عبدالڪريم ”گدائي“
[ ۱۹۷۸ع – ۱۹۰۱ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
سنڌ جو
جهونو اديب، ڪهنه مشق شاعر ۽ قومي ورڪر، محترم عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري
بلوچ، ۲۴ شوال ۱۳۱۹هه مطابق پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي،
ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٺل مان وٺي، جيڪب
آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازم بڻيو. چئن سالن بعد اُتان استعفا ڏئي، خان صاحب
بهادر خان کوسي جي پٽن: مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جن جو خانگي طرح ”ٽيوٽر“ (Tutor) مقرر ٿيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ لطف
الله بدويءَ جي صحبت مان سخن جي ميدان تي ”گدائي“ تخلص سان پاڻ کي پڌرو ڪيائين.
۱۹۳۲ع کان نهايت ئي بيباڪيءَ سان ”تحريڪ آزاديءَ“ واري هلچل ۾ ڀرپور ڪردار ادا
ڪندي، ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ“ جو سيڪريٽري پڻ منتخب ٿيو. پوءِ ته فرنگين (انگريزن)
خلاف خوب نظم لکڻ لڳو. ورهاڱي بعد ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ ۾ شموليت اختيار ڪيائين؛ ۽
عوامي شعر لکڻ شروع ڪيائين. ”۴– مارچ
تحريڪ“ توڙي ”ون يونٽ“ خلاف به خوب آواز اُٿاريائين. سندس تصنيفات حالانڪ ايتريون
گهڻيون ناهن، مگر ”ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا“ – مصداق ”خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“
(۱۹۶۵ع – تاريخ)، ”ساڻيهه جا سور“ (۱۹۶۵ع – شاعري)، ”پکڙا ۽ پنهوار“ (۱۹۷۵ع –
شاعري) ۽ ”پيماني تي پيمانو“ سنڌي ادب ۾ بهترين ڪتاب تسليم ڪيا پيا وڃن. هيٺ
”عريبن جي عيد“ عنوان سان سندس هڪ نظم مان چند مصرعون نموني طور ڏجن ٿيون:-
خدايا
تون دنيا جو داتار آهين – جيارين يا مارين ته مختيار آهين!؛
اڙين ۽
اڌينن جو آڌار آهين – چون ٿا، ستر پوش ستار آهين!.
تون
ڄاڻين ٿو سڀ ڪجهه، چئي ڇا ٻڌايان ؟
خوشيون
عيد واريون، ڪٿان اڄ ملهايان ؟
نه
ٻچڙن کي چولو، نه عورت کي چادر – نه پنهنجي بدن تي، لنگوٽي برابر!؛
نه
پٽڪو مٿي تي، نه پيرن ۾ پادر – سندم ڏوهه ڪهڙو آ خلاق – اڪبر!.
گهرن ۾
اميرن جي کانا پچن ٿا – حويليءَ ۾ خونچا، اچن ۽ وڃن ٿا؛
ننڍا ۽
وڏا سڀ، خوشيءَ ۾ نچن ٿا – ڏسي ٻار پنهنجا مونکي وٽ پون ٿا.
اوهانجا
عجب راز باريڪ يا رب – تون رزاق سڀ جو، اهو ٺيڪ يار رب!؛
رهين
ٿو جي شهرڳه جي نزديڪ يا رب – ته منهنجي دنيا، ڇو آ تاريڪ يا رب؟
ڪڏهن
ڪا خوشين جي به تمهيد ٿيندي ؟
اسان
جي به يا رب ڪڏهن عيد ٿيندي ؟
(۱) – اِنهيءَ
سلسلي ۾ ”گدائي“ صاحب جا شروعاتي اشعبار ”سنڌ زميندار“ (سکر)، ”سنڌو“ (شڪارپور)،
”فرنٽيئر گزيٽ“ (جيڪب آباد) ۽ ”صداقت) (شڪارپور) رسالن ۾ پڻ ڪثرت سان شايع ٿيڻ لڳا.
(۲) – سندس
انهن قومي خدمتن عيوض ۱۹۶۰ع ۾
حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سـؤ روپيه ماهيانه وظيفو به ملڻ شروع ٿيو، جيڪو تاحيات
حاصل ڪندو رهيو.
عبدالڪريم گدائي
پکڙا ۽ پنهوار وارو
گدائي
پروفيسر نذير احمد سومرو
ماضيءَ
جي يادن جا نقش، زندگيءَ جي تصور جي رُخ تي نمايان ٿي بيهي رهيا آهن. هاڻي ته عُمر
عزيز اڌ صديءَ کان به تجاوز ڪري چُڪي آهي. ياد ٿو پئي اُهو سال ۱۹۶۸ع وارو زمانو هو. صوبو سنڌ بدنام زمانه ”ون يونٽ“ جي قهري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل
يا ايئن کڻي چئجي ته چوکنڀو ٻڌل هو. ان زماني ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته فقط ٻن سالن کان
پوءِ ان وقت جي پاڪستاني صدر آغا يحيٰ خان جي مارشل لا جي هڪ فقري سان ”ون يونٽ“
ڪنهن ڀُتي ڀت وانگر اچي ڦهه ڪري ڪري پوندو ۽ سنڌ صوبو ۱۹۳۵ع واري انڊين ايڪٽ تحت پنهنجي صوبائي اصلي شڪل ۽ حالت وٺندو، جيڪا کيس
ممبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل هجڻ ڀيري حاصل هئي.
پاڪستان
ٺهڻ کان ڪجهه ورهيه پوءِ، اسان جي حيدرآباد ۾ رسالو ”روح رهاڻ“ ٻيو جنم وٺي، سنڌ
جي هڪ اڀرندڙ نوجوان اديب حميد سنڌيءَ جي نگراني ۾ شايع ٿيڻ لڳو هو. ان کان اڳ ۾ ۱۹۲۲ع ۾ پڻ ”روح رهاڻ“ رسالو حيدرآباد سنڌ مان سنڌ جي هڪ نامور اديب ڪاڪي ڄيٺمل
پرسرام گلراجاڻيءَ جي ادارت هيٺ شايع ٿيندو هو. اڳتي هلي، يعني ٽن سالن کان پوءِ،
ان ادارت ۾ ڪاڪي گلراجاڻيءَ سان سنڌي ادب جي هڪ وڏي محسن مرزا قليچ بيگ جو فرزند
مرزا نادر بيگ پڻ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو هو. ورهاڱي کان اڳ واري ”روح رهاڻ“ جي پيشانيءَ
تي علم الاهي ۽ ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت لکيل هوندو هو.
”پيهي جــــــــان پــــــــاڻ ۾، ڪيــــــــم ’روح رهـــــــــاڻ‘
نه ڪي
ڏونگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچين ڪاڻ،
پنهــون
ٿيــــــــس پـــــاڻ، سسئي تـــان ســـــور هــــــوا“
قدرت
واري جا پنهنجا لقاءَ آهن! سندس حڪمت کي ڪنهن ڄاتو آهي؟ ڀلا زماني ۾ ڪنهن کي اها
ڄاڻ هئي ته رسالي ’روح رهاڻ‘ جو اهتمام ۽ بندوبست ڪندڙ ۽ وقتي حڪومت جي نظرن ۾ آيل
نوجوان حميد سنڌي اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ڪنٽرولر آف اگزيمس، ڊائريڪٽر آف
ڪاليجز حيدرآباد ريجن ۽ اتر سنڌ جي پهرين يونيورسٽيءَ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور جو وائيس چانسلر بڻبو؟!!
حميد
سنڌيءَ جي ڪوٺايل ان جشن ’روح رهاڻ‘ (۱۹۶۸ع) ۾
حيدرآباد جي بسنت هال ۾ نه رڳو سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد شهر ۽ ان جي پسگردائي جي
ڪاليجن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پر سڄي سنڌ مان کوڙ اسان پارا، ان زماني جي ڪاليجن
جا شاگرد به ٻين وانگر لاڙڪاڻي مان سيڙجي جشن ’روح رهاڻ‘ ڏسڻ ويا هئاسون. مون سان
گڏ رسول بخش سولنگيءَ (بعد ۾ پروفيسر ۽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسپال)
کان علاوه منهنجو همراز/ همرفيق/ ادبي محفلن ۽ راڳ رنگ ۾ شرڪت ڪرڻ واسطي جيري لاءِ
ٻڪري نه پر اُٺ ڪهندڙ دوست مرحوم نذير احمد پيرزادو به ساڻ هو. بسنت هال جو نظارو
ڪنهن خوبصورت خيال ۽ خواب جيان لڳي رهيو هو. هال ۾ اندر مختلف شهرن کان آيل شاگردن
۽ شاگردياڻين جي چهرن تي جشن جي حوالي سان ڇا ته سرهائي ۽ سهائي هئي! اصل ٻهه ٻهه
پئي ٻريا. منهنجي آڏو واري قطار ۾ هڪ تکن نقش واري مهمان به هئي، جنهن جا مهانڊا
انڊين اداڪاره نرگس جهڙا هئا ۽ سندس نالو خوشبو (سندس نالي جي هم معنيٰ) هو. اهو
به سندس ڪنهن ساهيڙيءَ جي واتان بار بار اُچارجڻ ڪري معلوم ٿيو هو. ڇا ته سندس
گهاٽا، وڏا ڪارا ڀنڀا وار هيا جيڪي سندس رئي ۾ نه پئي ماپيا. ان نظاري کي ڏٺي
ورهيه گذري ويا. بقول ڀٽائي:
”ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙا پرين. “
جشن
روح رهاڻ جو نظارو مون کي هڪ سچي خواب جيان ياد آهي ته ان جشن ۾ ڪيئن هڪ پير مرد
(عبدالڪريم گدائي) خاص طور تي جيڪب آباد کان جشن ’روح رهاڻ‘ ۾ پنهنجي هڙ جي آسري
حصو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو هو.
سنڌ
يونيورسٽيءَ جي شاگردن مٿان (۴ مارچ ۱۹۶۷ع تي)، جيڪب آباد ۾ ۱۹۶۰ع ۾
ڊپٽي ڪمشنر طور رهندڙ ۽ ۱۹۶۷ع ۾
حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر رهندڙ، هڪ ڪوتاه قد ۽ بي رحم شخص، مسرور حسن جي حڪمن تي
گولين جي مينهن وسڻ کي مشڪل سان سال گذريو هو ۽ سنڌين جا زخم ۽ ماتم، اڃا نوان ۽
تازا هئا.
ٻوليءَ
خاطر شهيد ٿي ويل ڳڀرو شاگردن جي والدين جي دلين مان اڃا سندن پٿر (تڏو) به ڪو نه
کنيو ويو هو. اهڙي سمي ۾ چاچو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تي آيو ۽ پنهنجو گيت/ نظم
بعنوان ”پکڙا ۽ پنهوار“ پڙهندي جڏهن هنن مصرعن تي آيو:
مَاءُ
مــــٺــــيءَ جون لــــوليــــــون ســــــاڳيـــــــون،
ٻـــولــــيءَ
خاطـــــــــر گـــــــــوليــــــون ساڳيــــــون.
سوريءَ
جا سينگار اڃا ڀي ساڳيا ڙي!
ڇال
ڏئــــــــــــي اڄ جاڳيــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــا ڇورا،
ڪـــــــوٽ
ڪــــــــنــــــدا ســـــي ڀــــــورا ڀـــــــــــورا،
سورهيه
سر کان ڌار اڃا ڀي ساڳيـا ڙي!!
ته
سامعين کيس انهن مصرعن کان اڳتي وڌڻ ئي ڪو نه پئي ڏنو.
جشن ۾
شريڪ ٿيندڙن کان اهو نظارو ڪيئن وسريو هوندو ته جڏهن شاگردن ۽ شاگردياڻين، ”واهه
واهه!“ ”ٻيهر چئه!“، ”ٻيهر چئه!“ جا اُڀ ڦاڙيندڙ نعرا هڻي تاڙيون وڄايون هيون. تڏهن
شاعر (عبدالڪريم گدائي) اسٽيج تي روئي ڏنو هو ۽ ڪيترن ئي دردمند دليون رکندڙ
سامعين جي اکين جا بند پڻ ڀڄي پيا هيا. ان ڳالهه کي ورئي ڪجهه ورهيه ٿي ويا.
لاڙڪاڻي
جي جناح باغ ۾ هڪ وڏو مشاعرو ٿيو هو. جنهن ۾ عبدالڪريم گدائي جڏهن شعر پڙهڻ آيو،
تڏهن هن غريب شاعر جا ڏند، ڪنهن بي قدر ۽ بي وفا محبوبا جيان، سندس ساٿ ڇڏي چڪا
هيا ۽ رعشو (Parkinson) هئڻ ڪري سندس هٿ ڏڪي رهيا هيا. ان وقت مون کي سنڌ جي رنگين ڪلام
شاعر استاد بخاريءَ جو هي شعر ياد پيو هو.
پــــــــــوڙهــــــــو
ماڻــــهــــو، ڏڪــــنــــــــدڙ هــــــٿ،
بيهاري
پارو، مان بي چين اَلا جي اهڙو.
ٽيون
دفعو مون عبدالڪريم گدائيءَ کي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي نئون ديرو واري
بنگلي تي مرحوم سردار پير بخش ڀٽي سان ويٺل ڏٺو. تن ڏينهن ۾ جناب ذوالفقار علي ڀٽي
جي همشيره ممتاز بيگم لاهور ۾ وفات ڪري وئي هئي ۽ ڀٽو صاحب سندس ميت کڻائي اچي
پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪرائي هئي. ان ڪري تڏو به نئون ديري واري بنگلي ۾
وڇايو ويو هو. چاچو عبدالڪريم گدائي ان سلسلي ۾ سردار پير بخش خان ڀٽي سان
عذرخواهي ڪرڻ لاءِ آيو هو. سردار پير بخش ڀٽي جو هڪ تعلق ضلع جيڪب آباد سان به
رهيو، ڇاڪاڻ ته سندس زمينون ڳوٺ ”دوداپور“ تعلقو ڳڙهي خيرو ضلع جيڪب آباد ۾ هيون ۽
اڃا تائين آهن.
منهنجي
چوٿين غائبانه ملاقات چاچي عبدالڪريم گدائيءَ سان ۱۹۸۰ع ۾ سندس مُئي پُڄاڻان ٿي، جڏهن سندس ننڍپڻ جي هڪ دوست شڪارپور جي رهواسي ۽
انڊس گلاس فيڪٽري حيدرآباد جي مالڪ ۽ ليکڪ سرڳواسي لوڪرام ڏوڏيجا پُوني انڊيا مان
هڪ ڪتاب ”سڪارٿو سفر“ (جپان، هانگ ڪانگ، سينگاپور، ٿائلينڊ ۽ فلپائين جو سفرنامو)
شايع ڪيو هو. پنهنجي ڪتاب جي مُهڙ ۾ ”ڪتاب جو مقصد“ نالي سان سندس مقدمو لکيل آهي.
جنهن ۾ موجوده هندستان جي حالتن جو ذڪر ڪندي ڪاڪو لوڪرام ڏوڏيجا، صفحي ۸ تي پنهنجي ننڍپڻ جي يار عبدالڪريم گدائيءَ کي هن طرح ياد ڪري ٿو:
”بيروزگاري، پاس خاطري، رشوت ۽ اسٽرائيڪن ملڪ کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي. چوڌاري
آ رات انڌيري، اونده ڪاري. . . ملڪ جو ڪو ”اوهي واهي“ ڪونهي. خود غرضي، نفرت ۽
ڪلفت جي باهه ۾ ڀارت ”ڀسم“ ٿي رهيو آهي. ان وقت پنهنجي ننڍپڻ جي ”يار“ عبدالڪريم
گدائي جي هڪ التجا ٿي ياد اچي. “
”هــن ســڙنــدڙ ٻــرنــدڙ ڌرتــي تـــــي، ڪــا رحـــمــت جــي بــرســات
ٿئــي،
ڪــو
سُــک جــو ســج اُڀــاري يــارو، ڪا امـن سڪـون جي رات ٿئي،
اڄ
پيار جي ساگر مان ساٿي، ڪي پريت جي مئه جا جام ڀريون،
هــن
پيــار جــي پيــاسـي دُنيــا ۾، اڄ رســـم محبــت عــام ڪـريــون. “
چاچي
عبدالڪريم گدائيءَ سان منهنجي پنجين ملاقات به لاڙڪاڻي جي باڪمال شاعر ۽ انسان
دوست هري ”دلگير“ جي ڪتاب ”چولو منهنجي چڪ ۾“ جي ذريعي سان ٿي. هري دلگير جو هي
ڪتاب سنڌ جي ڄاتل سڃاتل اديب ”ناز“ سنائي پهريون دفعو سنڌ ۾ ۱۹۹۰ع ڌاري سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان شايع ڪيو هو.
سرڳواسي
هري ”دلگير“ پنهنجي آتم ڪٿا ”چولو منهنجي چڪ ۾“ جي صفحي ۶۵ تي پنهنجون ياديون ساريندي لکي ٿو:
”شڪارپور ۾ رحيم بخش سومرو منهنجو دوست، جو ٺيڪيدار هو ۽ منهنجي هوندي ئي
وزير ٿيو. فيض محمد سومرو (ٺيڪيدار) به دلبر دوست هو. سندس اوطاق لکي در جي
ايراضيءَ ۾ هئي. جيڪب آباد ۾ برڪت علي آزاد ۽ عبدالڪريم گدائيءَ جي صحبت نصيب
ٿيندي هئي. “
۲۰ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي جڏهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو، پاڪستان جو صدر بڻيو ته سندس حڪومت
کي عوامي راڄ سڏيو ويو. عوامي دور کي ڏسي، سنڌ جي هن عوامي شاعر (گدائي) پنهنجي
نظم ۾ بي اختيار چئي ڏنو:
مــبــارڪـبــاد
جــو هـــن ديــــس ۾ جمــهــوريــت آئــي،
ذوالــفــقــار
علــي کــي اڄ ڏيــن ٿــا، وڻ بـه تـه واڌائي.
”صـــدر ڀــٽـــو“ وري هـن قــــوم جـــو، اڳواڻ ٿــي آيـو،
انــڌيــري
رات ۾ هُــو چنــڊ جــي، چــانــڊاڻ ٿــي آيـــو.
فلق تي
هڪ نئين سـج جي، اهو ڳاڙهاڻ ٿي آيـو.
عوامــي
راڄ جـــــي هــــن ســــاٿ جـو، سرواڻ ٿي آيـو.
مٽايو
جنهن اچي هت مارشل لا جي نشانن کي،
زبان
بخشي وري جنهن ديس وارن بي زبانن کي.
مرحوم
عبدالڪريم گدائيءَ جو پهريون شعري مجموعو ”ساڻيهه جا سور“ ۱۹۶۵ع ۾ شايع ٿيو هو، جنهن کي پاڪستان جي اديبن تي مشتمل، خالص ادبي تنظيم
”رائٽرس گلڊ“ انعامي ڪتاب قرار ڏئي، کيس هڪ هزار رپيا روڪ پڻ انعام طور ڏنو هئو.
رائٽرس
گلڊ جو ريجنل سيڪريٽري ۽ سنڌي اردو اديبن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل طور سڃاڻپ رکندڙ
سائين آفاق صديقي، پنهنجي آتم ڪهاڻي ”صبح ڪرنا شام ڪا“ جي نالي سان لکي آهي. جنهن
۾ هن سنڌ جي عوامي شاعر ”گدائيءَ“ جو ڪيترين جاين تي ذڪر ڪيو آهي. مثلا سائين آفاق
صديقي پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي ۴۸ تي
لکي ٿو:
”اپريل ۱۹۵۰ع مين هم ني اردو سنڌي ڪانفرنس
ڪا انعقاد ڪيا. جس مين بابائي اردو مولوي عبدالحق، پير حسام الدين راشدي، حڪيم
اسرار احمد ڪريمي، اُستاد قمر جلالوي، عبدالڪريم ”گدائي“، سيد اظهر گيلاني، شيخ
”راز“ اور اندرون سنڌ ڪي ڪئي دوسري اهل ادب ني شرڪت ڪي. “
اهڙيءَ
طرح ۲۳ ڊسمبر ۱۹۵۳ع تي آفاق صديقيءَ، شيخ ”اياز“، رشيد ڀٽي، ۽ شيخ ”راز“ جي ذاتي ڪوششن سان،
سکر ۾ هڪ وڏي عظيم الشان ”سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ڪوٺائي هئي. جنهن جي آخري اجلاس جي
صدارت لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر هري ”دلگير“ درياني ڪئي هئي. ان ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي
شاعرن ۾ سڀ کان اول آفاق صديقي، اسان جي عوامي شاعر ”گدائي“ جو نالو کڻي ۽ لکي ٿو.
هن ڪانفرنس جي تفصيلي روئيداد ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ نج ادبي رسالي ماهوار ”افڪار“
جي جنوري ۱۹۵۴ع واري شماري ۾ ڏنل آهي.
رائٽرس
گلڊ جو وجود ۱۹۵۹ع ۾ پيو ۽ عبدالڪريم ”گدائي“
شروعاتي سال ۾ ان جو ميمبر بڻيو. سائين آفاق صديقي پنهنجي آتم ڪٿا جي صفحي ۶۱ تي لکي ٿو:
”سنڌي اراڪين ڪي متفق فيصلي سي ريجن ڪا سيڪريٽري منتخب هُوا! اور دس برس تڪ
بلا مقابله منتخب هوتا رها. شيخ اياز، مولائي شيدائي، شيخ ”راز“، رشيد ڀٽي،
عبدالڪريم ”گدائي“ اور ڪئي دوسري اهلِ قلم ڪي تعاون سي سکر سب ريجن ني گلڊ ڪي وقار
ڪو چار چاند لگا ديئي. “
سائين
آفاق صديقي جيڪب آباد، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل مشاعرن جو ذڪر ڪندي هڪ دفعو ٻيهر
عبدالڪريم ”گدائي“ جي ڪوششن سان جيڪب آباد ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ ٿيل مشاعرن بابت صفحي ۵۵ تي لکي ٿو:
”سکر مين هم ني انجمن فروغ ادب ڪي زير اهتمام جو بڙي بڙي مشاعري منعقد ڪيئي
ان ڪا اثر آس پاس ڪي شهرون پر ڀي پڙا. مثلا ڪنڌڪوٽ جيسي دُور افتاده قصبي مين سنڌي
اور اردو مشاعرون ني بين اللساني مشاعرون ڪو ڪامياب بنايا. جيڪب آباد مين نگهت
عارف، عبدالڪريم ”گدائي“، ڪاظمي اور ذڪي خان ني ادبي ڪانفرنسون اور ڪل پاڪستان
مشاعرون ڪي فضا پيدا ڪي. “
اهو
آفاق صديقي ئي هيو. جنهن ذاتي دلچسپي وٺي، رائٽرس گلڊ جي پليٽ فارم تان عبدالڪريم
گدائي لاءِ تاحيات ماهوار هڪ سؤ روپيه وظيفو مقرر ڪرايو هو.
هڪ
دفعي سائين آفاق صديقيءَ پنهنجي بفر زون ڪراچيءَ واري رهائش گاهه تي ڪچهري ڪندي هڪ
وڏي اهم ڳالهه هن طرح ڪئي:
”رائٽرس گلڊ جي عُروج وارو زمانو هو. اسان سان گڏ اوڀر پاڪستان جا چُونڊ
اديب ۽ شاعر به رائيٽرس گلڊ جا ميمبر هُيا. انهن ۾ بنگالي ميمبرن منجهان هڪ ڪوي
جسيم الدين به هو. ڪوي جسيم الدين جي طبيعت اهڙي هئي جو هُو ڪنهن به انسان جي
احساسن کي زخمي ٿيندو ڏسي مغموم ۽ ملول ٿي ويندو هو. ڪوي جسيم الدين سنڌي ٻوليءَ
جي عوامي شاعر ”گدائي“ جي شاعريءَ بابت راءِ ڏيندي چيو ته؛ ”ان حقيقت جي باوجود جو
آئون سنڌي ڪونه ڄاڻان ۽ نه ڪي سمجهه ۾ ايندي اٿم پر جڏهن هي پير مرد پر جوان دل
رکندڙ شاعر ”گدائي“ پنهنجو شعر ۽ ڪلام پڙهي ٿو ته سندس ڪلام جي روشنيءَ جو اولڙو
سندس چهري کي جيڪا رونق بخشي ٿو، اهو ڏسي آءُ محسوس ڪندو آهيان ته سندس ڪلام ڪيترو
نه پُر اثر ۽ پرتاثير هوندو آهي. “
”گدائي“ پنهنجي دور ۽ وقت جو پهريون عوامي شاعر هو، جنهن پنهنجي هم عمر ۽
همعصر شاعرن جي وچ ۾ ويهي جيڪا شاعري ڪئي ۽ پنهنجي دور جي شاعرن کان هٽي زندگي ۽
ان سان لاڳاپيل مسئلن جي باري ۾ سوچيو، غور ۽ فڪر ڪيو. زياده انداز ۾ محسوس ڪري
پنهنجي شاعري ۾ انهن کي لفظن جو روپ ڏئي، پنهنجي شاعري کي نواڻ ڏيندي، حقيقي
معنائن ۾ عوامي شاعري ڪئي. گدائيءَ مظلوم، پيڙيل طبقي ۽ نڌڻڪن ماڻهن جي جذبن جي
ترجماني ڪئي. سندس شخصيت ۽ شاعريءَ جي باري ۾ سنڌ جو عوامي شاعر مرحوم نياز
همايوني ”گوندر گذاريو ڪاپڙي“ ۾ هيئن راءِ زن آهي:
”محترم عبدالڪريم ”گدائي“ منهنجو همعصر شاعر آهي. هن بزرگ سنڌي شاعريءَ کي
عظمت بخشڻ لاءِ جيڪي ڪشالا ڪڍيا آهن، تن جي عيوض کيس ”رومانوي“ شاعر، ”عوامي“
شاعر، ”قومي“ ۽ ”انقلابي“ شاعر جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. هن پنهنجي درد کي وطن جي
حب ۾ شامل ڪري، پنهنجي صداقت جو ثبوت ڏنو آهي. تنهن نعمت کان ته اسان جا پُراڻا
شاعر اڃا تائين محروم آهن. اسان کي هن جهوني جوڳيءَ جي جوان خلوص تي سدائين فخر
رهندو. “
ڪهڙو
شاعر آهي جنهن جي دل ڪنهن سان نه اٽڪي ۽ ڦاٿي هجي؟!! ڪهڙي دل آهي، جنهن جو لنگهه،
پيار جي گس تان نه ٿيو هجي. ڪهڙي دل آهي جنهن پيار جو پاسو ڏٺو ئي نه هجي؟! اهڙي
طرح چاچو گدائي به پنهنجي دل سنڌ جي هڪ لوڪ فنڪاره ۽ رسيلي آواز جي ملڪه ۽ مالڪا
مائي الهه رکيءَ سان اٽڪائي ۽ ڦاسائي ويٺو ۽ گدائيءَ جي الهه رکي سان راز و نياز ۽
محبت جي ڳالهه ته اڃا تائين سنڌ جي جهونن ماڻهن جي واتان ڪُوڙين ڪنين ٻڌجي پئي. شايد
مائي الهه رکي به پنهنجي پيار کي دوام بخشڻ لاءِ، يادگار رکڻ خاطر ”گدائيءَ“ جا
ڪلام ڳائيندي هئي.
عبدالڪريم
گدائيءَ جي تصنيف ”خانڳڙه کان جيڪب آباد تائين“، ضلع جيڪب آباد متعلق اهم دستاويز
جي حيثيت رکي ٿي. ڪتاب پڙهڻ وقت عبدالڪريم گدائيءَ کي جس ڏيڻو پوي ٿو ته کيس ڪتاب
لکڻ لاءِ ڪيڏي وڏي محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پئي هوندي. تنهن هوندي به مذڪوره ڪتاب جي ورق
گرداني ڪندي ڪي ڳالهيون، ڪي واقعا اڻ پُورا ۽ اڌورا محسوس ٿين ٿا. چند مثال هيٺ
ڏجن ٿا:
(۱) جيڪب
آباد ضلعي سان تعلق رکندڙ مرحوم محمد امين کوسي بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪا نه ڏني وئي آهي.
گدائي جي معلومات کان ته سنڌي ادبي بورڊ جي موجوده ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي نامور اديب غلام رباني آگري جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ حصي ٻئي ۾ وڌيڪ
معلومات ڏنل آهي. مرحوم محمد امين کوسو، زميندار ۽ سياستدان هجڻ سان گڏ هڪ قلمڪار
به هو. ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو.
(۲) مرحوم
گدائي پنهنجي ڪتاب صفحي ۳۴ تي
”ابتدائي تعليمي ادارا“ جي عنوان سان جيڪب آباد شهر جي درس گاهن جو ذڪر ڪري ٿو جن
۾ اردو پرائمري اسڪولس ۾ ”حميديه“ پرائمري اسڪول جو ذڪر ڪري ٿو. (حميديه هاڻي گرلس
هائي اسڪول آهي). مرحوم گدائي اهو ڪو نه لکيو آهي ته هن اسڪول تي ”حميديه“ نالو
ڪيئن پيو؟ حقيقت هيءَ آهي ته ۴۸-۱۹۴۷ع ۾ جيڪب آباد ضلعي جو ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) مرحوم عبدالحميد خان ٿي آيو. مرحوم
عبدالحميد خان جو لاڙو تعليمي ادارن ڏانهن ججهي انداز ۾ هو. سندس تعلق هندوستان جي
مسلم ڀوپال سان هو ۽ والي رياست هز هائينيس نواب حميدالله خان ڀوپال جي نالي پٺيان
اسڪول جو نالو حميديه رکيائين. اهو ساڳيو عبدالحميد خان، جڏهن ”ون يونٽ“ جي دور ۾
خيرپور ڊويزن جو ڪمشنر ٿي آيو، تڏهن پراڻي سکر ۾ ٽڪري تي اڏيل اسلاميه ڪاليج جي
ترقي ۽ تعمير ۾ وڏو Interest ورتو
هئائين.
(۳) ”خانڳڙهه
کان جيڪب آباد تائين“ جي صفحي ۶۴ تي هڪ
ابهام واري ڳالهه لکيل آهي: ”سال ۱۹۶۳ع ۾
ٺُل ۽ جيڪب آباد تعلقن جي صوبائي اسميبلي جي ضمني چُونڊ ۾ خان صاحب سردار خان جي
مقابلي ۾ احمد ميان سومرو مغربي پاڪستان اسيمبلي تي ميمبر چونڊيو ويو. جيڪا جاءِ
اوستي در محمد جي صوبائي وزير ٿيڻ سان خالي ٿي هئي. “ هتي سوال اُڀري ٿو ته اوستو
دُر محمد جڏهن صوبائي وزير مقرر ٿيو ته پوءِ سندس اسميبليءَ جي سيٽ ڇو خالي ٿي؟
وزارت جو اسيمبليءَ جي سيٽ ڇڏڻ سان ڪهڙو تعلق.
اصل
ڳالهه هيءَ آهي ته ۱۹۶۲ع ۾
پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان جڏهن ملڪ کي نئون آئين ڏنو ته اُن آئين ۾ هڪ شِقِ
هيءَ به هئي ته جيڪو به اسيمبلي ميمبر (صوبائي چاهي قومي) وزير ٿيڻ چاهيندو ته
اُهو اسيمبليءَ جو ميمبر نه رهندو. وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجي اسميبليءَ واري
سيٽ ڇڏڻي پوندي. انهي قانون هيٺ جناب ذوالفقار علي ڀٽي ۱۹۶۳ع ۾ پنهنجي نئون ديرو، لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي ڪئي هئي،
ڇو جو هُو به ايوب خان جي ڪابينا جو اهم ميمبر هو. جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي خالي
ڪيل سيٽ تي سردار پير بخش ڀٽو مرحوم قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو.
(۴) مذڪوره
ڪتاب جي صفحي ۶۶ تي لکيل آهي: ”ضلع جون اُهي
شخصيتون جيڪي سنڌ ۽ مغربي پاڪستان گورنمينٽ ۾ وزير هيون“
(۱) مرحوم شهيد الله بخش
سومرو
(۲) ڊاڪٽر هيمنداس
(۳) حاجي مولا بخش سومرو
(۴) مسٽر دُر محمد اوستو
پهرين
ڳالهه ته مرحوم کي شهيد ۽ شهيد کي مرحوم لکڻ، ڪجهه عجيب لڳي ٿو. پر شهيد الله بخش
سومرو ته پاڪستان ٺهڻ کان به اٽڪل ۱۰-۹ سال اڳ سنڌ جو پهريون وزيراعظم هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ۾ ۽ پاڪستان
ٿيڻ کان پوءِ ۱۹۵۵ع تائين صوبن جي مکيه وزيرن کي
وزير اعليٰ نه پر وزيراعظم چيو ويندو هو. ۱۹۵۵ع کانپوءِ جڏهن ون يونٽ ٺهيو ته صوبي مغربي پاڪستان جي مُک وزير کي
وزيراعليٰ چيو ويو. بهرحال شهيد الله بخش سومرو، سنڌ حڪومت ۾ رڳو وزير ڪو نه هو. جيئن
مذڪوره ڪتاب ۾ لکيل آهي.
اهڙي
طرح مولا بخش سومرو صاحب صوبائي وزارت کانسواءِ مرڪزي وزير به رهيو هو. اُن ڪري
سندس مرڪزي وزارت جو ذڪر ڪرڻ ضروري هو.
(۵) جيڪب
آباد ۾ سال ۱۹۵۱ع ۾ بزم ادب طرفان ”۱۳-سنڌي ادبي ڪانفرنس“ منعقد ٿي هئي جنهن جو ذڪر مذڪوره ڪتاب جي صفحي ۷۱ تي آهي:
”هن بزم (بزم ادب) جو عظيم ۽ زنده جاويد ڪارنامو جيڪب آباد ۾ منعقد ڪرايل
جميعت الشعراءِ سنڌ جي، ۱۳-سنڌي
ادبي ڪانفرنس آهي. . . جيڪب آباد جهڙي خشڪ سر زمين تي هن عظيم ۽ عاليشان دو روزه
ڪانفرنس جو انعقاد جنهن ۾ ساري سنڌ مان آيل چوٽيءَ جا اديب، مورخ، دانشور ۽ شعراءِ
ڪلام شريڪ ٿيا. ڊاڪٽر دائود پوٽي کان وٺي مولائي شيدائي تائين ۽ رشيد لاشاري کان
وٺي منظور نقويءَ تائين نالا ڏنا ويا آهن. مصنف فقط مشهور ۽ وڏن ماڻهن جا نالا ڏنا
آهن. حالانڪ انهيءَ مشاعري ۾ نالي وارا شاعر جناب سيد احسن الهاشمي، مشهور رنگين
ڪلام شاعر ”استاد“ بخاري به شريڪ ٿيا هئا. هڪ دفعي ”اُستاد“ بخاري مون کي جيڪب
آباد واري انهيءَ مشاعري جي روئيداد ٻڌائيندي چيو هو ته ”اهو مشاعرو منهنجي
شاعراڻي زندگيءَ جو اُن ڪري به يادگار آهي ته مان اُن مشاعري ۾ پهريون ڀيرو شريڪ
ٿيو هوس. الهڙ جواني هئي ۽ پهريون دفعو وڏن شاعرن جي روبرو ۽ موجودگيءَ ۾ شعر پڙهڻ
جي تصور سان ئي دل گاؤن مائون ٿيڻ لڳي هئي. جڏهن احسن الهاشميءَ شعر پڙهيو ته ڇا
ته کيس داد مليو هو!! سيد احسن الهاشميءَ کي ٻڌندڙن طرفان ملندڙ داد ڏسي دل ۾ چيم
ته ”ٺهيو مان شعر ڪو نه پڙهندم. شاعر ته ههڙو! ههڙي شاعري ٻڌي، مان واري شاعريءَ
کي ڪير ”داد“ ڏيندو؟ مون دل ۾ پڪو پهه ڪيو هو ته اڄوڪي رات خير سان گذري. مان
شاعريءَ کان بنهه بانءِ ڪئي. “ جڏهن مون اسٽيج تي ترنم سان شعر پڙهيو ته ڪجهه
”داد“ مليو. ايمانداريءَ جي ڳالهه هيءَ اٿئي نذير صاحب! ته ان مشاعري ۾ سيد احسن
الهاشميءَ کان وڌيڪ نه ته ڪنهن جو شعر لڳو هو نه ڪو ڪنهن کي ايترو داد مليو هو. “
مذڪوره مشاعري ۾ نواز علي نياز جعفري ۽ هري درياني ”دلگير“ پڻ لاڙڪاڻي مان ڪهي ويا
هئا. مٿين شاعرن جو ذڪر ”نه“ ڪرڻ دل کي ڪجهه کُٽڪي ٿو.
ساڳيءَ
طرح ۱۵ آگسٽ ۱۹۶۲ع تي جشن آزاديءَ جي موقعي تي جيڪب آباد ۾ ٿيل آل مغربي پاڪستان سنڌي اردو
مشاعري جو احوال (صفحو ۷۶) ڪيو
اٿس. لاڙڪاڻي مان فقط ٽن شاعرن جو ذڪر ڪري ٿو؛ (۱) انجمن ترقي پسند مصنفين جو موجوده سيڪريٽري جنرل مسلم ”شميم“، (۲) شوڪت عابدي (ٻئي حال حيات ڪراچي ۾) ۽ (۳) بزم ادب لاڙڪاڻي جي باني رضوي عبدالصمد ”ساز“. انهيءَ کانسواءِ لاڙڪاڻي
مان ٻيا اردو شاعر جهڙوڪ ”نشتر“ فرخ آبادي، ضمير ”جوڪر“، ديوان ”لطيف“، ۽ اردو غزل
جو باڪمال شاعر ”رمز“ شاهجهان پوري جن به پنهنجا شعر پڙهيا هئا ۽ لاڙڪاڻي جي ”رمز“
شاهجهان پوري جي شعرن ته مغربي پاڪستان جي وڏن شاعرن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون
هيون. يا مسلم شميم جي نظم ”مارئي ڪا ديس“ اردو شاعرن جي منهن ۾ گهُنڊَ وڌا هيا. اهڙي
شاهڪار نظم جو ذڪر ڪرڻ لازمي هو.
اهڙيءَ
طرح گدائي جو شعري مجموعو ”پکڙا ۽ پنهوار“ (اشاعت سال ۱۹۷۵ع ۾) ڪيترن ئي جاين تي حيرت ۾ وڌو. زير بحث ڪتاب ۾ صفحي ۸۰ تي هڪ نظم ”سنڌ پيارا وطن“ جي عنوان سان لکيل آهي. جنهن جي هيٺان وري هڪ
عجيب سِٽ لکيل آهي.
”تاريخ ۱- جولاءِ ۱۹۷۱ع تي ون يونٽ تي لکيو ويو. “ خبر ناهي ته گدائي صاحب جي لکڻ جو مقصد ڇا
آهي؟ ڇاڪاڻ ته پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي
ون يونٽ ٽٽي چڪو هو ۽ سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي چڪي هئي. ان حالت ۾ ون يونٽ تي
پهرين جولاءِ ۱۹۷۱ع تي نظم لکڻ ڇا معنيٰ؟ اهڙيءَ
طرح آزاد نظم واري حصي جي شروعات ۾ صفحي ۷۱ تي ”ڇا ڇا تو کي يار ٻڌايون؟“ جي عنوان سان شعبان بخت جي آزاد نظم ”ڪجهه
ته ٻڌايو“ جي جواب ۾ لکيو اٿس ۽ صفحي ۷۵ تي
”خاموش رهڻ مان ڇا ٿيندو؟“ جي عنوان سان هڪ الڳ آزاد نظم وري شعبان بخت جي آزاد
نظم ”خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو“ جي جواب ۾ لکيو اٿس.
خبر نه
ٿي پوي ته شعبان بخت ”ڪجهه ته ٻڌايو“ ۽ ”خاموش رهو ۽ ڪجهه نه ڪُڇو؟“ جهڙا آزاد نظم
ڇو لکيا هئا ۽ اُهي ڪٿي شايع ٿيا هيا. گدائي پاڻ لکي ٿو؛ ”شعبان بخت جي جواب ۾“
ڪيترو نه سٺو ٿئي ها جو شعبان بخت جا آزاد نظم يا انهن مان چند حصا لکي ها ته جيئن
جوابي شعر پڙهڻ جو لطف ماڻي سگهجي ها. “
محترم
گدائي پنهنجي ڪتاب ۾ ضلع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ مشهور عالمن، اديبن ۽ شاعرن جو
نالي ماتر به ذڪر نه ڪيو آهي. حالانڪ ”گدائي“ جي ڪتاب شايع ٿيڻ واري زماني ۾ محترم
غلام رسول ڪلهوڙو ۽ محترم شعبان ”بخت“ به ڪي نامعلوم ليکڪ ۽ گمنام شاعر ڪو نه هيا
پر انهن جو لکڻيون ان زماني ۾ به سنڌ جي مختلف معياري رسالن ۾ شايع ٿينديون هيون.
اهڙيءَ
طرح جيڪب آباد جي هڪ سماجي ۽ ادبي ڪردار گوپال (گئوپال) ”پرواني“ جي ادبي خدمتن جو
الڳ ذڪر ڪرڻ ۽ فوٽو ڏيڻ ضروري هو. گوپال پروانو، سال ۲۰۰۰ع ڌاري انڊيا ۾ گذاري ويو. اڄوڪي ماحول ۾ هر تڪبند شاعر، رات جي پيٽ ۾ لئي
مان لٺ ڀڃي، قومپرست شاعر سڏرائڻ ۾ پورو آهي. پر مرحوم گدائي جي گهٽ ۽ ٻوسٽ واري
دور جي شاعري پڙهي بي اختيار ٿي چوڻو پوي ٿو.
”گدائي ڪوڻ سڏاوي؟“
مٽيءَ
جو ڀانڊو ٺهيو ئي ڊهڻ ۽ مٽجڻ لاءِ آهي. مٽيءَ جو هي ڀانڊو به ڊهي مٽيءَ ۾ ملي مٽي
ٿي ويو پر سندس لکيت زماني جي ورقن تي اڃا پئي چمڪي.
عبدالڪريم گدائي
عوامي ۽ قومي شاعر
بشير ڪالاڻي /ڄامشورو
سنڌ جي
عوامي، ترقي پسند، قومي، انقلابي، رومانوي شاعر ۽ صحافي ميان عبدالڪريم گدائيءَ جي
اڄ ۲۸ جنوريءَ تي ورسي آهي، هن پهرين
جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد کوسا تعلقي
ٺل ۾ بجار خان لاشاريءَ جي گهر ۾ اک کولي. عبدالڪريم گدائي پرائمري اسڪول ٺل مان
پنج درجا پاس ڪرڻ بعد، ۱۹۱۱ع ڌاري
جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگولر ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي. ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ کيس ڪلارڪي ملي، پر اتان ڪجهه سببن ڪري ٿوري وقت
کانپوءِ استعيفيٰ ڏنائين، ان بعد پوليس کاتي ۾ ننڍو منشي مقرر ٿيو، پر ان کي به
خير آباد چيائين. گدائي پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۲۳ع ۾ ان وقت جي نوجوان شاعر ۽ بهادرپور اسڪول ۾ مقرر نائب ماستر ۽ تاريخي
محقق لطف الله بدوي سان صحبت ۾ رهڻ دوران ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ سندس مشهور نظم آخر فنا، ليوڪس پارڪ، مولانا امروٽي، اهي ڏينهن، ان وقت
جي هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيا هئا. گدائي صاحب ان عرصي دوران ڪانگريس پارٽيءَ ۾
شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تي ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو
سيڪريٽري به رهيو، ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ظلم ۽
ستم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽيءَ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري، پوءِ جيڪب آباد جي نيشنل
عوامي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ان پارٽيءَ سان آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تائين وابسته رهيو، ان عرصي دوران گدائي صاحب اليڪشن جي حوالي سان
ڪيترائي نظم تخليق ڪيا. جن ۾ ”وري آئي اليڪشن ۽ وري ڀوتارن نڪري پيا“، ”خبردار
هاري جو ڀوتار آيا!“ سر فهرست آهن. تاريخي محقق، شاعر، اردو ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو
نياز همايوني گدائي صاحب لاءِ لکي ٿو ته، ”عبدالڪريم گدائي پاڪستان کان پهرين ۽
پوءِ سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ مختلف مڪتب رکندڙ تنظيمن سان وابسته رهندي، هو عملي
۽ فڪري لحاظ کان هميشه عوام ۽ ڌرتيءَ ڏانهن جوابده رهيو. “ گدائي صاحب بيت،
ڪافيون، گيت ۽ غزل به مهارت سان لکيا آهن، پر نظمن ۾ سندس اندر جي اُڇل تمام
زوردار محسوس ٿئي ٿي، بيتن ۾ جتي هن بيحد دردمنديءَ سان ساڻيهه جي سورن جو وستار
ڪيو آهي، اتي سندس مزاحمتي ڪردار به مثالي آهي:
هي شهر
به ڪڏهن شهر هيو،
هن شهر
جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
ڇا مهر
ڀريا هت ماڻهو هئا،
هر دل
۾ راڄ هو اُلفت جو.
سائين
جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکي ٿو ته، ”ميان عبدالڪريم گدائي،
سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن مان آهي، هو مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده طبع،
سمجهدار، بي ڊپو ۽ انقلابي مجاهد آهي. “ گدائي صاحب صحافت ۾ به پيش پيش رهيا. سندس
شاعريءَ جا ٽي مجموعا ”ساڻيهه جا سُور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“، ”پئماني تي پئمانو“ سندس
ئي زماني ۾، جڏهن ته، ”رات ٻرندي رهي“ ۽ ٻيا ڪتاب بعد ۾ ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جو هي
عوامي، قومي شاعر، کاهوڙي ۽ ترقي پسند رهنما صحافي عبدالڪريم گدائي ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو.
گدائي
ھيڻن جو ھمراھ
شاڪر کوسو
ويهين
صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري
زمينداربهادر خان کوسي جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي،پٽ جي آمد
تي خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا ويا،سندس ڇٽيءَ تي اوڙي پاڙي ۽ بجار لاشاري جي ڪمداري هيٺ
آيل هارين جي عورتن جي مبارڪباديءَ لاءِ اچ وڃ رهي هوندي،ان ڏينهن بجار پاران
پتڪڙي پٽ جي ڇٽيءَ جو نالو ”بگن“ رکيو ويو جيڪو بعد ۾ بانبڙا پائڻ ۽ پهرين شرارت
کان پوءِ ”بگن“ مان ڦري ”بگو-بگو“ سڏجڻ لڳو. خيال اهو ٿو ڪجي ته سندس والد پاران
ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس ”درخشان مستقبل“ لاءِ دعائون گهريون ويون هونديون ۽ دل ئي دل
۾ اهو سوچي گد گد ٿيو هوندو ته ”بگن“ وڏو ٿي سندس ”منصب“ سنڀاليندو پر هن کي ڪهڙي
ڪل ته اڄ جو ”بگو“ سڀاڻي جي سنڌ جو ”عبدالڪريم گدائي“ بڻجي ڏيهه جي ڏاڍن ۽ بگڙيل
ڀوتارن خلاف بغاوت جا الم بلند ڪري ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“ بڻجي گونجار
ڪندو!
سچ ته
عبدالڪريم گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن جو خداتعالي پاران مظلوم
مخلوق لاءِ خلقيل تحفو آهي پاڻ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪليات ”لاٽ ٻرندي رهي“۾ گهرون
ٿا ته سندس شاعري ڄڻ ته اسان منجهه سرايت ڪري وڃي ٿي ۽ سندس شاعري اتساهه ڏيارڻ
لاءِ هيئن ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿي؛
نيٺ
گدائي ٻارڻ ٻرندا
انسانن
جا وارا ورندا
ڪنڊن
مان ئي ڦول اڀرندا
ظالم
سڙندا،ڳرندا،مرندا
ماڻهو
ٿيندا شاد
دنيا ۾
نيٺ ته ٿيندو دادٰ !
سندس
شاعري پڙهي خواهش ٿي جنم وٺي ته ڪاش!اسين به گدائيءَ کي روبرو ٻڌون ها پر موت ته
اوس اچڻي ئي آهي،جنهن مان هن جهان جا وڏا وڏا عالم، مدبر، سائنٽسٽ، مفڪر شاعر اديب
۽ سياستدان به پلئه پاند نه ڇڏائي سگهيا آهن بهرڪيف هر اهو ماڻهو جيڪو هن جهان کي
الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏسي ٿو اهو پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچاين ڪري هر دور ۾
زنده جاويد رهي ٿو، اڄ ”گدائي“ صاحب ان ڪري زنده جاويد ناهي ته هو هڪ ناليواري
زميندار جي ڪمدار جو پٽ هو پر اڄ هو اسان جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي
ڌڙڪن انڪري بڻيل آهي جو هو اسانجو ترجمان آهي، اسانجي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسانجي
جذبن، امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي!
جڏهن
ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجن خواهشن کي هيئن
بيان ڪيو؛
ڪر
سڻايون ٿين ديس ۾ شل!
اجهو،
لٽو ۽ اٽو، ان جال جام ٿئي!
گدائي
صاحب پنهنجن مختلف شعرن ۾ فيض احمد فيض جيان اسان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته حيات
انساني جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ پوءِ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت ئي نه رڳو
زندگيءَ جي تقاضا آهي پر فن جي گهرج پڻ! ۽ گدائي صاحب بذات خود انهيءَ جدوجهد ۾ بر
سر پيڪار رهيو، سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ وطن جي گھڻ گهرن کي ملندڙ صعوبتون،اذيتون،قيد
تنهايون، ۽ عملدارن جا مڪروه ٽهڪ انهيءَ سڄي عملي ڪم جا روشن مثال آهن، اسين
سمجهون ٿا ته شاعر ۽ اديب جو ڪم فقط ۽ فقط ”غير جانبدار“ ٿي لکڻ آهي ۽ غير جانبدار
ٿي لکڻ سان ئي حقيقتن جي صحيح عڪاسي ڪري سگهجي ٿي ۽ انقلاب جو رستو ”غير جانبدار“
ادب مان ئي تعين ڪري سگهجي ٿو.
گدائي
صاحب جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن ۽ ظلمتن جو
درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ آهي،
گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي سورن
۾ورتل ڏسي دانهين ٿو.
سندس
شاعريءَ جا ڪيترائي رنگ ۽ پاسا آهن دل ته چئي ٿي ته سندس مڪمل ”ڪليات“ هتي ڏيئي
ڇڏيان.
گدائي
صاحب جي شاعري اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ آهي جيتوڻيڪ گدائي صاحب کي هن دنيا مان
وئي ڪيئي ورهيه گذريا آهن پر هو پنهنجي شاعري وسيلي ”بني نوع انسان“ جي بقا تائين
زنده جاويد رهندو. اچو ته اُن عظيم انسان کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس ئي سٽن ۾
ڀيٽا ڏيون:
جيئي
سنڌ! جيجل جو آهي قسم،
ته
جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،
ٿئي
ديس خاطر جي سر ڀي قلم:
ساٿ
هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!
عبدالڪريم گدائي
سليم گل چنا، ڪراچي
عبدالڪريم
گدائي سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري ۱۹۰۱ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي
بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون
ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد
تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان
علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل
بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.
عبدالڪريم
گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو.
گدائي ۱۹۱۱ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾
داخل ٿيو ۽ ۱۹۱۶ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي
هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح ۱۹۲۰ع ۾
فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.
سندس
پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ
تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون ۱۹۲۰ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف
احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾ خلافت
تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. ۱۹۲۵ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس
شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ”
۱۹۴۷ع کان پوءِ آزادي وارو خواب
شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽
اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو. “
گدائي
صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾
شايع ٿيندو رهيو. پاڻ ۱۹۵۲ع ۾
سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره
سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.
گدائي
جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي
فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.
گدائي
جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.
* سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين,
* خبردار هاري جو ڀوتار آيا پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.
* اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات ڪڍي ڪوئي
ڪات، ماري مانگر مڇ کي.
* نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر،
نه
ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر
نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي
برابر،
نه
ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.
* آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي
هر موڙ مٿان آزاديءَ جي،
هڪ مشعل ٻاري وينداسين.
گدائي
صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند:
* ڪب رها غافل مين تيري ياد سي افترا هي، جهوٽ هي، الزام هي.
اسان جو گدائي صاحب
جاويد ساغر
اجل شل گدائي اڳي ڪين ماري،
ڏسان ڏيھ ۾ ڪو مارو نه ميرو.
عبدالڪريم
گدائي جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ليجنڊ واري حيثيت رکي ٿو. شاعر قومي ڪارڪن، صحافي ۽
ڪلاڪا، اهي سڀ حواله ان جي شخصيت جا آھن ۽ انهن سڀني حوالن اسان جي تھذيب ۽ ثقافتي
زندگيءَ ۾ ھڪ مثالي سڃاڻپ قائم ڪري ورتي آھي.
سنڌ
گدائي صاحب جي ان شروع واري رومانوي دور کي ڪيئن وساريندي جڏھن گدائي صاحب جي
عاشقاڻي ڪلامن جا RPM 78 گرئموفونو
رڪارڊ سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ وڳا پئي، تن ڪلامن کي ٻڌي عاشق دل
ويچارڙن پنهنجيون اکيون اشڪبار ڪيون ۽ ٿڌا ساھ ٿي ڀريا، نه وري سنڌ گدائي صاحب
واري ان عوامي رنگ ۾ ورتل مزاحمتي دور کي فراموش ڪري سگهندي، جڏھن گدائي صاحب
پنهنجي شعرن وسيلي پيڙھيل، لاچار ۽ محڪوم طبقي جو ڀرجهلو ٿي سياسي، رياستي ۽
طبقاتي ظلم ۽ جبر خلاف رُڪَ جي ديوار ٿي بيٺو.
جلائي خونِ جگر، مشعلن کي تيز ڪيو،
راھِ حيات گدائي آ، داغدار اڃان.
جديد
سنڌي شاعريءَ ۾ عوامي شاعريءَ جو بنياد ڪشن چند بيوس وڌو ان بنياد تي عمارت
عبدالڪريم گدائي قائم ڪئي ۽ گدائي صاحب واري عمارت تي پُستي پلستر، رنگ روغن وري
نياز ھمايوني، محمد خان مجيدي، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، ابراھيم منشي، سرڪش
سنڌي، حليم باغي، مقصود گل ۽ ٻين اچي ڪيو. جا ڳالھ بيوس استعارن ۽ علامتن جي مدد
سان رومال ۾ ويڙھي ٿي ڪئي، سا ڳالھ گدائي صاحب انتھائي سھل سادي ٻوليءَ ۾ عوامي
انداز سان ڪئي ۽ عوامي انداز پورھيت ۽ ھاريءَ سان مخاطب ٿيو ۽ گھرو ٿي عوامي انداز
سان پنهنجي ڪردارن جي مفلسي ۽ لاچاريءَ جا نقش چٽيا، بي باڪيءَ سان سياسي مڪر ۽
فريب تي ڦٽڪار وڌي، مذھب جي آڙ وٺيو ٺوڳي مُلي کي ننديو، پيٽ وڏي ڀوتار جي مٿي ۾
ڌوڙ وڌي، بنا رک رکاوَ جي غلاميءَ جي چھري تان دوکي ۽ فريب سندي آزاديءَ واري
ٻُوٿاڙ لاھي ورتي، ايمانداريءَ سان پنهنجي آس پاس جي زندگيءَ جا منظر چٽيا، جرعت ۽
دليريءَ سان سنڌ ۽ سنڌيت جا ترانه چيا ۽ عوامي انداز سان روشن صبح ( آئيندي ) جي
نويد ڏني.
نه اٽو
جنھين کي، نه اجھو ميسر،
نه پيرن
۾ پادر، نه عورت کي چادر،
نه پنھنجي
بدن تي لنگُوٽي برابر،
نه ڪوسي
ٿڌيءَ ۾ پيرن ۾ پادر،
اھو
ملڪ پنهنجي جو معمار آھي
اھو
ديس پنهنجي جو سينگار آھي.
يا
وري
ورندو واءُ، وري وسندا مينهنَ،
وڇوڙي
جا ڏينھن، رھي رھندا ڪيترو.
عبدالڪريم گدائي
بيباڪ صحافي
اي ڪي آزاد مغل
ڏات قدرت جي طرفان مليل هڪ خاص
تحفو هوندي آهي، جن ڏات ڌڻين جي ڪري ڏيهه ۽ علائقو سڃاتو ويندو آهي، اهڙن ڏات ڌڻين
۾ ضلعو جيڪب آباد نمايان رهيو آهي، جن ۾ برڪت علي "آزاد"، عبدالڪريم
"گدائي"، محمد امين خان کوسو، احمد ميان سومرو، قادر بخش “حقير” /
“بشير” سومرو، دلمراد خان کوسو (اول)، دريا خان جکراڻي، عبدالحڪيم شيخ، رشيد احمد
لاشاري، ڪالو خان اياز، استاد عبداللطيف مهر، استاد امبرت راءِ، حڪيم قائم الدين،
سڪندر خان “فدائي” کوسو، جسٽس عبدالرزاق ٿهيم، خدا بخش "ناشاد"، محمد
بخش سومرو وڪيل، مولوي اميد علي، فيض بخشاپوري، قمبر بروهي، فتاح عابد، مجاهد محمد
اشرف دائودپوٽو، ڊاڪٽر الهورايو خان ڪاڪڙ ۽ ٻيون کوڙ ساريون اهم شخصيتون شامل آهن،
جن پهنجي ڏات، صلاحيت، فن، فڪر ۽ قدر ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو. تن جي محنتن ۽ صلاحيتن
جي ڪري ڏيه پرڏيه ۾ ضلعي جيڪب آباد جو نالو روشن ٿيو، انهن مان عبدالڪريم
"گدائي" به هڪ هو.
سنڌ جي عوامي، انقلابي، رومانوي
۽ مزاحمتي شاعر عبدالڪريم "گدائي" ٺل جي نالي واري زميندار بهادر خان
کوسو جي ڪمدار بجار خان لاشاريءَ جي گهر ويهين صديءَ جي پهرين ڏينهن، پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. سندس ڇٽي جو
نالو والدين بَگَنُ عرف بَگَوُ رکيو. ۱۹۰۶ ۾
سندس والد بجار خان کيس اسڪول ۾ پڙھڻ لاء ويھاريو، جتي سندس استاد بگن بجاء
عبدالڪريم نالو داخل ڪيو، عبدالڪريم "گدائيءَ" ابتدائي پرائمري تعليم ٺل
۾ حاصل ڪئي. سندس پڙهائي ۾ ماستر وستيرام حيدرآبادي ۽ مختيار ڪار ٺل آنندرام جو
وڏو هٿ هو، وڌيڪ تعليم لاءِ ۱۹۱۱ع ۾
جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس قاضي عبدالڪبير
درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوري جي شفقت حاصل ٿي ۽ سال ۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد ۾ ئي انگريزي ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين ۽ ڇهون درجو پاس
ڪيائين. ۱۰۱۸ع ۾ حسابن جي آزمائشي امتحان ۾
مارڪون گهٽ کڻڻ جي ڪري پڙھائي ڇڏي اچي گھر پھتو، قاضي علي رضا (ايم اي) روهڙي واري
جي ڪافي محنت ڪرائڻ جي باوجود مئٽرڪ امتحان ۾ پاس نٿي سگهيو.
عبدالڪريم "گدائي" کي
ساڳئي سال ۾ مسٽر آنند رام مختيارڪار ٺل جي ڪوششن سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي
ملي، سال ۱۹۱۹ع ۾ استعفيٰ ڏيئي ٺل اچي پھتو. پوءِ
ٺل ۾ ۱۹۲۰ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو
امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ پوليس جي ڪانسٽيبل طور درخواست ڏنائين ته، کيس ننڍو منشي
طور ڀرتي ڪيو ويو، جا جيڪب آباد جي ٽائون ٿاڻي تي ڇه (۶) مھينا گذرڻ کانپوءِ اھا به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ عبدالڪريم گدائي ۱۹۲۳ع جي پڇاڙيءَ ۾ ٺل جي زميندار مرحوم بهادر خان کوسي جي فرزند شاهل خان جو
ٽيوٽر ٿيو جتي هن جي ملاقات لطف الله بدوي “جوڳي” شڪارپوري سان ٿي. جيڪو بهادرپور
اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا. جنهن جي صحبت ۾ گدائي
صاحب کي به شاعريءَ جو شوق ٿيو ۽ پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ تخلص
“گدائي” چونڊيائين. سندس مشهور نظم “آخر فنا”، "ليوڪس پارڪ"،
"مولانا امروٽي"، "اهي ڏينهن" مختلف هفتيوار اخبارن ۾ شايع
ٿيا.
بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ
کانپوءِ هن کي ۱۹۲۷ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ نوڪري
ملي ۽ کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ مقرر ڪيو ويو.
پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ان نوڪري تان به هٿ ڌوتائين. جنهن جو سبب رتيديري ڊويزن
جي ايس ڊي او سان ڪجهه ڳالهين تي اختلاف ٿي پيو، جنهن جي ڪري "گدائي"
صاحب ۱۹۳۲ع ۾ ٻه مهينا موڪل وٺي ٺل آيو
ته، پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري وڃائي ڇڏي. ان ملازمت دوران قاضي
عبدالحي قائل سان پڻ گڏ رهڻ ٿيو، جتي گدائي صاحب جي شاعرانه مزاج ۾ واڌارو آيو. سال
۱۹۳۲ع ۾ گدائي صاحب ٺل ۾ ڪپڙي جو
دڪان به کوليو، جيڪو پڻ ٿوري ئي وقت ۾ نقصان جي نظر ٿي ويو.
عبدالڪريم "گدائي"
ساڳئي سال ۱۹۳۲ع ۾ تحريڪ آزاديءَ ۾ شامل ٿي
سياست طرف لاڙو رکيو ۽ پيٽ گذر لاء عريضي نويسي ڪئي، ٺل ۾ ئي ڪانگريسي برڪت علي
آزاد ساڻنس ملاقات ڪئي ۽ کيس ڪانگريس ڪاميٽيءَ ٺل جو سيڪريٽري مقرر ڪيو، جنهن
دوران انگريزن خلاف خوب شاعري ڪيائين. جا هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار
۽ روزانه الوحيد ۾ شايع ٿي.
۱۹۳۲ع کان ۱۹۴۲ ع تائين عبدالڪريم گدائي ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو.
گدائي صاحب وري ۲۰ جولاءِ ۱۹۴۷ع کان ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل ۾ (جا
هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽي / ٽائون ميونسپلٽي آھي) سيڪريٽري مقرر ٿيو. ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع ۾ سيڪريٽري جي ملازمت کان
فارغ ٿيڻ تي روزگار لاءِ هوٽل کوليو، جيڪو پڻ نوڪرن جي نظر ٿي ويو، سال ۱۹۴۸ع ۾ ئي ھارين جي حقن لاء پتوڙيندڙ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ھارين،
مزدورن، پورھيتن جي حقن جي حاصلات لاء عوامي، انقلابي ۽ مزاحمتي شعر ۽ بيت لکيائين.
پنهنجي ڪجهه ويجهن عزيزن ۾ گھرو
اڻبڻت ٿيڻ جي ڪري ۱۹۵۱ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾
رهڻ لڳو، جتي برڪت "آزاد" جي مدد سان ادب، سياست ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم
ٿي ويو. ”مجاهد“، "سنڌ فرنٽيئر گزيٽ" ۽ ٻين ڪافي اخبارن جو ايڊيٽر پڻ
مقرر ٿيو. سال ۱۹۵۲ع ۾ جيڪب آباد جي هاري ڪاميٽي
پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ پڻ صبح صادق، صبح سنڌ، انقلاب، امروز ۽ ستارا
سنڌ جهڙي اخبارن ۾ بطور ايڊيٽر ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ ۱۹۶۱ع کان مرڻ گهڙي تائين روزاني عبرت جو ضلعي رپوٽر رهيو.
۲۸ جنوري
۱۹۷۸ع ۾ پنھنجي رھائشي گهر پراڻي
ميونسپلٽي جيڪب آباد ۾ ھن فاني جھان کان لاڏاڻو ڪيو، انتقال ٿيڻ کان ۱۵ ڏينهن اڳ کيس فالج ٿيو هو، کيس افضل بابا قبرستان، ڪوئٽه روڊ تي سوين
اديبن، صحافين سميت مٽن مائٽن آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي.
سال ۱۹۶۰ع ۾ سندس قومي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو
ملڻ شروع ٿيو، جيڪو تاحيات جاري رهيو.
سال ۱۹۶۵ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو
’ساڻيهه جا سور‘ شايع ٿيو،
جنهن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ
پاران هڪ هزار روپيا انعام مليس. سندس شاعريءَ جا ٻه ٻيا مجموعا:
“پيماني تي پيمانو” (۱۹۷۴ع) ۽
’پکڙا ۽ پنهوار‘ ۱۹۷۵ع ۾ شايع ٿيا.
عبدالڪريم "گدائي"
سنڌ جو رومانوي، انقلابي، مزاحمتي ۽ عوامي شاعر هو، هن جي شاعري نوجوانن، مزدورن،
هارين، پورهيتن جي حقن لاءِ اتساه رھي آھي، پهريان رومانوي شاعري گهڻي ڪئي بعد ۾
مزاحمتي ۽ انقلابي عوامي شاعري ذريعي مظلومن کي انقلاب لاءِ ھمٿايو،
"گدائي" سنڌي ٻولي کان علاوه اردو ۽ سرائيڪي ۾ به شاعري ڪئي. ۽ ساڳي وقت
سٺو ليکڪ، نثر نويس، اداريه نويس، ڪالم نگار، تاريخدان، ڊراما ليکڪ، ڊراما اداڪار،
ڊراما ھدايتڪار، سنگيت جو ماهر ۽ ڳائڻو، بيباڪ صحافي، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن هو. "گدائي"
صاحب جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ ۱۹۶۵ع“ ۾
خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” نالي سان پڻ لکي، جو ھڪ مستند ۽ اھم دستاويز آھي.
“گدائي” صاحب جي فني زندگي سان
گھڻي وابستگيءَ هئي جو اسڪول واري زماني کان ڊرامن جو شوق هوس، سندس ان شوق جو
پورائو ماسٽر امير علي جي ڊراما ڪمپنيءَ ۾ ٿيو، جتي ”گدائي“ صاحب ڇهه مهينا نوڪري
به ڪئي، ان بعد ٺل ۾ هڪ ناٽڪ منڊلي “ٺل ايميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جو بنياد
وڌائين، ان منڊليءَ جي سهڪار سان ڪيترا هندي ۽ سنڌي ڊراما اسٽيج ٿيا، جهڙوڪ: “بلوا
منگل”، “خدا دوست”، ۽ “جلاد عاشق”. اغا حشر جي اردو ڊرامي “بلوا منگل” جو سنڌي
ترجموڪري اسٽيج تي پيش ڪيو هئائين، ان کانسواءِ ڪوئيٽا، سبي، سکر، شڪارپور ۽ ٻين
شهرن ۾ هن منڊليءَ جي اداڪارن پنهنجي فن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. هو هڪ ئي وقت تي
اداڪار، هدايتڪار، ڪهاڻيڪار، گلوڪار ۽ شاعر هو. گيٽ اپ ۽ ميڪ اپ جو به ماهر هو. کيس
مون ھارميونم ھلائيندي ڏٺو. فقير غلام حيدر، فقير محمد عالم (ھي ٻئي جت محلا، جيڪب
آباد جا رھاڪو ھئا ۽ چيزل شاه ۽ رکيل شاه جا فقير سڏرائيندا ۽ سندن ئي ڪافي ۽ ڪلام
ڳائيندا ھئا)، استاد ارباب خان کوسو، فقير حاتم سيلرو کان راڳڻيون (يعني مختلف
ڪلاسيڪل راڳ) منھنجو والد ۽ چاچو گدائي گڏجي ھر ھفتي کائن ٻڌندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ته
سڄي سڄي رات به گذري ويندي ھين، جو راڻو ڳائيندا ھئا.
دل ٿي چئي آڳ لڳايان،
گهٽ وڌ جو هي فرق مٽايان.
سارو هي مانڊاڻ جلايان،
ڇيڙي ديپڪ راڳ،
الا او پنهنجو پنجهو ڀاڳ.
مٿي عبدالڪريم
"گدائي" جي زندگي جو مختصر خاڪو ڏ ڏنو ويو. ھاڻ سندس صحافتي زندگي تي
مختصر قلم کڻجي ٿي.
عبدالڪريم "گدائي" وٽ
لفظن جا انبار هئا، خبر لکڻ کان علاوه، اخبارن جي ڪالمن، سنجيده ۽ مزاحيه فيچرن ۽
اداريو لکڻ جو چڱو ڏانء رکي پيو. ۱۹۴۶ع “ ۾
هفتيوار “مجاهد” جيڪا محمد اشرف دائودپوٽو جي ادارت ۾ ٺل کان نڪرڻ شروع ٿي، تنهن ۾
گدائي صاحب بطور ايڊيٽر رهيو.
۱۹۵۱ع ۾
برڪت علي آزاد پنهجي اخبار “صبح سنڌ” ۾ هارين جي تحريڪ ۾ جان وجهڻ لاءِ کيس مئنيجر
۽ سب ايڊيٽر مقرر ڪيو، گدائي صاحب جي هارين جي حقن لاءِ لکڻين، عوامي گيتن ۽
انقلابي نظمن جي ڪري پوري سنڌ ۾ مشهوري ماڻي، ۽ اخبار ۲۵ لک هارين جي ترجمان بڻجي وئي.
هفتيوار “اتحاد” شروع ته ۱۹۳۳ع کان شروع ٿي ھئي، پر ۵۸-۱۹۵۷ع ۾ گدائي صاحب انتظامات سنڀاريا ته پنهنجي فڪر ۽ تحرير ٻارڻ ٻاريو.
اپريل ۱۹۵۵ع فرنٽيئر گزيٽ اخبار /پاڪستان پرنٽنگ پريس مان پڌري ٿي ته گدائي صاحب پڻ
ايڊيٽر مقرر ٿيو، اخبار جو مئنيجر مٺو مل هو، پر گدائي صاحب جو ادبي ۽ تعليمي مواد
۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ هندن جا مسئلا اجاگر ڪرڻ سان سنڌ کان ٻاهر اخبار کي مقبوليت
جام ملي، ۱۹۵۷ ۾ گدائي صاحب اخبار ڇڏي ته
اخبار بند ٿي وئي.
۱۹۵۷ع ۾
هفتيوار “امروز” شاعر بخاري شايع ڪئي ته اسٽاف ۾ گدائي صاحب نمايان هو،
۱۵
سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان روز نامه “جهاد” غالب
لطيف ۽ گدائي گڏجي شايع ڪئي، گدائي صاحب ۽ غالب لطيف لکڻين ۽ ڪالمن جي ڪري مشهور
ٿي.
۱۹۶۸ع غالب
لطيف جي هفتيوار اخبار “سارنگ” شروع ٿي ته هن اخبار جو ايڊيٽر عبدالڪريم گدائي
مقرر ٿيو ۽ گدائي صاحب جي لکڻين جي ڪري ڪافي مقبول ٿي.
۱۹۶۱ع ۾
روزانه عبرت جو ضلعي رپوٽر مقرر ٿيو جو آخري دم تائين ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ واڳيل رهيو.
صحافت جيئن ته معاشري جي مڙني
علمن، هنرن، حرفتن ۽ زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ مسئلن جهڙوڪ: اقتصادي، سماجي، سياسي،
انساني حقن جي لتاڙ (اڻ برابري) بنيادي حقن وغيره وغيره جي ترجمان آهي ۽ انهن جا
پڻ حل ڪرڻ به صحافت جو جُز آهي.
“گدائي” صاحب جي اڻٿڪ ڪوششن سان
جيڪب آباد ۾ ۷۱ - ۱۹۷۰ع ڌاري ”ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس“ جو بنياد وڌو هو ۽ ڀڄ ڊڪ ڪري عمارت
ورتائين ۽ پريس ڪلب جوڙيائين، سندس هن ڪم ۾ مرحوم غالب لطيف قريشي جو ڀرپور ساٿ هو.
عبدالڪريم گدائي هڪ بيباڪ صحافي ۽ نثرنويس هو. سو هو اخبار جو اداريو “ايڊيٽوريل”،
ڪالم ۽ فيچر لکڻ ۾ پڻ تمام گھڻي مهارت رکندو هو.
گدائي بطور ادريه نويس/ ايڊيٽر
اهڙا فڪري ۽ سنجيده اداريه لکيائين جو عوام ان تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿي پئي. جديد
خيالن جي اپٽار ۽ مستقبل تي نظر سندن لکيل ادارين ۾ نظر ايندي، قومي ۽ عوامي محبت
۾ ڪيترائي مضامين لکيائين هيٺ قومي سجاڳي جي سلسلي ۾ هڪ ايڊيٽوريل جو اقتباس پيش
ڪجي ٿو.
“فولاد جي ديوار”
“. . . . . . . . . . . . . . .
. هڪ طرف پاڪستاني فوجي نوجوان سرفروشن جي اها ناقابل فراموش جرئت ۽ سرفورشي قابل
فخر آهي ته ٻئي طرف ملڪ جي تاريخ جي هن اهم ۽ نازڪ موڙ تي اسان جي پاڪستاني قوم به
جنهن همت، حوصلي، ايثار ۽ اتحاد جو ثبوت ڏنو آهي، هن نازڪ وقت ۾ پنهنجا سڀئي ذاتي،
قبائلي، مذهبي خواه سياسي باهمي اختلاف وساري، جيڪو تنظيم، اتحاد ۽ يقين محڪم جو
ناقبال فراموش ثبوت مهيا ڪيو آهي، اهو پاڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ به اهڙن نازڪ
وقتن تي هڪ روشن مينار جو ڪم ڏيندو. اڄ سموري پاڪستاني قوم بنا ڪنهن ذاتي ڀيد ڀاء،
رنگ ۽ نسلي امتياز ۽ بنا ڪنهن به مذهبي ۽ سياسي اختلاف جي، پاڪستان جي “سبز هلالي
جهنڊي” کي اُونچو رکڻ لاءِ هڪ مضبوط، فولادي ديوار بڻجي ويئي آهي”.
(روزانه “جهاد” جيڪب آباد ۱۹ آڪٽوبر ۱۹۶۵ع”).
گدائي بحيثيت فيچرنگار:-
جيڪڏهن ڪنهن خبر کي نمايان ڪرڻو
هوندو آهي يا ان جو انساني دلچسپي جا خاص پهلو موجود هجن ته ان تي فيچر لکي سگهجي
ٿو.
گدائي صاحب جيئن ته هڪ مڃيل
بيباڪ صحافي ۽ سٺو اديب هو، ان ڪري کيس فيچر لکڻ ۾ ڪا رڪاوٽ محسوس ڪو نه ٿيندي
هئي، سندس لکيل فيچرس جي ٻولي سادي، سولي ۽ اسلوب بيان پرڪشش هوندو هو. هن جي ذاتي
سوچ، ملاقاتون، واقعا ۽ علائقائي مشغلا سندن فيچرس جا موضوع هوندا هئا، ان ڪري
سندس لکيل فيچرن ۾ تحقيق ۽ تجربي سان گڏ انساني نفسياتي پهلو ۽ تواريخي تجزيا پڻ
نظر ايندا.
جيڪب آباد شهر ۾ ٿيندڙ سئو ساله
جشن جي تواريخي حيثيت، ان جي فني ۽ تجارتي پهلوئن تي بحث سان گڏ، جاگرافيائي، ادبي
۽ ثقافتي افاديت تي گدائي صاحب جو فيچر هر سال روزاني اخبارن سووينر ۽ مئگزين جي
زينت بڻبا هئا. ان کانسواءِ ڏياري جو ڏڻ، انگريزن جي صاحبي جا ڏينهن، جيڪب آباد جي
تواريخي حيثيت متعلق ڪيترائي فيچر /مضمون تي اچي چڪا آهن، انهن فيچرن جي اهميت جو
اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو، جو سندس خيالات ۾ هر دفعي نئين تحقيق نون
خيالان ۽ نون الفاظن جا انبار نظر ايندو، ساڳئي تقريبن جي نون پهلوئن کي تلاش ڪري
انهن کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جو کيس ڏانءُ هو.
سندس ل کيکل فيچرس ۾ هر قسم جا
موضوع شامل آهن، انهن ۾ يادگار مضمون، “شخصيتي مضمون” “تحقيقي ۽ تجرباتي مضمون”
“تاريخي مضمون” شامل ڪري سگهجن ٿا. گدائي صاحب اهڙا ڪيترائي فيچر لکيا. جهڙوڪ:-
جيڪب آباد جو تاريخي وڪٽوريا ٽاور، اسپيشل مائونٽنگ فورس، جنرل جان جيڪب، جيڪب
آباد جا ماضي جا ڳائڻا، جيڪب آباد جا شاعر ۽ اديب، جيڪب آباد جي اديبي ۽ ثقافتي
اوسر ۽ جيڪب آباد جو هارس ۽ ڪيٽل شو، صحافتي اوسر ۽ پريس جي تاريخ، خانڳڙهه جي
تاريخ وغيره.
نموني طور هڪ فيچر مان ڪجهه حصو
هيٺ ڏجي ٿو.
“جيڪب آباد ۾ گهوڙن جو ميلو”
“هڪ سو ساله تاريخي عوامي
تقريب”
چيو وڃي ٿو ته سئو ساله تاريخي
گهوڙن جي ميلي جي شروعات اڻويهين صدي جي وچ ۾ ڌاري ٿي هئي جنهن جو ذڪر سنڌ جي
علائقي جي اي ڊبليو ڪيو گزيٽئر ۾ ملي ٿو جيڪو سال ۱۸۷۶ع ۾ شايع ٿيو.
ساڳئي گهوڙن جي ميلي جو ذڪر اي
ايڇ ائٽڪن صاحب واري گزيٽئر ۾ پڻ ٻيھر آيل آهي، اهو گزيٽيئر سال ۱۹۰۴ع ۾ مرتب ٿيو هو. چيو وڃي ٿو ته جڏهن انگريز پهريئين پهريئن هن علائقي تي
قابض ٿيا ته، هتي ان وقت بهترين اعلى عربي ۽ ايراني نسل جا گهوڙا هتان جي بلوچ
سردارن طرفان پاليا ويندا هئا، جن جي سواري جي ذريعي انهن بهادر بلوچ سردارن جي
بهادرن انگريزن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا هئا، چيو ٿو وڃي تي انهن بلوچ بهادرن جي نزديڪ
پنهنجي سواري جا گهوڙا وڪڻئڻ عيب سمجيو ويندو هو، ليڪن جڏهن انگريز پنهنجي سياسي
چالبازين فريب ڏيڻ ۽ ظلم ۽ ستم سان هن علائقي ٿي قبضو ڪري ورتو ته کين پنهنجي فوج
جي رسالن لاءِ اعلى قسم جي گهوڙن جي ضرورت سختي سان محسوس ٿي، ڇو ته ان وقت
انگريزي فوج ۾ نهايت گهٽ درجي جا ننڍي قد جاڪمزور گهوڙا هئا، جي سندن فوجي خدمتون
پوريون ڪرڻ لاءِ موزون نه هئا.
گدائي هڪ ڪالم نويس:-
اخبار جي مستقل عنوان کي ڪالم
چيو ويندو آهي، جن ۾ مزاحيه، ديني، سائنسي، علمي ۽ ادبي مواد پيش ڪيو ويندو آهي،
ان جي ليکڪ کي ڪالم نويس يا ڪالم نگار چيو ويندو آهي، “ڊائري” لکڻ جو رواج هجي يا
سياسي “پس منظر” انهن کي “ڪالم” جي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو. گهڻو ڪري اسانجي ملڪ ۾
اخبار پڙهندڙ جي اڪثريت گهٽ تعليم يافته آهي، ڪالم نويس کي پڙهندڙن جي سوچ کي
سامهون رکي لکڻو آهي، جيئن انهن جي زبان سادي ۽ مسئلن کي کولي بيان ڪرڻ به ضروري
آهي، گدائي صاحب ڪالم نويسي جو ماهر هو، جن مقامي اخبارن لاءِ گدائي صاحب لکندو هو،
تن جي اهميت هوندي هئي. هن جي ڪالمن ۾ صحافتي اصولن پٽاندڙ مضمون ۽ ٽيڪنڪس هونديون
هيون، ان ڪري سندس ليکل ڪالم مستقل عنوان بڻجي ڇپيا هئا ۽ پڙهندڙ ڏاڍي شوق سان
سندس ڪالم جو انتظار ڪندا هئا.
مزاحيه ڪالمن ما هڪ ڪلام جو
ڪجهه حصو حاضر آهي.
“بم گولن جا ٺڪاءَ”
“ڪاوڙ ۾ شاستو جون اکيون پور جي
ويون، ڳلن ۾ کڏون پئجي ويس ۽ هوا ۾ ٺونشو لهرائي وٺي زور سان ميز تي هنيائين، نڙي
تي زور ڏيئي ايئر مارشل ارجن سنگهه کي چيائين، “بيڪار بلڪل بيڪار آهي، هي تنهنجو
هوائي اٽالو، بم گولا اڇلن هڪ هنڌ ٿا ته، اهي ڪرن ٻئي هنڌ ٿا، انهن سان ڪيترا گولا
نه بلڪل ڦاڻائي نه آهن،
ڀائي ارجن خنڪي سان جواب ڏنو،
“انهي ۾ منهنجي هوائي اٽالي جو ڪهڙو دوش؟ امداد ۾ توهان کي ته مليائي اهڙا هٿيار
آهن، انهي تي شاستري ذرا ٺاپرجي ويو”.
۱. روزانه
“جھاد” جيڪب آباد ۰۳ آڪٽوبر ۱۹۶۵ع
۲. "ڪتاب
سفر زندگيءَ جو": ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، ).
اگر بخت بگڙيو سنواري ڇڏيوسين،
سڄو وقت کلندي گذاري ڇڏيوسين،
وڙھي تيز طوفان ۽ موجن سان
همدم،
وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيوسين.
سفر زندگي جو ڪٺن هو “گدائي”،
بهرطور گذريو گذاري ڇڏيوسين.
(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين
۾ ۳. جنوري ۲. ۲۴ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم گدائي
۰۱ جنوري (۱۹۰۱ع) سنڌ جي جديد ترقي پسند ادب جي سالار شاعر جو جنم ڏينھن.
فضل سومرو
گدائي صاحب ترقي پسند آهي شاعر
آهي جيڪو پنھنجي وطن جي ترقيءَ، خوشحاليء ۽ آجپي لاء پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو ۽ ديس جي
نوجوان کي ملڪي اڏاوت ۾ بحرو وٺڻ لاء هر وقت جا ڳائيندو رهي ٿو،، وٽس پنھنجي ديس
جي ماروئڙن، جهانگيئڙن ۽ سانگيئڙن جي تڪليفن ۽ پيڙائن کي بيان ڪرڻ جو اهڙو انوکو
انداز آهي جو پڙهندڙ پاڻ کي انھن سورن سٽيل سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن جي وچ ۾ بيٺل
محسوس ڪري ٿو، گدائي صاحب جي آڏو بيوس ۽ لاچار بڻيل ماروئڙن جي ايذائن ۽ اهنجن جي
ڀيٽ ۾ محبوب جو هجر فراق ۽ غم ِ جانا ڪا به معنا نه ٿو رکي، جيئن پنهنجي هڪ غزل
چيو اٿس :
سمايو جڏهين درد انسان دل ۾،
غم ِ عشق جانا، وساري ڇڏيون سين.
گدائي صاحب پورهيتن جو شاعر
آهي، گدائي بيوس، بي پھچ، لاچار ۽ مظلوم ماروئڙن جو شاعر آهي، سندس هڪ طرحي نظم
دوستن سان ونڊ ڪجي ٿو.
وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
رهبرن جي قول ۽ ڪردار جون
ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
ملڪ جي محنت ڪشن جي زندگي ٿي
تلخ تر،
روز شب فڪرن ۾ غلطان، تنگ ٿيو
تن جو گذر،
سخت سردي ۾ اگهاڙا، بي اجهي ۽
دردبد،
لڄ لڪائڻ لاء جن کي، ڪونه ڪپڙي
جو ٽڪر،
ڇو نه اُن بي گهر بُکئي بيمار
جون ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
زندگي جي نعمتن کان ملڪ جو مالڪ
نِراس،
پيٽ جي ڳڻتيء ڪيو، مزدور کي خبط
الحواس،
حيف، آزدي به آئي ڪِينَ ويچاري
کي راس،
ملڪ جو معمار! محروم ِ ثمر،
مونجهو اداس،
اڄ ضرورت آھ، اُن نادار جون جون
ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
قوم جي دختر بڻي، زينت انهيء
بازار جي،
جِت سڃاڻپ نا ئھِ پٽ جي پيء جي
۽ يار جي،
اوج تي بازار آ، عورت سندي
واپار جي،
لڄ وڪامي ٿي جتي، مجبور جي
نادار جي،
جبر و فاقي جي انهيء لاچار جون
ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
مفلسي ماري وڃايو، ديس جو حسن و
جمال،
بيڪسي سڀني اکين ۾، منھن مٿي
حزن و ملال،
نوجوانن جون اميدون ۽ ارادا
پائمال،
اڄ بڻي آهي حياتي، جان پنھنجي
جو وبال،
ڇا اڃا ڀي ابروء خمدار جون
ڳالهيون ڪريون؟
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
هِن گرانيء کي ڏسي لونء ٿي وڃي
ڪانڊارجي،
جنھن گهڙي تصوير ٿي آڏو اچي گهر
ٻار جي،
تارَ پُرزا ٿي پوي ٿي، خيال ۽
افڪار جي،
ڳالهه ئي وسري وڃي ٿي وقت جي
رفتار جي،
ڪهڙيون ڪهڙيون پنهنجي حال ِ زار
جون ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
جنگ بازن جي شرارت کان جھان
خطري ۾ آھ،
ايشيا جي ارتقا، امن و امان
خطري ۾ آھ،
هر ٻئي، هر جهوپڙي، هر هڪ مڪان
خطري ۾ آھ،
جوهر ِ عصمت سندو گوهر گران
خطري ۾ آھ،
ڇا اڃا ڀي عارض و رخسار جون
ڳالهيون ڪريون؟
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالھيون ڪريون.
جِت هجي بندش حقيقت جي فقط
اظھار تي،
۽ هجي قانون جو تالو لڳل گفتار
تي،
حق گران گذري جتي هر سيٺ ۽
سردار تي،
هر سخن سمجهيو وڃي، حملو جتي
سرڪار تي،
ڪيئن اُتي آزاديء ِ افڪار جون
ڳالھيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
اڄ ڏسڻ ۾ ٿو اچي زردار ڪجهه
ڪجهه بدحواس،
ٿي ويو پيدا اميري ۾ به آ خوف و
حراس،
ظلم جا اڏا ڏسڻ ۾ ٿا اچن ويران
اداس،
ٿِي اِجهو جاگيرداري، همنشين!
نابود و ناس،
هان زمينداري جي حال ِ زار جون
ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
اڄ ضرورت آھ، ڇيڙيون اُنَ
وساريل ساز کي،
زندگي بخشُون وري جمهور جي آواز
کي،
قوت ِ پرواز ڏيون، تنهن غافل ِ
پرواز کي،
خواب ِ غفلت کان اٿاريون ملڪ جي
شھباز کي،
پوء ڀلي هن ملڪ جي سينگار جون
ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
آھ هن پنھنجي ذلالت لاء ذميوار
ڪير؟
ٿو ڪري ڪڙمي کي لنگهڻ تي ڀلا
لاچار ڪير؟
۽ گدامن ۾ ڀري ٿو انَ جا انبار
ڪير؟
سچ ته چئو، ڪنهن جي ڪمائي جي
مٿان آ بار ڪير؟
ڇا وڏيرن کي چئون؟ سرڪار جون
ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
هُو ڏسو باکون ڦٽيون، اونداھ
مان اُڀري سحر،
امن ۽ انصاف واري روشني آئي
نظر،
جبر و استبداد هِت باقي اٿوَ ڪو
پل پَھَر،
هو ڏسو، جاڳيو اُٿيو، جمهور جو
شير ِ ببر،
دوستو جمهور جي للڪار جون
ڳالهيون ڪريون،
همنشينو! وقت جي رفتار جون
ڳالهيون ڪريون.
( فيسبڪ پوست ۱ جنوري ۲۰۲۶ع)
عبدالڪريم “گدائي”
مزاحمتي شاعر، صحافي
قومي ڪارڪن
زاھده ابڙو
ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس
پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري زميندار بهادر خان کوسو جي
ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي، ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي پٽ جي
ڇٺيءَ جو نالو “بگن” رکيو ويو، اڳتي وري هي شرارتي ڇوڪرو “بگن” مان ڦري “بگو- بگو”
سڏجڻ لڳو. يقينن سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس چمڪندڙ مستقبل لاءِ دعائون
گهريون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي خوش ٿيو هوندو ته “بگن” وڏو ٿي سندس ڇڏيل ڪم
سنڀاليندو، پر هن کي ڪهڙي خبر ته اڄ جو “بگو” سڀاڻي سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ “عبدالڪريم
گدائي” جي نالي سان مشھور تي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا عَلم بلند ڪري
“ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي” بڻجي گونجار ڪندو، سچ ته اهو آهي ته عبدالڪريم
گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن رب پاران مظلوم مخلوق لاءِ خلقيل
تحفو آهي. گدائي اها شخصيت هئي جنھن هن جهان کي الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏٺو ۽ هو
پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچائين ڪري هر دور ۾ اسان لاءِ ڪنھن نئين انقلابي روپ ۾
اچي هي سٽون چئي سنڌ جي جوانن جو رت گرمايو:
نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا
انسانن جا وارا ورندا
ڪنڊن مان ئي ڦول اڀرندا
ظالم سڙندا، ڳرندا، مرندا
ماڻهو ٿيندا شاد
دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو داد!
سنڌ جي ٻين انقلابي شاعرن اديبن جيان گدائي اسان
جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي ڌڙڪن ان ڪري بڻيل آهي جو هو اسان جو ترجمان
آهي، اسان جي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسان جي جذبن، امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين
ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي! جڏهن ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه
ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجين خواهشن کي هيئن بيان ڪيو؛
ڪر سڻايون ٿين ديس ۾ شل!
اجهو، لٽو ۽ اٽو، اَنُ جالُ جام
ٿئي!
گدائي جي شاعريءَ جا ڪيترائي
پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن ۽ ظلمتن جو درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي
صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ آهي، گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ
ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي سورن ۾ ورتل ڏسي دانهين ٿو،
جيئي سنڌ! جيجل جو آهي قسم،
ته جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،
ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم:
ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!!
گدائي صاحب کي هن دنيا مان وئي
ڪيئي ورهيه گذريا آهن، پر هو پنهنجي شاعري وسيلي “بني نوع انسان” جي بقا تائين
زنده جاويد رهندو، پر اڄ جو نوجوان پنھنجي اھڙي محسن جي ذاتي زندگي کان اڻواقف
آهي، ان ڪري ضروري ٿو سمجهان ته اڄ جي نوجوان کي گدائي جي ذاتي زندگي کان متعارف
ڪرايان ته هي انقلابي شاعر تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. هن بگي نالي شخص
کي اسڪول جي داخلا دوران بگو لکرائڻ بجاءِ عبدالڪريم ڪري لکيو ويو. هُو ۶ سالن جو ٿيو ته والد کيس ۱۹۰۶ع ڌاري
ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. جتان هن پنج درجا پڙهي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ۱۹۱۱ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس قاضي
عبدالڪبير درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوريءَ جي شفقت حاصل ٿي ۽ ۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کانپوءِ ميونسپل اسڪول مان
انگريزي ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ ۱۹۱۸ع ۾پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو، جنهن جو سبب حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون
گهٽ کڻڻ هو. استاد قاضي علي رضا روهڙي واري پاران محنت ڪرائڻ باوجود امتحان ۾ پاس
ٿي نه سگهيو. عبدالڪريم گدائيءَ کي ساڳئي سال ۾ مسٽر آنند رام جي ڪوشش سان پوسٽ
آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي، انهي نوڪريءَ تان ڪم وڌيڪ هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ ڪري ۱۹۱۹ع ۾ استعيفيٰ ڏئي، ٺل ۾ اچي ۱۹۲۰ع ۾
سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن کانپوءِ پوليس ڪانسٽيبل طور
درخواست ڏنائين، ۽ کيس ڪانسٽيبل طور ننڍي منشيءَ طور ڀرتي ڪيو ويو. هن ۶ مهينا جيڪب آباد ٿاڻي ٽائون تي نوڪري ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين.
انهيءَ کانپوءِ ۱۹۲۳ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر
خان کوسي جي پٽ شاهل خان جو ٽيوٽر ٿيو، جتي سندس ملاقات نامور اديب لطف الله
بدويءَ سان ٿي، جيڪو بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ بنگلي ۾ رهندا
هئا، جنهن جي صحبت ۾ گدائيءَ کي به شاعريءَ جو شوق ٿيو. پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽
تخلص ‘گدائي’ چونڊيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ کيس ۱۹۲۷ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ ملازمت ملي، جنهن بعد کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ،
ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ رکيو ويو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ رتيديري
ڊويزن جي ايس ڊي او سان اختلاف ٿي پيس، جنهنڪري ۱۹۳۲ع ۾ ٻه مهينا موڪل ورتائين. پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري ختم
ڪرائي ڇڏي. نوڪريءَ تان فارغ ٿيڻ بعد گدائيءَ ساڳئي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو،
جيڪو ٽي سال هلايائين. جنهن بعد ٺل ۾ هوٽل کوليائين. عبدالڪريم گدائي ۲۰ جولاءِ ۱۹۴۷ع کان ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل
(هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾) سيڪريٽري مقرر ٿيو. پنهنجي عزيزن سان اڻبڻت جي ڪري ۱۹۵۱ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پاڻ ادب، سياست ۽ صحافت ۾
ڪافي سرگرم رهيو. جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار اخبارن: ‘المجاهد’، ‘سنڌ فرنٽيئر
گزيٽ’ ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. روزاني عبرت اخبار جي رپورٽر طور پڻ ڪم
ڪيائين. هن ٽي شاديون ڪيون. کيس وچين گهر واريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون
هيون. مرحوم عبدالفتاح عابد جيڪو شاعر، اديب صحافي هو. عبدالعزيز ساجد، عابده،
ساجده ٻه ڌيئر. ٻئي صغيرائپ ۾ ئي فوت ٿي ويون. ٽين گهر واريءَ مان هڪ پٽ ۽ ڌيءَ جو
اولاد ٿيو هئس. عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي خلافت تحريڪ کان متاثر هو ۽ پوءِ ۱۹۳۲ع ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽
مزدورن تي ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ماهوار پيغام، صداقت، سنڌ
جيڪب آباد زميندار، ٽماهي مهراڻ، هلال پاڪستان، الوحيد ۽ عبرت ۾ شايع ٿيندي رهي. هن
شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به لکيو. ڪيترا ڊراما لکيائين، جن ۾ ‘قابوس ۽ بلوامنگل’
سرفهرست آهن. عبدالڪريم گدائي جا ڪل چار ڪتاب ڇپيل آهن. هن جو پهريون نظمن جو ڪتاب
ساڻيھه جا سور ۱۹۶۵ع ۾ شايع ٿيو، جنهن تي ‘پاڪستان
رائيٽرس گلڊ’ پاران هڪ هزار رپيا انعام ڏنو ويو. ان کانپوءِ سال ۱۹۶۵ع ۾ هڪ با تصوير ڪتابچو ‘خانڳڙھه کان جيڪب آباد تائين’ (ضلعي جيڪب آباد جي
تاريخ) ڇپيو ۽ ‘پيماني تي پيمانو’ (۱۹۲۴ع)
شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو ۽ فيبروري ۱۹۷۵ع ۾
سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘پکڙا ۽ پنهوار’ ڇپيو. عبدالڪريم گدائي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي
واري تحريڪ ۾ پڻ شامل رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران چوٿين مارچ ۱۹۶۷ع تي نڪتل ريليءَ ۾ ٻين اديبن سان گڏ عبدالڪريم گدائي پڻ شامل هو. جنهن
دوران هن نوجوان شاگردن کي ٻوليءَ بابت شعر پڙهي سندن رت کي گرمايو. عبدالڪريم
گدائي رائيٽرس گلڊ پاڪستان ۾ سرگرم ميمبر پڻ رهيو. سندس ڪيترائي نظم اڄ به درسي
نصاب ۾ شامل آهن، زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو. جنهن سبب ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي عبدالڪريم گدائي اسان کان
وڇڙي ويو، جنھن جي مرتئي بعد ڪيئي اديبن، ليکڪن پنهنجا پنھنجا ويچار ونڊيا. ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ منھنجي جڏهن به تاريخي محقق، شاعر، اردو ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو
نياز همايوني سان ملاقات ٿيندي هئي ته هو شھيد الھ بخش سومرو ۽ گدائي جو تمام گهڻو
ذڪر ڪندو هو. هن ڪٿي لکيو به آهي ته “عبدالڪريم گدائي پاڪستان کان پهرين ۽ پوءِ
سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ مختلف مڪتبهءِ فڪر رکندڙ تنظيمن سان وابسته رهندي، هو
عملي ۽ فڪري لحاظ کان هميشه عوام ۽ ڌرتيءَ ڏانهن جوابده رهيو. ” گدائي صاحب بيت،
ڪافيون، گيت ۽ غزل به مهارت سان لکيا آهن، پر نظمن ۾ سندس اندر جي اُڇل تمام
زوردار محسوس ٿئي ٿي، بيتن ۾ جتي هن بيحد دردمنديءَ سان ساڻيهه جي سورن جو وستار
ڪيو آهي، اتي سندس مزاحمتي ڪردار به مثالي آهي.
گدائي اهڙي شخصيت جو مالڪ ۽ سچو
انسان هو جو سنڌ جي آزادي جي علمبردار سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم
جن سين” ۾ لکي ٿو ته، “ميان عبدالڪريم گدائي، سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن
مان آهي، هو مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده طبع، سمجهدار، بي ڊپو ۽ انقلابي مجاهد آهي. ”
گدائي صاحب صحافت ۾ به پيش پيش رهيا. سندس شاعريءَ جا ٽي مجموعا “ساڻيهه جا سُور”،
“پکڙا ۽ پنهوار”، “پئماني تي پئمانو” سندس ئي زماني ۾، جڏهن ته، “رات ٻرندي رهي” ۽
ٻيا ڪتاب بعد ۾ ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جو هي عوامي، قومي شاعر، کاهوڙي ۽ ترقي پسند
رهنما رهيو.
تون زنده آهين، زنده رهندين،
زندهه، زنده باد گدائي،
تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين،
تون هردم آهين ياد گدائي.
وطن جي ذري ذري کي اڃا باغي
بڻائڻ ڏي
(ڏھاڙي ھمسري حيدآباد آن لائين
۾ ۱ جنوري ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم گدائي
گدائيءَ جي شاعري -
پورهيت جو آواز
حسيب ناياب منگي
ڏڪر، فاقا ۽ بيماريُون جي ھو
مفھوم آزادي،
ته پوءِ آزادگيءَ خاطر، کلايئه
ڇو جھان باقي؟
مٿيُن سٽن جو تخليقڪار سنڌي
شاعريءَ کي عظمت بخشڻ وارو، پکڙن ۽ پنھوارن جو شاعر، عبدالڪريم ”گدائي“ (۱۹۰۱ع ــ ۱۹۷۸ع) آھي، جيڪو پنھنجن ھمعصر
شاعرن شيخ اياز، نياز همايونيءَ، بردي سنڌيءَ، تنوير عباسيءَ ۽ ٻين جيان عام
ماڻهوءَ ۽ مزدور جو شاعر آھي. گدائيءَ جي ڪلام جي ھر سٽ اسانجي ڌرتيءَ جي پيڙيل ۽
غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ماروئڙن جي ڏکن جو آواز آھي. ھو ڪيڏي تلخ حقيقت بيان ٿو
ڪري ته جيڪڏھن هن نالي ماتر آزاديءَ جو مطلب ڌرتيءَ ــ ڌڻين ۽ خاص ڪري مزدورن ۽
ھارين لاءِ ساڳئي بک ۽ بدحالي ھئي، ته ان کان ته سامراجي غلامي بھتر هئي. کين جيڪي
سبز باغ ۽ خوابَ ڏيکاريا ويا، تن جو مطلب ڇا ھو؟ مزورن، ھارين ۽ ڌرتيءَ جي غريب
شھرين کي آزاديءَ جو اهڙو تصوّر ڏيکاريو ويو ھو، جنھن ۾ نه رڳو جاگرافيائي آزاديءَ
جي حاصلات جو واعدو ڪيل ھو، بلڪه سماجي انصاف، معاشي برابري ۽ هر طبقي جي عزتِ نفس
پڻ شامل هئي. آزاديءَ جو سپنو اهو ڏيکاريو ويو هو ته نئون وطن انهن سڀني عام
ماڻهن، هارين، مزدورن، پورهيتن ۽ استادن لاءِ هوندو، جيڪي پنھنجيءَ محنت سان ان جي
بنيادن کي مضبوط ڪندا. پر تاريخ جي هن ڊگهي سفر اهو ثابت ڪيو ته اقتدار جا ايوانَ
مضبوط ٿيندا ويا ۽ مزدور جِي جُهوپڙي وڌيڪ جُهرندي وئي. هن نالي ماتر آزاديءَ
کانپوءِ پورهيت جي قسمت غلاميءَ، غربت، استحصال، ناانصافيءَ ۽ محروميءَ جي زنجيرن
۾ جڪڙيل رهي ۽ اهي ٻيڙيون سندس پيرن سان ٻڌل رهيون. اڄ به ڪارخانن جي گوڙ ۾ پورهيت
جو آواز دٻيل آهي. مزدور طبقو تعمير ٿيندڙ وڏين عمارتن جي پاڇي هيٺ پنھنجيءَ ڇت جو
خواب دفن ڪري رڳو محنت ۾ رڌل رھي ٿو ۽ جيڪي ترقيءَ جون وڏيون دعوائون ڪن ٿا، تن جي
اعلانن ۾ محنت ڪش جي ٻارن جي بک هڪ بي رحم سوال بڻي بيٺي آهي.
خوشي ۽ عيش و راحت سڀ ميسر خاص
ماڻهن کي
مگر مزدور و ھاريءَ کي نه آھي
ڪو قرار آيو
انگريزن جي ايامن کان عبدالڪريم
گدائيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ رڳو هڪ شاعر جي حيثيت سان نه، پر فڪر جي اھڙي علامت
طور سامهون اچي ٿو، جنھن شاعريءَ کي محلن جي مشغلي بدران محروم انسانن جي دانھن جو
ذريعو بڻايو. گدائي انهن ماڻهن مان هو، جن پنھنجي اظھار کي سماج جي زخمن جو مرھم
بڻايو. هن پنھنجي دؤر جي سماجي بي چينيءَ، غربت، طبقاتي فرق ۽ مزدورن جي بي وسيءَ
کي صرف محسوس نه ڪيو، پر ان کي پنھنجي شاعريءَ جو روح به بڻايو. سندس شخصيت ۾
درويشي به هئي، ته قومي سجاڳيءَ جو اونو به! جنھن کيس عام شاعرن کان منفرد بڻايو. هن
سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪئي، پر ان مٽيءَ ۾ پگهر وهائيندڙ انسانن جي حقن کي وڌيڪ
اهميت ڏني.
اُڏائي آسمانن تي نڪارن کي پيو
ناڻو
مگر مزدور مفلس ڌُوڙ تي ڌرتي
نشين آهي
——
نڪمّو خون چُوسي ٿو اڃا مزدور و
ھاريءَ جو
ملي مزدور کي ڇا ٿو، عيوض
خدمتگذاريءَ جو!
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ ۾
مزدور فقط هڪ موضوع ناهي، بلڪه اهو سماج جي سچي تصوير آهي. هن ڏٺو ته مزدور اهو
طبقو آهي، جيڪو پنھنجي رت ۽ پگهر سان خوابن کي تعبير ڏئي ٿو، گھر اَڏي ٿو، پر
پنھنجي زندگيءَ ۾ بنيادي آسائشن کان به محروم رهي ٿو. سندس نظر ۾ مزدور اهو انسان
آهي، جيڪو قوم لاءِ خوشحاليءَ جا سبب پيدا ڪري ٿو، پر پاڻ محروميءَ جي باهه ۾ سڙي
ٿو. گدائي پنھنجي شاعريءَ ۾ پورھيت جي غربت کي قسمت جو لکيو نٿو سمجهي، بلڪه سماجي
ناانصافيءَ ۽ عدم مساوات جو نتيجو قرار ڏئي ٿو. سندس لفظن ۾ مزدور لاءِ صرف همدردي
ناهي، پر هڪ بيدار احتجاج موجود آهي. هو سوال ڪري ٿو ته آخر اها ڪھڙي ترقي آهي،
جنھن ۾ ڪارخانا ته وڌن ٿا، پر مزدور جي اجرت ان جي بنيادي ضرورتن جيتري به ڪانھي. آخر
اها ڪھڙي آزادي آهي؟ جنھن ۾ قانون ته موجود آهن، پر پورهيت کي انصاف نٿو ملي.
نه اٽو جَنھِين کي، نه اجهو
ميسر
نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي
چادر
نه پنھنجي بدن تي لنگوٽيءَ
برابر
نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾، ڪو پيرن ۾
پادر
اھو ملڪ پنھنجي جو معمار آھي؟
اھو ديس پنھنجي جو سينگار آهي!؟
گدائيءَ جي شاعريءَ جو وڏو ڪمال
اهو آهي ته ھو پنھنجي ڪلام اندر مايوسيءَ ۾ به مزاحمت جو درس ڏئي ٿي. هن مزدور کي
صرف رحم جو مستحق نه بڻايو، پر کيس پنھنجي عظمت جو احساس ڏياريو. گدائيءَ جو فڪر
ٻڌائي ٿو ته مزدور قوم جو بار کڻندڙ ڪمزور ڪلھو نه، پر اصل ۾ قوم جي ترقيءَ جو سڀ
کان مضبوط بنياد آهي. جڏهن هو هاري، مزدور ۽ پورهيت جي ڳالهه ڪري ٿو، ته سندس لھجي
۾ درد سان گڏ بغاوت جي چمڪ به محسوس ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري رڳو ادب
جو فنپارو ناهي، پر هڪ سماجي سڏُ به بڻجي وئي.
خبر ڀي آهه ڪا توکي؟ ته تنھنجو
محنتي بازُو،
زمين چيري منجهائنس لعل ۽ گوھر
اُپائي ٿو
نه لڳ دشمن جي دلبي تي، ذرا
ھوشيار ٿي ساٿي!
زمانو آهه ھي تنھنجو! اٿي بيدار
ٿي ساٿي!
اڄ اسان وٽ جتي مھانگائي غريب
جي چيلهه چِٻي ڪري رهي آهي، بيروزگاري نؤجوانن جا خواب کسي رهي آهي ۽ مزدور پنھنجي
بنيادي حقن لاءِ اڃا به دربدر آهي، اتي عبدالڪريم گدائيءَ جي فڪر جي پرچار جِي
ضرورت اڃا وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي. اڄ جو مزدور به ساڳيو سوال اکين ۾ سجايون بيٺو آهي
ته ڇا ملڪ جي ترقيءَ ۾ منھنجو حصو فقط منھنجو وھندڙ پگهر آهي، يا منھنجي حصي ۾
عزت، تعليم، صحت ۽ خوشحالي به آهي؟ هڪ مزدور پاران سڄي ڏينھن جي مشقت کانپوءِ به
پنھنجن ٻارن لاءِ بھتر مستقبل خريد نه ڪري سگهڻ، سندس ذاتي ناڪامي نه، پر قومي
نظام جي ڪمزوري آهي.
عبدالڪريم گدائيءَ جي شخصيت ۽
فن مان اهو سبق ملي ٿو ته ادب جو اصل مقصد صرف لفظن جو زيبائش سان اظھار نه، پر
سماج جي اصلاح به آهي. گدائي پنھنجي شاعريءَ وسيلي ٻڌايو ته مزدور جي ڳالهه ڪرڻ،
دراصل انسانيت جي ڳالهه ڪرڻ آهي. سندس شاعري اسانکي اهو پيغام ڏئي ٿي ته جيڪڏهن
ڪنھن رياست ۾ محنت ڪندڙ طبقو بنيادي سھولتن کان محروم آهي، ته پوءِ اها ترقي صرف
انگن اکرن تائين محدود آهي، حقيقي قومي خوشحالي نه آھي. اھڙي ستم جي دانھن رب کي
گدائي ھن ريت ڏئي ٿو:
پورھيو وڃي ٿو کائي تونگر غريب
جو
ترڪي ٿو خون ماس جي تاجر غريبَ
جو
پُرسانِ حال ڪين ڪو بي گهر
غريبَ جو
رتُ پي ويو اگرچه ستمگر غريبَ
جو
آيو نه جوش رحمتِ پروردگار کي
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته
اسان گدائيءَ جي فڪر کي صرف ادبي ورثي طور نه پڙهون، پر ان کي قومي سجاڳيءَ جو حصو
بڻايون. مزدور کي خيرات نه پر سندس جائز حق ڏنو وڃي. پورهيت کي همدردي نه پر انصاف
ملي، ڇو ته ملڪ جي اصل آزادي تڏهن ممڪن ٿي سگهندي، جڏهن مزدور جو ٻار به ساڳئيءَ
عزت سان جيئندو، جنھن عزت جا خوابَ ورهاڱي وقت کيس ڏيکاريا ويا هئا.
عبدالڪريم گدائي پنھنجي شاعريءَ
وسيلي ڄڻ اڄ به اهوئي چئي رهيو آهي ته وطن جي عظمت زردارن جي وڏين عمارتن ۾ نه پر
مزدورن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي اهي عمارتون اڏين ٿا. جيڪڏهن مزدور خوشحال ناهي، ته
آزاديءَ جا سڀ نعرا اڌورا آهن. سچي آزادي اها آهي، جتي قوم جو هر پورهيت پنھنجيءَ
محنت جو پورو ملهه ماڻي، ڇوته پورھيت جِي مرڪ کانسواءِ ڪنھن به قوم جي ترقيءَ جي
تصوير مڪمل نٿي ٿي سگهي. اڄ سڄيءَ دنيا ۾ ”مزدورن جو عالمي ڏهاڙو“ ملهايو ويندو. اسان
ھن ڪالم وسيلي ھر مزدور ۽ محنتي شخص جي ڪيل خدمتن کي ساراهيون ٿا.
اچو محنت ڪشو! ھن ملڪ کي گلزار
ڪرڻو آ
نڪمن ۽ نڪارن جو جيئڻ دشوار
ڪرڻو آ
دُکي ھن ديس جي مارن جو ٻيڙو
پار ڪرڻو آ
عوامي راڄ جي دشمن تي گڏجي وار
ڪرڻو آ
ڪَڙن، ڪوٽن کي ڪيري ملڪ جو
مجبُور جاڳيو آ
کڻي ڏاٽا هٿوڙا ملڪ جو منصور
جاڳيو آ
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾
۱ مئي ۲۰۲۶ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم “گدائي”
سندس فڪر ۽ اڄ جو نوجوان
حسيب ناياب منگي
سنڌي ادب ۾ عبدالڪريم “گدائي”
جي حيثيت انهن ڏينهن کان ئي مڃيل رهي آهي جڏهن کان هن شاعريءَ جي دنيا ۾ قدم رکيو.
آزاد سوچن جو مالڪ هوندي، بغير ڪنهن خوف جي “گدائي” هر هڪ موقعي تي ظالمن ۽ حق غضب
ڪرڻ وارن، موقعي پرستن ۽ ڌرتيءَ جي غدارن جي ڳچيءَ ۾ لفظن جا زنجير وجهي ايندڙ وقت
تائين کين مجرم ثابت ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي اُها اڄ ڪامياب ٿي چڪي آهي. اسان وڌي دل
۽ ٿڌي دماغ سان اهو مڃي چڪا آهيون ته “گدائي” سنڌ ۽ سنڌ جي رهواسين جي سورن مان
واقف رهندڙ شاعر ثابت ٿيو آهي. هن جا نظم هجن يا غزل انقلابي راهه، جذباتي سوچن،
حق ۽ سچ جي پيغام کان خالي ڪٿي آهن؟ هو ته مذهبي، اصلاحي ۽ عشقيه شاعريءَ ۾ به
پنهنجي ڏهوڻي ڏات سبب انهن سڀني شاعرن کان مٿانهون ثابت ٿيو جيڪي پنهنجي نالي سان
وڏا وڏا لقب شامل ڪرائي ڪنهن نه ڪنهن ڀوتار ۽ وڏيري جي شان ۾ قصيدا لکڻ کي پنهنجي
لاءِ شان ۽ مان سمجهندا هئا. انهن جي سامهون هي ڪوي ظاهري طور تي پوڙهو ۽ جسم ۾
ڪمزور هو مگر سنڌ جو پُراميد شاعر هو. هن مايوسيءَ کي ڪفر سمجهي نه صرف ٿڏيو پر
نوجوانن جا حوصلا پنهنجي فڪر سان اڃان بلند ڪندو رهيو:
اڃا رات آهي، نه آيو سويرو،
اڃا دور منزل، اڃا دور ديرو.
اڃا آدمي، آدمي تي مسلط،
اڃا پنڌ انسانيت جو پريرو.
فقط ٿوري همت ۽ محڪم ارادو،
نظام تشدد ۾ آڻيندو ڦيرو.
عبدالڪريم “گدائي” جدوجهد جي
واٽ ڏيکاري، مايوس نوجوانن کي دلاسا ڏنا، ڪڏهن خاموشيءَ کي ٽوڙڻ جا ته ڪڏهن ڪنهن
ڏاڍي آڏو گوڏا نه کوڙڻ جا سبق ياد ڏياريا. پنهنجي وطن جي نوجوانن کي امن لاءِ يا
پاڻ پتوڙڻ جو درس ڏيندي اڃان تشدد واري ماحول کي همت سان منهن ڏيڻ لاءِ چوي ٿو:
ڦٽي باک ۽ دور ٿئي ٿو انڌيرو،
وريو اڄ وطن ۾ سڀاڳو سويرو.
جوانن ۽ جمهور جي دم قدم سان،
اچي ٿو نظام تشدد ۾ ڦيرو.
ڀٽائي جي ڌرتيءَ کي جنت بڻايو،
اڃا ٿوري همت جوانو، دليرو!
وطن جو نوجوان جڏهن حق ۽ سچ،
انصاف ۽ ڀلائي، ترقيءَ ۽ روزگار نه هئڻ تي نااميد ٿيو ته نوجوانن جي مايوسيءَ کي
پنهنجي تخليقي سگهه سان عبدالڪريم “گدائي” همت ۽ جرئت توڙي بي خوفيءَ جو پيغام ڏنو.
هن ٻڌايو ته غفلت جي ننڊ مان بيداري ضروري آهي. تڏهن ئي ته اها موج ماڻي سگهبي جا
خزان کان پوءِ بهار جي روپ ۾ اچڻي آهي:
خدارا جاڳو، اُٿو ساٿيو، سجاڳ
رهو!
اچي رهيو آ هو طوفان برق بار
ڏسو!
“گدائي” نيٺ ته ايندي بهار ڀي
ڪڏهن،
سڄو چمن ٿو ڪري جنهن جو انتظار
ڏسو!
عبدالڪريم “گدائي” سنڌ جي نئين
نسل کي ان غلامي واري روايت مان ڇوٽڪارو ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. جيڪا صدين کان سنڌ
جي مستقبل مٿان مسلط ڪئي وئي آهي. هن هر طبقي ۾ رهندڙ ظالمن کي للڪاريو آهي ۽
نوجوانن کي پڪاريو آهي ته جاگيرداري نظام، حق ڦٻائڻ واري عادت ۽ ناڪام ڪرڻ واري
روايت جا سنڌين مٿان ظلم جي روپ ۾ اميدن جي گلن کي مرجهائي ڇڏيندي آهي تنهن کي اڄ
جڙ کان ختم ڪرڻو آهي.
هر ظلم جي پاڙ پٽينداسون،
هن ڌرتي ماءُ جي سيني تان،
اڄ هر هڪ پاپ ڪٽينداسون،
خاموش نه هرگز ٿينداسون.
عبدالڪريم “گدائي” نوجوانن کي
غم مان نڪرڻ، ڏاڍ کي ختم ڪرڻ، غفلت مان بيدار ٿيڻ کانپوءِ محبت عام ڪرڻ جي صلاح ٿو
ڏيئي. هن جي مالڪ آڏو فرياد ۽ هڪ خواب آهي ته ڪٿي به جنگ ۽ فساد نه رهي. ها مگر
محبت هر هنڌ عام هجي:
سمو ڪو اهڙو اچي، اهڙو اهتمام
ٿئي،
الاهي رسم محبت جهان ۾ عام ٿئي.
رهي نه جنگ جو فتنو فساد عالم
۾،
هجي پيار جو سودو هجي ۽ عام ٿئي.
عبدالڪريم “گدائي” پنهنجي
حياتيءَ ۾ ڏکن ۽ سورن سان ڀريل هو، مگر هي نه ته ڪنهن جي آڏو ڪڏهن به جهڪيو ۽ نه
ئي ڪڏهن وڪاڻو! عزت ۽ خودداري جي ڪري به گدائي صاحب اڄ انهن سڀني کان مٿانهون آهي
جن جو فڪر خواهشن جي پورائي ۾ ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ شاهي اڳيان وڪامجي ويو هو. سي نه
ته اڄ تذڪرن ۾ ظاهر آهن نه ئي زبانن تي سندن نالا ئي اچن ٿا، ها مگر عبدالڪريم
“گدائي” جو فن ۽ فڪر توڙي ذڪر اڄ به ٿيندو رهي ٿو:
ذلت کان جلد نڪري، اٿ باوقار ٿي
وڃ!
هستي جي سرو ورق جو نقش و نگار
ٿي وڃ!
گم نام ٿيءُ نه نادان، اُٿ
آشڪار ٿي وڃ!
امن و امان جي دنيا جو تاجدار
ٿي وڃ!
پرزا ڪري ڀڃي ڇڏ، هي ڪاسئه
“گدائي”،
ساري جهان جي هاڻي اٿ ڪر تون
رهنمائي!
عبدالڪريم “گدائي” جو ڪلام اڄ
اسان جي آڏو آهي، اسان ان مان اهو ظاهر ڪري سگهون ٿا ته عبدالڪريم “گدائي” نوجوانن
جي لاءِ جتي فڪرمند آهي اتي انهن جون راهون روشن ڪرڻ لاءِ فڪر جو ذڪر به ڪندڙ آهي.
محنت ۽ جدوجهد سان گڏ آزاديءَ واري زندگي گذارڻ ۽ شعور عام ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ وارو
شاعر آهي. هو نوجوانن کي وطن جي حب سان گڏ فَرقن کي مِٽائڻ، سستيءَ کي ڇڏي ڏيڻ ۽
انسانيت جو درس حاصل ڪرڻ جو سبق ڏئي رهيو آهي. شل اسان جو نوجوان طبقو هن ڪويءَ جي
ڪلام مان ڪي ڪڻا کڻي ديس ۾ ترقيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ڏيکاري:
شعور آدمي هاڻي! نرالا رنگ
لائيندو!
درياهن کي ڪندو قابو ۽ برساتيون
وسائيندو!
وڃي اوج ثريا تي هوائن کي
هلائيندو!
جا جنت عرش تي آهي اها هتڙي
بڻائيندو!
هلن ٿيون اوج انساني جون
سرگوشيون ستارن ۾.
(ماهوار راحت نئون ديرو آن
لائين جي فيبروري ۲. ۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)
عبدالڪريم “گدائي”
ڦٽي باک ۽ دُور ٿئي ٿو
انڌيرو!!!
حسيب ناياب منگي
سنڌ جون موجوده
حالتون انتهائي خطرناڪ محسوس ٿي رهيون آهن، هڪ طرف مهانگائي ۽ ٻي طرف غربت سنڌ جي
رهواسين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. بيروزگاري ۽ ظلم کي نه ته مات ملي سگهي آهي نه ئي
وري حق کي پسند ڪندي سچ جو ڪو ساٿ ئي ڏيڻ وارو سلسلو جاري نظر ٿو اچي. پنهنجي حصي
جي سهولتن کان نظرانداز ۽ خوشحاليءَ کان محروم نظر اچن ٿا. اڄ به رستن تي گندي
پاڻيءَ جو آزار آهي اڄ به گهٽيون ۽ محلا صاف ناهين. اڄ به بدحالي آهي اڄ به ڏاڍ ۽
ڏهڪاءَ جي چادر تي مظلومن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي تعليمي ادارن کان صحتي
مرڪزن تائين ڏسون ته اسان کي غريب ماڻهن لاءِ اهي ئي ڪاري وارا ڪک نظر ٿا اچن. سفارش
جو جهان جن لاءِ جاري آهي تن کي ته کڻي گهڻو ڪجهه ملي ويندو هوندو پر غريبن جي
لاءِ اهو ئي دلاسو اها ئي ڀينگ آهي. سنڌ اندر ڪڏهن مذهب جي نالي تي ته ڪڏهن
لسانيات جي بنياد تي جهيڙا ٿي رهيا آهن ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته سنڌ جي نوجوانن
جا لاش والدين جي سامهون اچن ٿا. آخر ڪيستائين اسان جي حصي ۾ اهو ئي ماتم هوندو ۽
اهي ئي دانهون ڪندا رهنداسين؟
پنهنجي حقن جي
حاصلات لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ ئي مسئلي جو حل ناهي، مسئلي جو حل عملي قدم کڻڻ
آهي. پنهنجي سوچن سان گڏ پنهنجي فيصلن تي به پورو پورو اختيار رکڻ ۽ پنهنجي وس
واري جدوجهد ۾ اڳڀرائي سان اسان کي پنهنجي منزل به ملندي ۽ اسان جون ضرورتون به
پوريون ٿينديون. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو هڪ هنڌ لکي ٿو ته “سٺو شاعر انقلابي سوچ پيدا
ڪري ٿو، جيڪو شعر جو رڳو هڪ مقصد آهي ۽ ٻيو مقصد آهي تبليغ جو ۽ ٽيون مقصد آهي
باخبري يا محسوسيت” بلڪل اهڙي طرح ئي سنڌ اندر انقلابي سوچ پيدا ڪرڻ وارو، ظلم ۽
ڏاڍ خلاف، ناانصافيءَ ۽ جبر لاءِ وڙهي پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي به فيصلي ۽ حڪم مطابق
نه هلڻ جي تبليغ ڪندڙ، غريبن جي ڏک ۽ مظلومن جي داد رسيءَ کي محسوس ڪندڙ سندن آواز
کي هر هنڌ عام ڪرڻ وارو عوامي شاعر عبدالڪريم “گدائي” آهي جنهن وٽ فڪر جي بلندي به
هئي ته فن جي مهارت پڻ! هن جون سنڌ جي غريبن، بي سهارن، مظلومن، هارين، مزدورن ۽
بک تي راتيون گذارڻ وارن ماروئڙن سان همدرديون هيون. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ هر دور
جي ظالم کي للڪاريو آهي. سندس شاعري حق ۽ سچ جي آواز سان گڏ پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۽
پنهنجي جدوجهد ۾ اڳتي اچڻ جو به پيغام ڏيئي ٿي. هن ظلم جي هر ڪاري رات کي پنهنجي
ڏات جو روشن ڏيئو ڏيکاري مات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس جذبا انساني سوچن تي تمام گهڻا
حاوي ٿي ويا اهڙيءَ حالت ۾ ڪوڙ، فريب ۽ لالچ توڙي مڪاري ۽ ڏاڍ کي خوف محسوس ٿيڻ
لڳو. اها ئي سندس ڪاميابي آهي جو هو ظلم ۽ ظالم جي آڏو حق ۽ سچ جو نعرو بلند ڪندو
آيو. شيخ اياز سندس شاعريءَ متعلق لکيو ته “اسان جي شاعر گدائي ۾ معاشي حقيقت
پسندي ايتري جرڪي رهي آهي، جو ڪنهن به جوهريءَ جي جهول کي مات ڏئي سگهي ٿي. اهڙي
ريت ملڪ نديم هڪ هنڌ لکيو ته “گدائي سنڌ جي نئين نسل، سنڌ جي پيڙيل طبقي هارين ۽
پورهيتن لاءِ جدوجهد جي واٽ سنواري ويو آهي ۽ جڏهن اهي طبقا جدوجهد جا اهي ڏسيل ۽
ٻڌايل پيچرا وٺندا تڏهن منزلون ماڻيندا”.
عبدالڪريم “گدائي”
جا لکيل لفظ ان دور کان اڄ تائين جي ماڻهن جي لاءِ هڪ سگهارو آواز آهن. سندس انداز
بيان اثرائتو آهي ئي آهي پر عمل ڪرڻ وارن لاءِ وزنائتو پڻ آهي. هن جي شاعري جا
گهڻا ئي رنگ آهن جيڪي ادب ۽ سماج جي لاءِ آئيني مثل آهن. اسان کي گهرجي ته هن جديد
دور ۾ جديد سنڌي شاعري جي انقلابي شاعر عبدالڪريم “گدائي” جي شاعري کي پڙهي ان مان
سبق حاصل ڪريون. سنڌ جو هي نالي وارو شاعر اليڪشن جي حوالي سان تمام گهڻا نظم لکي
ويو آهي. سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي جي موقعي تي انهن نظمن جو جائزو هن هيٺ
پيش ڪجي ٿو.
جڏهن به اليڪشن
ٿيندي آهي تڏهن ڪنهن به کٽيل سيٽ جو لطف ماڻڻ وارو اميدوار هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي تڪ
يا وارڊ ڏانهن موٽي ايندو آهي. جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري تڪ يا وارڊ جي لاءِ ڪي
ڪوششون ورتيون هونديون ۽ پنهنجي ڏاهپ سان تڪ يا وارڊ کي چار چنڊ لڳائڻ ۾ ڪا به ڪسر
نه ڇڏي هوندي تنهن کي ووٽ ڏيڻ به صحيح نموني حق ادا ڪرڻ آهي پر جيڪڏهن ڪو اميدوار
پنهنجي علائقي سان سچو نه آهي ۽ ان تڪ يا وارڊ جي ترقيءَ لاءِ ملندڙ رقم مان پاڻ
مزا ماڻڻ ۾ پورو رهيو آهي تنهن لاءِ اسان جي سنڌي شاعريءَ جو ڀلوڙ شاعر عبدالڪريم
“گدائي” لکي ٿو ته:
وري آئي اليڪشن، ۽
وري زردار نڪري پيا،
ڇڏي طره ڪُلهن تي،
قوم جا پڳدار نڪري پيا!
هنيا جن سو ڏهن جا
ڏنگ ٿي هردم غريبن کي،
سي بڻجي قوم جا
همدرد ۽ غمخوار نڪري پيا!
سدائين جن ڪيون
هارين ۽ مزدورن جون برباديون،
اُهي ٿي قوم جا
خادم ۽ خدمتگار نڪري پيا!
عبدالڪريم “گدائي”
سنڌ جي انهن شاعرن منجهان آهي جن عوام ۾ شعور ڦهلائڻ جو ڏکيو ڪم هٿ ۾ کنيو. اسان
جڏهن سندس ڪلام تي نظر وجهو ٿا ته هو هاري ۽ غريب کي بار بار هوشيار ڪري ٿو. کيس
پنهنجي اهميت جو ٻڌائي ڪنهن جي به ڳالهين ۾ نه اچڻ جو سبق ٿو ٻڌائي. “گدائي” جي
اهڙي شاعري ۾ نه صرف اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪرڻ واري ڳالهه سامهون
اچي ٿي پر ادبي طور تي به کيس داد ڏئي سگهجي ٿو. جتي سنڌ جا گهڻا ئي شاعر عشق جي
ڳالهين ۽ محبوب جي تعريف جا ڍڪ ڀرڻ ۾ پورا هئا اتي هن سنڌ جي ٻهراڙي يا شهري
علائقن ۾ پنهنجي شاعريءَ وسيلي شعور ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس هڪ نظم ۾تڪ يا وارڊ
تي ڪم نه ڪندڙ اميدوار جو ٻيهر ووٽ وٺڻ لاءِ واپسي جو منظر حقيقت کي بيان ڪري ٿو. لفظن
جي ادائگي کي به پڙهڻ کان پوءِ داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي:
وري مند آئي،
خبردار هاري!
کڻي ڄار نڪتا،
پراڻا شڪاري!
سندءِ ووٽ جا هي
بکيا ۽ بکاري!
ڪندا تنهنجي ڪچلڻ
جي پوري تياري!
سمهڻ توکي سک سان
ڪڏهن ڪين ڏيندا،
اِهي تنهنجا وڻ ڀي
وڄائي ڇڏيندا.
عوام ۽ تڪ سان جيڪو
سچو نه هجي تنهن کي وري جڏهن ووٽ وٺڻ لاءِ ميدان تي اچڻو پوي ته ڇا ڇا نه بهانا
ڪندو ۽ ڪيتريون نه منٿون ڪري عوام ۽ غريب طبقي کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. هو بار
بار نوان واعدا ڪرڻ ۾ مصروف عمل نظر ايندو. هٿ جوڙي غريبن جي ڪلهن تي پنهنجي ٻانهن
رکي کين يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو ته توهان ۽ اسان هڪ آهيون. فرق مٽائڻ ۽ رٺل
پرچائڻ واري ان وقتي عمل کي به “گدائي” سٺي نموني سان بيان ڪيو آهي. هن غريبن،
مزدورن ۽ هارين کي جاڳائي پنهنجي ۽ پنهنجي ووٽ جي اهميت جو احساس ڏيارڻ جي لاءِ
شاعري ۾ ڪن اهم ڳالهين جي نشاندهي ڪئي آهي. شاعر صلاح ٿو ڏيئي ته جن توهان لاءِ ڪم
ڪري ناهي ڏيکاريو تنهن کي ٻيهر ووٽ ڏئي ڪري خوار ٿيڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي ووٽ
تي پنهنجو اختيار هلائي ۽ وري ان جو صحيح استعمال ڪري تون پنهنجو پاڻ ملهائي سگهين
ٿو:
دوباره جي دوکي ۾
نادان ٿيندين،
خواري ۽ ذلت ۾
حيران ٿيندين،
اڃا ڀي زياده
پريشان ٿيندين،
وري ووٽ ڏيئي
پشيمان ٿيندين.
اٿيئي وقت هاڻي، جي
هوشيار ٿيندين،
۽ خطري کان
ساٿي، خبردار ٿيندين،
جي خود ووٽ پنهنجي
جو مختار ٿيندين،
يقينن حڪومت جو
حقدار ٿيندين.
عبدالڪريم “گدائي”
جي نظمن ۾ اميدوارن جي حالت به بيان ٿيل آهي ته سياسي چالبازي کان به هو سنڌ جي
ماڻهن کي واقف ڪرائي ٿو. هو غريبن ۽ اٻوجهه ماڻهن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته جن توهان کي
تڪليفون ڏنيون ۽ پنهنجي هر واعدي تان ڦري ويا تن مان توهان واعدا وفائيءَ جي ڪهڙي
اميد رکو ٿا:
تڪبر جا پتلا تواضع
کان عاري،
نظام ِ ڪهن جا،
پراڻا مداري،
ڪري تنهنجي ڪچلڻ جي
پوري تياري،
وري توکي مارڻ لئه
مڪار آيا!
ڏٽا جن ڏنا ها،
وفادار ٿيندا،
سدا سُور ڀائي ۽
غمخوار ٿيندا،
غريبن جا همدرد ۽
يار ٿيندا،
ڦري سي غريبن جا
غدار آيا.
خبردار هاري! جو
ڀوتار آيا،
پراڻا شڪاري کڻي
ڄار آيا!
ساڳئي نظم ۾
عبدالڪريم “گدائي” پنهنجي ديس واسين کي خبردار ۽ هوشيار ڪري ٻڌائي ٿو ته هڪ دفعو
آزمايل جي تقرير بازي، ميڙ منٿ تي نه لڳي، مٺڙين مٺڙين ڳالهين کان پاسو ڪندي، ڪنهن
به لالچ ۾ نه ايندي تون پنهنجي ووٽ کي انهيءَ اميدوار تي استعمال ئي نه ڪر جتان
توکي ۽ تڪ يا وارڊ کي ڪڏهن به ڪجهه حاصل نه ٿيو آهي. تون پنهنجي ووٽ جو استعمال ان
جاءِ تي ڪر جيڪو ترقي ڏياري ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ پاڻ پتوڙي:
وڏيرن جي منت:
خوشامد نيازي،
۽ پيرن فقيرن
جي تقريربازي،
سموري سياسي، اٿئي
چالبازي!
اڳي ڀال ڪهڙا اُنهن
ها ڀلايا؟
“گدائي” جي
گفتن تي ويچار ڪر تون!
پلائن ۽ پئسن تي
هرگز نه مر تون!
جو ٻٻرن کان ٻيرن
جو وٺندين نه ڦر تون!
وڃائج نه اڄ ووٽ
پنهنجا اجايا.
عبدالڪريم “گدائي”
وٽ جيڪڏهن سوال آهي ته ان جي جواب کي پيش ڪرڻ ۾ به پٺتي نٿو رهي، هي انهن شاعرن ۾
شمار ٿئي ٿو جيڪي اعتراض ڪندڙ آهن ته وري صلاح به ڏيندڙ آهن. اسان جي سنڌ جا ماڻهو
شخصيت پسندي جو شڪار ٿي ڪري پنهنجو ووٽ طاقت واري امير کي ڏئي ايندا آهن جنهن جي
سامهون وري ڳالهائڻ جي جرئت به نه ڪندا آهن يا ته ڪنهن جي چوڻ تي هو پنهنجي ووٽ جو
اختيار ٻي جي حوالي ڪندي وقتي سک کي حاصل ڪري ايندڙ وقت جي سک ۽ ترقيءَ کي پنهنجي
ئي هٿ سان گهٽو ڏئي ڇڏيندا آهن. پر انهن کي ائين بلڪل به نه ڪرڻ گهرجي. جنهن به
ماڻهو جي ڪارڪردگيءَ مان هو مطمئن نه آهن ۽ کيس ترقيءَ جي لاءِ عوام جي سک ۽ سهنج
لاءِ پاڻ پتوڙيندو نه ڏٺو اٿائون تنهن کي ٻيهر موقعو ڏئي پنهنجو پاڻ ۽ تڪ يا وارڊ
سان دشمني ڪرڻ کان بهتر آهي ته سنجيده قسم جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو
وڃي ته جيئن اسان جون گهٽيون ۽ پاڙا گندگي کان پاڪ ۽ اسان جا مسئلا آساني سان حل
ٿي سگهن. سنڌ جو عوامي شاعر عبدالڪريم “گدائي” به چوي ٿو ته:
انهن کي ووٽ ڪر،
جذبو آ جن ۾ غمگساري جو،
اگر جنهن ۾ نه آ
ڪنهن ريا يا پاسداري جو.
سڃاڻي ننگ جو پاڙي
سندو ۽ ڳوٺداري جو،
هجي جنهن کي سليقو،
قوم جي خدمت گذاري جو.
انهن کي ووٽ ڏيو
جيڪي هجن خوف خدا وارا،
نه گهرجن عيوضي،
خود غرض يا مڪر و ريا وارا.
(ڇپيل:روزاني آجيان
شڪارپور ۲۹ جولا۽ ۲. ۲۲ع)
گدائي
روايت ۽ بغاوت جو شاعر
محمد عثمان ميمڻ
سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر
عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاريءَ ويهين صديءَ جي پهرين ڏينهن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. عبدالڪريم
گدائيءَ ابتدائي تعليم ٺل ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ تائين
تعليم حاصل ڪيائين. ۱۹۱۸ع ۾
پوسٽ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتي ڪجھه عرصو رهڻ بعد استعيفى ڏئي، خانصاحب
بهادر خان کوسي جي پٽ مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جو پرائيوٽ ٽيوٽر مقرر ٿيو.
انهيءَ زماني ۾ لطف الله بدويءَ
سان واقفيت ٿيس، جنهن جي صحبت ۾ ’گدائي‘ تخلص اختيار ڪري شعر لکڻ شروع ڪيائين ۽
سندس شعر مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيا. عبدالڪريم گدائي ۱۹۳۲ع ۾ خانگي نوڪري ڇڏي تحريڪ آزاديءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو
سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن دوران انگريزن خلاف ڪيتري ئي شاعري ڪيائين. سال ۱۹۴۸ع کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ عوامي شعر لکيائين.
سال ۱۹۶۰ع ۾ سندس قومي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو
ملڻ شروع ٿيس، جيڪو تاحيات جاري رهيو. سال ۱۹۶۵ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ’ساڻيهه جا سور‘ شايع ٿيو، جنهن تي پاڪستان
رائيٽرس گلڊ پاران هڪ هزار روپيا انعام مليس. سندس شاعريءَ جا ٻه ٻيا مجموعا
’پيماني تي پيمانو‘ (۱۹۷۴ع) ۽
’پکڙا ۽ پنهوار‘ ۱۹۷۵ع ۾ شايع ٿيا. گدائي سنڌ جو
انقلابي ۽ عوامي شاعر هو، هو هن ڌرتيءَ جي ميرڙن ماروئڙن جي درد جو شاعر هو.
عبدالڪريم گدائي شاعر سان گڏوگڏ
هڪ سٺو نثر نويس، ڪالم نگار، تاريخدان، ڊراما نويس، اداڪار، سنگيت جو ماهر ۽ صحافي
به هو. پاڻ ڪجھه وقت لاءِ جيڪب آباد جي هفتيوار اخبار ’صبح سنڌ‘، ’فرنٽئر گزيٽ‘،
’مجاهد‘، ’انقلاب‘، ’امروز‘ ۽ ’ستاره سنڌ‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، هن جيڪب آباد ضلعي
جي تاريخ ’خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين‘ نالي سان پڻ لکي.
هن سنڌي مزاحمتي شاعر تي عمر جي
آخري حصي ۾ فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪيائين. عبدالڪريم
گدائيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ نمايان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي درد جي ڳالهه نمايان
ڪئي اٿائين. سندس ڪيترائي نظم درسي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهن.
وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان هردم
وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيوسين،
سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو ’گدائي‘
”گدائي“
صاحب جي فن سان وابستگيءَ جو ڏس ايئن به ملي ٿو ته: ”گدائي“ صاحب کي اسڪولي زماني
کان ڊرامن جو شوق هو، سندس ان شوق جو پورائو ماسٽر امير علي جي ڊراما ڪمپنيءَ ۾
ٿيو، جتي ”گدائي“ صاحب ڇهه مهينا نوڪري به ڪئي، ان بعد ٺل ۾ ”ٺل ايميچوئر ڊراماٽڪ
سوسائٽي“ جو بنياد وڌائين، ان منڊليءَ جي سهڪار سان ڪيترا هندي ۽ سنڌي ڊرامان
اسٽيج ٿيا، جهڙوڪ: بلوا منگل، خدا دوست، ۽ جلاد عاشق. اغا حشر جي اردو ڊرامي ”بلوا
منگل“ جو سنڌي ترجموڪري اسٽيج تي پيش ڪيو هئائين، ان کانسواءِ ڪوئٽيا، سکر،
شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ هن منڊليءَ جي اداڪارن پنهنجي فن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. هو
هڪ ئي وقت تي اداڪار، هدايتڪار، ڪهاڻيڪار، گلوڪار ۽ شاعر هو“ ڪتاب سفر زندگيءَ جو،
ليکڪ: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، سگا جيڪب آباد شاخ، اپريل ۱۹۸۵ع صفحو ۳ ۽ ۸۱).
”گدائي“
صاحب هڪ آدرشي انسان هو، هن جو جيڪب آباد لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هن ۱۹۷۰ع ڌاري ”ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس“ جو بنياد وڌو هو. جيڪب آباد پريس ڪلب کي
جياريو پر ”گدائي“ صاحب جي گذارڻ کانپوءِ ضلعي انتاظاميا کان رڳو هڪ معمولي گهر
ڪئي وئي هئي ته جيڪب آباد جي ”ڇٽي چوڪ“ جو نالو بدلائي ”گدائي چوڪ“ رکيو وڃي، پر
انتظاميا ان تي ڪو به عمل نه ڪيو.
مان آڪٽوبر ۱۹۷۴ع ڌاري جيڪب آباد کي خيرآباد ڪري ڪراچيءَ هليو آيو هوس، پوءِ خبر ٻڌم ته
”گدائي“ صاحب تي فالج جو حملو ٿيو آهي، گهڻي ڪوشش ڪيم ته وقت سر ساڻس ملي اچان پر
جڏهن جيڪب آباد ويس ”گدائي“ صاحب بجاءِ فتاح عابد جي بيٺڪ ۾ سندس پينٽ ڪيل تصوير
جي سلاميءَ ڪرڻي پئي، فتاح ٻڌايو پئي ته:
”گدائي“
صاحب ڪمزور ڏاڍو ٿي ويو هو، پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو، ۽ اٺاويهين جنوري سال ۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو. “
”گدائي“
صاحب ڪوئٽيا روڊ تي افضل بابا واري قبرستان ۾ دفنايل آهي، جتي بعد ۾ ڪامريڊ برڪت
علي ”آزاد“ کي به دفن ڪيو ويو هو.
افضل بابا: هڪڙو نانگو فقير هو،
قد جو ڊگهو ۽ سنهڙو ۽ رنگ جو سانورو هوندو هو، سندس وات صفا لال ڳاڙهو هوندو هو. ڪيپيٽال
سينيما جي پوئين دروازي (سومرن واري پاڙي ڏي ويندڙ رستي) جي اوٽ ۾ ويٺو هوندو هو،
ڪڏهن اٿي پاڻ ڪنهن هوٽل تي ويهي ڪجهه کائيندو هو، نه ته ماڻهو سندس ويجهو اچڻ کان
به ڊڄندا هئا، ماني يا فروٽ وغيره ڀرسان رکي ويندا هئس، پر کائيندو ڪونه هو، مان
نوڪريءَ تي ان رستي سان ويندو هوس ته سلام ڪندو ويندو هيومانس، پر افضل بابا لفٽ
نه ڪرائيندو هو.
چون ٿا ته وڏي ڪاني ڪرامتن جو
مالڪ هو، مستانو ته لڳندو هو پر مون پنهنجي دور ۾ سندس ڪابه ڪرامت ڪانه ڏٺي، پر
اٺن ڏينهن جي هڪڙي مسلسل برسات سندس ڪرامت سان وابستا آهي ته رمضان جي مهيني ۾
ڀرسان واري هوٽل تي ويٺو هو ته هڪ وڏي رڙ ڪئي هئائين ۽ پوءِ خبر ئي نه پئي ته
اوچتو بادل ڀرجي آيا ۽ مسلسل اٺ ڏينهن ٻوڙان ٻوڙ برسات ٿي هئي. والله اعلم بالصواب.
مان به يونين ڪائونسل آفيس
روزاني سائيڪل تي ان ئي رستي سان ويندو هوس، يعني فيملي لائين واري بخاري جامع
مسجد جي ڀرسان، مان پنهنجي ڀينرن جي گهر کان نڪرندو هوس، ۽ ٺٺ مسجد وارو رستو ڏئي،
محترم استاد ارباب خان کوسي کي سلام ڪري اڳتي، ڪيپيٽال سينيما کان ٿيندو، ڏنگر
محلو ٽپي، ڪوئٽيا روڊ تي ويندو هوس.
جيڪب آباد شهر جي چوڌاري آخري
ڇيڙي تي ناڪا هوندا هئا، ۽ ڪوئٽيا روڊ واري ناڪي کان منهنجي يونين ڪائونسل احمد
پور جي آفيس ٻن اڍائي ميلن تي هوندي هئي جنهن جي سامهون احمد ميان سومري صاحب جو
پيٽرول پمپ هوندو هو، جتي جو مئنيجر ثميره زرين جو ڀاءُ هوندو هو، سندس نالو مون
کي ياد نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏهن سندس نالو کنيو به ڪونه هيوسي، بس رڳو ”اعواڻ
صاحب“ سڏيندا هئاسينس. واندڪائيءَ جو سارو وقت ان پيٽرول پمپ تي ساڻس رهاڻيون
ٿينديون هيون، ان پيٽرل پمپ جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي منهنجي يونين ڪائونسل
احمدپور جي آفيس هوندي هئي، ڪوئٽيا روڊ تي مهڙ ۾ ئي ناڪو هوندو هو، پوءِ ٿورو
اڳيان هڪ ڊگهو قبرستان هوندو هو، ان کانپوءِ حاجي لکمير خان وارن جي سِرن جو بٺو
هوندو هو. ۽ جڏهن افضل بابا گذاريو ته ان کي ان بٺي جي ڀرسان واري قبرستان ۾ کيس
دفن ڪيائون. هاڻي اهو قبرستان افضل بابا جي نالي سان مشهور آهي نه ته اڳي ان
قبرستان جي ويجهو ٻئي قبرستان ۾ هڪڙي بزرگ پير بخاريءَ جي مزار به هوندي هئي، جتي
اسان جو استاد ارباب خان هر جمعي رات چونڪي ڏيڻ ويندو هو.
حاجي لکمير ۽ حاجي محمد صديق ٻه
بروهي ڀائر هوندا هئا، پهرين ٺيڪيداري ڪندا هئا ۽ گڏهن تي گنب جي مٽي ڍوئرائڻ جو
ڪم ڪندا هئا. بعد ۾ انهن گهنٽاگهر کان اڳتي هاڻوڪو ”گرين لينڊ هوٽل“ شروع ۾ ڪچي
گنب جي مٽيءَ ۽ بانس جي لڪڙن سان کوليو، جتي سندس ڀاءُ حاجي محمد صديق دخل تي
ويهندو هو ۽ حاجي لکمير ٺيڪا کڻندو هو. پوءِ جڏهن الله سائينءَ نوازين ته حاجي
محمد صديق صاحب پاڻ ئي چوندو هو ته:
”يار
اسان ته گڏهن تي مٽي ڍوئيندا هياسي، پر اسان جي ٻارن کي پيشاب ٿو لڳي ته به ٻه قدم
اڳيان واري گهر تائين به ڪار تي چڙهي ٿا وڃن. “
حاجي برادران جڏهن پئسي وارا ٿي
ويا ته هوٽل جي اندر ”ٽمبولا“ به هلائيندا هئا، ساڳي ٽمبولا جيڪب آباد ۾ لڳندڙ
هارس اينڊ ڪيٽل شو دوارن لڳندڙ نمائش ۾ به هلائيندا هئا. ان زماني ۾ وچ شهر ۾ هجڻ
سبب ان جوئا خاني جي خلاف شڪايتون به گهڻيون ئي ٿيون. پر حاجي برادران جي پشت
پناهي ڪندڙ گهڻو ڪري اهي زميندار ئي هوندا هئا، جيڪي جوئا ۽ شراب جا شوقين هوندا
هئا. ان ڪري سندن اهو ڌنڌو به هلندو رهندو هو.
گدائي صاحب صحافيءَ جي حيثيت ۾
گهڻا ئي جوکم جهڙا ڪم سرانجام ڏنا، وڏيرا ۽ سرڪاري ڪامورا به گهڻو ويجهو رکڻ جي
ڪوشش ڪندا هئس پر هو طبيعت ۾ ڪامريڊ هو، سچائي پسند هو، ان ڪري غريبي حال ۾ سدائين
خوش رهيو، سرڪاري وظيفو به ملندو هيس پر ان جي باوجود سرڪاري مدح خواني نه ڪيائين.
اسان کي اها خبر ڪا نه هئي ته ان غريبي حال جي باوجود گدائي صاحب ڪي ٽي شاديون
ڪيون هيون، پر اسان کي رڳو ايتري خبر هئي ته کيس ٻه پٽ هئا، هڪڙو فتاح عابد ته ٻيو
عبدالعزيز لاشاري.
عبدالڪريم گدائي
عظيم عوامي شاعر
اصغر سجاڳ
ٺل جي زرخيز زمين، مڻيادار
ماڻهن جي سرزمين آهي، جنهن ڪيئي هيرا ۽ موتي پيدا ڪيا آهن. ننڍي لاڪون اسان ٻڌندا
پيا اچون ته ”ٺل، گل آهي. “ سوچيندو هوس ته ٺل گل ڪيئن آهي؟ آهي ته ٺ ٺڪري، ان ۾
ڪهڙي خوبي آهي، يا وري ڪجهه آهي جو اها چوڻي ايڏي مشهور آهي. ذهن ۾ سوين سوال جواب
ڪندي، جڏهن شعور جي جهان ۾ پير پاتم ته ان چوڻيءَ منهنجو بار هلڪو ڪيو. ٺل گل واري
چوڻيءَ خوشبو جا بند ڀڃي، دل ۽ دماغ کي تازگي ڏيندي اعلان ڪيو ته، عبدالڪريم
گدائيءَ جهڙو گل ڪو ٻيو؟ اهڙو گل، ٺل کي ملي ته ٺل کي ٻيو ڇا کپي؟ ائين ٺل گل واري
چوڻيءَ ڪنهن ڪومل پريءَ جي روپ ڌاري اندر جو راز پڌرو ڪيو. خوشنصيب آهي ڪريم آباد
جو ڳوٺڙو، جنهن عبدالڪريم گدائي کي جنم ڏنو، اهو ڪريم آباد ڪنهن نيڪ مرد عبدالڪريم
جي نالي تي اڳ جو قائم نه هجي ها ته اسان جهڙا اڌ اکريا ماڻهو، ڌُڪو هڻي چئي وجهن
ها ته اهوڪريم آباد پڪ سان عبدالڪريم گدائي جي نالي تي قائم ٿيو آهي. گدائي ذات جو
لاشاري هيو، اسان وٽ لاشارين کي جت چيو ويندو آهي ۽ جتن جي پرمتڙپائي جا قصا گهڻا
مشهور آهن. بجار خان لاشاري جي گهر، گدائي ڇا ڄائو، جتن جي ذات ۾ دانائي جي جوت
جرڪي پئي، ٺل جي سرزمين کي فخر آهي هن عظيم انسان تي، جنهن ٺل گل واري چوڻيءَ کي
نه رڳو مُهر صداقت لڳائي، پر ڪلهوڙن يا ميرن جي صاحبيءَ واري دور ۾ شڪارگاهه بڻايل
ٺّلن مان اڏيل ٺُل کي، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر وڏي شهرت بخشي. انگريز مخالف جدوجهد جي
عظيم ڪردار ڪامريڊ محمد امين کوسي جي ڳوٺ عزيزآباد ۽ عبدالڪريم گدائي جي ڳوٺ ڪريم
آباد ۾ ٿوري دُوري آهي، ٻئي ويجها ۽ پاڙيسري ٿين، هي ٻئي نام ڪٺيا نانّو، هند سنڌ
۾ ٺل جي شهرت جو سبب بڻيا.
عبدالڪريم گدائي جو، منهنجي هنن
پرجوش اکين ٻاروتڻ ۾ درشن ڪيو، منهنجي عمر ڏهاڪو سال کن ٿيندي، سال ۶۶ يا ۶۷ هوندو،مان اڃا پنجون پاس نه
ڪيو هو، تڏهن منهنجو والد رئيس پانڌي خان دايو ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري هيو. بابا
جي نوڪريءَ جي ناتي، منهنجو ٽائون ڪاميٽي ۾ اچڻ وڃڻ روز جو معمول هو. هڪ شام ڇا
ڏسان ته ٽائون ڪاميٽي جي آڳر تي اسٽيج جڙيل هئي، سامهون، ڪرسيون لڳل هيون، پنهنجي
والد صاحب کي پنڊال ۾ گهڻو ايندي ويندي ۽ انتظامن جو جائزو وٺندي ڏٺم. والد صاحب
مون کي هڪ ڪرسيءَ تي قابو ڪري، پاڻ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ مصروف ٿي ويو. شام لڙيءَ
جو مهمان پهتا ته اسٽيج تان اعلان ٿيو ته مشاعرو شروع ڪري رهيا آهيون. ان وقت اڄ
وانگر اسٽيج تي صدارتي پئنل جو رواج ڪو نه هو. هر شاعر واري واري تي هيٺان آيو پئي
۽ شعر چئي واپس ويو پئي. ائين اعلان ٿيو ته سنڌ جو مشهور شاعر عبدالڪريم گدائي
پنهنجو شعر پيش ڪرڻ اچي ٿو. مون کي ياد ناهن ته تاڙيون وڳيون ڪي نه ۽ اهو به ياد
ناهي ته ڪو لائوڊ به هو يا نه، پر گرجدار آواز سو هيو، جيڪو گونجيو:
خبردار هاري جو ڀوتار آيا،
پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.
زندگيءَ جو اهو پهريون شعر هيو،
جيڪو منهنجي ڪنن تي پيو، منهنجي پتڪڙي ذهن، ان شعر جو وڏو ئي اثر ورتو. اها يادگار
شام منهنجي دل تي گهر ڪري وئي ۽ گهر موٽندي والد صاحب کان وئي سوال ڪرائيندي ته،
هي ڇا هيو، هي ڪير هئا ۽ هُو ڪير هئو؟ والد صاحب کان معلوم ٿيو ته هي مشاعرو هيو،
هو شاعر هيا ۽ هُو منهنجو دوست عبدالڪريم گدائي هئو. ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري
طور منهنجي والد صاحب جي مقرري کان اڳ چاچو گدائي به ان ئي ٽائون ڪاميٽي ۾
سيڪريٽري رهي چڪو هئو. ساڳئي اداري ۾ ملازمت جي رشتي، ٻنهي جي ياريءَ جي رشتي کي
مضبوط ڪيو. گدائي صاحب ٺل ڇڏي جڏهن جيڪب آباد رهائش اختيار ڪئي ته ٺل ۾ پويان هِڪُ
هئا هن جا مائٽ ۽ عزيز ۽ ٻيو هيو اسان جو والد صاحب. گدائي جڏهن به ٺل جو ڀيرو ڀڳو
ته اها ئي ٽائون ڪاميٽي، هن جي ٽهڪڙن جو مرڪز بڻبي هئي.
مان ۶۹ ۾ پنجون پاس ڪري، هاءِ اسڪول ۾ اچي ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس. ان ئي سال دل ۾
نئين دنيا جو جنم ٿيو. ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هلي نڪتي. اسڪول جي اندران ۽ ٻاهران نوان
نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. ڪلاسن جا بائيڪاٽ ڏٺم، جلسن جلوسن جو منظر اڳيان پويان ڦريو، ذهن
۾ نئين دنيا آباد ٿي وئي. ۶۹ ۾
تحريڪ چوٽان چوٽ ٿي، ٺل ۾ ٻاهرين شهرن، خاص ڪري جيڪب آباد کان نوجوانن جا جٿا اچڻ
وڃڻ لڳا، منظم جلسن جو سلسلو شروع ٿيو، اسٽيجون جڙڻ لڳيون، پرجوش تقريرون ٿيڻ
لڳيون، وري هڪ شام ڏسان ته ساڳيو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تان جلوه گر ٿيو. جوشيلا
شعر ۽ هيڏانهن نوجوانن جا هوڪرا، تاڙيون ۽ پر جوش منظر، اڙي! اهي ته ساڳيو چاچو
گدائي آهي. اُهو خبردار هاريءَ وارو. دل جو عجيب عالم ٿي ويو، خوشيءَ ۾ ڦاٽڻ لڳي. ذهن
نئون موڙ ورتو، دل انقلاب طرف رجوع ٿي، اندر ۾ اٿل پٿل ۽ آنڌ مانڌ مچي ويئي:
اڃا ساز بغاوت تي مون کي ڪجهه
گيت ڳائڻ ڏي،
وطن جي ذري ذري کي اڃا باغي
بڻائڻ ڏي.
گدائي، منهنجو چاچو گدائي اسٽيج
تان لٿو، مٿي اسٽيج تي نوجوانن جو جوش جاري هو. هي شهر جو وچ هو، مک چوڪ، تحريڪي
نوجوانن نالو رکيو “جيئي سنڌ چوڪ”. ان چوڪ جي اولهه پاسي حاجي رسول بخش دايو جو
حجامڪو دوڪان هيو، جيڪو ون يونٽ تحريڪ کان سياست جو مرڪز رهيو. چاچو گدائي اسٽيج
تان لٿو ته سڌو ان دوڪان جو رخ ڪيائين. حاجي رسول بخش دايو سان هن جي شناسائي هئي،
ڀرسان لالا سعادت پٺاڻ جو هوٽل هيو. “حاجي”، گدائيءَ ٿڌا ساهه کڻي چيو، “گرم چانهه
ته گهراءِ” جلسي سبب دوڪان ۾ سياسي شائق گهڻا گڏ ٿيل هئا. چاچو؛ ”گدائي چاچا، ڏي
ته خبر، تون پوڙهو ۽ هي جوان، هيترن جوانن ۾ تون پوڙهو ڪيئن ٿو لڳين؟“ گدائيءَ
وراڻيو: ”ڇوڪرن ۾ پوڙهو ڏسي، پريشان نه ٿيو، جوش ڏسو ۽ جذبو ڏسو، منهنجي عمر پوڙهي
سهي پر دل جوان آهي. “ سنڌ بچائڻ لاءِ پوڙهو گدائي، جوانن جي اڳيان هوندو، پويان
نه. شائقين جي فرمائش تي گدائي گرم جوش ڪلام ٻڌائي واهه واهه ڪرائي. گدائي ون يونٽ
ٽوڙ تحريڪ جو وڏو ڪردار ٿي اڀريو، سگهو ئي هن جي شاعراڻي جدوجهد رنگ لاتو، ون يونٽ
جو طوق ٽٽو ۽ سنڌ آزاديءَ جو ساهه کنيو:
يونٽ ۾ ڪين رهندي، آزاد سنڌ
ٿيندي
ساڻيهه ۾ گدائي، ساڳي بهار
ايندي
يونٽ جو بند ٽوڙيو، هٿ ظلم جا
مروڙيو
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ گدائي جي
شاعري، سنڌ جي نوجوانن لاءِ نرسري ثابت ٿي، وطن دوست فڪر وڌيو ويجهيو، گهر گهر
جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا. مان ۷۳ ۾
مئٽرڪ ڪري ڪاليج ۾ قدم رکيو ته منهنجي دل جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿي چڪو هو. شاعري ۽ ادب
منهنجو سبجيڪٽ ٿي ويا. استاد نور احمد دائودپوٽي جي ڪتاب گهر منهنجي شعور جي پرورش
ڪئي. رسالن مان غزل، نظم ۽ وائي جون صنفون ڏسي، رديف ۽ قافيا سمجهي، شاعري جون
ابتيون ثبتيون سٽون سرجڻ لڳس. ڪتابي نظر مون کي رستو ڏيئي شاعرن تائين پُڄايو،
اياز، نياز، استاد، امداد ۽ تنوير جو پتو پيم، هاڻ صحيح خبر پئي ته گدائي ڇا آهي؟
وري هڪ شام گدائي جي ٺل آمد ٿي. معلوم ڪندو وٽس پهتس، جهڪي سينو ڇهيومانس. ٻڌايومانس؛
”رئيس پانڌي خان دايي جو پٽ آهيان. “ ”هان!“ رڙ ڪري زور سان ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽
چيائين؛ “تون ته منهنجو ڀائيٽو ٿئين”. پوءِ ڪچهري هلي، چانهه جو دور ٿيو، پنهنجي
ٽٽل ڦٽل شاعري ٻڌائيمانس. ڏاڍو خوش ٿيو. وڏي حوصلي افزائي ۽ رهنمائي ڪيائين.
چاچو عبدالڪريم گدائي ڏسڻ ۾
ڪمزور، هيڻو ۽ هڏڙين جي مُٺ، پر هَو مضبوط، اٽل، عزم جو پختو ۽ اوچو ايڏو، جيڏو
هماليه جبل. عشقيه شاعري کان سندس شروعات ٿي. پهريون ڪتاب “پيماني تي پيمانو” هيس.
ون يونٽ واري شروعاتي دور ۾ قومي ۽ عوامي شاعري جا واهڙ وهايائين، سندس عشقُ، سنڌ
جي عشقَ ۾ بدلجي ويو، ان ئي دور ۾ گجگوڙون ڪندڙ ڪتاب “ساڻيهه جا سور” ڇپيس. ون
يونٽ جو آخري دور گدائي جي شاعري جو عروج واري دور هو. هن واري هن جي شاعري ون
يونٽ سان ٽڪرائي. اها ئي شاعري ۷۵ ۾
“پکڙا ۽ پنهور” جي نالي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي. جيڪب آباد جي تاريخ تي ڪتاب “خان
ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” لکيائين. هي پنج ڪتاب هيا، گدائي جو ادبي سرمايو. پاڻ
جيڪب آباد ۾ رهائش دوران ادب، سياست ۽ صحافت تي حاوي رهيا. اتي غالب لطيف جهڙو
سيبتو ليکڪ ۽ صحافي سندس سٿ ۾ شامل ٿيو. فتاح عابد جهڙو لائق پٽ ڄڻيائين، ڊاڪٽر
غلام نبي سڌايي جهڙو محقق، شارح ۽ اڳتي هلي امداد اوڍو ۽ بعد ۾ يونس مهر جهڙا
قابل، بيباڪ قلمڪار ۽ ادب شناس، هن جي رهنمائي ۾ اڳتي وڌيا. ٺل کان جيڪب آباد
تائين جو، هن جو رهائشي سفر اڻ ٿڪ جدوجهد سان ڀريل آهي. مسڪيني ۽ غربت واري زندگي
کي ڪا ميار نه ڏنائين، ڏکن ڏاکڙن سان جهيڙيندي چيائين:
سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي
بهر طور گذريو، گذاري ڇڏيوسين
انگريزن جي دور کان جيڪب آباد ۾
گهوڙن ۽ چوپائي مال جو مشهور ميلو لڳندو اچي، سنڌ جي اترين ضلعن ۽ بلوچستان جا
سرحدي ضلعا، سبي تائين، ماڻهو ميلي مان تفريح جو وڏو مزو وٺندا رهيا آهن. هن ميلي
جي اصل جان، سنڌي اردو مشاعرا هوندا آهن. انتظام ته ضلع انتظاميا ڪندي هئي پر چاچو
گدائي هنن مشاعرن جو اصل ميزبان هوندو هو. ۷۵ ۾ ٺل مان ڪجهه نوجوان سنڀري نڪتاسين، جن ۾ بشير دائودپوٽو (مرحوم)، ڪنيا
لال(هند)، واحد بخش دائودپوٽو ۽ ٻيا نوجوان شامل هئا. جيڪب آباد ۾ ڪڏهن ميونسپل ته
ڪڏهن ضلعي ڪائونسل هال ۾ مشاعرن جو انتظام ٿيندو هو، اسان پهتاسين ته شاعرن ۽
شائقينن سان هال ٽٻٽار هو. مان پاسو وٺي چاچي گدائي جو وڃي سلامي ٿيس. پڇيائين؛
”ٻيا ساٿي به آهن ڇا؟“ مون چيو؛ ”هائو. “ چيائين؛ ”اڳيان ٿي ويهو. “ مون وارن
ساٿين چيو ته؛ ”حرڪت ۽ هوٽنگ ڪبي، اڳيان نٿا ويهون، وچ ۾ ويهنداسين. “ مون کي ڪنهن
پروگرام جو اهو پهريون تجربو هو. اسٽيج تي مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، نياز
همايوني، استاد بخاري، تنوير عباسي، امداد حسيني، پروانو ڀٽي ۽ ٻيا مهمان شاعر
جلوه گر هئا، واهه جو درشن ٿيو. اسان داد ڏيڻ ۾ ايترو اڳتي وياسين جو پاسن کان
بيٺل اهلڪار اسان کي گهوريندا رهيا. اسان ۾ بشير دائودپوٽو عمر ۾ وڏو ۽ زياده ذهين
۽ سمجُهو هو. چيائين؛ ”نه بچنداسين، ڀُٽي صاحب جي ايجنسين اسان کي تاڙيو آهي،
آهستي آهستي نڪري ٿا هلون. “ ائين اهلڪارن جي اکين ۾ سرمو وجهي، اسان سڀيئي کسڪي
نڪري وياسين. پهريون ڀيرو سمجهه ۾ آيو ته انقلاب جي سياست ان جو نالو آهي ته؛
هيءَ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به
گذاري وينداسين،
پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي هيءَ
سينڌ سنواري وينداسين.
منهنجي چاچي عبدالڪريم گدائي
لاءِ ڪنهن جا هي لفظ ته وڏو استاد شاعر آهي، ڪُهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر آهي،
اهي لفظ ادبي دنيا لاءِ ڪيترا ئي موزون ۽ مانائتا، پر ڪنهن شاعر جي عظمت ۽ خاص طور
گدائي جي عظمت کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ها هن دور جديد ۾ هنن لفظن سان گدائي
جي عظمت جو بيان ٿيندو ته، گدائي دور جديد جو عظيم ترين ۽ سنڌ ديس جو بيباڪ ۽
بلندترين شاعر آهي. عوام، انقلاب، جوش، جذبن ۽ جدوجهد جو شاعر آهي. اهڙي عظيم شاعر
۷۸ ۾، ۷۸ سالن ئي ۾ اسان کان موڪلايو ته مون هڪ نظم ۾، ڪجهه ناڪام لفظن ۾ کيس هينئن
ڪچي ڦڪي ڀيٽا ڏني:
تون زنده آهين، زنده رهندين،
زندهه، زنده باد گدائي،
تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين،
تون هردم آهين ياد گدائي.
عبدالڪريم گدائي
سنڌ جو انقلابي شاعر
اسماعيل لاشاري
هر ماڻهوءَ جو ڪردار پنهنجي
پنهنجي سڃاڻپ رکندو آهي. جنهن ماڻهوءَ جو جهڙو ڪردار ۽ ڪم هوندو آهي تاريخ به ان
کي اوتري ئي موٽ ڏيندي آهي. جيڪي انسان تاريخ جا ڪردار بڻجي ويندا آهن. ۽ تاريخ
انهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي. ضلعي جيڪب آباد جو مرحوم عبدالڪريم گدائي به
انهن ئي تاريخ ڪردارن مان هڪ هو. جيڪو پهرين جنوري ۱۹۰۱ع ۾ ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل جي بجار خان لاشاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جنهن جي
ڇٺي جو نالو والدين بگن عرف بگو رکيو. جڏهن ته بگن عرف بگو ۶ سالن جو ٿيو ته والد بجار خان لاشاري کيس ۱۹۰۶ ۾ اسڪول داخل ڪرايو، جتي سندس استاد اسڪول جي رڪارڊ ۾ بگن بجاءِ عبدالڪريم
جي نالي سان نالو داخل ڪيو. جتان هن پنج درجا پڙهي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ۱۹۱۱ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس قاضي
عبدالڪبير درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوري جي شفقت حاصل ٿي ۽ سال ۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڻ جي ميونسپل ۾
انگريزي ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين ۽ ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ
کانپوءِ ۱۹۱۸ع ۾پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو. جنهن
جو ڪارڻ هو حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون گهٽ کڻڻ، قاضي علي رضا ايم اي روهڙي
واري جي ڪافي محنت ڪرائڻ جي باوجود امتحان ۾ پاس ٿي ڪين سگهيو.
عبدالڪريم گدائي کي ساڳئي سال ۾
مسٽر آنند رام جي ڪوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي جنهن تان هن ڪم وڌيڪ
هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ جي ڪري سال ۱۹۱۹ع ۾
استعفيٰ ڏيئي ۽ پوءِ ٺل ۾ اچي ۱۹۲۰ع ۾
سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ پوليس جي ڪانسٽيبل طور درخواست
ڏنائين ته هن کي ڪانسٽيبل طور ننڍو منشي ڀرتي ڪيو ويو هن ۶ مهينا جيڪب آباد ٿاڻي ٽائون تي ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ
کان پوءِ عبدالڪريم گدائي ۱۹۲۳ع جي
پڇاڙيءَ ۾ ٺل جي زميندار مرحوم بهادر خان کوسي جي فرزند شاهل خان جوٽيوٽر ٿيو جتي
هن جي ملاقات لطف الله بروهي جوڳي شڪارپوري سان ٿي. جيڪو بهادر اسڪول ۾ نائب ماستر
هو. هي ٻئي هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا. جنهن جي صحبت ۾ گدائي صاحب کي به شاعريءَ جو
شوق ٿيو ۽ پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ تخلص گدائي چونڊيائين.
بهادر پور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ
کانپوءِ هن کي ۱۹۲۷ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ نوڪري
ملي ۽ کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ رکيو ويو. پنج
سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ان نوڪري تان به هٿ ڌوتائين. جنهن جو سبب رتيديري ڊويزن جي
ايس ڊي او سان ڪجهه ڳالهين تي اختلاف هئو، جنهن جي ڪري گدائي صاحب ۱۹۳۲ع ۾ ٻه مهينا موڪل وٺي ٺل آيو ته پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري
وڃائي ڇڏي. انهيءَ کانپوءِ گدائي صاحب ساڳي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو،جيڪو ٽن
سالن ۾ نقصان جي نظر ٿي ويو. هن وري ٺل ۾ هوٽل کوليو. جيڪو پڻ نوڪرن جي نظر ٿي ويو
۽ سندن مهرباني سان ئي پنهنجي پڄاڻي کي پهتو.
گدائي صاحب وري ۲۰ جولاءِ ۱۹۴۷ع کان ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل ۾
هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پر پنهنجي ڪجهه ويجهن عزيزن
۾اڻبڻت ٿيڻ جي ڪري ۱۹۵۱ع ۾ ٺل
مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پاڻ ادب، سياست ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم رهيو
”المجاهد“ سنڌ فرنٽيئر گزيٽ ۽ ٻين ڪافي اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ان کان پوءِ
روزاني عبرت جو رپورٽر پڻ ٿيو.
گدائي صاحب ٽي شاديون ڪيون. کين
وچين گهر واريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون اٿس. مرحوم عبدالفتاح عابد جيڪو شاعر،
اديب صحافي هو. عبدالعزيز ساجد، عابده، ساجده ٻه ڌيئر. ٻئي صغيرائپ ۾ ئي فوت ٿي
ويون. ٽين گهر واريءَ مان هڪ پٽ ۽ ڌيءَ ٿي جيڪا جاويد ساگر ۽ رزاق بروهي جي والده
آهي.
عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي
خلافت تحريڪ کان متاثر هو. ۽ پوءِ ۱۹۳۲ع ۾
ماروئڙن جي ڏکن ۽ سورن کي ڏسندي ڏاڍو جوشيلو هجڻ ڪي نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾
شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو
سيڪريٽري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري
ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.
عبدالڪريم گدائي جي چواڻي ته
(منهنجي شاعري جو حقيقي) دور پاڪستان جي قيام کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. جڏهن قوم جي
امنگن جي برعڪس ساڳيو انگريز دور وارو جاگيرداري ۽ زمينداري ظلم دٻاءُ نه رڳو جاري
هو پر اڳ کان به اڳرو ٿي ويو. ۱۹۴۷ع کان
پوءِ آزادي وارو خواب شرمنده تعبير ٿيڻ کان رهجي ويو. اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾
بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون تڏهن کان منهنجي شاعريءَ موجوده
موڙ اختيار ڪيو. گدائي هارين ۽ مزدورن، ماروئڙن سان ساڳي ئي ويڌن ڏسي چوي ٿو ته:
دل ٿي چوي هڪ آڳ لڳايان
گهٽ وڌ جو هي فرق مٽايان
سارو هي مانڊاڻ جلايان
ڇيڙي ديپڪ راڳ الا وو
پنهنجو پنهنجو ڀاڳ
گدائي صاحب پنهنجي ٻئي نظم جي
سٽن ۾ چوي ٿو ته
هن ڌرتيءَ خاطر مرنداسين
هن ڌرتي خاطر جيئنداسين
سقراط جيان جي زهر مليو
ته بي کلندي کلندي پئنداسين
هي سنڌ سدا خوشحال رهي
هي ڌرتي مالا مال رهي
عبدالريڪم گدائي جي هر شعر،
غزل، نظم ۽ مضمون ۾ رڳو ڌرتيءَ، مزدورن، هاري ۽ ماروئڙن جو ذڪر ملي ٿو. گدائي صاحب
هن نظم ۾ ناانصافين جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته
نرڌن جي پورهئي تي
ڇو ٿو موج ڪري ڌنوان
ايڏو هي انياءُ ڏسي
ڇو ماٺ ۾ آ ڀڳوان
اي ڌرتيءَ جا مالڪ
اڄ ڇو ماڻهو آ مجبور
ڌاڍي جوهيڻي تي
ڇو آ هر دم قهر ڪلور
عبدالڪريم گدائي پنهنجي وقت جو
ڏاڍو جوشيلو ڪارڪن هو. جنهن جو مواد ان وقت جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپيو هو. جهڙوڪ:
پيغام، صداقت، سنڌ جيڪب آباد زميندار، ٽماهي مهراڻ، هلال پاڪستان، الوحيد ۽ عبرت
وغيره شامل آهن. شاعريءَ سان گڏ وگڏ گدائي صاحب نثر به لکيو، جنهن ۾ خان ڳڙھ کان
جيڪب آباد تائين جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ آهي ۽ ڪيترائي ڊراما ڪيائين جن ۾ ”قابوس
۽ بلوامنگل“ سرفهرست آهن.
عبدالڪريم گدائي جا ڪل چار ڪتاب
ڇپيل آهن. هن جو پهريون نظمن جو ڪتاب ساڻيھه جا سور ۱۹۶۵ع ۾ چيو. جنهن تي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران هڪ هزار انعام ڏنو ويو. ان
کانپوءِ سال ۱۹۶۵ع ۾ هڪ باتصوير ڪتابچو خانڳڙھ
کان جيڪب آباد تائين ضلعي جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ ڇپي ۽ ”پيماني تي پيمانو“ شاعري
جو ڪتاب ڇپيو ۽ فيبروري ۱۹۷۵ع ۾
سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”پکڙا ۽ پنهوار“ ڇپيو.
عبدالڪريم گدائي ”پکڙا ۽
پنهوار“ جهڙا چار خوبصورت ڪتاب ڏيئي. تاريخ ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي اسان کي هميشه لاءِ الوداع
ڪري هليو ويو. سندس وڇوڙو سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ڪنهن وڏي هاڃي کان گهٽ نه آهي.
گدائي صاحب ”هيمنگوي“ جي ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جو جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. جنهن
ڪاري ۽ ڪوڙهيل سماج خلاف پنهنجي عمر جاکوڙيندي گذاري. تڏهن ته گدائي صاحب پنهنجي
هن غزل جي مقطع ۾ چيو آهي ته
سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو گدائي
بھر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.
عبدالڪريم گدائي
بيدل مسرور
ڪلهه
عشق ۽ الفت جون يارن سان هيون ڳالهيون،
ان
گرميِ محفل جو اڄ آ رڳو افسانو.
گدائي صاحب جو هڪ شعر آهي: ”هي
شهر به ڪڏهين شهر هيو، هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.“
ماڻهو ايئن ٿا سمجهن ته اهو شعر
گدائي صاحب شڪارپور جي حوالي سان لکيو هو پر مان هتي ايئن چوندس ته هن اهو شعر
پنهنجي شهر ”ٺل“ جي لاءِ چيو آهي، جتي گدائي صاحب پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جتي ننڍي
عمر جا دوست کيس ”بگو“ ڪري سڏيندا هئا. اهو گدائي صاحب اسان ننڍن سان توڙي وڏن سان
وڏي عزت سان ملندو هو.
اسان جي گهر ۾ نه رڳو گراموفون
هوندو هو پر سون جي تعداد ۾ رڪارڊ ۽ انهن جو ڪئٽالاگ به هوندو هو، جنهن ۾ ڪيترن
سنڌي شاعرن ۽ ڳائڻ جي فهرست ۾ ”فنائيءَ“ ۽ ”گدائيءَ“ جو نالو به مون ان ڪئٽالاگ ۾
پڙهيو هو. ڪيترا سال اهو ڪئٽالاگ مون وٽ محفوظ هو پر ٽي ويءَ جي پروگرام ”سر جو
سفر“ دوران مون اهو محمد قاسم ماڪا کي ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته ماڪا صاحب سنڌالاجيءَ ۾
رکيل رڪارڊن کي ڪيسٽن تي لاهي، بازار ۾ وڪرو ڪندو هو. مون کي پڪي يادگيري آهي ته
مون ان ڪئٽلاگ جي ڪاپي فتاح عابد کي به ڏني هئي، جنهن جي آڌار تي هن گدائي صاحب جو
ڪلام گڏ ڪري ”پئماني تي پئمانو“ جي عنوان سان ۱۹۷۴ع ڌاري سورٺ اشاعت گهر جي سهڪار سان شايع ڪرايوهو.
ان ڪئٽالاگ ۾ ”گدائي“ صاحب جي
ڪيترن ئي ڳايل ڪلامن جو ذڪر ٿيل هو، ۽ ٻين ڪيترن سنڌي رڪارڊن سان گڏ ”فنائيءَ“ ۽
”گدائيءَ“ جا رڪارڊ به هوندا هئا، جيڪي گهر ۾ ننڍي ڀاتيءَ هئڻ سبب گهڻو ڪري مان ئي
وڄائي ٻڌندو هوس. جن مان ڪجهه ته الله بخشين، منهنجون مربي ڀينرون به ڳائينديون
هيون، ۽ هاڻي مان به ڳائيندو آهيان:
۱. مون
کي بيمار ڪيو، ڪنهن ڪيو دلدار ڪيو.
۲. دردِ
دل، دل دردِ دل، سمو شادمانيءَ جو گذري ويو.
واقعي! سمو شادمانيءَ جو گذري
ويو! ۽ ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هيو، ان جيڪب آباد شهر جي ماڻهن مون کي سکڻ لاءِ ۽ ڪرڻ
لاءِ گهڻو ڪجهه ڏنو، جتي مون اپريل ۱۹۶۶ع کان
وٺي ويندي آڪٽوبر ۱۹۷۴ع تائين جيڪب آباد ضلع جي مختلف
يونين ڪائونسلن ۾ نوڪري به ڪئي ته جيڪب آباد ۾ استاد ارباب خان کوسي جي ڊيري تي
راڳ جي سکيا به ورتي ۽ انهن ڳائڻن سان گڏجي يا اڪيلي سر شڪارپور، جيڪب آباد، ٺل،
سکر، ٽنڊي ڄام ۽ ڪوئٽيا جي شهرن ۾ ڳائڻ به ويس، غالب لطيف جي روزاني اخبار ”سارنگ“
سان به وابستا ٿيس، ان اخبار جي حوالي سان ”ڦلواڙي“ نالي ٻارن جي تنظيم جوڙيم،
انهن جون علمي ادبي گڏجاڻيون ڪرايم. جيڪب آباد جي سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ويهڪن ۾
افسانا پڙهيم، شعر جهونگاريم، طبعزاد توڙي اردو ڊائجيسٽن مان ڪهاڻيون ۽ مضمون به
ترجمو ڪيم.
جيڪب آباد ۾ ”گدائي“ صاحب سان
منهنجي ملاقات به ۱۹۶۵ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت جي ادبي
گڏجاڻيءَ ۾ ٿي هئي، ”گدائي“ صاحب انهن گڏجاڻين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو به ڪو شعر
پڙهندو هو نه ته رڳو اسان نوجوانن جي همٿ افزائيءَ لاءِ شريڪ ٿيندو هو.
مون سان تعارف ٿيس ته هيج وچان
ڳرهاٽڙي پائي چوڻ لڳو؛
”بيدل
صاحب، فقير ”مسرور“ صاحب سان اسان جي گهڻي اٿڻي ويهڻي ڪانه هئي پر مرحو پروفيسر
لطف الله بدوي صاحب منهنجو تمام پيارو دوست رهيو آهي. ٺل ۾ مان جڏهن مرحوم بهادر
خان کوسي جي پٽ شاهل خان کي پڙهائيندو هوس ته انهن ڏينهن ۾ بهادرپور جي اسڪول ۾
اوهان جو چاچو مسٽر لطف الله بدوي نائب ماستر هوندو هو. شڪارپور کان گڏهه تي چڙهي
ايندو هو، ان وقت هن جو تخلص ”جوڳي“ هوندو هو ۽ مون ”گدائي“ تخلص رکيو، ٻئي شعر
ٺاهيندا هئاسين ۽ ڳائيندا به هئاسين. “
”گدائي“
صاحب جي گفتگو دوران مون کي ياد اچي ويو ته بابا سائينءَ جي محفوظ ڪيل هڪڙي گروپ
فوٽوءَ ۾ پروفيسر لطف الله بدوي به يڪتارو جهلي ويٺو آهي، ۽ امان ٻڌائيندي هئي ته:
”جوڳي“ تخلص به مٿس تنهنجي پيءُ (فقير مسرور) رکيو هو. “
ان تعارف کانپوءِ گدائي صاحب
هميشه مون کي پنهنجي دوست جي ڀائٽي هئڻ جي ناتي وڏي عزت ڏيندو هو. سارنگ پريس تي
يا ڪنهن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ اٿي پنهنجي ڀرسان ويهاري پوءِ ويهندو هو. شروع کان ئي
غريباڻي انداز سان رهيو. اسان جو شڪارپوري يار عبدالغني چنا به ٻڌائيندو آهي ته
”گدائي“ صاحب، سندس والد ميان يارمحمد چنا جو به دوست هو. تڏهن اهو به پوسٽ آفيس ۾
ملازم هو ۽ شڪارپور پوسٽ آفيس مان هيڊ پوسٽ ماسٽر ٿي رٽاير ڪيو هئائين. پر شروعاتي
ڏينهن ۾ سندس پوسٽنگ ٺل ۾ هوندي هئي، ته اتي به ”گدائي“ صاحب ۽ ميان يار محمد چنو
هڪ کاتي ۾ هوندا هئا. ”گدائي“ صاحب جي شڪارپور جي پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪيءَ وارو زمانو
لڳ ڀڳ ۱۹۱۸ع هو. ڇاڪاڻ ته ڪتابن ۾ مون اهو
ئي پڙهيو آهي.
هڪڙي ڪتاب ۾ ته مون اهو به
پڙهيو آهي ته:
”ٺل ۾
رهڻ دوران ”گدائي“ صاحب ۽ قادر بخش ”بشير“ ٺل جي ئي هڪ تعلقي ميرپور ٻرڙي ۾ ”بزمِ
مشاعره“ جو بنياد به وڌو هو، جنهن ۾ پندرهن روزه مشاعرا ٿيندا هئا، جنهن ۾ ”گدائي“
مرحوم ۽ تر جا ٻيا شاعر به پنهنجو شعر پڙهندا هئا. ۱۳ مئي ۱۹۲۲ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو هو، ان جي
طرح هئي:
محفلِ اغيار جي ڪيئن تو کي الفت
ٿي وئي.
”گدائي“
مرحوم جيڪو شعر پڙهيو ان جو هڪڙو بند هن ريت هيو:
ياد جانان ۾ گذارج يار راتيون
ڏينهڙا،
انهيءَ الفت مان سدائين ڪر پيو
حاصل سرور. “
(ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي:
ڪتاب سفر زندگيءَ جو، مرتب: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، سگا جيڪب آباد شاخ،
اپريل ۱۹۸۵ع صفحو ظ، ع)
گدائي صاحب اها ٽپال کاتي واري
نوڪري جلد ئي ڇڏي، جيڪب آباد ٽائون پوليس ۾ اچي ڀرتي ٿيو. پر ڇهن مهينن کانپوءِ
اتان به ڇڏي وڃي ٺل ۾ ماستري ڪرڻ لڳو هو. پر ۱۹۶۶ع ڌاري، جڏهن اسان جي ملاقات ٿي ته هو رڳو شاعر ۽ مختلف اخبارن سان وابستا
صحافي هو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌائيندو هو ته پاڻ ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب،
امروز ۽ مجاهد اخبارن جو ايڊيٽر به رهيو هو.
”گدائي“
صاحب، جيڪب آباد ميونسپل آفيس جي رهائشي ڪوارٽر جي پهرين منزل تي ڪرائي تي رهندو
هو، جتي پوءِ ڪجهه عرصو ”گدائي لئبرري“ قائم ٿي هئي، پر اها ڪجهه سالن کان پوءِ
بند ٿي وئي. اسان ڪڏهن ڪڏهن فتاح عابد سان به گڏجي وٽس ويندا هئاسين. غريباڻي رهڻي
سهڻي هوندي هيَن. پر گهر ۾ هارمونيم رکيل هوندي هيس، جنهن تي مڙئي رون رون ڪري ڪو
نه ڪو ڪلام ٻڌائي اسان جي دل خوش ڪندو هو.
”گدائي“
صاحب جو پهريون ڪتاب ”خان ڳڙه کان جيڪب آباد تائين“ اسان جيڪب آباد واري زماني ۾
ئي پڙهيو هو، سندس شاعريءَ جا ڪتاب ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“ ۽ ”پکڙا
پنهوارن جا“ پوءِ پڙهيا. ”ساڻيهه جا سور“ اٽڪل ۱۹۶۵ع ۾ ڇپيو هو ۽ ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران هڪ هزار جو انعام به مليو
هو.
گدائي صاحب مشاعرن جي محفلن کان
علاوه به ڪڏهن ڪڏهن سارنگ پريس تي يا ادبي سنگت جي ڪچهرين ۾ شاعري به ٻڌائيندو هو
پر ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن پنهنجي دل ڳائڻ تي ٿيندي هئس ته ڳائڻ لاءِ مون کي چوندو هو ۽
ان طريقي سان پوءِ پاڻ به ڳائڻ لڳندو هو.
ان زماني ۾ اسان جو مربي ڀاءُ
ادا ميران بخش بدوي به ”گدائي“ صاحب جو هڪڙو ڪلام گهڻو ڳائيندو هو:
رات سڄي ڪو ويٺو روئي، منهن
لڙڪن سان ويٺو ڌوئي،
ڪنهن جو درد سموئي ويٺو، ڪنهن
کي ننڊ نڀاڳ الا او
پنهنجو پنهنجو ڀاڳ
ڪا وَرَ وڇڙيل واٽ نهاري، هر هر
دل ۾ ساجن ساري،
چُوڙا ٻيڙا ساڙي ٻاري، سرخي ڪجل
مُساڳ الا او
پنهنجو پنهنجو ڀاڳ
ڪا بختاور ساريون راتيون، ور
سان پنهنجي ڇاتيون لاتيون،
ڀيڙي پئي آ ڀاڪر پاتيون، ڏس هي
ڀاڳ سهاڳ الا او
پنهنجو پنهنجو ڀاڳ
ڪو چئي يار حياتي فاني، دنيا
ناهي رهڻي جاني،
ڪوڙي ساري رام ڪهاني، مُئي آخر
ماڳ الا او
پنهنجو پنهنجو ڀاڳ
دل ٿي چئي هڪ آڳ لڳايان، گهٽ وڌ
جو هي فرق مٽايان
سارو هي مانڊاڻ جلايان، ڇيڙي
ديپڪ راڳ الا او
پنهنجو پنهنجو ڀاڳ.
ادا ميران بخش ٻين به ڪيترن
اردو توڙي سنڌي شاعرن جا ڪلام پنهنجي دليون ٺاهيل ڌنن ۾ڳائيندو هو، ۽ ”گدائي“ صاحب
جو اهو ڪلام اهڙي ته ڏکوئيندڙ جذبات واري ڍار سان ڳائيندو هو جو جيڪب آباد جا ڪافي
ادب دوست خاص ڪري فتاح عابد، غلام نبي سڌايو، سڪندر بختيار، محمد بخش سومرو کانئس
”گدائي“ صاحب جو اهو ڪلام ضرور ٻڌندا هئا.
رعشي جي ڪري ”گدائي“ صاحب جا هٿ
لکڻ وقت لڏندا هئا، مگر تحرير پوءِ به نهايت صاف سهڻي ۽ سڌي هوندي هئس. هونئن ته
اسان سندس ڪيترا ئي ليک پڙهيا، جهڙوڪ: ”جيڪب آباد جو تاريخي وڪٽوريا ٽاور“، ”جيڪب
آباد جا ماضيءَ جا ڳائڻا“، ”جيڪب آباد جا شاعر ۽ اديب“، ”جيڪب آباد جو هارس اينڊ
ڪيٽل شو“ وغيره. سارنگ اخبار ۾ پنهنجون يادگيريون به لکندو هو، سندس مضمون ”جيڪب
آباد جا ماضيءَ جا ڳائڻا“، مون کي پوءِ نثار حسينيءَ طرفان شروع ڪيل پرڀات
پبليڪيشن حيدرآباد جي ڪتابي سلسلي ”تند تنوار“ جي پهرين پرچي ۾ شايع ٿيل نظر آيو
هو، اڳي انفارميشن جي پبليڪيشن آرڊيننس تحت ماهوار رسالن جي رجسٽريشن ٿيندي هئي،
باقي ڪتابي سلسلي تي تاريخ نه لکبي هئي، پوءِ همٿ ڪري ڪجهه ڪتابي سلسلن پهرين ڪڙي
۽ ٻي ڪڙي لکڻ شروع ڪيو، ان حوالي سان تند تنوار جو اهو ”پهريون“ پرچو آهي ۽ منهنجي
اندازي مطابق اهو پرچو فيبروري يا مارچ ۱۹۷۲ ۾ شايع ٿيو آهي، لکيو اٿس:
”جيڪب
آباد جو شهر جيتوڻيڪ هن بلوچي اڪثريت واري خطي ۾ واقع آهي، جتي فنونِ لطيفه جو ذوق
سابق سنڌ جي ٻين شهرن کان گهٽ رهيو آهي. تڏهن به هن شهر ڪلاسيڪل خواه هلڪي ڦلڪي
موسيقيءَ جا چڱا ۽ ناليرا فنڪار پيدا ڪيا آهن. چنانچه جيڪب آباد جي ڪلاسيڪي
موسيقيءَ جا ماهر استاد هادي بخش، محمد جمن عرف جمون شيدي، ماضي قريب ۾ پنهنجي وقت
جا فنِ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا استاد هئا، جي هينئر پنهنجي ضعيف العمريءَ سبب عبرت جي
زندگي گذاري رهيا آهن. انهن ٻن کانسواءِ، هتان جي هڪ طوائف رتن ٻائي به پنهنجي وقت
جي عمدي رقاصه ۽ ڳائڻي هئي، جنهن کي شهر خواه ضلع ۾ ٿيندڙ شادين جي موقعي تي
گهرائي مجرو ڪرايو ويندو هو ۽ جا اڄڪلهه جيڪب آباد جي چڪلي ۾ پنهنجي پيرسني سبب
ڪٺن زندگي گذاري رهي آهي. ماضيءَ جي هلڪين ڦلڪين ڪافين کي يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳائڻ
هتان جي جتن جي محلي جا ٻه پوليس ملازم جمعدار گهرام خان ٻبر جت ۽ جمعدار گيلو خان
به پنهنجي وقت جا چڱا ڳائڻا هئا، جن مان جمعدار گهرام خان مرحوم ڪيترا سال ٿيندا
جو فوت ٿي ويو آهي ۽ جمعدار گيلو خان اڃا تائين زنده آهي، ليڪن هو به ضعيف العمري
سبب ڳائڻ کان رٽاير ڪري ويو آهي.
جيڪب آباد جي موجوده ڪلاسيڪل
راڳ ۽ قوالي ڳائڻ ۾ استاد ارباب خان کوسي جو نالو قابل ذڪر آهي، جو وقت بوقت
پنهنجي ساٿين ۽ سنگت ڪندڙ سازندن سميت محفلن ۾ داد حاصل ڪندو رهي ٿو ۽ جنهن جي
نالي تي هتان جي راڳ و رنگ جي شوقين نوجوانن ”ارباب آرٽ سرڪل“ جي نالي هڪ ادارو پڻ
قائم ڪيو آهي. هلڪي ڦلڪي موسيقي ۽ سنڌي ڪافين ۽ غزل ڳائڻ وارن ۾ هتان جي افضل فقير
۽ ڪمال فقير کي يڪتاري چپڙين ۽ ڍولڪ و گهڙي جي سازن سان ڳائڻ ۾ ڪمال حاصل آهي، ۽
اهي ٻئي فنڪار اڪثر ڪري هتان جي سرڪاري ثقافتي محفلن ۾ پنهنجي فن جا جوهر
ڏيکاريندا رهن ٿا. انهن ٻنهي کانسواءِ غلام حيدر فقير جو صوفي بزرگ سائين رکيل شاه
جو معتقد آهي، ان کي به صوفياڻي ڪلام ڳائڻ ۾ ڪمال حاصل آهي، ۽ اهو اڪثر ڪري يڪتاري
۽ چپڙين تي بيهي ڳائيندو آهي. ضرورت آهي ته انهن زنده فنڪارن ۽ فن جي سرپرستيءَ
لاءِ سرڪاري يا غير سرڪاري ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي، جيئن راڳ جو لطيف فن به هن ضلع
۾ پروان چڙهي. “
”گدائي“
صاحب جي فن سان وابستگيءَ جو ڏس ايئن به ملي ٿو ته: ”گدائي“ صاحب کي اسڪولي زماني
کان ڊرامن جو شوق هو، سندس ان شوق جو پورائو ماسٽر امير علي جي ڊراما ڪمپنيءَ ۾
ٿيو، جتي ”گدائي“ صاحب ڇهه مهينا نوڪري به ڪئي، ان بعد ٺل ۾ ”ٺل ايميچوئر ڊراماٽڪ
سوسائٽي“ جو بنياد وڌائين، ان منڊليءَ جي سهڪار سان ڪيترا هندي ۽ سنڌي ڊرامان
اسٽيج ٿيا، جهڙوڪ: بلوا منگل، خدا دوست، ۽ جلاد عاشق. اغا حشر جي اردو ڊرامي ”بلوا
منگل“ جو سنڌي ترجموڪري اسٽيج تي پيش ڪيو هئائين، ان کانسواءِ ڪوئٽيا، سکر،
شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ هن منڊليءَ جي اداڪارن پنهنجي فن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. هو
هڪ ئي وقت تي اداڪار، هدايتڪار، ڪهاڻيڪار، گلوڪار ۽ شاعر هو“
(ڪتاب سفر زندگيءَ جو، ليکڪ:
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، سگا جيڪب آباد شاخ، اپريل ۱۹۸۵ع صفحو ۳ ۽ ۸۱).
”گدائي“
صاحب هڪ آدرشي انسان هو، هن جو جيڪب آباد لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هن ۱۹۷۰ع ڌاري ”ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس“ جو بنياد وڌو هو. جيڪب آباد پريس ڪلب کي
جياريو پر ”گدائي“ صاحب جي گذارڻ کانپوءِ ضلعي انتاظاميا کان رڳو هڪ معمولي گهر
ڪئي وئي هئي ته جيڪب آباد جي ”ڇٽي چوڪ“ جو نالو بدلائي ”گدائي چوڪ “ رکيو وڃي، پر
انتظاميا ان تي ڪو به عمل نه ڪيو.
مان آڪٽوبر ۱۹۷۴ع ڌاري جيڪب آباد کي خيرآباد ڪري ڪراچيءَ هليو آيو هوس، پوءِ خبر ٻڌم ته
”گدائي“ صاحب تي فالج جو حملو ٿيو آهي، گهڻي ڪوشش ڪيم ته وقت سر ساڻس ملي اچان پر
جڏهن جيڪب آباد ويس ”گدائي“ صاحب بجاءِ فتاح عابد جي بيٺڪ ۾ سندس پينٽ ڪيل تصوير
جي سلاميءَ ڪرڻي پئي، فتاح ٻڌايو پئي ته:
”گدائي“
صاحب ڪمزور ڏاڍو ٿي ويو هو، پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو، ۽ اٺاويهين جنوري سال ۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو. “
”گدائي“
صاحب ڪوئٽيا روڊ تي افضل بابا واري قبرستان ۾ دفنايل آهي، جتي بعد ۾ ڪامريڊ برڪت
علي ”آزاد“ کي به دفن ڪيو ويو هو.
افضل بابا: هڪڙو نانگو فقير هو،
قد جو ڊگهو ۽ سنهڙو ۽ رنگ جو سانورو هوندو هو، سندس وات صفا لال ڳاڙهو هوندو هو. ڪيپيٽال
سينيما جي پوئين دروازي (سومرن واري پاڙي ڏي ويندڙ رستي) جي اوٽ ۾ ويٺو هوندو هو،
ڪڏهن اٿي پاڻ ڪنهن هوٽل تي ويهي ڪجهه کائيندو هو، نه ته ماڻهو سندس ويجهو اچڻ کان
به ڊڄندا هئا، ماني يا فروٽ وغيره ڀرسان رکي ويندا هئس، پر کائيندو ڪونه هو، مان
نوڪريءَ تي ان رستي سان ويندو هوس ته سلام ڪندو ويندو هيومانس، پر افضل بابا لفٽ
نه ڪرائيندو هو.
چون ٿا ته وڏي ڪاني ڪرامتن جو
مالڪ هو، مستانو ته لڳندو هو پر مون پنهنجي دور ۾ سندس ڪابه ڪرامت ڪانه ڏٺي، پر
اٺن ڏينهن جي هڪڙي مسلسل برسات سندس ڪرامت سان وابستا آهي ته رمضان جي مهيني ۾
ڀرسان واري هوٽل تي ويٺو هو ته هڪ وڏي رڙ ڪئي هئائين ۽ پوءِ خبر ئي نه پئي ته
اوچتو بادل ڀرجي آيا ۽ مسلسل اٺ ڏينهن ٻوڙان ٻوڙ برسات ٿي هئي. والله اعلم بالصواب.
مان به يونين ڪائونسل آفيس
روزاني سائيڪل تي ان ئي رستي سان ويندو هوس، يعني فيملي لائين واري بخاري جامع
مسجد جي ڀرسان، مان پنهنجي ڀينرن جي گهر کان نڪرندو هوس، ۽ ٺٺ مسجد وارو رستو ڏئي،
محترم استاد ارباب خان کوسي کي سلام ڪري اڳتي، ڪيپيٽال سينيما کان ٿيندو، ڏنگر
محلو ٽپي، ڪوئٽيا روڊ تي ويندو هوس.
جيڪب آباد شهر جي چوڌاري آخري
ڇيڙي تي ناڪا هوندا هئا، ۽ ڪوئٽيا روڊ واري ناڪي کان منهنجي يونين ڪائونسل احمد
پور جي آفيس ٻن اڍائي ميلن تي هوندي هئي جنهن جي سامهون احمد ميان سومري صاحب جو
پيٽرول پمپ هوندو هو، جتي جو مئنيجر ثميره زرين جو ڀاءُ هوندو هو، سندس نالو مون
کي ياد نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏهن سندس نالو کنيو به ڪونه هيوسي، بس رڳو ”اعواڻ
صاحب“ سڏيندا هئاسينس. واندڪائيءَ جو سارو وقت ان پيٽرول پمپ تي ساڻس رهاڻيون
ٿينديون هيون، ان پيٽرل پمپ جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي منهنجي يونين ڪائونسل
احمدپور جي آفيس هوندي هئي، ڪوئٽيا روڊ تي مهڙ ۾ ئي ناڪو هوندو هو، پوءِ ٿورو
اڳيان هڪ ڊگهو قبرستان هوندو هو، ان کانپوءِ حاجي لکمير خان وارن جي سِرن جو بٺو
هوندو هو. ۽ جڏهن افضل بابا گذاريو ته ان کي ان بٺي جي ڀرسان واري قبرستان ۾ کيس
دفن ڪيائون. هاڻي اهو قبرستان افضل بابا جي نالي سان مشهور آهي نه ته اڳي ان
قبرستان جي ويجهو ٻئي قبرستان ۾ هڪڙي بزرگ پير بخاريءَ جي مزار به هوندي هئي، جتي
اسان جو استاد ارباب خان هر جمعي رات چونڪي ڏيڻ ويندو هو.
حاجي لکمير ۽ حاجي محمد صديق ٻه
بروهي ڀائر هوندا هئا، پهرين ٺيڪيداري ڪندا هئا ۽ گڏهن تي گنب جي مٽي ڍوئرائڻ جو
ڪم ڪندا هئا. بعد ۾ انهن گهنٽاگهر کان اڳتي هاڻوڪو ”گرين لينڊ هوٽل“ شروع ۾ ڪچي
گنب جي مٽيءَ ۽ بانس جي لڪڙن سان کوليو، جتي سندس ڀاءُ حاجي محمد صديق دخل تي
ويهندو هو ۽ حاجي لکمير ٺيڪا کڻندو هو. پوءِ جڏهن الله سائينءَ نوازين ته حاجي
محمد صديق صاحب پاڻ ئي چوندو هو ته:
”يار
اسان ته گڏهن تي مٽي ڍوئيندا هياسي، پر اسان جي ٻارن کي پيشاب ٿو لڳي ته به ٻه قدم
اڳيان واري گهر تائين به ڪار تي چڙهي ٿا وڃن. “
حاجي برادران جڏهن پئسي وارا ٿي
ويا ته هوٽل جي اندر ”ٽمبولا“ به هلائيندا هئا، ساڳي ٽمبولا جيڪب آباد ۾ لڳندڙ
هارس اينڊ ڪيٽل شو دوارن لڳندڙ نمائش ۾ به هلائيندا هئا. ان زماني ۾ وچ شهر ۾ هجڻ
سبب ان جوئا خاني جي خلاف شڪايتون به گهڻيون ئي ٿيون. پر حاجي برادران جي پشت
پناهي ڪندڙ گهڻو ڪري اهي زميندار ئي هوندا هئا، جيڪي جوئا ۽ شراب جا شوقين هوندا
هئا. ان ڪري سندن اهو ڌنڌو به هلندو رهندو هو.
گدائي صاحب صحافيءَ جي حيثيت ۾
گهڻا ئي جوکم جهڙا ڪم سرانجام ڏنا، وڏيرا ۽ سرڪاري ڪامورا به گهڻو ويجهو رکڻ جي
ڪوشش ڪندا هئس پر هو طبيعت ۾ ڪامريڊ هو، سچائي پسند هو، ان ڪري غريبي حال ۾ سدائين
خوش رهيو، سرڪاري وظيفو به ملندو هيس پر ان جي باوجود سرڪاري مدح خواني نه ڪيائين.
اسان کي اها خبر ڪا نه هئي ته ان غريبي حال جي باوجود گدائي صاحب ڪي ٽي شاديون
ڪيون هيون، پر اسان کي رڳو ايتري خبر هئي ته کيس ٻه پٽ هئا، هڪڙو فتاح عابد ته ٻيو
عبدالعزيز لاشاري.
عبدالڪريم گدائي
تون هردم آهين ياد
اصغر سجاڳ
عبدالڪريم گدائي جو، منهنجي هنن
پرجوش اکين ٻاروتڻ ۾ درشن ڪيو، منهنجي عمر ڏهاڪو سال کن ٿيندي، سال ۶۶ يا ۶۷ هوندو، مان اڃا پنجون پاس نه
ڪيو هو، تڏهن منهنجو والد رئيس پانڌي خان دايو ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري هيو. بابا
جي نوڪريءَ جي ناتي،منهنجو ٽائون ڪاميٽي ۾ اچڻ وڃڻ روز جو معمول هو. هڪ شام ڇا
ڏسان ته ٽائون ڪاميٽي جي آڳر تي اسٽيج جڙيل هئي، سامهون، ڪرسيون لڳل هيون، پنهنجي
والد صاحب کي پنڊال ۾ گهڻو ايندي ويندي ۽ انتظامن جو جائزو وٺندي ڏٺم. والد صاحب
مون کي هڪ ڪرسيءَ تي قابو ڪري، پاڻ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ مصروف ٿي ويو. شام لڙيءَ
جو مهمان پهتا ته اسٽيج تان اعلان ٿيو ته مشاعرو شروع ڪري رهيا آهيون. انوقت اڄ
وانگر اسٽيج تي صدارتي پئنل جو رواج ڪونه هو. هر شاعر واري واري تي هيٺيان آيو پئي
۽ شعر چئي واپس ويو پئي. ايئن اعلان ٿيو ته سنڌ جو مشهور شاعر عبدالڪريم گدائي
پنهنجو شعر پيش ڪرڻ اچي ٿو. مون کي ياد ناهي ته تاڙيون وڳيون يا نه ۽ اهو به ياد
ناهي ته ڪو لائوڊ به هو يا نه، پر گرجدار آواز سو هيو، جيڪو گونجيو:
خبردار هاري جو ڀوتار آيا،
پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا
زندگي جو اهو پهريون شعر هيو،
جيڪو منهنجي ڪنن تي پيو، منهنجي پتڪڙي ذهن، ان شعر جو وڏو ئي اثر ورتو. اها يادگار
شام منهنجي دل تي گهر ڪري وئي ۽ گهر موٽندي والد صاحب کان وئي سوال ڪرائيندي ته،
هي ڇا هيو، هي ڪير هئا ۽ هُو ڪير هئو؟ والد صاحب کان معلوم ٿيو ته هي مشاعرو هيو،
هو شاعر هيا ۽ هُو منهنجو دوست عبدالڪريم گدائي هئو. ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري
طور منهنجي والد صاحب جي مقرري کان اڳ چاچو گدائي ۾ ان ئي ٽائون ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري
رهي چڪو هئو. ساڳئي اداري ۾ ملازمت جي رشتي،ٻنهي جي ياريءَ جي رشتي کي مضبوط ڪيو. گدائي
صاحب ٺل ڇڏي جڏهن جيڪب آباد رهائش اختيار ڪئي ته ٺل ۾ پويان هِڪُ هئا هن جا مائٽ ۽
عزيز ۽ ٻيو هيو اسان جو والد صاحب، گدائي جڏهن به ٺل جو ڀيرو ڀڳو ته اهائي ٽائون
ڪاميٽي هن جي ٽهڪڙن جو مرڪز بڻبي هئي.
مان ۶۹ ۾ پنجون پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ اچي ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ان ئي سال دل ۾
نئين دنيا جو جنم ٿيو، ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هلي نڪتي، اسڪول جي اندران ۽ ٻاهران نوان
نعرا ٻڌڻ ۾ آيا، ڪلاسن جا بائيڪاٽ ڏٺم، جلسن جلوسن جو منظر اڳيان پويان ڦريو،ذهن ۾
نئين دنيا آباد ٿي وئي. ۶۹ ۾
تحريڪ چوٽان چوٽ ٿي، ٺل ۾ ٻاهرين شهرن، خاص ڪري جيڪب آباد کان نوجوانن جا جٿا اچڻ
وڃڻ لڳا، منظم جلسن جو سلسلو شروع ٿيو، اسٽيجون جڙڻ لڳيون، پرجوش تقريرون ٿيڻ
لڳيون،وري هڪ شام ڏسان ته ساڳيو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تان جلوه گر ٿيو. جوشيلا
شعر ۽ هيڏانهن نوجوانن جا هوڪرا، تاڙيون ۽ پرجوش منظر، اڙي! اهي ته ساڳيو چاچو
گدائي آهي. اُهو خبردار هاريءَ وارو. دل جو عجيب عالم ٿي ويو، خوشي ڦاٽڻ لڳي،ذهن
نئون موڙ ورتو، دل انقلاب طرف رجوع ٿي، اندر ۾ اٿل پٿل ۽ آنڌ مانڌ مچي ويئي:
اڃا ساز بغاوت تي مون کي ڪجهه
گيت ڳائڻ ڏي
وطن جي زره زره کي اڃا باغي
بڻائڻ ڏي
گدائي، منهنجو چاچو گدائي اسٽيج
تان لٿو، مٿي اسٽيج تي نوجوانن جو جوش جاري هو. هي شهر جو وچ هو، مک چوڪ، تحريڪي
نوجوانن نالو رکيو“جيئي سنڌ چوڪ”. ان چوڪ جي اولهه پاسي حاجي رسول بخش دايو جو
حجامڪو دوڪان هيو،جيڪو ون يونٽ تحريڪ کان سياست جو مرڪز رهيو. چاچو گدائي اسٽيج
تان لٿو ته سڌو ان دڪان جو رخ ڪيائين. حاجي رسول بخش دايو سان هن جي شناسائي هئي،
ڀرسان لالا سعادت پٺاڻ جو هوٽل هيو. “ حاجي”،گدائيءَ ٿڌا ساهه کڻي چيو،”گرم چانهه
ته گهراءِ“جلسي سبب دوڪان ۾ سياسي شائق گهڻا گڏ ٿيل هئا، چاچو گدائي چاچا، ڏي ته
خبر، تون پوڙهو ۽ هي جوانّ، هيترن جوانن ۾ تون پوڙهو ڪئين ٿو لڳين؟ گدائيءَ
وراڻيو: ڇوڪرن ۾ پوڙهو ڏسي پريشان نه ٿيو، جوش ڏسو ۽ جذبو ڏسو، منهنجي عمر پوڙهي
سهي پر دل جون آهي. سنڌ بچائڻ لاءِ پوڙهو گدائي، جوانن جي اڳيان هوندو، پويان نه. شائقين
جي فرمائش تي گدائي گرمجوش ڪلام ٻڌائي واهه واهه ڪرائي. گدائي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ
جو وڏو ڪردار ٿي اڀريو، سگهو ئي هن جي شاعراڻي جدوجهد رنگ لاتو، ون يونٽ جو طوق
ٽٽو ۽ سنڌ آزاديءَ جو ساهه کنيو:
يونٽ ۾ ڪين رهندي، آزاد سنڌ
ٿيندي
ساڻيهه ۾ گدائي، ساڳي بهار
ايندي
يونٽ جو بند ٽوڙيو، هٿ ظلم جا
مروڙيو
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ گدائي جي
شاعري،سنڌ جي نوجوانن لاءِ نرسري ثابت ٿي،وطن دوست فڪر وڌيو ويجهيو، گهر گهر جيئي
سنڌ جا نعرا گونجيا. هاڻ صحيح خبر پئي ته گدائي ڇا آهي؟وري هڪ شام گدائي جي ٺل آمد
ٿي، معلوم ڪندو وٽس پهتس، جهڪي سينو ڇهيومانس: چيومانس، رئيس پانڌي خان دايو جو پٽ
آهيان. هان ! رڙ ڪري زور سان ڀاڪر ڀرئين چيائين“تون ته منهنجو ڀائيٽو ٿئين” پوءِ
ڪچهري هلي، چانهه جو دور ٿيو، پنهنجي ٽٽل ڦٽل شاعري ٻڌائي مانس، ڏاڍو خوش ٿيو، وڏي
حوصلي افزائي ۽ رهنمائي ڪيائين.
چاچو عبدالڪريم گدائي ڏسڻ ۾
ڪمزور، هيڻو ۽ هڏڙين جي مُٺ، پر هَو مضبوط، اٽل، عزم جو پختو ۽ اوچو ايڏو، جيڏو
هماليه جبل. عشقيه شاعري کان سندس شروعات ٿي، پهريون ڪتاب “پيماني تي پيمانو” هيس.
ون يونٽ واري شروعاتي دور ۾ قومي ۽ عوامي شاعري جا واهڙ وهايائين، سندس عشقُ، سنڌ
جي عشقَ ۾ بدلجي ويو، ان ئي دور ۾ گجگوڙون ڪندڙ ڪتاب “ساڻيهه جا سور” ڇپيس. ون
يونٽ جو آخري دور گدائي جي شاعري جو عروج واري دور هو، هن واري هن جي شاعري ون
يونٽ سان ٽڪرائي، اها ئي شاعري ۷۵ ۾
“پکڙا ۽ پنهور” جي نالي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي، جيڪب آباد جي تاريخ تي ڪتاب
“خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” لکيائين، هي پنج ڪتاب هيا گدائي جو ادبي سرمايو پاڻ
جيڪب آباد ۾ رهائش دوران ادب، سياست ۽ صحافت تي حاوي رهيا، اتي غالب لطيف جهڙو
سيبتو ليکڪ ۽ صحافي سندس سٿ ۾ شامل ٿيو. فتاح عابد جهڙو لائق پٽ ڄڻيائين. هن جو
رهائشي سفر اڻٿڪ جدوجهد سان ڀريل آهي. مسڪيني ۽ غربت واري زندگي کي ڪا ميار نه
ڏنائين، ڏکن ڏاکڙن سان جهيڙيندي چيائين:
سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي
بهر طور گذريو، گذاري ڇڏيوسين
منهنجي چاچي عبدالڪريم گدائي
لاءِ ڪنهن جا هي لفظ ته وڏو استاد شاعر آهي، ڪُهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر آهي،
اهي لفظ ادبي دنيا لاءِ ڪيترائي موزون ۽ مانائتا، پر ڪنهن شاعر جي عظمت ۽ خاص طور
گدائي جي عظمت کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ها هن دور جديد ۾ هنن لفظن سان گدائي
جي عظمت جو بيان ٿيندو ته، گدائي دور جديد جو عظيم ترين ۽ سنڌ ديس جو بيباڪ ۽
بلندترين شاعر آهي، عوام، انقلاب، جوش، جذبن ۽ جدوجهد جو شاعر آهي. اهڙي عظيم شاعر
۷۸ ۾، ۷۸ سالن ئي ۾ اسان کان موڪلايو ته مون هڪ نظم ۾، ڪجهه ناڪام لفظن ۾ کيس هينئن
ڪچي ڦڪي ڀيٽا ڏني:
تون زنده آهين، زنده رهندين،
زندهه، زنده باد گدائي،
تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين،
تون هردم آهين ياد گدائي.
(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم ”گدائي“
سنڌ جو عوامي شاعر
حسيب ناياب منگي
جديد سنڌي شاعريءَ جي سفر ۾ جن
به شاعرن پنهنجي صلاحيتن سبب ناماچار حاصل ڪيو آهي، تن سنڌ جي ڏتڙيل ۽ غمن ۾
پيڙهيل ماڻهن جي داستانن کي بنا ڪنهن خوف جي بيان ڪيو آهي. ننڍڙي ننڍڙي رياست قائم
ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏيندڙ ظالم ماڻهن جي چالاڪين کي جڏهن شاعر جي تخليقي پورهئي
سنڌ ۾ نروار ڪيو، تڏهن اسان جي سماج جي ظالم طبقي وٽ اهو ڄاتو ويو ته شاعريءَ جو
اهو به هڪ پهلو آهي، جنهن ۾ محبوب جي تعريف، سندس رسڻ پرچڻ ۽ ناز ادا سان هلڻ
وغيره جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندڙ شعرن جهڙي رس چس ته نه آهي، پر هڪ اهڙي صدا ضرور
آهي، جنهن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ ۾ گهاريندڙ ماڻهن جي حقيقي زندگيءَ جي تصوير
آئيني اڳيان اچي بيهي رهي ٿي. شاعريءَ ۾ پرينءَ جو ذڪر نه هجي، ايئن ڀلا ڪيئن ممڪن
ٿو ٿي سگهي؟ پر جيڪڏهن شاعريءَ ۾ ديس جي غريب ماڻهن جي زندگيءَ جو عڪس شامل نه هجي
ته به شاعريءَ جو باب اڻپورو ئي رهجي ويندو. پر جيڪڏهن شاعريءَ ۾ ديس جي غريب
ماڻهن جي زندگيءَ جو عڪس شامل نه هجي ته به شاعريءَ جو باب اڻپورو ئي رهجي ويندو. حاڪمن
۽ حڪمرانن جي عياشي پڌري نه ٿيندي ته شاعريءَ ٻڌڻ يا پڙهڻ کانپوءِ واري اها سڻڀي
واهه واهه حقيقتن کي ڪڏهن پڌرو ڪندي؟ اهڙي بيباڪي عبدالڪريم ’گدائيءَ‘ جي حصي ۾
جيتري آئي آهي، تنهن جو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪنهن سان مقابلو ته ڪري نٿو سگهجي، پر اهو
چئي سگهجي ٿو ته ’گدائي‘ اهو شاعر آهي جنهن کي سنڌ جو ’عوامي شاعر‘ چئي سگهجي ٿو.
عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شاعريءَ
کي پڙهي ڏسو تنهن ۾ اسان کي عام رواجي شاعرن وانگر محبت ۽ پيار جي ڳالهه ملندي، هو
ڪنهن جي خاص نظر جو طالب به آهي ته انڌيري کانپوءِ نظر ايندڙ روشن ڪرڻن جي به آس
ٿو رکي:
هڪ دفعو تو جا ڪئي بار دگر ڀي
ٿيندي،
ڪا عنايت جي نظر رشڪِ قمر ڀي
ٿيندي؟
اڄ کڻي آه جي سهڻيءَ جي طبيعت
برهم،
خاطري آ ته عنايت جي نظر ڀي
ٿيندي.
ڇو ڪجي فڪر جي اڄ آهه انڌيرو
ڇانيل،
رات کانپوءِ يقين آهه سحر ڀي
ٿيندي.
عبدالڪريم ’گدائي‘ فقط پرينءَ
جي ديد جي طلب ئي نٿو ڪري پر ڏسو ته هو پنهنجي سانگين کي به ياد ڪري ٿو. هن وٽ
لفظن جي نه ته ڪا ڪمي آهي نه ئي وري اندازِ بيان جي گهٽتائي! هن وٽ تشبيهون ساديون
۽ پنهنجي ديس جو رواجي آهن. هو ڪڏهن سسئي جي ڳالهه ڪري مَنَ جو بار هلڪو ٿو ڪري،
ڪڏهن مارئيءَ جي راهه وٺي پنهنجن کي ياد ڪري ٿو. گدائي عوامي رنگ کي رچائڻ لاءِ
شاعريءَ ۾ لفظن سان نڀائي ڏيکارڻ لاءِ جيڪا محنت ڪئي سا حقيقت ۾ محبت جو اظهار ٿي
اسان جي سامهون آئي آهي. اهو عمل سچ ته ساراهڻ جي لائق آهي:
اکين اڄ وري پنهنجا سانگي
سنڀاريا،
سکر ڏينهن سي جي مون سڄڻن ۾
گهاريا.
’گدائي‘
وري ياد يارن جي آئي،
وري دل وطن وارا ساٿي سنڀاريا.
عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شاعريءَ
ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته هن وٽ سوچ جو هڪ نرالو جهان مرتب ٿيل نظر اچي ٿو، اگهاڙن انگن
۽ بکين ٻچن، غربت جي ماريل انسانن ۽ ظالم جي ظلمن جو شڪار ٿيل مظلومن جي داد فرياد
گدائيءَ جي جيءَ جو جياپو آهي. گدائي سنڌي قوم جو سچو شاعر آهي، جنهن کي قوم جو
فڪر محبوب جي ذڪر کان وڌيڪ لڳي ٿو. جنهن کي اُهو اُلڪو آهي ته منهنجي قوم جا
ماروئڙا نه ته ڪنهن جي ذلت برداشت ڪن، نه ئي ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائي پنهنجو گذر
سفر ڪن. خوشحال ۽ عزت سان پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ جو حقيقي خواب گدائي جيڪو پنهنجي
شاعريءَ ۾ ڏيکاري ٿو سو گهڻن شاعرن جي سخن طرازيءَ ۾ ڏسڻ کانپوءِ ڀي نظر نٿو اچي:
تنهنجي منهنجي درميان هي فرق
آهي هم سخن،
تو کي نظري ڪجهه نٿو رخسار
جانان کانسواءِ.
مان غم انسان جو قائل، تون غم
جانان سندو،
منهنجي دل ۾ ڪجهه نه آهي درد
انسان کانسواءِ.
سائين جي ايم سيد هڪ هنڌ لکيو
آهي ته: ”ميان عبدالڪريم ’گدائي‘ سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن مان آهي، هُو
مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده طبع، سمجهدار، حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار، بيڊپو ۽
انقلابي مجاهد آهي. “ حقيقت آهي ته جڏهن منهنجي نظرن کان سندس هڪ نظم ”ساڻيهه جي
تصوير“ ٿو گذري ۽ پڙهڻ کانپوءِ ته شاعر جي سوچن ۽ خيالن جي بلندي ۽ بيخوفيءَ تي
داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. گدائي صاحب، ڀٽائي سرڪار جي حضور ۾ جيڪا دانهن
رکي آهي، تنهن جا آثار اڄوڪي دور ۾ به نمايان آهن. هو هِن نظم ۾ ڏاڍن جي هيڻن تي
للڪار، ستمگرن جو مسڪينن کي ستائڻ، مزدورن جي پورهئي تي عياشن جي عيش اُڏائڻ،
ڏکايلن جي مٿان قهر ڪيرائڻ، وڏيرن جي حڪم هلائڻ ۽ پيرن جو سماج ۾ راڪاس گهمائڻ،
سرمائيدارن جو چالاڪيءَ سان مزدور طبقي جو حق کائڻ، چورن ۽ لٽيرن جي لٽڻ ۽ پنهنجي
خوشحال ديس جي قسمت مٿان انڌيرو ڇانيل هجڻ توڙي مجبور ۽ لاچار ماڻهن جي ڀٽائي رحه
کي دانهن ڏيڻ، ديس جي باغن ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن جا جيڪي داستان بيان ڪيا آهن، سي
شاعر جي حب الوطنيءَ جو چٽو ثبوت آهن. نظم جي آخري بند ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر
حضرت شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي حضور ۾ گدائي صاحب ڪيڏي نه عاجزيءَ سان اپيل ڪري ٿو:
مقبول ٿين شال اوهان جون سي
دعائون،
شل ثاب پون تنهنجون سڪارن جون
صدائون،
رحمت جون وسن سنڌ تي گهنگهور
گهٽائون،
۽ ڪاش ٿين ديس تان هي دور
بلائون،
خدمت ۾ اِهو عرض گذاري ٿو
’گدائي‘،
سرڪار ڀٽائي.
عبدالڪريم ’گدائي‘ پنهنجي
شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي ماروئڙن جي ڳالهه ڪئي آهي. انهن کي ظالمن جي ظلمن ۽ ڏاڍن
جي ڏاڍ کان بچائڻ جو سبق ٻڌايو آهي. ڦرلٽ جي نظام کي ناڪام ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي،
مايوسيءَ ۽ حالتن کان ناڪامي حاصل ڪرڻ واري شخص کي اميد جو ڏيئو ڏيکاريو آهي. سنڌ
جي نسلن کي خاموش نه ويهڻ ۽ مفلسيءَ کي محنت سان ڏور ڪرڻ، هارين ۽ پورهيتن لاءِ
جدوجهد ۽ طبقاتي پائي کي پاڙون پٽڻ جي واٽ ڏيکاري ويو آهي. مولانا غلام محمد گرامي
سچ لکي ويو آهي ته ”سنڌي ادب جي تاريخ ۾ محترم عبدالڪريم گدائي صاحب هڪ قادر
الڪلام ۽ ڪهنه مشق عوامي شاعر جي حيثيت سان نهايت مشهور ۽ مقبول شخصيت جو مالڪ آهي.
. . هي پريو مڙس شاعر، جذبات ۽ خيالات جي لحاظ سان جوانن کان جوان آهي. سندس فن ۾
جذبات جي فراواني آهي، ولوله انگيزي آهي، انسانيت ۽ وطن سان بي پناهه محبت آهي. .
. سندس شاعري حوصلي وارن نوجوانن لاءِ تعميري ۽ آدرشي انقلاب ۽ اصلاح جي دعوت آهي.
“ مون کي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌيءَ ۽ اتحاد سان گڏ وطن سان بي
پناهه محبت ۽ محبت جي اظهار ۾ نفرت کان پاڪ سنڌ سنوارڻ جي پيغام کان سواءِ ٻيو
ڪجهه ڪونهي:
سک جو ڪو سنسار بڻايون، سک جو
ڪو سنسار!
گورا ڪارا سڀ خالق جا، ٻانها
آهن هڪ مالڪ جا،
ڇا جي نفرت فخر وڏايون، مذهب
پنهنجو پيار،
بڻايون سک جو ڪو سنسار.
هڪ ٻئي لاءِ حقارت ڇا جي؟
انسانن کان نفرت ڇا جي؟
ڪينو ساڙ ڪدورت ڇا جي؟ ڇا جو هي
تڪرار؟
بڻايون سک جو ڪو سنسار.
عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شاعريءَ ۾
جيڪي انيڪ چٽ حقيقت پسنديءَ جا چٽيل ملن ٿا، تن تي تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو ۽ ثابت
ڪري سگهجي ٿو ته ’گدائي‘ جي شاعري سنڌي قوم جي لاءِ واٽ جي لاٽ ۽ سنڌي قوم سندس من
جي مالا آهي. جنهن جو هڪ هڪ داڻو سراپا سون آهي. هن جي سموري شاعري پنهنجي قوم جي
لاءِ رومانوي، عوامي، قومي ۽ انقلابي شعور جو آئينو آهي. عبدالڪريم ’گدائي‘ جو نثر
۽ صحافتي زندگي به سندس جيون جو هڪ اهم حصو آهن، تن تي به لکي ڪري قوم کي ٻڌائي
سگهجي ٿو ته هن عاجزيءَ واري واٽ کي جهڙيءَ طرح شاعريءَ ۾ نڀائي ڏيکاريو، تهڙي طرح
سندس نثر جا نمونا به اهڙا نفيس آهن، جن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. جهڙيءَ طرح
عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شعري مجموعي ”ساڻيهه جا سور“ ۾ مهان ڪوي شاعر شيخ اياز سندس
شاعريءَ لاءِ لکيو هو ته ”اسان جي ادبي ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي“ تهڙيءَ ريت
عبدالڪريم ’گدائي‘ جو نثر به حقيقت نگاريءَ جو چٽو ثبوت آهي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم گدائي
سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو
مزاحمتي شاعر
حسيب ناياب منگي
عبدالڪريم گدائيءَ جو نالو مون
لاءِ نئون نه آهي. هن جو تذڪرو مون ننڍي هوندي کان پنهنجي والد مرحوم نقش ناياب
منگيءَ جي واتان ٻڌو هو. مون کي ياد آهي پاڻ ٻڌائيندا هئا ته: “گدائي صاحب کي مون
جيڪب آباد ۾ مشاعرن ۾ ٻڌو ۽ ان سان رهاڻيون ڪيم. گدائي صاحب کي پڇاڙيءَ ۾ به جوان
محسوس ڪيم. هن جي آواز ۾ گجگوڙ ۽ خيالن ۾ ڪمال جي بلندي هئي. گدائيءَ جي محفل به
روح پرور هوندي هئي. هو مون کي پنهنجي دور جي نامور شاعرن کان تمام گهڻو مٿانهون
نظر آيو”. اهڙيءَ ريت جڏهن شعور آيو ته پنهنجي گهر واري لائبريري ۾ گدائي صاحب جا
اهي خط پڙهيا، جيڪي هن منهنجي والد ڏانهن تڏهن لکيا هئا، جڏهن منهنجو والد اڃان
شاعري جي ميدان ۾ قدم رکي رهيو هو. هڪ وڏو شاعر جنهن فياضيءَ سان نئين اڀرندڙ شاعر
کي مان ڏيئي ٿو ۽ پنهنجي لڏندڙ هٿ سان پني تي عبارت تحرير ڪري ٿو، سو ثابت ڪري ٿو
ته، گدائي مرحوم بنا ڪنهن فرق جي هر ننڍي ۽ وڏي شاعر کي مان ڏيڻ وارو هو.
پنهنجي مطالعي جي آڌار تي اها
خبر اٿم ته عبدالڪريم ‘گدائي‘ جا وڏا اصل شورڻ ڪڇي بلوچستان جا رهاڪو هئا. سندس
خاندان جو وڏو نهال خان پنجاب جي شهر ليه ۽ اتان ٺل جي هڪ ڳوٺ ڪريم آباد کوسي ۾
اچي رهيو هو، جتي ئي کيس گدائي صاحب جو ڏاڏو محمود ڄائو هو ۽ جنهن کي وري گدائي
صاحب جو والد بجار خان توڙي گدائي صاحب ۽ ان جو وڏو ڀاءُ جندو پيدا ٿيا هئا.
عبدالڪريم گدائي جي ڇٺيءَ جو
نالو بگن هو، پاڻ بجار خان لاشاري جو پٽ هو. جيڪب آباد جي تعلقي ٺل واري ڳوٺ ڪريم
آباد ۾ سندس جنم پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي
ٿيو هو.
عبدالڪريم گدائي جو والد بجار
خان لاشاري، تر جي چڱي مڙس مير حسن خان کوسو وٽ ڪمدار به هو ته سندس ڪاروبار پڻ
سنڀاليندو هو. تنهن پٽ جي ڄمڻ کان بعد ڳوٺ ڇڏي ٺل ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي کيس
مختيارڪار آفيس ۾ ملازمت ملي. پاڻ پٽيوالو ٿي نوڪري ڪندو هو ۽ سکيو وقت گذاريندو
هو.
بجار خان علم کي اهم ڄاڻندي
پنهنجي پٽ کي ۱۹۰۶ع ڌاري ٺل جي سنڌي اسڪول ۾ داخل
ڪرايو. اتان ئي هن پنج درجا پڙهي پاس ڪيا. ۱۹۱۱ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو. والده کي
ننڍڙو عبدالڪريم تمام گهڻو پيارو هوندو هو ۽ اها وري پٽ کي پاڻ کان پري نه ڪرڻ
چاهيندي هئي، مگر مسٽر وستيرام حيدرآبادي، جيڪو ان وقت ٺل ۾ مختيارڪار هو، سندس
والد بجار خان تي ننڍڙي پٽ عبدالڪريم کي پڙهائڻ جو گهڻو زور رکيو هو. ۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل اسڪول سکر ۾
داخل ٿيو. پر افسوس سان مئٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو. روهڙي جي قاضي علي رضا، جيڪب آباد
جي قاضي عبدالڪبير ۽ مسٽر هيرانند خيرپوري وٽ وڃي علم جي اڃ اجهائڻ لڳو. ۱۹۱۸ع ۾ پڙهائي ڇڏي ڪري وڃي گهر پهتو، ته گهر جي خرچ ۾ والد سان هٿ ونڊرائڻ جي
شوق پيدا ٿيس. مسٽر آنندرام جي ڪوششن سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ ٿي نوڪري
ڪيائين. شڪارپور ۾ رهندي گهڻي ڪم ۾ رڌل رهڻ ۽ وقت نه ملڻ ڪري اها پوسٽ آفيس واري
نوڪري ڇڏي وڃي ٺل ۾ رهيو. جتي وري ۱۹۲۰ع ۾
سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين.
پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي رهڻ کان
پوءِ پوليس ۾ ننڍو منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پوليس ۾ اڃان ڇهه مهينا مس جيڪب آباد ٿاڻي
تي نوڪري ڪيائين دل نه لڳڻ ڪري اها به ڇڏي ڏنائين. ۱۹۲۳ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان جو ٽيوٽر مقرر ٿيو.
اتي وري اتفاق سان شڪارپور ڄائو، سنڌ جو نالو وارو اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، استاد ۽
سنگيت جو ڄاڻو لطف الله بدوي پڻ بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. تنهن سان گڏ ئي
عبدالڪريم پڻ هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا. لطف الله بدويءَ جي صحبت ۾ گدائيءَ کي به
شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هن شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو تخلص
‘گدائي’ رکيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۲۷ع ۾ بئراج سکر ۾ نوڪري مليس، اتان پوءِ وري هيءُ کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ ۽
ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ ٿي رهيو ۽ سچائي توڙي ايمانداريءَ سان ملازمت
جا فرائض سرانجام ڏيڻ لڳو. گهڻو وقت نوڪري تي رهڻ کانپوءِ آفيس اسٽاف مان ايس ڊي
او سان اختلاف ٿي پوڻ ڪري کيس ۱۹۳۲ع ۾
نوڪري تان لاٿو ويو. محترم نياز سرڪي لکي ٿو ته؛ “نوڪريءَ تان فارغ ٿيڻ بعد
گدائيءَ ۱۹۳۲ع ۾ ٺل ۾ اول ڪپڙي جو دڪان
کوليو. جيڪو ٽن سالن بعد فيل ٿي ويس. ان کان بعد ۾ ٺل ۾ هوٽل به کوليائين. جيڪو پڻ
نوڪرن جي نذر ٿي ويس”. (ڪينجهر گدائي نمبر ص ۱۱)
زندگي، ڏکن ۽ سکن جو نالو آهي. ڪڏهن
خوشي آهي ته ڪڏهن غم. عبدالڪريم گدائيءَ جي زندگي ۾ هونءَ ته گهڻا ڏک آيا، پر ٻه
ڏک وارا سال اهڙا گذريا جو وساري نه سگهيو. هڪ ۱۹۳۹ع ۾ سندس امڙ وفات ڪري وئي ۽ ۱۹۴۴ع ۾
سندس والد صاحب وفات ڪئي. اکڙين مان نير وهائي ٻنهي کي تمام گهڻو ياد ڪندو هو.
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري سنڌ
اندر رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ پاڻ به مشاعرن ۾ حصو وٺڻ کان بعد گهڻو ٻڌو ٿي
ويو يا سندس ڪلام مختلف راڳين ڳائي سنڌ ۽ هند ۾ کيس ايتري ته مشهوري ڏياري ڇڏي جو
گدائي کي جهر جهنگ ۾ ٻڌو ٿي ويو ۽ پسند ڪيو ويو. هو غريبن ۽ مسڪينن، هارين ۽ ڏتڙيل
عوام جو حقيقي ترجمان ڪري تسليم ڪيو ويو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عشق جون ڳالهيون به
ڪيون آهن ته وطن کي پڻ ساراهيو آهي. سندس ڪلام متعلق استاد بخاري جهڙو سنڌ جو
عوامي شاعر لکي ٿو ته؛ “گدائي صاحب عمر رسيدو ٿي چڪو، پر سندس شاعريءَ کي ڄڻ هاڻي
نئين جواني ۽ نوان امنگ پئي آيا. سندس سڀ ساٿي شاهد آهن ته هو جيئن پڻ ڏينهون
ڏينهن جسماني طرح پوئتي پوندو ويو، تيئن سندس شاعري، ارادا، سوچون مضبوط ٿينديون
ويون. آخر ۾ ته پيري جي ضعف سبب سندس هٿ به ٿورڙو لرزڻ لڳا هئا پر سندس فڪر نه
لرزيا هئا. ادبي محفلن ۾ ڪلام پڙهڻ وقت سندس انداز، الفاظ، امنگ، اسان سڀني سان
ٻٽ، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا هئا. کيس سڀ رفيق “جوان همت شاعر” چوندا هئا. (ڪينجهر
گدائي نمبر ص ۴۴). شيخ اياز جهڙو وڏو نالي وارو
شاعر لکي ٿو ته: “اسان جي شاعر گدائي ۾ معاشي حقيقت پسندي ايتري جرڪي رهي آهي، جو
ڪنهن به جوهري جي جهول کي مات ڏيئي سگهي ٿي”. (ساڻيهه جا سور ص ۲
) سائين جي ايم سيد جهڙو سياسي اڳواڻ ۽ ادبي سونهون لکي ٿو
ته: “ميان عبدالڪريم گدائي سنڌ جي چوٽي جي ترقي پسند شاعرن مان آهي. هو مخلص قومي
ڪارڪن ۽ سنجيده طبع، سمجهدار، حب الوطني جي جذبي سان سرشار، بي ڊپو انقلابي مجاهد
آهي. ” (جنب گذاريم جن سين جلد ٻيو ص ۱۰۵)
عبدالڪريم گدائي جي شاعريءَ جا
مجموعا “ساڻيھه جا سور”، “پيماني تي پيمانو” ۽ “پکڙا ۽ پنهوار” ته سندس حياتي ۾
ڇپيا ۽ ايترا ته مشهور ٿيا جو گهڻو وقت مارڪيٽ ۾ دستياب ئي نه رهيا. هڪ اڌ ڪتاب تي
کيس انعام پڻ مليو هو. انهن ٽنهي ڪتابن جي مواد توڙي ٻين رسالن ۾ ڇپيل سندس
شاعريءَ کي وڏي محنت سان محترم نياز سرڪي ۽ محترم جاويد ساغر سهيڙيو. گدائي صاحب
جو اهو شاعري جو گڏيل مجموعو “لاٽ ٻرندي رهي” جي نالي سان ۲۰۰۷ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. پر سندس ڪلام اڃان ڪٿي نه ڪٿي ٽڙيل پکڙيل
موجود آهي، جيڪو ڪنهن به مجموعي ۾ شامل ٿي نه سگهيو آهي. سندس نثري ڪتاب “خانڳڙھه
کان جيڪب آباد تائين” پڻ ڇپيل آهي. جيڪو جيڪب آباد جي تاريخ تي اهم ڪتاب سمجهيو
وڃي ٿو. گدائي صاحب جي شاعري کان علاوه مختلف مضمون ۽ ڊرامه به لکيل آهن مگر اهي
ڪتابي صورت ۾ يڪجا ٿي اچي نه سگهيا آهن.
عبدالڪريم گدائي اسٽيج ڊرامن ۾
اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا هئا. پاڻ، سنڌي ادبي سنگت هجي يا رائيٽرس گلڊ
پاڪستان ۽ صحافتي يا سماجي تنظيمن سان گهڻو وابسته رهيو، گهڻن ئي قومي ۽ ادبي
تحريڪن ۾ شامل ٿي پاڻ ملهايائين. اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ سياست ۾ به دلچسپي
رکندو هو “خلافت تحريڪ”، “ڪانگريس”، “هاري ڪاميٽي” ۽ “نيشنل عوامي پارٽي” ۾ به
شامل رهيو هو. گدائي صاحب بهترين مقرر پڻ هو، اڄ به سندس تقريرون، جيڪي ڪٿي ڪٿي
محفوظ آهن، پڙهجن ٿيون ته سندس علمي گهرائي ۽ ڏاهپ توڙي فڪر کي ساراهڻ کان سواءِ
رهي نٿو سگهجي. هن کي صحافت ۾ به خاص دلچسپي هئي جيڪب آباد جي صحافت ۾ گدائي جي
خدمتن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نٿو سگهجي. هو جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار:
‘المجاهد’، ‘سنڌ فرنٽيئر گزيٽ’ ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. روزاني عبرت اخبار
جي رپورٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. سندس خبرن ۽ ايڊيٽوريلن جو ڪٽنگ فائيل جو اڄ ڏينهن
تائين سامهون ته نه آيو آهي، مگر ڏسڻ جهڙو ٿي سگهي ٿو. ڪو محقق يا شاگرد ان پهلوءَ
تي ڪم ڪرڻ چاهي ته اهو موضوع به ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو.
عبدالڪريم گدائي پنهنجي عام
زندگيءَ ۾ سادو، سچو ۽ مخلص رهيو. زندگي ۾ مشڪل وقت گهڻو ڏٺائين مگر ڪڏهن به ڪنهن
جي آڏو هٿ ڦهلائڻ ۽ ڪنهن جي خوش آمد ڪرڻ کان پاسو ڪيائين، نه ڪنهن جي گلا ڪرڻ ۾
اڳرو ۽ نه ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ پيش رهيو. ننڍي وڏي جي لاءِ عزت ۽ احترام
هوندو هئس. هن کي به شهري توڙي ادبي دوست “چاچو” چئي مخاطب ٿيندا هئا. گدائي صاحب
جي ڪٽنب ڏانهن نظر ڪبي ته هن ٽي شاديون ڪيون هيون. پهرين گهر واري مائي صاحب خاتون
۱۹۴۰ع ۾ بنا اولاد جي گذاري وئي هئي.
کيس وچينءَ گهر واريءَ ربل خاتون مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. سندس ٽئين گهر
واري فاطمه بيگم پٽياله جي رهندڙ ۽ نيڪ خاتون هئي تنهن به گدائي صاحب جي تمام گهڻي
خدمت ڪئي هئي.
غربت ۽ مفلسيءَ ۾ سنڌ جي هن
عظيم ڪويءَ ۽ ڏاهي پنهنجي حياتي گذاري ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي وفات ڪئي. سندس فڪر ۽
شخصيت تي بي شمار مضمون ۽ مقالا توڙي ڪتاب لکجي چڪا آهن. سندس ذڪر سنڌي ادب جي
تاريخن ۽ تاريخي ادبي ڪتابن ۾ سونهري حرفن سان لکيل آهي. اها به خوش نصيبي آهي جو
عبدالڪريم گدائي جهڙو بهادر ۽ زنده دل شاعر سنڌي نصاب ۾ شامل آهي ۽ شاگردن کي
پڙهايو وڃي ٿو. هر سال “گدائي ميلي” جو اهتمام ٿئي ٿو جنهن ۾ موسيقي جي محفل ۽
ادبي ڪانفرنس لازمي طور ٿيندي آهي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم گدائي
سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو
انقلابي، مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر
عبدالحڪيم دايو
ضَلعي جيڪب آباد ھَميشه کان
وَڏيون شَخصيتون پيدا ڪيون آھن. انھن شخصيتن مان سنڌ جو عظيم ناليوارو انقلابي
مزحمتي رومانوي شاعر عبدالڪريم گدائي به پڻ ھڪ آھي. عبدالڪريم گدائي سنڌ يار سنڌ
پرست ۽ ھڪ عظيم انقلابي مزحمتي رومانوي شاعر ھو. سندس جي شاعري ھر طبقي جا ماڻھو
پڙھن ٿا. گدائي سنڌ سان بيحد محبت ڪندو ھو.
عبدالڪريم گدائي جي والد محترم
جو نالو بَجار خان لاشاري ھو. گدائي پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو ھو. سندس ڇٺيءَ جو
نالو بَگن رکيو ويو ھو. پوءِ اسڪول جي داخلا ۾ عبدالڪريم ڪري لکيو ويو ھو.
۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس
ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل اسڪول مان انگريزي ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ
کانپوءِ ۱۹۱۸ع ۾ پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو ھو. جنهن جو سبب حسابن جي آزمائشي امتحان
۾ مارڪون گهٽ کڻڻ هو. اُستاد قَاضي علي رضَا روهَڙي واري پاران مَحنت ڪَرائڻ
باوجود امتحان ۾ پاس نه ٿي سگهيو ھو. عبدالڪريم گدائي کي ساڳئي سال ۾ مسٽر
آنَندرام جي ڪَوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي ھئي. انهيءَ نوڪريءَ تان ڪم
وڌيڪ هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ ڪري ۱۹۱۹ع ۾ استعيفيٰ ڏئي، ٺل ۾ اچي ۱۹۲۰ع ۾ سنڌي
ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن کان پوءِ پوليس ڪانسٽيبل طور درخواست
ڏنائين، ۽ کيس ڪانسٽيبل طور ننڍي منشيءَ طور ڀرتي ڪيو ويو ھو. هن ۶ مهينا جيڪب
آباد ٿَاڻي ٽائون تي نوڪري ڪئي ھئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان
پوءِ ۱۹۲۳ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان کوسو جو ٽيوٽر
ٿيو ھو، جٿي سَندس مُلاقاتَ نامَور اَديب لُطف الله بدويءَ سان ٿي ھئي، جيڪو
بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ بنگلي ۾ رهندا هئا، جنهن جي صحبت ۾
عبدالڪريم گدائيءَ کي به شاعريءَ جو شوق ٿي پيو ھو. پوءِ هُن شَاعري شروع ڪئي ھئي،
۽ تَخلص “گَدائي” چونڊيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ کيس ۱۹۲۷ع ۾
لائيڊ بئراج سکر ۾ مُلازمت مَلي ھئي، جنهن کان بعد ۾ کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ،
ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سَب ڪلارڪ رکيو ويو ھو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ
رتيديري ڊويزن جي ايس ڊي او سان اختلاف ٿي پيو ھيس، جَنهن ڪَري ۱۹۳۲ع ۾ ٻه مهينا
موڪل ورتائين. پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري ختم ڪرائي ڇڏي ھئي. نوڪريءَ
تان فارغ ٿيڻ بعد گدائيءَ ساڳئي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو ھو، جيڪو ٽي سال
هلايائين. ان کان بعد ٺل ۾ هوٽل کوليائين.
عبدالڪريم گدائي ۲۰ جولاءِ ۱۹۴۷ع کان ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل
هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو. پنهنجي عزيزن سان اڻبڻت جي ڪري ۱۹۵۱ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو ھو، جتي پاڻ ادب، سَياسَت ۽ صحافت
۾ ڪافي سرگرم رهيو ھو. جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار اخبارن “المُجاهد” “سنڌ
فرنٽيئر گزيٽ” ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو ھو. روزاني عبرت اخبار جي رپورٽر
طور پَڻ ڪَم ڪيائين. عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي خلافت تحريڪ کان متاثر هو. ۽
پوءِ ۱۹۳۲ع ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس
تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع
تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو ھو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي
ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ھو.
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري
ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن “ماهوار پيغام” “صداقت” “سنڌ جيڪب آباد” “زميندار” “ٽماهي
مهراڻ” “هلال پاڪستان” الوحيد ۽ عبرت ۾ شايع ٿيندي رهي. هُن شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر
به لکيو ھو. ڪيترا ئي پڻ ڊراما لکيائين، جن ۾ ‘قابوس ۽ بلوامنگل’ سرفهرست شامل آهن.
عبدالڪريم گدائي جا ڪتاب پڻ ڇپيل آھن. ھُن جو پھريون نَظمن جو ڪتاب “سَاڻيهھ جا
سور” ۱۹۶۵ع ۾ شايع ٿيو ھو. جنھن مارڪيٽ ۾
ڌھوم مچائي ڇڏي ھئي جنھن کان بعد ۾ ‘پاڪستان رائيٽرس گلڊ’ پاران کيس ھڪ ھزار انعام
ڏنو ويو ھو. ان کانپوءِ سال ۱۹۶۵ع ۾ هڪ
باتصوير ڪتاب جو ‘خانڳڙھ کان جيڪب آباد تائين٫ “ضلعي جيڪب آباد جي تاريخ” ڇپيو ھو.
گدائي جو ۳ٽريون ڪتاب “پيماني تي پيمانو” ۱۹۲۱ع ۾ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو ھو. گدائي جو ۴ چوٿون ڪتاب فيبروري ۱۹۷۵ع ۾
سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘پکڙا ۽ پنهوار’ ڇپيو ھو. ٻَولي واري تحريڪ ۾ پڻ شامل رهيو
ھو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران چوٿين مارچ ۱۹۶۷ع تي نڪتل ريليءَ ۾ ٻين اديبن سان گڏ عبدالڪريم گدائي پڻ شامل هو. جنهن
دوران هن نوجوان شاگردن کي ٻوليءَ بابت شعر پڙهي سندن رَت کي گرمَايو. عبدالڪريم
گدائي رائيٽس گلڊ پاڪستان ۾ سرگرم ميمبر پڻ رهيو ھو. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس
فالج جو حملو ٿيو ھو. جنهن سبب ۲۸ جنوري
۱۹۷۸ع تي وفات ڪئي ويو ھو. جنھن کي
آلين اکين سان جيڪب جي بُخاري قَبرسَتان ۾ تدفين ڪري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس
ڪيترائي نظم اڄ به درسي نَصاب ۾ شَامل آهَن. عبدالڪريم گدائي سنڌ جي جاگيردارن
وڏيرن کان خبردار ڪندي چوي ٿو. “خبردار ھاري جو ڀوتار آيا. راڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.
” عبدالڪريم گدائي سنڌي عوام کي گڏجي حق سچ جي مشل کي جلائڻ جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو
“ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رھي. نوجوان ساٿيو سنڌ جا وارثو” ھُن جا اھڙا ڪافي
انقلابي مزاحمتي شعر سنڌي عوام جي دلين ۾ اڄ به محفوظ آھن جيڪي سندن رھنمائي وارو
ڪردار ادا ڪندا پيا اچن.
زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس
فالج جو حملو ٿيو ھو. جنهن سبب ۲۸ جنوري
۱۹۷۸ع تي وفات ڪئي ويو ھو. جنھن کي
آلين اکين سان جيڪب جي بُخاري قَبرسَتان ۾ تدفين ڪري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم “گدائي”
سندس شاعري تي هڪ نظر
حسيب ناياب منگي
آخر ته ٿيندو ميلو محبوبن سين.
. .
سنڌي شاعري ۽ عبدالڪريم “گدائي”
ڪڏهن به هڪٻئي کان پري ٿيڻ جا نه آهن. جهڙي ريت سنڌي شاعري جو اوج ۽ عروج رهيو آهي
تهڙي طرح عبدالڪريم “گدائي” به پنهنجي دور جو بهترين نظم ۽ غزل گو شاعر رهيو آهي. “گدائيءَ”
جي ڪلام ۾ هڪ طرف پريت جا احوال ۽ پرين جون ڳالهيون ته ٻي طرف شاعريءَ جي ٻين صنفن
۾ وطن جي حب، سنڌ جي ماروئڙن جو درد توڙي نصيحت نظر اچي ٿي. سنڌ جي اڪثر شاعرن جي
شاعري ۾ جهڙي طرح مجاز ئي مجاز آهي تهڙي طرح مون کي عبدالڪريم “گدائي” جي ڪلام ۾
ڌرتيءَ سان محبت ئي محبت جو پيغام گهڻو ۽ بهترين انداز سان ڪيل ملي ٿو.
عبدالڪريم “گدائي” پنهنجي
زندگيءَ ۾ مفلسي ڏٺي، مشڪلاتن سان منهن ڏنائين، مونجهارن جو شڪار ٿيو، ڏک ۽
تڪليفون برداشت ڪيائين. پنهنجي دور جي ماڻهن جي طرفان بيقدريءَ جو داغ به کنيائين
پر همت ۽ حوصلي جي بلندي ايتري جو ڪڏهن به نه ته ڪنهن جي آڏو وڃي سلامي ٿيو نه ئي
ڪنهن جي خوشامد ڪيائين. پنهنجي ڏات وسيلي جيڪا به ڪاميابي حاصل ڪيائين سا اڄ کيس
بلند مقام ڏياري رهي آهي. سنڌ جو نالي وارو شاعر سائين نياز همايوني سندس لاءِ
“پکڙا ۽ پنهوار” ۾ لکي ٿو ته “هن بزرگ سنڌي شاعري کي عظمت بخشڻ لاءِ جيڪي ڪشالا
ڪڍيا آهن تن جي عيوض کيس رومانوي شاعر، عوامي شاعر، قومي ۽ انقلابي شاعر جي حيثيت
حاصل ٿي چڪي آهي. اهي چار ئي خصوصيتون هڪ ئي وقت ورلي ڪنهن شاعر ۾ هونديون آهن”.
وڇوڙو ويندو ورندو واءُ وصال
جو،
آخر ته ٿيندو، ميلو محبوبن سين.
عبدالڪريم “گدائي” جي شاعريءَ
جدت جي پيچري تي هلڻ جي پاسداري رهي آهي. هن هر دور کي نظر ۾ رکندي پنهنجي تخليقن
کي سگهارو ڪري پيش ڪيو آهي. ڀلي جا عبدالڪريم “گدائي” به پراڻي روايتي داستانن کي
پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آهي پر سندس اظهار ٻين جي ڀيٽ ۾ نرالو محسوس ٿئي ٿو. مولانا
غلام محمد “گرامي” سچ لکيو هو ته “گدائي سنڌ جي جديد ادب ۾ عظيم فنڪارن جو ساٿياري
آهي، تاريخ سندس ان عظمت کي ڪڏهن به فراموش نٿي ڪري سگهي” (پکڙا ۽ پنهوار ص ۲۱)
چمي چايم چاهه مان، سنگارن جو
سور،
الا شال مَ وسري، مارن جو
مذڪور،
سانگيئڙن جو ساهه ۾، سدا ساريان
سور،
نئين سج سان اڀري، نئون هڪ
ناسور،
توڻي آهن ڏور، ته به اوڏا
ڀانيان سپرين.
عبدالڪريم “گدائي” جو فن
داستانن جي حوالي سان ئي ماروئڙن جي ياد ۾ ڇوليون نه ٿو ماري، هو ته جاگيرداڻي
نظام، هارين جي حقن جي ڦرلٽ، انسانن جي انسانن کان نفرت، ناڪامي، مايوسي ۽ پراڻين
روايتن جا سماج ۾ ڇڏيل عڪس پروڙي انهن سڀني جي خلاف ٿي بيهي ٿو ۽ وڏي واڪي هر هڪ
نفرت ۽ ظلم واري عمل کي نندي ٿو. هو ته پنهنجي وطن جي محافظن جي به تعريف ڪري ٿو :
اي نوجوان، سرفروش، ديس جا
مجاهدو!
پڪاري ٿو وطن اچو اي ملڪ جا
محافظو!
وڌي وڌي بهادرو، عدو جي سر تي
وار ڪيو،
شجاعتن جا داستان جهان تي آشڪار
ڪيو،
عدو جي خون سان وري زمين لاله
زار ڪيو،
هجي دلين ۾ لا الله، زبان تي
نعره ءِ ــــ وطن،
اوهان جي تيغ خون چڪان عدو تي
هر گهڙي روان،
اوهان جي عظمتن سندو، گواهه آه
آسمان،
اوهان جي عزم جي اڳيان پڪاري
ڪفر الا مان.
عبدالڪريم “گدائي” جي شاعري
جهڙي ريت بغاوت سان ٽمٽار آهي ۽ انقلاب جو ڏس ڏيئي ٿو، جذبات جي وهڪري ۾ اچي سماجي
حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو، اُتي محنت ڪشن ۽ مزدورن کي به ياد رکي ٿو:
اٿو محنت ڪشو اڄ ملڪ ۾ جشن بهار
آهي،
زمين زرخيز آهي ۽ هوا ڀي سازگار
آهي.
مليو آ بعدِ مدت ملڪ کي مهندار
لاثاني،
جو مزدورن جو خادم، غمزدن جو
غمگسار آهي.
ڪلن ۽ ڪارخانن ۾ ٿيو آ مان محنت
جو،
نه ڪوئي سيٺ آ باقي، نڪو
سرمايدار آهي.
زمينداري ۽ سرداري سنديون پاڙون
ويون پٽجي،
مساوات ۽ اخوت جي وطن اندر بهار
آهي.
عبدالڪريم “گدائي” جنهن دور ۾
شاعري شروع ڪئي سو دور عروض جي پابندي وارو دور هو، پاڻ به سنڌي شاعريءَ جو پڪو ۽
پختو شاعر ٿيڻ لاءِ زبان جي درستگي ۽ فن جي اصولن جي پاسداري ڪرڻ لڳو. موضوعن جي
افاديت کي سمجهندي جيڪي موتي سهيڙي پيش ڪري ويو آهي سي يقينن ساراهه جوڳا آهن. اهل
علم کان اهل قلم تائين نقادن کان مقررن تائين عبدالڪريم “گدائي” جي معنيٰ خيز محنت
محبت سان قبول ٿي چڪي آهي. هاڻي اهو وقت هلي رهيو آهي جنهن ۾ اِهو ثابت ٿي چڪو آهي
ته عبدالڪريم “گدائي” سنڌي شاعريءَ ۾ سراپا سوجهرو آهي. ڌرتيءَ جي دانهن جو سگهارو
آواز آهي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي واري سوچ جو بنياد آهي. عبدالڪريم “گدائي” پنهنجي
شاعريءَ واري فن مطابق ظلم، ڏاڍ، زبردستيءَ، ناانصافيءَ، محروميءَ مجبوريءَ ۽
افسوس واري ماحول جو عڪس هن ريت نروار ڪري ٿو :
آهي اڇوت جي هت، حالت قياس واري!
مزدور جي ملڻ کان سرمايدار عاري!
سرمايدار شاطر! مزدور آ اياڻو!
هاريءَ جي پيٽ ۾ هت ناهي ڪو
اَنُ داڻو!
مزدور جي بدن تي ڪپڙو نه آ
پراڻو!
ڏاڍو سو آ گابو ! راڻي ڪٿي نه
راڻو!
ظالم جو تير خنجر مظلوم تي هلي
ٿو!
انسان جي لهو تي راوڻ اڃا پلي
ٿو!
افسوس! اڄ اسان ۾ پهرين ريت
ناهي،
نفرت ڌڪار باهم الفت جي ريت
ناهي.
جيون ۾ سادگي ۽ پئسي جي نيت
ناهي،
پنهنجي زبان تي اڄ الفت جو گيت
ناهي.
ڏاڍ، جهالت، ڪفر، ناداني ۽
بيوسيءَ واري ماحول ۾ امن، علم، ڏاهپ، هوشياري ۽ زندگيءَ کي خوشگوار بڻائڻ جا
پيغام ڏيڻ کانپوءِ عبدالڪريم “گدائي” جي ڪلام ۾ مذهبي شعر به شامل آهي جيڪو پڻ
پڙهڻ جهڙو آهي:
خورشيد تاب ڇا جهلي، سرور جي
روبرو.
ڪنهن کي مجال دم هڻي، دلبر جي
روبرو.
مقدور ڇا جو سر کڻي، سرور جي
روبرو.
ٽڪرا قمر ٿيو هو، پيغمبر جي
روبرو.
هروار ۾ حضور جي، هٻڪار عنبرين!
خوشبوءَ مات، زلف ِ معنبر جي
روبرو.
قيصر “گدائي” ٿو ڪري دلبر جي در
سندي،
ڪسريٰ غلام، عربي پيمبر جي
روبرو.
تاج بلوچ لکيو هو ته “چاچو
گدائي منهنجي نظر ۾ خليل جبران واري “اڄ” جو رتبو رکي ٿو، جنهن مان انقلابي
“سڀاڻي” جنم وٺندي. هو اُها خزان آهي جنهن مان ڪيئي “بهار” پيدا ٿيندا. هو اُهو
سڪل پن آهي جيڪو ڌرتيءَ جي ڌوڙ سان ملي ڪيترن سڳنڌ سان ڀرپور گلن جو روپ وٺي جنم
جنم ۾ پيو موٽندو. مظلومن جي ڏک، درد ۽ ڏولاون تي هن پيرسن بزرگ جيڪي لڙڪ لاڙيا
آهن، انهن جي گرميءَ سان هن مظلوم ڌرتيءَ تي ٽهڪن، ها ماکيءَ جي لار جهڙن مٺڙن ۽
مڌر ٽهڪڙن جا راڄ قائم ٿيندا”. (پکڙا ۽ پنهوار ص ۱۳۵)
سچ پڇو ته عبدالڪريم “گدائي” جي
هيٺين ڪويتا سراپا حقيقت، مظلومن ۽ مايوس ديس واسين جي لاءِ سراسر آٿت، پنهنجي وطن
سان پيار ڪرڻ جو اظهار آهي. پنهنجي ڌرتيءَ جي ماروئڙن کي ديس جو هڪ بزرگ شاعر الفت
جو پيغام هن ريت ڏيئي ٿو:
ڇو دور هلون ساٿي، هن پاپ جي
بستيءَ کان،
بيدرد زماني جي، هن نفس پرستيءَ
کان،
هن ظلم زبردستيءَ ۽ روح جي
پستيءَ کان،
ڌرتي هي ڇڏي پنهنجي، ڇو دنيا
وسايون ٻي:
ڇو دور هلون ساٿي؟
فطرت ئي ڏنو تحفو، انسان کي
مستيءَ جو،
جنت ۾ پيو ٻج هو، هن نفس
پرستيءَ جو،
جو ڪڻڪ جو داڻو ئي، اسباب آ
هستيءَ جو،
فطرت جي تقاضا تي، ڇو سونڊ
وجهون ساٿي:
ڇو دور هلون ساٿي؟
مشڪل ۾ ڀڄڻ ساٿي، ڪم ناهه
وريامن جو،
هي ظلم و ستم آهي، دستور ايامن
جو،
ڪنڊن ۾ رهي همدم، گهرو خير نه
دامن جو،
ظالم جي مقابل ٿي، ڪنڊن سان وچڙ
ساٿي:
ڇو دور هلون ساٿي؟
هن ظلم و تشدد کي، جي آهي ڀسم
ڪرڻو،
سر پنهنجو تريءَ تي ئي، لاهي آ
رکي ڌرڻو،
انصاف امن خاطر، بهتر آ وڙهي
مرڻو،
اچ ظلم و ستم سان اڄ، هڪ جنگ
ڪريون ساٿي:
ڇو دور هلون ساٿي؟
هي ظلم “گدائي” هت، قرنن کان
بپا آهي،
هيڻي تي خدا ڀي هت، ڏسجي ٿو خفا
آهي،
پر همت مردانه، دردن جي دوا
آهي،
قسمت يا مقدر کي، ڇو ڏوهه ڏيون
ساٿي:
ڇو دور هلون ساٿي؟
(نوٽ :
هن مضمون ۾ جيڪو به “گدائي صاحب جو ڪلام ڏنو ويو آهي سو سندس شاعريءَ جي ڪليات ۾
به شامل ناهي)
(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
عبدالڪريم “گدائي”
ڇپيل ڪتابن تي هڪ نظر
حسيب ناياب منگي
سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر
عبدالڪريم “گدائي” پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي
ٺل ۾ پيدا ٿيو ۽ ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي جيڪب آباد ۾ گذاري ويو. پنهنجي جيون جا ستهتر سال مفلسي ۾ گذاري هر دم
پُراُميد نظر آيو. سندس ڏينهن ۾ نه صرف ڏاڍ ۽ جبر جي ريت عام هئي پر هر هنڌ انساني
حقن جي ڦرلٽ تي به ڪو داد فرياد ٿيو ته ان کي به دٻايو ويندو هو. وڏيرڪي ماحول جي
اثر هيٺ انسان هسيجي ڪري پنهنجو جيون گذاريندا هئا، اهڙي ماحول ۾ جن به ليکڪن ۽
شاعرن پنهنجي قلم وسيلي قوم کي شعور ڏيڻ، حق ۽ باطل جي فرق کي سمجهائڻ، نااميد مان
پُراميد رستي ڏانهن آڻڻ جو ذمو پنهنجي سر تي کنيو تن ۾ عبدالڪريم “گدائي” به شامل
آهي. جنهن بغير ڪنهن خوف جي پنهنجي حياتي گذاري ۽ ويندي ويندي به ڪو ٻارڻ ٻاري وڃڻ
جي صلاح ڏني. هن حساس ماڻهن جي لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي آٿت جو ذريعو بڻايو. زندگيءَ
جي هر موڙ تي ستايل ۽ آزاريل ماڻهن جي شاعريءَ وسيلي نمائندگي ڪندو رهيو. سندس
قلمي پورهئي جو تعداد ايترو گهڻو ته ناهي، ها مگر هن جيترو به لکيو سو واقعي
ساراهڻ جوڳو آهي.
عبدالڪريم “گدائي” جي ڇپيل
ڪتابن کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن جو مطالعو ڪرڻ ايترو آسان نه هو، ڪتابن جي ڳولا هڪ ٻن
ڏينهن يا مهينن کان نه پر ڪيترن سالن کان جاري رهي، ان عرصي ۾ ڪتاب ته نه مليا پر
علم ادب دوستن جا الائجي ڪيترا رويا سامهون ضرور آيا. خير! ڪافي سال اڳ جن دوستن
وٽان مون کي عبدالڪريم “گدائي” جا ڇپيل ڪتاب ڏسڻ لاءِ مليا تن پنهنجي پيارن دوستن
جي تعاون سان مون ڪتاب ڏٺا ۽ انهن مان ڪجهه پوائٽس نوٽ ڪري رکي ڇڏيون هيون. هاڻ
انهن کي اهم ڄاڻيندي هڪ مضمون جي صورت ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو :
۱ ساڻيهه جا
سُور :
سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم
“گدائي” جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي جيڪو ضلع ترقياتي ائسوسيئيشن جيڪب آباد
طرفان ۱۹۳۵ع ڌاري آزاد پرنٽنگ پريس جيڪب
آباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو انتساب شاعر پنهنجي امڙ جي نالي ڪيو آهي. شاعر
عبدالڪريم “گدائي” هن ڪتاب ۾ ڄاڻائي ٿو ته “هن ڪتاب جي ڇپائي در حقيقت نومبر ۱۹۳۱ع ۾ شروع ڪئي ويئي هئي ۽ اميد اها هئي ته ڪتاب مارچ ۱۹۳۲ع ۾ مڪمل شايع ٿي ويندو. ليڪن ڪتاب جي پريس ۾ وڃڻ بعد جيڪي رنڊڪون ۽
تڪليفون پيش آيون انهن جي اپٽار ڪرڻ نهايت تڪليف ده آهي. ”اڳتي هلي ڪري لکي ٿو ته
“۱۹۲۲ع کان ۱۹۲۳ع تائين وارو عرصو مون ضلع جي هڪ وڏي زميندار جي ملازمت ۾ گذاريو. جتي غريب
هارين نارين تي روزمره ٿيندڙ زمينداري زبردستين، بي انصافين، ڏاڍاين ۽ هاري طبقي
جي مظلوميت ۽ بي وسيءَ جو مون کي عملي مشاهدو ٿيو. . . ديس جي ڪروڙين غريب هارين
نارين ۽ مزدورن تي ڌارئي راڄ هيٺ ٿيندڙ بي انصافين ۽ دٻڙ دونس منهنجي دل تي نهايت
گهرو اثر ڪيو ۽ آءُ گل و بلبل، رخسار و ابر واري خيالي ۽ فضول شاعريءَ کي ترڪ ڪرڻ
تي مجبور ٿي ويس ۽ ۱۹۲۷ع ۽ ۱۹۲۸ع کان منهنجي شاعري هڪ نئون ۽ حقيقي موڙ اختيار ڪري قومي بڻجي ويئي ”. (ص
ب)
عبدالڪريم “گدائي” جي پهرين
شعري مجموعي جو مهاڳ لکندي هند ۽ سنڌ جو مشهور شاعر شيخ اياز هيٺيان خيال ظاهر ڪري
ٿو ته “مان فخر سان چوان ٿو ته اسان جي “گدائي” ۾ معاشي حقيقت ايترو ته جرڪي رهي
آهي جو ڪنهن به جوهريءَ جي جهول کي مات ڏيئي سگهجي ٿي. گدائي، “بيوس” جو همعصر آهي
۽ جڏهن جمعيت الشعرا جا مشاعري باز شاعر قافيا ڪبوترن جئن اڏائيندا ها ۽ جڏهن
لاڙڪاڻي ۾ عروض جي انڌي گهوڙي ڪل ۾ ڌوڪيندي ويندي هئي ۽ جڏهن اديب سنڌ جي بي ادبي
انهيءَ حد تائين پهتي هئي جو “شراب خالص”، “آب خالص” ۽ “جلاب خالص” جهڙي قافيي ۽
رديف تي موزون طبيعتون پنا ڪارا ڪنديون هيون ۽ حواس باخته شاعر ڪنهن “ڪانو” جي
تلاش ۾ هوندا ها جنهن کي اڏامندي ڪنهن به نه ڏٺو هو، جڏهن ڀنگ جي “گهڙ گهوٽ” “گهڙ
گهوٽ” فاعلات فاعلات ڪندي رهندي هئي ۽ امرد پرست شاعر محبوب جي خط کي سبزي سان
تشبيهه ڏيندا هئا، جڏهن ڪل ٽيهه چاليهه لفظ ۽ انهن جي ڦير گهير شاعري جي پوري
ڪائنات هئي ۽ شاعر زندگي جي انڌي کوهه جا ڏيڏر ها تڏهن “بيوس” ۽ “گدائي” جهڙا
باشعور شاعر هڪ نئين ادب جو بنياد رکي رهيا ها. انهيءَ ادب ۾ نه فقط فن جي فرسوده
روايتن سان بغاوت هئي پر پنهنجي معاشري جو گهرو شعور ۽ ان جي اظهار جي جرئت به هئي.
. . . گدائي جي شعور ۾ جو سماج جو آدرش آهي اهو “بيوس” ۾ به نه آهي. هن جو مجموعو
جراح جي هڪ ميز آهي. جنهن تي ماحول ناسور زده عضوو عضوو پکڙيو پيو آهي. پنهنجي
محدود تعليم جي باوجود گدائي جي ڪلام ۾ جا نظر جي وسعت ۽ زبان تي قدرت ملي ٿي اها
ان جي گواهه آهي ته فن جي ڪمال لاءِ زندگي جي ڪتاب جو مطالعو ڪيترو نه ضروري آهي.
. . سياست جي مَڪر ۽ فريب جي نقاب ڪشائي ڪري ٿو. سٽ سٽ ۾ هڪ زهر آلوده تير ٽٻڪي
سماج جي تند تند ۾ ڇپي وڃي ٿي. هن جو ڪلام وڏيرڪي رنگ ڍنگ، ڊيل ڊول، رعب تاب جو
ڪارٽون آهي ۽ ڪٿي هن جي هر سٽ ٿري ناٽ ٿري جي گولي آهي جا هن دٻڙ دونس ۽ ٻڪر ٻوساٽ
واري ماحول کي لڳي ٿي. جاگيرداراڻي نظام جي اندرين کوکلائپ جي اهڙي پرلطف عڪاسي
شايد ئي ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر ڪئي هجي. مون کي گدائي جو ڪلام پڙهي روسي ناول نگار
گوگول ۽ هسپانوي مصور گويا جي ياد ايندي آهي جن وٽ به ساڳي زهريلي طنز آهي. . . گدائيءَ
جي قلبي واردات جي شاعريءَ ۾ “ڪينجهر هندورو ٿئي” واري ڪيفيت آهي. . . گدائيءَ جو
ڪلام اسان جي ادبي ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي”. (ص ۳، ۴ ۽ ۵)
“ساڻيهه
جا سور” ڊيمي سائيز واري مجموعي ۾ هڪ اردو ڪلام سميت ۷۷ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل نظم ۽ غزل شامل ڪيل آهن. ڪتاب جا مڪمل صفحا ۱۷۴ آهن جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ هن ڪتاب جي قيمت ۳ روپيه رکي وئي هئي. هن ڪتاب تي شاعر کي رائٽر گلڊ طرفان هڪ هزار روپيه
انعام پڻ ڏنو ويو هو. هي ڪتاب ڪجهه وقت جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ايم. اي سنڌي
جي ڪورس تي پڻ رکيل هو.
سور سڀن کي پاهنجو، پنهنجو
پنهنجو پور.
ڪن جو عشق الله سين، ڪي مجازي
منصور.
ڪوڙين ڪوڙي ڏيک تي، ورنهه ٿيا
وهلور.
ڪوئي ڳولهي رات جو، سجدن منجهه
سرور.
پنهونءَ ڪاڻ سسئي، ٿي روهن ۾
رنجور.
ساڻيهه تنهنجو سرور، چمي چايم
چاهه مان.
هي ڪتاب مون کي پنهنجي دوست
نسيم بخاري (شڪارپور) جي دارالڪتب ۾ ڏسڻ لاءِ مليو هو.
۲ ـــ
خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين :
عبدالڪريم “گدائي” جي هيءَ نثري
تحرير ۱۹۳۵ع ۾ ميونسپل جيڪب آباد جي سهڪار
سان چپجي ظاهر ٿي جنهن ۾جيڪب آباد ضلع ۽ ان جا باشندا، جيڪب آباد جي تاريخ، جنرل
جان جيڪب، موجوده جيڪب آباد، جيڪب آباد، پکيڙ ۽ انتظام، جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي،
اعليٰ ۽ ثانوي تعليمي اداره ڪنڊر گارٽن، ابتدائي تعليمي اداره، جيڪب آباد جون
لائبريريون، شاهي بازار يونين لائبريري، پبلڪ هيلٿ، ريڊڪراس ڊسپينسري ۽ ويم گهر،
جانورن جي علاج جا ادارا، عدالتون، بئنڪون، مختلف کاتن جا دفتر، سئنيمائون يا
تفريحي اداره، جيڪب آباد جون ڏسڻ جهڙيون تاريخي جايون ۽ شيون، جيڪب آباد جون سياسي
شخصيتون، جيڪب آباد جا ادبي اداره اديب ۽ شاعر، بزم ادب جي تشڪيل، انجمن فروغ ادب،
سنڌي ادبي سنگت، جيڪب آباد جا مصور فنڪار، جيڪب آباد جا رانديگر، جيڪب آباد جون
مسجدون، جيڪب آباد جا رهائشي هوٽل، مسافر سرائون، جيڪب آباد جا ايڊوڪيٽ ۽ وڪيل،
جيڪب آباد جون اخبارون، جيڪب آباد جا عامل صحافي، جيڪب آباد جون پرنٽنگ پريس، جيڪب
آباد جي گهوڙن جو ميلو، ۱۸۴۷ع کان ۱۹۳۵ع تائين جيڪب آباد جا حاڪم، اپرسنڌ فرنٽيئر جا ڊپٽي ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ جيڪب
آباد جا ڊپٽي ڪمشنر جي موضوعن تي نامور شاعر پنهنجي نثر جا جوهر ڏيکاريا آهن.
هي ڪتاب جيڪب آباد جي تاريخ جي
حوالي سان بنيادي معلومات فراهم ڪرڻ وارو ڪتاب آهي. جيڪو جيڪب آباد جي تاريخ کي
نئين سر لکڻ لاءِ بنيادي ماخذ طور ڪم اچي سگهي ٿو. هن ڪتاب جي حوالي سان عبدالڪريم
“گدائي” لکي ٿو ته “ميونسپل جيڪب آباد پنهنجي سال ۳۳ ـــ ۱۹۳۴ع جي بجيٽ ۾ جيڪب آباد شهر تي BROUCHER (ڪتابچي) لکڻ لاءِ پنج سوءُ
روپين جي رقم رکي هئي. جنهن لاءِ شهر جي هڪ باشندي مسٽر پنهون عرف شاد احمد سومري
۽ راقم الحروف ٻنهي ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻنهي، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي کي
درخواستون ڪيون ته رکيل رقم سندن لکيل ڪتابن لاءِ کين ڏني وڃي، ليڪن جناب صاحبزادي
ظهور بابر صاحب چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ٻنهي مصنفن جي ڪتابن جي مواد ڏسڻ ۽ پاس ڪرڻ
لاءِ ٻنهي مصنفن جا لکيل مسوده جناب عبدالقادر صاحب بلوچ وائيس چيئرمين ميونسپل
جيڪب آباد کي موڪليا جو پاڻ به هڪ ڪهنه مشق شاعر ۽ اديب آهي ۽ هن صاحب ڪتابن جي
مواد جي مطالع ڪرڻ بعد فيصلو ڏنو ته راقم الحروف جو مسودو ئي ڇپائڻ جي قابل آهي”. (ص
۱)
غالب لطيف هن ڪتاب ۾ “گدائي”
صاحب جو تعارف لکندي چوي ٿو ته “گدائي زير ــ نظر ڪتاب لاءِ تدقيق ۽ تخوص کان ڪم
وٺي، مختلف ڪتاب ۽ قلمي نسخا نظر مان ڪڍي، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، تاريخي واقعات جو
اصل نسل پرکي، انهيءَ کي سچ جي ڪسوٽي تي لڳائي جتي المقدور ڪتاب کي جامع بنائڻ ۾
وسان ڪين گهٽايو آهي. هن ڪتاب ۾ گدائي جي لکڻي اهڙي ته پياري، ڪٿي سولي ۽ عاميانه
۽ ڪٿي اوکي ۽ عالمانه آهي جو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. سندس لکڻي ۾ اهو
رس موجود ۽ ميٺاج موجود آهي جو ڪنهن پوري استاد جي لکت ۾ هجي” (ص: ب)
عبدالڪريم گدائي هي ڪتاب ۱۸۵۷ع واري جهاد آزادي ۾ حصو وٺندڙن : شهيد مير دلمراد خان کوسي اول، سردار مير
دريا خان جکراڻي ۽ سيد عنايت شاه جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ٽيٽيهه کن
تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. هي ڪتاب مون کي پنهنجي ساٿي مشهور شاعر، اديب ۽ مترجم
سومرو شبير احمد (جيڪب آباد) جي ذاتي ڪتب خاني ۾ ڏسڻ لاءِ مليو. اهڙي تعاون لاءِ
آئون سندس ٿورائتو آهيان.
۳ ـــ
پيماني تي پيمانو:
سنڌ جي ڀلوڙ ۽ انقلابي ڪوي
عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ جو هي ٻيو نمبر مجموعو، پيماني تي پيمانو جي نالي
سان، پاڪيٽ سائيز ۾ سورٺ اشاعت گهر، اسٽيشن روڊ جيڪب آباد طرفان ۱ آگسٽ ۱۹۷۴ع تي سارنگ پريس جيڪب آباد ۽
همدرد پريس سکر مان ڇپجي ظاهر ٿيو. هن ڪتاب جو مرتب فتاح عابد لاشاري آهي، سندس
مددگار محسن شيرازي هو. هن مجموعي ۾ سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم “گدائي” جي
اوائلي شاعري ڏني وئي آهي. جيڪا گراموفون ذريعي رڪارڊ ٿي، مشهور ڪلاڪارن سندن ڪلام
کي ڳايو ۽ اهو ڪلام ريڊيو تان نشر پڻ ٿيو. ۵۵ صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب جي قيمت ان وقت هڪ روپيو پنجاهه پئسا رکي وئي هئي.
عبدالڪريم “گدائي” جي ڪتاب جو
مهاڳ لکندي قمر شهباز لکي ٿو ته “گدائيءَ جهڙا مڻيادار مڙس صدين ۾ صرف هڪ ڀيرو جنم
وٺندا آهن، هو جيئندا آهن جوت بڻجي، ۽ پوءِ موت کي مات ڏئي هميشه هميشه لاءِ امر
ٿي ويندا آهن. ارنيسٽ هيمنگوئي جو جڳ مشهور ڪتاب ڪراڙو ۽ سمنڊ پڙهيو گهڻو اڳ هئم،
سمجهه ۾ تڏهن آيم جڏهن گدائيءَ سان گڏيس”. (ص ف)
ڪتاب جو مرتب فتاح عابد لاشاري
لکي ٿو ته “ عبدالڪريم گدائي سنڌ جو عوامي شاعر آهي، سندس ابتدائي شاعري پريم رس ۽
ڳجهن ڳوڙهن تي مبني هئي. . . پيماني تي پيمانو گدائي صاحب جو ابتدائي ڪلام آهي
جيڪو هن ۳۵ ورهين جي ڄمار ۾ چيو ۽ تخليق
ڪيو هئو،اهو ڪلام اڄ جي مقابلي ۾ به ساڳي طرح عام فهم هئڻ سان گڏ پريم رس، محبت جي
مئي ۽ وڇوڙي جي واين تي مبني آهي”. (ص ڀ)
هن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺل جي آرٽسٽ
گوبي ٺاهيو هو جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل ڏنل مڱريي جو لکيل آهي، هن مختصر مجموعي ۾
گدائيءَ صاحب جا سرجيل بيت، ڪافيون ۽ غزل ڏنل آهن.
شيشي تي کليو شيشو، پيماني تي
پيمانو،
مدهوش هتي مان ڀي، ساقي هتي
مستانو.
ڪالهه رات جي محفل، جو ڪهڙو آ
نشان باقي؟
خالي آ صراحي هت، پرزا هتي
پيمانو! (ص ۳۲)
عبدالڪريم “گدائيءَ” جي هن
ناياب تصنيف کي مون علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتگار، گهڻي پاڙهو ۽ بهترين ڪردار جي
مالڪ غلام فاروق سومرو (ڪراچي) جي ذاتي پستڪ آليه ۾ ڏٺو. سندس ٿورا مڃان ٿو، جنهن
استفادي لاءِ ڪتاب ڏيکاريو.
۴ ـــ پکڙا
۽ پنهوار :
عبدالڪريم “گدائي” جو هي شعري
مجموعو پهرين فيبروري ۱۹۷۵ع تي
ضلع ترقياتي ائسوسيئيشن جيڪب آباد پاران رزاق اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان
شايع ٿيو. ۱۳۹ صفحن واري هن مجموعي جي قيمت
ان وقت پنج روپيه رکي وئي هئي. شاعريءَ جي هن ڳٽڪي ۾ شاعر ِسنڌ عبدالڪريم “گدائي”
جا تخليق ٿيل بيت، قطعا، دوها، غزل، گيت، آزاد نظم ۽ نظم ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو
مهاڳ سنڌ جي نالي واري اديب ۽ نقاد غلام محمد “گرامي” جو لکيل آهي جيڪو ستاويهن
صفحن تي محيط آهي. “گرامي” صاحب لکي ٿو ته “گدائي هن دور ۾ بيشڪ سنڌ جو عوامي شاعر
آهي، هن ڌرتيءَ جو شاعر آهي، هاريءَ جو شاعر آهي، مزدورن جو شاعر آهي، شاگردن جو
شاعر آهي، نوجوانن جو شاعر آهي، طبقاتي ڪشمڪش ۾ پيڙيل طبقي جو شاعر آهي، جهانگين ۽
سانگين جو شاعر آهي، هن ڌرتيءَ تي آيل آپدائن جو شاعر آهي، مظلوم انسانيت جو شاعر
آهي، سنڌي زبان جو شاعر آهي، سنڌي فن جو شاعر آهي ۽ عظيم شاعر آهي”. (ص ۲۳ ۽ ۲۷)
ڪتاب ۾ نالي واري شاعر ۽ اديب
رشيد ڀٽي جا خيال پڻ گدائي جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ خاطر پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، ڀٽي صاحب
ڪيڏو نه سٺو اظهار ڪيو آهي ته “چاچي گدائي جيڪي ڪجهه پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏٺو ۽ محسوس
ڪيو آهي، اهو ئي لکيو آهي. عوام جي حالتن، احساسن ۽ جذبن جي چٽي، ايمانداريءَ ۽
خلوص واري عڪاسي چاچي گدائيءَ جي شاعريءَ جي خوبي آهي. سندس شاعريءَ جي سونهن ۽
عظمت ان ڪري دائم قائم آهي جو هو پنهنجي پنهوارن جي خوشين ۽ آرزوئن جو وڪيل آهي”
(ص ۱۲۷)
سنڌ جي نالي واري شاعر، اديب ۽
نقاد تاج بلوچ جا ٻه اکر هن ڪتاب ۾ شامل آهن. لکي ٿو ته “چاچي گدائي جي شخصيت ۽ فن
کي ڏسڻ سان مون کي الائي ڇو مشهور داغستاني عوامي شاعر حمزو رسول ياد پوندو آهي. جيئن
حمزو رسول، پنهنجي ديس، داغستانجي سخت پهاڙن، خوبصورت پاڻيءَ جي چشمن، مندن، ماڻهن
۽ اتان جي ماحول کي پنهنجي فن ۾ چٽيندو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت چاچو گدائي پنهنجي فن
۾، ڏاڍي جرئت ۽ بيباڪي سان سنڌ وطن جي ماڻهن ۽ انهن جي ڪريل معاشي، سماجي ۽ سياسي
حالتن جو اپٽار ڪندو آهي. قلندر صفت ۽ فاقه مست هوندي به کيس ائين لکڻ کان ڪوبه نه
روڪي سگهيو آهي نه روڪي سگهندو”. (ص ۱۳۳ ۽ ۱۳۴).
ڪتاب جي صفحي ۱۳۳ تي عبدالڪريم “گدائيءَ” کي قمر شهباز “پکڙن ۽ پنهوارن جو شاعر” سڏيو آهي. ڪتاب
جو بئڪ ٽائيٽل لکندي نياز همايوني لکي ٿو ته “هي گوندر گذاريو ڪاپڙي، درد دل جي
غزل کان وٺي وطن بيت الحرم جي نظم تائين منهنجو ڄاتل سڃاتل آهي. هن پنهنجي درد کي
وطن جي حب ۾ شامل ڪري جنهن صداقت جو ثبوت ڏنو آهي تنهن نعمت کان اسان جا پراڻا
شاعر اڃان تائين محروم آهن”.
هن مجموعي ۾ شاعر عبدالڪريم
“گدائي” لکي ٿو ته “آءُ اهو فخر محسوس ڪريان ٿو ته سنڌي هارين، مزدورن، نوجوان
شاگردن ۽ شاگردياڻين جي دلين ۾ آزادي جي جذبي کي جاڳائڻ ۽ منجهن پنهنجي ساڻيهه
لاءِ بي پناه سڪ ۽ قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻ ۾ منهنجي شاعري جو به ڪجهه نه ڪجهه حصو
ضرور آهي”. (ص ۳۰)
شاعر هن ڪتاب کي باباءِ سنڌ
محترم حيدر بخش جتوئي جي نالي ارپيو آهي. ڪتاب ۾ شاعر جون ٻه تصويرون پڻ شامل ڪيل
آهن.
ســائـيـن سـدائـيـن ڪــريـن
مـٿـي سنڌ سڪار!
پلر جي پالوٽ ٿئي، کنوڻيون ڪن
کجڪار!
دفــعــي ڪــر تــون ديس تــان
ڏولاوا ڏهڪار!
لات لطيفي جي هجي جهنگلن ۾
جهونگار!
ســکــيا ســتابــا ڏسان
ويـــــڙهـــــا ۽ ولــــهــــار!
پــــکــــڙا ۽ پــنــهـــوار،
ســاوا ڏســـان سنڌ جا. (گدائي)
عبدالڪريم “گدائي” جو هي شعري
مجموعو مون پنهنجي دوست سيد راشد علي شاهه (ٺل) جي ذاتي لائبريري ۾ ڏٺو هو. سندس
ٿورا مڃان ٿو جنهن هي ڪتاب ڏيکاريو ته جيئن آئون ان متعلق ٻه اکر لکي سگهان.
وڏي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته
هنن ڪتابن جا نسخا مون وٽ ڪين آهن ۽ نه ئي وري انهن مان ڪنهن هڪ جو به ڪو ٻيو ڇاپو
ٿيو آهي. وڏي جس هجي نياز سرڪي ۽ جاويد ساغر کي جن عبدالڪريم “گدائي” جي ٽنهي شعري
مجموعن جي مواد کي گڏ ڪري ٿورو ٻيو ڇپيل مواد شامل ڪري “لاٽ ٻرندي رهي” جي نالي
سان شاعريءَ جو ڪليات روشني پبليڪشن طرفان ۲۰۰۷ع ۾ ڇپرايو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عبدالڪريم “گدائي” جو نثري ۽ نظم
وارو اڻڇپيل پورهيو منظر عام تي اچڻ گهرجي.
)ڏھاڙي
هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۹
فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


No comments:
راءِ ڏيندا