; سنڌي شخصيتون: عبدالڪريم گدائي

13 June, 2017

عبدالڪريم گدائي

گدائي

روايت ۽ بغاوت جو شاعر

محمد عثمان ميمڻ


سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاريءَ ويهين صديءَ جي پهرين ڏينهن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. عبدالڪريم گدائيءَ ابتدائي تعليم ٺل ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتي ڪجھه عرصو رهڻ بعد استعيفى ڏئي، خانصاحب بهادر خان کوسي جي پٽ مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جو پرائيوٽ ٽيوٽر مقرر ٿيو.


انهيءَ زماني ۾ لطف الله بدويءَ سان واقفيت ٿيس، جنهن جي صحبت ۾ ’گدائي‘ تخلص اختيار ڪري شعر لکڻ شروع ڪيائين ۽ سندس شعر مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيا. عبدالڪريم گدائي ۱۹۳۲ع ۾ خانگي نوڪري ڇڏي تحريڪ آزاديءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن دوران انگريزن خلاف ڪيتري ئي شاعري ڪيائين. سال ۱۹۴۸ع کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ عوامي شعر لکيائين.

سال ۱۹۶۰ع ۾ سندس قومي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو ملڻ شروع ٿيس، جيڪو تاحيات جاري رهيو. سال ۱۹۶۵ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ’ساڻيهه جا سور‘ شايع ٿيو، جنهن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران هڪ هزار روپيا انعام مليس. سندس شاعريءَ جا ٻه ٻيا مجموعا ’پيماني تي پيمانو‘ (۱۹۷۴ع) ۽ ’پکڙا ۽ پنهوار‘ ۱۹۷۵ع ۾ شايع ٿيا. گدائي سنڌ جو انقلابي ۽ عوامي شاعر هو، هو هن ڌرتيءَ جي ميرڙن ماروئڙن جي درد جو شاعر هو.

عبدالڪريم گدائي شاعر سان گڏوگڏ هڪ سٺو نثر نويس، ڪالم نگار، تاريخدان، ڊراما نويس، اداڪار، سنگيت جو ماهر ۽ صحافي به هو. پاڻ ڪجھه وقت لاءِ جيڪب آباد جي هفتيوار اخبار ’صبح سنڌ‘، ’فرنٽئر گزيٽ‘، ’مجاهد‘، ’انقلاب‘، ’امروز‘ ۽ ’ستاره سنڌ‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، هن جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ ’خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين‘ نالي سان پڻ لکي.

هن سنڌي مزاحمتي شاعر تي عمر جي آخري حصي ۾ فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪيائين. عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ نمايان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي درد جي ڳالهه نمايان ڪئي اٿائين. سندس ڪيترائي نظم درسي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهن.

وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان هردم

وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيوسين،

سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو ’گدائي

”گدائي“ صاحب جي فن سان وابستگيءَ جو ڏس ايئن به ملي ٿو ته: ”گدائي“ صاحب کي اسڪولي زماني کان ڊرامن جو شوق هو، سندس ان شوق جو پورائو ماسٽر امير علي جي ڊراما ڪمپنيءَ ۾ ٿيو، جتي ”گدائي“ صاحب ڇهه مهينا نوڪري به ڪئي، ان بعد ٺل ۾ ”ٺل ايميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جو بنياد وڌائين، ان منڊليءَ جي سهڪار سان ڪيترا هندي ۽ سنڌي ڊرامان اسٽيج ٿيا، جهڙوڪ: بلوا منگل، خدا دوست، ۽ جلاد عاشق. اغا حشر جي اردو ڊرامي ”بلوا منگل“ جو سنڌي ترجموڪري اسٽيج تي پيش ڪيو هئائين، ان کانسواءِ ڪوئٽيا، سکر، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ هن منڊليءَ جي اداڪارن پنهنجي فن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. هو هڪ ئي وقت تي اداڪار، هدايتڪار، ڪهاڻيڪار، گلوڪار ۽ شاعر هو“ ڪتاب سفر زندگيءَ جو، ليکڪ: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، سگا جيڪب آباد شاخ، اپريل ۱۹۸۵ع صفحو ۳ ۽ ۸۱).

”گدائي“ صاحب هڪ آدرشي انسان هو، هن جو جيڪب آباد لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هن ۱۹۷۰ع ڌاري ”ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس“ جو بنياد وڌو هو. جيڪب آباد پريس ڪلب کي جياريو پر ”گدائي“ صاحب جي گذارڻ کانپوءِ ضلعي انتاظاميا کان رڳو هڪ معمولي گهر ڪئي وئي هئي ته جيڪب آباد جي ”ڇٽي چوڪ“ جو نالو بدلائي ”گدائي چوڪ“ رکيو وڃي، پر انتظاميا ان تي ڪو به عمل نه ڪيو.

مان آڪٽوبر ۱۹۷۴ع ڌاري جيڪب آباد کي خيرآباد ڪري ڪراچيءَ هليو آيو هوس، پوءِ خبر ٻڌم ته ”گدائي“ صاحب تي فالج جو حملو ٿيو آهي، گهڻي ڪوشش ڪيم ته وقت سر ساڻس ملي اچان پر جڏهن جيڪب آباد ويس ”گدائي“ صاحب بجاءِ فتاح عابد جي بيٺڪ ۾ سندس پينٽ ڪيل تصوير جي سلاميءَ ڪرڻي پئي، فتاح ٻڌايو پئي ته:

”گدائي“ صاحب ڪمزور ڏاڍو ٿي ويو هو، پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو، ۽ اٺاويهين جنوري سال ۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو.“

”گدائي“ صاحب ڪوئٽيا روڊ تي افضل بابا واري قبرستان ۾ دفنايل آهي، جتي بعد ۾ ڪامريڊ برڪت علي ”آزاد“ کي به دفن ڪيو ويو هو.

افضل بابا: هڪڙو نانگو فقير هو، قد جو ڊگهو ۽ سنهڙو ۽ رنگ جو سانورو هوندو هو، سندس وات صفا لال ڳاڙهو هوندو هو. ڪيپيٽال سينيما جي پوئين دروازي (سومرن واري پاڙي ڏي ويندڙ رستي) جي اوٽ ۾ ويٺو هوندو هو، ڪڏهن اٿي پاڻ ڪنهن هوٽل تي ويهي ڪجهه کائيندو هو، نه ته ماڻهو سندس ويجهو اچڻ کان به ڊڄندا هئا، ماني يا فروٽ وغيره ڀرسان رکي ويندا هئس، پر کائيندو ڪونه هو، مان نوڪريءَ تي ان رستي سان ويندو هوس ته سلام ڪندو ويندو هيومانس، پر افضل بابا لفٽ نه ڪرائيندو هو.

چون ٿا ته وڏي ڪاني ڪرامتن جو مالڪ هو، مستانو ته لڳندو هو پر مون پنهنجي دور ۾ سندس ڪابه ڪرامت ڪانه ڏٺي، پر اٺن ڏينهن جي هڪڙي مسلسل برسات سندس ڪرامت سان وابستا آهي ته رمضان جي مهيني ۾ ڀرسان واري هوٽل تي ويٺو هو ته هڪ وڏي رڙ ڪئي هئائين ۽ پوءِ خبر ئي نه پئي ته اوچتو بادل ڀرجي آيا ۽ مسلسل اٺ ڏينهن ٻوڙان ٻوڙ برسات ٿي هئي. والله اعلم بالصواب.

مان به يونين ڪائونسل آفيس روزاني سائيڪل تي ان ئي رستي سان ويندو هوس، يعني فيملي لائين واري بخاري جامع مسجد جي ڀرسان، مان پنهنجي ڀينرن جي گهر کان نڪرندو هوس، ۽ ٺٺ مسجد وارو رستو ڏئي، محترم استاد ارباب خان کوسي کي سلام ڪري اڳتي، ڪيپيٽال سينيما کان ٿيندو، ڏنگر محلو ٽپي، ڪوئٽيا روڊ تي ويندو هوس.

جيڪب آباد شهر جي چوڌاري آخري ڇيڙي تي ناڪا هوندا هئا، ۽ ڪوئٽيا روڊ واري ناڪي کان منهنجي يونين ڪائونسل احمد پور جي آفيس ٻن اڍائي ميلن تي هوندي هئي جنهن جي سامهون احمد ميان سومري صاحب جو پيٽرول پمپ هوندو هو، جتي جو مئنيجر ثميره زرين جو ڀاءُ هوندو هو، سندس نالو مون کي ياد نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏهن سندس نالو کنيو به ڪونه هيوسي، بس رڳو ”اعواڻ صاحب“ سڏيندا هئاسينس. واندڪائيءَ جو سارو وقت ان پيٽرول پمپ تي ساڻس رهاڻيون ٿينديون هيون، ان پيٽرل پمپ جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي منهنجي يونين ڪائونسل احمدپور جي آفيس هوندي هئي، ڪوئٽيا روڊ تي مهڙ ۾ ئي ناڪو هوندو هو، پوءِ ٿورو اڳيان هڪ ڊگهو قبرستان هوندو هو، ان کانپوءِ حاجي لکمير خان وارن جي سِرن جو بٺو هوندو هو. ۽ جڏهن افضل بابا گذاريو ته ان کي ان بٺي جي ڀرسان واري قبرستان ۾ کيس دفن ڪيائون. هاڻي اهو قبرستان افضل بابا جي نالي سان مشهور آهي نه ته اڳي ان قبرستان جي ويجهو ٻئي قبرستان ۾ هڪڙي بزرگ پير بخاريءَ جي مزار به هوندي هئي، جتي اسان جو استاد ارباب خان هر جمعي رات چونڪي ڏيڻ ويندو هو.

حاجي لکمير ۽ حاجي محمد صديق ٻه بروهي ڀائر هوندا هئا، پهرين ٺيڪيداري ڪندا هئا ۽ گڏهن تي گنب جي مٽي ڍوئرائڻ جو ڪم ڪندا هئا. بعد ۾ انهن گهنٽاگهر کان اڳتي هاڻوڪو ”گرين لينڊ هوٽل“ شروع ۾ ڪچي گنب جي مٽيءَ ۽ بانس جي لڪڙن سان کوليو، جتي سندس ڀاءُ حاجي محمد صديق دخل تي ويهندو هو ۽ حاجي لکمير ٺيڪا کڻندو هو. پوءِ جڏهن الله سائينءَ نوازين ته حاجي محمد صديق صاحب پاڻ ئي چوندو هو ته:

”يار اسان ته گڏهن تي مٽي ڍوئيندا هياسي، پر اسان جي ٻارن کي پيشاب ٿو لڳي ته به ٻه قدم اڳيان واري گهر تائين به ڪار تي چڙهي ٿا وڃن.“

حاجي برادران جڏهن پئسي وارا ٿي ويا ته هوٽل جي اندر ”ٽمبولا“ به هلائيندا هئا، ساڳي ٽمبولا جيڪب آباد ۾ لڳندڙ هارس اينڊ ڪيٽل شو دوارن لڳندڙ نمائش ۾ به هلائيندا هئا. ان زماني ۾ وچ شهر ۾ هجڻ سبب ان جوئا خاني جي خلاف شڪايتون به گهڻيون ئي ٿيون. پر حاجي برادران جي پشت پناهي ڪندڙ گهڻو ڪري اهي زميندار ئي هوندا هئا، جيڪي جوئا ۽ شراب جا شوقين هوندا هئا. ان ڪري سندن اهو ڌنڌو به هلندو رهندو هو.

گدائي صاحب صحافيءَ جي حيثيت ۾ گهڻا ئي جوکم جهڙا ڪم سرانجام ڏنا، وڏيرا ۽ سرڪاري ڪامورا به گهڻو ويجهو رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئس پر هو طبيعت ۾ ڪامريڊ هو، سچائي پسند هو، ان ڪري غريبي حال ۾ سدائين خوش رهيو، سرڪاري وظيفو به ملندو هيس پر ان جي باوجود سرڪاري مدح خواني نه ڪيائين. اسان کي اها خبر ڪا نه هئي ته ان غريبي حال جي باوجود گدائي صاحب ڪي ٽي شاديون ڪيون هيون، پر اسان کي رڳو ايتري خبر هئي ته کيس ٻه پٽ هئا، هڪڙو فتاح عابد ته ٻيو عبدالعزيز لاشاري.


 

گدائي

ھيڻن جو ھمراھ

شاڪر کوسو

ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري زمينداربهادر خان کوسي جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي،پٽ جي آمد تي خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا ويا،سندس ڇٽيءَ تي اوڙي پاڙي ۽ بجار لاشاري جي ڪمداري هيٺ آيل هارين جي عورتن جي مبارڪباديءَ لاءِ اچ وڃ رهي هوندي،ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي پٽ جي ڇٽيءَ جو نالو ”بگن“ رکيو ويو جيڪو بعد ۾ بانبڙا پائڻ ۽ پهرين شرارت کان پوءِ ”بگن“ مان ڦري ”بگو-بگو“ سڏجڻ لڳو. خيال اهو ٿو ڪجي ته سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس ”درخشان مستقبل“ لاءِ دعائون گهريون ويون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي گد گد ٿيو هوندو ته ”بگن“ وڏو ٿي سندس ”منصب“ سنڀاليندو پر هن کي ڪهڙي ڪل ته اڄ جو ”بگو“ سڀاڻي جي سنڌ جو ”عبدالڪريم گدائي“ بڻجي ڏيهه جي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا الم بلند ڪري ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“ بڻجي گونجار ڪندو!

سچ ته عبدالڪريم گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن جو خداتعالي پاران مظلوم مخلوق لاءِ خلقيل تحفو آهي پاڻ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪليات ”لاٽ ٻرندي رهي“۾ گهرون ٿا ته سندس شاعري ڄڻ ته اسان منجهه سرايت ڪري وڃي ٿي ۽ سندس شاعري اتساهه ڏيارڻ لاءِ هيئن ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿي؛

نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا

انسانن جا وارا ورندا

ڪنڊن مان ئي ڦول اڀرندا

ظالم سڙندا،ڳرندا،مرندا

ماڻهو ٿيندا شاد

دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو داد!

سندس شاعري پڙهي خواهش ٿي جنم وٺي ته ڪاش!اسين به گدائيءَ کي روبرو ٻڌون ها پر موت ته اوس اچڻي ئي آهي،جنهن مان هن جهان جا وڏا وڏا عالم، مدبر، سائنٽسٽ، مفڪر شاعر اديب ۽ سياستدان به پلئه پاند نه ڇڏائي سگهيا آهن بهرڪيف هر اهو ماڻهو جيڪو هن جهان کي الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏسي ٿو اهو پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچاين ڪري هر دور ۾ زنده جاويد رهي ٿو، اڄ ”گدائي“ صاحب ان ڪري زنده جاويد ناهي ته هو هڪ ناليواري زميندار جي ڪمدار جو پٽ هو پر اڄ هو اسان جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي ڌڙڪن انڪري بڻيل آهي جو هو اسانجو ترجمان آهي، اسانجي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسانجي جذبن، امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي!

جڏهن ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجن خواهشن کي هيئن بيان ڪيو؛

ڪر سڻايون ٿين ديس ۾ شل!

اجهو، لٽو ۽ اٽو، ان جال جام ٿئي!

گدائي صاحب پنهنجن مختلف شعرن ۾ فيض احمد فيض جيان اسان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته حيات انساني جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ پوءِ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت ئي نه رڳو زندگيءَ جي تقاضا آهي پر فن جي گهرج پڻ! ۽ گدائي صاحب بذات خود انهيءَ جدوجهد ۾ بر سر پيڪار رهيو، سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ وطن جي گھڻ گهرن کي ملندڙ صعوبتون، اذيتون، قيد، تنهايون، ۽ عملدارن جا مڪروه ٽهڪ انهيءَ سڄي عملي ڪم جا روشن مثال آهن، اسين سمجهون ٿا ته شاعر ۽ اديب جو ڪم فقط ۽ فقط ”غير جانبدار“ ٿي لکڻ آهي ۽ غير جانبدار ٿي لکڻ سان ئي حقيقتن جي صحيح عڪاسي ڪري سگهجي ٿي ۽ انقلاب جو رستو ”غير جانبدار“ ادب مان ئي تعين ڪري سگهجي ٿو.

گدائي صاحب جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن ۽ ظلمتن جو درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ آهي، گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي سورن ۾ورتل ڏسي دانهين ٿو.

سندس شاعريءَ جا ڪيترا ئي رنگ ۽ پاسا آهن دل ته چئي ٿي  ته سندس مڪمل ”ڪليات“ هتي ڏيئي ڇڏيان.

گدائي صاحب جي شاعري اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ آهي جيتوڻيڪ گدائي صاحب کي هن دنيا مان وئي ڪيئي ورهيه گذريا آهن پر هو پنهنجي شاعري وسيلي ”بني نوع انسان“ جي بقا تائين زنده جاويد رهندو. اچو ته اُن عظيم انسان کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس ئي سٽن ۾ ڀيٽا ڏيون:

جيئي سنڌ! جيجل جو آهي قسم،

ته جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،

ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم:

ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!


 

عبدالڪريم گدائي

عوامي ۽ قومي شاعر

بشير ڪالاڻي /ڄامشورو

سنڌ جي عوامي، ترقي پسند، قومي، انقلابي، رومانوي شاعر ۽ صحافي ميان عبدالڪريم گدائيءَ جي اڄ ۲۸ جنوريءَ تي ورسي آهي، هن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد کوسا تعلقي ٺل ۾ بجار خان لاشاريءَ جي گهر ۾ اک کولي. عبدالڪريم گدائي پرائمري اسڪول ٺل مان پنج درجا پاس ڪرڻ بعد، ۱۹۱۱ع ڌاري جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگولر ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي. ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ کيس ڪلارڪي ملي، پر اتان ڪجهه سببن ڪري ٿوري وقت کانپوءِ استعيفيٰ ڏنائين، ان بعد پوليس کاتي ۾ ننڍو منشي مقرر ٿيو، پر ان کي به خير آباد چيائين. گدائي پنهنجي شاعريءَ جي شروعات ۱۹۲۳ع ۾ ان وقت جي نوجوان شاعر ۽ بهادرپور اسڪول ۾ مقرر نائب ماستر ۽ تاريخي محقق لطف الله بدوي سان صحبت ۾ رهڻ دوران ڪئي. ۱۹۳۲ع ۾ سندس مشهور نظم آخر فنا، ليوڪس پارڪ، مولانا امروٽي، اهي ڏينهن، ان وقت جي هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيا هئا. گدائي صاحب ان عرصي دوران ڪانگريس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تي ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري به رهيو، ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ظلم ۽ ستم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽيءَ جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري، پوءِ جيڪب آباد جي نيشنل عوامي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ ان پارٽيءَ سان آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تائين وابسته رهيو، ان عرصي دوران گدائي صاحب اليڪشن جي حوالي سان ڪيترائي نظم تخليق ڪيا. جن ۾ ”وري آئي اليڪشن ۽ وري ڀوتارن نڪري پيا“، ”خبردار هاري جو ڀوتار آيا!“ سر فهرست آهن. تاريخي محقق، شاعر، اردو ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو نياز همايوني گدائي صاحب لاءِ لکي ٿو ته، ”عبدالڪريم گدائي پاڪستان کان پهرين ۽ پوءِ سنڌي ادب جي مختلف دورن ۾ مختلف مڪتب رکندڙ تنظيمن سان وابسته رهندي، هو عملي ۽ فڪري لحاظ کان هميشه عوام ۽ ڌرتيءَ ڏانهن جوابده رهيو.“ گدائي صاحب بيت، ڪافيون، گيت ۽ غزل به مهارت سان لکيا آهن، پر نظمن ۾ سندس اندر جي اُڇل تمام زوردار محسوس ٿئي ٿي، بيتن ۾ جتي هن بيحد دردمنديءَ سان ساڻيهه جي سورن جو وستار ڪيو آهي، اتي سندس مزاحمتي ڪردار به مثالي آهي:

هي شهر به ڪڏهن شهر هيو،

هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،

ڇا مهر ڀريا هت ماڻهو هئا،

هر دل ۾ راڄ هو اُلفت جو.

سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکي ٿو ته، ”ميان عبدالڪريم گدائي، سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن مان آهي، هو مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده طبع، سمجهدار، بي ڊپو ۽ انقلابي مجاهد آهي.“ گدائي صاحب صحافت ۾ به پيش پيش رهيا.سندس  شاعريءَ جا ٽي مجموعا ”ساڻيهه جا سُور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“، ”پئماني تي پئمانو“ سندس ئي زماني ۾، جڏهن ته، ”رات ٻرندي رهي“ ۽ ٻيا ڪتاب بعد ۾ ڇپجي چڪا آهن. سنڌ جو هي عوامي، قومي شاعر، کاهوڙي ۽ ترقي پسند رهنما صحافي عبدالڪريم گدائي ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو.


 

عبدالڪريم گدائي

عظيم عوامي شاعر

اصغر سجاڳ

ٺل جي زرخيز زمين، مڻيادار ماڻهن جي سرزمين آهي، جنهن ڪيئي هيرا ۽ موتي پيدا ڪيا آهن. ننڍي لاڪون اسان ٻڌندا پيا اچون ته ”ٺل، گل آهي.“ سوچيندو هوس ته ٺل گل ڪيئن آهي؟ آهي ته ٺ ٺڪري، ان ۾ ڪهڙي خوبي آهي، يا وري ڪجهه آهي جو اها چوڻي ايڏي مشهور آهي. ذهن ۾ سوين سوال جواب ڪندي، جڏهن شعور جي جهان ۾ پير پاتم ته ان چوڻيءَ منهنجو بار هلڪو ڪيو. ٺل گل واري چوڻيءَ خوشبو جا بند ڀڃي، دل ۽ دماغ کي تازگي ڏيندي اعلان ڪيو ته، عبدالڪريم گدائيءَ جهڙو گل ڪو ٻيو؟ اهڙو گل، ٺل کي ملي ته ٺل کي ٻيو ڇا کپي؟ ائين ٺل گل واري چوڻيءَ ڪنهن ڪومل پريءَ جي روپ ڌاري اندر جو راز پڌرو ڪيو.خوشنصيب آهي ڪريم آباد جو ڳوٺڙو، جنهن عبدالڪريم گدائي کي جنم ڏنو، اهو ڪريم آباد ڪنهن نيڪ مرد عبدالڪريم جي نالي تي اڳ جو قائم نه هجي ها ته اسان جهڙا اڌ اکريا ماڻهو، ڌُڪو هڻي چئي وجهن ها ته اهوڪريم آباد پڪ سان عبدالڪريم گدائي جي نالي تي قائم ٿيو آهي. گدائي ذات جو لاشاري هيو، اسان وٽ لاشارين کي جت چيو ويندو آهي ۽ جتن جي پرمتڙپائي جا قصا گهڻا مشهور آهن. بجار خان لاشاري جي گهر، گدائي ڇا ڄائو، جتن جي ذات ۾ دانائي جي جوت جرڪي پئي، ٺل جي سرزمين کي فخر آهي هن عظيم انسان تي، جنهن ٺل گل واري چوڻيءَ کي نه رڳو مُهر صداقت لڳائي، پر ڪلهوڙن يا ميرن جي صاحبيءَ واري دور ۾ شڪارگاهه بڻايل ٺّلن مان اڏيل ٺُل کي، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر وڏي شهرت بخشي. انگريز مخالف جدوجهد جي عظيم ڪردار ڪامريڊ محمد امين کوسي جي ڳوٺ عزيزآباد ۽ عبدالڪريم گدائي جي ڳوٺ ڪريم آباد ۾ ٿوري دُوري آهي، ٻئي ويجها ۽ پاڙيسري ٿين، هي ٻئي نام ڪٺيا نانّو، هند سنڌ ۾ ٺل جي شهرت جو سبب بڻيا.

عبدالڪريم گدائي جو، منهنجي هنن پرجوش اکين ٻاروتڻ ۾ درشن ڪيو، منهنجي عمر ڏهاڪو سال کن ٿيندي، سال ۶۶ يا ۶۷ هوندو،مان اڃا پنجون پاس نه ڪيو هو، تڏهن منهنجو والد رئيس پانڌي خان دايو ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري هيو. بابا جي نوڪريءَ جي ناتي، منهنجو ٽائون ڪاميٽي ۾ اچڻ وڃڻ روز جو معمول هو. هڪ شام ڇا ڏسان ته ٽائون ڪاميٽي جي آڳر تي اسٽيج جڙيل هئي، سامهون، ڪرسيون لڳل هيون، پنهنجي والد صاحب کي پنڊال ۾ گهڻو ايندي ويندي ۽ انتظامن جو جائزو وٺندي ڏٺم. والد صاحب مون کي هڪ ڪرسيءَ تي قابو ڪري، پاڻ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ مصروف ٿي ويو. شام لڙيءَ جو مهمان پهتا ته اسٽيج تان اعلان ٿيو ته مشاعرو شروع ڪري رهيا آهيون. ان وقت اڄ وانگر اسٽيج تي صدارتي پئنل جو رواج ڪو نه هو. هر شاعر واري واري تي هيٺان آيو پئي ۽ شعر چئي واپس ويو پئي. ائين اعلان ٿيو ته سنڌ جو مشهور شاعر عبدالڪريم گدائي پنهنجو شعر پيش ڪرڻ اچي ٿو. مون کي ياد ناهن ته تاڙيون وڳيون ڪي نه ۽ اهو به ياد ناهي ته ڪو لائوڊ به هو يا نه، پر گرجدار آواز سو هيو، جيڪو گونجيو:

خبردار هاري جو ڀوتار آيا،

پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

زندگيءَ جو اهو پهريون شعر هيو، جيڪو منهنجي ڪنن تي پيو، منهنجي پتڪڙي ذهن، ان شعر جو وڏو ئي اثر ورتو. اها يادگار شام منهنجي دل تي گهر ڪري وئي ۽ گهر موٽندي والد صاحب کان وئي سوال ڪرائيندي ته، هي ڇا هيو، هي ڪير هئا ۽ هُو ڪير هئو؟ والد صاحب کان معلوم ٿيو ته هي مشاعرو هيو، هو شاعر هيا ۽ هُو منهنجو دوست عبدالڪريم گدائي هئو. ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري طور منهنجي والد صاحب جي مقرري کان اڳ چاچو گدائي به ان ئي ٽائون ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري رهي چڪو هئو. ساڳئي اداري ۾ ملازمت جي رشتي، ٻنهي جي ياريءَ جي رشتي کي مضبوط ڪيو. گدائي صاحب ٺل ڇڏي جڏهن جيڪب آباد رهائش اختيار ڪئي ته ٺل ۾ پويان هِڪُ هئا هن جا مائٽ ۽ عزيز ۽ ٻيو هيو اسان جو والد صاحب. گدائي جڏهن به ٺل جو ڀيرو ڀڳو ته اها ئي ٽائون ڪاميٽي، هن جي ٽهڪڙن جو مرڪز بڻبي هئي.

مان ۶۹ ۾ پنجون پاس ڪري، هاءِ اسڪول ۾ اچي ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس. ان ئي سال دل ۾ نئين دنيا جو جنم ٿيو. ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هلي نڪتي. اسڪول جي اندران ۽ ٻاهران نوان نعرا ٻڌڻ ۾ آيا. ڪلاسن جا بائيڪاٽ ڏٺم، جلسن جلوسن جو منظر اڳيان پويان ڦريو، ذهن ۾ نئين دنيا آباد ٿي وئي. ۶۹ ۾ تحريڪ چوٽان چوٽ ٿي، ٺل ۾ ٻاهرين شهرن، خاص ڪري جيڪب آباد کان نوجوانن جا جٿا اچڻ وڃڻ لڳا، منظم جلسن جو سلسلو شروع ٿيو، اسٽيجون جڙڻ لڳيون، پرجوش تقريرون ٿيڻ لڳيون، وري هڪ شام ڏسان ته ساڳيو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تان جلوه گر ٿيو. جوشيلا شعر ۽ هيڏانهن نوجوانن جا هوڪرا، تاڙيون ۽ پر جوش منظر، اڙي! اهي ته ساڳيو چاچو گدائي آهي. اُهو خبردار هاريءَ وارو. دل جو عجيب عالم ٿي ويو، خوشيءَ ۾ ڦاٽڻ لڳي. ذهن نئون موڙ ورتو، دل انقلاب طرف رجوع ٿي، اندر ۾ اٿل پٿل ۽ آنڌ مانڌ مچي ويئي:

اڃا ساز بغاوت تي مون کي ڪجهه گيت ڳائڻ ڏي،

وطن جي ذري ذري کي اڃا باغي بڻائڻ ڏي.

گدائي، منهنجو چاچو گدائي اسٽيج تان لٿو، مٿي اسٽيج تي نوجوانن جو جوش جاري هو. هي شهر جو وچ هو، مک چوڪ، تحريڪي نوجوانن نالو رکيو “جيئي سنڌ چوڪ”. ان چوڪ جي اولهه پاسي حاجي رسول بخش دايو جو حجامڪو دوڪان هيو، جيڪو ون يونٽ تحريڪ کان سياست جو مرڪز رهيو. چاچو گدائي اسٽيج تان لٿو ته سڌو ان دوڪان جو رخ ڪيائين. حاجي رسول بخش دايو سان هن جي شناسائي هئي، ڀرسان لالا سعادت پٺاڻ جو هوٽل هيو. “حاجي”، گدائيءَ ٿڌا ساهه کڻي چيو، “گرم چانهه ته گهراءِ” جلسي سبب دوڪان ۾ سياسي شائق گهڻا گڏ ٿيل هئا. چاچو؛ ”گدائي چاچا، ڏي ته خبر، تون پوڙهو ۽ هي جوان، هيترن جوانن ۾ تون پوڙهو ڪيئن ٿو لڳين؟“ گدائيءَ وراڻيو: ”ڇوڪرن ۾ پوڙهو ڏسي، پريشان نه ٿيو، جوش ڏسو ۽ جذبو ڏسو، منهنجي عمر پوڙهي سهي پر دل جوان آهي.“ سنڌ بچائڻ لاءِ پوڙهو گدائي، جوانن جي اڳيان هوندو، پويان نه. شائقين جي فرمائش تي گدائي گرم جوش ڪلام ٻڌائي واهه واهه ڪرائي. گدائي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جو وڏو ڪردار ٿي اڀريو، سگهو ئي هن جي شاعراڻي جدوجهد رنگ لاتو، ون يونٽ جو طوق ٽٽو ۽ سنڌ آزاديءَ جو ساهه کنيو:

يونٽ ۾ ڪين رهندي، آزاد سنڌ ٿيندي

ساڻيهه ۾ گدائي، ساڳي بهار ايندي

يونٽ جو بند ٽوڙيو، هٿ ظلم جا مروڙيو

ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ گدائي جي شاعري، سنڌ جي نوجوانن لاءِ نرسري ثابت ٿي، وطن دوست فڪر وڌيو ويجهيو، گهر گهر جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا. مان ۷۳ ۾ مئٽرڪ ڪري ڪاليج ۾ قدم رکيو ته منهنجي دل جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿي چڪو هو. شاعري ۽ ادب منهنجو سبجيڪٽ ٿي ويا. استاد نور احمد دائودپوٽي جي ڪتاب گهر منهنجي شعور جي پرورش ڪئي. رسالن مان غزل، نظم ۽ وائي جون صنفون ڏسي، رديف ۽ قافيا سمجهي، شاعري جون ابتيون ثبتيون سٽون سرجڻ لڳس. ڪتابي نظر مون کي رستو ڏيئي شاعرن تائين پُڄايو، اياز، نياز، استاد، امداد ۽ تنوير جو پتو پيم، هاڻ صحيح خبر پئي ته گدائي ڇا آهي؟ وري هڪ شام گدائي جي ٺل آمد ٿي. معلوم ڪندو وٽس پهتس، جهڪي سينو ڇهيومانس. ٻڌايومانس؛ ”رئيس پانڌي خان دايي جو پٽ آهيان.“ ”هان!“ رڙ ڪري زور سان ڀاڪر ۾ ڀريائين ۽ چيائين؛ “تون ته منهنجو ڀائيٽو ٿئين”. پوءِ ڪچهري هلي، چانهه جو دور ٿيو، پنهنجي ٽٽل ڦٽل شاعري ٻڌائيمانس. ڏاڍو خوش ٿيو. وڏي حوصلي افزائي ۽ رهنمائي ڪيائين.

چاچو عبدالڪريم گدائي ڏسڻ ۾ ڪمزور، هيڻو ۽ هڏڙين جي مُٺ، پر هَو مضبوط، اٽل، عزم جو پختو ۽ اوچو ايڏو، جيڏو هماليه جبل. عشقيه شاعري کان سندس شروعات ٿي. پهريون ڪتاب “پيماني تي پيمانو” هيس. ون يونٽ واري شروعاتي دور ۾ قومي ۽ عوامي شاعري جا واهڙ وهايائين، سندس عشقُ، سنڌ جي عشقَ ۾ بدلجي ويو، ان ئي دور ۾ گجگوڙون ڪندڙ ڪتاب “ساڻيهه جا سور” ڇپيس. ون يونٽ جو آخري دور گدائي جي شاعري جو عروج واري دور هو. هن واري هن جي شاعري ون يونٽ سان ٽڪرائي. اها ئي شاعري ۷۵ ۾ “پکڙا ۽ پنهور” جي نالي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي. جيڪب آباد جي تاريخ تي ڪتاب “خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” لکيائين. هي پنج ڪتاب هيا، گدائي جو ادبي سرمايو. پاڻ جيڪب آباد ۾ رهائش دوران ادب، سياست ۽ صحافت تي حاوي رهيا. اتي غالب لطيف جهڙو سيبتو ليکڪ ۽ صحافي سندس سٿ ۾ شامل ٿيو. فتاح عابد جهڙو لائق پٽ ڄڻيائين، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جهڙو محقق، شارح ۽ اڳتي هلي امداد اوڍو ۽ بعد ۾ يونس مهر جهڙا قابل، بيباڪ قلمڪار ۽ ادب شناس، هن جي رهنمائي ۾ اڳتي وڌيا. ٺل کان جيڪب آباد تائين جو، هن جو رهائشي سفر اڻ ٿڪ جدوجهد سان ڀريل آهي. مسڪيني ۽ غربت واري زندگي کي ڪا ميار نه ڏنائين، ڏکن ڏاکڙن سان جهيڙيندي چيائين:

سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي

بهر طور گذريو، گذاري ڇڏيوسين

انگريزن جي دور کان جيڪب آباد ۾ گهوڙن ۽ چوپائي مال جو مشهور ميلو لڳندو اچي، سنڌ جي اترين ضلعن ۽ بلوچستان جا سرحدي ضلعا، سبي تائين، ماڻهو ميلي مان تفريح جو وڏو مزو وٺندا رهيا آهن. هن ميلي جي اصل جان، سنڌي اردو مشاعرا هوندا آهن. انتظام ته ضلع انتظاميا ڪندي هئي پر چاچو گدائي هنن مشاعرن جو اصل ميزبان هوندو هو. ۷۵ ۾ ٺل مان ڪجهه نوجوان سنڀري نڪتاسين، جن ۾ بشير دائودپوٽو (مرحوم)، ڪنيا لال(هند)، واحد بخش دائودپوٽو ۽ ٻيا نوجوان شامل هئا. جيڪب آباد ۾ ڪڏهن ميونسپل ته ڪڏهن ضلعي ڪائونسل هال ۾ مشاعرن جو انتظام ٿيندو هو، اسان پهتاسين ته شاعرن ۽ شائقينن سان هال ٽٻٽار هو. مان پاسو وٺي چاچي گدائي جو وڃي سلامي ٿيس. پڇيائين؛ ”ٻيا ساٿي به آهن ڇا؟“ مون چيو؛ ”هائو.“ چيائين؛ ”اڳيان ٿي ويهو.“ مون وارن ساٿين چيو ته؛ ”حرڪت ۽ هوٽنگ ڪبي، اڳيان نٿا ويهون، وچ ۾ ويهنداسين.“ مون کي ڪنهن پروگرام جو اهو پهريون تجربو هو. اسٽيج تي مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، نياز همايوني، استاد بخاري، تنوير عباسي، امداد حسيني، پروانو ڀٽي ۽ ٻيا مهمان شاعر جلوه گر هئا، واهه جو درشن ٿيو. اسان داد ڏيڻ ۾ ايترو اڳتي وياسين جو پاسن کان بيٺل اهلڪار اسان کي گهوريندا رهيا. اسان ۾ بشير دائودپوٽو عمر ۾ وڏو ۽ زياده ذهين ۽ سمجُهو هو. چيائين؛ ”نه بچنداسين، ڀُٽي صاحب جي ايجنسين اسان کي تاڙيو آهي، آهستي آهستي نڪري ٿا هلون.“ ائين اهلڪارن جي اکين ۾ سرمو وجهي، اسان سڀيئي کسڪي نڪري وياسين. پهريون ڀيرو سمجهه ۾ آيو ته انقلاب جي سياست ان جو نالو آهي ته؛

هيءَ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين،

پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي هيءَ سينڌ سنواري وينداسين.

منهنجي چاچي عبدالڪريم گدائي لاءِ ڪنهن جا هي لفظ ته وڏو استاد شاعر آهي، ڪُهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر آهي، اهي لفظ ادبي دنيا لاءِ ڪيترا ئي موزون ۽ مانائتا، پر ڪنهن شاعر جي عظمت ۽ خاص طور گدائي جي عظمت کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ها هن دور جديد ۾ هنن لفظن سان گدائي جي عظمت جو بيان ٿيندو ته، گدائي دور جديد جو عظيم ترين ۽ سنڌ ديس جو بيباڪ ۽ بلندترين شاعر آهي. عوام، انقلاب، جوش، جذبن ۽ جدوجهد جو شاعر آهي. اهڙي عظيم شاعر ۷۸ ۾، ۷۸ سالن ئي ۾ اسان کان موڪلايو ته مون هڪ نظم ۾، ڪجهه ناڪام لفظن ۾ کيس هينئن ڪچي ڦڪي ڀيٽا ڏني:

تون زنده آهين، زنده رهندين، زندهه، زنده باد گدائي،

تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين، تون هردم آهين ياد گدائي.


عبدالڪريم گدائي

روايت ۽ بغاوت جو شاعر

محمد عثمان ميمڻ

سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر عبدالڪريم گدائي ولد بجار خان لاشاريءَ ويهين صديءَ جي پهرين ڏينهن پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد، تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو. عبدالڪريم گدائيءَ ابتدائي تعليم ٺل ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جتي ڪجھه عرصو رهڻ بعد استعيفى ڏئي، خانصاحب بهادر خان کوسي جي پٽ مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جو پرائيوٽ ٽيوٽر مقرر ٿيو.

انهيءَ زماني ۾ لطف الله بدويءَ سان واقفيت ٿيس، جنهن جي صحبت ۾ ’گدائي‘ تخلص اختيار ڪري شعر لکڻ شروع ڪيائين ۽ سندس شعر مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيا. عبدالڪريم گدائي ۱۹۳۲ع ۾ خانگي نوڪري ڇڏي تحريڪ آزاديءَ ۾ شامل ٿيو ۽ ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، جنهن دوران انگريزن خلاف ڪيتري ئي شاعري ڪيائين. ۱۹۴۸ع کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ۽ عوامي شعر لکيائين.

۱۹۶۰ع ۾ سندس قومي خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سؤ روپيا ماهوار وظيفو ملڻ شروع ٿيس، جيڪو تاحيات جاري رهيو. ۱۹۶۵ع ۾ سندس ڪلام جو پهريون مجموعو ’ساڻيهه جا سور‘ شايع ٿيو، جنهن تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران هڪ هزار روپيا انعام مليس. سندس شاعريءَ جا ٻه ٻيا مجموعا ’پيماني تي پيمانو‘ (۱۹۷۴ع) ۽ ’پکڙا ۽ پنهوار‘ ۱۹۷۵ع ۾ شايع ٿيا. گدائي سنڌ جو انقلابي ۽ عوامي شاعر هو، هو هن ڌرتيءَ جي ميرڙن ماروئڙن جي درد جو شاعر هو.

عبدالڪريم گدائي شاعر سان گڏوگڏ هڪ سٺو نثر نويس، ڪالم نگار، تاريخدان، ڊراما نويس، اداڪار، سنگيت جو ماهر ۽ صحافي به هو. پاڻ ڪجھه وقت لاءِ جيڪب آباد جي هفتيوار اخبار ’صبح سنڌ‘، ’فرنٽئر گزيٽ‘، ’مجاهد‘، ’انقلاب‘، ’امروز‘ ۽ ’ستاره سنڌ‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، هن جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ ’خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين‘ نالي سان پڻ لکي.

هن سنڌي مزاحمتي شاعر تي عمر جي آخري حصي ۾ فالج جو حملو ٿيو، جنهن سبب ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي جيڪب آباد ۾ وفات ڪيائين. عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ ۾ عوامي رنگ نمايان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي درد جي ڳالهه نمايان ڪئي اٿائين. سندس ڪيترائي نظم درسي ڪتابن ۾ پڻ موجود آهن.

وڙهي تيز طوفان ۽ موجن سان هردم

وڃي نيٺ ٻيڙو ڪناري ڇڏيوسين،

سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو ’گدائي‘

بھر طور گذريو، گذاري ڇڏيوسين.


 

عبدالڪريم گدائي

سليم گل چنا، ڪراچي

عبدالڪريم گدائي سنڌ جو بهترين شاعر، ڪريم آباد، تعلقي ٺل ۾ پهرين جنوري ۱۹۰۱ع ۾ پيدا ٿيو. گدائيءَ جي تعليم سنڌي فائنل هئي. هن دنيا ۾ روزي روٽيءَ جي بندوبست لاءِ ڪلارڪ، سپاهي ۽ صحافي جهڙا مختلف فرض سرانجام ڏانا. سندس ٽي شاديون ٿيون. اولاد ۾ ٻه پٽ ٻه نياڻيون هيون. سندس مشهور تصنفون، ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“، ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“، ”پکڙا ۽ پنهوار“ شامل آهن، ان کان علاوه ڪيئي فيچر، ڪهاڻيون ۽ اسٽيج ڊراما پڻ لکيل آهن. سندس وفات ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع ۾ ٿي ۽ آخري آرامگاهه افضل بابا قبرستان جيڪب آباد ۾ آهي.

عبدالڪريم گدائيءَ جو گهريلو نالو ”بگو“ هو. اسڪول ۾ سندس نالو عبدالڪريم لاشاري لکرايو ويو. گدائي ۱۹۱۱ع ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ۱۹۱۶ع ۾ پنج درجا پاس ڪري سکر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. اهڙي طرح ۱۹۲۰ع ۾ فائنل جو امتحان ٺل جي سنڌي اسڪول مان پاس ڪيائين.

سندس پهرين نوڪري پوليس ۾ ننڍي منشي واري رهي. جڏهن شاعري شروع ڪيائين ته پنهنجي لاءِ تخلص ”گدائي“ جو انتخاب ڪيائين. گدائي صاحب پنهنجي هڪ تصنيف ۾ لکي ٿو، ”جڏهن آئون ۱۹۲۰ع ڌاري پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ هوس، تڏهن جليانوالا باغ جي واقعي خلاف احتجاجي ڏينهن ملهايو ويو. منهنجي دل ڪانگريس طرف ڇڪجي ويئي. گدائي شروعات ۾ خلافت تحريڪ کان متاثر هو پر پوءِ جوش ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. ۱۹۲۵ع ڌاري سندس شاعري سنڌو ۽ ٻين هفتيوار اخبارن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. پر سندس شاعري جو حقيقي دور هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. گدائي صاحب لکي ٿو، ” ۱۹4۷ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمندءِ تعبير رهجي ويو، اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون. تڏهن کان شاعري موجوده موڙ اختيار ڪيو.“

گدائي صاحب جو شروعاتي ڪلام هفتيوار پيغام، صداقت، سنڌو، سنڌ زميندار، روزانه الوحيد ۾ شايع ٿيندو رهيو. پاڻ ۱۹۵۲ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ان دوران گدائي صاحب مقامي اخبارن صبح سنڌ، ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد جو ايڊيٽر به رهيو.

گدائي جي شاعري سنڌ سان پيار ۽ انسيت جو مظهر آهي. سندس نالو سنڌ جي ترقي پسند شاعرن جي فهرست ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.

گدائي جي شاعري مان چونڊ ٽڪرا نموني طور هيٺ ڏجن ٿا.

* سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي بهر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين,

* خبردار هاري جو ڀوتار آيا پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.

* اڄ به ساري رات، رنو ويٺي مارئي سارو ملڪ ملير جو آيو واڳن وات ڪڍي ڪوئي ڪات، ماري مانگر مڇ کي.

* نه اٽو جنهن کي، نه اجهو ميسر،  

نه ٻارن کي چولو، نه عورت کي چادر

 نه پنهنجي بدن تي لنگوٽي برابر، 

نه ڪوسيءَ ٿڌيءَ ۾ ڪو پيرن ۾ پادر.

* آ واٽ تي ڪاري ٻاٽ اگر، پر پنهنجي رت جو تيل ڏيئي

 هر موڙ مٿان آزاديءَ جي، هڪ مشعل ٻاري وينداسين.

گدائي صاحب جي هڪ اردو غزل جو بند:

* ڪب رها غافل مين تيري ياد سي؛ افترا هي، جهوٽ هي، الزام هي.


 

 

عبدالڪريم گدائي

سنڌ جو انقلابي شاعر

اسماعيل لاشاري

هر ماڻهوءَ جو ڪردار پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ رکندو آهي. جنهن ماڻهوءَ جو جهڙو ڪردار ۽ ڪم هوندو آهي تاريخ به ان کي اوتري ئي موٽ ڏيندي آهي. جيڪي انسان تاريخ جا ڪردار بڻجي ويندا آهن. ۽ تاريخ انهن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي. ضلعي جيڪب آباد جو مرحوم عبدالڪريم گدائي به انهن ئي تاريخ ڪردارن مان هڪ هو. جيڪو پهرين جنوري ۱۹۰۱ع ۾ ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل جي بجار خان لاشاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جنهن جي ڇٺي جو نالو والدين بگن عرف بگو رکيو. جڏهن ته بگن عرف بگو ۶ سالن جو ٿيو ته والد بجار خان لاشاري کيس ۱۹۰۶ ۾ اسڪول داخل ڪرايو، جتي سندس استاد اسڪول جي رڪارڊ ۾ بگن بجاءِ عبدالڪريم جي نالي سان نالو داخل ڪيو. جتان هن پنج درجا پڙهي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ۱۹۱۱ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي،  جتي کيس قاضي عبدالڪبير درٻيلائي ۽ هيرانند خيرپوري  جي شفقت حاصل ٿي ۽ سال ۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد مان  پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڻ جي ميونسپل ۾ انگريزي ڇهين درجي ۾ داخلا ورتائين ۽ ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ ۱۹۱۸ع ۾پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو. جنهن جو ڪارڻ هو حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون گهٽ کڻڻ، قاضي علي رضا ايم اي روهڙي واري جي ڪافي محنت ڪرائڻ جي باوجود امتحان ۾ پاس ٿي ڪين سگهيو.

عبدالڪريم گدائي کي ساڳئي سال ۾ مسٽر آنند رام جي ڪوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي جنهن تان هن ڪم وڌيڪ هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ جي ڪري سال ۱۹۱۹ع ۾ استعفيٰ ڏيئي ۽ پوءِ ٺل ۾ اچي ۱۹۲۰ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ پوءِ پوليس جي ڪانسٽيبل طور درخواست ڏنائين ته هن کي ڪانسٽيبل طور ننڍو منشي ڀرتي ڪيو ويو هن  ۶ مهينا جيڪب آباد ٿاڻي ٽائون تي ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ کي  به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ عبدالڪريم گدائي ۱۹۲۳ع جي پڇاڙيءَ ۾ ٺل جي زميندار مرحوم بهادر خان کوسي جي فرزند شاهل خان جوٽيوٽر ٿيو جتي هن جي ملاقات لطف الله بروهي جوڳي شڪارپوري سان ٿي. جيڪو بهادر اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا. جنهن جي صحبت ۾ گدائي صاحب کي به شاعريءَ جو شوق ٿيو ۽ پوءِ هن شاعري شروع ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ تخلص گدائي چونڊيائين.

بهادر پور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ هن کي ۱۹۲۷ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ نوڪري ملي ۽ کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ رکيو ويو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ان نوڪري تان به هٿ ڌوتائين. جنهن جو سبب رتيديري ڊويزن جي ايس ڊي او سان ڪجهه ڳالهين تي اختلاف هئو، جنهن جي ڪري گدائي صاحب ۱۹۳۲ع ۾ ٻه مهينا موڪل وٺي ٺل آيو ته پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري وڃائي ڇڏي. انهيءَ کانپوءِ گدائي صاحب ساڳي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو،جيڪو ٽن سالن ۾ نقصان جي نظر ٿي ويو. هن وري ٺل ۾ هوٽل کوليو. جيڪو پڻ نوڪرن جي نظر ٿي ويو ۽ سندن مهرباني سان ئي پنهنجي پڄاڻي کي پهتو.

گدائي صاحب وري ۲۰ جولاءِ ۱۹۴۷ع کان ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل ۾ هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پر پنهنجي ڪجهه ويجهن عزيزن ۾اڻبڻت ٿيڻ جي ڪري ۱۹۵۱ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو، جتي پاڻ ادب، سياست ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم رهيو ”المجاهد“ سنڌ فرنٽيئر گزيٽ ۽ ٻين ڪافي اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. ان کان پوءِ روزاني عبرت جو رپورٽر پڻ ٿيو.

گدائي صاحب ٽي شاديون ڪيون. کين وچين گهر واريءَ مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون اٿس. مرحوم عبدالفتاح عابد جيڪو شاعر، اديب صحافي هو.  عبدالعزيز ساجد، عابده، ساجده ٻه ڌيئر. ٻئي صغيرائپ ۾ ئي فوت ٿي ويون. ٽين گهر واريءَ مان هڪ پٽ ۽ ڌيءَ ٿي جيڪا جاويد ساگر ۽ رزاق بروهي جي والده آهي.

عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي خلافت تحريڪ کان متاثر هو. ۽ پوءِ ۱۹۳۲ع ۾ ماروئڙن جي ڏکن ۽ سورن کي ڏسندي ڏاڍو جوشيلو هجڻ ڪي نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.

عبدالڪريم گدائي جي چواڻي ته (منهنجي شاعري جو حقيقي) دور پاڪستان جي قيام کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. جڏهن قوم جي امنگن جي برعڪس ساڳيو انگريز دور وارو جاگيرداري ۽ زمينداري ظلم دٻاءُ نه رڳو جاري هو پر اڳ کان به اڳرو ٿي ويو. ۱۹۴۷ع کان پوءِ آزادي وارو خواب شرمنده تعبير ٿيڻ کان رهجي ويو. اسين سنڌي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ٿي وياسون. امنگون ۽ اميدون پائمال ٿي ويون تڏهن کان منهنجي شاعريءَ موجوده موڙ اختيار ڪيو. گدائي هارين ۽ مزدورن، ماروئڙن سان ساڳي ئي ويڌن ڏسي چوي ٿو ته:

دل ٿي چوي هڪ آڳ لڳايان

گهٽ وڌ جو هي فرق مٽايان

سارو هي مانڊاڻ جلايان

ڇيڙي ديپڪ راڳ الا وو

پنهنجو پنهنجو ڀاڳ

گدائي صاحب پنهنجي ٻئي نظم جي سٽن ۾ چوي ٿو ته

هن ڌرتيءَ خاطر مرنداسين

هن ڌرتي خاطر جيئنداسين

سقراط جيان جي زهر مليو

ته بي کلندي کلندي پئنداسين

هي سنڌ سدا خوشحال رهي

هي ڌرتي مالا مال رهي

عبدالريڪم گدائي جي هر شعر، غزل، نظم ۽ مضمون ۾ رڳو ڌرتيءَ، مزدورن، هاري ۽ ماروئڙن جو ذڪر ملي ٿو. گدائي صاحب هن نظم ۾ ناانصافين جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته

نرڌن جي پورهئي تي

ڇو ٿو موج ڪري ڌنوان

ايڏو هي انياءُ ڏسي

ڇو ماٺ ۾ آ ڀڳوان

اي ڌرتيءَ جا مالڪ

اڄ ڇو ماڻهو آ مجبور

ڌاڍي جوهيڻي تي

ڇو آ هر دم قهر ڪلور

عبدالڪريم گدائي پنهنجي وقت جو ڏاڍو جوشيلو ڪارڪن هو. جنهن جو مواد ان وقت جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپيو هو. جهڙوڪ: پيغام، صداقت، سنڌ جيڪب آباد زميندار، ٽماهي مهراڻ، هلال پاڪستان، الوحيد ۽ عبرت وغيره شامل آهن. شاعريءَ سان گڏ وگڏ گدائي صاحب نثر به لکيو، جنهن ۾ خان ڳڙھ کان جيڪب آباد تائين جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ آهي ۽ ڪيترائي ڊراما ڪيائين جن ۾ ”قابوس ۽ بلوامنگل“ سرفهرست آهن.

عبدالڪريم گدائي جا ڪل چار ڪتاب ڇپيل آهن. هن جو پهريون نظمن جو ڪتاب ساڻيھه جا سور  ۱۹۶۵ع ۾ چيو.  جنهن تي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران هڪ هزار انعام ڏنو ويو. ان کانپوءِ سال ۱۹۶۵ع ۾ هڪ باتصوير ڪتابچو خانڳڙھ کان جيڪب آباد تائين ضلعي جيڪب آباد ضلعي جي تاريخ ڇپي ۽ ”پيماني تي پيمانو“ شاعري جو ڪتاب ڇپيو ۽ فيبروري ۱۹۷۵ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”پکڙا ۽ پنهوار“ ڇپيو.

عبدالڪريم گدائي ”پکڙا ۽ پنهوار“ جهڙا چار خوبصورت ڪتاب ڏيئي. تاريخ ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي اسان کي هميشه لاءِ الوداع ڪري هليو ويو. سندس وڇوڙو سنڌي قوم ۽ سنڌي ٻولي لاءِ ڪنهن وڏي هاڃي کان گهٽ نه آهي. گدائي صاحب ”هيمنگوي“ جي ناول ”پوڙهو ۽ سمنڊ“ جو جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. جنهن ڪاري ۽ ڪوڙهيل سماج خلاف پنهنجي عمر جاکوڙيندي گذاري. تڏهن ته گدائي صاحب پنهنجي هن غزل جي مقطع ۾ چيو آهي ته

سفر زندگيءَ جو ڪٺن هو گدائي

بھر طور گذريو گذاري ڇڏيوسين.


 

عبدالڪريم ”گدائي“

[ ۱۹۷۸ع – ۱۹۰۱ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جو جهونو اديب، ڪهنه مشق شاعر ۽ قومي ورڪر، محترم عبدالڪريم ولد بجار خان لاشاري بلوچ، ۲4 شوال ۱۳۱۹هه مطابق پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي، ڪريم آباد تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم ٺل مان وٺي، جيڪب آباد ۽ سکر مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، ۱۹۱۸ع ۾ پوسٽ کاتي ۾ ملازم بڻيو. چئن سالن بعد اُتان استعفا ڏئي، خان صاحب بهادر خان کوسي جي پٽن: مير شاهل خان ۽ مير سڪندر خان جن جو خانگي طرح ”ٽيوٽر“ (Tutor) مقرر ٿيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ لطف الله بدويءَ جي صحبت مان سخن جي ميدان تي ”گدائي“ تخلص سان پاڻ کي پڌرو ڪيائين.

۱۹۳۲ع کان نهايت ئي بيباڪيءَ سان ”تحريڪ آزاديءَ“ واري هلچل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، ٺل ڪانگريس ڪاميٽيءَ“ جو سيڪريٽري پڻ منتخب ٿيو. پوءِ ته فرنگين (انگريزن) خلاف خوب نظم لکڻ لڳو. ورهاڱي بعد ”سنڌ هاري ڪاميٽيءَ“ ۾ شموليت اختيار ڪيائين؛ ۽ عوامي شعر لکڻ شروع ڪيائين. (اِنهيءَ سلسلي ۾ ”گدائي“ صاحب جا شروعاتي اشعار ”سنڌ زميندار“ (سکر)، ”سنڌو“ (شڪارپور)، ”فرنٽيئر گزيٽ“ (جيڪب آباد) ۽ ”صداقت) (شڪارپور) رسالن ۾ پڻ ڪثرت سان شايع ٿيڻ لڳا.)

”4– مارچ تحريڪ“ توڙي ”ون يونٽ“ خلاف به خوب آواز اُٿاريائين. سندس تصنيفات حالانڪ ايتريون گهڻيون ناهن، مگر ”ٿورا ڪڻا ٿالهيءَ ۾ ڀلا“ جي مصداق؛ ”خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“ (۱۹۶۵ع – تاريخ)، ”ساڻيهه جا سور“ (۱۹۶۵ع – شاعري)، ”پکڙا ۽ پنهوار“ (۱۹۷۵ع – شاعري) ۽ ”پيماني تي پيمانو“ (شاعري) سنڌي ادب ۾ بهترين ڪتاب تسليم ڪيا پيا وڃن. (سندس انهن قومي خدمتن عيوض ۱۹۶۰ع ۾ حڪومت پاڪستان طرفان هڪ سـؤ روپيه ماهيانه وظيفو به ملڻ شروع ٿيو، جيڪو تاحيات حاصل ڪندو رهيو.)

هيٺ ”غريبن جي عيد“ عنوان سان سندس هڪ نظم مان چند مصرعون نموني طور ڏجن ٿيون:-

خدايا تون دنيا جو داتار آهين،

جيارين يا مارين ته مختيار آهين!؛

اڙين ۽ اڌينن جو آڌار آهين،

چون ٿا، ستر پوش ستار آهين!.

تون ڄاڻين ٿو سڀ ڪجهه، چئي ڇا ٻڌايان؟

خوشيون عيد واريون، ڪٿان اڄ ملهايان؟

---

نه ٻچڙن کي چولو، نه عورت کي چادر،

نه پنهنجي بدن تي، لنگوٽي برابر!؛

نه پٽڪو مٿي تي، نه پيرن ۾ پادر،

سندم ڏوهه ڪهڙو آ خلاقِ اڪبر!.

--

گهرن ۾ اميرن جي کانا پچن ٿا،

حويليءَ ۾ خونچا، اچن ۽ وڃن ٿا؛

ننڍا ۽ وڏا سڀ، خوشيءَ ۾ نچن ٿا،

ڏسي ٻار پنهنجا مونکي وٽ پون ٿا.

---

اوهانجا عجب راز باريڪ يا رب،

تون رزاق سڀ جو، اهو ٺيڪ يار رب!؛

رهين ٿو جي شهرڳه جي نزديڪ يا رب،

ته منهنجي دنيا، ڇو آ تاريڪ يا رب؟

--

ڪڏهن ڪا خوشين جي به تمهيد ٿيندي؟

اسان جي به يا رب ڪڏهن عيد ٿيندي؟


 

عبدالڪريم گدائي

بيدل مسرور

ڪلهه عشق ۽ الفت جون يارن سان هيون ڳالهيون،

ان گرميِ محفل جو اڄ آ رڳو افسانو.

گدائي صاحب جو هڪ شعر آهي: ”هي شهر به ڪڏهين شهر هيو، هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.“

ماڻهو ايئن ٿا سمجهن ته اهو شعر گدائي صاحب شڪارپور جي حوالي سان لکيو هو پر مان هتي ايئن چوندس ته هن اهو شعر پنهنجي شهر ”ٺل“ جي لاءِ چيو آهي، جتي گدائي صاحب پنهنجو ننڍپڻ گذاريو، جتي ننڍي عمر جا دوست کيس ”بگو“ ڪري سڏيندا هئا. اهو گدائي صاحب اسان ننڍن سان توڙي وڏن سان وڏي عزت سان ملندو هو.

اسان جي گهر ۾ نه رڳو گراموفون هوندو هو پر سون جي تعداد ۾ رڪارڊ ۽ انهن جو ڪئٽالاگ به هوندو هو، جنهن ۾ ڪيترن سنڌي شاعرن ۽ ڳائڻ جي فهرست ۾ ”فنائيءَ“ ۽ ”گدائيءَ“ جو نالو به مون ان ڪئٽالاگ ۾ پڙهيو هو. ڪيترا سال اهو ڪئٽالاگ مون وٽ محفوظ هو پر ٽي ويءَ جي پروگرام ”سر جو سفر“ دوران مون اهو محمد قاسم ماڪا کي ڏنو هو، ڇاڪاڻ ته ماڪا صاحب سنڌالاجيءَ ۾ رکيل رڪارڊن کي ڪيسٽن تي لاهي، بازار ۾ وڪرو ڪندو هو. مون کي پڪي يادگيري آهي ته مون ان ڪئٽلاگ جي ڪاپي فتاح عابد کي به ڏني هئي، جنهن جي آڌار تي هن گدائي صاحب جو ڪلام گڏ ڪري ”پئماني تي پئمانو“ جي عنوان سان ۱۹۷۴ع ڌاري سورٺ اشاعت گهر جي سهڪار سان شايع ڪرايوهو.

ان ڪئٽالاگ ۾ ”گدائي“ صاحب جي ڪيترن ئي ڳايل ڪلامن جو ذڪر ٿيل هو، ۽ ٻين ڪيترن سنڌي رڪارڊن سان گڏ ”فنائيءَ“ ۽ ”گدائيءَ“ جا رڪارڊ به هوندا هئا، جيڪي گهر ۾ ننڍي ڀاتيءَ هئڻ سبب گهڻو ڪري مان ئي وڄائي ٻڌندو هوس. جن مان ڪجهه ته الله بخشين، منهنجون مربي ڀينرون به ڳائينديون هيون، ۽ هاڻي مان به ڳائيندو آهيان:

۱. مون کي بيمار ڪيو، ڪنهن ڪيو دلدار ڪيو.

۲. دردِ دل، دل دردِ دل، سمو شادمانيءَ جو گذري ويو.

واقعي! سمو شادمانيءَ جو گذري ويو! ۽ ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هيو، ان جيڪب آباد شهر جي ماڻهن مون کي سکڻ لاءِ ۽ ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ڏنو، جتي مون اپريل ۱۹۶۶ع کان وٺي ويندي آڪٽوبر ۱۹۷۴ع تائين جيڪب آباد ضلع جي مختلف يونين ڪائونسلن ۾ نوڪري به ڪئي ته جيڪب آباد ۾ استاد ارباب خان کوسي جي ڊيري تي راڳ جي سکيا به ورتي ۽ انهن ڳائڻن سان گڏجي يا اڪيلي سر شڪارپور، جيڪب آباد، ٺل، سکر، ٽنڊي ڄام ۽ ڪوئٽيا جي شهرن ۾ ڳائڻ به ويس، غالب لطيف جي روزاني اخبار ”سارنگ“ سان به وابستا ٿيس، ان اخبار جي حوالي سان ”ڦلواڙي“ نالي ٻارن جي تنظيم جوڙيم، انهن جون علمي ادبي گڏجاڻيون ڪرايم. جيڪب آباد جي سنڌي ادبي سنگت جي ادبي ويهڪن ۾ افسانا پڙهيم، شعر جهونگاريم، طبعزاد توڙي اردو ڊائجيسٽن مان ڪهاڻيون ۽ مضمون به ترجمو ڪيم.

جيڪب آباد ۾ ”گدائي“ صاحب سان منهنجي ملاقات به ۱۹۶۵ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻيءَ ۾ ٿي هئي، ”گدائي“ صاحب انهن گڏجاڻين ۾ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو به ڪو شعر پڙهندو هو نه ته رڳو اسان نوجوانن جي همٿ افزائيءَ لاءِ شريڪ ٿيندو هو.

مون سان تعارف ٿيس ته هيج وچان ڳرهاٽڙي پائي چوڻ لڳو؛

”بيدل صاحب، فقير ”مسرور“ صاحب سان اسان جي گهڻي اٿڻي ويهڻي ڪانه هئي پر مرحو پروفيسر لطف الله بدوي صاحب منهنجو تمام پيارو دوست رهيو آهي. ٺل ۾ مان جڏهن مرحوم بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان کي پڙهائيندو هوس ته انهن ڏينهن ۾ بهادرپور جي اسڪول ۾ اوهان جو چاچو مسٽر لطف الله بدوي نائب ماستر هوندو هو. شڪارپور کان گڏهه تي چڙهي ايندو هو، ان وقت هن جو تخلص ”جوڳي“ هوندو هو ۽ مون ”گدائي“ تخلص رکيو، ٻئي شعر ٺاهيندا هئاسين ۽ ڳائيندا به هئاسين.“

”گدائي“ صاحب جي گفتگو دوران مون کي ياد اچي ويو ته بابا سائينءَ جي محفوظ ڪيل هڪڙي گروپ فوٽوءَ ۾ پروفيسر لطف الله بدوي به يڪتارو جهلي ويٺو آهي، ۽ امان ٻڌائيندي هئي ته: ”جوڳي“ تخلص به مٿس تنهنجي پيءُ (فقير مسرور) رکيو هو.“

ان تعارف کانپوءِ گدائي صاحب هميشه مون کي پنهنجي دوست جي ڀائٽي هئڻ جي ناتي وڏي عزت ڏيندو هو. سارنگ پريس تي يا ڪنهن ادبي گڏجاڻيءَ ۾ اٿي پنهنجي ڀرسان ويهاري پوءِ ويهندو هو. شروع کان ئي غريباڻي انداز سان رهيو. اسان جو شڪارپوري يار عبدالغني چنا به ٻڌائيندو آهي ته ”گدائي“ صاحب، سندس والد ميان يارمحمد چنا جو به دوست هو. تڏهن اهو به پوسٽ آفيس ۾ ملازم هو ۽ شڪارپور پوسٽ آفيس مان هيڊ پوسٽ ماسٽر ٿي رٽاير ڪيو هئائين. پر شروعاتي ڏينهن ۾ سندس پوسٽنگ ٺل ۾ هوندي هئي، ته اتي به ”گدائي“ صاحب ۽ ميان يار محمد چنو هڪ کاتي ۾ هوندا هئا. ”گدائي“ صاحب جي شڪارپور جي پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪيءَ وارو زمانو لڳ ڀڳ ۱۹۱۸ع هو. ڇاڪاڻ ته ڪتابن ۾ مون اهو ئي پڙهيو آهي.

هڪڙي ڪتاب ۾ ته مون اهو به پڙهيو آهي ته:

”ٺل ۾ رهڻ دوران ”گدائي“ صاحب ۽ قادر بخش ”بشير“ ٺل جي ئي هڪ تعلقي ميرپور ٻرڙي ۾ ”بزمِ مشاعره“ جو بنياد به وڌو هو، جنهن ۾ پندرهن روزه مشاعرا ٿيندا هئا، جنهن ۾ ”گدائي“ مرحوم ۽ تر جا ٻيا شاعر به پنهنجو شعر پڙهندا هئا. ۱۳ مئي ۱۹۲۲ع تي جيڪو مشاعرو ٿيو هو، ان جي طرح هئي:

محفلِ اغيار جي ڪيئن تو کي الفت ٿي وئي.

”گدائي“ مرحوم جيڪو شعر پڙهيو ان جو هڪڙو بند هن ريت هيو:

ياد جانان ۾ گذارج يار راتيون ڏينهڙا،

انهيءَ الفت مان سدائين ڪر پيو حاصل سرور.“

(ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ڪتاب سفر زندگيءَ جو، مرتب: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، سگا جيڪب آباد شاخ، اپريل ۱۹۸۵ع صفحو ظ ، ع).

گدائي صاحب اها ٽپال کاتي واري نوڪري جلد ئي ڇڏي، جيڪب آباد ٽائون پوليس ۾ اچي ڀرتي ٿيو. پر ڇهن مهينن کانپوءِ اتان به ڇڏي وڃي ٺل ۾ ماستري ڪرڻ لڳو هو. پر ۱۹۶۶ع ڌاري، جڏهن اسان جي ملاقات ٿي ته هو رڳو شاعر ۽ مختلف اخبارن سان وابستا صحافي هو. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ٻڌائيندو هو ته پاڻ ستاره سنڌ، فرنٽيئر گزيٽ، انقلاب، امروز ۽ مجاهد اخبارن جو ايڊيٽر به رهيو هو.

”گدائي“ صاحب، جيڪب آباد ميونسپل آفيس جي رهائشي ڪوارٽر جي پهرين منزل تي ڪرائي تي رهندو هو، جتي پوءِ ڪجهه عرصو ”گدائي لئبرري“ قائم ٿي هئي، پر اها ڪجهه سالن کان پوءِ بند ٿي وئي. اسان ڪڏهن ڪڏهن فتاح عابد سان به گڏجي وٽس ويندا هئاسين. غريباڻي رهڻي سهڻي هوندي هيَن. پر گهر ۾ هارمونيم رکيل هوندي هيس، جنهن تي مڙئي رون رون ڪري ڪو نه ڪو ڪلام ٻڌائي اسان جي دل خوش ڪندو هو.

”گدائي“ صاحب جو پهريون ڪتاب ”خان ڳڙه کان جيڪب آباد تائين“ اسان جيڪب آباد واري زماني ۾ ئي پڙهيو هو، سندس شاعريءَ جا ڪتاب ”پيماني تي پيمانو“، ”ساڻيهه جا سور“ ۽ ”پکڙا پنهوارن جا“ پوءِ پڙهيا. ”ساڻيهه جا سور“ اٽڪل ۱۹۶۵ع ۾ ڇپيو هو ۽ ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران هڪ هزار جو انعام به مليو هو.

گدائي صاحب مشاعرن جي محفلن کان علاوه به ڪڏهن ڪڏهن سارنگ پريس تي يا ادبي سنگت جي ڪچهرين ۾ شاعري به ٻڌائيندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن پنهنجي دل ڳائڻ تي ٿيندي هئس ته ڳائڻ لاءِ مون کي چوندو هو ۽ ان طريقي سان پوءِ پاڻ به ڳائڻ لڳندو هو.

ان زماني ۾ اسان جو مربي ڀاءُ ادا ميران بخش بدوي به ”گدائي“ صاحب جو هڪڙو ڪلام گهڻو ڳائيندو هو:

رات سڄي ڪو ويٺو روئي، منهن لڙڪن سان ويٺو ڌوئي،

ڪنهن جو درد سموئي ويٺو، ڪنهن کي ننڊ نڀاڳ الا او

پنهنجو پنهنجو ڀاڳ

ڪا وَرَ وڇڙيل واٽ نهاري، هر هر دل ۾ ساجن ساري،

چُوڙا ٻيڙا ساڙي ٻاري، سرخي ڪجل مُساڳ الا او

پنهنجو پنهنجو ڀاڳ

ڪا بختاور ساريون راتيون، ور سان پنهنجي ڇاتيون لاتيون،

ڀيڙي پئي آ ڀاڪر پاتيون، ڏس هي ڀاڳ سهاڳ الا او

پنهنجو پنهنجو ڀاڳ

ڪو چئي يار حياتي فاني، دنيا ناهي رهڻي جاني،

ڪوڙي ساري رام ڪهاني، مُئي آخر ماڳ الا او

پنهنجو پنهنجو ڀاڳ

دل ٿي چئي هڪ آڳ لڳايان، گهٽ وڌ جو هي فرق مٽايان

سارو هي مانڊاڻ جلايان، ڇيڙي ديپڪ راڳ الا او

پنهنجو پنهنجو ڀاڳ.

ادا ميران بخش ٻين به ڪيترن اردو توڙي سنڌي شاعرن جا ڪلام پنهنجي دليون ٺاهيل ڌنن ۾ڳائيندو هو، ۽ ”گدائي“ صاحب جو اهو ڪلام اهڙي ته ڏکوئيندڙ جذبات واري ڍار سان ڳائيندو هو جو جيڪب آباد جا ڪافي ادب دوست خاص ڪري فتاح عابد، غلام نبي سڌايو، سڪندر بختيار، محمد بخش سومرو کانئس ”گدائي“ صاحب جو اهو ڪلام ضرور ٻڌندا هئا.

رعشي جي ڪري ”گدائي“ صاحب جا هٿ لکڻ وقت لڏندا هئا، مگر تحرير پوءِ به نهايت صاف سهڻي ۽ سڌي هوندي هئس. هونئن ته اسان سندس ڪيترا ئي ليک پڙهيا، جهڙوڪ: ”جيڪب آباد جو تاريخي وڪٽوريا ٽاور“، ”جيڪب آباد جا ماضيءَ جا ڳائڻا“، ”جيڪب آباد جا شاعر ۽ اديب“، ”جيڪب آباد جو هارس اينڊ ڪيٽل شو“ وغيره. سارنگ اخبار ۾ پنهنجون يادگيريون به لکندو هو، سندس مضمون ”جيڪب آباد جا ماضيءَ جا ڳائڻا“، مون کي پوءِ نثار حسينيءَ طرفان شروع ڪيل پرڀات پبليڪيشن حيدرآباد جي ڪتابي سلسلي ”تند تنوار“ جي پهرين پرچي ۾ شايع ٿيل نظر آيو هو، اڳي انفارميشن جي پبليڪيشن آرڊيننس تحت ماهوار رسالن جي رجسٽريشن ٿيندي هئي، باقي ڪتابي سلسلي تي تاريخ نه لکبي هئي، پوءِ همٿ ڪري ڪجهه ڪتابي سلسلن پهرين ڪڙي ۽ ٻي ڪڙي لکڻ شروع ڪيو، ان حوالي سان تند تنوار جو اهو ”پهريون“ پرچو آهي ۽ منهنجي اندازي مطابق اهو پرچو فيبروري يا مارچ ۱۹۷۲ ۾ شايع ٿيو آهي، لکيو اٿس:

”جيڪب آباد جو شهر جيتوڻيڪ هن بلوچي اڪثريت واري خطي ۾ واقع آهي، جتي فنونِ لطيفه جو ذوق سابق سنڌ جي ٻين شهرن کان گهٽ رهيو آهي. تڏهن به هن شهر ڪلاسيڪل خواه هلڪي ڦلڪي موسيقيءَ جا چڱا ۽ ناليرا فنڪار پيدا ڪيا آهن. چنانچه جيڪب آباد جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا ماهر استاد هادي بخش، محمد جمن عرف جمون شيدي، ماضي قريب ۾ پنهنجي وقت جا فنِ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جا استاد هئا، جي هينئر پنهنجي ضعيف العمريءَ سبب عبرت جي زندگي گذاري رهيا آهن. انهن ٻن کانسواءِ، هتان جي هڪ طوائف رتن ٻائي به پنهنجي وقت جي عمدي رقاصه ۽ ڳائڻي هئي، جنهن کي شهر خواه ضلع ۾ ٿيندڙ شادين جي موقعي تي گهرائي مجرو ڪرايو ويندو هو ۽ جا اڄڪلهه جيڪب آباد جي چڪلي ۾ پنهنجي پيرسني سبب ڪٺن زندگي گذاري رهي آهي. ماضيءَ جي هلڪين ڦلڪين ڪافين کي يڪتاري ۽ گهڙي تي ڳائڻ هتان جي جتن جي محلي جا ٻه پوليس ملازم جمعدار گهرام خان ٻبر جت ۽ جمعدار گيلو خان به پنهنجي وقت جا چڱا ڳائڻا هئا، جن مان جمعدار گهرام خان مرحوم ڪيترا سال ٿيندا جو فوت ٿي ويو آهي ۽ جمعدار گيلو خان اڃا تائين زنده آهي، ليڪن هو به ضعيف العمري سبب ڳائڻ کان رٽاير ڪري ويو آهي.

جيڪب آباد جي موجوده ڪلاسيڪل راڳ ۽ قوالي ڳائڻ ۾ استاد ارباب خان کوسي جو نالو قابل ذڪر آهي، جو وقت بوقت پنهنجي ساٿين ۽ سنگت ڪندڙ سازندن سميت محفلن ۾ داد حاصل ڪندو رهي ٿو ۽ جنهن جي نالي تي هتان جي راڳ و رنگ جي شوقين نوجوانن ”ارباب آرٽ سرڪل“ جي نالي هڪ ادارو پڻ قائم ڪيو آهي. هلڪي ڦلڪي موسيقي ۽ سنڌي ڪافين ۽ غزل ڳائڻ وارن ۾ هتان جي افضل فقير ۽ ڪمال فقير کي يڪتاري چپڙين ۽ ڍولڪ و گهڙي جي سازن سان ڳائڻ ۾ ڪمال حاصل آهي، ۽ اهي ٻئي فنڪار اڪثر ڪري هتان جي سرڪاري ثقافتي محفلن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريندا رهن ٿا. انهن ٻنهي کانسواءِ غلام حيدر فقير جو صوفي بزرگ سائين رکيل شاه جو معتقد آهي، ان کي به صوفياڻي ڪلام ڳائڻ ۾ ڪمال حاصل آهي، ۽ اهو اڪثر ڪري يڪتاري ۽ چپڙين تي بيهي ڳائيندو آهي. ضرورت آهي ته انهن زنده فنڪارن ۽ فن جي سرپرستيءَ لاءِ سرڪاري يا غير سرڪاري ڪو ادارو قائم ڪيو وڃي، جيئن راڳ جو لطيف فن به هن ضلع ۾ پروان چڙهي.“

”گدائي“ صاحب جي فن سان وابستگيءَ جو ڏس ايئن به ملي ٿو ته: ”گدائي“ صاحب کي اسڪولي زماني کان ڊرامن جو شوق هو، سندس ان شوق جو پورائو ماسٽر امير علي جي ڊراما ڪمپنيءَ ۾ ٿيو، جتي ”گدائي“ صاحب ڇهه مهينا نوڪري به ڪئي، ان بعد ٺل ۾ ”ٺل ايميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي“ جو بنياد وڌائين، ان منڊليءَ جي سهڪار سان ڪيترا هندي ۽ سنڌي ڊرامان اسٽيج ٿيا، جهڙوڪ: بلوا منگل، خدا دوست، ۽ جلاد عاشق. اغا حشر جي اردو ڊرامي ”بلوا منگل“ جو سنڌي ترجموڪري اسٽيج تي پيش ڪيو هئائين، ان کانسواءِ ڪوئٽيا، سکر، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ هن منڊليءَ جي اداڪارن پنهنجي فن جو ڪامياب مظاهرو ڪيو. هو هڪ ئي وقت تي اداڪار، هدايتڪار، ڪهاڻيڪار، گلوڪار ۽ شاعر هو“ ڪتاب سفر زندگيءَ جو، ليکڪ: ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ”صابر“، سگا جيڪب آباد شاخ، اپريل ۱۹۸۵ع صفحو ۳ ۽ ۸۱).

”گدائي“ صاحب هڪ آدرشي انسان هو، هن جو جيڪب آباد لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته هن ۱۹۷۰ع ڌاري ”ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس“ جو بنياد وڌو هو. جيڪب آباد پريس ڪلب کي جياريو پر ”گدائي“ صاحب جي گذارڻ کانپوءِ ضلعي انتاظاميا کان رڳو هڪ معمولي گهر ڪئي وئي هئي ته جيڪب آباد جي ”ڇٽي چوڪ“ جو نالو بدلائي ”گدائي چوڪ “ رکيو وڃي،  پر انتظاميا ان تي ڪو به عمل نه ڪيو.

مان آڪٽوبر ۱۹۷۴ع ڌاري جيڪب آباد کي خيرآباد ڪري ڪراچيءَ هليو آيو هوس، پوءِ خبر ٻڌم ته ”گدائي“ صاحب تي فالج جو حملو ٿيو آهي، گهڻي ڪوشش ڪيم ته وقت سر ساڻس ملي اچان پر جڏهن جيڪب آباد ويس ”گدائي“ صاحب بجاءِ فتاح عابد جي بيٺڪ ۾ سندس پينٽ ڪيل تصوير جي سلاميءَ ڪرڻي پئي، فتاح ٻڌايو پئي ته:

”گدائي“ صاحب ڪمزور ڏاڍو ٿي ويو هو، پاڻ ڀرو نه ٿي سگهيو، ۽ اٺاويهين جنوري سال ۱۹۷۸ع تي وفات ڪري ويو.“

”گدائي“ صاحب ڪوئٽيا روڊ تي افضل بابا واري قبرستان ۾ دفنايل آهي، جتي بعد ۾ ڪامريڊ برڪت علي ”آزاد“ کي به دفن ڪيو ويو هو.

افضل بابا: هڪڙو نانگو فقير هو، قد جو ڊگهو ۽ سنهڙو ۽ رنگ جو سانورو هوندو هو، سندس وات صفا لال ڳاڙهو هوندو هو. ڪيپيٽال سينيما جي پوئين دروازي (سومرن واري پاڙي ڏي ويندڙ رستي) جي اوٽ ۾ ويٺو هوندو هو، ڪڏهن اٿي پاڻ ڪنهن هوٽل تي ويهي ڪجهه کائيندو هو، نه ته ماڻهو سندس ويجهو اچڻ کان به ڊڄندا هئا، ماني يا فروٽ وغيره ڀرسان رکي ويندا هئس، پر کائيندو ڪونه هو، مان نوڪريءَ تي ان رستي سان ويندو هوس ته سلام ڪندو ويندو هيومانس، پر افضل بابا لفٽ نه ڪرائيندو هو.

چون ٿا ته وڏي ڪاني ڪرامتن جو مالڪ هو، مستانو ته لڳندو هو پر مون پنهنجي دور ۾ سندس ڪابه ڪرامت ڪانه ڏٺي، پر اٺن ڏينهن جي هڪڙي مسلسل برسات سندس ڪرامت سان وابستا آهي ته رمضان جي مهيني ۾ ڀرسان واري هوٽل تي ويٺو هو ته هڪ وڏي رڙ ڪئي هئائين ۽ پوءِ خبر ئي نه پئي ته اوچتو بادل ڀرجي آيا ۽ مسلسل اٺ ڏينهن ٻوڙان ٻوڙ برسات ٿي هئي. والله اعلم بالصواب.

مان به يونين ڪائونسل آفيس روزاني سائيڪل تي ان ئي رستي سان ويندو هوس، يعني فيملي لائين واري بخاري جامع مسجد جي ڀرسان، مان پنهنجي ڀينرن جي گهر کان نڪرندو هوس، ۽ ٺٺ مسجد وارو رستو ڏئي، محترم استاد ارباب خان کوسي کي سلام ڪري اڳتي، ڪيپيٽال سينيما کان ٿيندو، ڏنگر محلو ٽپي، ڪوئٽيا روڊ تي ويندو هوس.

جيڪب آباد شهر جي چوڌاري آخري ڇيڙي تي ناڪا هوندا هئا، ۽ ڪوئٽيا روڊ واري ناڪي کان منهنجي يونين ڪائونسل احمد پور جي آفيس ٻن اڍائي ميلن تي هوندي هئي جنهن جي سامهون احمد ميان سومري صاحب جو پيٽرول پمپ هوندو هو، جتي جو مئنيجر ثميره زرين جو ڀاءُ هوندو هو، سندس نالو مون کي ياد نه ٿو اچي ڇاڪاڻ ته اسان ڪڏهن سندس نالو کنيو به ڪونه هيوسي، بس رڳو ”اعواڻ صاحب“ سڏيندا هئاسينس. واندڪائيءَ جو سارو وقت ان پيٽرول پمپ تي ساڻس رهاڻيون ٿينديون هيون، ان پيٽرل پمپ جي سامهون روڊ جي ٻئي پاسي منهنجي يونين ڪائونسل احمدپور جي آفيس هوندي هئي، ڪوئٽيا روڊ تي مهڙ ۾ ئي ناڪو هوندو هو، پوءِ ٿورو اڳيان هڪ ڊگهو قبرستان هوندو هو، ان کانپوءِ حاجي لکمير خان وارن جي سِرن جو بٺو هوندو هو. ۽ جڏهن افضل بابا گذاريو ته ان کي ان بٺي جي ڀرسان واري قبرستان ۾ کيس دفن ڪيائون. هاڻي اهو قبرستان افضل بابا جي نالي سان مشهور آهي نه ته اڳي ان قبرستان جي ويجهو ٻئي قبرستان ۾ هڪڙي بزرگ پير بخاريءَ جي مزار به هوندي هئي، جتي اسان جو استاد ارباب خان هر جمعي رات چونڪي ڏيڻ ويندو هو.

حاجي لکمير ۽ حاجي محمد صديق ٻه بروهي ڀائر هوندا هئا، پهرين ٺيڪيداري ڪندا هئا ۽ گڏهن تي گنب جي مٽي ڍوئرائڻ جو ڪم ڪندا هئا. بعد ۾ انهن گهنٽاگهر کان اڳتي هاڻوڪو ”گرين لينڊ هوٽل“ شروع ۾ ڪچي گنب جي مٽيءَ ۽ بانس جي لڪڙن سان کوليو، جتي سندس ڀاءُ حاجي محمد صديق دخل تي ويهندو هو ۽ حاجي لکمير ٺيڪا کڻندو هو. پوءِ جڏهن الله سائينءَ نوازين ته حاجي محمد صديق صاحب پاڻ ئي چوندو هو ته:

”يار اسان ته گڏهن تي مٽي ڍوئيندا هياسي، پر اسان جي ٻارن کي پيشاب ٿو لڳي ته به ٻه قدم اڳيان واري گهر تائين به ڪار تي چڙهي ٿا وڃن.“

حاجي برادران جڏهن پئسي وارا ٿي ويا ته هوٽل جي اندر ”ٽمبولا“ به هلائيندا هئا، ساڳي ٽمبولا جيڪب آباد ۾ لڳندڙ هارس اينڊ ڪيٽل شو دوارن لڳندڙ نمائش ۾ به هلائيندا هئا. ان زماني ۾ وچ شهر ۾ هجڻ سبب ان جوئا خاني جي خلاف شڪايتون به گهڻيون ئي ٿيون. پر حاجي برادران جي پشت پناهي ڪندڙ گهڻو ڪري اهي زميندار ئي هوندا هئا، جيڪي جوئا ۽ شراب جا شوقين هوندا هئا. ان ڪري سندن اهو ڌنڌو به هلندو رهندو هو.

گدائي صاحب صحافيءَ جي حيثيت ۾ گهڻا ئي جوکم جهڙا ڪم سرانجام ڏنا، وڏيرا ۽ سرڪاري ڪامورا به گهڻو ويجهو رکڻ جي ڪوشش ڪندا هئس پر هو طبيعت ۾ ڪامريڊ هو، سچائي پسند هو، ان ڪري غريبي حال ۾ سدائين خوش رهيو، سرڪاري وظيفو به ملندو هيس پر ان جي باوجود سرڪاري مدح خواني نه ڪيائين. اسان کي اها خبر ڪا نه هئي ته ان غريبي حال جي باوجود گدائي صاحب ڪي ٽي شاديون ڪيون هيون، پر اسان کي رڳو ايتري خبر هئي ته کيس ٻه پٽ هئا، هڪڙو فتاح عابد ته ٻيو عبدالعزيز لاشاري.


 

گدائي

ھيڻن جو ھمراھ

شاڪر کوسو

ويهين صديءَ جي شروعات ۽ سندس پهرين سال جي پهرين تاريخ تي ٺل تعلقي جي ناليواري زمينداربهادر خان کوسي جي ڪمدار بجار لاشاريءَ جي گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي،پٽ جي آمد تي خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا ويا،سندس ڇٽيءَ تي اوڙي پاڙي ۽ بجار لاشاري جي ڪمداري هيٺ آيل هارين جي عورتن جي مبارڪباديءَ لاءِ اچ وڃ رهي هوندي،ان ڏينهن بجار پاران پتڪڙي پٽ جي ڇٽيءَ جو نالو ”بگن“ رکيو ويو جيڪو بعد ۾ بانبڙا پائڻ ۽ پهرين شرارت کان پوءِ ”بگن“ مان ڦري ”بگو-بگو“ سڏجڻ لڳو. خيال اهو ٿو ڪجي ته سندس والد پاران ڀوتارڪي راڄ هيٺ سندس ”درخشان مستقبل“ لاءِ دعائون گهريون ويون هونديون ۽ دل ئي دل ۾ اهو سوچي گد گد ٿيو هوندو ته ”بگن“ وڏو ٿي سندس ”منصب“ سنڀاليندو پر هن کي ڪهڙي ڪل ته اڄ جو ”بگو“ سڀاڻي جي سنڌ جو ”عبدالڪريم گدائي“ بڻجي ڏيهه جي ڏاڍن ۽ بگڙيل ڀوتارن خلاف بغاوت جا الم بلند ڪري ”ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي“ بڻجي گونجار ڪندو!

سچ ته عبدالڪريم گدائي ويهين صديءَ جي پهرين سال جي پهرين ڏينهن جو خداتعالي پاران مظلوم مخلوق لاءِ خلقيل تحفو آهي پاڻ جڏهن سندس شاعريءَ جي ڪليات ”لاٽ ٻرندي رهي“۾ گهرون ٿا ته سندس شاعري ڄڻ ته اسان منجهه سرايت ڪري وڃي ٿي ۽ سندس شاعري اتساهه ڏيارڻ لاءِ هيئن ٻارڻ جو ڪم ڪري ٿي؛

نيٺ گدائي ٻارڻ ٻرندا

انسانن جا وارا ورندا

ڪنڊن مان ئي ڦول اڀرندا

ظالم سڙندا،ڳرندا،مرندا

ماڻهو ٿيندا شاد

دنيا ۾ نيٺ ته ٿيندو داد!

سندس شاعري پڙهي خواهش ٿي جنم وٺي ته ڪاش!اسين به گدائيءَ کي روبرو ٻڌون ها پر موت ته اوس اچڻي ئي آهي،جنهن مان هن جهان جا وڏا وڏا عالم، مدبر، سائنٽسٽ، مفڪر شاعر اديب ۽ سياستدان به پلئه پاند نه ڇڏائي سگهيا آهن بهرڪيف هر اهو ماڻهو جيڪو هن جهان کي الڳ ۽ منفرد زاويي سان ڏسي ٿو اهو پنهنجن قولن، فعلن، عملن ۽ سچاين ڪري هر دور ۾ زنده جاويد رهي ٿو، اڄ ”گدائي“ صاحب ان ڪري زنده جاويد ناهي ته هو هڪ ناليواري زميندار جي ڪمدار جو پٽ هو پر اڄ هو اسان جي نوجوانن، نياڻين ۽ پوڙهن جي دلين جي ڌڙڪن انڪري بڻيل آهي جو هو اسانجو ترجمان آهي، اسانجي خيالن جي عڪاسي ڪندڙ، اسانجي جذبن، امنگن، احساسن ۽ ڌرتيءَ کي دين ڌرم مڃيندڙ محب وطنن جو ايمان آهي!

جڏهن ڀٽي صاحب اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي ته گدائي صاحب پنهنجن خواهشن کي هيئن بيان ڪيو؛

ڪر سڻايون ٿين ديس ۾ شل!

اجهو، لٽو ۽ اٽو، ان جال جام ٿئي!

گدائي صاحب پنهنجن مختلف شعرن ۾ فيض احمد فيض جيان اسان سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته حيات انساني جي اجتماعي جدوجهد جو ادراڪ ۽ پوءِ ان جدوجهد ۾ حسب توفيق شرڪت ئي نه رڳو زندگيءَ جي تقاضا آهي پر فن جي گهرج پڻ! ۽ گدائي صاحب بذات خود انهيءَ جدوجهد ۾ بر سر پيڪار رهيو، سياسي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن ۽ وطن جي گھڻ گهرن کي ملندڙ صعوبتون، اذيتون، قيد، تنهايون، ۽ عملدارن جا مڪروه ٽهڪ انهيءَ سڄي عملي ڪم جا روشن مثال آهن، اسين سمجهون ٿا ته شاعر ۽ اديب جو ڪم فقط ۽ فقط ”غير جانبدار“ ٿي لکڻ آهي ۽ غير جانبدار ٿي لکڻ سان ئي حقيقتن جي صحيح عڪاسي ڪري سگهجي ٿي ۽ انقلاب جو رستو ”غير جانبدار“ ادب مان ئي تعين ڪري سگهجي ٿو.

گدائي صاحب جي شاعريءَ جا ڪيترائي پاسا آهن، هڪڙي پاسي دنيا جي تلخ حقيقتن ۽ ظلمتن جو درد آهي ته ٻئي پاسي وري گدائي صاحب حسن و محبت جي حڪايتن جا گيت ٻڌائيندڙ آهي، گدائي صاحب ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍ ڏهڪاءُ جبر جي ڪوٽن کي مضبوط ۽ ويچاري انسان کي سورن ۾ورتل ڏسي دانهين ٿو.

سندس شاعريءَ جا ڪيترا ئي رنگ ۽ پاسا آهن دل ته چئي ٿي  ته سندس مڪمل ”ڪليات“ هتي ڏيئي ڇڏيان.

گدائي صاحب جي شاعري اڄ جي حالتن سان به ٺهڪندڙ آهي جيتوڻيڪ گدائي صاحب کي هن دنيا مان وئي ڪيئي ورهيه گذريا آهن پر هو پنهنجي شاعري وسيلي ”بني نوع انسان“ جي بقا تائين زنده جاويد رهندو. اچو ته اُن عظيم انسان کي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس ئي سٽن ۾ ڀيٽا ڏيون:

جيئي سنڌ! جيجل جو آهي قسم،

ته جيسين آ سينو ۽ سيني ۾ دم،

ٿئي ديس خاطر جي سر ڀي قلم:

ساٿ هلندو رهي، لاٽ ٻرندي رهي!

 



عبدالڪريم گدائي

تون هردم آهين ياد

اصغر سجاڳ

عبدالڪريم گدائي جو، منهنجي هنن پرجوش اکين ٻاروتڻ ۾ درشن ڪيو، منهنجي عمر ڏهاڪو سال کن ٿيندي، سال ۶۶ يا ۶۷ هوندو، مان اڃا پنجون پاس نه ڪيو هو، تڏهن منهنجو والد رئيس پانڌي خان دايو ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري هيو. بابا جي نوڪريءَ جي ناتي،منهنجو ٽائون ڪاميٽي ۾ اچڻ وڃڻ روز جو معمول هو. هڪ شام ڇا ڏسان ته ٽائون ڪاميٽي جي آڳر تي اسٽيج جڙيل هئي، سامهون، ڪرسيون لڳل هيون، پنهنجي والد صاحب کي پنڊال ۾ گهڻو ايندي ويندي ۽ انتظامن جو جائزو وٺندي ڏٺم. والد صاحب مون کي هڪ ڪرسيءَ تي قابو ڪري، پاڻ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ مصروف ٿي ويو. شام لڙيءَ جو مهمان پهتا ته اسٽيج تان اعلان ٿيو ته مشاعرو شروع ڪري رهيا آهيون.انوقت اڄ وانگر اسٽيج تي صدارتي پئنل جو رواج ڪونه هو. هر شاعر واري واري تي هيٺيان آيو پئي ۽ شعر چئي واپس ويو پئي. ايئن اعلان ٿيو ته سنڌ جو مشهور شاعر عبدالڪريم گدائي پنهنجو شعر پيش ڪرڻ اچي ٿو. مون کي ياد ناهي ته تاڙيون وڳيون يا نه ۽ اهو به ياد ناهي ته ڪو لائوڊ به هو يا نه، پر گرجدار آواز سو هيو، جيڪو گونجيو:

خبردار هاري جو ڀوتار آيا، پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا

زندگي جو اهو پهريون شعر هيو، جيڪو منهنجي ڪنن تي پيو، منهنجي پتڪڙي ذهن، ان شعر جو وڏو ئي اثر ورتو. اها يادگار شام منهنجي دل تي گهر ڪري وئي ۽ گهر موٽندي والد صاحب کان وئي سوال ڪرائيندي ته، هي ڇا هيو، هي ڪير هئا ۽ هُو ڪير هئو؟ والد صاحب کان معلوم ٿيو ته هي مشاعرو هيو، هو شاعر هيا ۽ هُو منهنجو دوست عبدالڪريم گدائي هئو. ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري طور منهنجي والد صاحب جي مقرري کان اڳ چاچو گدائي ۾ ان ئي ٽائون ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري رهي چڪو هئو. ساڳئي اداري ۾ ملازمت جي رشتي ،ٻنهي جي ياريءَ جي رشتي کي مضبوط ڪيو. گدائي صاحب ٺل ڇڏي جڏهن جيڪب آباد رهائش اختيار ڪئي ته ٺل ۾ پويان هِڪُ هئا هن جا مائٽ ۽ عزيز ۽ ٻيو هيو اسان جو والد صاحب، گدائي جڏهن به ٺل جو ڀيرو ڀڳو ته اهائي ٽائون ڪاميٽي هن جي ٽهڪڙن جو مرڪز بڻبي هئي.

مان ۶۹ ۾ پنجون پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ اچي ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ان ئي سال دل ۾ نئين دنيا جو جنم ٿيو، ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هلي نڪتي، اسڪول جي اندران ۽ ٻاهران نوان نعرا ٻڌڻ ۾ آيا، ڪلاسن جا بائيڪاٽ ڏٺم، جلسن جلوسن جو منظر اڳيان پويان ڦريو،ذهن ۾ نئين دنيا آباد ٿي وئي. ۶۹ ۾ تحريڪ چوٽان چوٽ ٿي، ٺل ۾ ٻاهرين شهرن، خاص ڪري جيڪب آباد کان نوجوانن جا جٿا اچڻ وڃڻ لڳا، منظم جلسن جو سلسلو شروع ٿيو، اسٽيجون جڙڻ لڳيون، پرجوش تقريرون ٿيڻ لڳيون،وري هڪ شام ڏسان ته ساڳيو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تان جلوه گر ٿيو. جوشيلا شعر ۽ هيڏانهن نوجوانن جا هوڪرا، تاڙيون ۽ پرجوش منظر، اڙي! اهي ته ساڳيو چاچو گدائي آهي. اُهو خبردار هاريءَ وارو. دل جو عجيب عالم ٿي ويو، خوشي ڦاٽڻ لڳي،ذهن نئون موڙ ورتو، دل انقلاب طرف رجوع ٿي، اندر ۾ اٿل پٿل ۽ آنڌ مانڌ مچي ويئي:

اڃا ساز بغاوت تي مون کي ڪجهه گيت ڳائڻ ڏي

وطن جي زره زره کي اڃا باغي بڻائڻ ڏي

گدائي، منهنجو چاچو گدائي اسٽيج تان لٿو، مٿي اسٽيج تي نوجوانن جو جوش جاري هو.هي شهر جو وچ هو، مک چوڪ، تحريڪي نوجوانن نالو رکيو“جيئي سنڌ چوڪ”.ان چوڪ جي اولهه پاسي حاجي رسول بخش دايو جو حجامڪو دوڪان هيو،جيڪو ون يونٽ تحريڪ کان سياست جو مرڪز رهيو. چاچو گدائي اسٽيج تان لٿو ته سڌو ان دڪان جو رخ ڪيائين. حاجي رسول بخش دايو سان هن جي شناسائي هئي، ڀرسان لالا سعادت پٺاڻ جو هوٽل هيو.“ حاجي”،گدائيءَ ٿڌا ساهه کڻي چيو،”گرم چانهه ته گهراءِ“جلسي سبب دوڪان ۾ سياسي شائق گهڻا گڏ ٿيل هئا، چاچو گدائي چاچا، ڏي ته خبر، تون پوڙهو ۽ هي جوانّ، هيترن جوانن ۾ تون پوڙهو ڪئين ٿو لڳين؟ گدائيءَ وراڻيو: ڇوڪرن ۾ پوڙهو ڏسي پريشان نه ٿيو، جوش ڏسو ۽ جذبو ڏسو، منهنجي عمر پوڙهي سهي پر دل جون آهي. سنڌ بچائڻ لاءِ پوڙهو گدائي، جوانن جي اڳيان هوندو، پويان نه. شائقين جي فرمائش تي گدائي گرمجوش ڪلام ٻڌائي واهه واهه ڪرائي.گدائي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جو وڏو ڪردار ٿي اڀريو، سگهو ئي هن جي شاعراڻي جدوجهد رنگ لاتو، ون يونٽ جو طوق ٽٽو ۽ سنڌ آزاديءَ جو ساهه کنيو:

يونٽ ۾ ڪين رهندي، آزاد سنڌ ٿيندي

ساڻيهه ۾ گدائي، ساڳي بهار ايندي

يونٽ جو بند ٽوڙيو، هٿ ظلم جا مروڙيو

ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ گدائي جي شاعري،سنڌ جي نوجوانن لاءِ نرسري ثابت ٿي،وطن دوست فڪر وڌيو ويجهيو، گهر گهر جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا. هاڻ صحيح خبر پئي ته گدائي ڇا آهي؟وري هڪ شام گدائي جي ٺل آمد ٿي، معلوم ڪندو وٽس پهتس، جهڪي سينو ڇهيومانس: چيومانس، رئيس پانڌي خان دايو جو پٽ آهيان. هان ! رڙ ڪري زور سان ڀاڪر ڀرئين چيائين“تون ته منهنجو ڀائيٽو ٿئين” پوءِ ڪچهري هلي، چانهه جو دور ٿيو، پنهنجي ٽٽل ڦٽل شاعري ٻڌائي مانس، ڏاڍو خوش ٿيو، وڏي حوصلي ا قرائي ۽ رهنمائي ڪيائين.

چاچو عبدالڪريم گدائي ڏسڻ ۾ ڪمزور، هيڻو ۽ هڏڙين جي مُٺ، پر هَو مضبوط، اٽل، عزم جو پختو ۽ اوچو ايڏو، جيڏو هماليه جبل. عشقيه شاعري کان سندس شروعات ٿي، پهريون ڪتاب “پيماني تي پيمانو” هيس. ون يونٽ واري شروعاتي دور ۾ قومي ۽ عوامي شاعري جا واهڙ وهايائين، سندس عشقُ، سنڌ جي عشقَ ۾ بدلجي ويو، ان ئي دور ۾ گجگوڙون ڪندڙ ڪتاب “ساڻيهه جا سور” ڇپيس. ون يونٽ جو آخري دور گدائي جي شاعري جو عروج واري دور هو، هن واري هن جي شاعري ون يونٽ سان ٽڪرائي، اها ئي شاعري ۷۵ ۾ “پکڙا ۽ پنهور” جي نالي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي، جيڪب آباد جي تاريخ تي ڪتاب “خانڳڙهه کان جيڪب آباد تائين” لکيائين، هي پنج ڪتاب هيا گدائي جو ادبي سرمايو پاڻ جيڪب آباد ۾ رهائش دوران ادب، سياست ۽ صحافت تي حاوي رهيا، اتي غالب لطيف جهڙو سيبتو ليکڪ ۽ صحافي سندس سٿ ۾ شامل ٿيو.فتاح عابد جهڙو لائق پٽ ڄڻيائين. هن جو رهائشي سفر اڻٿڪ جدوجهد سان ڀريل آهي.مسڪيني ۽ غربت واري زندگي کي ڪا ميار نه ڏنائين، ڏکن ڏاکڙن سان جهيڙيندي چيائين:

سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي

بهر طور گذريو، گذاري ڇڏيوسين

منهنجي چاچي عبدالڪريم گدائي لاءِ ڪنهن جا هي لفظ ته وڏو استاد شاعر آهي، ڪُهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر آهي، اهي لفظ ادبي دنيا لاءِ ڪيترائي موزون ۽ مانائتا، پر ڪنهن شاعر جي عظمت ۽ خاص طور گدائي جي عظمت کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ها هن دور جديد ۾ هنن لفظن سان گدائي جي عظمت جو بيان ٿيندو ته، گدائي دور جديد جو عظيم ترين ۽ سنڌ ديس جو بيباڪ ۽ بلندترين شاعر آهي، عوام، انقلاب، جوش، جذبن ۽ جدوجهد جو شاعر آهي. اهڙي عظيم شاعر ۷۸ ۾، ۷۸ سالن ئي ۾ اسان کان موڪلايو ته مون هڪ نظم ۾، ڪجهه ناڪام لفظن ۾ کيس هينئن ڪچي ڦڪي ڀيٽا ڏني:

تون زنده آهين، زنده رهندين، زندهه، زنده باد گدائي،

تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين، تون هردم آهين ياد گدائي.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



عبدالڪريم ”گدائي“

سنڌ جو عوامي شاعر

حسيب ناياب منگي

جديد سنڌي شاعريءَ جي سفر ۾ جن به شاعرن پنهنجي صلاحيتن سبب ناماچار حاصل ڪيو آهي، تن سنڌ جي ڏتڙيل ۽ غمن ۾ پيڙهيل ماڻهن جي داستانن کي بنا ڪنهن خوف جي بيان ڪيو آهي. ننڍڙي ننڍڙي رياست قائم ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏيندڙ ظالم ماڻهن جي چالاڪين کي جڏهن شاعر جي تخليقي پورهئي سنڌ ۾ نروار ڪيو، تڏهن اسان جي سماج جي ظالم طبقي وٽ اهو ڄاتو ويو ته شاعريءَ جو اهو به هڪ پهلو آهي، جنهن ۾ محبوب جي تعريف، سندس رسڻ پرچڻ ۽ ناز ادا سان هلڻ وغيره جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندڙ شعرن جهڙي رس چس ته نه آهي، پر هڪ اهڙي صدا ضرور آهي، جنهن کي پڙهڻ يا ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ ۾ گهاريندڙ ماڻهن جي حقيقي زندگيءَ جي تصوير آئيني اڳيان اچي بيهي رهي ٿي. شاعريءَ ۾ پرينءَ جو ذڪر نه هجي، ايئن ڀلا ڪيئن ممڪن ٿو ٿي سگهي؟ پر جيڪڏهن شاعريءَ ۾ ديس جي غريب ماڻهن جي زندگيءَ جو عڪس شامل نه هجي ته به شاعريءَ جو باب اڻپورو ئي رهجي ويندو. پر جيڪڏهن شاعريءَ ۾ ديس جي غريب ماڻهن جي زندگيءَ جو عڪس شامل نه هجي ته به شاعريءَ جو باب اڻپورو ئي رهجي ويندو. حاڪمن ۽ حڪمرانن جي عياشي پڌري نه ٿيندي ته شاعريءَ ٻڌڻ يا پڙهڻ کانپوءِ واري اها سڻڀي واهه واهه حقيقتن کي ڪڏهن پڌرو ڪندي؟ اهڙي بيباڪي عبدالڪريم ’گدائيءَ‘ جي حصي ۾ جيتري آئي آهي، تنهن جو سنڌي شاعريءَ ۾ ڪنهن سان مقابلو ته ڪري نٿو سگهجي، پر اهو چئي سگهجي ٿو ته ’گدائي‘ اهو شاعر آهي جنهن کي سنڌ جو ’عوامي شاعر‘ چئي سگهجي ٿو.

عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شاعريءَ کي پڙهي ڏسو تنهن ۾ اسان کي عام رواجي شاعرن وانگر محبت ۽ پيار جي ڳالهه ملندي، هو ڪنهن جي خاص نظر جو طالب به آهي ته انڌيري کانپوءِ نظر ايندڙ روشن ڪرڻن جي به آس ٿو رکي:

هڪ دفعو تو جا ڪئي بار دگر ڀي ٿيندي،

ڪا عنايت جي نظر رشڪِ قمر ڀي ٿيندي؟

اڄ کڻي آه جي سهڻيءَ جي طبيعت برهم،

خاطري آ ته عنايت جي نظر ڀي ٿيندي.

ڇو ڪجي فڪر جي اڄ آهه انڌيرو ڇانيل،

رات کانپوءِ يقين آهه سحر ڀي ٿيندي.

عبدالڪريم ’گدائي‘ فقط پرينءَ جي ديد جي طلب ئي نٿو ڪري پر ڏسو ته هو پنهنجي سانگين کي به ياد ڪري ٿو. هن وٽ لفظن جي نه ته ڪا ڪمي آهي نه ئي وري اندازِ بيان جي گهٽتائي! هن وٽ تشبيهون ساديون ۽ پنهنجي ديس جو رواجي آهن. هو ڪڏهن سسئي جي ڳالهه ڪري مَنَ جو بار هلڪو ٿو ڪري، ڪڏهن مارئيءَ جي راهه وٺي پنهنجن کي ياد ڪري ٿو. گدائي عوامي رنگ کي رچائڻ لاءِ شاعريءَ ۾ لفظن سان نڀائي ڏيکارڻ لاءِ جيڪا محنت ڪئي سا حقيقت ۾ محبت جو اظهار ٿي اسان جي سامهون آئي آهي. اهو عمل سچ ته ساراهڻ جي لائق آهي:

اکين اڄ وري پنهنجا سانگي سنڀاريا،

سکر ڏينهن سي جي مون سڄڻن ۾ گهاريا.

’گدائي‘ وري ياد يارن جي آئي،

وري دل وطن وارا ساٿي سنڀاريا.

عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شاعريءَ ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته هن وٽ سوچ جو هڪ نرالو جهان مرتب ٿيل نظر اچي ٿو، اگهاڙن انگن ۽ بکين ٻچن، غربت جي ماريل انسانن ۽ ظالم جي ظلمن جو شڪار ٿيل مظلومن جي داد فرياد گدائيءَ جي جيءَ جو جياپو آهي. گدائي سنڌي قوم جو سچو شاعر آهي، جنهن کي قوم جو فڪر محبوب جي ذڪر کان وڌيڪ لڳي ٿو. جنهن کي اُهو اُلڪو آهي ته منهنجي قوم جا ماروئڙا نه ته ڪنهن جي ذلت برداشت ڪن، نه ئي ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائي پنهنجو گذر سفر ڪن. خوشحال ۽ عزت سان پنهنجي زندگي بسر ڪرڻ جو حقيقي خواب گدائي جيڪو پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاري ٿو سو گهڻن شاعرن جي سخن طرازيءَ ۾ ڏسڻ کانپوءِ ڀي نظر نٿو اچي:

تنهنجي منهنجي درميان هي فرق آهي هم سخن،

تو کي نظري ڪجهه نٿو رخسار جانان کانسواءِ.

مان غم انسان جو قائل، تون غم جانان سندو،

منهنجي دل ۾ ڪجهه نه آهي درد انسان کانسواءِ.

سائين جي ايم سيد هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”ميان عبدالڪريم ’گدائي‘ سنڌ جي چوٽيءَ جي ترقي پسند شاعرن مان آهي، هُو مخلص قومي ڪارڪن، سنجيده طبع، سمجهدار، حب الوطنيءَ جي جذبي سان سرشار، بيڊپو ۽ انقلابي مجاهد آهي.“ حقيقت آهي ته جڏهن منهنجي نظرن کان سندس هڪ نظم ”ساڻيهه جي تصوير“ ٿو گذري ۽ پڙهڻ کانپوءِ ته شاعر جي سوچن ۽ خيالن جي بلندي ۽ بيخوفيءَ تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. گدائي صاحب، ڀٽائي سرڪار جي حضور ۾ جيڪا دانهن رکي آهي، تنهن جا آثار اڄوڪي دور ۾ به نمايان آهن. هو هِن نظم ۾ ڏاڍن جي هيڻن تي للڪار، ستمگرن جو مسڪينن کي ستائڻ، مزدورن جي پورهئي تي عياشن جي عيش اُڏائڻ، ڏکايلن جي مٿان قهر ڪيرائڻ، وڏيرن جي حڪم هلائڻ ۽ پيرن جو سماج ۾ راڪاس گهمائڻ، سرمائيدارن جو چالاڪيءَ سان مزدور طبقي جو حق کائڻ، چورن ۽ لٽيرن جي لٽڻ ۽ پنهنجي خوشحال ديس جي قسمت مٿان انڌيرو ڇانيل هجڻ توڙي مجبور ۽ لاچار ماڻهن جي ڀٽائي رحه کي دانهن ڏيڻ، ديس جي باغن ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن جا جيڪي داستان بيان ڪيا آهن، سي شاعر جي حب الوطنيءَ جو چٽو ثبوت آهن. نظم جي آخري بند ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر حضرت شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي حضور ۾ گدائي صاحب ڪيڏي نه عاجزيءَ سان اپيل ڪري ٿو:

مقبول ٿين شال اوهان جون سي دعائون،

شل ثاب پون تنهنجون سڪارن جون صدائون،

رحمت جون وسن سنڌ تي گهنگهور گهٽائون،

۽ ڪاش ٿين ديس تان هي دور بلائون،

خدمت ۾ اِهو عرض گذاري ٿو ’گدائي‘،

سرڪار ڀٽائي.

عبدالڪريم ’گدائي‘ پنهنجي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي ماروئڙن جي ڳالهه ڪئي آهي. انهن کي ظالمن جي ظلمن ۽ ڏاڍن جي ڏاڍ کان بچائڻ جو سبق ٻڌايو آهي. ڦرلٽ جي نظام کي ناڪام ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي، مايوسيءَ ۽ حالتن کان ناڪامي حاصل ڪرڻ واري شخص کي اميد جو ڏيئو ڏيکاريو آهي. سنڌ جي نسلن کي خاموش نه ويهڻ ۽ مفلسيءَ کي محنت سان ڏور ڪرڻ، هارين ۽ پورهيتن لاءِ جدوجهد ۽ طبقاتي پائي کي پاڙون پٽڻ جي واٽ ڏيکاري ويو آهي. مولانا غلام محمد گرامي سچ لکي ويو آهي ته ”سنڌي ادب جي تاريخ ۾ محترم عبدالڪريم گدائي صاحب هڪ قادر الڪلام ۽ ڪهنه مشق عوامي شاعر جي حيثيت سان نهايت مشهور ۽ مقبول شخصيت جو مالڪ آهي... هي پريو مڙس شاعر، جذبات ۽ خيالات جي لحاظ سان جوانن کان جوان آهي. سندس فن ۾ جذبات جي فراواني آهي، ولوله انگيزي آهي، انسانيت ۽ وطن سان بي پناهه محبت آهي... سندس شاعري حوصلي وارن نوجوانن لاءِ تعميري ۽ آدرشي انقلاب ۽ اصلاح جي دعوت آهي.“ مون کي محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي نوجوانن کي ٻڌيءَ ۽ اتحاد سان گڏ وطن سان بي پناهه محبت ۽ محبت جي اظهار ۾ نفرت کان پاڪ سنڌ سنوارڻ جي پيغام کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي:

سک جو ڪو سنسار بڻايون، سک جو ڪو سنسار!

گورا ڪارا سڀ خالق جا، ٻانها آهن هڪ مالڪ جا،

ڇا جي نفرت فخر وڏايون، مذهب پنهنجو پيار،

بڻايون سک جو ڪو سنسار.

هڪ ٻئي لاءِ حقارت ڇا جي؟ انسانن کان نفرت ڇا جي؟

ڪينو ساڙ ڪدورت ڇا جي؟ ڇا جو هي تڪرار؟

بڻايون سک جو ڪو سنسار.

عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شاعريءَ ۾ جيڪي انيڪ چٽ حقيقت پسنديءَ جا چٽيل ملن ٿا، تن تي تمام گهڻو لکي سگهجي ٿو ۽ ثابت ڪري سگهجي ٿو ته ’گدائي‘ جي شاعري سنڌي قوم جي لاءِ واٽ جي لاٽ ۽ سنڌي قوم سندس من جي مالا آهي. جنهن جو هڪ هڪ داڻو سراپا سون آهي. هن جي سموري شاعري پنهنجي قوم جي لاءِ رومانوي، عوامي، قومي ۽ انقلابي شعور جو آئينو آهي. عبدالڪريم ’گدائي‘ جو نثر ۽ صحافتي زندگي به سندس جيون جو هڪ اهم حصو آهن، تن تي به لکي ڪري قوم کي ٻڌائي سگهجي ٿو ته هن عاجزيءَ واري واٽ کي جهڙيءَ طرح شاعريءَ ۾ نڀائي ڏيکاريو، تهڙي طرح سندس نثر جا نمونا به اهڙا نفيس آهن، جن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. جهڙيءَ طرح عبدالڪريم ’گدائي‘ جي شعري مجموعي ”ساڻيهه جا سور“ ۾ مهان ڪوي شاعر شيخ اياز سندس شاعريءَ لاءِ لکيو هو ته ”اسان جي ادبي ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي“ تهڙيءَ ريت عبدالڪريم ’گدائي‘ جو نثر به حقيقت نگاريءَ جو چٽو ثبوت آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


عبدالڪريم گدائي

عظيم عوامي شاعر

اصغر سجاڳ

ٺل جي زرخيز زمين، مڻيادار ماڻهن جي سرزمين آهي، جنهن ڪيئي هيرا ۽ موتي پيدا ڪيا آهن. ننڍي لاڪون اسان ٻڌندا پيا اچون ته؛ ”ٺل، گل“ آهي، سوچيندو هوس ته ٺل گل ڪيئن آهي؟ آهي ته ٺ ٺڪري، ان ۾ ڪهڙي خوبي آهي، يا وري ڪجهه آهي جو اها چوڻي ايڏي مشهور آهي. ذهن ۾ سوين سوال جواب ڪندي، جڏهن شعور جي جهان ۾ پير پاتم ته ان چوڻيءَ منهنجو بار هلڪو ڪيو.ٺل گل واري چوڻيءَ خوشبو جا بند ڀڃي، دل ۽ دماغ کي تازگي ڏيندي اعلان ڪيو ته، عبدالڪريم گدائيءَ جهڙو گل ڪو ٻيو؟ اهڙو گل، ٺل کي ملي ته ٺل کي ٻيو ڇا کپي؟ ائين ٺل گل واري چوڻيءَ ڪنهن ڪومل پريءَ جي روپ ڌاري اندر جو راز پڌرو ڪيو. خوشنصيب آهي ڪريم آباد جو ڳوٺڙو، جنهن عبدالڪريم گدائي کي جنم ڏنو، اهو ڪريم آباد ڪنهن نيڪ مرد عبدالڪريم جي نالي تي اڳ جو قائم نه هجي ها ته اسان جهڙا اڌ اکريا ماڻهو، ڌُڪو هڻي چئي وجهن ها ته اهوڪريم آباد پڪ سان عبدالڪريم گدائي جي نالي تي قائم ٿيو آهي. گدائي ذات جو لاشاري هيو، ساسان وٽ لاشارين کي جت چيو ويندو آهي ۽ جتن جي پرمتڙپائي جا قصا گهڻا مشهور آهن. بجار خان لاشاري جي گهر، گدائي ڇا ڄائو، جتن جي ذات ۾ دانائي جي جوت جرڪي پئي، ٺل جي سرزمين کي فخر آهي هن عظيم انسان تي، جنهن ٺل گل واري چوڻيءَ کي نه رڳو مُهر صداقت لڳائي، پر ڪلهوڙن يا ميرن جي صاحبيءَ واري دور ۾ شڪارگاهه بڻايل ٺّلن مان اڏيل ٺُل کي، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر وڏي شهرت بخشي. انگريز مخالف جدوجهد جي عظيم ڪردار ڪامريڊ محمد امين کوسي جي ڳوٺ عزيزآباد ۽ عبدالڪريم گدائي جي ڳوٺ ڪريم آباد ۾ ٿوري دُوري آهي، ٻئي ويجها ۽ پاڙيسري ٿين، هي ٻئي نام ڪٺيا نانّو، هند سنڌ ۾ ٺل جي شهرت جو سبب بڻيا.

عبدالڪريم گدائي جو،منهنجي هنن پرجوش اکين ٻاروتڻ ۾ درشن ڪيو، منهنجي عمر ڏهاڪو سال کن ٿيندي، سال 66 يا 67 هوندو،مان اڃا پنجون پاس نه ڪيو هو،تڏهن منهنجو والد رئيس پانڌي خان دايو ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري هيو. بابا جي نوڪريءَ جي ناتي، منهنجو ٽائون ڪاميٽي ۾ اچڻ وڃڻ روز جو معمول هو. هڪ شام ڇا ڏسان ته ٽائون ڪاميٽي جي آڳر تي اسٽيج جڙيل هئي، سامهون ڪرسيون لڳل هيون، پنهنجي والد صاحب کي پنڊال ۾ گهڻو ايندي ويندي ۽ انتظامن جو جائزو وٺندي ڏٺم. والد صاحب مون کي هڪ ڪرسيءَ تي قابو ڪري، پاڻ مهمانن جي آڌر ڀاءُ ۾ مصروف ٿي ويو. شام لڙيءَ جو مهمان پهتا ته اسٽيج تان اعلان ٿيو ته مشاعرو شروع ڪري رهيا آهيون. ان وقت اڄ وانگر اسٽيج تي صدارتي پئنل جو رواج ڪونه هو. هر شاعر واري واري تي هيٺان آيو پئي ۽ شعر چئي واپس ويو پئي. ائين اعلان ٿيو ته سنڌ جو مشهور شاعر عبدالڪريم گدائي پنهنجو شعر پيش ڪرڻ اچي ٿو. مون کي ياد ناهن ته تاڙيون وڳيون ڪي نه ۽ اهو به ياد ناهي ته ڪو لائوڊ به هو يا نه، پر گرجدار آواز سو هيو، جيڪو گونجيو:

خبردار هاري جو ڀوتار آيا، پراڻا شڪاري کڻي ڄار آيا،

زندگي جو اهو پهريون شعر هيو،جيڪو منهنجي ڪنن تي پيو،منهنجي پتڪڙي ذهن، ان شعر جو وڏو ئي اثر ورتو. اها يادگار شام منهنجي دل تي گهر ڪري وئي ۽ گهر موٽندي والد صاحب کان وئي سوال ڪرائيندي ته، هي ڇا هيو، هي ڪير هئا ۽ هُو ڪير هئو؟ والد صاحب کان معلوم ٿيو ته هي مشاعرو هيو، هو شاعر هيا ۽ هُو منهنجو دوست عبدالڪريم گدائي هئو. ٽائون ڪاميٽي ٺل ۾ سيڪريٽري طور منهنجي والد صاحب جي مقرري کان اڳ چاچو گدائي به ان ئي ٽائون ڪاميٽي ۾ سيڪريٽري رهي چڪو هئو.ساڳئي اداري ۾ ملازمت جي رشتي، ٻنهي جي ياريءَ جي رشتي کي مضبوط ڪيو. گدائي صاحب ٺل ڇڏي جڏهن جيڪب آباد رهائش اختيار ڪئي ته ٺل ۾ پويان هِڪُ هئا هن جا مائٽ ۽ عزيز ۽ ٻيو هيو اسان جو والد صاحب، گدائي جڏهن به ٺل جو ڀيرو ڀڳو ته اها ئي ٽائون ڪاميٽي هن جي ٽهڪڙن جو مرڪز بڻبي هئي.

مان 69 ۾ پنجون پاس ڪري هاءِ اسڪول ۾ اچي ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ان ئي سال دل ۾ نئين دنيا جو جنم ٿيو،ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ هلي نڪتي، اسڪول جي اندران ۽ ٻاهران نوان نعرا ٻڌڻ ۾ آيا، ڪلاسن جا بائيڪاٽ ڏٺم، جلسن جلوسن جو منظر اڳيان پويان ڦريو،ذهن ۾ نئين دنيا آباد ٿي وئي. 69 ۾ تحريڪ چوٽان چوٽ ٿي، ٺل ۾ ٻاهرين شهرن، خاص ڪري جيڪب آباد کان نوجوانن جا جٿا اچڻ وڃڻ لڳا، منظم جلسن جو سلسلو شروع ٿيو، اسٽيجون جڙڻ لڳيون، پرجوش تقريرون ٿيڻ لڳيون، وري هڪ شام ڏسان ته ساڳيو عبدالڪريم گدائي اسٽيج تان جلوه گر ٿيو. جوشيلا شعر ۽ هيڏانهن نوجوانن جا هوڪرا، تاڙيون ۽ پرجوش منظر، اڙي! اهي ته ساڳيو چاچو گدائي آهي. اُهو خبردار هاريءَ وارو. دل جو عجيب عالم ٿي ويو، خوشي ڦاٽڻ لڳي، ذهن نئون موڙ ورتو، دل انقلاب طرف رجوع ٿي، اندر ۾ اٿل پٿل ۽ آنڌ مانڌ مچي ويئي:

اڃا ساز بغاوت تي مون کي ڪجهه گيت ڳائڻ ڏي

وطن جي ذري ذري کي اڃا باغي بڻائڻ ڏي

گدائي، منهنجو چاچو گدائي اسٽيج تان لٿو، مٿي اسٽيج تي نوجوانن جو جوش جاري هو. هي شهر جو وچ هو، مک چوڪ، تحريڪي نوجوانن نالو رکيو “جيئي سنڌ چوڪ”. ان چوڪ جي اولهه پاسي حاجي رسول بخش دايو جو حجامڪو دوڪان هيو، جيڪو ون يونٽ تحريڪ کان سياست جو مرڪز رهيو. چاچو گدائي اسٽيج تان لٿو ته سڌو ان دوڪان جو رخ ڪيائين. حاجي رسول بخش دايو سان هن جي شناسائي هئي، ڀرسان لالا سعادت پٺاڻ جو هوٽل هيو. ”حاجي“، گدائيءَ ٿڌا ساهه کڻي چيو؛ ”گرم چانهه ته گهراءِ“ جلسي سبب دوڪان ۾ سياسي شائق گهڻا گڏ ٿيل هئا، چاچو گدائي چاچا، ڏي ته خبر، تون پوڙهو ۽ هي جوان، هيترن جوانن ۾ تون پوڙهو ڪيئن ٿو لڳين؟ گدائيءَ وراڻيو: ڇوڪرن ۾ پوڙهو ڏسي پريشان نه ٿيو، جوش ڏسو ۽ جذبو ڏسو، منهنجي عمر پوڙهي سهي پر دل جوان آهي. سنڌ بچائڻ لاءِ پوڙهو گدائي، جوانن جي اڳيان هوندو، پويان نه. شائقين جي فرمائش تي گدائي گرم جوش ڪلام ٻڌائي واهه واهه ڪرائي.گدائي ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ جو وڏو ڪردار ٿي اڀريو، سگهو ئي هن جي شاعراڻي جدوجهد رنگ لاتو، ون يونٽ جو طوق ٽٽو ۽ سنڌ آزاديءَ جو ساهه کنيو:

يونٽ ۾ ڪين رهندي، آزاد سنڌ ٿيندي،

ساڻيهه ۾ گدائي، ساڳي بهار ايندي،

يونٽ جو بند ٽوڙيو، هٿ ظلم جا مروڙيو.

ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۾ گدائي جي شاعري،سنڌ جي نوجوانن لاءِ نرسري ثابت ٿي،وطن دوست فڪر وڌيو ويجهيو، گهر گهر جيئي سنڌ جا نعرا گونجيا. مان 73 ۾ مئٽرڪ ڪري ڪاليج ۾ قدم رکيو ته منهنجي دل جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿي چڪو هو.شاعري ۽ ادب منهنجو سبجيڪٽ ٿي ويا.استاد نور احمد دائودپوٽي جي ڪتاب گهر منهنجي شعور جي پرورش ڪئي. رسالن مان غزل، نظم ۽ وائي جون صنفون ڏسي، رديف ۽ قافيا سمجهي، شاعري جون ابتيون ثبتيون سٽون سرجڻ لڳس.ڪتابي نظرّ مون کي رستو ڏيئي شاعرن تائين پُڄايو، اياز، نياز، استاد امداد ۽ تنوير جو پتو پيم، هاڻ صحيح خبر پئي ته گدائي ڇا آهي؟وري هڪ شام گدائي جي ٺل آمد ٿي، معلوم ڪندو وٽس پهتس، جهڪي سينو ڇهيومانس: چيومانس، رئيس پانڌي خان دايي جو پٽ آهيان. هان! رڙ ڪري زور سان ڀاڪر ڀرئين چيائين؛ “تون ته منهنجو ڀائيٽو ٿئين” پوءِ ڪچهري هلي، چانهه جو دور ٿيو، پنهنجي ٽٽل ڦٽل شاعري ٻڌائيمانس، ڏاڍو خوش ٿيو، وڏي حوصلي افزائي ۽ رهنمائي ڪيائين.

چاچو عبدالڪريم گدائي ڏسڻ ۾ ڪمزور، هيڻو ۽ هڏڙين جي مُٺ، پر هَو مضبوط، اٽل، عزم جو پختو ۽ اوچو ايڏو، جيڏو هماليه جبل. عشقيه شاعري کان سندس شروعات ٿي، پهريون ڪتاب“ پيماني تي پيمانو” هيس. ون يونٽ واري شروعاتي دور ۾ قومي ۽ عوامي شاعري جا واهڙ وهايائين، سندس عشقُ، سنڌ جي عشقَ ۾ بدلجي ويو،ان ئي دور ۾ گجگوڙون ڪندڙ ڪتاب “ساڻيهه جا سور” ڇپيس. ون يونٽ جو آخري دور گدائي جي شاعري جو عروج واري دور هو، هن واري هن جي شاعري ون يونٽ سان ٽڪرائي، اها ئي شاعري 75 ۾ “پکڙا ۽ پنهور” جي نالي ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي، جيڪب آباد جي تاريخ تي ڪتاب “خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين”لکيائين، هي پنج ڪتاب هيا گدائي جو ادبي سرمايو پاڻ جيڪب آباد ۾ رهائش دوران ادب، سياست ۽ صحافت تي حاوي رهيا، اتي غالب لطيف جهڙو سيبتو ليکڪ ۽ صحافي سندس سٿ ۾ شامل ٿيو.فتاح عابد جهڙو لائق پٽ ڄڻيائين، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايي جهڙو محقق، شارح ۽ اڳتي هلي امداد اوڍو ۽ بعد ۾ يونس مهر جهڙا قابل، بيباڪ قلمڪار ۽ ادب شناس، هن جي رهنمائي ۾ اڳتي وڌيا، ٺل کان جيڪب آباد تائين جو، هن جو رهائشي سفر اڻ ٿڪ جدوجهد سان ڀريل آهي. مسڪيني ۽ غربت واري زندگي کي ڪا ميار نه ڏنائين، ڏکن ڏاکڙن سان جهيڙيندي چيائين:

سفر زندگي جو ڪٺن هو گدائي

بهر طور گذريو، گذاري ڇڏيوسين

انگريزن جي دور کان جيڪب آباد ۾ گهوڙن ۽ چوپائي مال جو مشهور ميلو لڳندو اچي،سنڌ جي اترين ضلعن ۽ بلوچستان جا سرحدي ضلعا، سبي تائين، ماڻهو ميلي مان تفريح جو وڏو مزو وٺندا رهيا آهن.هن ميلي جي اصل جان، سنڌي اردو مشاعرا  هوندا آهن. انتظام ته ضلع انتظاميا ڪندي هئي پر چاچو گدائي هنن مشاعرن جو اصل ميزبان هوندو هو.75 ۾ ٺل مان ڪجهه نوجوان سنڀري نڪتاسين، جن ۾ بشيردائودپوٽو(مرحوم)، ڪنيا لال(هند)، واحد بخش دائودپوٽو ۽ ٻيا نوجوان شامل هئا. جيڪب آباد ۾ ڪڏهن ميونسپل ته ڪڏهن ضلعي ڪائونسل هال ۾ مشاعرن جو انتظام ٿيندو هو، اسان پهتاسين ته شاعرن ۽ شائقينن سان هال ٽٻٽار هو. مان پاسو وٺي چاچي گدائي جو وڃي سلامي ٿيس، پڇيائين ٻيا ساٿي به آهن ڇا، مون چيو هائو. چيائين اڳيان ٿي ويهو. مون وارن ساٿين چيو ته حرڪت ۽ هوٽنگ ڪبي، اڳيان نٿا ويهون، وچ ۾ ويهنداسين. مون کي ڪنهن پروگرام جو اهو پهريون تجربو هو. اسٽيج تي مخدوم طالب الموليٰ، شيخ اياز، نياز همايوني، استاد بخاري، تنوير عباسي، امداد حسيني، پروانو ڀٽي ۽ ٻيا مهمان شاعر جلوه گر هئا، واهه جو درشن ٿيو. اسان داد ڏيڻ ۾ ايترو اڳتي وياسين جو پاسن کان بيٺل اهلڪار اسان کي گهوريندا رهيا.اسان ۾ بشير دائودپوٽو عمر ۾ وڏو ۽ زياده ذهين ۽ سمجُهو هو، چيائين نه بچنداسين، ڀُٽي صاحب جي ايجنسين اسان کي تاڙيو آهي، آهستي آهستي نڪري ٿا هلون. ائين اهلڪارن جي اکين ۾ سرمو وجهي، اسان سڀيئي کسڪي نڪري وياسين. پهريون ڀيرو سمجهه ۾ آيو ته انقلاب جي سياست ان جو نالو آهي ته

هيءَ رات کٽڻ تي آئي آ، باقي به گذاري وينداسين

پر ويندي ويندي سنڌڙيءَ جي هيءَ سينڌ سنواري وينداسين

منهنجي چاچي عبدالڪريم گدائي لاءِ ڪنهن جا هي لفظ ته وڏو استاد شاعر آهي، ڪُهنه مشق ۽ قادر الڪلام شاعر آهي، اهي لفظ ادبي دنيا لاءِ ڪيترائي موزون ۽ مانائتا، پر ڪنهن شاعر جي عظمت ۽ خاص طور گدائي جي عظمت کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ها هن دور جديد ۾ هنن لفظن سان گدائي جي عظمت جو بيان ٿيندو ته، گدائي دور جديد جو عظيم ترين ۽ سنڌ ديس جو بيباڪ ۽ بلندترين شاعر آهي، عوام، انقلاب، جوش، جذبن ۽ جدوجهد جو شاعر آهي. اهڙي عظيم شاعر ۷۸ ۾، ۷۸ سالن ئي ۾ اسان کان موڪلايو ته مون هڪ نظم ۾، ڪجهه ناڪام لفظن ۾ کيس هينئن ڪچي ڦڪي ڀيٽا ڏني:

تون زنده آهين، زنده رهندين، زندهه، زنده باد گدائي،

تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين، تون هردم آهين ياد گدائي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



عبدالڪريم گدائي

سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو مزاحمتي شاعر

حسيب ناياب منگي

عبدالڪريم گدائيءَ جو نالو مون لاءِ نئون نه آهي. هن جو تذڪرو مون ننڍي هوندي کان پنهنجي والد مرحوم نقش ناياب منگيءَ جي واتان ٻڌو هو. مون کي ياد آهي پاڻ ٻڌائيندا هئا ته: “گدائي صاحب کي مون جيڪب آباد ۾ مشاعرن ۾ ٻڌو ۽ ان سان رهاڻيون ڪيم. گدائي صاحب کي پڇاڙيءَ ۾ به جوان محسوس ڪيم. هن جي آواز ۾ گجگوڙ ۽ خيالن ۾ ڪمال جي بلندي هئي. گدائيءَ جي محفل به روح پرور هوندي هئي. هو مون کي پنهنجي دور جي نامور شاعرن کان تمام گهڻو مٿانهون نظر آيو”. اهڙيءَ ريت جڏهن شعور آيو ته پنهنجي گهر واري لائبريري ۾ گدائي صاحب جا اهي خط پڙهيا، جيڪي هن منهنجي والد ڏانهن تڏهن لکيا هئا، جڏهن منهنجو والد اڃان شاعري جي ميدان ۾ قدم رکي رهيو هو. هڪ وڏو شاعر جنهن فياضيءَ سان نئين اڀرندڙ شاعر کي مان ڏيئي ٿو ۽ پنهنجي لڏندڙ هٿ سان پني تي عبارت تحرير ڪري ٿو، سو ثابت ڪري ٿو ته، گدائي مرحوم بنا ڪنهن فرق جي هر ننڍي ۽ وڏي شاعر کي مان ڏيڻ وارو هو.

پنهنجي مطالعي جي آڌار تي اها خبر اٿم ته عبدالڪريم ‘گدائي‘ جا وڏا اصل شورڻ ڪڇي بلوچستان جا رهاڪو هئا. سندس خاندان جو وڏو نهال خان پنجاب جي شهر ليه ۽ اتان ٺل جي هڪ ڳوٺ ڪريم آباد کوسي ۾ اچي رهيو هو، جتي ئي کيس گدائي صاحب جو ڏاڏو محمود ڄائو هو ۽ جنهن کي وري گدائي صاحب جو والد بجار خان توڙي گدائي صاحب ۽ ان جو وڏو ڀاءُ جندو پيدا ٿيا هئا.

عبدالڪريم گدائي جي ڇٺيءَ جو نالو بگن هو، پاڻ بجار خان لاشاري جو پٽ هو. جيڪب آباد جي تعلقي ٺل واري ڳوٺ ڪريم آباد ۾ سندس جنم پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ٿيو هو.

عبدالڪريم گدائي جو والد بجار خان لاشاري، تر جي چڱي مڙس مير حسن خان کوسو وٽ ڪمدار به هو ته سندس ڪاروبار پڻ سنڀاليندو هو. تنهن پٽ جي ڄمڻ کان بعد ڳوٺ ڇڏي ٺل ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي کيس مختيارڪار آفيس ۾ ملازمت ملي. پاڻ پٽيوالو ٿي نوڪري ڪندو هو ۽ سکيو وقت گذاريندو هو.

بجار خان علم کي اهم ڄاڻندي پنهنجي پٽ کي ۱۹۰۶ع ڌاري ٺل جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اتان ئي هن پنج درجا پڙهي پاس ڪيا. ۱۹۱۱ع ۾ جيڪب آباد ميونسپل جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو. والده کي ننڍڙو عبدالڪريم تمام گهڻو پيارو هوندو هو ۽ اها وري پٽ کي پاڻ کان پري نه ڪرڻ چاهيندي هئي، مگر مسٽر وستيرام حيدرآبادي، جيڪو ان وقت ٺل ۾ مختيارڪار هو، سندس والد بجار خان تي ننڍڙي پٽ عبدالڪريم کي پڙهائڻ جو گهڻو زور رکيو هو. ۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل اسڪول سکر ۾ داخل ٿيو. پر افسوس سان مئٽرڪ پاس نه ڪري سگهيو. روهڙي جي قاضي علي رضا، جيڪب آباد جي قاضي عبدالڪبير ۽ مسٽر هيرانند خيرپوري وٽ وڃي علم جي اڃ اجهائڻ لڳو. ۱۹۱۸ع ۾ پڙهائي ڇڏي ڪري وڃي گهر پهتو، ته گهر جي خرچ ۾ والد سان هٿ ونڊرائڻ جي شوق پيدا ٿيس. مسٽر آنندرام جي ڪوششن سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪ ٿي نوڪري ڪيائين. شڪارپور ۾ رهندي گهڻي ڪم ۾ رڌل رهڻ ۽ وقت نه ملڻ ڪري اها پوسٽ آفيس واري نوڪري ڇڏي وڃي ٺل ۾ رهيو. جتي وري ۱۹۲۰ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين.

پوسٽ آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي رهڻ کان پوءِ پوليس ۾ ننڍو منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پوليس ۾ اڃان ڇهه مهينا مس جيڪب آباد ٿاڻي تي نوڪري ڪيائين دل نه لڳڻ ڪري اها به ڇڏي ڏنائين. ۱۹۲۳ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان جو ٽيوٽر مقرر ٿيو. اتي وري اتفاق سان شڪارپور ڄائو، سنڌ جو نالو وارو اديب، شاعر، ڪهاڻيڪار، استاد ۽ سنگيت جو ڄاڻو لطف الله بدوي پڻ بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. تنهن سان گڏ ئي عبدالڪريم پڻ هڪ ئي بنگلي ۾ رهندا هئا. لطف الله بدويءَ جي صحبت ۾ گدائيءَ کي به شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ هن شاعري لکڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو تخلص ‘گدائي’ رکيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۲۷ع ۾ بئراج سکر ۾ نوڪري مليس، اتان پوءِ وري هيءُ کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ ۽ ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سب ڪلارڪ ٿي رهيو ۽ سچائي توڙي ايمانداريءَ سان ملازمت جا فرائض سرانجام ڏيڻ لڳو. گهڻو وقت نوڪري تي رهڻ کانپوءِ آفيس اسٽاف مان ايس ڊي او سان اختلاف ٿي پوڻ ڪري کيس ۱۹۳۲ع ۾ نوڪري تان لاٿو ويو. محترم نياز سرڪي لکي ٿو ته؛ “نوڪريءَ تان فارغ ٿيڻ بعد گدائيءَ ۱۹۳۲ع ۾ ٺل ۾ اول ڪپڙي جو دڪان کوليو. جيڪو ٽن سالن بعد فيل ٿي ويس. ان کان بعد ۾ ٺل ۾ هوٽل به کوليائين. جيڪو پڻ نوڪرن جي نذر ٿي ويس”. (ڪينجهر گدائي نمبر ص ۱۱)

زندگي، ڏکن ۽ سکن جو نالو آهي. ڪڏهن خوشي آهي ته ڪڏهن غم. عبدالڪريم گدائيءَ جي زندگي ۾ هونءَ ته گهڻا ڏک آيا، پر ٻه ڏک وارا سال اهڙا گذريا جو وساري نه سگهيو. هڪ ۱۹۳۹ع ۾ سندس امڙ وفات ڪري وئي ۽ ۱۹۴۴ع ۾ سندس والد صاحب وفات ڪئي. اکڙين مان نير وهائي ٻنهي کي تمام گهڻو ياد ڪندو هو.

عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري سنڌ اندر رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لڳي ۽ پاڻ به مشاعرن ۾ حصو وٺڻ کان بعد گهڻو ٻڌو ٿي ويو يا سندس ڪلام مختلف راڳين ڳائي سنڌ ۽ هند ۾ کيس ايتري ته مشهوري ڏياري ڇڏي جو گدائي کي جهر جهنگ ۾ ٻڌو ٿي ويو ۽ پسند ڪيو ويو. هو غريبن ۽ مسڪينن، هارين ۽ ڏتڙيل عوام جو حقيقي ترجمان ڪري تسليم ڪيو ويو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ عشق جون ڳالهيون به ڪيون آهن ته وطن کي پڻ ساراهيو آهي. سندس ڪلام متعلق استاد بخاري جهڙو سنڌ جو عوامي شاعر لکي ٿو ته؛ “گدائي صاحب عمر رسيدو ٿي چڪو، پر سندس شاعريءَ کي ڄڻ هاڻي نئين جواني ۽ نوان امنگ پئي آيا. سندس سڀ ساٿي شاهد آهن ته هو جيئن پڻ ڏينهون ڏينهن جسماني طرح پوئتي پوندو ويو، تيئن سندس شاعري، ارادا، سوچون مضبوط ٿينديون ويون. آخر ۾ ته پيري جي ضعف سبب سندس هٿ به ٿورڙو لرزڻ لڳا هئا پر سندس فڪر نه لرزيا هئا. ادبي محفلن ۾ ڪلام پڙهڻ وقت سندس انداز، الفاظ، امنگ، اسان سڀني سان ٻٽ، ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندا هئا. کيس سڀ رفيق “جوان همت شاعر” چوندا هئا. (ڪينجهر گدائي نمبر ص ۴۴). شيخ اياز جهڙو وڏو نالي وارو شاعر لکي ٿو ته: “اسان جي شاعر گدائي ۾ معاشي حقيقت پسندي ايتري جرڪي رهي آهي، جو ڪنهن به جوهري جي جهول کي مات ڏيئي سگهي ٿي”. (ساڻيهه جا سور ص ۲ ) سائين جي ايم سيد جهڙو سياسي اڳواڻ ۽ ادبي سونهون لکي ٿو ته: “ميان عبدالڪريم گدائي سنڌ جي چوٽي جي ترقي پسند شاعرن مان آهي. هو مخلص قومي ڪارڪن ۽ سنجيده طبع، سمجهدار، حب الوطني جي جذبي سان سرشار، بي ڊپو انقلابي مجاهد آهي.” (جنب گذاريم جن سين جلد ٻيو ص ۱۰۵)

عبدالڪريم گدائي جي شاعريءَ جا مجموعا “ساڻيھه جا سور”، “پيماني تي پيمانو” ۽ “پکڙا ۽ پنهوار” ته سندس حياتي ۾ ڇپيا ۽ ايترا ته مشهور ٿيا جو گهڻو وقت مارڪيٽ ۾ دستياب ئي نه رهيا. هڪ اڌ ڪتاب تي کيس انعام پڻ مليو هو. انهن ٽنهي ڪتابن جي مواد توڙي ٻين رسالن ۾ ڇپيل سندس شاعريءَ کي وڏي محنت سان محترم نياز سرڪي ۽ محترم جاويد ساغر سهيڙيو. گدائي صاحب جو اهو شاعري جو گڏيل مجموعو “لاٽ ٻرندي رهي” جي نالي سان ۲۰۰۷ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. پر سندس ڪلام اڃان ڪٿي نه ڪٿي ٽڙيل پکڙيل موجود آهي، جيڪو ڪنهن به مجموعي ۾ شامل ٿي نه سگهيو آهي. سندس نثري ڪتاب “خانڳڙھه کان جيڪب آباد تائين” پڻ ڇپيل آهي. جيڪو جيڪب آباد جي تاريخ تي اهم ڪتاب سمجهيو وڃي ٿو. گدائي صاحب جي شاعري کان علاوه مختلف مضمون ۽ ڊرامه به لکيل آهن مگر اهي ڪتابي صورت ۾ يڪجا ٿي اچي نه سگهيا آهن.

عبدالڪريم گدائي اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا هئا. پاڻ، سنڌي ادبي سنگت هجي يا رائيٽرس گلڊ پاڪستان ۽ صحافتي يا سماجي تنظيمن سان گهڻو وابسته رهيو، گهڻن ئي قومي ۽ ادبي تحريڪن ۾ شامل ٿي پاڻ ملهايائين. اهو پڻ ياد رکڻ گهرجي ته پاڻ سياست ۾ به دلچسپي رکندو هو “خلافت تحريڪ”، “ڪانگريس”، “هاري ڪاميٽي” ۽ “نيشنل عوامي پارٽي” ۾ به شامل رهيو هو. گدائي صاحب بهترين مقرر پڻ هو، اڄ به سندس تقريرون، جيڪي ڪٿي ڪٿي محفوظ آهن، پڙهجن ٿيون ته سندس علمي گهرائي ۽ ڏاهپ توڙي فڪر کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. هن کي صحافت ۾ به خاص دلچسپي هئي جيڪب آباد جي صحافت ۾ گدائي جي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نٿو سگهجي. هو جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار: ‘المجاهد’، ‘سنڌ فرنٽيئر گزيٽ’ ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو. روزاني عبرت اخبار جي رپورٽر طور پڻ ڪم ڪيائين. سندس خبرن ۽ ايڊيٽوريلن جو ڪٽنگ فائيل جو اڄ ڏينهن تائين سامهون ته نه آيو آهي، مگر ڏسڻ جهڙو ٿي سگهي ٿو. ڪو محقق يا شاگرد ان پهلوءَ تي ڪم ڪرڻ چاهي ته اهو موضوع به ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿو.

عبدالڪريم گدائي پنهنجي عام زندگيءَ ۾ سادو، سچو ۽ مخلص رهيو. زندگي ۾ مشڪل وقت گهڻو ڏٺائين مگر ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هٿ ڦهلائڻ ۽ ڪنهن جي خوش آمد ڪرڻ کان پاسو ڪيائين، نه ڪنهن جي گلا ڪرڻ ۾ اڳرو ۽ نه ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ پيش رهيو. ننڍي وڏي جي لاءِ عزت ۽ احترام هوندو هئس. هن کي به شهري توڙي ادبي دوست “چاچو” چئي مخاطب ٿيندا هئا. گدائي صاحب جي ڪٽنب ڏانهن نظر ڪبي ته هن ٽي شاديون ڪيون هيون. پهرين گهر واري مائي صاحب خاتون ۱۹۴۰ع ۾ بنا اولاد جي گذاري وئي هئي. کيس وچينءَ گهر واريءَ ربل خاتون مان ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. سندس ٽئين گهر واري فاطمه بيگم پٽياله جي رهندڙ ۽ نيڪ خاتون هئي تنهن به گدائي صاحب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي هئي.

غربت ۽ مفلسيءَ ۾ سنڌ جي هن عظيم ڪويءَ ۽ ڏاهي پنهنجي حياتي گذاري ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي وفات ڪئي. سندس فڪر ۽ شخصيت تي بي شمار مضمون ۽ مقالا توڙي ڪتاب لکجي چڪا آهن. سندس ذڪر سنڌي ادب جي تاريخن ۽ تاريخي ادبي ڪتابن ۾ سونهري حرفن سان لکيل آهي. اها به خوش نصيبي آهي جو عبدالڪريم گدائي جهڙو بهادر ۽ زنده دل شاعر سنڌي نصاب ۾ شامل آهي ۽ شاگردن کي پڙهايو وڃي ٿو. هر سال “گدائي ميلي” جو اهتمام ٿئي ٿو جنهن ۾ موسيقي جي محفل ۽ ادبي ڪانفرنس لازمي طور ٿيندي آهي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

عبدالڪريم گدائي

سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو انقلابي، مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر

عبدالحڪيم دايو

ضَلعي جيڪب آباد ھَميشه کان وَڏيون شَخصيتون پيدا ڪيون آھن. انھن شخصيتن مان سنڌ جو عظيم ناليوارو انقلابي مزحمتي رومانوي شاعر عبدالڪريم گدائي به پڻ ھڪ آھي. عبدالڪريم گدائي سنڌ يار سنڌ پرست ۽ ھڪ عظيم انقلابي مزحمتي رومانوي شاعر ھو. سندس جي شاعري ھر طبقي جا ماڻھو پڙھن ٿا. گدائي سنڌ سان بيحد محبت ڪندو ھو.

عبدالڪريم گدائي جي والد محترم جو نالو بَجار خان لاشاري ھو. گدائي پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ڳوٺ ڪريم آباد تعلقي ٺل، ضلعي جيڪب آباد ۾ پيدا ٿيو ھو. سندس ڇٺيءَ جو نالو بَگن رکيو ويو ھو. پوءِ اسڪول جي داخلا ۾ عبدالڪريم ڪري لکيو ويو ھو.

۱۹۱۶ع ۾ جيڪب آباد مان پنج درجا انگريزي پاس ڪرڻ کان پوءِ ميونسپل اسڪول مان انگريزي ڇهون درجو پاس ڪيائين. هڪ سال مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ ۱۹۱۸ع ۾ پڙهائي ڇڏي اچي گهر پهتو ھو. جنهن جو سبب حسابن جي آزمائشي امتحان ۾ مارڪون گهٽ کڻڻ هو. اُستاد قَاضي علي رضَا روهَڙي واري پاران مَحنت ڪَرائڻ باوجود امتحان ۾ پاس نه ٿي سگهيو ھو. عبدالڪريم گدائي کي ساڳئي سال ۾ مسٽر آنَندرام جي ڪَوشش سان پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ڪلارڪي ملي ھئي. انهيءَ نوڪريءَ تان ڪم وڌيڪ هجڻ ۽ موڪل گهٽ هجڻ ڪري ۱۹۱۹ع ۾ استعيفيٰ ڏئي، ٺل ۾ اچي ۱۹۲۰ع ۾ سنڌي ورنيڪولر فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن کان پوءِ پوليس ڪانسٽيبل طور درخواست ڏنائين، ۽ کيس ڪانسٽيبل طور ننڍي منشيءَ طور ڀرتي ڪيو ويو ھو. هن ۶ مهينا جيڪب آباد ٿَاڻي ٽائون تي نوڪري ڪئي ھئي ۽ پوءِ انهيءَ کي به ڇڏي ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ ۱۹۲۳ع جي آخر ۾ ٺل جي زميندار بهادر خان کوسي جي پٽ شاهل خان کوسو جو ٽيوٽر ٿيو ھو، جٿي سَندس مُلاقاتَ نامَور اَديب لُطف الله بدويءَ سان ٿي ھئي، جيڪو بهادرپور اسڪول ۾ نائب ماستر هو. هي ٻئي هڪ بنگلي ۾ رهندا هئا، جنهن جي صحبت ۾ عبدالڪريم گدائيءَ کي به شاعريءَ جو شوق ٿي پيو ھو. پوءِ هُن شَاعري شروع ڪئي ھئي، ۽ تَخلص “گَدائي” چونڊيائين. بهادرپور ۾ ٽي سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ کيس ۱۹۲۷ع ۾ لائيڊ بئراج سکر ۾ مُلازمت مَلي ھئي، جنهن کان بعد ۾ کيس کيرٿر ڊويزن شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو واري سب ڊويزن ۾ سَب ڪلارڪ رکيو ويو ھو. پنج سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ رتيديري ڊويزن جي ايس ڊي او سان اختلاف ٿي پيو ھيس، جَنهن ڪَري ۱۹۳۲ع ۾ ٻه مهينا موڪل ورتائين. پويان ايس ڊي او رپورٽ ڪري سندس نوڪري ختم ڪرائي ڇڏي ھئي. نوڪريءَ تان فارغ ٿيڻ بعد گدائيءَ ساڳئي سال ٺل ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليو ھو، جيڪو ٽي سال هلايائين. ان کان بعد ٺل ۾ هوٽل کوليائين.

عبدالڪريم گدائي ۲۰ جولاءِ ۱۹۴۷ع کان ۲۷ آگسٽ ۱۹۴۸ع تائين سينيٽري ڪاميٽي ٺل هاڻوڪي ميونسپل ڪاميٽيءَ ۾ سيڪريٽري مقرر ٿيو. پنهنجي عزيزن سان اڻبڻت جي ڪري ۱۹۵۱ع ۾ ٺل مان لڏي وڃي جيڪب آباد ۾ رهڻ لڳو ھو، جتي پاڻ ادب، سَياسَت ۽ صحافت ۾ ڪافي سرگرم رهيو ھو. جيڪب آباد مان نڪرندڙ هفتيوار اخبارن “المُجاهد” “سنڌ فرنٽيئر گزيٽ” ۽ ٻين اخبارن جو ايڊيٽر پڻ رهيو ھو. روزاني عبرت اخبار جي رپورٽر طور پَڻ ڪَم ڪيائين. عبدالڪريم گدائي ننڍپڻ کان ئي خلافت تحريڪ کان متاثر هو. ۽ پوءِ ۱۹۳۲ع ۾ نوڪري ڇڏي وڃي ڪانگريس تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۲ع تائين ڪانگريس ڪاميٽي ٺل جو سيڪريٽري رهيو ھو. ورهاڱي کانپوءِ هارين ۽ مزدورن تي ساڳيو وڏيرڪو ظلم ڏسي ضلعي هاري ڪاميٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ھو.

عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعري ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن “ماهوار پيغام” “صداقت” “سنڌ جيڪب آباد” “زميندار” “ٽماهي مهراڻ” “هلال پاڪستان” الوحيد ۽ عبرت ۾ شايع ٿيندي رهي. هُن شاعريءَ سان گڏوگڏ نثر به لکيو ھو. ڪيترا ئي پڻ ڊراما لکيائين، جن ۾ ‘قابوس ۽ بلوامنگل’ سرفهرست شامل آهن. عبدالڪريم گدائي جا ڪتاب پڻ ڇپيل آھن. ھُن جو پھريون نَظمن جو ڪتاب “سَاڻيهھ جا سور” ۱۹۶۵ع ۾ شايع ٿيو ھو. جنھن مارڪيٽ ۾ ڌھوم مچائي ڇڏي ھئي جنھن کان بعد ۾ ‘پاڪستان رائيٽرس گلڊ’ پاران کيس ھڪ ھزار انعام ڏنو ويو ھو. ان کانپوءِ سال ۱۹۶۵ع ۾ هڪ باتصوير ڪتاب جو ‘خانڳڙھ کان جيڪب آباد تائين٫ “ضلعي جيڪب آباد جي تاريخ” ڇپيو ھو. گدائي جو ۳ٽريون ڪتاب “پيماني تي پيمانو” ۱۹۲۱ع ۾ شاعريءَ جو ڪتاب ڇپيو ھو. گدائي جو ۴ چوٿون ڪتاب فيبروري ۱۹۷۵ع ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘پکڙا ۽ پنهوار’ ڇپيو ھو. ٻَولي واري تحريڪ ۾ پڻ شامل رهيو ھو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن پاران چوٿين مارچ ۱۹۶۷ع تي نڪتل ريليءَ ۾ ٻين اديبن سان گڏ عبدالڪريم گدائي پڻ شامل هو. جنهن دوران هن نوجوان شاگردن کي ٻوليءَ بابت شعر پڙهي سندن رَت کي گرمَايو. عبدالڪريم گدائي رائيٽس گلڊ پاڪستان ۾ سرگرم ميمبر پڻ رهيو ھو. زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو ھو. جنهن سبب ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي وفات ڪئي ويو ھو. جنھن کي آلين اکين سان جيڪب جي بُخاري قَبرسَتان ۾ تدفين ڪري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. سندس ڪيترائي نظم اڄ به درسي نَصاب ۾ شَامل آهَن. عبدالڪريم گدائي سنڌ جي جاگيردارن وڏيرن کان خبردار ڪندي چوي ٿو. “خبردار ھاري جو ڀوتار آيا. راڻا شڪاري کڻي ڄار آيا.” عبدالڪريم گدائي سنڌي عوام کي گڏجي حق سچ جي مشل کي جلائڻ جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو “ساٿ ھلندو رھي لاٽ ٻرندي رھي. نوجوان ساٿيو سنڌ جا وارثو” ھُن جا اھڙا ڪافي انقلابي مزاحمتي شعر سنڌي عوام جي دلين ۾ اڄ به محفوظ آھن جيڪي سندن رھنمائي وارو ڪردار ادا ڪندا پيا اچن.

زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ مٿس فالج جو حملو ٿيو ھو. جنهن سبب ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي وفات ڪئي ويو ھو. جنھن کي آلين اکين سان جيڪب جي بُخاري قَبرسَتان ۾ تدفين ڪري مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



عبدالڪريم “گدائي” جي شاعري تي هڪ نظر

آخر ته ٿيندو ميلو محبوبن سين . . .

حسيب ناياب منگي

سنڌي شاعري ۽ عبدالڪريم “گدائي” ڪڏهن به هڪٻئي کان پري ٿيڻ جا نه آهن. جهڙي ريت سنڌي شاعري جو اوج ۽ عروج رهيو آهي تهڙي طرح عبدالڪريم “گدائي” به پنهنجي دور جو بهترين نظم ۽ غزل گو شاعر رهيو آهي. “گدائيءَ” جي ڪلام ۾ هڪ طرف پريت جا احوال ۽ پرين جون ڳالهيون ته ٻي طرف شاعريءَ جي ٻين صنفن ۾ وطن جي حب، سنڌ جي ماروئڙن جو درد توڙي نصيحت نظر اچي ٿي. سنڌ جي اڪثر شاعرن جي شاعري ۾ جهڙي طرح مجاز ئي مجاز آهي تهڙي طرح مون کي عبدالڪريم “گدائي” جي ڪلام ۾ ڌرتيءَ سان محبت ئي محبت جو پيغام گهڻو ۽ بهترين انداز سان ڪيل ملي ٿو.

عبدالڪريم “گدائي” پنهنجي زندگيءَ ۾ مفلسي ڏٺي، مشڪلاتن سان منهن ڏنائين، مونجهارن جو شڪار ٿيو، ڏک ۽ تڪليفون برداشت ڪيائين. پنهنجي دور جي ماڻهن جي طرفان بيقدريءَ جو داغ به کنيائين پر همت ۽ حوصلي جي بلندي ايتري جو ڪڏهن به نه ته ڪنهن جي آڏو وڃي سلامي ٿيو نه ئي ڪنهن جي خوشامد ڪيائين. پنهنجي ڏات وسيلي جيڪا به ڪاميابي حاصل ڪيائين سا اڄ کيس بلند مقام ڏياري رهي آهي. سنڌ جو نالي وارو شاعر سائين نياز همايوني سندس لاءِ “پکڙا ۽ پنهوار” ۾ لکي ٿو ته “هن بزرگ سنڌي شاعري کي عظمت بخشڻ لاءِ جيڪي ڪشالا ڪڍيا آهن تن جي عيوض کيس رومانوي شاعر، عوامي شاعر، قومي ۽ انقلابي شاعر جي حيثيت حاصل ٿي چڪي آهي. اهي چار ئي خصوصيتون هڪ ئي وقت ورلي ڪنهن شاعر ۾ هونديون آهن”.

وڇوڙو ويندو ورندو واءُ وصال جو،

آخر ته ٿيندو، ميلو محبوبن سين.

عبدالڪريم “گدائي” جي شاعريءَ جدت جي پيچري تي هلڻ جي پاسداري رهي آهي. هن هر دور کي نظر ۾ رکندي پنهنجي تخليقن کي سگهارو ڪري پيش ڪيو آهي. ڀلي جا عبدالڪريم “گدائي” به پراڻي روايتي داستانن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آهي پر سندس اظهار ٻين جي ڀيٽ ۾ نرالو محسوس ٿئي ٿو. مولانا غلام محمد “گرامي” سچ لکيو هو ته “گدائي سنڌ جي جديد ادب ۾ عظيم فنڪارن جو ساٿياري آهي، تاريخ سندس ان عظمت کي ڪڏهن به فراموش نٿي ڪري سگهي” (پکڙا ۽ پنهوار ص 21)

چمي چايم چاهه مان، سنگارن جو سور،

الا شال مَ وسري، مارن جو مذڪور،

سانگيئڙن جو ساهه ۾، سدا ساريان سور،

نئين سج سان اڀري، نئون هڪ ناسور،

توڻي آهن ڏور، ته به اوڏا ڀانيان سپرين.

عبدالڪريم “گدائي” جو فن داستانن جي حوالي سان ئي ماروئڙن جي ياد ۾ ڇوليون نه ٿو ماري، هو ته جاگيرداڻي نظام، هارين جي حقن جي ڦرلٽ، انسانن جي انسانن کان نفرت، ناڪامي، مايوسي ۽ پراڻين روايتن جا سماج ۾ ڇڏيل عڪس پروڙي انهن سڀني جي خلاف ٿي بيهي ٿو ۽ وڏي واڪي هر هڪ نفرت ۽ ظلم واري عمل کي نندي ٿو. هو ته پنهنجي وطن جي محافظن جي به تعريف ڪري ٿو :

اي نوجوان، سرفروش، ديس جا مجاهدو!

پڪاري ٿو وطن اچو اي ملڪ جا محافظو!

وڌي وڌي بهادرو، عدو جي سر تي وار ڪيو،

شجاعتن جا داستان جهان تي آشڪار ڪيو،

عدو جي خون سان وري زمين لاله زار ڪيو،

هجي دلين ۾ لا الله، زبان تي نعره ءِ ــــ وطن،

اوهان جي تيغ خون چڪان عدو تي هر گهڙي روان،

اوهان جي عظمتن سندو، گواهه آه آسمان،

اوهان جي عزم جي اڳيان پڪاري ڪفر الا مان.

عبدالڪريم “گدائي” جي شاعري جهڙي ريت بغاوت سان ٽمٽار آهي ۽ انقلاب جو ڏس ڏيئي ٿو، جذبات جي وهڪري ۾ اچي سماجي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿو، اُتي محنت ڪشن ۽ مزدورن کي به ياد رکي ٿو:

اٿو محنت ڪشو اڄ ملڪ ۾ جشن بهار آهي،

زمين زرخيز آهي ۽ هوا ڀي سازگار آهي.

مليو آ بعدِ مدت ملڪ کي مهندار لاثاني،

جو مزدورن جو خادم، غمزدن جو غمگسار آهي.

ڪلن ۽ ڪارخانن ۾ ٿيو آ مان محنت جو،

نه ڪوئي سيٺ آ باقي، نڪو سرمايدار آهي.

زمينداري ۽ سرداري سنديون پاڙون ويون پٽجي،

مساوات ۽ اخوت جي وطن اندر بهار آهي.

عبدالڪريم “گدائي” جنهن دور ۾ شاعري شروع ڪئي سو دور عروض جي پابندي وارو دور هو، پاڻ به سنڌي شاعريءَ جو پڪو ۽ پختو شاعر ٿيڻ لاءِ زبان جي درستگي ۽ فن جي اصولن جي پاسداري ڪرڻ لڳو. موضوعن جي افاديت کي سمجهندي جيڪي موتي سهيڙي پيش ڪري ويو آهي سي يقينن ساراهه جوڳا آهن. اهل علم کان اهل قلم تائين نقادن کان مقررن تائين عبدالڪريم “گدائي” جي معنيٰ خيز محنت محبت سان قبول ٿي چڪي آهي. هاڻي اهو وقت هلي رهيو آهي جنهن ۾ اِهو ثابت ٿي چڪو آهي ته عبدالڪريم “گدائي” سنڌي شاعريءَ ۾ سراپا سوجهرو آهي. ڌرتيءَ جي دانهن جو سگهارو آواز آهي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي واري سوچ جو بنياد آهي. عبدالڪريم “گدائي” پنهنجي شاعريءَ واري فن مطابق ظلم، ڏاڍ، زبردستيءَ، ناانصافيءَ، محروميءَ مجبوريءَ ۽ افسوس واري ماحول جو عڪس هن ريت نروار ڪري ٿو :

آهي اڇوت جي هت، حالت قياس واري!

مزدور جي ملڻ کان سرمايدار عاري!

سرمايدار شاطر! مزدور آ اياڻو!

هاريءَ جي پيٽ ۾ هت ناهي ڪو اَنُ داڻو!

مزدور جي بدن تي ڪپڙو نه آ پراڻو!

ڏاڍو سو آ گابو ! راڻي ڪٿي نه راڻو!

ظالم جو تير خنجر مظلوم تي هلي ٿو!

انسان جي لهو تي راوڻ اڃا پلي ٿو!

افسوس! اڄ اسان ۾ پهرين ريت ناهي،

نفرت ڌڪار باهم الفت جي ريت ناهي.

جيون ۾ سادگي ۽ پئسي جي نيت ناهي،

پنهنجي زبان تي اڄ الفت جو گيت ناهي.

ڌاڍ، جهالت، ڪفر، ناداني ۽ بيوسيءَ واري ماحول ۾ امن، علم، ڏاهپ، هوشياري ۽ زندگيءَ کي خوشگوار بڻائڻ جا پيغام ڏيڻ کانپوءِ عبدالڪريم “گدائي” جي ڪلام ۾ مذهبي شعر به شامل آهي جيڪو پڻ پڙهڻ جهڙو آهي:

خورشيد تاب ڇا جهلي، سرور جي روبرو.

ڪنهن کي مجال دم هڻي، دلبر جي روبرو.

مقدور ڇا جو سر کڻي، سرور جي روبرو.

ٽڪرا قمر ٿيو هو، پيغمبر جي روبرو.

هروار ۾ حضور جي، هٻڪار عنبرين!

خوشبوءَ مات، زلف ِ معنبر جي روبرو.

قيصر “گدائي” ٿو ڪري دلبر جي در سندي،

ڪسريٰ غلام، عربي پيمبر جي روبرو.

تاج بلوچ لکيو هو ته “چاچو گدائي منهنجي نظر ۾ خليل جبران واري “اڄ” جو رتبو رکي ٿو، جنهن مان انقلابي “سڀاڻي” جنم وٺندي. هو اُها خزان آهي جنهن مان ڪيئي “بهار” پيدا ٿيندا. هو اُهو سڪل پن آهي جيڪو ڌرتيءَ جي ڌوڙ سان ملي ڪيترن سڳنڌ سان ڀرپور گلن جو روپ وٺي جنم جنم ۾ پيو موٽندو. مظلومن جي ڏک، درد ۽ ڏولاون تي هن پيرسن بزرگ جيڪي لڙڪ لاڙيا آهن، انهن جي گرميءَ سان هن مظلوم ڌرتيءَ تي ٽهڪن، ها ماکيءَ جي لار جهڙن مٺڙن ۽ مڌر ٽهڪڙن جا راڄ قائم ٿيندا”. (پکڙا ۽ پنهوار ص 135)

سچ پڇو ته عبدالڪريم “گدائي” جي هيٺين ڪويتا سراپا حقيقت، مظلومن ۽ مايوس ديس واسين جي لاءِ سراسر آٿت، پنهنجي وطن سان پيار ڪرڻ جو اظهار آهي. پنهنجي ڌرتيءَ جي ماروئڙن کي ديس جو  هڪ بزرگ شاعر الفت جو پيغام هن ريت ڏيئي ٿو:

ڇو دور هلون ساٿي، هن پاپ جي بستيءَ کان،

بيدرد زماني جي، هن نفس پرستيءَ کان،

هن ظلم زبردستيءَ ۽ روح جي پستيءَ کان،

ڌرتي هي ڇڏي پنهنجي، ڇو دنيا وسايون ٻي:

ڇو دور هلون ساٿي؟

فطرت ئي ڏنو تحفو، انسان کي مستيءَ جو،

جنت ۾ پيو ٻج هو، هن نفس پرستيءَ جو،

جو ڪڻڪ جو داڻو ئي، اسباب آ هستيءَ جو،

فطرت جي تقاضا تي، ڇو سونڊ وجهون ساٿي:

ڇو دور هلون ساٿي؟

مشڪل ۾ ڀڄڻ ساٿي، ڪم ناهه وريامن جو،

هي ظلم و ستم آهي، دستور ايامن جو،

ڪنڊن ۾ رهي همدم، گهرو خير نه دامن جو،

ظالم جي مقابل ٿي، ڪنڊن سان وچڙ ساٿي:

ڇو دور هلون ساٿي؟

هن ظلم و تشدد کي، جي آهي ڀسم ڪرڻو،

سر پنهنجو تريءَ تي ئي، لاهي آ رکي ڌرڻو،

انصاف امن خاطر، بهتر آ وڙهي مرڻو،

اچ ظلم و ستم سان اڄ، هڪ جنگ ڪريون ساٿي:

ڇو دور هلون ساٿي؟

هي ظلم “گدائي” هت، قرنن کان بپا آهي،

هيڻي تي خدا ڀي هت، ڏسجي ٿو خفا آهي،

پر همت مردانه، دردن جي دوا آهي،

قسمت يا مقدر کي، ڇو ڏوهه ڏيون ساٿي:

ڇو دور هلون ساٿي؟

(نوٽ : هن مضمون ۾ جيڪو به “گدائي صاحب جو ڪلام ڏنو ويو آهي سو سندس شاعريءَ جي ڪليات ۾ به شامل ناهي)

 

(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)



عبدالڪريم “گدائي”

ڇپيل ڪتابن تي هڪ نظر

حسيب ناياب منگي

سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر عبدالڪريم “گدائي” پهرين جنوري ۱۹۰۱ع تي ٺل ۾ پيدا ٿيو ۽ ۲۸ جنوري ۱۹۷۸ع تي جيڪب آباد ۾ گذاري ويو. پنهنجي جيون جا ستهتر سال مفلسي ۾ گذاري هر دم پُراُميد نظر آيو. سندس ڏينهن ۾ نه صرف ڏاڍ ۽ جبر جي ريت عام هئي پر هر هنڌ انساني حقن جي ڦرلٽ تي به ڪو داد فرياد ٿيو ته ان کي به دٻايو ويندو هو. وڏيرڪي ماحول جي اثر هيٺ انسان هسيجي ڪري پنهنجو جيون گذاريندا هئا، اهڙي ماحول ۾ جن به ليکڪن ۽ شاعرن پنهنجي قلم وسيلي قوم کي شعور ڏيڻ، حق ۽ باطل جي فرق کي سمجهائڻ، نااميد مان پُراميد رستي ڏانهن آڻڻ جو ذمو پنهنجي سر تي کنيو تن ۾ عبدالڪريم “گدائي” به شامل آهي. جنهن بغير ڪنهن خوف جي پنهنجي حياتي گذاري ۽ ويندي ويندي به ڪو ٻارڻ ٻاري وڃڻ جي صلاح ڏني. هن حساس ماڻهن جي لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي آٿت جو ذريعو بڻايو. زندگيءَ جي هر موڙ تي ستايل ۽ آزاريل ماڻهن جي شاعريءَ وسيلي نمائندگي ڪندو رهيو. سندس قلمي پورهئي جو تعداد ايترو گهڻو ته ناهي، ها مگر هن جيترو به لکيو سو واقعي ساراهڻ جوڳو آهي.

عبدالڪريم “گدائي” جي ڇپيل ڪتابن کي حاصل ڪرڻ ۽ انهن جو مطالعو ڪرڻ ايترو آسان نه هو، ڪتابن جي ڳولا هڪ ٻن ڏينهن يا مهينن کان نه پر ڪيترن سالن کان جاري رهي، ان عرصي ۾ ڪتاب ته نه مليا پر علم ادب دوستن جا الائجي ڪيترا رويا سامهون ضرور آيا. خير! ڪافي سال اڳ جن دوستن وٽان مون کي عبدالڪريم “گدائي” جا ڇپيل ڪتاب ڏسڻ لاءِ مليا تن پنهنجي پيارن دوستن جي تعاون سان مون ڪتاب ڏٺا ۽ انهن مان ڪجهه پوائٽس نوٽ ڪري رکي ڇڏيون هيون. هاڻ انهن کي اهم ڄاڻيندي هڪ مضمون جي صورت ۾ پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو :

۱ ساڻيهه جا سُور :

سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم “گدائي” جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي جيڪو ضلع ترقياتي ائسوسيئيشن جيڪب آباد طرفان ۱۹۳۵ع ڌاري آزاد پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو انتساب شاعر پنهنجي امڙ جي نالي ڪيو آهي. شاعر عبدالڪريم “گدائي” هن ڪتاب ۾ ڄاڻائي ٿو ته “هن ڪتاب جي ڇپائي در حقيقت نومبر ۱۹۳۱ع ۾ شروع ڪئي ويئي هئي ۽ اميد اها هئي ته ڪتاب مارچ ۱۹۳۲ع ۾ مڪمل شايع ٿي ويندو. ليڪن ڪتاب جي پريس ۾ وڃڻ بعد جيڪي رنڊڪون ۽ تڪليفون پيش آيون انهن جي اپٽار ڪرڻ نهايت تڪليف ده آهي.”اڳتي هلي ڪري لکي ٿو ته “۱۹۲۲ع کان ۱۹۲۳ع تائين وارو عرصو مون ضلع جي هڪ وڏي زميندار جي ملازمت ۾ گذاريو. جتي غريب هارين نارين تي روزمره ٿيندڙ زمينداري زبردستين، بي انصافين، ڏاڍاين ۽ هاري طبقي جي مظلوميت ۽ بي وسيءَ جو مون کي عملي مشاهدو ٿيو. . . ديس جي ڪروڙين غريب هارين نارين ۽ مزدورن تي ڌارئي راڄ هيٺ ٿيندڙ بي انصافين ۽ دٻڙ دونس منهنجي دل تي نهايت گهرو اثر ڪيو ۽ آءُ گل و بلبل، رخسار و ابر واري خيالي ۽ فضول شاعريءَ کي ترڪ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويس ۽ ۱۹۲۷ع ۽ ۱۹۲۸ع کان منهنجي شاعري هڪ نئون ۽ حقيقي موڙ اختيار ڪري قومي بڻجي ويئي ”. (ص ب)

عبدالڪريم “گدائي” جي پهرين شعري مجموعي جو مهاڳ لکندي هند ۽ سنڌ جو مشهور شاعر شيخ اياز هيٺيان خيال ظاهر ڪري ٿو ته “مان فخر سان چوان ٿو ته اسان جي “گدائي” ۾ معاشي حقيقت ايترو ته جرڪي رهي آهي جو ڪنهن به جوهريءَ جي جهول کي مات ڏيئي سگهجي ٿي. گدائي، “بيوس” جو همعصر آهي ۽ جڏهن جمعيت الشعرا جا مشاعري باز شاعر قافيا ڪبوترن جئن اڏائيندا ها ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ عروض جي انڌي گهوڙي ڪل ۾ ڌوڪيندي ويندي هئي ۽ جڏهن اديب سنڌ جي بي ادبي انهيءَ حد تائين پهتي هئي جو “شراب خالص”، “آب خالص” ۽ “جلاب خالص” جهڙي قافيي ۽ رديف تي موزون طبيعتون پنا ڪارا ڪنديون هيون ۽ حواس باخته شاعر ڪنهن “ڪانو” جي تلاش ۾ هوندا ها جنهن کي اڏامندي ڪنهن به نه ڏٺو هو، جڏهن ڀنگ جي “گهڙ گهوٽ” “گهڙ گهوٽ” فاعلات فاعلات ڪندي رهندي هئي ۽ امرد پرست شاعر محبوب جي خط کي سبزي سان تشبيهه ڏيندا هئا، جڏهن ڪل ٽيهه چاليهه لفظ ۽ انهن جي ڦير گهير شاعري جي پوري ڪائنات هئي ۽ شاعر زندگي جي انڌي کوهه جا ڏيڏر ها تڏهن “بيوس” ۽ “گدائي” جهڙا باشعور شاعر هڪ نئين ادب جو بنياد رکي رهيا ها. انهيءَ ادب ۾ نه فقط فن جي فرسوده روايتن سان بغاوت هئي پر پنهنجي معاشري جو گهرو شعور ۽ ان جي اظهار جي جرئت به هئي.. . . گدائي جي شعور ۾ جو سماج جو آدرش آهي اهو “بيوس” ۾ به نه آهي. هن جو مجموعو جراح جي هڪ ميز آهي. جنهن تي ماحول ناسور زده عضوو عضوو پکڙيو پيو آهي. پنهنجي محدود تعليم جي باوجود گدائي جي ڪلام ۾ جا نظر جي وسعت ۽ زبان تي قدرت ملي ٿي اها ان جي گواهه آهي ته فن جي ڪمال لاءِ زندگي جي ڪتاب جو مطالعو ڪيترو نه ضروري آهي. . . سياست جي مَڪر ۽ فريب جي نقاب ڪشائي ڪري ٿو. سٽ سٽ ۾ هڪ زهر آلوده تير ٽٻڪي سماج جي تند تند ۾ ڇپي وڃي ٿي. هن جو ڪلام وڏيرڪي رنگ ڍنگ، ڊيل ڊول، رعب تاب جو ڪارٽون آهي ۽ ڪٿي هن جي هر سٽ ٿري ناٽ ٿري جي گولي آهي جا هن دٻڙ دونس ۽ ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول کي لڳي ٿي. جاگيرداراڻي نظام جي اندرين کوکلائپ جي اهڙي پرلطف عڪاسي شايد ئي ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر ڪئي هجي. مون کي گدائي جو ڪلام پڙهي روسي ناول نگار گوگول ۽ هسپانوي مصور گويا جي ياد ايندي آهي جن وٽ به ساڳي زهريلي طنز آهي. . . گدائيءَ جي قلبي واردات جي شاعريءَ ۾ “ڪينجهر هندورو ٿئي” واري ڪيفيت آهي. . . گدائيءَ جو ڪلام اسان جي ادبي ورثي ۾ هڪ املهه اضافو آهي”. (ص ۳، ۴ ۽ ۵)

“ساڻيهه جا سور” ڊيمي سائيز واري مجموعي ۾ هڪ اردو ڪلام سميت ۷۷ سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل نظم ۽ غزل شامل ڪيل آهن. ڪتاب جا مڪمل صفحا ۱۷۴ آهن جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ هن ڪتاب جي قيمت ۳ روپيه رکي وئي هئي. هن ڪتاب تي شاعر کي رائٽر گلڊ طرفان هڪ هزار روپيه انعام پڻ ڏنو ويو هو. هي ڪتاب ڪجهه وقت جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ايم.اي سنڌي جي ڪورس تي پڻ رکيل هو.

سور سڀن کي پاهنجو، پنهنجو پنهنجو پور.

ڪن جو عشق الله سين، ڪي مجازي منصور.

ڪوڙين ڪوڙي ڏيک تي، ورنهه ٿيا وهلور.

ڪوئي ڳولهي رات جو، سجدن منجهه سرور.

پنهونءَ ڪاڻ سسئي، ٿي روهن ۾ رنجور.

ساڻيهه تنهنجو سرور، چمي چايم چاهه مان.

هي ڪتاب مون کي پنهنجي دوست نسيم بخاري (شڪارپور) جي دارالڪتب ۾ ڏسڻ لاءِ مليو هو.

 ۲ ـــ خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين :

عبدالڪريم “گدائي” جي هيءَ نثري تحرير ۱۹۳۵ع ۾ ميونسپل جيڪب آباد جي سهڪار سان چپجي ظاهر ٿي جنهن ۾جيڪب آباد ضلع ۽ ان جا باشندا، جيڪب آباد جي تاريخ، جنرل جان جيڪب، موجوده جيڪب آباد، جيڪب آباد، پکيڙ ۽ انتظام، جيڪب آباد ميونسپل ڪاميٽي، اعليٰ ۽ ثانوي تعليمي اداره ڪنڊر گارٽن، ابتدائي تعليمي اداره، جيڪب آباد جون لائبريريون، شاهي بازار يونين لائبريري، پبلڪ هيلٿ، ريڊڪراس ڊسپينسري ۽ ويم گهر، جانورن جي علاج جا ادارا، عدالتون، بئنڪون، مختلف کاتن جا دفتر، سئنيمائون يا تفريحي اداره، جيڪب آباد جون ڏسڻ جهڙيون تاريخي جايون ۽ شيون، جيڪب آباد جون سياسي شخصيتون، جيڪب آباد جا ادبي اداره اديب ۽ شاعر، بزم ادب جي تشڪيل، انجمن فروغ ادب، سنڌي ادبي سنگت، جيڪب آباد جا مصور فنڪار، جيڪب آباد جا رانديگر، جيڪب آباد جون مسجدون، جيڪب آباد جا رهائشي هوٽل، مسافر سرائون، جيڪب آباد جا ايڊوڪيٽ ۽ وڪيل، جيڪب آباد جون اخبارون، جيڪب آباد جا عامل صحافي، جيڪب آباد جون پرنٽنگ پريس، جيڪب آباد جي گهوڙن جو ميلو، ۱۸۴۷ع کان ۱۹۳۵ع تائين جيڪب آباد جا حاڪم، اپرسنڌ فرنٽيئر جا ڊپٽي ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ جيڪب آباد جا ڊپٽي ڪمشنر جي موضوعن تي نامور شاعر پنهنجي نثر جا جوهر ڏيکاريا آهن.

هي ڪتاب جيڪب آباد جي تاريخ جي حوالي سان بنيادي معلومات فراهم ڪرڻ وارو ڪتاب آهي. جيڪو جيڪب آباد جي تاريخ کي نئين سر لکڻ لاءِ بنيادي ماخذ طور ڪم اچي سگهي ٿو. هن ڪتاب جي حوالي سان عبدالڪريم “گدائي” لکي ٿو ته “ميونسپل جيڪب آباد پنهنجي سال ۳۳ ـــ ۱۹۳۴ع جي بجيٽ ۾ جيڪب آباد شهر تي BROUCHER (ڪتابچي) لکڻ لاءِ پنج سوءُ روپين جي رقم رکي هئي. جنهن لاءِ شهر جي هڪ باشندي مسٽر پنهون عرف شاد احمد سومري ۽ راقم الحروف ٻنهي ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻنهي، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي کي درخواستون ڪيون ته رکيل رقم سندن لکيل ڪتابن لاءِ کين ڏني وڃي، ليڪن جناب صاحبزادي ظهور بابر صاحب چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ٻنهي مصنفن جي ڪتابن جي مواد ڏسڻ ۽ پاس ڪرڻ لاءِ ٻنهي مصنفن جا لکيل مسوده جناب عبدالقادر صاحب بلوچ وائيس چيئرمين ميونسپل جيڪب آباد کي موڪليا جو پاڻ به هڪ ڪهنه مشق شاعر ۽ اديب آهي ۽ هن صاحب ڪتابن جي مواد جي مطالع ڪرڻ بعد فيصلو ڏنو ته راقم الحروف جو مسودو ئي ڇپائڻ جي قابل آهي”. (ص ۱)

غالب لطيف هن ڪتاب ۾ “گدائي” صاحب جو تعارف لکندي چوي ٿو ته “گدائي زير ــ نظر ڪتاب لاءِ تدقيق ۽ تخوص کان ڪم وٺي، مختلف ڪتاب ۽ قلمي نسخا نظر مان ڪڍي، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، تاريخي واقعات جو اصل نسل پرکي، انهيءَ کي سچ جي ڪسوٽي تي لڳائي جتي المقدور ڪتاب کي جامع بنائڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو آهي. هن ڪتاب ۾ گدائي جي لکڻي اهڙي ته پياري، ڪٿي سولي ۽ عاميانه ۽ ڪٿي اوکي ۽ عالمانه آهي جو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. سندس لکڻي ۾ اهو رس موجود ۽ ميٺاج موجود آهي جو ڪنهن پوري استاد جي لکت ۾ هجي” (ص: ب)

عبدالڪريم گدائي هي ڪتاب ۱۸۵۷ع واري جهاد آزادي ۾ حصو وٺندڙن : شهيد مير دلمراد خان کوسي اول، سردار مير دريا خان جکراڻي ۽ سيد عنايت شاه جي نالي سان منسوب ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ٽيٽيهه کن تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن. هي ڪتاب مون کي پنهنجي ساٿي مشهور شاعر، اديب ۽ مترجم سومرو شبير احمد (جيڪب آباد) جي ذاتي ڪتب خاني ۾ ڏسڻ لاءِ مليو. اهڙي تعاون لاءِ آئون سندس ٿورائتو آهيان.

۳ ـــ پيماني تي پيمانو:

سنڌ جي ڀلوڙ ۽ انقلابي ڪوي عبدالڪريم گدائيءَ جي شاعريءَ جو هي ٻيو نمبر مجموعو، پيماني تي پيمانو جي نالي سان، پاڪيٽ سائيز ۾ سورٺ اشاعت گهر، اسٽيشن روڊ جيڪب آباد طرفان ۱ آگسٽ ۱۹۷۴ع تي سارنگ پريس جيڪب آباد ۽ همدرد پريس سکر مان ڇپجي ظاهر ٿيو. هن ڪتاب جو مرتب فتاح عابد لاشاري آهي، سندس مددگار محسن شيرازي هو. هن مجموعي ۾ سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم “گدائي” جي اوائلي شاعري ڏني وئي آهي. جيڪا گراموفون ذريعي رڪارڊ ٿي، مشهور ڪلاڪارن سندن ڪلام کي ڳايو ۽ اهو ڪلام ريڊيو تان نشر پڻ ٿيو. ۵۵ صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب جي قيمت ان وقت هڪ روپيو پنجاهه پئسا رکي وئي هئي.

عبدالڪريم “گدائي” جي ڪتاب جو مهاڳ لکندي قمر شهباز لکي ٿو ته “گدائيءَ جهڙا مڻيادار مڙس صدين ۾ صرف هڪ ڀيرو جنم وٺندا آهن، هو جيئندا آهن جوت بڻجي، ۽ پوءِ موت کي مات ڏئي هميشه هميشه لاءِ امر ٿي ويندا آهن. ارنيسٽ هيمنگوئي جو جڳ مشهور ڪتاب ڪراڙو ۽ سمنڊ پڙهيو گهڻو اڳ هئم، سمجهه ۾ تڏهن آيم جڏهن گدائيءَ سان گڏيس”. (ص ف)

ڪتاب جو مرتب فتاح عابد لاشاري لکي ٿو ته “ عبدالڪريم گدائي سنڌ جو عوامي شاعر آهي، سندس ابتدائي شاعري پريم رس ۽ ڳجهن ڳوڙهن تي مبني هئي . . . پيماني تي پيمانو گدائي صاحب جو ابتدائي ڪلام آهي جيڪو هن ۳۵ ورهين جي ڄمار ۾ چيو ۽ تخليق ڪيو هئو،اهو ڪلام اڄ جي مقابلي ۾ به ساڳي طرح عام فهم هئڻ سان گڏ پريم رس، محبت جي مئي ۽ وڇوڙي جي واين تي مبني آهي”. (ص ڀ)

هن ڪتاب جو ٽائيٽل ٺل جي آرٽسٽ گوبي ٺاهيو هو جڏهن ته بئڪ ٽائيٽل ڏنل مڱريي جو لکيل آهي، هن مختصر مجموعي ۾ گدائيءَ صاحب جا سرجيل بيت، ڪافيون ۽ غزل ڏنل آهن.

شيشي تي کليو شيشو، پيماني تي پيمانو،

مدهوش هتي مان ڀي، ساقي هتي مستانو.

ڪالهه رات جي محفل، جو ڪهڙو آ نشان باقي؟

خالي آ صراحي هت، پرزا هتي پيمانو! (ص ۳۲)

عبدالڪريم “گدائيءَ” جي هن ناياب تصنيف کي مون علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتگار، گهڻي پاڙهو ۽ بهترين ڪردار جي مالڪ غلام فاروق سومرو (ڪراچي) جي ذاتي پستڪ آليه ۾ ڏٺو. سندس ٿورا مڃان ٿو، جنهن استفادي لاءِ ڪتاب ڏيکاريو.

۴ ـــ پکڙا ۽ پنهوار :

عبدالڪريم “گدائي” جو هي شعري مجموعو پهرين فيبروري ۱۹۷۵ع تي ضلع ترقياتي ائسوسيئيشن جيڪب آباد پاران رزاق اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس جيڪب آباد مان شايع ٿيو. ۱۳۹ صفحن واري هن مجموعي جي قيمت ان وقت پنج روپيه رکي وئي هئي. شاعريءَ جي هن ڳٽڪي ۾ شاعر ِسنڌ عبدالڪريم “گدائي” جا تخليق ٿيل بيت، قطعا، دوها، غزل، گيت، آزاد نظم ۽ نظم ڏنا ويا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نالي واري اديب ۽ نقاد غلام محمد “گرامي” جو لکيل آهي جيڪو ستاويهن صفحن تي محيط آهي. “گرامي” صاحب لکي ٿو ته “گدائي هن دور ۾ بيشڪ سنڌ جو عوامي شاعر آهي، هن ڌرتيءَ جو شاعر آهي، هاريءَ جو شاعر آهي، مزدورن جو شاعر آهي، شاگردن جو شاعر آهي، نوجوانن جو شاعر آهي، طبقاتي ڪشمڪش ۾ پيڙيل طبقي جو شاعر آهي، جهانگين ۽ سانگين جو شاعر آهي، هن ڌرتيءَ تي آيل آپدائن جو شاعر آهي، مظلوم انسانيت جو شاعر آهي، سنڌي زبان جو شاعر آهي، سنڌي فن جو شاعر آهي ۽ عظيم شاعر آهي”. (ص ۲۳ ۽ ۲۷)

ڪتاب ۾ نالي واري شاعر ۽ اديب رشيد ڀٽي جا خيال پڻ گدائي جي فن ۽ فڪر کي سمجهڻ خاطر پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، ڀٽي صاحب ڪيڏو نه سٺو اظهار ڪيو آهي ته “چاچي گدائي جيڪي ڪجهه پنهنجي حياتيءَ ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، اهو ئي لکيو آهي. عوام جي حالتن، احساسن ۽ جذبن جي چٽي ، ايمانداريءَ ۽ خلوص واري عڪاسي چاچي گدائيءَ جي شاعريءَ جي خوبي آهي. سندس شاعريءَ جي سونهن ۽ عظمت ان ڪري دائم قائم آهي جو هو پنهنجي پنهوارن جي خوشين ۽ آرزوئن جو وڪيل آهي” (ص ۱۲۷)

سنڌ جي نالي واري شاعر، اديب ۽ نقاد تاج بلوچ جا ٻه اکر هن ڪتاب ۾ شامل آهن. لکي ٿو ته “چاچي گدائي جي شخصيت ۽ فن کي ڏسڻ سان مون کي الائي ڇو مشهور داغستاني عوامي شاعر حمزو رسول ياد پوندو آهي. جيئن حمزو رسول، پنهنجي ديس، داغستانجي سخت پهاڙن، خوبصورت پاڻيءَ جي چشمن، مندن، ماڻهن ۽ اتان جي ماحول کي پنهنجي فن ۾ چٽيندو آهي، بلڪل اهڙيءَ ريت چاچو گدائي پنهنجي فن ۾، ڏاڍي جرئت ۽ بيباڪي سان سنڌ وطن جي ماڻهن ۽ انهن جي ڪريل معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جو اپٽار ڪندو آهي. قلندر صفت ۽ فاقه مست هوندي به کيس ائين لکڻ کان ڪوبه نه روڪي سگهيو آهي نه روڪي سگهندو”. (ص ۱۳۳ ۽ ۱۳۴).

ڪتاب جي صفحي ۱۳۳ تي عبدالڪريم “گدائيءَ” کي قمر شهباز “پکڙن ۽ پنهوارن جو شاعر” سڏيو آهي. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل لکندي نياز همايوني لکي ٿو ته “هي گوندر گذاريو ڪاپڙي، درد دل جي غزل کان وٺي وطن بيت الحرم جي نظم تائين منهنجو ڄاتل سڃاتل آهي. هن پنهنجي درد کي وطن جي حب ۾ شامل ڪري جنهن صداقت جو ثبوت ڏنو آهي تنهن نعمت کان اسان جا پراڻا شاعر اڃان تائين محروم آهن”.

هن مجموعي ۾ شاعر عبدالڪريم “گدائي” لکي ٿو ته “آءُ اهو فخر محسوس ڪريان ٿو ته سنڌي هارين، مزدورن، نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي دلين ۾ آزادي جي جذبي کي جاڳائڻ ۽ منجهن پنهنجي ساڻيهه لاءِ بي پناه سڪ ۽ قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻ ۾ منهنجي شاعري جو به ڪجهه نه ڪجهه حصو ضرور آهي”. (ص ۳۰)

شاعر هن ڪتاب کي باباءِ سنڌ محترم حيدر بخش جتوئي جي نالي ارپيو آهي. ڪتاب ۾ شاعر جون ٻه تصويرون پڻ شامل ڪيل آهن.

ســائـيـن سـدائـيـن ڪــريـن مـٿـي سنڌ سڪار!

پلر جي پالوٽ ٿئي، کنوڻيون ڪن کجڪار!

دفــعــي ڪــر تــون ديس تــان ڏولاوا ڏهڪار!

لات لطيفي جي هجي جهنگلن ۾ جهونگار!

ســکــيا ســتابــا ڏسان ويـــــڙهـــــا ۽ ولــــهــــار!

پــــکــــڙا ۽ پــنــهـــوار، ســاوا ڏســـان سنڌ جا. (گدائي)

عبدالڪريم “گدائي” جو هي شعري مجموعو مون پنهنجي دوست سيد راشد علي شاهه (ٺل) جي ذاتي لائبريري ۾ ڏٺو هو. سندس ٿورا مڃان ٿو جنهن هي ڪتاب ڏيکاريو ته جيئن آئون ان متعلق ٻه اکر لکي سگهان.

وڏي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته هنن ڪتابن جا نسخا مون وٽ ڪين آهن ۽ نه ئي وري انهن مان ڪنهن هڪ جو به ڪو ٻيو ڇاپو ٿيو آهي. وڏي جس هجي نياز سرڪي ۽ جاويد ساغر کي جن عبدالڪريم “گدائي” جي ٽنهي شعري مجموعن جي مواد کي گڏ ڪري ٿورو ٻيو ڇپيل مواد شامل ڪري “لاٽ ٻرندي رهي” جي نالي سان شاعريءَ جو ڪليات روشني پبليڪشن طرفان ۲۰۰۷ع ۾ ڇپرايو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عبدالڪريم “گدائي” جو نثري ۽ نظم وارو اڻڇپيل پورهيو منظر عام تي اچڻ گهرجي.

 

(ڏھاڙي هلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۹ فيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا