; سنڌي شخصيتون: عبدالله چنا

28 June, 2019

عبدالله چنا


عبدالله چنا

مشهور سنڌ دوست ڪامورو، عبدالله چنا، ۲۳ مئي ۱۹۰۲ع تي پاٽ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين، جنهن بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ انگريزي پڙهڻ ويٺو. هوشيار ۽ ذهين هجڻ سبب سندس اڌ في معاف ڪئي وئي. انگريزيءَ جا چار درجا پڙهي، ۱۹۱۸ع ۾ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيو، جتان ۱۹۲۱ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ۱۹۲۱ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۲۵ع ۾ بي. اي ڪيائين ۽ ۱۹۲۷ع ۾ مختيارڪار ٿيو. بعد ۾ روينيو کاتي، نوابشاهه ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو، جنهن بعد مختيارڪار ٿيو. 


سال ۱۹۳۸ع ڌاري، جڏهن پير الاهي بخش روينيو جو وزير هو ته عبدالله چنا، سندس پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو. سال ۱۹۳۹ع ڌاري، سنڌ جي وزيراعظم Prime Minister مير بنده علي خان جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿيو. سال ۱۹۴۲ع ڌاري عبدالله چنا، لاهور ۾ سول ڊفينس ڪاليج ۾ هوائي جهازن جي بچاءَ جو آفيسر اول مقرر ٿيو. ان کان پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ هوائي جهازن جو آفيسر ٿي رهيو. ۱۹۴۵ع ۾ کيس ڪورٽ آف وارڊس جو اسسٽنٽ مئنيجر بنايو ويو. عبدالله چني، ۱۹۴۸ع ۾ سنڌ لا ڪاليج جو بنياد وڌو. جنهن ۾ روينيو جا قانون پڙهائيندو هو. ڪيترا سال ڪاليج جي بورڊ جو چيئرمئن پڻ رهيو. ۱۹۵۵ع ۾ جيڪب آباد جو ڪليڪٽر رهيو. ان بعد سيڪريٽريٽ ۾ روينيو کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري، تعليم کاتي جو سيڪريٽري رهيو. ان کان سواءِ ڪجهه عرصي لاءِ لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ صحت کاتي ۾ به رهيو. ۱۹۵۶ع ۾ حيدرآباد جو ڪليڪٽر ۽ ۱۹۵۷ع ۾ خيرپور جو ڪليڪٽر رهيو. ۱۶ آگسٽ ۱۹۵۷ع تي رٽائر ڪيائين. ان کان پوءِ عبدالله چنا کي ۱۹۶۰ع ۾ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. جنهن دوران راڻي باغ ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ جانور رکرايائين. عبدالله چنا، حيدرآباد ۾ گدوءَ ويجهو هڪ هاءِ اسڪول تعمير ڪرايائين ۽ نياز اسٽيڊيم جو بنياد وڌائين. حيدرآباد جو اوپن ايئر ٿيٽر به عبدالله چنا جي محنتن جو نتيجو آهي. ۱۹۶۲ع ۾ ميونسپالٽيءَ جي عهدي تان استعيفا ڏنائين، جنهن بعد ۱۹۶۳ع ۽ ۱۹۶۴ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو اعزازي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.
جڏهن مارچ ۽ اپريل ۱۹۶۵ع ۾ هندستان سان پاڪستان جي رڻ ڪڇ جي مسئلي تي جنگ ٿي ته هندستان ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇري جي ڪجهه تپن تي قبضو ڪري ويو. پاڪستان جي اعتراض تي ان مسئلي جي حل لاءِ جنيوا ٽربيونل قائم ٿيو، جنهن جو صدر سوئيڊن جو چيف جسٽس هو. هندستان يوگوسلاويه جي هڪ رڪن نصرالله انتظام کي پنهنجو مشير مقرر ڪيو. ٻنهي ڌرين پنهنجا ڪيس تيار ڪيا، جنيوا ۾ ڪارروائي ٿي. پاڪستان طرفان خانصاحب عبدالله چنا ڪيس جا ڪاغذ تيار ڪيا ۽ مدد لاءِ پاڪستان حڪومت کان قانوندان گهُريا. منظور قادر حڪومت طرفان مقرر ٿيو، جنهن پنهنجي مدد لاءِ هڪ اسسٽنٽ منتخب ڪيو. اُن تي عبدالله چنا سرڪار کي لکيو ته هن جي خواهش آهي ته ڪنهن اهڙي قانوندان کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي مڪمل ڄاڻ رکندو هجي ته جيئن جتي به حوالن جي ضرورت پوي ته اهي حوالا ڏنا وڃن. اُن ڏس ۾ عبدالله چنا مشهور قانوندان منظور قادر جي مسلسل مدد ڪئي. اُن ۾ هن نامور استاد ۽ تاريخدان رائچند راٺوڙ جي ڪتاب ’تاريخ ريگستان‘ ۾ موجود معلومات ڪم آندي. ڇهه مهينا ڪيس هليو. ججن فيصلي لکڻ ۾ اٺ مهينا لڳايا ۽ ۱۰۰۰ صفحن تي فيصلو لکيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته رڻ ڪڇ سرسبز علائقو، جيڪو سنڌ سان گڏوگڏ هلي ٿو، اهو پاڪستان جو آهي. هن ڪيس کي کٽڻ ۾ عبدالله چنا جو ڪردار تاريخ وساري نه سگهندي.
۱۹۷۴ع ۾ سرڪار کيس فيڊرل لئنڊ ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو. ۱۹۷۹ع ۾ عبدالله چنا کي لوڪل گورنمينٽ جي قانون ٺاهڻ لاءِ ڪميشن جو ميمبر ٿيڻ جي آڇ ٿي، پر هن اُها آڇ قبول نه ڪئي. هن ۷ اپريل ۱۹۸۹ع ڌاري حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه قاسم آباد، فيز-I جي قبرستان ۾ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا