيت اديب ۽ دانشور گهڻو مشهور آهي، پر
هي هڪ باشعور سياسي ڄاڻ رکندڙ خاموش ۽ گم نام ڪارڪن رهيو آهي. هن تاريخي نوعيت
وارا ۽ انتهائي ذميواريءَ وارا ڪم پڻ سرانجام ڏنا آهن. جويو صاحب وڏي سياسي بصيرت
رکندڙ ماڻهو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڄاڻ ڏيندڙ سندس انتهائي لاڀائتا ليک
دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن. محمد ابراهيم جويي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ڪيترائي
ترجمو به ڪيا. هڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سيوِ سنڌ سيوِ ڪانٽينينٽ فرام فيوڊل
لارڊس ڪيپيٽلس“ ۱۹۴۷ ۾ هن شايع ڪرايو، جنهن سبب کيس ملازمت تان به هٿ ڌوئڻا
پيا. بعد ۾ مدرسي جي شاگردن هن جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا. ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ ۱۹۵۵ ۾ شايع ڪرائڻ شروع
ڪيائين، جنهن ۾ ناليوارن ليکڪن جي ليکن شايع ڪرڻ کان علاوه نون لکندڙن جي تمام
گهڻي همت افزائي ۽ اصلاح پڻ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان لکندڙ اڀري آيا.
”ادب ٻولي تعليم“، ”شاهه سچل سامي“، ”هوءَ جا ٽمڪي باهڙي“،
”سيڪيولرزم ۽ اقليت پسندي“، ”علم تدريس مظلومن لاءِ“ (ترجمو)، ”ٻارن جو مسيح“
(ترجمو)، ”وحشي جيوت جا نشان“، ”ماڻهو جو ڀاڳ“، ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“ (ترجمو)،
”شدان جو باندي“، ”مهڪريءَ جا مضمون“ (ترجمو)، ”سنڌ منهنجي خوابن جي“، ”ادب ۽
سياست عوام لاءِ“ ۽ ان کان علاوه ٻيا ڪيترائي ڪتاب پاڻ ترتيب ڏنائين ۽ ترجمو
ڪيائين. محمد ابراهيم جويو اڄ سوڌو ڌرتيءَ لاءِ پاڻ ارپڻ واري جذبي تحت ڪم ڪري
رهيو آهي.
محمد ابراھيم جويو
جُوڻ مَٽائي آيل جوتشي
سنگرام
سنڌ ۾ هڪ مشهور لوڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا اسان به ننڍي هوندي،
ڪيترا ئي ڀيرا پنهنجن وڏڙن کان ٻُڌي هئي سون. اوهان جي ٻالڪپڻ جي يادگيرين کي تازو
ڪرڻ لاءِ آءٌ اُهـا لـوڪ وارتا اوهان جي شيوا ۾ عرض رکان ٿو.
ڳالهه ڪندا آهن ته؛ ڪنهن زماني ۾ هڪ ماڻهو،
ڏاڍو ڏکيو
جيوّنُ گذاري رهيو هو. سندس زندگيءَ جو هر پل ڄڻ ته هن لاءِ ڪنهن وڏيءَ آزمائش جي گهڙيءَ
کان گهٽ نه هوندو هو. هُو هر روز الائي ته ڪيترا ئي ڀيرا جيئندو ۽ مرندو هو. ماڻهو
سندس حالت مان عبرت حاصل ڪندا هئا.
انهيءَ دوران هڪ ڏينهن ڪو زماني شناس جوتشي، جيڪو پنهنجي
جوڳ تپسيا سبب، جوتش وِديا جي ٻَل تي، ماڻهوءَ جي جيوّن ۾ ليئو
پائي، اُن جي حالت بابت راز ڄاڻي سگهندو هو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن تي ڪَهَل آيس ته اُن جي
مستقبل بابت اڳڪٿي به ڪري سگهندو هو، سو وٽس آيو. هِن جي بِپتا ڏسي،
مٿس ڪَهَلُ
آيس ۽ چـيائينس ته؛ ”تنهنجو بخت،
هڪ گهاٽي
وڻ جي هيٺان، اَگهور ننڊ ۾ ستو پيو آهي.
جيڪـڏهن
تون کيس ڳولي ۽ جاڳائي وٺيـن ته جيڪـر تنهـنجا سـڀ لُـڙ لهـي پـون.
تون وڏو
بختوَر ۽ سُکيو سُهنجو ٿي پوين!“
قسمت جي ستايل اُن شخص، وڏي بيچينيءَ وچان ۽
نماڻائيءَ سان کيس وينتي ڪئي؛ ”مهرباني ڪري منھنجي ڀاڳُ
جو ڏَس پتو ڏي ته اُهو ڪهڙيءَ جُوءِ
۾ ملندو.“ تنهن تي اُن جوتشيءَ،
مٿس ترسُ
کائيندي چيو؛ ”چار ئي
ڏِس وڃي ڳولا ڪرينس. هڪ هنڌ اُهو تنهنجو ڀاڳُ تو کي
گهاٽي بڙ جي وڻ هيٺان سُتل ملندو. وڃي کيس جاڳاءِ
۽ پنهنجا ڪشٽَ دُور ڪر.“ ايئن چئي اُهو رمتو جوڳي، پنهنجي
راهه وٺي، اَلوپ ٿي ويو.
پنهنجي ڏُجهاري جيوّنَ ۾ سُک جي سُهائيندڙ
سُندر ساعتن جي امڪانَ بابت، اُن نام ڪَٺئي جوتشيءَ جي واتان
شُڀ واڻي ٻُڌي، همراهَه جي جيءَ ۾ اُدم لاءِ اُتساھُ ڪَر کڻڻ لڳو. هُن منَ
ئي منَ ۾ الائي ته ڪيترا ئي خيالي لڏوُ ٺاهي، کائي ڇڏيا.
سندس دل گد گد ڪري رهي هئي. رکي رکي خيال اچي رهيا هئس؛
”ڏُک جا ڏينهنَ اِجهو ڪِي ختم ٿيا!“
هُو پنهنجو
ڀاڳُ جاڳائڻ لاءِ ڀانت ڀانت جي ترڪيبن آزمائڻ لاءِ، پنهنجا وِيچار ويڙهائڻ
لڳو.
ٻئي ڏينهن سعيو ڪري، ۽ پڪو پَهه ڪري، پنهنجي ڀاڳ جي ڳولا
۾ هڪ طرف مُنهن ڪري، نڪري پيو. نَڪ جي سِڌ ۾، سڄو ڏينهن هلندو رهيو.
هيڏانهن
هوڏانهن پڻ نظرون ڊوڙائيندو رهيو، ڪشالا ڪڍندو رهيو، تان جو سجَ ٽُٻي ڏني، پر کيس پنهنجي
ڀاڳُ جو ڪٿي به ڪو آثار نظر نه آيو ۽ ائين ٿڪو، ٽُٽو، اُداس منَ سان هو پنهنجي گهر
ڏانهن واپس وريو.
ٻئي ڏينهن وري ساڳي ڪِرت، ساڳي جستجو، ساڳي ڳولا. ائين هو
اَٽل اِرادي سان پنهنجي بخت جي ڳولا ۾ جُنبي ويو. هر روز پرڀات ويلي هُو ڪنهن نه ڪنهن
ڏِسُ ڏانهن نڪري ويندو هو ۽ سڄو ڏينهن ڀٽڪڻ کان پوءِ سانجهيءَ ٽاڻي هميشه وانگر، مايوس
۽ نامُراد بڻجي واپس موٽي ايندو هو. اِن ريت هُو ٽي دِشائون رُلي ڀٽڪي چڪو هو، پر پوءِ
به همت نه هاريائين. سُک جي ڏينهن جي آس سندس اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي ڏني هئي. هُو هاڻي
مڪمل طرح بيدار ٿي چڪو هو، پنهنجي ”بخت“، پنهنجي ”نصيب“ تي ڏمريل هو. هاڻي هُن پنهنجيءَ
”قسمت“، ”قسمت جي لکئي“ تي ماتم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو!
هُو هر روز هڪ نئين اُمنگ ۽ اُميد سان وري نئين ڏِسُ جو پنڌ
ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو. نيٺ هڪ ڏينهن هلندي هلندي، ٽاڪ منجهند
جو پري کان هڪ بڙ جو وڻ نظر آيس. کيس پنهنجي اميد ساڀيان ٿيندي محسوس ٿي.
سندس دل
زور سان ڌڪ ڌڪ ڪري، ڌڙڪڻ لڳي ۽ تکيون تکيون وِکون کڻي،
جڏهن اُن
وڻ وٽ پهتو ته جان کڻي ڏسي ته سندس ڀاڳُ، اُن وڻ جي گهاٽيءَ ۽
ٿڌيءَ ڇانءَ ۾ اَگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو. همراهه پنهنجي ڀاڳ کي سُڃاڻي،
ننڊ مان جاڳائڻ شروع ڪيائين. وڏا جتن ڪرڻ کان پوءِ مَس وڃي اُن اک کولي ۽ هن ڏانهن
ننڊاکڙن نيڻن سان ڏسي، پاسو ورائي، وري سُمهي پيو.
همراهه وري خلل ڪري، جڏهن کيس ٻيهر جاڳايو
ته سندس
ڀاڳُ مٿس ڪاوڙجي پيو ۽ ڪروڌ مان کيس گهُورڻ لڳو. همراهَه کي تِهان ئي
جوش ۾ ڏسي، ڪجهه ماٺو ٿيو ۽ کانئس حال احوال ورتائين. اِن تي همراهَه چيس؛
”تون منهنجو ڀاڳُ آهين؛ تون هتي سُتو ننڊون پيو ٿو ڪرين ۽
هوڏانهن منهنجو جيئڻ جنجال بڻيل آهي. مون تو کي سڃاتو آهي ۽ وڏا ڪشالا
ڪڍي، تو کي ڳولي لڌو اٿم. تنهن ڪري،
هاڻي نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ اُٿ ۽ مون سان گڏجي گهر هلُ ته ڪي منهنجا ڏينهنَ بدلجن ۽ آءٌ
سُک جون ڪي گهڙيون جيئان، آءٌ ڏاڍو ڏُکارو آهيان.“
همراهَه جي ڳالهه ٻُڌي، سندس بخت وراڻيو:
”ٺيڪ آهه، ٺيڪ آهه. پر، ڏسين نٿو ته ٻاهر ڪهڙي نه نِٽهڻ اُس
آهي، ساهه کڻڻ به دُشوار آهي. هينئر تون به ٿڪل آھين، ڪي گهڙيون هِن وڻ جي
ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ آرام ڪر! ڏينهن ڪجهه ٿڌو ٿئي، پوءِ آءٌ تو سان
گڏجي هلندس، تون دلجاءِ ڪر.“ ائين چئي اُهو سندس ڀاڳُ وري سُمهي
پيو.
همراهه ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، ۽ وري دل کي آٿت ڏيندي ته سندس
ڀاڳُ شام ڌاري ساڻس گڏ هلڻ جو وچن ڪيو آھي، سو ضرور ساڻس گڏ هلندو
۽ پوءِ سڀ سڻايون ٿي پونديون. ائين سوچي، پاڻ به اُن وڻ هيٺان
سمهي پيو. همراهه ٿڪل هو، سو ننڊ کيس گهيري وئي ۽ هُو مٺيءَ ننڊ جي
من لُڀائيندڙ وادين ۾ گُم ٿي ويو. سج لٿو، رات آئي ۽ وئي؛ ٻيو سج اُڀريو، منجهند ٿي،
پر نه پاڻ جاڳيو ۽ نه ئي وري سندس ڀاڳ!
جنهن جوتشيءَ کيس ڀاڳُ جو ڏَسُ ڏنو هو، سو پنهنجيءَ گيان
شڪتيءَ سان سڄيءَ صورتحال تي نظر رکي رهيو هو، سو اِها ماجرا ڏسي پريشان ٿي ويو. پنهنجي
مُنهن هم ڪلام ٿيندي، ڀُڻڪندي چيائين: ”مار! جنهن همراهه کي
پنهنجو بخت جاڳائڻ لاءِ موڪليو هئم، سو ته ماڳهين پاڻ ئي نڀاڳ جي ننڊ سُمهي پيو آهي!
ائين ته سندس جيوّنُ نه فقط مشڪل پر سندس جيئڻ به جنجال بڻجي پوندو.“
اِهو خيال من ۾ سمائي، اُن جوتشيءَ اچي همراههَ کي ننڊ مان
سُجاڳ ڪيو ۽ چيائينس؛ ”تون هن جي ڳالهين ۾ ڇو ڦاسي پئين؟
اِها ڳالهه ئي ته تنهنجي ڏکن جو ڪارڻ آهي؛ تنهنڪري، نڀاڳ جي ننڊ ڇڏ ۽ عمل جي گرميءَ
سان پنهنجو بخت جاڳاءِ. ٻيءَ صورت ۾ بدبختي تنهنجو مقدر بڻيل رهندي، سو ويٺو سڄي ڄمار
اُن جو ماتم ڪجانءِ! پر هاڻي، پنهنجي بدبختيءَ جو ذميوار
تون پاڻ هوندين!“
جوتشيءَ جي اِن ڳالهه مٿس گهرو اثر ڪيو ۽ جوش ۾ اچي پاڻ به
بيدار ٿيو ۽ پنهنجي سُتل ڀاڳ کي هٿوڙا هڻي جاڳايائين. جيتوڻيڪ اُن گهڻي ئي
گوهيون هنيون ۽ گوٿناٿ ڪئي، پر همراهه جيڪو هاڻي بيدار ٿي چڪو هو، تنهن اُن جا هڙ ئي
حيلا بهانا ناڪام بڻائي ڇڏيا ۽ پنهنجو بخت بيدار ڪري، سُک جا ڏينهن گذارڻ لڳو.
اسان سنڌين جو حال به اُن همراهه وانگر ئي آهي. پنهنجي بخت
سان گڏ اسين پاڻ به نڀاڳ جي مٺي اَگهور ننڊ ۾ غلطان آهيون ۽ ويٺا ”قسمت جو لکيو“ لوڙيون.
اسان جي جيوّنَ ۾ به هڪ جوتشي آيل آهي. اُهو آدُجڳادي جوتشي
جُوڻ مٽائي سائين محمد ابراهيم جويي جي روپ ۾ آيو آهي ۽ گذريل لڳ ڀڳ مُني صديءَ کان
وٺي لڳاتار اسان کي نڀاڳ جي ننڊ مان بيدار ڪرڻ ۽ پنهنجو ڀاڳُ جاڳائڻ جا ڏَس ۽ گُر ڏَسي
رهيو آهي. ضرورت فقط اِن ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجيءَ حالت، پنهنجيءَ دُرگت ڏانهن
سنجيده روّيو اختيار ڪريون ۽ اُن جو اِدراڪ ڪري، عمل ۽ جدوجهد سان پنهنجو ۽ پنهنجن
ايندڙ نسلن جو بخت سنواريون ۽ سُک جون ڪي گهڙيون شان ۽ مانَ سان گذاريون.
هڪ صديءَ کان جاڳيل اکيون
ٻوٽجي ويون
ادل سولنگي
نئين
سنڌ اڏڻ جي لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ
جا سمورا پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي
جا وڍ ڏئي سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي
تيرٿ ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سائين محمد خان جويي جي
هن سڀاڳي نينگر پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي، سن جي سقراط سائين جي ايم سيد
جڏهن هن ننڍڙي ٻالڪ کي ڏٺو ته کيس وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سندس ڏاڏي کي چيو ته هن
کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ سن جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو وڃي. محمد ابراهيم جويي جڏهن ٽي
درجا انگريزي “سن“ جي اسڪول مان پاس ڪيا ته وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ سائين جي ايم
سيد کيس سنڌ مدرسي ۾ داخل ڪرايو. محمد ابراهيم جويو، نازڪ نفيس، سلڇڻو ۽ ذهين
نينگر هيو، جڏهن سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو، تڏهن مدرسي جو پرنسپال/هيڊ ماستر عمر بن
محمد دائود پوٽو هيو، جنهن جو تعلق ان ٽلٽيءَ سان هيو، جنهن ٽلٽيءَ ۾ مخدوم بلاول
جهڙا محبت وطن، عالم، اڪابر ۽ قومي اڳواڻ علم پرائڻ سانگي ڪيترا ئي ورهيه رهائش
پذير هئا. سائين جي ايم سيد سن جو رهواسي جيڪو مخدوم بلاول جي بهادر خليفي حيدر
شاهه سنائي جو پونئير هئوجنهن نئين سنڌ اڏڻ جا خوبصورت خواب پنهنجي نيڻن ۾ اُڻيا
هئا. اڳتي هلي سنڌ ڌرتيءَ جا هي ٽيئي سپوت سنڌ جي علم، عقل، ڏاهپ ۽ جدوجهد جا
مهندار ٿي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لڳا. ان زماني ۾ سائين جي ايم سيد عمر بن محمد دائود
پوٽو ۽ محمد ابراهيم جويو اهڙا نالا رهيا آهن، جن اڳتي هلي سنڌي ادب، سنڌي ٻولي،
سنڌ جي قومي تشخص، سنڌ جي ڪلچر سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي لطيف ۽ سنڌ جي سورمن جي مان ۽
مريادا لاءِ علمي پورهيو ڪيو ۽ سنڌ سان
پنهنجي تاريخي ورثي جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ سنڌ ۾ علمي سجاڳيءَ جو تحرڪ پيدا ڪيو.
اڳتي
هلي محمد ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي
بڻيو ۽ وڏي حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ
جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر،
حب الوطني ۽ روشن خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو،
زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري
سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل
صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون
صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال قائم ڪيو. سنڌ واسين ارسطو ۽ سقراط ته ڪو نه ڏٺو
پر هنن سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويي کي ضرور ڏٺو، جن سنڌ جي عشق ۾ فنا ٿيڻ
جي روايت قائم ڪئي.
سائين
محمد ابراهيم جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي
ورهاڱي کان اڳ سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ
بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم
جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ
مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا.
سائين
محمد ابراهيم جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد
سان گڏ ايوبي شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو
ويو هو، سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال
تنظيم طور نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل
رهندي ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ
سنڌ هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول
بخش پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي
اخلاقي،علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي
اشتراڪين سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ
واري پوزيشن ۾ رهيو. سائين محمد ابراهيم جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو
حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري،
چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“ کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي
ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس
علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر،
روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل
سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي
۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم
۽ ادب جي خدمت ڪئي..
سائين
جويي صاحب شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت
عالمي ادب جي شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو.
سندس ترجمو ڪيل ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري
انقلابي هلچل پيدا ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن
کي اسٽڊي سرڪل ۾ باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو. سائين جي ايم سيد نئين سنڌ جو
خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي جدوجهد ۾
گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا، جنهن پنهنجي
قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف، جمهوري
سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل
سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي
ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ٻوليءَ
کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ
دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ
۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي.
۱۹۶۰ع ۾ شريف ڪميٽي سنڌ جي مادري تعليم واري حق کي پٺي ڏيندي سنڌي ٻوليءَ جي
تعليم کي پرائمري تعليم تائين محدود ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، تڏهن سائين محمد ابراهيم
جويي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن ”شريف ڪميشنن“ خلاف
مزاحمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ شريف ڪميشن کي اهڙو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو
۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعليم واري فطري حق کي مڃرايو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي
بحال ڪرايو.
جرمن ڏاهي
ارنيسٽ ٽرمپ شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي
شاعريءَ تي تحقيق ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم
جويي سنڌ جي ويهين صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي
شاعريءَ جي اوچي پد تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ
اياز کي سنڌ جي ٻولي جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ
اياز کي صدين جو سرجڻهار بڻائي ڇڏيو.
شيخ
اياز جي شاعراڻي سنوار ۾ جنهنجو علمي ڪردار هيو، جنهن سندس ڪتابن جا شاهڪار مهاڳ
لکي، سندس شاعريءَ جي خوبين، فني ۽ فڪري اڏار ۾ وسعت پيدا ڪئي، شيخ اياز جنهن جي
شاعريءَ جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کتل هيون ۽ سندس فني ۽ فڪري اڌارون آڪاش
جي پولارن تائين جاري هيون. شيخ اياز جيڪو روايتي شاعراڻي گدلي سينور ۾ ڪنهن ڪنول
جيئن کڙيو هو ۽ گگهه انڌاري ۾ چڪور جيان چنڊ ڏانهن اڏارون ڪندي ڏوهاري بڻيو هو.
اياز جيڪو محمد ابراهيم جويي وانگر سنڌ ۾ نئين انسان کي تخليق ڪرڻ لاءِ سندس مٽيءَ
کي ٻيهر ڳوهڻ جو ڏوهاري بڻيو هو، اياز جنهن وٽ به انوکي ڏات جي جيڪا تند هئي، اها
تلوارن سان ويڙهاند ڪندي هئي، جنهن جي ڏات ڏيا کان ڀاري بر بُرج لڏندي ۽ ڀُرندي
محسوس ٿيندا هئا، جنهن جي شاعراڻي اظهار سان هيٿار بند به هيڻا ٿيندي محسوس ٿيندا
هئا، ان شيخ اياز کي اياز جي مرتبي تي پهچائڻ لاءِ محمد ابراهيم جويي جي علمي، ادي
فڪري رهنمائي واري ڪردار ڱي ڪيئن ٿو وساري سگهجي، ان شيخ اياز کي ڪيئن ٿو وساري
سگهجي، جنهن محمد ابراهيم جويي ڏانهن سندس محبت ۽ مڃتا ۾ جي ”ڪاڪ ڪڪور يا ڪاپڙي“
جي سري هيٺ لازوال خط لکي، پنهنجي محسن دوست ۽ رهبر سان پنهنجي اندر ۾ پلجندڙ احساسن
۽ اڌمن کان کيس آگاهه ڪيو پر پنهنجي تخليقي نواڻ کان به باخبر رکيو، جنهن جي پس
منظر ۾ محمد ابرهيم جويي شيخ اياز جي تخليقي اڏار کي مٿاهون ۽ اُتاهون رکڻ لاءِ
پنهنجون سموريون علمي صلاحيتون ڪتب آنديون. محمد ابراهيم جيويو، سنڌ جي اعليٰ
انسانن ۽ اعليٰ ادارن سان رهي نه رڳو اعليٰ انساني قدرن کي پنهنجي زندگيءَ جي
امُلهه ميراث ڄاتو پر انهن اعلي انساني قدرن کي پنهنجي سماج ۾ رائج ڪرڻ لاءِ ڀرپور
۽ عملي ڪوششون ڪيون.
سائين
جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ
سوڀو گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير
حسام الدين راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري،
حميد سنڌي، غلام محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي،
محمد خان مجيدي، منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد
آريسر وانگر سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت
کي حب الوطنيءَ سان سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري
عملي جدوجهد جو مهندار ۽ نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب،
دانشور، تعليمي ماهر جو رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار،
علم جي روشني ڦهلائڻ واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل
پنهنجي خوبصورت خوابن واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر
ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾ علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي
زرخيرز بڻائي ڇڏيو.
انڊس
سولائيزيشن جو سفر جڏهن مُهين جي دڙي ۾ ختم ٿيو ته وري اتان نئون سفر شروع ٿيو، جيڪو
مهاراجا ڏاهر جي ديول بندر کان ٿيندو روٻاهه ماڙي کان ويندي ڄام نظام جي ٺٽي ننگر
کان ٿيندو مخدوم بلاول ۽ ڄام سارنگ جي ٽلٽيءَ
کان ٿيندو، شهيد شاهه عنايت جي جهوڪ ۽ شاهه لطيف جي ڀٽ کان روپلي جي ڪارونجهر
تائين هيمون ڪالاڻي جي سکر شهيد ۽ هوش
محمد جي مياڻي کا سورهيه بادشاهه جي مکي ٻيلي کان ٿيندو، سن جي سائين جي ايم سيد
تائين اچي پڳو.اتان کان ان سفر ۾ جيڪي سنڌ جا عالم، اڪابر، دانشور، قومي اڳواڻ،
اديب ۽ شاعر انڊس سولائيزيشن جي ان سفر جاري رکندي نظر اچن ٿا. انهن جو مٿي ذڪر ڪيو
ويوآهي، ٿلهي ليکي هن قومي قافلي جي اڳواڻي سائين جي ايم سيد شيخ اياز ۽ سائين محمد ابراهيم جويو ڪندي نظر اچن ٿا. نئين سنڌ
جو هي شعوري سفر جنهن ۾ هزارين پانڌيئڙا شامل رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ لکين پانڌيئڙا
پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ انفرادي مفادن جي سوڙهين ٿيندڙ گهٽين مان نڪري اجتماعي
مفادن واري شاهي رستي تي جدوجهد جون
مشعلون ٻاري غلاميءَ جي گگهه انڌاري مان پاڻ اڪاري آجپي جي لال ڪنوار سان ضرور
لائون لهندا ۽ گهوٽ اڻ موٽ ٿيندا ۽ محمد ابراهيم جويي جي خوابن جهڙيءَ آزاد، خوشحال،
علم،عقل، شعور، ڏاهپ، فن، فڪر، ڏات، ڏانءَ، هنر ۽ ڪاريگريءَ سان مالا مال سنڌ اڏيندا.
اها سنڌ جنهن سنڌ لاءِ اسان جي وڏڙن تاريخ جي هر دور ۾ پنهنجا سهائي سنڌ وطن جي
آزاديءَ لاءِ پنهنجو رت ۽ ست قربان ڪيو آهي،
پنهنجي
وطن جي هزارين ورهين جي شعور جي روشنيءَ ۾ وکون کڻندڙ قومون ۽ پنهنجي قومي روايتن
جي پاسداري ڪندڙ قومون ڏاڍ جا ڏونگر ڏاري
پنهنجي منزل ڏانهن نوان رستا ٺاهينديون آهن، محمد ابراهيم جويو، مثال آهي، قومن جي
تاريخي علم، شعور ، پنهنجي ثقافتي ۽ تهذيبي روايتن کي برقرار رکڻ جو، سائين محمد
ابراهيم جويو، اهو محبت وطن، عالم، اديب، دانشور ۽ قومي اڳواڻ هيو، جنهن پنهنجي
قوم جي علمي ادبي پيڙهه پختي ڪرڻ لاءِ سڄي ڄمار ڪشالا ڪندي گذاري ، جنهن ادارا جوڙيا،
جنهن نئين سماج جي تخليق لاءِ شعوري ڪوششون ڪيون، جنهن نه رڳو پنهنجون اکيون سجاڳ
رکيون پر سنڌ جي سمورن سڄڻن ۽ ساڃاهه وندن جي اکين ۾ سنڌ جو الڪو ۽ اوجاڳو جاڳايو،
جڏهن به سنڌ پنهنجي منزل ماڻيندي۽ تڏهن هزارين شهيدن سان گڏ سائين جي ايم سيد، شيخ
اياز ۽ محمد ابراهيم جويي جي عظمت کي سلام ڪيو ويندو.
محمد
ابراهيم جويو گهڻ پاسائين شخصيت ۽ گهڻين ئي خوبين جو مالڪ هيو، جويو صاحب سڀ کان
پهرين هڪ قابل ۽ قابل احترام استاد هيو،
جنهن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي قومي حيثيت کي برقرار رکڻ جي عملي جدوجهد ڪئي، جنهن ٻوليءَ
جي ادارن جي اڏاوت ڪئي، جويو صاحب، صاحب ڪمال اديب هيو، جنهن جون لکڻيون شعور، سجاڳي
۽ روشن خياليءَ جون ساکي رهيون آهن، جويي صاحب اعليٰ درجي جو ايڊيٽر ۽ ترجمي
نگار هيو، جنهن عالمي ادب مان چونڊ ڪتابن
جو ترجمو ڪري سنڌ جي علم ۽ ادب کي سگهارو ڪيو، جويو صاحب اعليٰ قسم جو منتظم ۽
سياسي سماجي اڳواڻ هيو، جنهن سنڌ جي سماج کي علمي بنيادن تي مضبوط ڪرڻ جون رٿون رٿيون
۽ جدوجهد ڪئي، جويو صاحب جديد سنڌي ادب جي بانيڪارن مان هيو، جنهن مسلسل سنڌي ادب
جي سوڙ ۽ سنوار ڪندي گذاري.
سائين
محمد ابراهيم جويي، فلسفي جو ابتدائي ڪوس، فڪر جي آزادي ، علم تدرسي، مظلومن لاءِ،
گليلو، وحشي جيوت جا نشان، جهڙا شاهڪار ڪتاب ترجمان ڪيا، جويي صاحب شيخ اياز جي ڪتاب
”وڄون وسڻ آڻيون، ڪي جو ٻيجل ٻوليو، ڪپر ٿو ڪن ڪري، راڄ گهاٽ تي چنڊ، لڙيو سج لڪن
۾، بڙ جي ڇانو، اڳتي کان گهاٽي، محمد علي مانجهي، منشي ابراهيم ۽ نورالهدي شاهه جي
ڪتابن جا مهاڳ به لکيا، جيڪي جديد سنڌي ادب جا شاهڪار مهاڳ آهن. غربت جي گهاڻي ۾
پيڙجندڙ هڪ عريب گهراڻي جو ٻالڪ يتيميءَ جون پيڙائون ڀوڳيندڙ،ڪيئن سنڌ جي شعور ۽
ساڃاهه جو روشن ستارو بڻجي اُڀرندو، اها ڪنهن کي به ڄاڻ ڪو نه هئي، وقت ۽ حالتون
انسان کي ٺاهينديون ۽ ڊاهينديون رهيون آهن پر هن ٻالڪ جو سڀاڳ هئو، جو کيس سائين
جي ايم سيد جهڙو سڄڻ مليو، جنهن کيس علم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪئي. سائين جي
ايم سيد جي فڪري ڇانو ۾ رهندي هن ٻالڪ پنهنجي علم جي حاصلات لاءِ نهايت ئي ذميواري
سان زندگي جا پل پهر ڪتب آندا ۽ پنهنجي منزل ماڻي ورتي، هي ڏاهو شخص پنهنجي
زندگيءَ ۾ آمريتن جي عتاب هيٺ به رهيو ۽ آمريتن سان ويڙهاند ۾ به مصروف رهيو، جنهن
جي علمي حيثيت ان رتبي تي پهتي. سموري سنڌ کيس اهم حيثيت ۽ قبوليت ڏئي هڪ وڏڙي
جيان کيس قبوليو ۽ مان ڏنو ۽ سائين جويي صاحب به بنا ڪنهن فرق جي سنڌ جي سمورين ڌرين
کي عزت ۽ احترام ڏنو ۽ کين علمي شعور کان آگاهه ڪيو، دنيا ۾ يتيم ۽ غريب ٻالڪ ڪيئن
پنهنجي زماني جا وڏا ماڻهو ٿيندا آهن،
ان ڳالهه
کي سمجهڻ لاءِ اسان وٽ سڀ کان وڏو مثال به سائين محمد ابراهيم جويي جو ئي آهي.
جنهن سماجي اونداهي مان پنڌ ڪندي علم ۽ شعور جي روشنيءَ واري منزل ماڻي، پنهنجي
سماج جي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي، محمد ابراهيم جويو قومي سياست جي مورچي جو اهڙو
سپاهي ۽ اهڙو سپهه سالار هيو، جيڪو سياسي جنگ وڙهڻ جو وڏو ماهر ۽ رٿا بندي ڪندڙ
ماهر ۽ ڄاتو شخص هيو، جنهن پنهنجي علمي شعور کي ڌرتي دشمنن خلاف خوب ڪتب آندو،
جنهن وٽ پنهنجي بچاءَ ۽ سلامتي جا ڪيترا ئي قيمتي گڻ هئا، جنهن جي آڌار تي هن ڌرتيءَ
جو ڪيس نهايت ئي خبرداريءَ سان دليلن، مثالن ۽ ڏاهپ ذريعي پيش ڪيو ۽ پنهنجي فطري ۽
تاريخي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان ملهايو، جنهن پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ جي حقن لاءِ
جهيڙيندڙ ڌرين جي وچ ۾ ڳانڍاپي واريءَ پل جو ڪردر ادا ڪيو ۽ قومي تحريڪ جي رهنمائي
ڪئي، سائين جي ايم سيد کانپوءِ قومي تحريڪ لاءِ محمد ابراهيم جي شخصيت انتهائي مان
۽ مرتبي واري رهي، ڇاڪاڻ جو پنهنجي علمي حيثيت ۾
مٿاهون، باڪردار ۽ اعتماد جوڳو هيو، جنهن جي ڪري قومي تحريڪ جي قيادت لاءِ
هيءُ ڏاهو شخص انتهائي احترام لائق رهيو، اهيو ئي سبب آهي جو سندس مرتئي پڄاڻان
کيس سنڌ ڌرتيءَ جي قومي تراني جي گونج ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن پنهنجي مٽيءَ
سان ملي امرتا ماڻي ورتي آهي.
سائين محمد ابراهيم جويو
هڪ صديءَ جي سفر جِي پُڄاڻي.!
شاهد حسين تيوڻو
سنڌ جي
هن عظيم ڌرتيءَ پنهنجي ڪک مان هر دور ۾ ڪيترا ئي اتم ۽ اعلى انسان پئي پيدا ڪيا
آهن جن سنڌ جي سيڌ کي سنوارڻ ان سان محبت ۽ انچ انچ جو پئي بچاءَ ڪيو آهي اهڙا ڪيترا
ئي ڪردار موجود آهن جن ڌرتيءَ سان عشق جي ڏوهه ۾ سوليون به سينگارڻ ۾ فخر محسوس ڪيو
۽ مرڪندي مرڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويا. پر ڪڏهن به اهڙن انسانن پنهنجي ڌرتيءَ ۽
ان جي مٽيءَ جي خوشبوءَ سان محبت کي گھٽ نه ڪيو ۽ توڙي جو صدين جي صفر ۽ زندگيءَ
جي آخري پلن ۾ به ڌرتيءَ سان اٿاهه محبت جو اظهار ڪيو. اهڙن اتم انسانن ۾ محمد
ابراهيم جويي جو نالو سونهري ۽ چٽن اکرن ۾ لکيل نظر ايندو. جنهن هڪ صديءَ جي صفر
کان به وڌيڪ وقت هن ڌرتيءَ تي رهندڙ ماروئڙن کي شعور ڏيڻ لاءِ ارپيو ۽ وقت سان گڏ
هن جھوني مڙس جنهن جي جسم جي توانائي ته ضرور گهٽ ٿي هئي پر هن جون سوچون تمام
عظيم ۽ جبلن کان به اونچيون هيون جن
زندگيءَ جي ان عرصي ۾ به نوجوانن کي پئي همٿايو. ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو پئي درس ڏنو.
سائين
محمد ابراهيم جويو جنهن جو خال ڀرجڻ تمام ڏکيو شايد صدين تائين ڀرجڻ ممڪن ئي ناهي.
سائين جهڙو اڏول انسان جيڪي هلندڙ گهمندڙ هڪ صدي جي تاريخ هو جيڪو پنهنجي محبوب مٽيءَ
۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيو. سائين محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ تيرٿ لکي ضلعو دادو
موجوده ضلعي ڄامشوري ۾ پنهنجي محسن
والد محمد خان جويي جي گهر ۾ اک کولي ۽
پنهنجي زندگيءَ جي سفر جي شروعات ڪئي. نهايت خلوص ۽ نيڪ نيتيءَ سان علم جي واڌاري
لاءِ لوچيندو رهيو. جڏهن ته سائين جويي صاحب ۱۹۵۱ع تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ سيڪرٽري جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو.
سائين کي وري ٻيهر ۱۹۶۱ع ۾ ساڳئي
ئي عهدي تي مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۷۳ع
تائين سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو پر سائين ڪجهه وقت
چئرمين جي حيثيت سان به سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪيو.
سائين
جويو صاحب جيڪو هڪ صديءَ کان به ڊگهي تاريخ رکندڙ عظيم انسان هو جنهن کي سنڌ جو ٻچو
ٻچو هڪ وڏي ليکڪ، عالم ۽ سنڌي قوم پرست جي حيثيت سان سڃاڻندو هو. جويي صاحب جي اڻٿڪ
محنت ۽ جدوجهد هئي جنهن هزارين ڪتابن جو مطالعي سان گڏ ڪيترا ئي درجنن جا درجن ڪتاب
لکيا ۽ ڪيترن ئي يورپي ليکڪن کي به پڙهيو ۽ انهن جي مشهور ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو
۽ انهن کي ڇپرايو سائين ابراهيم جويو جيڪو سائين جي ايم سيد جو ويجھو ساٿي ۽ قوم
پرست هو جنهن سنڌ ۽ سنڌيت کي پنهنجو مرڪز بڻائي ۷۰ کان به وڌيڪ سالن جو عرصو سنڌي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪتاب لکندو رهيو.
جنهن ۾ تاريخ، فلسفو، ڪهاڻيون مهاڳ، مضمون، مقالا تقريبن ۶۰
ڪتابن مان ڪيترا ئي ڪتاب جن وڏي شهريت پڻ ماڻي پاڪستان اڪيڊمي
آف لٽريسيءَ جي حيثيت سان ۲۰۱۳ ع ۾ لٽريسي
ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. پر حقيقت ته سائين جي اڻٿڪ محنت ۽ ان جي جستجو جي اڳيان
اهڙا ڪيترا ئي ”ايوارڊ“ به ڪا اهميت نه ٿا رکن. ڇو ته سائين هڪ ئي وقت گهڻ-رخي
شخصيت جو مالڪ اتاهون انسان هو.
هن
جهوني مڙس جي اکين ۾ گهوري ڏسڻ سان سنڌ جي خوشحالي امن امان، ترقي جا هزارين خواب
سانڀيل هئا پر حقيقت ۾ ته هن جهوني مڙس ڌرتيءَ ماءُ جي مٽيءَ سان لڳاءُ هجڻ جي ڏوهه
۾ وقت جي فرعونن هٿان ڪيترا ئي ڀيرا زندگيءَ ۾ تڪليف کي به سٺو پر پنهنجي ماتر ڀوميءَ جي سڪ کي گهٽ ٿيڻ نه
ڏنو. ۽ ڏٺو وڃي ته اهڙن ئي عظيم پٽن تي مائرن کي ناز هوندو آهي.
محمد ابراهيم جويي جي شخصي ۽ فڪري تاريخ
مدثر کهاوڙ
اسان
جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي دانشور، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن
جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب،
ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون
سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو
عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر
۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل
وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر هن
همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي
درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ
مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد
دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت
حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ
لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماستر‘ مقرر ڪيو ويو.
محمد
ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy
in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي. ايم. سيد سندس پهريون
تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر
هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جي ‘Radical
Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical
Role of Islam’ جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي
عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽
ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ
مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save
Sindh, Save the Continent from Feudal Lords, Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير
تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي،
ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمين موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ
ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو،
جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين.
۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ
سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو
سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾
هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘
جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو
دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا
۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ
رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل
ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترا ئي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد
مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو
۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي
واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘Renaissance
جو
اهم اڳواڻ رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر
به رهيو.
۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي
اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب
چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾
”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ
جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس
چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي رهيو. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ
کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو،
جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويي صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو
چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي
تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾
مددگار رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾
شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن
طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز
چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس
پريزيڊنٽ پڻ.
جويي
صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ
ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري
تاج جويو رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب
”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي
صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“
جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽
فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾
وڏو ڪردار ادا ڪيو.
جويي
صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو
مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت
سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾
منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ
اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي
انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽
يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو
ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي.
هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي
صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر حيدرآباد ۾
خميس ڏينهن صبح جو وفات ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي لاءِ سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ
به پاس ڪيو ويو ۽ محمد ابراهيم جويو جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو.
محمد ابراهيم جويو
سنڌ جي ڏاهپ جو پيغمبر
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو
عالم، اديب ترجمي نگار ۽ تعليمدان محمد ابراهم جويو انهن ڏاهن منجهان ڳڻيو وڃي ٿو.
جن سنڌي ادب جي آبياري ڪئي. سائين ابراهيم جويو ترقي پسند لاڙو رکندڙ رهيو ، سنڌ
جو عاشق ۽ قومي نظريو رکندڙ مفڪر رهيو
جويو صاحب ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ تي ڳوٺ آباد،
ضلعو ڄامشورو ۾ پيدا ٿيو، سندس والد محمد خان جويو غريب هاري هئو پر سندس
ارادو هو ته پٽ کي پڙهايان.
محمد
ابراهيم جويو ٽن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو،
والد جي وفات بعد پڙهڻ جي ڄمار وارو ٿيو
ته سندس والده کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ڏکين ڏينهن
هئڻ باوجود ابتدائي تعليم حاصل ڪري ورتائين . ۱۲ ورهين جي ڄمار ۾ دادو جي تاريخي
شهر سن ۾ اي وي اسڪول ۾ داخل ٿيو. سن جيڪو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو
اباڻو علائقو آهي، اتي سائين جي ايم
سيد پاران جوئي صاحب جي تعليم ۾ مالي سهڪار
ساڻس رهيو، هي وقت هو جڏهن جويو
صاحب ڏاڍي محنت سان پڙهي رهيو هو.
اها ئي اها ڳالهه هئي جنهن سائين جي ايم سيد کي به متاثر ڪيو هو.
سائين
جي ايم سيد علم، ڏاهپ ۽ سياست جو سمنڊ هو ۽ علم سان چاهه رکندڙن جو کيس وڏو قدر هو. جويو صاحب علمي شوق سبب
ادبي ۽ سياسي ميڙاڪن ۾ سائين جي ايم سيد
سان گڏ رهيو. اهڙي ريت سندس فڪري تربيت به ٿيندي رهي. انهي کانپوءِ سنڌ
مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾
داخلا ورتائين ۽ مئٽرڪ ڪري فارغ ٿيو، مئٽرڪ
۾ پوزيشن اچڻ سبب اداري پاران اسڪالر شپ حاصل
ڪيائين ۽ گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان هڪدم پوءِ بمبئي ڪاليج مان بي ٽي ڪرڻ ويو
جڏهن واپس موٽيو ته سنڌ مدرسته الاسلام ۾
ئي استاد جي عهدي تي مقرر ڪيو ويو.
جويو
صاحب سيڪيولر رهيو، هن ڪڏهن به مذهب کي سنڌ
۽ علم جي وچ ۾ ناهي آندو مون کي عوامي آواز اخبار لاءِ انٽرويو ڏيندي چيو هئائين
ته آئون سيڪيولر ازم جو حامي آهيان فلاح بهبود جو ڀلو سوشلزم ۾ آهي، انهي سوچ جا
ماڻهو جتي گڏ ٿين ٿا. اتي وڃي آواز ۾ آواز
ملايون ٿا.
جوئي
صاحب لکڻ جي شروعات ترجمي سان ڪئي هئي، سنڌ
مدرسته الاسلام جي تدريسي رسالي ”ڪرانيڪل“
۾ ترجمن وارا ليک شايع ڪرايائين، سندس علمي ادبي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ تعداد
ترجمو ڪيل مضمونن ۽ ڪتابن جو رهيو آهي.
انهي
زماني ۾ ايم اين راءِ جي انگريزي ڪتاب جو سنڌيءَ
۾ ترجمو ”اسلام جو تاريخي ڪارنامو“ جي نالي سان ڪيو هئائين هي ۱۹۴۵ع جو سن هو. انهي کانپوءِ مختلف ملڪن جو ادب ۽ سياسي لٽريچر وقت سر ترجمو ڪندو
رهيو جن ۾ خاص طور تي انقلابي تحريڪن بابت مواد شامل رهيو، جوئي صاحب جي ڪيل علمي پورهئي جو تفصيل هن ريت
آهي، (۱) اسلام جو تاريخي ڪارنامو
(ترجمو) (۲) سنڌ بچايو، کنڊ بچايو (۳) ايميلي عرف تعليم (ترجمو) (۴) ٻارن
جي تعليم (ترجمو) (۵) وحشي
جيوت جا نشان (ترجمو) (۶) سنڌي
زبان جي بنيادي لغت (۷) فڪفر
جي آزادي (ترجمو) (۸) گليلو
انگريزي ڊرامي جو (ترجمو) (۹) شاهه
سچل سامي، (۱۰) ٻارن جو ميسج (ترجمو) (۱۱) ماڻهوءَ جو ڀاڳ، (۱۲) عورت
زاد، عورتن جي تحريڪ آزادي (ترجمو) (۱۳)
فلسفي جو ابتدائي ڪورس (ترجمو) (۱۴) علم تدريس مظلومن لاءِ (ترجمو) (۱۵) مهڪريءَ جا مضمون (ترجمو) (۱۶) اسان
جي ٻولي اسان جي تعليم، (۱۷) فرينچ انقلاب (ترجمو) (۱۸) مُٺ
مُٺ موتين جي (۱۹) هوءَ جا ٽمڪي باهڙي (۲ جلدن ۾) (۲۰) خط ٻن اديبن جا، (۲۱) ڳالهيون ڪتابن جون (۲۲)
خط ٻن استادن جا (۲۳) خط دوستن جا، ان کان علاوه ثقافت کاتي پاران مون ڏات انوکي آندي آ، ۲۰۱۲ ۾
جوئي صاحب جو لکيل ڪتاب آهي، جڏهن ته اردو دانشور مظهر جميل، ”محمد ابراهيم جويو:
ايڪ صدي ڪي آواز“ نالي ڪتاب لکيو جيڪو پڻ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي، جنهن ۾ جوئي
صاحب جي سوانح آهي.
جويو
صاحب هڪ صديءَ جي تاريخ هو. سنڌ جو مزاج ۽
فڪر به ان کي ئي چئي سگهجي ٿو. گذريل صديءَ ۾ سنڌ ۾ هزارين ادبي، دانشور، ڏاها جنم
وٺي، ڪردار نڀائي ويا، پر جن شخصيتن سنڌ ڌرتيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏيو، فڪر ڏنو، اهي
سائين جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ محمد ابراهيم جويو صاحب آهن.
ترقي
پسند ذهن ۽ روشن خيال سوچ رکندڙ سنڌ جي هن
ڏاهي سنڌي ادبي بورڊ لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ آخرڪار
ان جو قيام يقيني بڻايو. ۱۹۵۱ع کان
وٺي اڃان جڏهن بورڊ وجود ۾ ڪونه آيو هو، انهي جي وجود لاءِ جويو صاحب ڀڄ ڊڪ ۾ اڳڀرو رهيو.
۱۹۵۴ع ۾ هيءَ ادارو هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر مان تبديل ٿي
”سنڌي ادبي بورڊ“ بڻيو، جويو صاحٻ اڳوڻي اداري جو سيڪنڊ آفيسر ڪميشن ذريعي چونڊجي آيو هو. ادبي بورڊ
وجود ۾ اچڻ بعد ان جي گهڻي کان گهڻي جوڙجڪ پاڻ ڪيائون ”مهراڻ“ رسالو شاهڪار بڻائڻ
۾ جوئي صاحب جو اهم ڪردار رهيو جنهن ان جي ڏهه ورهيه سرپرستي ڪئي.
هو سنڌ
ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو به سيڪريٽري رهيو ۽ نهايت معياري نصاب جي تياري ڪيائين، ماهر
تعيلم هئڻ ڪري ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ کي جويو صاحب هڪ سرمايو ملي ويو، جنهن سنڌ جي تدريسي
ڪتابن ۾ معياري ۽ جديد انداز آندو پاڻ به ڪتاب لکيائين ۽ سڄي سنڌ مان وڏن عالمن ۽
اديبن کان به تعليمي لحاظ کان مدد ورتائين، هو بيورو آف ڪريڪيوليم جو به ڊائريڪٽر رهيو.
سنڌي
ادبي سنگت جي حوالي سان پڻ اديبن جي تنظيم کي متحرڪ ڪيائين. سنڌ جي حوالي سان ڪيترا
ئي قومي ۽ ادبي معاملا هن پليٽ فارم تان اٿاريائين، ادبي سنگت جي بنياد کان وٺي
جوئي صاحب ان ۾ ڪردار نڀايو، ادبي سنگت کان علاوه ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ ۽
”سنڌ فرينڊس سرڪل“ نالي پڻ جوئي صاحب اديبن جا نوان ۽ متحرڪ يونٽ کوليا جنهن جي
ذريعي سنڌي ڪتاب شايع ڪرايا ويا. سنڌ جا ڪيس اٿاريا ويا ۽ اديبن ۽ شاعرن کي گڏ ڪيو
ويو. اهو جوئي صاحب جي شخصيت جو ڪمال هو جو هن هر ننڍي وڏي اديب جي عزت ڪئي ۽ عزت ڪرائي
سڀني سنڌي اديبن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪري سهگارو
اتحاد بڻايو.
تعليم
جي حوالي سان جوئي صاحب جون ڪيل خدمتون به اهميت جوڳيون آهن، سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۴۱ع کان استاد طور مقرر ٿيو، جنهن بعد ۱۹۴۷ع ۾ ميونسپل ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ ٻن سالن تائين هيڊ ماستر بڻيو، تڏهن ۲۰۰ رپيا پگهار کنيائين، ٻن ورهين بعد ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾
اسٽنٽ ماستر طور بدلي ٿيو، ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ
پبلڪ سروس ڪميشن ۾امتحان پاس ڪيائين ۽ گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪيو ڪميٽي
فار سنڌي لٽريچر جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، ۱۹۶۷ع ۾ گرونرمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب
آباد جو هيڊ ماستر مقرر ٿيو، ۱۹۶۸ع ۾
گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسيپال بڻيو، ۱۹۶۹ع ۾ رجسٽرار ڊپاررٽمينٽل ايگزئميشن، ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن حيدرآباد مقرر
ٿيو، ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو ميمبر
۽ ۱۹۷۲ع ۾ اتي ئي ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ٿيو
جتان ۱۹۷۳ع ۾ ريٽائرڊ ٿي سروس مڪمل ڪيائين.
ريٽائرمينٽ
کانپوءِ جويو صاحب مڪمل طور تي ادب حوالي ٿي
ويو، جنهن سڄو سارو وقت علمي ادبي، سرگرمين کي ڏنو، ڪيترا ئي مقالا، مضمون ۽
ترجمان به ڪيائين شاهه سائين لطيف جي حوالي سان پڻ ڪم ڪيائين، ادبي حلقا قائم ڪيائين
۽ قومي سجاڳيءَ وارو سلسلو فڪري انداز ۾ اڳتي
وڌايائين، سائين جي ايم سيد شيخ اياز، سراج ۽ ناميارن مدبرن ساٿين سان گڏ جي اهڙو
نظرياتي ڪم ڪيائين جو سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ قوم کي پنهنجي منفرد سڃاڻپ ملي.
سنڌ
بابت جوئي صاحب جو موقف هميشه سگهارو رهندو آيو. هن عوامي آواز اخبار لاءِ مون کي ڏنل
انٽرويو ۾ چيو هو ته
سنڌ پاڪستان
سان انهيءَ لاءِ شامل ڪونه ٿي هئي ته سنڌين کي اقليت ۾ بدلايو وڃي، پر انهي لاءِ
شامل ٿيا هئاسون ته جن قومن گڏجي پاڪستان ٺاهيو آهي سي سڀئي هڪ جيتريون حقدار آهن،
اها زندگي جنهن ۾ ماڻهو بيوس هجي سا موت جهڙي آهي. ساڳي ريت اها آزادي جنهن ۾
اختيار نه هجي بي اختيار هجي، اها بي معنيٰ آهي، اها غلامي آهي. اسان سنڌ کي پاڪستان
۾ باوقار ۽ بااختيار ڏسڻ چاهيون ٿا. اهو حق تڏهن ملندو جڏهن سنڌين ۽ پاڪستان جي ٻين قومن کي هڪجيترو حق ملندو ۽
برادري ايندي.“
جويو
صاحب سنڌ جي برابري جو خواب ڏسندو رهيو. هن سڄي ڄمار سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه ڪئي،
نظرياتي ۽ فڪري طرح ڪم ڪيو آهي، جڏهن به سنڌ سان اناصنافي ٿي جوئي صاحب پنهنجو رد
عمل ڏنو. محفلن ۾ تقريرن ذريعي، اخبارن ۽
رسالن ۾ مضمونن ذريعي يا وري سماجي اڳواڻڻ
۽ دانشورن جا فورم ٺاهڻ جي صورت ۾ نهايت سنجيده
طبيعت هئڻ سبب ساڻس ملڻ وارن به پنهنجو مزاج اهڙو ڪرڻ شروع ڪيو. نون ليکڪن
۽ ادب سان چاهه رکندڙن کي هميشه هٿي وٺرايائين،
انهن جي ذهني صلاحيت کي روشن ڪيائين، جوئي صاحب سان هڪ ڀيرو ڪير ملاقات ڪري آيو ڄڻ ڪو تاريخ، علم ۽ ادب جو فلسفو پڙهي نڪتو، سيڪيولر هئڻ ڪري شاهه
لطيف کي سنڌ جو قومي شاعر چوندو رهيو، ڪڏهن
به بزرگ ۽ اولياءِ نه چيائين سچل کي جو شيلو مفڪر ڪوٺيائين پر مست الست نه ڪوٺيائين.
۲۰۰۹ع ۾ جوئي صاحب جي مڃتا لاءِ سنڌ حڪومت پاران شاندار تقريب ڪئي وئي ۽ کيس مڃتا
شيلڊ ڏني وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ ميوزم ۾ ”ابراهيم جويو ڪارنر“ قائم ڪيو ويو، ۲۰۱۱ع ۾ جوئي صاحب جي طبيعت تمام بگڙي وئي هئي جنهن ڪري هڪدم حيدرآباد مان ڪراچي شفٽ ڪري سندس علاج ڪيو ويو هو.
جويو
صاحب سنڌ ۾نثر کي وڏي ترقي ڏيڻ واري شخصيت رهيو، هن ڪيترن ئي ڪتاب جا شاندار مهاڳ لکيا، جيڪڏهن اهي
سمورا مهاڳ گڏ ڪري هڪ جاءِ تي رکجن تڏهن به نثر جو عاليشان ڪتاب ٺهي پوندو. وڏي ڄمار
هئڻ باوجود نوجوان اديبن سان عزت ۽ مانائتي انداز ۾ ملندو رهيو. سندس چوڻ هو ته ”سڀئي
هڪ ٻئي کان سکون ٿا، ڪو به ماڻهو مٿانهون ناهي سڀ عزت ۾ برابر آهن“.
جوئي
صاحب جهڙي سوچ سنڌ جي هر دانشور جي بڻجي وڃي ته سنڌي دانشور سهڻو لکڻ سان گڏ دل
دماغ جا به سهڻا ٿي وڃن، سنڌ جي قسمت چڱيءَ آهي جو سائين جي ايم سيد کانپوءِ جويو
صاحب اسان کي مليو جنهن ۾ علمي ۽ نظرياتي گڻ
اهي ئي نظر آيا.
جوئي
صاحب سان سندس پياري دوست مرحوم ابن حيات پنهور جي پٽ لطيف اياز پنهور سان گڏجي
صحافي ڪالونيءَ ۾سندس گهر وڃي ڪچهريون ڪيم ته سائينءَ هميشه مانائتي موٽ ڏني ۽ ڊگها
بحث ڪيائين جيڪي لاڀ وارا ثابت ٿيا، هڪ ڀيري جناح اسپتال ڪراچي جي سامهون ٽيلي فون
ڪمپني جي آفيسرن جي ڪالوني ۾ آيو، جتي سندس پٽ جو گهر هو، سوهاڪي اسٽيڊيم ۾ عوامي
آواز جي آفيس هليو آيو ۽ مون کي عزت ڏنائين جو رسمي دعوت تي تڪليف ڪئي هئائين، مون موقعي جو فائدو وٺندي سائين جو
تفصيلي انٽرويو ڪري ڇڏيو، جنهن سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي حلقي ۾ اثر ڏيکاريو،
انهيءَ انٽرويو جو حوالو، انگريزي اخبار ”ڊان“ ۾ ڇپيو سنڌي اخبار جي تبصري هيٺ ڀلي نموني شايع ڪيو ويو، جويو صاحب سنڌ جي ڏاهپ جو پيامبر رهيو
جنهن جي ڪردار کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي.
محمد
ابراهيم جويو
سنڌي
ادب جو پارس
مير نادر علي ابڙو
پنهنجي
ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان
ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني
ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن
کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي
هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت
گذاريندا هئا.
مون کي
ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائينءَ جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس،
جتي چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي
بورڊ مان ڪيترا ئي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙيءَ ريت چاچا ابراهيم
جويو منهنجي ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگيءَ ۾ منهنجي پسنديده
شخصيت بڻجي ويو. ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي
آهي ته مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه
ڪتاب کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان
عمل تي سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ
اهو چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس.
منهنجي
لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ
کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون
ڳالهيون رهيون. ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترا ئي اهم ڪتاب ڏئي
چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي. سندن
حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي هئي ته هو سنڌ
جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو
هو.
سنڌ جي
هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ سائين
ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ’’آباد‘‘
سان هو، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان
وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب
جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري ’’آخوند‘‘ جي نالي سان سڏيو
ويندو هو.
محترم
محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ
طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو. ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن
کي ئي ملندو هو، جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان
هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني،
جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي.
ويهين
صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي، ان زماني ۾ ايم اين راءِ جي فڪري تحريڪ اڀري
رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري طور تي ڳوڙهو
اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم اين راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ شروع ڪيو. جيڪي ان
وقت جي ٽائمز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب کي اهو احساس ٿيو ته
سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا جي انتهائي اشد
ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمران طبقي مسلمانن
لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو جهڙي دورانديش
۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽ فڪري طور ڪي مشڪلاتون
پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو.
سنڌي
ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري
ڪيترا ئي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ
۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽
گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو.
اهڙيءَ ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽
اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو
شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب جو به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن
شيخ اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن
وڏن ناليوارين شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو.
محمد
ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب هو، جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد
سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪيو ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هن سنجيده مزاج ۽ گهڻ
پاسائين، اتساهيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب ڏٺو.
هڪ شانائتي شرڌانجلي سائين محمد ابراهيم جويي جي شان ۾!
حسن منصور
سنگرام
سنڌ
انسٽيٽيوٽ آف يُورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (S.I.U.T)
جي آغا حسن عابدي آڊيٽوريم ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي
ياد ۾ ڇنڇر ۱۸ نومبر ۲۰۱۷ تي هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ مقررن سائين محمد ابراهيم جويي جي
علمي ۽ ادبي خدمتن تي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. مقررن جو چوڻ هو ته سائين جويي صاحب
اُن دور ۾، جڏهن ملڪ ۾ اظھار جي آزاديءَ تي پھرا هوندا هئا، پنھنجن شاگردن منجھه
عقلي سوچ ۽ ساڃاههَ جي آبياري ڪئي، هُن نسلن کي اُتساههُ ڏنو ۽ تنقيد ۽ تشريحي
تدريس واري اصول کي اپنايو.
S.I.U.T جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي
چيو ته، ”ڪي ماڻھو پنھنجي پويان ڌن دولت ڇڏيندا آهن، ڪي وري غير معمولي اِدارا
قائم ڪري، پنھنجي وِرثي طور پويان ڇڏيندا آهن، پر جويي جھڙا ماڻھو پنھنجو وِرثو
پنھنجن ڪتابن جي صورت ۾ ايندڙ نسلن کي منتقل ڪندا آهن، اُهي ڪتاب مستقبل تي اثر
انداز ٿيندا آهن.“ هيءُ ميڙاڪو اُن سلسلي جي هڪ ڪڙي هو، جنھن تحت سموريءَ سنڌ ۾
اُن هستيءَ کي سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، جنھن
پنھنجي ۱۰۲ ورهين جي ڄمار دوران اعلى پايي
جا عالماڻا ڪتاب لکيا ۽ دنيا جي عظيم ڏاهن، فلسفين ۽ ليکڪن، جھڙوڪ رُوسو، والٽيئر،
پائيلو فريري، شيلي ۽ ٽئگور جا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري، اُن جي تونگريءَ ۾
بيمثال اضافو ڪيو.
ڊاڪٽر
رضويءَ چيو ته هُن جويي صاحب بابت اُن وقت ٻُڌو جڏهن کيس سندس لکيل هڪ خط مليو هو،
جنھن ۾ هُن کيس اڪيڊمي آف ليٽرس پاران سن ۲۰۱۱ ۾ ڏنل ”ڪمالَ فن ايوارڊ“ ۾ مليل رقم، ايوارڊ سُوڌي، S.I.U.T کي عطيو ڏيڻ جي اِڇا ڏيکاري هئي.
”اسان کيس
قائل ڪرڻ لاءِ ڏاڍا جتن ڪيا ته جنھن ٻُڍاپڻ واريءَ عمر ۾ پاڻ هئا، تنھن ۾ اُها رقم
کين ڏاڍي ڪم اچي ها، ڇو ته سندس آمدنيءَ جو ٻيو ڪو ذريعو به نه هو، پر پاڻ پنھنجي
اِرادي ۾ ڏاڍا اَٽل هئا“، S.I.U.T سربراهه
چيو.
مسٽر
جويو S.I.U.T ۾ آيو ۽ هتي اچي ڏاڍو سَرهو ٿيو
هو. ”مون نٿي ڄاتو ته عظيم ليکڪ اهڙين پَوِتُر، اهڙين اَڇيَنِ اُجرين دلين جا مالڪ
به هوندا آهن. اُهي جيڪي ڪجھه ڏسن وائسن ٿا، ۽ مُشاهدو ڪن ٿا، تنھن کي پنھنجي وجود
جو حصو بڻائي ڇڏين ٿا“، هُن [ڊاڪٽر رضويءَ] چيو.
اُستاد
۽ ڪالم نويس توصيف احمد خان ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو مسٽر جويي پنھنجيءَ ڄمار جا ۱۰۲ ورهيه پنھنجن شاگردن جا ذهن بدلائڻ ۾ گُذاريا. ”بحيثيت اُستاد، سندس قد ڪاٺ
رِيس ڪرڻ جوڳو هو. جنھن دور ۾ ڪلاس روم جي بحث مباحثن تي ڪَرڙي نظر رکي ويندي هئي،
هِن ماڻھوءَ ڪلاسن اندر پنھنجي علمي ۽ ادبي قابليت جو استعمال بيباڪيءَ سان ڪيو،
هُو پنھنجي ڳالھه چوڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائيندو هو.“
هُن وڌيڪ
چيو ته مسٽر جويو ڪلاس رُومس کان هَٽِي ڪري به سنڌ جي مسئلن تي بحث ڪندو هو ۽ هُن ڪڏهن
به پنھنجو پاڻ کي ڪتابن جي نصاب تائين محدود نه رکيو، جيئن اُن وقت جا اڪثر استاد ڪندا
هئا. هينئر به گھڻا تڻا استاد ائين ئي ڪري رهيا آهن [يعني اُهي پنھنجو پاڻ کي فقط ڪتابن
جي نصاب تائين ئي محدود رکن ٿا].
”جڏهن مستقبل
۾ رُونما ٿيندڙ واقعا نِروار ٿيا، ته سندس تجزياتي دُورانديشيءَ کيس درست ثابت ڪيو
۽ ملڪ تي ڏُور رس اثر ڇڏيا.“
صحافي،
غازي صلاح الدين چيو ته جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو، جويو صاحب اُن وقت ۳۲ ورهين جو هو. هُن پاڪستان جي قيام وارا ڏينھن پنھنجي اکين سان ڏٺا هئا ۽
سندس ڏاهپ ڀريءَ قابليت جا تجلا تن ڏينھن ۾ لکيل سندس ڪتاب، ’سنڌ بچايو، وڏو کنڊ
بچايو-جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ سندن حوارين کان‘، ۾ نِروار ٿيا هئا.
”هُو ايڏو ته
هر دل عزيز هو جو ذوالفقار علي ڀٽو پنھنجي جوانيءَ وارن ڏينھن ۾ ساڻس ملڻ جون سَڌُون
ڪندو هو ۽ جڏهن ڀٽو صاحب ساڻس مليو، ته اُمالڪ سندس مُک مان نڪري ويو: ”اڇا، ته
هيءُ آهي مسٽر جويو!“
هُن وڌيڪ
ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو ٽِن نسلن تائين ماڻھن لاءِ هڪ آدرشي انسان رهيو آهي ۽
پنھنجو انعام S.I.U.T کي ڏيڻ، جيڪو ڪراچيءَ جو هڪ
اِدارو آهي، واضح طور تي سندس اِن سوچ کي ظاهر ڪري ٿو ته ڪراچيءَ جو سنڌ سان ڪيڏو
نه اَساسي تعلق آهي. ”اُها سنڌ جي لازمي جُز آهي“، هُن چيو.
”اهڙي دور ۾،
جڏهن غير تعصبي liberal، سنساري secular، ۽ انسان دوست قدُر پوين پساهن ۾ آهن، مسٽر جويي پنھنجي سموري
زندگي سنسار-واديsecular ۽ ترقي پسند نظرين جي پرچار ۾ وقف ڪري ڇڏي ۽ هُو اُنھن قدُرن تي
پنھنجي آخري پساهه تائين اَٽل بيٺو رهيو.
مسٽر
شفيق احمد پراچا ميڙاڪي ۾ ڳالھائيندي چيو ته مسٽر جويو هڪ اهڙو مالھي هو، جيڪو
پنھنجي گُلشن جي هر هڪ گُل سان بي انت پيار ڪندو هو ۽ هُن اُنھن جي نھايت پريم سان
سار لڌي.
ليکڪ
مظھر جميل گھُر ڪئي ته ڪنھن يونيورسٽيءَ ۾ مسٽر جويي جي نانءُ تي ترجمي ۽ تحقيق جي
چيئر قائم ڪئي وڃي.
تعليم
دان ڊاڪٽر فھميدا حسين چيو ته هُن هڪ اُستاد ۽ سماج سُڌارڪ جي حيثيت ۾ ڪيترن ئي
نسلن کي اُتساههُ ڏنو.
سنڌ
يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر، مظھرالحق صديقيءَ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي
بيتُ
پاڇا
هِي نه پاڙيان، سَرتيُون! سُئيءَ ساڻُ،
ڍَڪي
اُگھاڙي کي، ڪين ڍَڪيائين پاڻُ،
ٻِيھر ڄاپِي
ڄاڻُ، ابر جي اوصاف کي.
جو
حوالو ڏيئي چيائين ته جويو صاحب جو سموُرو جيوّنُ سُئيءَ مثل هو، جيڪا ٻين جي اوگھڙ
ڍَڪڻ لاءِ ڪپڙا سِبي ٿي، پر پاڻ سدائين اُگھاڙي رهي ٿي.
ڊاڪٽر
مُرليڌر اُن ميڙاڪي جي ڪارروائي هلائي.
[نوٽ: هن
مضمون ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي مرحوم جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، پر آءٌ سائين جويي
صاحب لاءِ اُهو استعمال ڪرڻ جي همٿ ٻَڌي نه سگھيو آهيان، تنھن لاءِ معافيءَ جو
طلبگار آهيان- سنڌيڪار]
(روزاني
”ڊان“ ڪراچي، ۱۹ نومبر ۲۰۱۷، جي ٿورن سان)
کنيل ڏيھاڙي
عبرت بتاريخ ۲۳ نومبر ۲۰۱۷ع تان ٿورن سان)
محمد ابراهيم جويو
هڪ صديءَ جي روشني
سارنگ جويو
سنڌ اڀياس
اڪيڊمي ۽ سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز پاران ڪالھه بتاريخ ۱۵ نومبر ۲۰۱۷ جي شام جو ۴ وڳي کان ۷ وڳي تائين جديد سنڌ جي اڏڻھار
سائين ابراھيم جويي جي ياد ۾ “A Legend never Dies” جي عنوان تي زيبسٽ جي ۹۰ آڊيٽوريم
۾ ھڪ شاندار تقريب ٿي گُذري. ھن پروگرام جي شروعات سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ پاران پڙھائي
ويندڙ ڪورس سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ريسرچ ايسوسيئيٽ سارنگ
جويي شاھ لطيف جي بيت “اول الله عليم، اعلي عالمٰ جو ڌڻي” سان ڳائي ڪئي، جيڪا ڌُن
سنڌ اسٽڊيز جي شاگردن ۽ سنڌ اڀياس اڪيڊميءَ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان جي ٺاھيل
آھي. ان کان پوءِ ھن پروگرام جي ماڊريٽر ڊاڪٽر غزالا رحمان سنڌ اڀياس اڪيڊمي ۽
سراج انسٽيٽيوٽ پاران سڀني آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو، جنھن کان پوءِ سنڌ اڀياس اڪيڊمي
سنڌ اسٽڊيز جي شاگردياڻي خوشبخت ميمڻ سائين ابراھيم جويي جي زندگيءَ تي مختصر
روشني وجھندي چيو ته، “ جويو صاحب سان مُنھنجي ڪڏھن به مُلاقات نه ٿيل ھُئي پر ان
بابت اسان سنڌ اسٽڊيز جي ڪورس ۾ پڙھيو آھي، ھو ھڪ وڏي علمي شخصيت ھُئا، جن جا ڪيترا
ئي ڪتاب لکيل آھن ان کان پوءِ سنڌ اڀياس جي ھڪ ٻئي شاگرد شھروز جمالي ڳالھائيندي
چيو ته، “ سائين جن سنڌ جي ايڏي وڏي شخصيت آھي، جو ان تي ڳالھڻ جي آئون جسارت به
نه ٿو ڪري سگھان، بس ايترو ئي چئي سگھان ٿو ته سائين جتي به رھيا ۽ جيڪي به ادارا ٺاھيا،
اُتي ايمانداريءَ سان ڪم ڪيو، ۽ اسان کي به ايمانداريءَ سان ئي ڪم ڪرڻ گھرجي جنھن
کان پوءِ نعيم چانڊيي ڳالھائيندي چيو ته، “سائين ابراھيم جويي جو تعارف مون وٽ
سندن ناياب ترجمن جي ڪري آھي، شيلي، ٽئگور، شيڪسپيئر، پائلو فريري جا ترجما جيڪي
جويي صاحب ڪيا آھن، اھي ناياب آھن،
ان کان
پوءِ سائين ابراھيم جويي جي پوٽيءَ بُشريٰ جويو ڳالھائيندي چيو ته، “ مُنھنجو نه رڳو
ڏاڏا سائين ابراھيم جويي سان لاڳاپو آھي، پر آئون شيخ اياز جي به ڏُھٽي آھيان، ان
لاءِ مون تي پريشر ھوندو ھو ته تون ھيڏين وڏين شخصيتن جي اولاد آھين توھان ڇا ڪيو
آھي، منھنجو ڏاڏا بابا سان ڏاڍو ڪلوز رشتو ھو، جيڪو شايد ڪنھن سان به نه ھو، اسان
سان گھڻو پيار ڪندو ھو، آئون کانئن سوشل ازم ۽ سنڌي آئڊيالاجي جي باري ۾ پُڇندي
ھُيس، پر جنھن طريقي سان ھو اسان کي سمجھائيندا ھُئا اھو نھايت سولو ھوندو ھو. ھڪ
اھم ڳالھ ڏاڏا بابا جي اھا ھُئي ته پاڻ سادي زندگي گُذاريندا ھُئا، اسان کي به
زندگي سادگي ءَ سان گُذارڻ گھرجي ۽ ڪتابن سان پيار ڪرڻ گھرجي، ڏاڏا بابا ته پنھنجي
لائبريري به ڊونيٽ ڪري ڇڏي ته جيئن سنڌ جا نوجوان ذھن اھي ڪتاب پڙھن.” ان کان پوءِ
سنڌ جي ناليواري ليکڪ تاج جويي ڳالھائيندي چيو ته، سائين ابراھيم جويي جو سنڌ تي وڏو
ڪم ته ترقي پسند ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ان کي ھٿي وٺرائڻ ھو، پر ان کان به اھم ڪم
جويي صاحب جو اھو ڊاڪيومينٽ آھي، جيڪو سائين ۱۹۴۷ ۾ “سيو سنڌ سيو دي ڪانٽينينٽ” جي نالي سان لکيو، جنھن ۾ سائين جيڪا اڳڪٿي ڪئي
ته اسان پاڪستان ۾ شامل ته ٿيون ٿا، پر اسان ٻئي درجي جي شھري جي حيثيت وارو رويپ
رکيو ويندو، جنھن سان اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ قومي شناخت کي خطرو ٿيندو، اھي ڳالھيون
اڄ به سئو آنا سچ آھن. “ جنھن کان پوءِ سحر گل ڀٽيءَ ڳالھائيندي چيو ته، “سائين جويو صاحب سنڌ جو شعور ساز ھو، جنھن پنھنجين
لکڻين ۽ ترجمن ذريعي سنڌ ۾ ترقي پسند لاڙن کي متعارف ڪرايو، سائين جو ھڪ ڪتاب “سيڪيولرازم
۽ عقليت پسندي” دراصل ٻن اسڪول آف ٿاٽس جي وچ ۾ ڊبيٽ آھي، جنھن ذريعي سائين عقليت
پسنديءَ کي ھٿي وٺرائي آھي. ان کان علاوه سائين سنڌ اندر جديديت لاڙن کي متعارف ڪرايو.
“
ان کان
پوءِ ڊائريڪٽر سنڌ اڀياس اڪيڊمي ڊاڪٽر غزالا رحمان رفيق سائين ابراھيم جويي جو سنڌ
اڀياس اڪيڊميءَ سان تعلق تي ڳالھائيندي چيو ته،
“سائين ابراھيم جويي جي آئون ٿورائتي آھيان جو انھن جي شفقت جو ھٿ ھميشه
مون مٿان ۽ اسان جي اداري سنڌ اڀياس مٿان رھندو آيو، ھو مونکي پيار مان بابلي به
چوندو ھو، منھنجو ساڻن تعلق ڏاڏا عبدالرحمان، چاچا لُطف رحمان ۽ بابا حسن علي
عبدالرحمان جي ڪري به رھيو، مون کي سائينءَ ئي ٻُڌايو ته بابلي تنھنجو ڏاڏو سنڌ
مدرسته الاسلام ۾ اسٽڊي سرڪل ھلائيندو ھو، جن جا موضوع ان وقت شيڪسپيئرس جا ڊراما،
شيلي، گوئٽي، ۽ ٻيا ھوندا ھُئا ان کان علاوه ون يونٽ جي دور ۾ جڏھن اوھان جو والد
سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ھو، تڏھن ھو حيدرآباد ۾ مٺارام ھاسٽل ۾ اسٽڊي سرڪل
ھلائيندو ھو، جنھن کان پوءِ سارنگ جويي ڳالھائيندي چيو ته، “جان جان ھُئي جيئري
ورچي نه ويٺي، وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندين کي سڄڻين. سائين ابراھيم جويو جديد ۽ ترقي
پسند سنڌ جو اڏيندڙ ھو.
ابراهيم جويو
سنڌي ادب جو پارس
مير نادر علي ابڙو
پنهنجي
ادبي ۽ علمي گهراڻي هجڻ سبب مون کي ٻالڪپڻ کان ئي سنڌي ادب جي نمايان شخصيتن سان
ملڻ جو موقعو ميسر ٿيو. ڇو ته بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي شام واري روزاني
ڪچهرين ۾ به گهڻي قدر سندن ادبي دوست ئي گڏ ٿيندا هئا، جتي سنڌ جي سڀني وڏن ليکڪن
کي مان بابا سائين جي ڪچهرين ۾ ڏٺو ۽ جڏهن به بابا سائين جي حيدرآباد بدلي ٿيندي
هئي ته پاڻ پنهنجي سڀني کان وڌيڪ ويجهي دوست چاچا محمد ابراهيم جويو سان وڌيڪ وقت
گذاريندا هئا.
مون کي
ياد آهي هڪ ڏينهن مان به بابا سائين جن سان گڏ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ويو هئس، جتي
چاچا ابراهيم جويو سان ويهي ڪچهري ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون بابا جن کي چئي سنڌي ادبي بورڊ
مان ڪيترائي ڪتاب وٺي گاڏي جي ڊڪي ڀري ڇڏي هئي. اهڙي ريت چاچا ابراهيم جويو منهنجي
ان معصومانه خواهش کي پورو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ زندگي ۾ منهنجي پسنديده شخصيت بڻجي ويو.
ڪتابن سان منهنجي رغبت ۽ لڳاءُ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر امڙ سانئڻ ٻڌائيندي آهي ته
مان ٻالڪپڻ ۾ به جڏهن اڃان مان اسڪول وڃڻ جهڙو نه هيس تڏهن به اڪثر گهر مان ڪجهه ڪتاب
کڻي پراڻي اسڪولي ٿيلهي ۾ وجهي سڄي گهر ۾ گهمائيندو وتندو هيس ۽ منهنجي ان عمل تي
سمورا گهر ڀاتي کلندا هئا ته پاڻ کان وڏو ٿيلهو کنيو اٿم. پوءِ عمر سان گڏ اهو
چاهه ويتر وڌڻ لڳو ۽ ڪتابن جي ويجهو ٿيندو ويس.
منهنجا
لاءِ اها هڪ وڏي سرهائي جي ڳالهه آهي ته مون جويي صاحب جهڙي مانائتي شخصيت کي ويجهڙائيءَ
کان ڏٺو، سندن لبن تي هميشه سنڌي ادب ۽ زبان جي واڌاري ۽ سنڌي سماج جي خوشحالي جون
ڳالهيون رهيون آهن، ڏٺو وڃي ته سنڌي ادب جو هي اڻ ٿڪ ڪردار، ادب کي ڪيترائي اهم ڪتاب
ڏئي چڪو آهي. جنهن ۾ ادبي ٻولي ۽ ان جي فلسفيانه پيڙاهي جو وڏو عنصر موجود آهي.
سندن حياتي جو احاطو ڪبو ته پوري هڪ صديءَ جو دؤر هن ادبي ميدان لاءِ ڏنو آهي ۽ ساڻن جڏهن به ڪچهري ٿيندي آهي ته هو سنڌ
جي مڙنئي مسئلن، خاص ڪري تعليمي، ثقافتي، معاشرتي اوسر ۽ اقتصادي آجپي جي ڳالهه ڪندو
آهي. سنڌ جي هن سٻاجھڙي ڏاهي، ڪشادي صاف دل، سادي فطرت ۽ درگذر ڪندڙ طبيعت جي مالڪ
سائين ابراهيم جويو جو بنيادي تعلق تعلقي ڪوٽڙي ضلعي ڄامشورو جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ
“آباد” سان آهي، جتي هڪ محنت ڪش هاريءَ ميان محمد جويو جي گهر ۾ ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ جنم ٿيو ۽ سندن والد جي ان
وقت وفات ٿي جڏهن محمد ابراهيم جويو جن تمام ننڍا هئا. جڏهن ته سندن ڏاڏو محبوب
جويو کي ڳوٺ ۾ وڌيڪ پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار هجڻ جي ڪري “آخوند” جي نالي سان سڏيو
ويندو هيو.
محترم
محمد ابراهيم جويو پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ۱۹۲۷ع ڌاري اينگلو ورٽيڪلر (اي. وي) اسڪول سن ۾ داخلا ورتائون. جنهن بعد اڳيان
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ مدرسه ڪراچي جي تعليم حاصل ڪرڻي پئي، جتي لوڪل بورڊ
طرفان کيس ڏهه رپيا ماهانا وظيفو به جاري ٿيو،ان زماني ۾ اهو وظيفو انهن شاگردن کي
ئي ملندو هو جن جي تعليمي ڪارڪردگي نمايان هوندي هئي ۽ ابراهيم جويو صاحب اڳيان
هلي سنڌ مدرسه ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي حيثيت سان ٻن سالن تائين خدمت به سرانجام ڏني،
جنهن سان سندس ڪردار سنڌ واسين لاءِ هڪ فڪري استاد ۽ شعوري شخصيت طور پڻ رهيو آهي.
ويهين
صدي عيسوي جي شروعاتي ڏهاڪن ۾ جڏهن سنڌ انگريزن کان آجپي واري تحريڪ شروع ڪئي ويئي، ان زماني ۾ ايم. اين. راءِ جي فڪري
تحريڪ اڀري رهي هئي ۽ ان فڪري ماحول ۾ محمد ابراهيم جويو ان تحريڪ جو فڪري ۽ شعوري
طور تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو. ان زماني ۾ هن ايم. اين. راءِ جي مضمونن جو مطالعو پڻ
شروع ڪيو. جيڪي ان وقت جي ٽائميز آف انڊيا ۾ شايع ٿيندا هئا. جنهن سان جويو صاحب
کي اهو احساس ٿيو ته سنڌ ۾ سائنسي ۽ تعليمي شعور جي جيڪا گهٽتائي آهي تنهن لاءِ جاڳرتا
جي انتهائي اشد ضروت آهي ۽ اڳيان هلي جڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي ڳالهه ٿي ۽ حڪمرانن
طبقي مسلمانن لاءِ هڪ الڳ مسلم رياست جو مطالبو ڪيو ته ان وقت محمد ابراهيم جويو
جهڙي دور انديش ۽ قابل ڏاهي اهو محسوس ڪري ورتو ته آئنده لاءِ سنڌ ۾ سماجي، علمي ۽
فڪري طور ڪي مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون ۽ ان حوالي سان سنڌ واسين جي جاڳرتا لاءِ
پاڻ هڪ ڪتاب پڻ رقم ڪيو.
سنڌي
ادب ۾ جويي صاحب بين الاقوامي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پرڏيهي ڪتابن کي ترجمو ڪري
ڪيترائي انيڪ ڪتاب به ڇپرايا، جنهن ذريعي هن پنهنجي ترجمن ۾ فڪري ۽ شعوري طور سنڌ
۾ جديد سائنسي علم جي اوسر، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ سماجي سڌارن بابت وسيع ڄاڻ ڏنائون ۽
گڏوگڏ هن سنڌ کي روايتي ذات پرستي، وڏيرائي سوچ ۽ تعليمي کوٽ مان پڻ ڪڍڻ ٿي چاهيو،
اهڙي ريت هن هميشه پنهنجي قلم ذريعي ٻولي، تعليم، ادب ۽ سماج جي وڏي خدمت ڪئي ۽
اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ فڪري طور تي جيڪو پڪو پختو
شعور آهي تنهن ۾ نمايان حصو جويو صاحب به آهي ۽ سنڌي ادب جي ڪيترن وڏن ليکڪن شيخ
اياز، سراج ميمڻ، حسام الدين راشدي، محمد عثمان ڏيپلائي، الهداد ٻوهيو ۽ ٻين ڪيترن
وڏن ناليواري شخصيتن محمد ابراهيم جويو منجهان گهڻو ڪجهه سکيو آهي.
محمد
ابراهيم جويو سنڌ جو اهو دانشور، مفڪر، معلم ۽ اديب آهي جنهن پنهنجي زندگي جو مقصد
سنڌي ادب جي خدمت لاءِ وقف ڪري چڪو آهي ۽ سنڌ جي حساسيت کي محسوس ڪندي هو سنجيده
مزاج ۽ گهڻ پاسائو اتساهيندڙ ڏيندڙ ڪردار هميشه سنڌ لاءِ هڪ روشن خواب به ڏسندو
رهيو آهي.
محمد ابراهيم جويو
سندس وڇوڙي تي
دودو ديشي
سنڌ جي
هڪ صدي جو آواز هميشه لاءِ بند ٿي ويو پر ان سڏ پراڏو صدين تائين قائم رهڻو آهي هڪ
سنڌ دوست عالم اديب اسان کان هميشه لاءِ طبقاتي طور هميشه لاءِ وڇڙي آهي پر ان جون
محبتن جا سبق هميشه اسان کي ياد رهندا سنڌ جو هڪ عظيم محقق اديب ليکڪ محمد ابراهيم
جويو اسان کان موڪلائي چڪو آهي جنهن کي ديس جي مٽي پنهنجي دل ۾ گهرائي ورتو پر هن
جو پيغام ڪڏهن به ختم ٿيڻو نه آهي هن ڪتاب هميشه اسان سان گڏ رهندا جنهن ۾ اسان نه
صرف هن نظرياتي تصوير ڏسي سگهون ٿا پر ٻڌايل واٽ تي هلندي پنهنجي سنڌ کي به سنواري
۽ سنگاري سگهون ٿا. محمد ابراهيم جو سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس وڙهيو ۽
بي ڊپو ٿي سنڌ لاءِ لکندو رهيو ۽ سائين جي ايم سيد جي پروگرامن ۾ بي باڪي شرڪت سان
گڏ ڳالهائيندو رهيو محمد ابراهيم جويو سان منهنجي پهرئين ملاقات ڀائو قمر ڀٽي جي ڪتاب
سائين جي ايم سيد جي ساسي ذاتي زندگي بابت لکيل ڪتاب جي مهورت حيدرآباد پريس ڪلب ۾
ٿي جنهن ۾ هن جو آواز گفتگو سمجهاڻي ڳالهائڻ ايڏو ته ڀرجست هو جو مان سندس جو
تفصيلي ڳالهه مان مطميئن ٿيس ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ٻيا به گهڻا اديب ليکڪ ۽ محقق شاعر ۽
سگهڙ موجود آهن پر محمد ابراهيم جويو هڪ سچو انسان ۽ سنڌ دوست قومپرست ۽ سائين جي
ايم سيد جو وفادار ساٿي نظر آيو ڇاڪاڻ ته جڏهن به سن شهر ۾ رهبر سائين جي ايم سيد جي
سالگراهه تي وڃڻ ٿيندو هو ته سيد جي مزار مونکي اديب محمد ابراهيم جويو نظر ايندو
هو اهو ڏسي مونکي ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي. ته هيڏو جهونو اديب محمد ابراهيم جويو
سائين جي مزار تي اچي ڪري اهيو پنهنجي سچائي ۽ سنڌ پرستي ۽ قومپرستي جو ثبوت ڏيندو
هو.محمد ابراهيم جويو هڪ صدي جي آدريش حياتي کي هن ايڏو ته متحرڪ ۽ ڪارائتو ۽
بامقيد بڻايو جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ ملڻ محامل آهي جويو صاحب پنهنجي عملي
زندگي جي شروعات هڪ استاد جي حيثيت سان ڪئي پر پاڻ سدائي ان حيثيت کي برقرار رکندو
آيو. ڪٿي شاگردن کي تعليم ڏياريندي ڪٿي سياسي ڪارڪنن کي سکيا ڏيندي ۽ وري ڪٿي
سياسي اڳواڻن جي تربيت ۽ رهنمائي ڪندي نظر آيو. محمد ابراهيم جويو هڪ ئي وقت
بهترين نقاد ۽ دانشور هو ته ۽ سچو ڪارڪن هو ۽ هو هميشه ڪارڪنن جيان ڪم ڪندو رهيو
پر سندس سوچ فڪر ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري پنهنجي ارادن
تي اٽل رهڻ وارو هي کاوڙي انسان هر دور ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو. استاد
بخاري، ابراهيم منشي، شيخ اياز سان تمام گهڻي ويجهڻائپ ۽ دوستي جو سبب سنڌ هيو.
سائين جي ايم سيد ۽ سنڌي ماڻهن کي آزادي ڏيارڻ ۽ حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ اهم ڪردار
رهيو قومپرست نظريي جي پرچار ۽ پنهنجا ڪيترائي هم خيالي دوست پيدا ڪيا سائين جي
ايم سيد جا ڪتاب شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروفرينڊنگ کان آخري مرحلن تائين گڏ رهيو ساڳئي
ريت هن وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتاب جا مهاڳ پڻ لکيا. سائين محمد ابراهيم جويو سان
منهنجي آخري ملاقات ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪتاب جي مهورت ڪلهوڙا ڪالوني ۾ سنڌ
هاري ڪاميٽي جي پروگرام ۾ ٿي جتي پڻ مونکي ڀرجستو انسان ۽ قومپرست وارو خيال نظر
آيو محمد ابراهيم جويو پنهنجي جدوجهد کي مات نه ڏني. ۽ هو اڳتي وڌندو رهيو ۽ سنڌي
ادبي بورڊ وسيلي ڏاهپ سڃانهه جا سبق ورجايا جيڪي هئينر همت حاصل ڪن ۽ سجاڳ ٿي
پنهنجي سنڌ جي وارثي کي سبڀالي سگهن ٿا. محمد ابراهيم جويو پنهنجي ڪوک مان اهڙا
هزارين انسان پيدا ڪيا آهن جن هر ڏوکي ويل ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين جي حفاظت ۽ پنهنجي تن
من جي قرباني ڏئي ڪري سنڌ واسين جو مان مٿاهون ڪيو آهي. اهي آهن قومپرست ۽ سنڌ
دوست جيڪي پنهنجي وس ۽ وتهار جدوجهد ڪندا پيا اچن. محمد ابراهيم جويو جو خال ڀرجڻ
لاءِ شايد صديون انتظار ڪرڻو پوندو ۽ هن صدي جو آواز الوداع چئي ڌرتي ماءُ جي هنج
۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو مان ۽ سهاري سنڌ ۾ جويو صاحب جو دنيا ڇڏڻ کانپوءِ ان جو
نالو صدين تائين ياد رهندو. استاد بخاري جي شاعري وانگر “جو عام اجاري جئيندو
رهندو جو قوم اجاري جئيندو رهندو،مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ، جو سنڌ سنواري اهو
جيئندو رهندو جيئندو رهندو”.
محمد ابراھيم جويو
سنڌ لاءِ سندر سپنا ڏسندڙ
هستي
مهتاب اڪبر راشدي
ڪيڏي
نه خوش نصيبي اٿم، جو اڄ اُن ٻاجهاري روح جي سامهون بيٺي آهيان، جيڪو پنهنجي
زندگيءَ جو سفر، شانت من ۽ ايڪانت سان طئي ڪندو، هڪ صديءَ جي چانئٺ تي پير پائي
رهيو آهي. سونهاري سنڌ جو هي پڪو عاشق عشق جا هڙئي مرحلا ايئن ٽپي ۽ اهڙي نموني ئي
نڀائي آيو آهي، جيئن عشق جي ڪتاب ۾ لکيل هوندا آهن. جنهن جو پهريون اصول ئي هوندو
آهي، پاڻ ارپڻ، خود سپردگي بس، پنهنجي محبوب کي ڏسندو وڃ، هو جيڪو چوي اُهو ڪندو وڃ،
موٽ ۾ اُن کان ڪجهه گهر نه، ڇو ته ان محبوب وٽ اڳ ۾ ئي ڏيڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي،
جو جهولن جا جهول ڀري به ميڙيندا وڃون ته سندس ڏنل خزانا کٽڻ جا ناهن. محمد
ابراهيم جوئي جو اهو محبوب آهي، امڙ وانگر مٺڙي، سٻاجهي، ٻاجهاري” سنڌ“ ۽ هيءُ اُن
جو ٻڌو ٻانهو. اسان مان جنهن به جوئي صاحب کي ويجهي کان ڏٺو، هنن جي تحريرن کي پڙهيو
آهي ته اهو يقينن ان نتيجي تي پهتو هوندو ته، هن جي سوچ جو محُرڪ ۽ مرڪز هن جو وطن
۽ اُن جا ماڻهو رهيا آهن اها ڳالهه مان ڏاڍي پختي يقين سان چوان ٿي ته نوانوي سالن
۾ گهاريل، سندس زندگيءَ جي هر گهڙي، سندس وات مان نڪتل هر گفتو ۽ قلم مان سرجيل ڏاهپ
۽ سوچ جا هڙئي نقطا، هنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ ئي چيل لکيل آهن. پنهنجي محبتن ۾
ته ماڻهون خود غرض ٿي ويندا آهن پر هو جيڪو انتها درجي جو وطن دوست آهي هن جو ته
عشق ئي عجيب آهي. هٿ وٺي سڀني کي پنهنجي اکين سان اُن محبوب ڌرتيءَ جي حسنا ڪي ٿو ڏيکارڻ
چاهي. جيڪا سندن اکين ۾ صديءَ کان سمايل آهي. ڌرتي سان سندس محبت جي فلسفي۾، سندس
اهو پختو يقين آهي ته وطن جي محبت ماڻن لاءِ، توهان پاڻ به اهڙائي ٿي وڃو. جهڙو
توهان پنهنجي ڌرتيءَ کي ڏسو ٿا ڌرتي جا نقش ونگار اُن جون روايتون ۽ اُن جو اخلاق.
محمد ابراهيم جوئي، جنهن سنڌ کي سچائي ان جي روايتن ۾ انسانيت کي زنده ڏٺو آهي. اهڙي
انسانيت، جنهن جو مقصد ئي اهو هجي ته ڪنهن کي ڪو هاڃو نه رسي ڪنهن کي ڪو نقصان نه
پهچي. اها ئي ته سنڌ جي روايت آهي ۽ جڏهين سراج الحق ميمڻ، سائين ابراهيم جوئي جو
ويجهو دوست اسان کي اهو ٻڌائي ته، محمد ابراهيم جوئي جو عقيدو آهي ته سنڌ پنهنجي
حيثيت ۾ مڪمل ترين وطن آهي، ملڪ آهي، جنهن ۾ هر اُها شئي آهي. جيڪا هڪ ملڪ، هڪ وطن
۾ هئڻ گهرجي. هن وٽ هڪ سمنڊ آهي، هڪ درياھ آهي. هن وٽ ڪارونجهر ۽ هالار جهڙا جبل
آهن. هن وٽ ٿر جهڙو ريگستان آهي، ماٿريون آهن، ڇپر ۽ ڇانورا آهن. هن جا صبح حسين ۽
شامون سحر انگيز آهن ته انهن سڀني شين کي اُڏو رکندي سنڌ جي هيءَ شخصيت، سنڌ واسين
کان ”همه گيريت“ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي سگهي.“ اڄ سنڌ جي سٻاجهڙي سپوت، نئين سنڌ
جي معمار نوانوي سالن جي جوان همت شخص جي سنڌ واسين مٿان ڪيل ٿورن لاهڻ جو موقعو
آيو آهي. سنڌ واسين به پاڻ ملهايو آهي. هن جي شان ۽ مان مطابق کيس ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. سنڌي اخبارن سهڻي نموني پنهنجي فرض ادائگي ڪئي آهي. سئو سالا جشن جي رٿ
جوڙيندڙ ڪميٽيءَ پوري طرح فعال آهي. اڄ ان سلسلي جي هيءَ پهرين ڪڙي آهي ۽ هي سنڌ ڄائو،
هن صديءَ جو هي مهان ڏاهو اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي، دل ۾ هو به مطمئن هوندو ته دل جي
جنهن ويساھ سان هن. سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روايتن تي يقين ڪيو، اُهي سڀ سچيون آهن. سنڌ
واسي محبت ڪري به ڄاڻن ۽ اوتري ئي محبت مورُ سوڌي موٽائي به ڄاڻن، اڄوڪي هن تقريب
۾۽ اڳتي رٿيل مختلف رهاڻين ۾ محمد ابراهيم جوئي جي هڪ صديءَ جي پورهئي تي ڪيترائي
مقالا لکيا ويندا. هن جي ڪيل ڪمن جي اپٽار ٿيندي، سندس تحريرن تي تجزيا ۽ تبصرا ٿيندا.
اهو هڪ نه کٽندڙ سلسلو ٿيندو، جيڪو اسان جي اُسرندڙ نسل کي هن جي سوچ جي همه
گيريت، سنڌ جي ترقيءَ لاءِ سندس اکين ۾ سرجيل سپنن ۽ سندس قلم مان نڪتل مقصد جي
حصول لاءِ جدوجهد جي رهبريءَ کان آگاهه ڪندو رهندو، پر مان سندس زندگي جي انهن
گوشن ۾ جهاتي پائڻ ٿي چاهيان، جيڪي اڄ به سندس يادگيرين ۾ چٽا آهن، اُهي هنڌ جن هن
کي ڪائنات جي آفاقيت کان روشناس ڪرايو، اُهي سيبتيون مايون، جن رت جي مختلف رشتن ۾
ٻڌجي کيس انهن لاڳاپن جي عزت ۽ محبت ڪرڻ سيکاري ۽ اُهو اُستاد، جنهن آڱر پڪڙي کيس
سندس ننڍري ڳوٺ آباد جي پرسڪون دنيا مان ڪڍي، هڪ پرهجوم ۽ مسئلن سان ٽمٽار دنيا ۾
همت ۽ اعتماد سان پنهنجي سڃاڻ ۽ مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪري روانو ڪيو. عورت هئڻ
جي ناطي، ان ڳالهه ۾ پڪو ويساھ اٿم ته هر ماڻهوءَ جي شخصيت تي انهن عورتن جو ضرور ڪونه
ڪو اثر پوي ٿو، جن سان هنن پنهنجو ٻاروتڻ گذاريو هجي. جوئي صاحب جي ساروڻين ۾ به،
پنهنجي اُن ڏاڏيءَ جي ياد، ڏيئي جي روشنيءَ مثل جرڪي ٿي، جنهن ۾ پرڀات مهل مصلي تي
نماز پڙهڻ کان پوءِ مداحون کيس مٺڙي ننڊ مان جاڳائينديون هيون، هو ستي ستي، اهي
مداحون ٻڌي، هن جي مٺڙي سُر ۾ گم ٿي ويندو هو. کانئس اُهو صبح به نه ٿو وسري، جڏهين
سندس ڏاڏيءَ کيس پهرين ڏينهن اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو، هن کي ياد آهن سڀ کان پهرين
بسم الله پڙهي، الحمد پڙهيو ۽ بُڪ کڻي دعا
گهريائين. سندس ڏاڏو، هن لاءِ احمد موچيءَ کان خاص جُتي جوڙائي آيو هو، سندس امڙ،
اسڪول وڃڻ لاءِ ڪپڙڻ جو نئون وڳو سبيو هو، ٽونئر سان ٽڪن واري ٽوپي به ٺاهي، قلم ۽
سليٽ رکڻ لاءِ هڪ بجڪي تيار ڪئي هئي، جنهن کي ٽڪون جڙي، سهڻي ڀرت سان سينگاري پوءِ
ننڍڙو محمد ابراهيم، نئون جوڙو اوڍي، نئين جتي پائي، مٿي ۾ ٽوئنرن واري ٽوپي ۽ ڪُلهي
۾ ٻُجڪي وجهي ڏاڏيءَ جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي، پهرين ڏينهن اسڪول ويو. مان سوچيان ٿي ته
اها ڪيڏي نه خوشبختي هئي، ننڍڙي محمد ابراهيم جي، جنهن لاءِ علم جو دروازو، هڪ
عورت کوليو. هڪ سڄاڻ، بااعتماد ۽ ٻاجهاري مائي، جيڪا جڏهن اسڪول جي اڱڻ ۾ داخل ٿي
ته، اُستاد به اُٿي بيٺو ۽ساڻس گڏ سندس ساڃاھ وند شآگرد به اُٿي بيٺا. اهو ڄڻ ته
سنڌ جي انهن سهڻين روايتن جو مظهر هو، جنهن ۾ عورت جي عزت ڪرڻ ۽ مان ڏيڻ، سڀ کان مٿانهون
گڻ ليکيو ويندو هو. اُها سيبتي ڏاڏي، پنهنجي پوٽي کي اسڪول داخل ڪرائڻ جي خوشيءَ ۾
پتاشن سان ڀريل ٽٻڻي به کڻي وئي جيڪي هن ٻارن ۾ ورهايا. جوئي صاحب جي دل ۽ دماغ
تي، پنهنجي مٺڙي امڙ جي زندگيءَ جا هڙئي ڏک ڏاکڙا اڄ به ايئن ئي نقش آهن، جيئن اُن
ڪچي وهيءَ ۾ هن کي سهندي ڏٺا ۽ محسوس ڪيا هئا. سندس امڙ جڏهين گذاري ويئي تڏهين،
جويو صاحب ڪراچيءَ ۾ ڇهون درجو انگريزي پڙهندو هو هن جو موت حادثاتي ٿيو، درياھ جي
ڪپ تي ٽين ڪپڙن جو ڌوئڻ وئي هئي ته پير ترڪي ويس، بلڪل ايئن جيئن سندس پهروٺي ڌيءَ
ڀاڳڀري به ڪجهه سال اڳ اهڙي ئي نموني لهرن جي حوالي ٿي هئي، ۽ ڪناري ته بيٺل هٿ مهٽيندا
رهجي ويا، کيس بچائي نه سگهيا، پنهنجي مٺڙيءَ ماءُ جي وڇوڙي تي، پنهنجن يادگيرين
کي جيئندي، جويو صاحب لکي ٿو، ” اڄ امڙ جو مان هڪڙوئي پٽ اوڻانوي ورهين جي عمر ۾ اڃا
جيان پيو سچ ته مائون ويچاريون نورَ نوازيل، نيڪ دل نماڻيون، جيءَ جياريندڙ،پاڻ
گهوريندڙ ۽ ڇاڇا نه جڳ کي دان ڏيئي ويندڙ پر عيوض ۾ ڪجهه نه ڪنهن کان گهرندڙ هجن ٿيون.
هن گهڙيءَ به سڀ کان وڌيڪ چاهنا منهنجي پاڻيءَ ۾ پاڻيءَ جي دنيا سان ملڻ جي آهي جت
منهنجي يتيم ڀيڻ ڀاڳڀري ۽ منهنجي دکياري امڙ ڪامل ٻائي کي پوئين دم کڻڻ جي مهلت
ملي سگهي هئي.“ محمد ابراهيم جوئي صاحب تي، اولين تاثر ڇڏڻ وارن ۾ سندس پهريون
استاد سائين ٽيڪڻ مل هيو جيڪو هنن جو استاد به هو ته ڳوٺ ۾ بيماري سيماريءَ ۾
شاگردن کي کنگهه مهل چاٽا به چٽائيندو هو ته بخار ويل ڪوئنين جون ڪوڙيون ٽڪيون به
کارائيندو هو. جيڪو سنڌي ڪتابن مان ڪهاڻيون ڪڍي، انهن مان زندگيءَ جو فلسفو به
سمجهائيندو هو. اهڙي ئي هڪڙي، ڪتي ۽ سندس پاڇي واري ڪهاڻي به هئي ۽ ان ڪهاڻيءَ مان
پنج لفظ ڪامُ (سڌ) ڪروڌ (ڪاوڙ) لوڀ (هٻڇ)، موهه (انڌو چاھ)، اهنڪار (وڏائي) ڪڍي
انهن جي معنيٰ ٻڌائي، شاگردن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو ڪتو جيئن ته ڪامي،
ڪروڌي، لوڀي، موهي ۽ اهنڪاري هو، اهي پنج ئي خرابيون ان ۾ هيو ۽ اهي ئي پنج خراب
عادتون يا ڪُلڇڻ ماڻهوءَ جا ٻه وڏي ۾ وڏا دشمن آهن.
جيڪو
ماڻهو انهن کان بچي ٿو، سوئي ماڻهو، ماڻهو سڏجڻ جي لائق ٿو بڻجي. جڏهين محمد
ابراهيم کي چوٿون درجو پهرين نمبر سان پاس ڪرڻ تي امتحانن واري وڏي صاحب کيس به ڪتاب،
هڪ ”گلدستو“ سنڌ ادب جا چونڊ مضمون، جيڪي ديوان ڏيارام وسڻ مل ۽ ديوان ليلا رام
پريم چند جي گڏيل ڪاوش هئي، ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ”گلن جي ٽوڪري“ جيڪو هڪ مشهور
جرمن ناول جي انگريزي ترجمي جو بهترين سنڌي ترجمو هو، کيس مليا، ته سائين ٽيڪڻ مل
کيس مبارڪباد ڏيندي چيو ته ”پٽ ابراهيم تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين جو اهڙا ٻه ڪتاب،
هن ئي عمر ۾، توکي مليا آهن، اهي ڪتاب تون وري وري پڙهج، تون انهنجي پڙهڻ مان ڪڏهين
به ڪو نه ٿڪبين، انهنجون ڳالهيون توکي سڄي عمر ڪم اينديون،“ ۽ پوءِ جويو صاحب لکي ٿو،
”آنءُ انهيءَ هدايت لاءِ پنهنجي پياري سائين ٽيڪڻ مل جو شڪرگذار آهيان. جو سندن
اها هدايت مون سورنهن آنا سچي ۽ صحيح ڏٺي ۽ ان تي پورو عمل ڪيم. هن وقت آنءُ ذهني
طرح ۽ عملي دنيا ۾ جيئن به آهيان ۽ جو ڪجهه به آهي ان لاءِ اهي ٻه ڪتاب آنءُ
پنهنجا محترم ۽ مشفق استاد سمجهان ٿو.“
اهڙي
طرح ئي جوئي صاحب جي ان مهل اُسرندڙ شخصيت، ڪامريڊ ايم اين راءِ جي فڪر ۽ فلسفي جا
گهاٽا اثر نظر اچن ٿا. جيڪي هنن پاڻ تمام تفصيل سان هڪ مضمون، ”ڪامريڊ ايم اين
راءِ ۽ منهنجو فڪري سفر “ ۾ بيان ڪيا آهن. پر اڄ اسان جنهن شخصيت کي هن جي سامهون
سندس سوچ ۽ فڪر جي مڃتا لاءِ گڏ ٿيا آهيون، تڏهين معاشري ۾ ادا ڪيل سندس هاڪاري ڪردار
۽ تحرير مان جيڪا ڳالهه اُڀري ۽ نکرجي سامهون آئي آهي اها هيءَ ته هن سندس سڄي
زندگي نيڪي جي پرچار ڪندي گذاري. هن علم کي ئي ترقيءَ ۽ سجاڳيءَ جو اهڃاڻ ڄاتو
آهي. هو سماجي مت ڀيد ۽ ڇوت ڇات ۾ يقين نه رکندڙ ۽ انسانيت ۾ ويساھ رکندڙ روح آهي.
هو پنهنجي ڌرتيءَ جو عاشق ۽ هن ۾ ويساھ رکندڙ آهي. هن جي سوچ ۾ عقليت پسندي آهي،
هو هر وقت هر معاملي ۾ متحرڪ نظر اچي ٿو. هو پنهنجي سماج کي، انڌن اونڌن وهمن ۽
عقيدن کان ٻاهر ڏسڻ ٿو چاهي. شڪست خوردگيءَ جي هن جي لغت ۾ ڪاجاءِ ڪانهي. وڏيرا
شاهي ڪامورا شاهي ۽ پير پرستيءَ کي هو سنڌ واسين لاءِ زهر قاتل ٿو سمجهي. هن جي
قلم جي جنگ هميشه رجعت پسند سوچ جي خلاف رهي آهي. هو حقيقت شناسيءَ جو پرچار رهيو
آهي ۽ سندس سوچ هميشه انسان جي اعليٰ قدرن جي گرد ڦرندي رهي آهي. محمد ابراهيم
جوئي کي جڏهن اسان نئين سنڌ جو معمار چئون ٿا ته، يقين رکو هن ان سوچ جو بنياد ئي،
بنيادي انساني لڳ لاڳاپن، ۽ بهترين انساني قدرن تي رکيو آهي. جيڪو هُو پنهنجي ديس
واسين ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ کيس يقين آهي ته جي هو چاهي ته انهن لاءِ هن سماج کي بدلائڻ
۾ دير نه لڳندي. ته دوستو! اچو ته اسان جوئي صاحب جي انهن اکين ۾ جهاتي پايون،
جنهن سنڌ لاءِ سندر سپنا جوڙيا آهن، ايڪتا، محبت ۽ ترقيءَ جا خواب ڏٺا آهن، اهو
جيئرو جاڳندو شخص جنهن پنهنجو نور نچوئي، راتيون جاڳي پنهنجي ستل قوم کي جاڳائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي. اها قوم، اڄ هن کي ڀيٽا ڏيڻ مهل اهو به وچن ڪري ته، هن جي ڏٺل، سپنن
کي هوءَ ساڀيان ڪندي، جيڪا سنڌ، جوئي صاحب پنهنجي سپنن ۾ سوچي، تنهن جي تعمير ڪندي
اهو ئي هن لاءِ سالگرھ جو وڏي ۾ وڏو تحفو هوندو.
(محمد
ابراهيم جوئي جي سئو سالا جشن جي تقريب ۾ پڙهيل مقالو)
سائين محمد ابراهيم جويو
پروفائيل
آگسٽ ۱۳-۱۹۱۵ع – نومبر ۰۹-۲۰۱۷ع
ناميارو
عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر
۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل
وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر
همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين سان ٽي
درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ
مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني
۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ
جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد
دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت
حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ
لاءِ بمبئيءَ جي ايس ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو.
محمد
ابراهيم جويي زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy
in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون
تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم. اين راءِ کان گهڻو متاثر
هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical
Democratic Party . هُن ايم اين راءِ جي ڪتابHistorical
Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي
زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون.
۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران
هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘ Save Sindh، Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير
تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي،
ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ
ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو،
جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين.
۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ
سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور ”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري
مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي
ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘
جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو
دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا
۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ
رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم
احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو عنوان هو: ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو
مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر
طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه
سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون
يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ
آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد
مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو
۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان وٺي
واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance)
جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد
شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي
اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب
چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾
”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ
جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس
چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ
کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو،
جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو
چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي
تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾
مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾
شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. فائونڊيشن
طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز
چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو وائيس
پريزيڊنٽ پڻ آهي.
بنيادي
لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘:اسٽيفن زويگ جي ڪتاب ‘The
Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ بريخت جي ڊرامي
‘Life of Gallileo’ جو
ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل- سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s
Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ
ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘ (عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج
پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy
of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب،
ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن
اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)،
(۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم ‘:(هُوءَ
جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن جون‘، ڀاڱو
پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن جون‘ (ڀاڱو ٻيو)
(۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد
ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and
Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶). ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ
جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي
سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽
پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي
آهي. جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو
اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي
جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي
صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت
جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي جويي صاحب کي
سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي،
سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘
پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ، حيدرآباد ۾ رهائش پذير هيو.
محمدابراهيم جويي صاحب ۹.نومبر
۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني
حيدرآباد ۾ خميس ڏينهن صبح جو ۹ لڳي ۵۶ منٽن تي وفات ڪئي.
سائين محمد ابراهيم جويو
سنڌ جو عظيم ڏاهو
نور سنڌي
سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو عظيم ڏاهو،
دانشور ۽ علمي ادبي شخصيت ھو. علمي توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل سندس خدمتون اڻ وسرندڙ
آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو ھو. سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ يونيورسٽي جي
حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجمي نگار رھيو، پاڻ سڄي
زندگي سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻولي کي ڪاپاري
ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان
احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا. سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ
جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ
انگريزي ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ (سنڌ بچايو ننڍو کنڊ بچايو) لکي مثال
قائم ڪيو. حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا.
جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ استاد هو ۽ کيس ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ
مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي
جدوجهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن
لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو.
پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌي ۾
ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ ھو.
پاڻ ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور اديب ڊاڪٽر
گربخشاڻي جي سرپرستيءَ هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ
جي نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد
ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ
۾ سندس شاندار ڪردار رهيو. سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي
حقن، سنڌ جي ٻولي ۽ ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ، هڪ
دانشور ۽ هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو. ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون
لکيائون. کيس سنڌي ٻولي جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو. ان حوالي سان مختلف اخبارن،
رسالن ۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ سنڌ لاءِ
انچارج مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ
پاڻ پتوڙيو. ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر
”لينگويج پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو، جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن
جي اهميت ۽ تاريخ بابت ملڪ اندر ٻوليءَ جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز
کليو ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيل آهي ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري
سزا طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي
پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو.
شيخ اياز جي معرفت ترقي پسند ادبين، دانشورن
لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو پڌرنامو اردو، انگريزي،
بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي ۽ اها ڳالهه راز نه رهي
۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ ناراض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر ۾ لکيو ويو ته کيس
جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي، اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ ڪاليج ۾
پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان
لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ
تيرٿ لکي ۾، فائينل اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ ڪئي. جتي سندس ملاقات سائين جي ايم سيد
سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ
مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين، جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور علمي ادبي
شخصيتون، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر ڊيو آرٿ،
ڪاڪا ڀيرومل، مهر چند ۽ ٻيا هئا، اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ
لکڻ جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو. جتي
شاگردن ۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون. ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي
استادن ۽ شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو، والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن
به شاگردن کي مار نه ڏني. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن کي اولاد وانگر
سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پُراثر هو جو شاگرد چاهيندا هئا ته سندس
پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ پروگرام به ڪرايا ۽ شام
جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو، ان
جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران
به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي
مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ
آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي
بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو. ۱۹۶۸ع گورنمينٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس
سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾
تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽
انهيءَ سال ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو.
سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾ روسو جي ايملي
جو ترجمو بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب، سنڌي بالغن
جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي ريڊر درجو چوٿون، سنڌي
سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي تاريخ لازمي درجو
نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ
آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون ۽ پنجون،
فلسفي جو بنيادي ڪورس ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي آزادي،
ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب
لکيائون. پاڻ شاعري تي به عبور رکندو هو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو هو. پاڻ شيخ
اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ
رسالي جي ايڊيٽري دوران رسالو سرڪاري هئڻ باوجود کليل طرح سنڌيت جي پرچار ڪئي. پاڻ
سچو قومپرست هو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو
سنڌي شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽
محمد ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون آهن، جن
منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، ڪجهه نه هجان
ها. انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز سان.
ابراهيم جويو سنڌ جو اُهو عظيم انسان هو،
جنهن سنڌ ۽ سنڌ واسين کي سُکيو ۽ ستابو ڏسڻ پئي گهريو ۽ ان واسطي هُن پوري زندگي
جدوجهد جاري رکي. پاڻ ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. اڄ سندن پھرين ورسي ملھائي
پئي وڃي. سياحت ثقافت کاتي پاران ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سندس ياد ۾ ميڙاڪو ڪوٺايو
ويو آهي.
محمد ابراهيم
جويو
ڪڏهن ڪڏهن ته
سارجو...
علي ڏنو جروار
سنڌ سونهاري هر دؤر ۾ ڪيترائي ڏاها، اديب،
دانشور، شاعر ۽ ليکڪ پيدا ڪيا آهن، جن مان سائين محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي.
سائين محمد ابراهيم جويو جي اڄ پهرين ورسي آهي، جنهن حوالي سان ڪجهه سِٽون پيش ڪجن
ٿيون. محمد ابراهيم جويو سنڌ جو اهو اهلِ علم ۽ دانشور هو جيڪو هڪ اداري جي حيثيت
رکي ٿو. پاڻ سڄي زندگي حق، سچ، علم، ادب توڙي سنڌ ڌرتي لاءِ پتوڙيندو رهيو آهي. ان
جي پاداش ۾ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. ايتري حد تائين جو نوڪريءَ
تان به هٿ کڻڻو پيو هوس. اهڙين حالتن ۾ به سنڌ سنڌ ڪندو رهيو. ڪڏهن به پنهنجي مقصد
تان نه هٽيو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان ٿيندڙ سڀني
زيادتين تي اسٽينڊ وٺي مخالفت ڪندو رهيو، جن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو قيام، سنڌ
يونيورسٽيءَ جو قيام، سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو قيام ۽ ٻين اهڙن هاڪاري منصوبن لاءِ
به جاکوڙيندو رهيو ته وري ون يونٽ خلاف تحريڪ کان وٺي ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ هر
اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سنڌ جا ڪيترائي اديب اهڙا آهن جن جي باقاعدگيءَ
سان تربيت ڪيائين، جن اڳتي هلي تمام گهڻو نالو ڪمايو. انهن ۾ غلام رباني آگرو ۽ ٻيا
شامل آهن، جن سائينءَ جي تربيت مان فيض پرائي سنڌي ٻوليءَ جي تمام گهڻي خدمت ڪئي ۽
ڪيترائي ناياب ڪتاب تخليق ڪيا.
آئون ۽ سنڌي ٻوليءَ جو بهترين ليکڪ اڪبر
سومرو هڪ دفعي ساڻس ملڻ وياسين، اڪبر جا ڪجهه شايع ٿيل ڪتاب کيس پيش ڪيا، جنهن تي
چيائين ته اڪبر به منهنجن انهن شاگردن مان آهي جن سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو
آهي. اهڙيءَ ريت غلام رباني آگرو لاءِ به اهي لفظ ورجايائين. سنڌ جي هر مسئلي توڙي
اِشوءَ تي ٻين سڀني کان هر وقت اڳرو رهندو هو. ڪڏهن به نتيجن جي پرواهه نه ڪيائين،
بس هڪ اهڙي خاموش خدمتگار وانگر سنڌ ڌرتي جي خدمت ۽ حفاظت ڪندو رهيو، جن لاءِ اهو
مشهور آهي ته اهي پنهنجن فرضن جي ادائيگي ڪندي ڪنهن طرف نهاريندا به ناهن، بس اهي
پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ سوچيندا ۽ جاکوڙيندا رهيا آهن.
سائين محمد ابراهيم جويو به انهن مان هڪ
آهي، جن کي هر وقت سنڌ جي حقن جي تات رهندي هئي. ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپيو، ۴ مارچ جي شاگرد تحريڪ، ايم آر ڊي جون تحريڪون توڙي ٻيا سنڌ سان جيڪي
به لاڳاپيل مسئلا رهيا آهن، تن متعلق هر وقت کيس اونو ۽ يادگيري رهندي هئي. هڪ دفعي
سيد اڪبر، قادر بخش طالباڻي، رفيق جروار ۽ آئون زبيده ڪاليج وٽان پيادل سٽي گيٽ هوٽل
طرف اچي رهيا هئاسين ته سامهون سائين محمد ابراهيم جويو گهر طرف وڃي رهيو هو، جيئن
ئي سيد اڪبر ۽ قادر بخش طالباڻي تي نظر پيس ته گاڏي واري کي بيهاريائين ۽ اسان کي
چيائين ته پاڻ سڀني کي يعني سنڌي ماڻهن کي هڪ ڏينهن ڌرتيءَ لاءِ ڪڍڻو پوندو، ڇو ته
هن وقت سنڌ ڌرتي انتهائي سورن ۽ تڪليفن ۾ آهي. ياد رهي ته هي اهي ڏهاڙا هئا، جڏهن ڪراچي
۽ حيدرآباد ۾ لساني فساد عروج تي هئا. ان وقت ۳۰ سيپٽمبر وارو واقعو به تازو ئي ٿيو هو، ته اهڙي صورتحال ۾ به هو سنڌ
لاءِ سوچيندو ۽ اداس ٿيندو رهندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران هدايت رسالي جو چيف ايڊيٽر
هو، جنهن مختصر شايع ٿيل پرچن ۾ سنڌ بابت، جمهوريت بابت ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ بابت
گهڻو ڪجهه شايع ڪيو.
هن وقت هو اسان ۾ موجود نه آهي، پر سندس
يادون موجود آهن، آئون اڄ جيڪو ڪجهه آهيان ان جي ڪري آهيان، ڇو ته لکڻ ۽ پڙهڻ جي
معاملي ۾ وٽانئس ڪيتريون ئي ڳالهيون سکيون ۽ پرايون آهن. پاڻ سدائين نجي ڪچهرين ۾،
ليڪچرز ۾ يا وري تقريرن ۾ ۽ تحريرن ۾ چوندو هو لکڻ لاءِ پڙهڻ ضروري آهي، توهان پڙهندا
رهو، لکڻ پاڻيهي سکي ويندا. انهيءَ قسم جون هدايتون ۽ نصيحتون اڄ ڏينهن تائين اسان
جن پتڪڙن ذهنن ۾ موجود آهن ۽ سندن ئي ٿورن توڙي ڪاوشن سان هي ٻه چار سِٽون لکڻ جي
سگهه ساري سگهون ٿا. آئون اڄ سندس پهرين ورسيءَ جي حوالي سان سنڌ واسين کي هي اپيل
ڪندس ته اهي سائين محمد ابراهيم جويي جون لکڻيون، تحريرون، ليڪچر وغيره سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ ۾ پکيڙين ته جيئن اسان جي سنڌ ۾ محبت، ٻڌي، اتحاد ۽ ايڪو قائم رهي سگهي ۽ سنڌ
خوشحالي ماڻي سگهي. سندس ورسي جي حوالي سان ڊاڪٽر آڪاش انصاريءَ جي هي سِٽ ذهن ۾
تري اچي ٿي:
”ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو“
سائين محمد ابراهيم جويي جا همعمر اديب،
دانشور ۽ شاعر به پنهنجي طور تي سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ گهڻو ڪجهه مواد ڇڏي ويا آهن،
جن ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، جمال ابڙو، پير حسام الدين راشدي ۽ ٻيا شامل آهن.
اسان سنڌ واسين کي گهرجي ته ان دؤر جون لکڻيون ٻيهر پڙهون ۽ انهيءَ دؤر ۾ پنهنجي ڏاهن
جي ڪيل تخليقن مان سبق پرايون.
محمد ابراهيم
جويو
سندس شخصي ۽ فڪري تاريخ
مدثر کهاوڙ
اسان جي سونهاري سنڌ ڪيترا ئي
دانشو، اديب، شاعر، مفڪر پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي جوڀن جواني ۽ دنيا ڇڏڻ کانپوء به
انهن جو نالو صدين تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. شاعر، اديب، ليکڪ، مفڪر دنيا ڇڏي ته وڃن ٿا
پر انهن جون يادون ۽ سماج ۾ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن انهن مان اسان جي سنڌ جو
ڏاهو محمد ابراهيم جويو صاحب به هڪ آهي. ناميارو عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم
جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري) جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ
جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ
بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. محمد ابراهيم جويي جو ننڍپڻ غربت ۾
گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين جي ايم سيد جي مهربانين
سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ
مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين. جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان
زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو، هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن
محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس ڪاليج ۾ ڊاڪٽر
گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي صحبت ۽ محبت
حاصل رهي. ۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ
بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو. محمد ابراهيم جويي
زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون ”پڃري جا پکي“ ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون مضمون Democracy
in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ
مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين جي ايم سيد سندس پهريون تعليمي مددگار
هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي
جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم اين راءِ جيRadical Democratic
Party . هُن ايم اين راءِ
جي ڪتابHistorical Role of Islam جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي
عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي صاحب سنڌ دوستيءَ جي راهه ۾ سرڪار جا عتاب ۽
ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ
مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh،
Save the Continent from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists
لکيو، جنهن جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت
ختم ڪرڻ جو حڪمنامو جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ
جي چيئرمئِن موليڏني عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي،
جتي ٻن سالن تائين ۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين.
بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار
مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين گزيٽيڊ آفيسر طور
”هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل
ڏنو ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ
سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن دوران هُن
جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو. ۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر
آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا ۽ حيدرآباد ۾ رهيو،
ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون
يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن، ڊائريڪٽوريٽ
آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي نصابي ڪتاب به لکيا.
۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم
ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾
سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو ۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان به ابتدا کان
وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي
’نئين جاڳرتا‘Renaissance جو اهم اڳواڻ رهيو. هُو اڄ به سنڌي ادبي
سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجهه سڄاڻ
اديبن سان گڏجي ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو
صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ فارم تان چاليهه کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ ”سنڌ فرينڊس سرڪل“ قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي دوست، نامياري ليکڪ سراج
الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو بنياد رکيائين، پاڻ ان
جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري عاليشان عمارت
سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي ذريعي ليڪچرن
جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو ڪيائين.
جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان هيل تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف
گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به
ذميواريُون نڀائيندو اچي ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار رهيو آهي. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر
ڪيو ويو. فائونڊيشن طرفان هن وقت تائين ڇهه ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن. ان کان
علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان ميمبر رهيو آهي. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد جو
وائيس پريزيڊنٽ پڻ آهي. جويي صاحب، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا
مهاڳ لکيا. ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ اياز جي سموري
شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب
کي ڏني وئي آهي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد
بابت نامياري اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب ”سنڌي ٻولي“ (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن جي ڪتابن
تي به مهاڳ لکيا آهن ۽ سنڌ ۾ ”مهاڳ نويسيءَ“ جي فن جو استاد ليکيو وڃي ٿو. هن دنيا
جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪري،
سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. محمد ابراهيم جويي
ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما ڪيا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا جيڪي ڪجهه بيان ڪجن ٿا. (۱). اسلام جو تاريخي ڪارنامو: ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)، (۲). Save Sindh،
Save the Continent (۱۹۴۵)، (۳). ايميلي عرف تعليم: جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)، (۴). ٻارن جي تعليم:
پليو ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، (۵). وحشي جيوت جا نِشان ‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو
ترجمو، (۱۹۷۶ع)، (۶). سنڌي زبان جي بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي
لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل: ۱۹۷۶ع)، (۷). ’فِڪر جي آزادي ‘: اسٽيفن
زويگ جي ڪتابThe Right to Heresy جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)، (۸). ’گليلو ‘:برنالٽ
بريخت جي ڊراميLife of Galileo جو ترجمو (۱۹۷۷ع)، (۹). ’شاهه- سچل-
سامي ‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)، (۱۰). ’ٻارن جو مسيح ‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s Life of
Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)، (۱۱). ’ماڻهوءَ جو ڀاڳ ‘:(ناٽڪ، لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)، (۱۲). ’عورتازاد‘
(عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)، (۱۳). ’فلسفي جو ابتدائي ڪورس ‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)، (۱۴). ’علم تدريس
مظلومن لاءِ ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو
ترجمو ۹۸۴ع)، (۱۵). ’مهڪريءَ جا مضمون ‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، (۱۶). ’اسان جي ٻولي،
اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)، (۱۷). ’فرينچ انقلاب ‘:ايميل ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو
(۱۹۹۰ع)، (۱۸). ’مُٺِ مُٺ موتين جي ‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان
چونڊ)، (۱۹۹۲ع)، (۱۹). ’هوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)، (۲۰). ’ادب- ٻولي- تعليم
‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)، (۲۱). خط ٻن اديبن جا ‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)، (۲۲). ’ڳالهيون ڪتابن
جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)، (۲۳). ’خط ٻن اُستادن جا ‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)، (۲۴). ڳالهيون ڪتابن
جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاههُ (ابن حيات پنهور ۽
محمد ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)، (۲۶). Sindh Betrayed: Her Right to Redemption; Essays and Articles،
Letters (1942-2003)، (2006).
ان کان سواءِ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي
مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي، استادن، ڪريڪيولم،
نصاب، ادب، سياست، شاهه لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن تي خاڪا ۽ ٻين
موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي هن سنڌ جي ٽن
پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي آهي.
جويي صاحب کي چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو،
جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. تازو مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران پهريون ڀيرو محمد
ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾
ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار
احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي
تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ، شيلڊُون
۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾
’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هو لاڏاڻي وقت صحافي ڪالونيءَ،
حيدرآباد ۾ محمد ابراهيم جويو رهائش پذير هيو. محمدابراهيم جويي صاحب ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي پنهنجي گهر واقع صحافي ڪالوني حيدرآباد ۾ وفات ڪري پوري سنڌ سوڳوار ڪري ويو. محمد
ابراهيم جويو لاء سنڌ اسيمبلي مان ٺھراءُ به پاس ڪيو ويو هيو ۽ محمد ابراهيم جويو
جي ڪيل خدمتن کي پڻ ساراهيو ويو. اڄ سندس جي پهرين ورسي آهي جنهن ڪري سنڌ جي مختلف
جڳهن تي محمد ابراهيم جويو کي ياد ڪري ڀيٽا پيش ڪئي ويندي. محمد ابراهيم جويو
جسماني طور تي اسان کان ته جدا ٿي ويو آهي پر وسريو ناهي.
سائين محمد ابراهيم جويو
سنڌ جي اميدن جو اٽلس- ۲۰۱۹ مئي ۱۵
سڪندر گلاب سومرو
جنهن ڏينهن کان ڪتابن
کي پڙهڻ جو شوق جاڳيو، جتي سنڌ ڏيهه سان گڏ ڏيساور جي لکارين جا ڪتاب خريد ڪري پڙهڻ
کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي هئي سين، اتي سائين محمد ابراهيم جويي جا ڪتاب به، اسان
جي ٽيبل جي زينت بڻجندا رهندا هئا. اسڪول جي زماني کان وٺي ڪاليج ۽ ڪاليج واري وقت
کان يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ ۽ يونيورسٽي ڇڏڻ تائين، سائين جي ڪتابن کي پڙهڻ پنهنجي
لاءِ ضروري سمجهندا هئاسين. اسان اهو ڇو ضروري سمجهندا هئاسين ته، سائين محمد
ابراهيم جويي جا ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجن؟ ان جا ڪيترائي سبب هئا. جن مان ڪجهه هيٺ
بيان ڪجن ٿا.
هڪ سنڌي هجڻ جي
ناتي يونيورسٽي ۾ اسان جي سياست جو محور سنڌ هوندي هئي. سنڌ متعلق معلومات جو
ذريعو يا ته سائين جي ايم سيد جا ڪتاب، شيخ اياز جا ڪتاب، ايم ايڇ پنهور جا ڪتاب
يا وري سائين محمد ابراهيم جويو (سائين م ا جويو) جا ڪتاب، جيڪي اسانجي سياسي
جدوجهد واري حلقه مطالعو (اسٽڊي سرڪل) ۾ اسان جي رهبري ۽ رهنمائي ڪندا رهندا هئا.
سائين محمد ابراهيم
جويو جي ڪتابن مان جيڪا معلومات، ڄاڻ ۽ علم اسان جهڙن نالي ماتر ڪامريڊن کي ملندي
/ ملندو هئو اسان کي هي احساس ڏياريندو هئو ته سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو مستقبل اسان جي
پنهنجن هٿن ۾ آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي نه سنڀالي ته، اسان تاريخ ٿي وينداسين.
مارڪيٽ ۾ اهڙا ڪتاب
جيڪي سنڌي ۾ لکيل هجن ۽ انهن ۾ سنڌ متعلق مناسب ڄاڻ شامل هجي، نه هجڻ جي برابر
هوندا هئا. جيڪڏهن ملي به ويندا هئا ته، انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ غلط
معلومات ڏنل هوندي هئي يعني سرسري ڄاڻ جيڪا اسان جي ڪم جي بلڪل نه هوندي هئي.
سڀ کان اهم ڳالهه
ته سائين م ا جويو جا ڪتاب تمام گهڻو اتسائيندڙ هوندا هئا (آهن) ڪتاب کي جڏهن هٿ ۾
کڻبو هئو ته، جيسيتائين پڙهي پورو نه ڪندا هئاسين ڪتاب مان هٿ نه ڪڍندا هئاسين.
سائين محمد ابراهيم
جويو جا ڪتاب اسان کي هي موقعو مهيا ڪري ڏيندا
هئا ته اسان جي سياست جو مرڪز هميشهه سنڌ ئي رهي ۽ اهي سندس هي ڪتاب ئي آهن جو سنڌ
سان محبت اڄ به قائم ۽ دائم آهي.
سائين محمد ابراهيم
جويو جي ڪتابن مان اسان کي هي درس ۾ مليو ته، ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت ڪرڻ لاءِ ضروري
ناهي ته، ماڻهو سياست کي پنهنجو پيشو يا عادت يا مجبوري بڻائي ڪري. هن کان علاوهه
به کوڙ سارا اهڙا شعبا آهن جن جي وسيلي اسان ڌرتي ۽ ٻولي جي خدمت خوب ڪري سگهون ٿا.
جنهن جو وڏو مثال سائين پاڻ آهي.
آخري پر، نه حتمي،
سائين جا ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار، روشن خيالي جا مينار ۽ پنهنجي مسئلن کي
عقليت ۽ سائنسي بنيادن تي حل ڪرڻ جو درس ڏيندا هئا.
هي به حقيقت آهي
ته، انسان فطرتي طور تي انهن شين ڏانهن گهڻو راغب ٿئي ٿو جنهن سان هن جو ثقافتي
تعلق هجي ٿو. ٻولي پنهنجي هڙني لهجن سميت، ڌرتي، ڌرتي تي موجود وڻ ٽڻ، نديون،
درياءَ، سمنڊ، هوائون، پهاڙ، واديون، فصل، ريتون رسمون، ڪاڄ ، رانديون، ميلا ملاکڙا،
ڍنڍون ۽ ڍورا، موسمون، آبهوا، ماحوليات ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه جيڪو ان ڌرتي تي موجود هجي ٿو ان سان انسان جو
جيڪو رشتو جڙي ٿو اهو ڏاڍو مضبوط هجي ٿو. انسان جو پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل هرشيءِ
سان جذباتي لڳاءُ هجي ٿو اهوئي سبب آهي جو سائين م ا جويو سئو سال به جيئي ٿو ته، ڪٿي
به ڪنهن به مهل پنهنجو رشتو پنهنجي ڌرتي سان ٽوڙي نٿو پر، هو ان لاءِ هر نئين آئي ڏينهن
نوان خواب ڏسي ٿو، پنهنجي وطن جي انهن ماڻهن کي مخاطب ٿئي ٿو جن جي هٿن ۾ وطن جي
قسمت هجي ٿي ۽ ايندڙ نسل جو مستقبل هجي ٿو پنهنجي هڪ پمفليٽ ۽ خط وسيلي (۲۵ جون ۱۹۴۷ پاڪستان جي ٺهڻ کان تقريبن ڏيڍ مهينو اڳ)
خبردار ڪري رهيو آهي ته، توهان هوشيار ٿيو، تاريخ هر قوم کي زندگي ۾ صرف هڪ موقعو ڏئي
ٿي. انگريز (۱۹۴۷- ۱۶۱۲ مجموعي عرصو ۳۳۵ سال، ۱۶۱۲–۱۷۵۷ دوران ايسٽ انڊيا ڪمپني طور، ۱۷۵۷-۱۸۵۸ دوران ڪمپني جي حاڪميت طور ۽ ۱۸۵۸-۱۹۴۷ دوران براه راست برطانوي راڄ طور) هتان ٽپڙ گول ڪري
رهيا آهن، ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿي رهيو آهي ۽ ٻه ملڪ ٺهڻ وڃي رهيا آهن توهان ڪنهن
جي به پاسي نه وڃو پر، پنهنجي سنڌ ڌرتي کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي
لاءِ سوچيو ڇو ته، سنڌ هميشهه هڪ آزاد پرڳڻو رهي آهي. اڄ قسمت جي ديوي توهان جي در
تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهي آهي. ٻيلي ڏاها ٿيو اهڙو فيصلو نه ڪيو جو سنڌ جو آئيندو هميشهه
جي لاءِ اونداهو ٿي وڃي. پنهنجي ڪتابچي “سنڌ بچايو کنڊ بچايو” (وڏيرن کان،
سرمائيدارن کان ۽ انهن جي فرقيواريت کان) جي عنوان هيٺ نوجوان ابراهيم ۽ سنڌ
رنيئزنز ايسوسئيشن (سنڌ سجاڳي انجمن) جي اعزازي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ پنهنجي ان ساڳي
ڳالهه کي ورجائي رهيو آهي بقول شبير نظاماڻي جي “جڏهن اهو فيصلو ٿي چڪو هو ته ننڍي
کنڊ جو ورهاڱو ٿيندو ۽ ان مان ٻه ملڪ هندستان ۽ پاڪستان جنم وٺندا. ان وقت جي سنڌ
اسمبلي ۶۰ ميمبرن تي مشتمل هئي جنهن ۾ اڪثريت مسلمان ميمبرن جي هئي. هي ڪتابچو انهن
۽ ٻين اسمبلي ميمبرن لاءِ لکيو ويو هو ته جيئن انهن کي خبردار ڪري سگهجي ته اهي
جنهن اسمبلي جا ميمبر آهن ان تي تاريخ هڪ اهم بار وجهي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن انهن اهو
وزن تاريخي سمجهه ۽ ڏاهپ جي آڌارا تي نه کنيو ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو هڪ غلامي جي
کاهي مان نڪرڻ بدران ان کاهي ّذريعي ٻي کڏ ۾ وڃي ڪرندا جتان انهن جو نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو
ٿي پوندو”. (ص ۱۰، روزاني سنڌ ايڪسپريس، حيدرآباد، ۱۰ نومبر، ۲۰۱۷). سوال ٿو پيدا ٿئي ته سائين م ا جويو هي سڀ ڳالهيون ڇو،
ڇالاءِ ۽ ڪنهن لاءِ ڪري رهيو هيو؟ نوجوان ابراهيم کي آخر هي الڪو ڇو اچي لڳو هو
ته، تاريخ اسان کي پاڻ موقعو ڏئي رهي آهي پر اسان جي پنهنجي سنڌ اسمبلي جا ميمبر
مذهب جي الائي ڪهڙي عشق ۾ مبتلا آهن جو هنن کي سندس جي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي.
تاريخ، فلسفي ۽ ڏاهپ جي شاگرد جي حيثيت سائين کي اهو خطرو نظر اچي رهيو هيو ته، هن
خطي جنهن تي پاڪستان ٺهي رهيو آهي ان خطي ۾ پنجاب هڪ اهڙو علائقو آهي جنهن جو نه
ته ڪو اصول آهي ۽ نه هن جو ڪو دين ايمان سان واسطو آهي. رنجيت سنگهه جي دور کان وٺي
سنڌ تي ڪاهون ٿينديون رهيون آهن پر هر ڀيري هنن کي ناڪامي پلئه پئي آهي. پنجاب جي
نظر سنڌ تي آهي ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٺهندڙ هن نئين رياست جا اثرات تمام گهڻو اگرا نڪرندا!
سائين هنن کي سمجهائي رهيو هيو ته، مذهب بهانو، نئون ملڪ پاڪستان آستانو ۽ سنڌ
نشانو آهي. پر افسوس سنڌ اسمبلي جي ميمبرن اهوئي ڪجهه ڪيو جنهن جو انديشو هو.
سائين محمد ابراهيم جويو کي نوجوان ۽ هڪ شاگرد سمجهي هن جي ڳالهه ۽ ڏاهپ تي ڪو ڌيان
نه ڌريو ويو پر تاريخ ڏاڍي بي رحم آهي ان بي رحم تاريخ ثابت ڪيو ته، سائين محمد
ابراهيم جويو جيڪو ڪجهه پنهنجي هڪ ننڍڙي پمفليٽ ۽ ڪتابچي ذريعي چيو ۽ لکيو اهو سچ
ثابت ٿيو. تاريخ هميشهه کان ڏاهن سان دوستي رکندي آئي آهي ۽ ان دوستي جي نتيجي ۾ ڏاهن
به هن سان خوب نڀايو آهي. اها ڏاهپ ئي آهي جيڪا هڪ سوچيندڙ انسان کي نه صرف سوال ڪرڻ
سيکاري ٿي پر، هن جي ارد گرد ٿيندڙ مظهرن تي سوال پڻ اٿارڻ لاءِ اڀاري ٿي ۽ هڪ ڏاهو
انسان جڏهن ارد گرد ٿيندڙ عجيب و غريب حرڪتن، انيائن ۽ ڏهڪائن جيڪي يا ته خدا جي
نالي تي ٿي رهيون هونديون آهن يا پنهنجي اڻڄاڻائي جي سبب ماڻهو لٽجي ۽ ڦٽجي رهيا
هوندا آهن انهن تي سوال اٿاري ٿو ته، معاشري ۾ هن خلاف باهه ٻري وڃي ٿي، طرح طرح
جا القاب، تحمتون ۽ الزام لڳايا وڃن ٿا ايتري تائين جو ان سوال ڪرڻ واري جي ايمان
تي شڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪفر جون فتوائون صادر ڪيون وڃن ٿيون. سائين م ا جويو جڏهن سنڌ
کي پنهنجو اهو سماج موٽائي ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو اصل ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هئي ۽ ان
لاءِ هو ڪتاب “سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي” لکي سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿئي ٿو ۽
وهمن، وسوسن، توهم پرستي، انڌي عقيدي پسندي کي ننديدي هو سنڌ جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي
چئي رهيو آهي ته توهان پنهنجي هر مسئلي کي عقل ۽ علم جي بنياد تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو
نڪي ڪنهن لولي لنگڙي ملي جي چوڻ تي ڦيڻا پڙهائي بيمارين کي ڀڄايو، گهرو اڻبڻتن تي
بيبن کان تعويذ نه وٺو پر ڏاهپ ئي اها شئي آهي جنهن کي ساڻ کڻي توهان پنهنجا کوڙ
سارا مامرا، معاملا ۽ مسئلا خود به خود حل ڪري سگهو ٿا.. جامي چانڊيو بطور هڪ ايڊيٽر
لکي ٿو، “پنجاهه ۽ سٺ جي ڏهاڪي ۾ هتي به اوهام پرستي جي مقابلي ۾ عقليت پسندي جا
لاڙا متعارف ٿيڻ شروع ٿيا. سنڌ ۾ اهڙا روشن خيال عنصر اڀري رهيا هئا جن جي بنيادي
تربيت ۱۶هين صدي کان ۱۹هين صديءَ جي ان نئين سجاڳي جي فڪر منجهان ٿي هئي ۽ نتيجي ۾ انهن سنڌ ۾
دنيا جي اڳتي وڌي ويل سائنسي شعور کي متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. سنڌ ۾ ان نئين سجاگي
جي سفر جو پهريون امين م ا جويو هو”. (ص ۸-۹، ڪتاب سيڪيولرازم ۽ عقليت پسندي، ڇاپو ٽيون، سال ۲۰۱۴، از م ا جويو). جڏهن هن ڪتاب جو واهپو وڌي ٿو
۽ ماڻهو هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪن ٿا ته هن خلاف واويلا وڌي ٿي. هو جڏهن مذهب جي
نالي تي هلندڙ دڪانداري کي نندي ٿو ته هن خلاف هي آواز اٿن ٿا ته، هو سنڌ ۾ انتشار
پکيڙي رهيو آهي ۽ نوجوانن کي مذهب کان ڏور ڪري رهيو آهي. جامي چانڊيو پنهنجي ان ساڳي
ڳالهه جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي لکي ٿو، “۽ ڇاڪاڻ ته سندن بنيادي جهيڙو آهي ئي
عقل، سائنسي علم، دليل ۽ مادي شعور سان، ان ڪري سندن نشانو به اهڙا ماڻهو، قدر ۽
رجحان آهن جيڪي تاريخ، فطرت ۽ سماج جي مادي شعور جي ترجماني ڪن ٿا. هڪ رسالي (نام
نهاد) “بيداري” ۾ هڪ اهڙي ئي صاحب (محمد موسى ڀُٽي) طويل مضمون لکي پنهنجيءَ پر ۾
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي سماج جي هن پست حالي جو سبب سائنسي ۽ مادي فڪر
جي ترويج آهي ۽ ان سڄي “ڏوهه” جو “ذميوار” جويي صاحب کي قرار ڏئي کيس “مجرم” جي
لقب سان مخاطب ڪيو آهي.
جويو صاحب جا ڪيترائي
اهڙا ڪتاب، مضمون، ڪالم، ليڪچر ۽ لکڻيون آهن جن کي پڙهڻ کانپوءِ انسان سوچڻ تي
مجبور ٿئي ٿو. هو جڏهن هي سوچي ٿو ته، ڪاش سنڌ وطن ۾ امن هجي، بهاري هجي، سماجي
انصاف هجي ته هو جويو صاحب جو ڪتاب “سنڌ جا مون سپنن ۾ سوچي” کڻي پڙهڻ شروع ڪري ٿو.
هو جڏهن هڪ تعليمي ماهر، تعليمي منتظم يا استاد هجي ٿو ۽ پنهنجي کيتر ۾ تعليم کي سڌارڻ
جا سانڀاها ڪري ٿو ته هو سائين پاران ترجمو ڪيل ڪتاب “تعليم جو مسيحائي ڪردار” پڙهي
ٿو، هو جڏهن فڪر ۽ ڏاهپ جي ڳالهه ڪري ٿو ته هن سامهون سائين جو ڪتاب “فڪر جي
آزادي” پيو آهي، هو جڏهن اخلاق جي دائرن ۾ رهندي صحيح ڇا آهي، غلط ڇا آهي گناهه ۽
ثواب جو تصور ڪيتري قدر مذهبي آهي، ڪيتري قدر سماجي يا ضرورت آڌار آهي. ماڻهو ڏوهه
۽ ڊوهه ڇوٿو ڪري، هو جيڪڏهن چڱو آهي ته پنهنجي نظر ۾ ۽ جيڪڏهن برو يا خراب آهي ته ٻين
جي نظر ۾، ائين ڇو آهي. انسان ۽ حيوان جو تعلق پنهنجو پاڻ سان، معاشري سان ڪيتري
قدر منطقي آهي؟ هنن ۽ اهڙن کور سارن سوالن جي جوابن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جويو صاحب
جو ڪتاب “وحشي جيوت جا نشان” پڙهي ٿو. جويو صاحب نه ڪنهن تعارف جو محتاج هيو ۽ نه
ئي هن کي ڀيٽا يا مڃتا جي ضرورت آهي. جويو صاحب ته خود هڪ تعارف آهي روشن خيالي
جو، شعور جو، علم ۽ عقل جو ۽ هڪ صدي جي عرصي دوران سندس ڪيل ڪم هن کي خود ڀيٽا ڏئي
رهيو آهي، مڃتا ڏئي رهيو آهي. ضرورت آهي ته بس هن ڳالهه جي ته حڪومت هن جي قومي
پورهيي کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪرائي ڏيهان ڏيهه روشناس ڪرائي ۽ هي ٻڌائي
ته، دنيا ۾ هڪ خطو اهڙو به آهي جنهن کي سنڌ چون، ۽ جڏهن دنيا وارا هي پڇا ڪن ته سنڌ
جا ماڻهو پنهنجن ڏاهن سان ايترو گهڻو پيار ڇوٿا ڪن ته جواب هي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته
اسان جا ڏاها سنڌ سان بي پناهه پيار ڪن ٿا. سنڌ جي نوجوانن، علم و ادب سان واسطو
رکندڙ ادڙن ۽ ادڙين، سياسي و سماجي ڪارڪنن سماج سڌارڪ تنظيمن، اسڪولن، ڪاليجن ۽
يونيورسٽي ۾ درس ۽ تدريس سان واسطو رکندڙ، پڙهندڙ شاگردن، فنونِ لطيفه، آرٽ،
موسيقي ۽ فلمڪاري، ناٽڪ نويسي سان لاڳاپيل دوستن ۽ سنڌ اسمبلي (سنڌ راڄ سڀا) ۾ سنڌي
عوام جي ووٽ تي چونڊجي آيل ميمبرن وٽ جيڪڏهن سنڌ کي بهتر بڻائڻ جا خواب آهن،
منصوبا ۽ رٿائون آهن، سنڌي عوام کي بنيادي سهولتون مهيا ڪري ڏيڻ جا قول اقرار
آهن ته پوءِ توهان سڀني کي سائين محمد
ابراهيم جويي جي ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي ۽ پنهنجن خوابن، منصوبن ۽ رٿائن ۽ قول اقرارن
کي سائين جي خوابن، منصوبن ۽ رٿائن سان سلهاڙي ڏسو ۽ عمل ڪري ڏسو يقين ڄاڻو توهان
کي ڪاميابي ضرور ملندي اهو انهيءَ ڪري ٿو چوان ڇاڪاڻ ته سائين محمد ابراهيم جويو
سنڌ جي اميدن جو اٽلس آهي ۽ جيڪدهن اسان سڀئي ملي ڪري هي فيصلو ڪيون ته ٻيلي گهڻو ٿيو
هاڻي اسان جو حدف سنڌ جي بهتري ۽ عوام کي مناسب پر بنيادي سهولتون يقينن سندن چاٺ
تي مهيا ڪري ڏنيون وينديون ته اسان هڙئي نه صرف سنڌ جا معمار ثابت ٿينداسين پر
اسان هڪ نئين تاريخ رقم ڪنداسين. هڪ سهڻي سنڌ من مهڻي سنڌ.
ابراھيم جويو صاحب جون
يادون
ڊاڪٽر آزاد قاضي
نامور
عالم محمد ابراهيم جويي صاحب سان هون ته ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن پر هتي يوسف
جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٻه چار ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون.
۲۰۰۳ع ۾ سائين جي ايم سيد جي ۱۰۰ سالا
جشن ملهائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته ان ۾ جويي صاحب مکيه صلاحڪار هو. سمورا
پروگرام سندس صلاح سان ٿيا. ايتري قدر جومختلف عالمن کان سيد جي حوالي سان ڌار ڌار
عنوانن تي مقالا لکرائڻن واري اهم رٿا پڻ پاڻ تيار ڪرايائين. ان سلسلي ۾ جويي صاحب
سان جيڪي لاڳيتيون ملاقاتون ٿيون انهن ۾ اهو خيال آيو ته جويي صاحب ۽ سائين جي ايم
سيد جي خط وڪتابت کي ڪتابي شڪل ۾ اچڻ گھرجي. ٿيو ائين ته هڪ ڏينهن جويي صاحب سان ڪچهري
ڪندي سامهون ريڪ تي رکيل فائيلن تي نظر پئجي وئي جن مان هڪ تي لکيل هو سائين جي
ايم سيد جا خط!. منهنجي ذهن ۾ هڪ دم ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو. جويي صاحب کان
اجازت وٺي، اهو فائيل کڻي ويس ۽ سائين جي ايم سيد جي لائبريري مان جويي صاحب پاران
سيد کي لکيل خطن جي ڳولا ڦولا ۾ لڳي ويس ڪتاب تيار ڪرڻ جي سلسلي ۾ چونڊ ترتيب کان
وٺي هر عمل تائين جويو صاحب جو تعاون رهيو. ايتري قدر جو مون جڏهن کيس مواد لاءِ
مهاڳ طور ڪجھه لکي ڏيڻ لاءِ چيوته پاڻ مون ڏانهن شفقت واري نظر سان ڏسندي چيو
هيائين ته ڀاءُ اوهان ئي ٻه اکر لکي وٺو اها ڳالهه مون لاءِ وڏو اعزاز هئي تڏهن مون
اهو مهاڳ لکي جويي صاحب کي ڏيکاريو.
ڪتاب
سندس ان رهبري ۾ تيار ڪري ورتو مواد جي ترتيب وقت جويي صاحب جي پاران اخترڪاڪي پوٽي
جي نالي ۾ لکيل هڪ مضمون “انقلابي مُلي جو سياسي پوسٽمارٽم” جو ذڪر آيو ته کين
گذارش ڪيم ته هاڻِ ته اهو اوهان جي نالي ۾ شايع ٿيڻ گھرجي پاڻ منهنجي ان راءِ سان
سهمت ٿيندي کلي نه رڳو اجازت ڏنائين پر ان تي موجوده نئون نالو به پاڻ ئي تجويز ڪيائون،
اهو مضمون ڪتاب ۾ شامل آهي. ڪتاب جي عنوان تي صلاح پئي ڪئي سون ته پاڻ، سڏ پڙاڏو
نالو تجويز ڪيائين ان تي مون کين اها ياد
دهاني ڪرائڻ چاهي ته ڪيرت ٻاٻاڻي جو ڪتاب پڻ اهڙي نالي سان آهي، تڏهن پاڻ
چيائين ته ان عنوان جو ٻيو مطلب آهي. پنهنجي نالي جو مفهوم اهو آهي ته سيد سنڌ جو
سڏ آهي ۽ جويو ان جو پڙاڏو آهي .
جويو
صاحب سنڌي قوم جي وسيح تر اتحاد جو وڏو شيدائي ۽ خواهش مند هو ڪيئي ڀيرا ڪچهرين
دوران اهو اظهار ڪيائين ته سنڌ جون سياسي ڌريون مڪمل طور گڏجي جدوجهد ڪرڻ واري
مرحلي تائين پهچن ئي پهچن ان کان اڳ جيڪڏهن اهي سڀ هڪ جاءِ ويهي گڏجي چانهه جو ڪوپ پي اٿن تڏهن به پنهنجن توڙي پروان تي اها ڳالهه وڏو
اثر ڇڏيندي. سندس اها خواهش ئي هئي جنهن ڪري ٻه ڀيرا سنڌ جي
وسيح تر اتحادن لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۾ پاڻ سرگرمِ عمل رهيو.
هڪڙو
سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد
۽ ٻيو ممتاز علي خان ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ اتحاد. سائين جي ايم سيد سان
ته سندس ننڍ پڻ کان لنوَ لڳل هئي پر ممتاز علي ڀٽو جيڪو نه رڳو نالي چڙهيو وڏيرو
هو پر پوءِ هٿ ٺوڪيو سردار به ٿي ويو، جويي صاحب جهڙي سوشلٽ خيال رکندڙ دانشور سنڌ
جي وسيح تر مفاد لاءِ سڀ ڳالهيون درگذر ڪري
ان جي سربراهيءَ ۾ به ڪم ڪيو. سندس اها ايمانداري ۽ سچائي اهڙن پاڻ پڻي جو شڪار
سياست بازن لاءِ بهترين سبق آهي جيڪي ڳالهيون ته اتحاد جون ڪندا آهن پر عمل ۾ ايندڙ
وسيح تر اتحادن ۾ هي وڏيرو آهي ۽ ڦلاڻو وڏيرن جو ساٿاري آهي، جهڙيون فتوائون ڏيئي ڦيٽاري
وجھڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
سنڌ ۾ ڊگھي
عرصي کان هتان واري سياسي وايو منڊل ۾ سنڌ جي حيثيت واري تعين واري حوالي سان بحث
هلندا پئي آيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ نوان اتحادي، نوان دوست ۽ مخالف واريون صفون ٺهنديون
۽ ڊهنديون رهيون آهن.
اهو هڪ
فطري عمل آهي ان سموري مهي ولوڙڻ ۾ ۱۹۴۰ وارن
قراردادد جو بار بار ذڪر ٿيندو پئي رهيو آهي، هڪ طرف حڪمران قوتن به مختلف حوالن
سان سوچڻ شروع ڪيو آهي ته ٻئي طرف اڳ انقلاب جون دعوائون ڪندڙ ۱۹۴۰ واري قرارداد سان ڪلهو هڻڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي جماعتن جا نشان جهڙوڪ جهنڊا
۽ نارا تبديل ڪري ميدان ۾ لٿا آهن. ڪير ڪٿي
ٿو بيهي، ڪهڙي ٿو سياست ڪري اهو هر ڪنهن کي حق آهي پر اهو ڪنهن کي به اختيار ڪونهي
ته هو پنهنجون من پسند ڳالهيون ٻين سان لاڳو ڪري.
تازو
جويي صاحب بابت مضمون لکندي هڪ اهڙي سياست ڪار جيڪو ڦيريون کائڻ ۾ مشهور آهي، لکيو
آهي ته: “جويي صاحب حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ
تقريب ۾ اظهار ڪيو ته ۱۹۴۰ع واري
ٺهراءَ جو مقصد قومي وحدتن جي آزاد ۽ خودمختيار Sovereign
and Autonomous حيثيت هو”. اها ڳالهه ان مهربان حسب معمول اڌوري،
اڻپوري ۽ پنهنجي من پسند پيش ڪئي آهي جنهن جو بنياد ان ٻڌ سڌ واري معلومات تي آهي
جيڪا کيس پنهنجي موڪليل نمائندي کان ملي سگھي.
ان
پروگرام ڪرائڻ ۾ منهنجو وڏو عمل دخل هو اهو پروگرام ڪنهن سياسي جماعت جو نه پر جي
ايم سيد فائونڊيشن جو ڪرايل هو ان موقعي تي جويي صاحب ۱۹۴۰ واري قرارداد کي اهميت ڏيڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ بجاءِ پنهنجو اڳ شايع ڪرايل
مضمون “پاڪستان جو ٺهراءُ جيئن اهو ۳ مارچ ۴۳ تي سنڌ
ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آيو” فوٽو اسٽيٽ ڪرائي کڻي آيو هو.
۱۹۴۰ع جي قراردات جو مختصر ذڪر ڪرڻ بعد سائين جي ايم سيد جي ان مان مطمئن نه هئڻ
جو ذڪر ڪندي ۱۹۴۳ع واري نئين سر پاس ڪرايل
قرارداد بابت اهو ڇپيل پيپر پڙهيو هيائين جيڪو سندس ڪتاب سڏ پڙاڏو کان سواءِ ٻين
به ڪيترين جاين تي شايع ٿيل آهي.
محمد ابراهيم جويو
مون سي ڏٺا ماءُ
ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ
جناب محمد ابراهيم
ولد محمد خان جويو ۱۲ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي ڳوٺ آباد ۾ ڄائو، ابتدائي چار درجا ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ لڪيءَ
جي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي ڇهين درجي سنڌيءَ تائين تعليم ورتائين. انگريزي تعليم ”اي
وي اسڪول“
سن ۽ ”سنڌ مدرسي“ مان ورتائين. سال ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ جويو صاحب ”ڊي جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾
داخل ٿيو، جتان ۱۹۳۸ ع ۾ بي اي ڪيائين. گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ جويي صاحب ”سنڌ مدرسي“ ۾ استاد جي
حيثيت سان پنهنجي ملازمت جو آغاز ڪيو. انهي ئي ملازمت دوران ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي مان بي ٽي جو امتحان پاس ڪري آيو.
ورهاڱي کان ڪجهه وقت ”سنڌ کي بچايو، ننڍي کنڊ کي بچايو“ نالي انگريزي ۾ ڪتاب لکيائين.
وطن دوستيءَ جي انهيءَ جذبي پنهنجي ملازمت تان هٿ کڻايا. ورهاڱي کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ جويو صاحب “ميونسپل هاءِ اسڪول” ٺٽي جو
هيڊ ماستر ٿيو .جڏهن وقت جي سرڪار انهيءَ اسڪول کي تحويل ۾ ورتو کيس “ٽرينگ ڪاليج
فارمين”حيدرآباد ڏانهن بدلي ڪيو ويو، جتي ۱۹۵۱ع تائين ڪم ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ مارچ ۱۹۵۴ کان وٺي فيبروري ۱۹۶۱ع تائين “سنڌي ادبي بورڊ” جو سيڪريٽري ٿي
رهيو. فيبروري ۱۹۶۱ع ۾ کيس حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪوٽريٽ ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو.
جنهن کان پوءِ نومبر ۱۹۶۲ع ۾ “اولهه پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي مقرر ٿيو. ۱۹۶۳ع کان آگسٽ ۱۹۶۷ع تائين انهيءَ بورڊ جي حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڪوئٽيا
ريجن جو انچارج ٿي رهيو، ۽ ساڳي ئي وقت ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت
سان به ڪم ڪيائين. ان کان پوءِ ”گورنمنٽ هاءِ اسڪول جيڪب آباد“ جو هيڊ ماستر ۽ مارچ
۱۹۶۸ع کان نومبر تائين ”گورنمينٽ ٽرينگ ڪاليج ڪوهاٽ“ جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين.
تنهن بعد سيپٽمبر ۱۹۷۰ع تائين حيدرآباد ريجن جي تعليمي ڊائريڪٽريٽ ۾ “کاتي جي امتحانن” جو رجسٽرار
مقرر ٿيو. ان کان پوءِ جنوري ۱۹۷۱ع تائين تعليم کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر، آگسٽ ۱۹۷۱ع تائين ”سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ جو سيڪريٽري،
سيپٽمبر ۱۹۷۱ع کان جولاءِ ۱۹۷۲ع تائين خيرپور ڊويزن ۾ اسڪولن جو انسپيڪٽر ۽ ان کان پوءِ ٻن مهينن لاءِ “ايڊيوڪيشن
ايڪسٽيشن” جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ٿي رهيو. آخر ۾ ۲۱ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي “سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ” جي آفيسر آن اسپيشل
ڊيوٽي جي عهدي تان رٽائر ڪيائين.
جويي صاحب سنڌي ٻولي
۽ علم ادب جا دل تي گهڙا ڀريا آهن. کين هڪ “استاد-اديب” جي حيثيت حاصل آهي، هن دور
جا ڪتيرائي نامور اديب ۽ شاعر سندس نظرياتي تربيت جي رنگ ۾ ورتل آهن. هن صاحب ڀريا
پندرهن سال “سنڌي ادبي بورڊ” جي خدمت ڪئي آهي، ۽ سندس دور جي “سنڌي ادبي بورڊ” جي ڪارڪردگي
اڄ به مثال جي حيثيت رکي ٿي. سندس ئي ڪوشش سان “سنڌي ادبي بورڊ” ٻارڙن لاءِ” گل ڦل”
رسالو جاري ٿيو. ان کان سواءِ پاڻ ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۶ع تائين ٽه ماهي “مهراڻ” جو ايڊيٽر به ٿي رهيو. جويي صاحب
جي ڪوششن سان ۱۹۶۴ع ۾ “سنڌي اديبن جي ڪو آپريٽو سوسائٽي” قائم ٿي، جنهن طرفان سنڌي ٻولي ۽ علم
ادب جي تعريف جوڳي خدمت ٿي رهي آهي. جويو صاحب نه رڳو تعليم جو ماهر ۽ اشاعتي مسئلن
جي ڄاڻو جي حيثيت رکي ٿو، بلڪ سنڌي علم ادب جي دنيا ۾ اديب جي روپ ۾ به ڄاتو سڃاتو
وڃي ٿو.
پاڻ ڪجهه شاعري به ڪئي
اٿس، ليڪن شاعر کان وڌيڪ مترجم ۽ ليکڪ جي حيثيت سان مشهور آهن. سندس لکيل توڙي
ترجمو ٿيل ڪتابن جو وچور هن ريت ٿئي ٿو. “ايملي عرف تعليم“ (تعليم- ۱۹۵۰)، “گل” (تربيت -۱۹۵۶)، “سنڌي پهريون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب -۱۹۶۰)، “آسان سنڌي پهريون ڪتاب” (نصابي ڪتاب -۱۹۶۱)، “تاريخ پاڪستان” (تاريخ- ۱۹۶۲)، “سنڌي چوٿون ڪتاب“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي پرائيمري“ (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۲)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۶)، “سنڌي چوٿون ڪتاب” (نصابي ڪتاب- ۱۹۶۷)، “سنڌي پنجون ڪتاب” (نصابي ڪتاب-۱۹۶۷)، “سنڌي ڇهون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “سنڌي ستون ڪتاب” (نصابي-۱۹۶۷)، “ٻارن جي تعليم” (تعليم- ۱۹۷۲)، “انگي حساب” (نصابي- ۱۹۷۳)، “اچو ته لکون” (تعليم- ۱۹۷۳)، “بالغن جي تعليم استادن جو رهبر” (تعليم-
۱۹۷۳)، “اچو ته وڌيڪ پڙهون” (تعليمي/ نصابي -۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي
مرتب-۱۹۷۳)، “سنڌي زبان جي ڪاروباري بنيادي لغت” (لسانيات، ساڻي مرتب ۱۹۷۴)، “سنڌي زبان جي وڌايل لغت” (لسانيات، ساڻي
مرتب- ۱۹۷۳)، “سنڌي ٻيو ڪتاب“
(نصابي- ۱۹۷۳)، “سماجي اڀياس“
(نصابي)، “گليلو“ (ترجمو ناٽڪ -۱۹۷۷)، “فڪر جي آزادي” (ترجمو) ۽ “شاھ، سچل سامي“
(تنقيد- ۱۹۷۸).
جويو صاحب سنڌ جي
انهن چونڊ ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي ذات ۾ هڪ مڪمل انجمن هوندا آهن. جويو صاحب
هڪ مڪمل تحريڪ آهي ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ آدرش آهي، اهو آدرش جنهن کي ڀرپور نموني
سان چاهيو به ويو ۽ جنهن سان نفرتون ڪندي به ڪونه گهٽايو ويو. پوءِ به انهن سردين
۽ گرمين کي سهندي، گل ۽ خار جا مزا ماڻيندي به پنهنجي منزل طرف روان آهي.
جويي صاحب سان “غائبانه
ڏيٺ“ ته گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي، پر کيس ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڪراچيءَ ۾ اچڻ کان پوءِ مليو.
مون کي ياد ٿو پئي ته آئون جڏهن ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ استاد هئس، ان وقت جويو صاحب
اسان جو آفيسر ۽ انسپيڪٽر آف اسڪولس هو. هن صاحب انهيءَ ايامڪاريءَ ۾ پنهنجي زبردست
هاءِ اسڪولن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي تاريخ مرتب ڪري ڏانهس موڪلين. انهيءَ
سلسلي ۾ اسان جي اسڪولن ڏانهن به هڪ سوالنامو موڪليو ويو هو. هيڊ ماستر جي منشا تي
ڏوڪري هاءِ اسڪول جي تاريخ مون کي ئي لکڻي پئي. مون کي ياد ٿو پئي ته انهيءَ مختصر
تاريخ ۾ مون سموري ڏوڪري تعلقي جي ثقافتي ۽ ادبي ادارن ۽ شخصين تي به لکيو هو. ان کانسواءِ
اسڪول جي پيدا ڪيل عالمن، اديبن، شاعرن ۽ آفيسرن جو وچور به ڏنو هو. ستت ئي جويو
صاحب بدلي ٿي ويو ۽ خيرپور ڊويزن جي اسڪولن جي تاريخ جو اهم ڪم اڌورو رهجي ٿو.
جويي صاحب جي بدلي ٿيڻ
کان پوءِ اسان به ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ ٽڪاءُ نه ڪيو. جنگشاهي جي هاءِ اسڪول کان ڦرندا
گهرندا اچي ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ پهتاسين. منهنجو ڪراچي اچڻ نئين جنم وٺڻ جي برابر
هو. اڳ ۾ علمي ۽ ادبي ذوق هوندو هو، پر هاڻي هتي سُري پـُري پنهنجي جاءِ به وٺڻ لڳس.
ائين ٿيو جو جناب وفائي صاحب ۽ سندس “آزاد“ مون کي لکڻ ۽ ڇپجڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
انهيءَ ڪري شهر ۾ “آزاد“ جي آفيس هڪ اهڙي جاءِ بڻجي وئي، جنهنجو هفتي ۾ هڪ اڌ چڪر
هڻڻ ضروري ٿي پيو. “آزاد“ جي آفيس ۾ مون دنيا جا ڪيترا ئي رنگ ڏٺا. وزيرن ۽ وڪيلن
کي به ايندو ڏٺم ته پيرن ۽ فقيرن کي به ڀيرا ڀريندي ڏٺم. ان کان سواءِ ڪيترين ئي علمي
ادبي شخصيتن سان ملاقات به هتي ئي ٿي. جن مان جويو صاحب به هڪ هو. جويو صاحب پهرين
ئي جهلڪ ۾ مون کي عالم، اديب ۽ دانشور نظر آيو. هن صاحب سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جا
بي لوث خدمت ڪئي آهي، انهيءَ ڪري ساڻس عقيدت ته اڳ ئي هئي؛ ليڪن اها عقيدت هاڻي قربت
۾ بدلجي وئي. آئون انهيءَ وقت ڌاري “آزاد“ لاءِ لڳاتار لکڻ لڳو هوس. جيئن ته “آزاد“
جويي صاحب ڏي به ويندي آهي، ان ڪري هن صاحب منهنجي لکڻين مان منهنجي شخصيت جي تلاش
شروع ڪئي. منهنجو خيال آهي ته هن صاحب مون کي ”هڪ جذباتي مگر محنتي نوجوان“ جي
حيثيت ۾ تسليم ڪيو. آئون وري کيس ماٺيڻو، برد بار، همدرد ۽ خير خواھ ڪري ڄاڻيندو
آهيان. “آزاد“ ۾ جڏهن “سگهڙ سنگت“ جو سلسلو شروع ڪيم ته ملاقاتن ۾ آئون کانئس راءِ
وٺندو هوس . پاڻ چوندو هو ته هيڏي ساريءَ جاکوڙ جي نتيجي ۾ تون رڳو هڪ مڪمل سگهڙ کي
ڳولهي سگهيو آهين. اهو آهي ٽنڊي باگي جو محمد طالب لوهار، جيتوڻيڪ جويئي صاحب کي منهنجي
ڪم ۽ ان جي طريقه ڪار سان ڪيترا ئي اختلاف هوندا هئا، پر ان هوندي به منهنجي ڪڏهن
همت شڪني نه ڪيائين. ويتر چوندو رهيو ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو سگهڙن کان ”راست
گوئيون“ هٿ ڪيون وڃن. مون انهيءَ سلسلي ڪجهه ڪوشش به ڪئي.
موجوده دور جي سنڌي
ليکڪن ۾ جويو صاحب اسلوب ۽ ٻوليءَ جي معاملي ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. پيرائتي
مگر مختصر ۽ جامع نموني ۾ ڳالهه کي نڀائڻ ڪو کانئس سکي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب جو ترجمو
ڪندو ته ان تي اصلوڪي هئڻ جو گمان پيو ٿيندو. پر جي اصلوڪو ڪتاب لکندو ته ٻوليءَ ۾
چار چنڊ لڳائي ڇڏيندو. سندس لکيل ڪتاب “شاھ، سچل ۽ سامي” مون کي ايترو ته پسند آيو،
جو مون ان ڪتاب جون ٽيهارو کن ڪاپيون وٺي ڏيهي توڙي پرڏيهي دوستن ۾ ورهائيون. ساڳي
نموني سان سندس ترجمو ٿيل ڪتاب “فڪر جي آزادي” به پڙهڻ وٽان آهي، جڏهن مون اهو ڪتاب
پڙهيو ته الائي ڪيترا دفعا روئڻ به آيو ته کلڻ به. روئڻ ان ڪري ته انسان جڏهن انڌ
جي گهوڙي تي چڙهي ٿو ته ڇا ڇا نه ٿو ڪري ۽ کلڻ ان ڪري ته ڪتاب پڙهڻ وقت اهو تاثر ملندو
هو ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو پر کيس شڪست ڏئي نه ٿي سگهجي.
(فيبروري ۱۹۸۱ ع)
محمد ابراھيم جويو
جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار
پروفيسر اعجاز قريشي
گذريل سال ۹ نومبر تي سنڌ جو هڪ عظيم انسان سائين محمد ابراهيم جويو اسان کان
هميشه لاءِ جدا ٿي ويو، سائين سڄي عمر يعني حياتيءَ جا ۱۰۲ سال سنڌ کي ارپيا ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. سنڌي ٻولي ۽ ادب سان
انتهائي پيار ڪيو، جڏهن به سائين سان ملبو هو ته پاڻ سنڌي نوجوانن لاءِ نت نوان پيغام
ڏيندو رهيو ۽ انهن جي شعور کي اڏڻ لاءِ پاڻ ارپيو. اڄ جڏهن هو اسان وٽ ناهي تڏهن
سندس علمي/ادبي پورهيو سنڌ کي پيڙهيون ۽ صديون ياد رهندو.
سائين سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد
جي پنڌ تي هلندي گذاريو، هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ، يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽
دماغي ورونهن جو وسيلو نه بڻايو. ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا،
هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيان جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو، سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي
پاتالن کان هلندي، هن جي قلم جي نوڪ تي اچي ڪا ڳر تي جرڪي پوي ٿو ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ
جي ڊگهي سفر م هو ڪٿي به، ڪڏهن به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿ به هن ساهي نه کنئي، لڳاتار
منزلون لتاڙيون، فقط هڪ منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هو ڄاڻي پيو ته حرڪت ۾ ئي برڪت
آهي، ۽ هڪ خواب جي ساڀيا ٿيڻ لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا،
پر هن ڪٿي به ايئن ناهي چيو ته:
ايئن ئي رهيس راهه ۾، ايئن ئي هٿ هڻي،
ويا خيال کڻي،ماءُ منهنجو جندڙو.
پر ان جي ابتڙ سندس سموري زندگي لطيف جي هن
بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس آهي:
ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه چڪيائي چوٽئين،
هلندي هوت پنهونءَ ڏي، ڀوءَ مڙيوئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن تان واري وري،
سنڌ ۾ نئين علم جي روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽
نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي ڀائيواري بنهه بنيادي قسم
جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامي، سک ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽
بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين استحصال ۽ استبداد جي
دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن، وزيرن، وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين
۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندر انسانيت خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي
للڪاريو. اهو ئي سبب آهي جو غلام رباني آگري هن لاچيو آهي ته: ” هي پيدائشي باغي آهي
پر علم ۽ ڏاهپ جي مٿاهين ڏاڪي تي پهچي به هن پاڻ پڏائڻ کان پاسو ڪيو آهي. هن ڪڏهن
به زبان کي مان جي ورڊ تي ناهي هيرايو. انا پرستي، طمع پروري، حرص، لالچ ۽ لوڀ جا
لينگها سندس دامن تي نه ڏٺا ويا آهن، سندس
من به هن جي هن اڇيءَ کاڌيءَ جيان اڇو ۽ بي داغ آهي ۽ اسين خوش نصيب آهيون جو اسان
اڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي هڪ عظيم ڏاهي ۽ ساڃهه وند کي اکين سان ڏٺو ۽ مون کي ذاتي
حوالي سان ان ڳالهه تي فخر رهندو ته آئون پڻ ان دور جو آهيان، جنهن دور جو محمد ابراهيم
جويو رهيوآهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته لطيف سائينءَ
به اهڙا ڪردار ڏٺا هئا، جن لاءِ هن چيو هو:
بُک وڌائون بُگرئين، جوڳي ڪندا جي،
طلب نه رکن طعام سين، اوتيو پيئن اڃ،
لاهوتين لطيف چئي، من ماري ڪيو مُڃ،
سامي جهاڳي سُڃ وسنهن کي ويجهو ٿيا،
روسي ناول نگار ۽ شاعر پاسترنڪ جي جڳ مشهور ڪتاب
ڊاڪٽر زواگو ۾ هڪ هنڌ بيان ڪيو ويو آهي ته:
”شايد هر زندگي ۾ ٻين خاص ماڻهن کانسواءِ هڪ ڳجهي
۽ هستي آهي، جيڪا سڏڻ کانسواءِ ئي مدد لاءِ پهچي ويندي آهي“. اهي سٽون پڙهي جڏهن آئون
سائين ابراهيم جويي تي سوچان ٿو، جنهن جا هونئن ته هزارين يار، درست ۽ ساٿي آهن، پر
اها ڪهڙي ڳجهي ۽ اڻ لکي طاقت آهي، جيڪا سدائين ساڻس گڏ آهي، هڪ جسم طور نه پر هڪ روح
طور هن سان دمبدم ۽ هر قدم گڏ هلي ٿي، ان جي جواب لاءِ پاڻ ۾ جهاتي پائجي ٿي ته
اندر جي فضائن ۾ ” سنڌ جو نالو پر کولي اڏندڙ پنڇيءَ جي ڀڙڪي جيان گونجڻ لڳي ٿو، تحقيق،
اها سنڌ ئي آهي، جنهن سان سندس جنم جنم جو رشتو آهي، جيڪا هن سان سدائين ساڻ رهي
آهي، اها ئي قوت آهي، جنهن جو جلوو ۽ جهلڪ اسان کي جويي صاحب جي پوري حياتيءَ ۾ نطر
اچي ٿي. پوءِ ڪڏهن ڪيهي ته ڪڏهن ڪيهي، ڪڏهن ڪنهن روپ ۾ ته، ڪڏهن ڪنهنءَ رنگ ۾.
ايڪ قصر در لک ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏان ڪريان پرک، تيڏان صاحب سامهان.
سنڌ، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ، سنڌي
ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق رهيو، هو خوابن جي سودائي نه پر ساڀيان جو سوداگر
هئو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي حقيقي جوهر ۾ برقرار
۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا، سنڌ سان عشق جو اعليٰ اقرار ۽ دعويٰ ته گهڻائي ڪن ٿا پر ان
نينهن جي ناتي ۽ ان جي گهرجن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن جي وس آهي، سنڌ سان محبت فقط سڏ
جو نالو ناهي، پر ”سر کي سٽ“ ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽ جويو صاحب اهو مرد قلندر هئو، جيڪو هر دور جي ڇوهين ۽ چٽين ڇولين ۽
سير ۾ گهاگهائي گهڙيو. هن ڪڏهن به محبتن ۽
اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.
محمد ابراهيم جويو
جديد سنڌ جي شعور جو اَڏڻِهارُ!
پروفيسر اعجاز قريشي
پلئه پايو پُوڻيون، در در ڦيرا ڏي،
ڪا مون ڪَتائي، آئون ڪاپائتي آهيان.
سائين محمد ابراهيم
جويي به سنڌ جي سپنن جا منجهيل ڦورا کڻي سانڀر کان وٺي هوڪا ڏنا آهن. هن اڪيلي ڪتڻ
کان ساٿ کي سڏي ارٽ کي اوڏو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن ڪتڻ وارا ڏينهن ويهي نه وڃائيا
آهن. هن سدائين ڏور ارٽ ۾ وجهي ڪتيو آهي ۽ مٿي ۾ موڙيءَ جو ڪَسو خيال ۽ ڀاونا ڀلجي
به نه آئي اٿس. جيتوڻيڪ اهي ڪتڻ سندا ڏينهڙا، هن ۽ سندس ساٿين جي مٿان ڏکيا گذريا،
تڏهن به جهڙي تهڙي حال سان هو پنهنجي ساٿ کي همٿائيندو رهيو ۽ جڏهن به تاڃي توريندي
عيب نڪتا ته هن سڀ کان پَر ۾ پڇيو ۽ ان جي حصي جا ڀڙا هن پاڻ ڀڳا، هن بيڪاريءَ تي
پاڻ نه هيريو ۽ سدائين چت جو چرخو چوريو. هن نئين ائٽ جي تمنا من ۾ رکي، سدائين ڀڳو
ئي ڀيريو، ڇو ته وقت جي تقاضا اها هئي ته جيترو به ۽ جو ڪجهه به موجود آهي. ان سان
هڏ هلائجي:
ڀَڳو ئي ڀير، جان
سين رتو راس ٿئي!
هن ڪڏهن به رنڊا روڙڻ
وارو اٻهرو عمل نه ڪيو. پر چت ۾ چاهت رکي ڌيان ۽ من سان سنهو ڪتيو. هن صرافن جي پرواهه
نه ڪئي. پر سدائين ڪاپي سان ڪم رکيو آهي. آئون جڏهن به کيس ڏسندو هوس ته لطيف جي
هيءَ سٽ چپن تي اچي ويندي هئي:
مُنهن محراب پرينءَ
جو، جامع سڀُ جهانُ.
هيءُ سنڌ جو سچو
کاهوڙي، جنهن ڪيئي ڏونگر ڏولاوا ڏٺا ۽ رڃن ۾ راتيون ڪٽيون ۽ ڏٿ ڏوريو. پاڻ هڪ ازلي
درد جو نهوڙيل ۽ هڪ انوکي وچن سان سندس ساهه سٻنڌ هو، جنهن لاءِ اياز چيو هو:
ڪنهن وچن جي واسطي
پنهنجي اياز!
زندگي بنواس ۾ گذري
وئي.
۽ اهو وچن ۽
واسطو ان ڌرتيءَ ۽ ڌن سان آهي، جيڪا اسان جي ازلي ملڪيت آهي:
جڏهن “ڪُن” چيائون،
اسان کي ملي،
اهائي ته ڌرتي، اهوئي
ته ڌن،
انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون
پيا، انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن.
۽ جنهن سان
اهو انوکو وچن آهي اُها گنجي ڏونگر گام آهي. اها اسان جي سنڌ آهي، جنهن کي لوچڻ جي
لاءِ لاهوتي ٿيڻو پوندو آهي. ان جي پروڙ ٻيا سڀ ضرور ڇڏائي ڇڏيندي آهي، ۽ ان پروڙ
جو هڪ پارکو محمد ابراهيم جويو به آهي ۽ ان سان گڏ سندس کاهوڙڪي کير آهي ۽ اڄ سنڌ
سنڌ ۾ علم، آگاهي، ڏاهپ، سرت، ساڃاهه ۽ سچ جو، جيڪو مچ ٻري رهيو آهي، اهو ان ئي
کاهوڙڪي کير جو ٻاريل آهي ۽ ان جو مهندار اهوئي فقير منش انسان آهي. لاريب، جنهن سنڌوءَ
جي ساڃاهه جا اهي مٽ چڪائي آڻي اتر واءَ ۾ کوليا آهن، جن جو ساءُ ۽ کيپ خبار اڳي ڪنهن
به نه ڄاتو هو. جنهن تي ڪيئي متارا مست ٿيا آهن. ڪيترن ان مڌ جي سُرڪ کي سو کان وڌيڪ
ڀانيو آهي. ان ڪري پير حسام الدين راشديءَ کي چوڻو پيو ته: “اسان کي سنڌ سان محبت
جو سبق جويي صاحب ئي ڏنو.” فقط ايترو ئي نه پر سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز به اهڙو
اعتراف ڪيو آهي ته:
“هڪ شام جو
مون ابراهيم کي پنهنجا اردو نظم ٻڌايا، جي هن کي ڏاڍا پسند آيا، جڏهن هي سٽون پڙهيون:
يه دنيا، يه
آماجگاهي تمنا،
ڪهان جا رهي هي
يه رقاصهءِ روز و شب
نوڪ خنجر په يون ناچتي
جا رهي هي
ڪه جيسي اُسي يه
يقين هوگيا هو
ڪه اب پائون ڇلني
نه هون گي.
تڏهن ابراهيم چيو
هو، “اياز، توکي مان وري به چوان ٿو ته تون پنهنجي ڏات اجائي وڃائي رهيو آهين، تون
پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي رڳو سنڌيءَ ۾ پهچائي سگهين ٿو!”
مون ڏک سان ڏسي ابراهيم
کي چيو هو، “پر توکان سواءِ مون کي سنڌيءَ ۾ ٻڌڻ وارو ڪير آهي؟”
ان تي ابراهيم سختيءَ
سان چيو هو، “اسان ٻه ڪافي آهيون، اسان ٻه چاهيون ته سنڌ کي بدلائي سگهون ٿا.”
“Save Sindh save the continent”
جي مصنف جو ضد ڪنهن وقت ڏاڍو سجايو ثابت ٿيو آهي.”
شيخ اياز اڄ اسان
جي سنڌي شاعريءَ جو ڄڻ ته ديو مالائي ڪردار بنجي ويو آهي. هن جي شاعريءَ جي منڊ ۾
سڄي سنڌ منڊجي ويئي آهي. جيڪڏهن شاهه لطيف سنڌي شاعريءَ جو روح آهي ته شيخ اياز ان
کي سرير بخش پورڻتا تائين پهچايو ۽ جيڪڏهن اسين شيخ اياز جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ابراهيم
جويي جي ذڪر کانسواءِ اها ڳالهه اڌوري آهي. اهو ابراهيم جويو ئي هو، جنهن سندس ڏات
۾ اجهل درياهه ڇوليون هڻندي ڏٺو ۽ هن اهو به ڄاتو ته جنهن ڏسا ۾ اهو درياهه وهندو
پيو وڃي، اهو لاڀائتو ۽ سڦل نٿو ٿي سگهي ۽ ابراهيم جويي ان جي نشاندهي ڪئي ۽ اياز
ان تي لبيڪ ڪئي. ائين واقعي آهي ٻه ڄڻا ڪافي ثابت ٿيا ۽ انهن اهي ڪم ۽ ڪارناما سرانجام
ڏنا، جن تي اڄ اسين ناز ڪري رهيا آهيون ۽ اياز چيو:
مون ڏات انوکي آندي
آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن
سان.
اهو تلوار سان تند
جي ويڙهه جو پهريون سبق شيخ اياز کي محمد ابراهيم جويي ڏنو ۽ هن کي سدائين “اسان جو
شاعر” ڪري پڪاريو ۽ اسان جي ان شاعر، جنهن جي شاعري جويي صاحب جي لفظن ۾ سنڌي ٻوليءَ
جو ڪرشمو آهي، کي صراط المستقيم تي آڻڻ وارو هيءُ عظيم انسان ئي آهي.
سنڌ ملڪ تاريخ جي
اولين سڌريل سماجن ۾ پنهنجي هڪ اڳ حيثيت رکي ٿو ۽ ظاهر آهي ته ڏاهپ، سرت ۽ شعور کانسواءِ
ڪو ملڪ ڪيئن مهذب ۽ سڌريل ٿي سگهي ٿو. تاريخ ۾ سنڌ جي ماڻهن جي وسيع ذهن ۽ روشن
دماغيءَ جا ڪيترا ئي مثال ملن ٿا. اچو ته هن سلسلي ۾ هي اقتباس پڙهون.
“سن ۵۱۹ ق م ڌاري ايران جي ڪياني شهنشاهه دارا اول
سنڌو نديءَ جو مغربي علائقو پنهنجي حڪومت هيٺ آندو. اٽڪل ٻه صديون پوءِ سڪندر اعظم
سن ۳۲۶ ق م ڌاري سنڌ فتح ڪئي. جڏهن سنڌو ماٿريءَ ۾ ٽئڪسيلا، جهلم ۽ سنڌ جون
خودمختيار شهري رياستون قائم هيون، پوءِ ٻن صدين تائين ڌارين جي يلغارن ۽ قتل ۽
غارتگري جا واقعا ٿيندا رهيا. ويهارو کن سال (۳۰۵-۳۲۵ ق م) تائين يوناني راڄ ۽ تهذيبي- ثقافتي آميزش جاري رهي.
انهيءَ دؤر جو هڪ واقعو
خاص اهم ۽ دلچسپ آهي: جڏهن يوناني فوج سيوهڻ جي راجا “سامبس” کي شڪست ڏني. تڏهن به
عام ماڻهن ويڙهه بند نه ڪئي. معلوم ٿيو ته عام ماڻهو پنهنجي ڏاهن ماڻهن جي اثر هيٺ
آهن ۽ انهن کي پڪڙيو ويو. سڪندر اعظم ۽ سندس يوناني عاملن سوچيو ته سنڌين جي ڏاهپ
کي پرکڻ جو سٺو موقعو آهي، سوچيائون ته هر هڪ سنڌي ڏاهو يوناني عاملن جي پڇيل هڪ
سوال جو صحيح جواب ڏئي ته سندس جان بخشي ويندي نه ته قتل ڪيو ويندو. پهرين سيوهاڻي
ڏاهي کان پڇيائون ته: “مري ويل انسانن ۽ زنده انسانن جو صحيح تناسب ڇا آهي؟” هن جواب
ڏنو ته “ڪجهه به نه، ڇاڪاڻ ته جيڪي مري ويا سي ڳاڻيٽي ۾ نه ايندا.” اِئين ڪيترن ئي
ڏاهن جا جواب ٻُڌي هو لاجواب ٿي ويا. آخر ۾ پڇيائون ته ڪنهن انسان کي ڪيستائين
ذميوار سمجهجي؟ چيائين ته: “جيستائين هو زندگي کان وڌيڪ موت جي تمنا رکندو هجي.”
مٿيون بيان “مشاهير
يونان ۽ روم” ۾ موجود آهي، جيستائين پوئين سوال جنهن ۾ اهو پڇيو ويو آهي ته ڪير ماڻهو
ڪيترو ذميوار آهي؟ ۽ ان جي جواب، جيستائين اهو زندگيءَ کان وڌيڪ موت جو تمنا رکي ٿو
جو تعلق آهي، ته صدين جي ان ڏاهپ محمد ابراهيم جويي وٽ پهچي نئون موڙ ۽ نئون گس ڳوليو
آهي. هيءُ اهو چوي ٿو ته زندگي موت جي تمنا نه پر جيئڻ جو جذبو ۽ جولان آهي ۽ جيستائين
جيئرو رهڻو آهي، ان وقت تائين پنهنجون لازم ذميواريون ۽ گهربل ڪم ڪرڻا آهن. اهڙيون
ڏاهپ ۽ سرت جون ڏياٽيون اسان جي سامهون آهن. “سيوَ سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ” کان “هوءَ
جي ٽمڪي باهڙي” تائين اڌ صديءَ کان وڏو سفر آهي. ان وقت ۾ سوين ذميواريون سندس ڪلهن
تي آيون آهن ۽ هن سوين ڪتاب لکيا آهن. سوين ڪتاب لکرايا آهن، جيڪي سندس نگرانيءَ
هيٺ ڇپيا آهن.
اهو سڀ ڪجهه ان ڪري
ٿي سگهيو آهي جو سائينءَ سموري زندگي ۽ ان جو هر هڪ پل هڪ مقصد جي پنڌ تي هلندي گذاريو
آهي. هن ڪڏهن به لکڻ ۽ پڙهڻ. يعني قلم ۽ علم کي ذهني عياشي ۽ دماغي ورونهن جو وسيلو
نه بڻايو آهي، ان جي ابتڙ هن جو لکيل هر لفظ هڪ مقصد، هڪ تمنا، هڪ خواب ۽ ان جي ساڀيا
جي ڏس ۾ قدم کڻي هلي ٿو. سندس هر هڪ جملو سندس سوچ جي پاتالن کان هلندي هن جي قلم جي
نوڪ تي اچي ڪاڳر تي جرڪي پوي ٿو. ۽ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جي ڊگهي سفر ۾ هو ڪٿي به، ڪڏهن
به ٿڪو يا مايوس نه ٿيو، ڪٿي به هن ساهي نه کنئي. لڳاتار منزلون لتاڙيون فقط هڪ
منزل کي رسڻ جي لاءِ ڇاڪاڻ ته هُن ڄاتو ٿي، ته حرڪت ۾ ئي برڪت آهي پر اها حرڪت جيڪا
ڪنهن ماڳ ڏانهن ڪنهن منزل ڏانهن وٺي ويندي هجي. ۽ سندس ماڳ، جيڪو اسان سڀني جو ماڳ
به آهي، ان ڪري هي پاڻ “سنڌ منهنجي خوابن جي” جو نالو ڏئي ٿو ۽ هڪ خواب جي ساڀيان ٿيڻ
لاءِ هن ڪيترا نه پنڌ ڪيا ۽ هن ڪيترا نه ڏاکڙا ۽ ڏک ڏٺا پر هن ڪٿي به ائين نه چيو ته:
ائين ئي رهيس راهه
۾، ائين ئي هٿ هڻي،
ويا خيال کڻي، ماءِ
منهنجو ڄندڙو.
پر ان جي ابتڙ سندس
سموري زندگي لطيف جي هن بيت جو اجرو ۽ چٽو عڪس رهي:
ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙهه
چڪيائي چوٽئين
هلندي هوت پنهونءَ ڏي،
ڀو مڙيوئي ڀيل،
اٿي رائو ريل، ويٺن
تان واري وري.
سنڌ ۾ نئين علم جي
روشني پکيڙڻ ۽ جديد فڪر ۽ نظرين جا واس وٺرائڻ جي سلسلي ۾ سائين جويي صاحب جي ڀاڱي
ڀائيواري بنهه بنيادي قسم جي آهي. هن سدائين، خير، خوشي، خوبي، امن، سلامتي، سک ۽
انصاف لاءِ آواز اٿاريو ۽ بديءَ جون قوتون ۽ شر جي شيطانن خلاف علم بلند ڪيو. هن سدائين
استحصال ۽ استبداد جي دادن خلاف ببانگ دهل ڳالهايو ۽ لکيو. هن هميشه اميرن وزيرن،
وڏيرن، جاگيردارن جي ڪارستانين ۽ ڪارنامن کي بي نقاب ڪيو ۽ مذهب جي آڙ ۾ ٿيندڙ انسانيت
خلاف اڍنگاين ۽ مورک پاين کي للڪاريو.
سنڌ، ۽ سنڌي قوم، سنڌي
ٻولي، سنڌي تاريخ، سنڌي ثقافت سان جويي صاحب جو سچو عشق هو. هو خوابن جو سودائي نه
پر ساڀيائن جو سوداگر هو. هن هيترن ڪتابن ۽ ادارن جا سانگ ان عشق جي روايتن کي ان جي
حقيقي جوهر ۾ برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ رچايا. سنڌ سان عشق جو اعلان اقرار ۽ دعويٰ
ته گهڻا ئي ڪن ٿا پر ان نينهن جي ناتي سان نڀاءُ ۽ ان جي تقاضائن سان نڀاءُ ڪنهن ڪنهن
جي وس آهي. سنڌ سان محبت فقط سڏ جو نالو ناهي، پر “سر کي سٽ” ۾ ڏيڻ جو اهڃاڻ آهي ۽
جويو صاحب اهو مرد قلندر هو جنهن هر دؤر جي چوهين ۽ چٽين ڇولين ۽ سير ۾ گهاگهائي گهڙيو
آهي. هن ڪڏهن به محبتن ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي.
محمد ابراهيم جويو
حاجي جمالي
پاڪستاني اديب، ترجميڪار،
معلم ۽ دانشور، عالم، اديب ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو ۱۳ آگسٽ ۱۹۱۵ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ (۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي)
جي ڳوٺ ’آباد‘ ۾ هڪ هاريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ٽن سالن جو هو ته سندس والد محمد
خان جويو، پهرين مهاڀاري جنگ بعد پکڙيل وڏيءَ بيماريءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
تعليم
محمد ابراهيم جويي جو
ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، پر همت نه هاريندي، پرائمريءَ جا چار درجا ڳوٺ ۾ پڙهي، ۱۹۲۷ع ۾ اي. وي اسڪول، سَن ۾ داخل ٿيو، جتي سائين
جي. ايم. سيد جي مهربانين سان ٽي درجا انگريزي پڙهي، ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتائين.
جتي چوٿين کان ستين درجي تائين پڙهيو، ان زماني ۾ ستون درجو مئٽرڪ شمار ٿيندو هو،
هن ۱۹۳۴ع ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌ مدرسة السلام مان ٻِي پوزيشن ماڻي ۽ ۲۰ رپيا ماهوار اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. سنڌ
مدرسي ۾ ان وقت علامه عمر بن محمد دائود پوٽو پرنسپال هو ۽ جويو صاحب سندس لائق
شاگردن ۾ نمايان هو. جويي صاحب ۱۹۳۸ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج مان بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ کيس
ڪاليج ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جهڙن استادن جي
صحبت ۽ محبت حاصل رهي.
ملازمتي، سياسي ۽
ادبي خدمتون
۱۹۴۰ع ۾ سنڌ مدرسي طرفان بي. ٽي ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايس. ٽي ڪاليج پڙهڻ ويو، جتان
موٽندي ئي کيس ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ ’اسسٽنٽ ماسٽر‘ مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويي
زندگيءَ جو پهريون سنڌي مضمون “پڃري جا پکي” ۱۴ سالن جي عمر ۾ لکيو، سندس انگريزي ۾ پهريون
مضمون Democracy in School Administration سال ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ مدرسي جي مئگزين ’ڪرانيڪل‘ ۾ ڇپيو. سائين
جي. ايم. سيد سندس پهريون تعليمي مددگار هو. هُو ٻن مفڪرن سائين جي ايم سيد ۽ ايم.
اين راءِ کان گهڻو متاثر هو، ۽ پهرين پارٽي جنهن ۾ شموليت ڪيائين، اها هئي ايم. اين.
راءِ جي ‘Radical Democratic Party’. هُن ايم. اين راءِ جي ڪتاب ‘Historical Role of Islam’
جو سنڌي ترجمو ’اسلام جو تاريخي ڪارنامو‘ جي عنوان سان ڪيو. علمي زندگيءَ ۾ جويي
صاحب سنڌ دوستيءَ جي راھ ۾ سرڪار جا عتاب ۽ ناراضگيون به برداشت ڪيون. ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهائڻ دؤران هن هڪ ڪتاب ’سنڌ
بچايو- کنڊ بچايو‘Save Sindh، Save the Continent
from Feudal Lords، Capitalists and their Communalists لکيو، جنهن جي ڏوهه
۾ سنڌ مدرسي بورڊ جي صدر ۽ (تڏهوڪي وزير تعليم) سندس ملازمت ختم ڪرڻ جو حڪمنامو
جاري ڪيو هو. جويي صاحب جي اهليت کي مڃيندي، ٺٽي ميونسپالٽيءَ جي چيئرمئِن موليڏني
عباسيءَ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيڻ جي آڇ ڪئي، جتي ٻن سالن تائين
۲۰۰ رپيا پگهار تي پڙهايائين. بعد ۾ اهو اسڪول به سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو، جتان
بدلي ٿي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار مئن، حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماسٽر طور فرض نڀايائين. ۱۹۵۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چونڊ سان ڪلاس ٻئين
گزيٽيڊ آفيسر طور “هاءِ پاور ايگزيڪٽو ڪاميٽي فار سنڌي لٽريچر” جو سيڪريٽري مقرر ٿيو.
۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ڪميٽيءَ کي ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي نالي سان نئين سر تشڪيل ڏنو
ويو، جتي ۱۹۶۱ع تائين سيڪريٽريءَ طور جانفشانيءَ سان ڪم ڪيائين. ان دوران جويو صاحب (۵۶-۱۹۵۵) ٻه سال بورڊ جي ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر به رهيو، جنهن
دوران هُن جديد ادب جي وڏي سرپرستي ڪئي ۽ ’مهراڻ‘ جو اهو دؤر يادگار ليکيو وڃي ٿو.
۱۹۶۳ع کان ۱۹۶۷ع تائين هُو آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور، ڪراچي، ڪوئيٽا
۽ حيدرآباد ۾ رهيو، ان عرصي ۾ پنج سال اعزازي طرح سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ
رهيو. جولاءِ ۱۹۶۷ع ۾ جويي صاحب هڪ مضمون لکي ’سليم احمد‘ جي فرضي نالي سان ڇپايو، جنهن جو
عنوان هو: ’اولھ پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘. جنهن تان ناراض ٿي سرڪار کيس گورنمينٽ
هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ هيڊ ماستر طور بدلي ڪري ڇڏيو. اها سرڪاري ناراضگي پوءِ به ٿڌي
نه ٿي ۽ کيس ۱۹۶۸ع ۾ گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو پرنسپال ڪري موڪليو ويو، جتي لڳ ڀڳ ٻه
سال کن رهيو. نومبر ۱۹۶۹ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان بعد هُو سنڌ ۾ رجسٽرار ڊپارٽمينٽل ايگزئمنيشن،
ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن مقرر ٿي حيدرآباد ۾ آيو. پوءِ ۱۹۷۱ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو ميمبر به ٿيو. هن ڪيترائي
نصابي ڪتاب به لکيا. ۱۹۷۲ع ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر، بيورو آف ڪريڪيولم ائنڊ ايڪٽينشن سروسز سنڌ، حيدرآباد
مقرر ٿيو، جتان آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي ۽ بعد ۾ سيڪريٽري سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مقرر ٿيو
۽ ۱۲ آگسٽ ۱۹۷۳ع تي رٽائر ڪيائين. ابراهيم جويي جو سنڌي ادبي سنگت سان
به ابتدا کان وٺي واسطو رهيو ۽ ۵۶-۱۹۵۴ واري دؤر ۾ سنڌي ادب ۽ ادبي سنگت جي ’نئين جاڳرتا‘ (Renaissance) جو اهم اڳواڻ
رهيو. هُو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رھيو. ۱۹۷۳ع ڌاري هُن ڪجھ سڄاڻ اديبن سان گڏجي “سنڌي
اديبن جي سهڪاري سنگت” نالي اداري جو بنياد وڌو، پاڻ ان جو صدر ٿيو ۽ ان ئي پليٽ
فارم تان چاليھ کن ڪتاب چپائي پڌرا ڪيائين. ۱۹۷۳ع ۾ “سنڌ فرينڊس سرڪل” قائم ڪري، ان طرفان ۲۰ ڪتاب شايع ڪرايائين. سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو ۱۹۸۲ع کان وائيس پريزيڊنٽ رهندو اچي. پنهنجي
دوست، نامياري ليکڪ سراج الحق ميمڻ جي تحرڪ ۽ سرپرستيءَ ۾ ’سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ‘ جو
بنياد رکيائين، پاڻ ان جو وائيس چيئرمين ۽ مئنيجنگ ٽرسٽي آهي. سنڌ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ واري
عاليشان عمارت سراج صاحب ٽرسٽ کي سونپي علم ۽ قلم دوستيءَ جو ثبوت ڏنو. هن ٽرسٽ جي
ذريعي ليڪچرن جو سلسلو هلايو، جن ۾ اهم اديبن ۽ دانشورن ليڪچر ڏنا جن کي ڇپائي پڌرو
ڪيائين. جويو صاحب ۱۹۹۷ع کان ۲۰۰۲ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمئن رهيو ۽ ۱۹۹۸ع کان آخري ڏينھن تائين، مختلف مرحلن ۾ سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس، مالي ڪاميٽي، پبليڪيشن ڪاميٽيءَ ۽ ادبي تحقيقي
ڪاميٽيءَ جي ميمبر طور به ذميواريُون نڀايائين ۽ اٿارٽيءَ جي اسڪيمن ۾ مددگار
رهيو. جڏهن ۱۹۹۸ع ۾ شيخ اياز فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آيو ته کيس ان جو چيئرمئن مقرر ڪيو
ويو. ان کان علاوه پاڻ شيخ اياز چيئر، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي صلاحڪار
بورڊ جو به ۲۰۰۰ع کان آخري ڏينھن تائين رڪن رھيو. ان کان سواءِ ٿياسافيڪل سوسائٽي، حيدرآباد
جو وائيس پريزيڊنٽ پڻ رھيو.
جويي صاحب، سنڌ جي
شاعر شيخ اياز جي ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ لکيا. سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ڇپجندڙ شيخ
اياز جي سموري شاعريءَ ۽ نثر جي ۲۲ جامع جُلدن جي سربراهي پڻ جويي صاحب کي ڏني
وئي، جنهن ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري تاج جويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نامياري
اديب سراج جي لکيل اهم ڪتاب “سنڌي ٻولي” (۱۹۶۴ع) جي مهاڳ لکڻ سان گڏ جويي صاحب سوين نوجوان اديبن ۽ شاعرن
جي ڪتابن تي به مهاڳ لکيا ۽ سنڌ ۾ “مهاڳ نويسيءَ” جي فن جو استاد ليکيو ويو. هن
دنيا جي ڪلاسيڪي ادب مان خاص ڪري فڪري، نظرياتي ۽ فلسفياڻي نوعيت جا ڪيترا ڪتاب
ترجمو ڪري، سنڌي ماڻهن جي فڪري غربت جو خاتمو آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
ڪتاب
محمد ابراهيم جويي جي
ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ڪجھ اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي.
اسلام جو تاريخي ڪارنامو:
ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۴۵ع)،
Save Sindh،
Save the Continent
(۱۹۴۵)
ايميلي عرف تعليم:
جي. جي روسي جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۶۹ع)،
ٻارن جي تعليم: پليو
ٽارچ جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۷۲ع)، #وحشي جيوت جا نِشان‘:هاوَرڊ موئر جي ڪتاب ‘Savage Survivals’ جو ترجمو،
(۱۹۷۶ع)،
سنڌي زبان جي
بنيادي لغت: (وڌايل بنيادي لغت ۽ ڪاروباري بنيادي لغت)، (ساٿين سان گڏجي تيار ڪيل:
۱۹۷۶ع)،
’فِڪر جي آزادي‘:اسٽيفن
زويگ جي ڪتاب ‘The Right to Heresy’ جو ترجمو، (جون ۱۹۷۷ع)،
’گليلو ‘:برنالٽ
بريخت جي ڊرامي ‘Life of Gallileo’ جو ترجمو (۱۹۷۷ع)،
’شاھ - سچل -
سامي‘:(۱۶۸۹-۱۸۵۰- هڪ مطالعو) (۱۹۷۸ع)،
’ٻارن جو
مسيح‘:اينڊ بلائٽن جي ڪتاب ‘Children’s
Life of Christ’ جو ترجمو (۱۹۸۰ع)،
’ماڻهوءَ جو ڀاڳ‘:(ناٽڪ،
لوڪ ڪهاڻيون، شاعري وغيره) (۱۹۸۰ع)،
’عورتازاد‘
(عورتن جي تحريڪ آزادي ):ترتيب ۽ ترجمو(۱۹۸۳ع)،
’فلسفي جو
ابتدائي ڪورس‘:جارج پوليزر جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۸۴ع)،
’علم تدريس
مظلومن لاءِ‘:پائلو فراري جي ڪتاب ‘Pedagogy of the Oppressed’ جو ترجمو ۹۸۴ع)،
’مهڪريءَ جا
مضمون‘:(ترتيب، ترجمو ۽ پيش لفظ) (۱۹۸۳ع)، #’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ‘:(ترتيب)، (۱۹۸۵ع)،
’فرينچ انقلاب‘:ايميل
ايرڪمن اليگزانڊر چيتريان جي ڪتاب جو ترجمو (۱۹۹۰ع)،
’مُٺِ مُٺ
موتين جي‘:(هفتيوار ’هدايت‘، حيدرآباد ۾ ڇپيل مواد مان چونڊ)، (۱۹۹۲ع)،
’هوءَ جا ٽمڪي
باهڙي‘ (پهريون جلد ):مضمون ۽ ترجما (۱۹۹۵ع)،
’ادب - ٻولي
- تعليم‘:(هُوءَ جا ٽمڪي باهڙي‘، جلد ٻيو) (۱۹۹۸ع)،
خط ٻن اديبن
جا‘:(عبدالقادر جوڻيجي ۽ محمد ابراهيم جويي جا خط) (۱۹۹۹ع)،
’ڳالهيون ڪتابن
جون‘، ڀاڱو پهريون(۲۰۰۲ع)،
’خط ٻن اُستادن
جا‘:(محمد ابراهيم جويو ۽ غلام علي چنا) (۲۰۰۳ع)،
’ڳالهيون ڪتابن
جون‘ (ڀاڱو ٻيو) (۲۰۰۳ع)، (۲۵). خط دوستن جا (جلد پهريون: پيار، نبارُ، اٿاھُ (ابن حيات پنهور ۽ محمد
ابراهيم جويي جا خط) (۲۰۰۸ع)،
Sindh Betrayed:
Her Right to Redemption; Essays and Articles، Letters (۱۹۴۲-۲۰۰۳)، (۲۰۰۶).
ان کان سواءِ سنڌيءَ
۽ انگريزيءَ ۾ ٻولين جي مسئلي، ون يونٽ جي خاتمي ۽ ڪراچيءَ جي عليحدگيءَ جي مسئلي،
استادن، ڪريڪيولم، نصاب، ادب، سياست، شاھ لطيف، سنڌي سماج، چونڊن جي ڌار سرشتي ۽ شخصيتن
تي خاڪا ۽ ٻين موضوعن تي سوين مضمون، ڪتابچا ۽ پترا لکيل ۽ ڇپيل اٿس. جن جي ذريعي
هن سنڌ جي ٽن پيڙهين جي ذهني تربيت ڪئي.
ذاتي زندگي
جويي صاحب کي چئن پٽن
۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان نيلوفر جويو ڪهاڻيڪار هئي. مئي ۲۰۰۹ع ۾ سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ پاران
پهريون ڀيرو محمد ابراهيم جويي جي مڃتا ۾ هڪ تقريب انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي
وئي، جنهن ۾ ثقافت ۽ سياحت جي صوبائي وزير، محترمه سسئي پليجو، سنڌ اسيمبليءَ جي
اسپيڪر نثار احمد کهڙي سميت جويي صاحب جي شاگردن، مداحن ۽ اديبن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي جويي صاحب کي سنڌ جي سمورن ادبي، علمي ادارن ۽ يونيورسٽين پاران اوارڊ،
شيلڊُون ۽ گلن جا تحفا ڏئي، سندس خدمتن جو اعتراف ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ ميوزيم،
حيدرآباد ۾ ’ابراهيم جويو ڪارنر‘ پڻ قائم ڪيو ويو. پنهنجي ۱۰۰ سالگرھ ۱۳ آگسٽ ۲۰۱۵ع تي ملهايائين.
وفات
محمد ابراهيم جويو ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي ۱۰۲ سال جي عمر ۾ حيدرآباد، پاڪستان ۾ وفات ڪري
ويو. کيس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي احاطي ۾ دفنايو
ويو.
جديد سنڌ جي اڏاوت ۽ محمد
ابراهيم جويو
علي محمد ميمڻ
سنڌ جي برک ڏاهي،
اديب، ليکڪ ۽ قلمڪار محمد ابراهيم جوئي جي ۱۰۶هين سالگرهه جو اهم ميڙاڪو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن هيڊ
آفيس، ڪراچي جي مظهر ميمڻ ريسورس سينٽر ۾ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ “جديد سنڌ جي اڏاوت ۽
محمد ابراهيم جوئي جي فڪر” جي حوالي سان سنڌ جي وڏين شخصيتن طرفان سنڌ جي تاريخ،
ادب، سماج، سياست، تحريڪن ۽ نامور شخصيتن جي ڪردارن تي يادن جو مچ مچايو ويو. هن ميڙاڪي
۾ سائين محمد ابراهيم جوئي، ذوالفقار علي ڀٽو، جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، شمشير
الحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جي تاريخ ساز جدوجهد ۽ سنڌ جي بيشمار خدمتگارن ۽
خاموش ڪردارن جي ڪمن ۽ ڪارگذارين تي مقررن طرفان تفصيل سان روشني وڌي وئي ۽ تاريخي
واقعن جي دلچسپ يادن ۽ يادگيرين سان ماحول مهڪي اٿيو. ميڙاڪي ۾ جوئي صاحب جي
سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ سگا طرفان جوئي صاحب جي پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي حوالي
سان تاريخي دستاويزن ۽ تحريرن تي مشتمل انگريزي ۾ شايع ڪيل ڪتاب “The Betrayal Sindh Bides، The Day for Freedom”
جي پڻ مهورت ڪئي وئي. هن ميڙاڪي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته، “ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ايندڙ
۳۰ سالن تائين هر قيمت تي امن ۽ تعليم اوليت رهي ته، سنڌي قوم، ملڪ جي ٻين
قومن جي برابر ٿي ويندي ۽ پنهنجو گهربل مقام حاصل ڪري وٺندي”.
سگا ڪراچي شاخ
طرفان ڪوٺايل هن ميڙاڪي جي صدارت رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا ڪئي ۽ شريڪ ٻين اهم شخصيتن
۾ سنڌ جي تحريڪي ڪردارن ۾ مسعود نوراني، اشفاق احمد ميمڻ خاص معاون وزير اعليٰ سنڌ،
پروفيسر اعجاز قريشي، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، محمد ابراهيم جوئي جو فرزند محبوب
جويو، اشرف کهاوڙ، ڌڻي بخش اوٺو ايڊووڪيٽ، غلام اڪبر ملڪ، مولابخش چنڊ ۽ ٻين
پنهنجا ويچار ونڊيا. ميڙاڪي ۾ سنڌ جي جديد تاريخ، تحريڪن، فيصلن، هلچل، علمي ۽
سماجي ڪردارن ۽ محمد ابراهيم جوئي جي زندگي ۽ سندس حياتيءَ جي علمي ڪمن ۽ ڪاوشن
سان لاڳاپيل واقعن ۽ ڪتابن جي يادن جا ورق اٿلايا ويا ۽ نئين سنڌ جي تعمير جي موضوع
تي کليل نموني پنهنجا خيال پيش ڪيا.
سنڌ جي شاگردن جي ۴ مارچ واري تحريڪ جي ڪردار مسعود نوراني جو
پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته محمد ابراهيم جويو سنڌ جي تمام وڏي شخصيت هو، سندس هم
عصرن ۾ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، قاضي فيض محمد، اي ڪي بروهي، تنوير عباسي،
امداد حسيني ۽ نياز همايوني سميت سموري صديءَ جون اهم علمي، ادبي، فڪري ۽ تحريڪي ۽
سياسي شخصيتون شامل آهن ۽ انهن سان جوئي صاحب جا واسطا ۽ تعلق رهيا. مسعود نوراني چيو
ته محمد براهيم جويو پاڻ بنيادي طور تي ترقي پسند هو ۽ هن جي سموري زندگي جو محور
سنڌ هئي. جويو صاحب، مهاتما گانڌي کان متاثر هو ۽ هو عدم تشدد جو قائل هو ۽ پنهنجي
قوم کي پڻ پنهنجي حقن، ترقي ۽ تعمير لاءِ هر وقت جدوجهد ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو ۽
هو پنهنجي صحت جو خاص خيال رکندو هو. حيدرآباد ۾ پنهنجي گهر کان شهر جي مختلف هندن
تي پنڌ هلڻ پسند ڪندو هو. مسعود نوراني ٻڌايو ته هڪ ڀيري هو ساڻس گڏ سينٽرل جيل حيدرآباد
واري رستي تي وڃي رهيو هو ته، جويو صاحب رستي تي بيهي رهيو ۽ کوٽائي واري کڏ جي ڪناري
تي ويهي ماڪوڙن کي چتائي ڏسڻ لڳو، منهنجي پڇڻ تي سڏي هڪ ماڪوڙو ڏيکاريائين جنهن جي
چيلهه پڳل هئي ۽ هو مٿي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ وري ڪِري ٿي پيو ۽ اٿي وري ريڙهيون
پائي هلڻ ٿي لڳو. جوئي صاحب منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيائين ته مسعود ! “اسان جي قوم
جي به هن ماڪوڙي وانگر چيلهه پڳل آهي ۽ اسان کي پڻ هن ماڪوڙي وانگر پنهنجي جياپي
لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي”. مسعود نوراني وڌيڪ چيو ته، ابراهيم جويو صاحب حالتن مطابق
هلندو هو ۽ انتهاپسند نه هو ۽ ڪنهن به معاملي تي کلي سامهون نه ايندو هو. هن وٽ
تمام گهڻي برداشت هئي ۽ هو ناممڪن حالتن مان به امڪانن ۽ ممڪن جي ڳولها ڪندو رهندو
هو.
محمد ابراهيم جوئي
جي سالگرهه تقريب جي خاص مهمان اشفاق ميمڻ، اسپيشل اسسٽنٽ وزير اعليٰ سنڌ، پنهنجي
خطاب ۾ چيو ته، سائين محمد براهيم جوئي کي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان تمام گهڻو چاهه ۽
لاڳاپو هو. هو تعليم جي معاملي ۾ ترقي جي دنيا جي نقطن تي پنهنجي ٻولي جي ترويج ۽
ترقيءَ کي اهم سمجهندو هو. اشفاق ميمڻ ٻڌايو ته، صوبائي حڪومت جي سيڪريٽري تعليم
جي حيثيت ۾ هن سنڌ جي ٻهراڙين جي اسڪولن ۾ پنجاب وانگر سنڌ ۾ پڻ پرائمري کان
انگريزي تعليم رائج ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وارن فيصلن ۽ قدمن جي حوالي سان محمد ابراهيم
جوئي سان تمام گهڻا بحث ۽ مباحثا ٿيا پر هو پرائمري کان انگريزي بجاءِ مادري ٻولي
سنڌي کي پڙهائڻ لازمي قرار ڏيندو رهيو ۽ پرائمري کان ٻارڙن کي انگريزي پڙهائڻ جي
حق ۾ نه هو. اهڙيءَ ريت، “عقل تي محبت سرسي ۽ اوليت حاصل ڪري وئي”. اشفاق ميمڻ جو
چوڻ هو ته، پنجاب ۳۰ سال اڳ پنهنجي اسڪولن ۾ پرائمري کان ئي انگريزي تعليم رائج
ڪئي ۽ هن وقت هو تعليم ۽ جديد دنياوي تعليم ۾ سنڌ کان گهڻو اڳتي آهي. سنڌ ۾ سگا جي
خدمتن جي حوالي سان اشفاق ميمڻ جو چوڻ هو ته، سگا سنڌ جو تمام وڏو ادارو آهي، هن
جي سماجي اهميت ۽ قدر و مقام کي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ تمام گهڻو سمجهيو ۽ سنڌ جو
تعليم سان بهتر مستقبل جو لاڳاپو ۽ حال کي بهتر بنائڻ لاءِ تعليم ۽ معياري تعليم
کي عام ڪرڻ سگا جو مرڪز ۽ ڪم جو محور ۽ بنيادي نقطو بڻايو. سگا لابنگ جي حوالي سان
سنڌ ۾ پنهنجيون ڪيتريون ئي مهمون شروع ڪيون ۽ انهن مان سنڌ کي لاڀ مليو آهي. اشفاق
ميمڻ ٻڌايو ته، سگا جي تعليم عام ڪرڻ واري لابنگ جو هڪ مثال اهو پڻ آهي ته، وزير
اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان سگا جي اهم شخصيتن جي وفد خاص گڏجاڻيون ڪيون ۽ ڀٽو صاحب
سان بحث مباحثن ذريعي سنڌ ۾ تعلقي سطح تي انٽرميڊيٽ ڪاليج قائم ڪرائڻ جو فيصلو ڪرايو
ويو. اهڙيءَ ريت، سگا جا هن وقت پنهنجا به ۲۰ کان وڌيڪ روشن تارا اسڪول ۽ تعليمي ادارا هلي رهيا آهن.
اشفاق ميمڻ چيو ته، سگا جون اهڙي قسم جون مهمون سي ايس ايس، بئنڪنگ سيڪٽر ۽ دنيا
جي ٻين سمورن تعليمي شعبن ۽ مهارتن ۾ سنڌين کي پنهنجا حق ڏيارڻ ۽ رستا مهيا ڪرائڻ
لاءِ هر وقت همٿايو ويندو رهيو آهي. ان سموري سماج سڌارڪ ۽ سماجي ڪمن ۾ سگا جا
سمورا ساڃهه وند ۽ رضاڪار پنهنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪم ڪندا رهيا آهن. سگا جو
اهو فڪر ۽ عمل “هڙان ۽ وڙان ڏئي ڪم ڪرڻ ۽ پاڻ ملهائڻ” واري شعوري جذبو جو عڪاس
رهيو آهي. هن سموري تحريڪ جي اڌ صديءَ واري جاکوڙ جي مختلف رخن ۽ ڪردار تي يقينن،
تفصيلي نموني تحقيق ڪرڻ ۽ ريڪارڊ تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو
ته، سائين ابراهيم جوئي جا مختلف علمي موضوعن، تعليم، ادب، عالمي ادب ۽ دنيا جي
شاندار ۽ اهم ڪتابن جا ترجما ٿيل آهن، جيڪي گذريل صدي کان پڙهندڙ جي اڃ اجهائيندا
رهيا آهن ۽ اها تخليق ۽ شاهڪار ڪتاب صدين تائين پڙهندڙن جي علم ۾ واڌارو ۽ رهنمائي
ڪندا رهندا.
تقريب ۾ سنڌ گريجويٽس
ائسوسئيشن جي چيئرمين رفيق احمد جعفري پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته، محمد ابراهيم
جويو سنڌ آهي ۽ سنڌ محمد ابراهيم جوئي کانسواءِ نامڪمل آهي. سندس صد ساله تقريبات
۽ ڪتابن جي اشاعت لاءِ هلايل مهم ۾ شريڪ ۽ شامل رهي ۽ هڪ وزني ڪتاب سگا کي شايع ڪرڻ
جو اعزاز حاصل ٿيو، جنهن جي ڪجهه سال اڳ مهورت ته ڪئي وئي هئي پر ڪراچي ۾ سگا جي
مرڪز ۾ سائين جوئي صاحب جي ۱۰۶هين سالگرهه واري ميڙاڪي ۾ ان ڪتاب جي مهورت ڪري پنهنجو
اهو فرض ۽ قرض پڻ ادا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته، جوئي صاحب جي سالگرهه جي حوالي سان ۱۳ آگسٽ يا ۲۲ آگسٽ وارو تڪرار ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، سال
جا سمورا ڏينهن محمد ابراهيم جوئي جا ئي ڏينهن آهن.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد ۾ ۲۵ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
سائين ابراهيم جويو جي
ياد ۾
ادل سولنگي
نئين سنڌ اڏڻ جي
لاءِ علمي ۽ عملي جدوجهد ڪندڙ، سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو، زندگيءَ جا سمورا
پل پهر سنڌ جي فڪري اڏات واري ڪرت ۾ ڪتب آڻيندي ۹ نومبر ۲۰۱۷ع تي سنڌ واسين جي اکين ۾ وڇوڙي جا وڍ ڏئي
سنڌ امڙ جي هنجهه ۾ سدائين لاءِ وڃي آرامي ٿيو. محمد ابراهيم جويو لڪي تيرٿ ڀرسان
هڪ ننڍڙي ڳوٺ آباد ۾ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو.
اڳتي هلي محمد
ابراهيم جويو سائين جي ايم سيد جو سندس فڪري جدوجد ۾ ساٿاري ۽ ٻانهن ٻيلي بڻيو ۽ وڏي
حد تائين سنڌ جي روشن خيالي واري تحريڪ جو روح
روان به بڻجي ويو، محمد ابراهيم جويو، سنڌ ڌرتيءَ جي سڀاڳ جي علامت ۽ اهڃاڻ
رهيو، جنهن سموري زندگي علم ۽ شعور، ڏات ۽ ڏاهپ، فن ۽ فڪر، حب الوطني ۽ روشن
خيالي،سهپ ۽ رواداري، سياسي ۽ سماجي سجاڳي لاءِ پاڻ پتوڙيو، زندگيءَ جي آخري گهڙين
تائين سائين محمد ابراهيم جويي علم ۽ شعور جون مشعلون ٻاري سنڌ کي شعور جي روشني ڏيندو
رهيو، جنهن جي علمي، ادبي جاکوڙي جدوجهد ۽ هڪ مڪمل صديءَ جي تاريخ جو مشاهدو آهي
ته هن سنڌ جي علمي، ادبي سنوار ۾ پنهنجون سموريون صلاحيتون ڪتب آڻيندي لازوال مثال
قائم ڪيو.
سائين محمد ابراهيم
جويي پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات سنڌ مدرسي کان ڪئي ۽ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ
سنڌ سان مستقبل ۾ ٿيندڙ سازشن ۽ ويساهه گهاتين جو ادراڪ رکندي ”سيو سنڌ، سيو سب ڪانٽيننٽ /سنڌ
بچايو، کنڊ بچايو“ جهڙو لازوال ڪتاب تخليق ڪيو. جنهن جي پاداش ۾ ان وقت جي تعليم
جي وزير” پير الاهي بخش کيس نوڪريءَ تان لاهي ڇڏيو، ياد رهي ته پير الاهي بخش سنڌ
مان سنڌي ٻوليءَ کي نيڪالي ڏيڻ ۾ ڌارين جو ساٿ ڏيندي سڀ کان پهرين ڪراچي شهر مان ۱۳ سئو سنڌي اسڪول بند ڪرايا هئا.
سائين محمد ابراهيم
جويو، اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جي جدوجهد ۾ سنڌ ۽ سيد سان گڏ ايوبي
شاهيءَ سان مهاڏو اٽڪائي پاڻ ملهايو، جنهن جي ڏوهه ۾ کيس ڪوهاٽ بدلي ڪيو ويو هو،
سائين محمد ابراهيم جويو سنڌي ادبي سنگت کي سنڌ جي ترقي پسند ۾روشن خيال تنظيم طور
نه رڳو قبوليو پر ان مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل رهندي
ان جي زيادتين جي رهنمائي ڪندو رهيو. جويو صاحب ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان گڏ سنڌ
هاري ڪميٽي جي مقصدن سان سهمت ٿيندي ان جدوجهد ۾ شامل رهيو، پنهنجي شاگرد رسول بخش
پليجي جي عوامي تحريڪ کي به پنهنجي اخلاقي،
علمي، ادبي ۽ سياسي حمايت سان اڳتي وڌايو. هو مارڪسوادي هجڻ باوجود هتان جي اشتراڪين
سان قومي سوال تي سدائين ٽڪراءَ واري
پوزيشن ۾ رهيو.
سائين محمد ابراهيم
جويو آزاد سنڌ ۽ سيڪيولر سماج جو حامي ۽ گهرجائو هئو، جنهن لاءِ سندس ڪوششون جاري
رهيون. سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري، چيئرمين رهندڙ سائين محمد ابراهيم جويي ”مهراڻ“
کي جيڪو مٿاهون مقام ڏياريو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي نيڪ ناميءَ لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيو
اهو به تاريخ جو اهم حصو ۽ سندس علمي ادبي ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو هڪ اعليٰ مثال
رهيو آهي، سنڌ جي نصاب کي سيڪيولر، روشن خيال ۽ انسان دوست بڻائڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ
بوڪ بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڪيل سندس پورهيو سدائين ياد رکيو ويندو. سائين
محمد ابراهيم جويو سرونٽس آف سنڌ، سوسائٽي ۽ سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جي بينر هيٺ
ڪيترا ئي ڪرائتا ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي..
سائين جويي صاحب
شاهه سچل سامي، سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي بابت ڪتاب لکڻ سميت عالمي ادب جي
شاهڪار ڪتابن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو. سندس ترجمو ڪيل
ڪتابن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ هڪ نئين روشني ۽ شعوري انقلابي هلچل پيدا
ڪئي. سياسي ادارن ۾ سائين محمد ابراهيم جويي جي ترجمو ڪيل ڪتابن کي اسٽڊي سرڪل ۾
باقائدگي سان پڙهايو ويندو هيو.
سائين جي ايم سيد
نئين سنڌ جو خواب ڏٺو، ان خواب جي ساڀيان لاءِ محمد ابراهيم جويي زندگيءَ جي هر گهڙي
جدوجهد ۾ گذاري ڪندي.هن نئين سنڌ ۾ علمي سجاڳي پيدا ڪري روشن خيال ذهن پيا ڪيا،
جنهن پنهنجي قلم ذريعي روسو ۽ والٽيئرجيان ڪردار ادا ڪيو. وطن دوستي، سماجي انصاف،
جمهوري سماج جي اڏاوت لاءِ علمي ادبي
ميدان ۾ ڪيل سندس جدوجهد سماج جي اڏاوت لاءِ
علمي ادبي ميدان ۾ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.
سائين محمد ابراهيم
جويو سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ واري عملي جدوجهد ۾ سنڌي ادبي سنگت
جي اڳواڻي ڪئي ۽ سنڌ دشمنن، رٿائن ۽ سازشن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. سائين محمد ابراهيم
جويي سنڌ ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيارڻ جي حق کي مڃرائڻ لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي.
جرمن ڏاهي ارنيسٽ ٽرمپ
شاهه لطيف جي دنيا ۾ هڪ وڏي شاعر طور سڃاڻپ ڪرائي ۽ شاهه سائين جي شاعريءَ تي تحقيق
ڪري دنيا جو وڏو شاعر قبول ڪرايو، اهڙي طرح سائين محمد ابراهيم جويي سنڌ جي ويهين
صديءَ جي وڏي شاعرشيخ اياز جي سڃاڻپ ڪرائي، هن شيخ اياز کي سنڌي شاعريءَ جي اوچي پد
تي ويهارڻ لاءِ پنهنجون علمي، ادبي، صلاحيتون ڪتب آڻيندي شيخ اياز کي سنڌ جي ٻولي
جي نج پڻي ۽ ڪارائتي نموني ٻوليءَ جو استعمال ڪرڻ سان شيخ اياز کي صدين جو سرجڻهار
بڻائي ڇڏيو.
سائين جي ايم سيد،
حشو ڪيولراماڻي، عمر بن محمد دائود پوٽو، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪامريڊ سوڀو
گيانچنداڻي، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، پير حسام الدين
راشدي، رسول بخش پليجو، رشيد ڀٽي، سرالج الحق ميمڻ، شمشير الحيدري، حميد سنڌي، غلام
محمد گدائي، غلام مصطفيٰ شاهه، عبدالڪريم گدائي، سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي،
منشي ابراهيم، استاد بخاري، تنوير عباسي، ڄام ساقي، عبدالواحد آريسر وانگر سنڌ جي
علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي ورثي جي وارثي ڪندڙ ۽ ان شعوري روايت کي حب الوطنيءَ سان
سلهاڙي نئين نسل ڏانهن پنهنجي قومي ورثي کي منتقل ڪرڻ واري عملي جدوجهد جو مهندار ۽
نئين نسل جو سونهون رهندڙ هڪ باڪردار عالم، اڪابر، اديب، دانشور، تعليمي ماهر جو
رتبو ماڻيندڙ سائين محمد ابراهيم جويو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار، علم جي روشني ڦهلائڻ
واري صالح عمل کي ورجائيندي گذاري، جنهن پنهنجي نيڻن ۾ اڻيل پنهنجي خوبصورت خوابن
واري سنڌ جي نئين سر اڏاوت ڪندي زندگيءَ جا سمورا پل پهر ارپي ڇڏيا، جنهن سنڌ ۾
علم ۽ ادب جا واهڙ نه پر ڪيئي درياهه وهائي سنڌ جي ذهنن کي زرخيرز بڻائي ڇڏيو.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
سائين محمد ابراهيم جويو
سنڌ جو عظيم ڏاهو علمي
ادبي شخصيت
نور سنڌي
سائين محمد ابراهيم جويو سنڌ جو
عظيم ڏاهو، علمي ادبي، شخصيت، دانشور ھو سندس علمي ادبي دنيا ۾ ڪيل خدمتون اڻ
وسرندڙ آهن. پاڻ سنڌ جو قومي سرمايو آهي، سندس شخصيت اسان سنڌ واسين لاءِ هڪ
يونيورسٽيءَ جي حيثيت رکي ٿي. پاڻ تعليمي ماهر، شفيق استاد، اديب، دانشور، ترجما
نگار رھيو. پاڻ سنڌي ٻوليءَ لاءِ پتوڙيو، خاص ڪري جڏهن پاڪستان ٺهڻ بعد سنڌي ٻوليءَ
کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ته پاڻ ان خلاف سراپا احتجاج بنجي ويو. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ
فارم تان احتجاجي مهم جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان خلاف اخبارن ۾ مضمون لکيا، جنهن جي نتيجي
۾ سنڌي ٻوليءَ کي صوبي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏنو ويو. ۱۹۴۶ع ۾ پاڻ انگريزيءَ ۾ ڪتاب ”سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ“ سنڌ بچايو کنڊ کي
بچايو لکي ڀنڀور کي باهه ڏيڻ وارو مثال قائم ڪيو. ان ڪتاب جو ٽائيٽل ڏاڍو خوبصورت
۽ معنيٰ خيز هو. ٽائيٽل تي سنڌ جو نقشو هو، حقيقت تي مبني مواد واري اهڙي ڪتاب تي
وقت جا حڪمران مٿس ناراض ٿيا جويو صاحب ان وقت سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ استاد هو ۽ کيس
ان ڪتاب لکڻ جي ڏوهه ۾ سنڌ مدرسي جي ان وقت جي صدر پير الاهي بخش ملازمت تان هٽائي
ڇڏيو. ون يونٽ خلاف سندس وڏي جدو جهد رهي ۽ ان ڏوهه ۾ کيس ۲ سالن لاءِ صوبي بدر ڪيو ويو. پاڻ لاتعداد مختلف ٻولين جي ڪتابن کي سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪيو. جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪارن مان هڪ
ھو، پاڻ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جون سرگرميون جاري رکيون. ان کان اڳ پاڻ مشهور
اديب ڊاڪٽر گر بخشاڻي جي سرپرستي هيٺ هلندڙ سنڌي ادبي سرڪل ۾ سرگرم رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ چونڊيل اسيمبلي ۾ جيڪي سنڌي ٻولي لاءِ انگريزي ۾ پيش ڪيل ٺهراءَ جي
نظرثاني ڪندڙن ۾ سائين جي ايم سيد، علي محمد راشدي، عبدالستار پيرزادو، محمد
ابراهيم جويو هو. نوان ليکڪ پيدا ڪرڻ ۽ اڀرندڙ ليکڪن جي همٿ افزائي ۽ کين اڳتي آڻڻ
۾ سندس شاندار ڪردار رهيو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين سان ٿيندڙ ويساهه گهاتين، سنڌ جي
حقن، سنڌ جي ٻولي ثقافت جي حفاظت لاءِ هر دور ۾ محمد ابراهيم جويو جو هڪ ليکڪ هڪ
دانشور هڪ ڏاهي جي حيثيت سان شاندار ڪردار رهيو، ان حوالي سان پاڻ لاتعداد مضمون
لکيا کيس سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، سڌاري جو فڪر رهيو، ان حوالي سان مختلف اخبارن، رسالن
۾ سندس مضمون شايع ٿيندا رهيا آهن. پاڻ جڏهن پاڪستان ٽيڪسٽ بورڊ سنڌ لاءِ انچارج
مقرر ڪيو ويو، ساڳئي وقت پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري طور ادب لاءِ پاڻ
پتوڙيو ساڳئي وقت پاڻ سليم احمد جي فرضي نالي سان انگريزي ۾ هڪ وال بروشر ”لينگويج
پرابلم ان ويسٽ پاڪستان“ لکيو جنهن ۾ جويو صاحب پاڪستان جي قومي زبانن جي اهميت ۽
تاريخ بابت ملڪ اندر ٻولي جي مسئلي کي بهترين حل ڏنو. جڏهن اهو راز راز نه رهيو ۽ ڳالهه
کلي ته اهو پمفليٽ محمد ابراهيم جويو جو لکيو ته وقت جي حڪمرانن کيس بدلي ڪري سزا
طور جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو. ته جيئن هو گهر کان پري رهي ڀلي
پريشان ٿئي پر پاڻ اتي رهي به پنهنجو قومي ادبي ڪم جاري رکيو. شيخ اياز جي معرفت
ترقي پسند ادبين، دانشورن لاءِ پاڪستان ادبي انجمن نالي تنظيم جو قيام آندو. ان جو
پڌرنامو اردو، انگريزي، بنگالي، پشتو، سنڌي ۾ ڇپايو ويو. جنهن وڏي هلچل مچائي ڇڏي،
۽ اها ڳالهه راز نه رهي ۽ حڪمرانن مٿس وڌيڪ نارض ٿي سزا طور کيس پشاور موڪليو ۽ آرڊر
۾ لکيو ويو ته کيس جتي ماڻهن سان سندس رابطو گهٽ رهي اتي رکيو وڃي ۽ کيس ڪوهاٽ ٽريننگ
ڪاليج ۾ پرنسيپل طور مقرر ڪيو ويو.
محمد ابراهيم جويو سن ويجهو ڳوٺ
آباد ۾ ۱۹۱۵ع ۾ ڄائو، ننڍڙي ڄمار ۾ پهرين
سندس والد پوءِ امڙ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس پالنا سار سنڀال سندس ڏاڏي
ڪئي. ۴ درجا پنهنجي ڳوٺ ۾ ۵ درجو ڳوٺ تيرٿ لکي ۾ فائينل، اي وي هاءِ اسڪول سن ۾ڪئي. جتي سندسن ملاقات
سائين جي ايم سيد سان ٿي ۽ هنن جي دوستي ٿي وئي. ميٽرڪ ۱۹۳۰ع ۾ سنڌ مدرسو ڪراچي مان پاس ڪيائين جتي سندس استادن ۽ ان دور جون مشهور
علمي ادبي شخصيتون، ڊاڪٽر گر بخشاڻي، پروفيسر منگهارام، پروفيسر ٽي ايم آڏواڻي، ڊاڪٽر
ڊيو آرٿ، ڪاڪا ڀيرو مل، مهر چند ۽ ٻيا هئا. اتان بي اي پاس ڪري ۱۹۳۸ع ۾ انهيءَ اداري ۾ استاد طور مقرر ٿيو. سندس سيو سنڌ سيو دي ڪانٽيننٽ لکڻ
جي ڏوهه ۾ نوڪري ختم ٿيڻ بعد ڪجهه سال بيروزگار رهيو ۽ ۱۹۴۹ع ۾ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽو ۾ هيڊ ماستر طور مقرر ڪيو ويو، جتي شاگردن
۾ غير نصابي سرگرميون شروع ڪيون ٺٽو ۽ جيڪب آباد جي ان وقت جي اسڪولن جي استادن ۽
شاگردن جو چوڻ آهي ته پاڻ شفيق استاد هو. والدين جهڙو پيار ڏيندو هو، ڪڏهن به
شاگردن کي مار نه ڏني، بي عزتو نه ڪيو. هر ڳالهه پيار سان سمجهائيندو هو. شاگردن
کي اولاد وانگر سمجهندو هو، سندس پڙهائڻ جو طريقو اهڙو ته پر اثر هو جو شاگرد
چاهيندا هئا ته سندس پيرڊ ختم ئي نه ٿئي. انهن اسڪولن ۾ شاگردن جا ڊراما، ڊبيٽ
پروگرام به ڪرايا. ۽ شام جو اسڪول جي گرائونڊ تي شاگردن سان گڏ راند روند به رهندو
هو. ۱۹۵۴ع ۾ هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي
فار سنڌي لٽريچر ۾ نالو ڏنو ويو ان جو ۱۰ سال سيڪريٽري مقرر رهيو. ان دوران به پاڻ سنڌي ادب جي بي مثال خدمت ڪئي. ۳ ماهي مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر به رهيو. ۱۹۶۱ع ۾ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ۾ پبليڪيشن آفيسر آن اسپيشل ڊيوٽي
مقرر ڪيو ويو. ان بعد ساڳئي بورڊ جو حيدرآباد، ڪراچي، ڪوئيٽا ريجن جو انچارج رهيو.
۱۹۶۸ع گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج ڪوهاٽ
جو پرنسيپل، ۱۹۷۰ع ۾ حيدرآباد ڊويزن تعليم کاتي
۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. ساڳئي سال کيس سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۱ع ۾ تعليم کاتو خيرپور ڊويزن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر رهيو. پاڻ ۱۹۷۳ع ۾ بيورو آف ڪريڪرلم اينڊ ايڪٽينشن سروس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ٿيو ۽ انهيءَ سال
ان عهدي تان ريٽارئرڊ ٿيو.
سندس اهم ادبي ۽ نصابي ڪتاب ۾
روسو جي ايملي جو ترجمو، بليو ٽارچ مضمون ٻارن جي تعليم جو ترجمو، سنڌي پهريون ڪتاب
سنڌي بالغن جي تعليم جا ۳ ڪتاب، سنڌي
ريڊر درجو چوٿون، سنڌي سپليمينٽري، درجو ڇهون، سنڌي اختياري درجو ڇهون، پاڪستان جي
تاريخ لازمي درجو نائون ۽ ڏهون، دنيا جي تاريخ جو ترجمو، درجو نائون ۽ ڏهون، ٽيچرس
گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو ٻيون ۽ ٽيون، ٽيچرس گائيڊ ٽوٽيچنگ آف سائنس درجو چوٿون
۽ پنجون، فلسفي جو بنيادي ڪورس، ترجمو گئليلو، ترجمو، ٻارن جو مسيح، ترجمو فڪر جي
آزادي، ترجمو شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، وحشي جيوت جا نشان ترجمو، محڪري
جا مضمون ترجمو، ڳالهيون، ڪتابن جون، ٻولي ادب تعليم، اسلام جو تاريخ نامون ترجمو،
اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، ماڻهو جو ڀاڳ، خط ٻن استادن جا، مٺ مٺ موتين جي، عورت
زاد، علم تدريس مظلومن لاءِ ترجمو”فرينچ انقلاب“ ترجمو، سيو سنڌ، سيو دي ڪانٽيننٽ،
دي نيشن ان چينس ترجمو، پاڻ شاعري تي به عبور رکي ٿو. سنڌي شاعري جو بهترين پارکو
آهي. پاڻ شيخ اياز جي ڪيترن ئي شاعري جي مجموعن جا خوبصورت مهاڳ لکيا. هر اديب، هر
شاعر چاهي ٿو ته سندس ڪتاب جا مهاڳ سائين محمد ابراهيم جويو صاحب لکي. پاڻ سچو
قومپرست ھو. مهان شاعر شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو سنڌي
شاعري جو وڏو پارکو آهي، هو لکي ٿو ته سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي ۽ محمد
ابراهيم جويو اهي ۳ شخصيتون
آهن جن منهنجي ننڍڙي عمر ۾ تربيت ڪئي آهي. جي مان انهن سان نه ملان هان ته مان، مان
نه هجان هان، انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي جيئن رومي جي شمس تبريز
سان رهي آهي. مشهور شاعر ليکڪ تاج جويو، محمد ابراهيم جويو بابت لکيل هڪ مضمون ۾
لکي ٿو ته محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز جي دوستي ۽ رفاقت فڪري رهي آهي، ان
دوستيءَ جو محور ۽ محرڪ فقط سنڌ رهي آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پنهنجي هڪ مضمون
۾ لکي ٿو ته، سنڌ جا ناميارا اديب حفيظ شيخ، سراج ميمڻ، رشيد آخوند، خواجه سليم، اياز
قادري ۽ ٻيا ڪيترائي محمد ابراهيم جويو جي ميزباني ۾ سنڌ ادبي سنگت جون ڪراچي ۾ ٿيندڙ
گڏجاڻين ۾ نپجي وڏا عالم ۽ اديب ٿي نڪتا آهن. پاڻ ڪيترن ئي اديبن جي ڪچين ڦڪين لکڻين
کي درست ڪري سنواري مهراڻ رسالي ۾ شايع ڪيو. شيخ اياز کي همٿائڻ ۽ مٿي آڻڻ ۾ پڻ
سندس جاکوڙ ۽ ڪردار آهي. محمد ابراهيم جويو صاحب مارڪسٽ آهي، پاڻ سياسي ڄاڻ رکندڙ
شريف انسان تقرير، ۽ گفتگو جو جادو ئي انداز هر ڳالهه دليلن سان مڃائيندڙ پاڻ وڏا
سهپ وارا گهڻ سهو. پاڻ ڪچهريون جو ڪوڏيو ھو هر ساڃاهه وند ماڻهو جي خواهش رهي ٿي
ته هو جويو صاحب سان ملي ۽ ڪچهري ٻڌي. سندس لفظ موتين جي مالها وانگر آهن پاڻ سچ
چوندڙ صاف دل ۽ هر ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ رهيو، سنڌ جو ھيءُ عظيم شخص ۹نومبر ۲۰۱۷ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. اڄ سندس ۵ ورسي ملھائي پئي وڃي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۹ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا