; سنڌي شخصيتون: استاد محمد حنيف لاشاري

27 June, 2017

استاد محمد حنيف لاشاري


استاد محمد حنيف لاشاري
ناصر مقصود گل
ميرپورخاص لاڙ جي پڇاڙيءَ جو اهو خوبصورت خطو آهي، جتي واهوندا پنهنجا پساهه ڇڏيندا آهن. سموري سال ۾ مند ڀلي ڪهڙي به هجي، ميرپورخاص سدائين سائو ستابو پيو نظر ايندو آهي. ٿر، ريگستان، وچولي ۽ لاڙ جي گڏيل رچيل اثرن واري هيءَ مٽي بنهه زرخيز آهي، جتي ساوڪ ۽ سرسبزي يقيني طور تي فردوس جي عڪاسي پئي ڪندي آهي. جتي ميرپورخاص هوائن ۽ فضائن جي ڪري ناماچار آهي، اتي هي سرسبز ۽ شاداب علائقو باغبانيءَ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ ميرپورخاص جي باغبانيءَ جو جڏهن به حوالو ڏجي ٿو ته خاص طور تي هتان جا انب ڪا اڻ وسرندر سوغات بڻجيو وڃن ٿا. هتان جي انبن جي جنس ڀلي ڪهڙي به هجي، پر سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت سنڌ کان ٻاهرين سرحدن تائين به سانوڻ جي مند ۾ هتان جي انبن لاءِ دسترخوان ضرور پٿيربا آهن.


ميرپورخاص جي مٺڙن ۽ رسيل انبن کان به وڌيڪ رچيل، رسيلي ۽ مٺڙي آواز جي مالڪ راڳيءَ استاد محمد حنيف لاشاريءَ جو ازلي تعلق به ميرپورخاص سان آهي، جنهنجو شمار ڌرتيءَ جي چند انهن ڳاڻ ڳڻين ڪلاڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن سان سرن جي ديوي اهڙي ته ازل کان راضي رهندي آئي آهي، جو وقت جي حڪمرانن پاران به سندن ڪيل پورهئي جو وقتائتو قدر ٿيو آهي. اسان سنڌ واسين کي پنهنجي هن نمائندگي ڪلاڪار تي فخر آهي، جو تازو حڪومت طرفان کيس ’تمغه امتياز‘ سان نوازيو ويو آهي. اچو ته ان موقعي تي سندس زندگيءَ ۽ سر جي سفر تي هڪ نظر  وجھي ڏسون،
استاد محمد حنيف لاشاريءَ ميرپور خاص جي ڀرسان سنڌڙي انبن جي انبارن وچ ۾ واقع ڳوٺ شاهه بخش لاشاريءَ ۾ اٺين سيپٽمبر ۱۹۶۳ع تي محترم حاجي محمد پريل لاشاريءَ جي اڱڻ تي اکيون کوليون. سندس ڇٺيءَ جو نالو محمد حنيف رکيو ويو. نصابي حوالي سان پاڻ پرائمريءَ جا پنج درجا پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري، پنهنجي ڀرسان واري هڪ ٻئي ڳوٺ ڪاٺڙيءَ مان مڊل تائين تعليم حاصل ڪيائين، جنهن بعد مئٽرڪ توڙي انٽر ميرپورخاص مان پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان بي اي ۽ بعد ۾ ساڳئي يونيورسٽيءَ مان ايم اي (ايڪنامڪس) جا امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ پاڻ پهرين جنوري ۱۹۸۸ع کان اڄ تائين پاڪستان اسٽيل مل ڪراچي ۾ ملازمت ڪري رهيو آهي.
جيڪڏهن ائين چئجي ته استاد حنيف لاشاريءَ کي سر وارو سريلو وکر ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ورثي ۾ مليو ته ان ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سندس اصلوڪو ڳوٺ ۽  ناناڻڪو توڙي ڏاڏاڻڪو ڏيهه سهڻي سنڌ جو سهڻو شهر جيڪب آباد آهي، جتي سندس والد صاحب حاجي محمد پريل لاشاريءَ جو سئوٽ افضل فقير لاشاري رهندو هو، جيڪو  پنهنجي وقت جو صوفي راڳي پڻ هو ۽ پنهنجي انس توڙي عشق جي آڌار تي ويراڳ جو ورد ورجائيندو رهندو هو. استاد حنيف لاشاريءَ جو ننڍپڻ ۾ جڏهن به جيڪب آباد وڃڻ ٿيندو هو، تڏهن پنهنجن هڪ جيڏن توڙي هم جولين بجاءِ پنهنجي چاچي افضل فقير سان وڌيڪ ويجھو هوندو هو، جنهن سان ڪچهريون ڪندي ۽ ان جو راڳ ٻڌي سندس روح ۾ موجود راڳي به ريجھندو رهندو هو.
اڳتي هلي ۱۹۷۷ع ڌاري، جڏهن استاد حنيف لاشاري ستين درجي جو شاگرد هو، تڏهن هڪ ڀيري سندس ڳوٺ ۾ ڪا شاديءَ جي محفل منعقد ٿي، جنهن محفل ۾ ٻڌڻ جي حد تائين کيس به شريڪ ٿيڻ جو اتفاق ٿيو. پاڻ ان محفل ۾ ننڍي کنڊ جي مهان ڪلاڪار خانصاحب استاد منظور علي خان ۽ سينگار علي سليم کي روبرو ڏٺائين ۽ ٻڌائين. استاد حنيف لاشاريءَ اها محفل ڇا ٻڌي، بس! پوءِ ته استاد منظور علي خان جي شخصيت توڙي فن جو دل سان ديوانو ٿي پيو. اهڙي محفل ٻڌندي ئي استاد حنيف لاشاريءَ جي دل ۾ ان خواهش جنم ورتو ته: جيڪر  استاد منظور علي خان جهڙي عظيم ڪلاڪار جي سرپرستيءَ هيٺ سرن جي سکيا حاصل ڪجي.
موقعي کي غنيمت سمجھندي، ساڳئي محفل جي ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڻ محفل جي ميزبانن جي مهمان خاني تي استاد منظور علي خان سان ملاقات لاءِ حاضر ٿيو ۽ کيس پيرن تي هٿ رکي، ادب سان سلام ڪيائين. نئين آيل ٻالڪ ملاقيءَ جو استاد آڌرڀاءُ ڪندي، کانئس جڏهن رسمي تعارف پڇيو ته استاد حنيف لاشاريءَ پنهنجو تعارف ڪرائي، سندس خدمت ۾ راڳ ۾ رهنمائيءَ واري خواهش عرض رکي. شفيق ۽ محبتي استاد شفقت ۽ محبت سان موٽ ڏيندي جڏهن کانئس پڙهائيءَ بابت پڇيو ته جواب ۾ استاد حنيف لاشاريءَ ستين ڪلاس جي شاگرد طور پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جي جواب ۾ استاد منظور علي خان کيس في الحال ٻاراڻي عمر اڪارڻ، پڙهائي جاري رکڻ ۽ مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ بعد سکڻ لاءِ وٽس اچڻ جو فرمان صادر ڪيو.
ان وقت استاد حنيف لاشاريءَ پنهنجي استاد جي پهرين فرمان کي اکين تي رکي واپس ڳوٺ ڀيڙو ته ٿيو، پر سندس اندر ۾ موجود ڪلاڪار وري کيس پنهنجي ڏاڏاڻڪي ڏيهه جيڪب آباد وٺي آيو، جتي پنهنجي چاچي افضل فقير جي ڄاڻ سڃاڻ سان جيڪب آباد جي سگھاري سنگيتڪار استاد بچل خان ٻرڙي جي دروازي تي دل سان دستڪ ڏيئي، سرن جي صدا ڏنائين ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ راڳ جون رمزون پروڙڻ شروع ڪيائين. استاد حنيف لاشاريءَ جيڪب آباد ۾ رهڻ دؤران سکڻ کي پنهنجو مقصد سمجھندي ڏينهن رات کوجنا واري عمل مان گذرندو رهيو ۽ سندس نصابي تعليم وارو سلسلو به جاري رهيو. سکڻ جي حوالي سان پاڻ استاد بچل خان ٻرڙي جي اجازت سان ئي سنڌ توڙي بلوچستان جي تمام قدآور ڪلاڪار خانصاحب استاد ارباب علي خان کوسي جي رهنمائيءَ ۾ رهي وٽانئس به ڪافي ڪجھه پرايائين.
استاد حنيف لاشاريءَ راڳ سکڻ سان گڏوگڏ هوڏانهن تعليمي سلسلو به جاري رکندي، ۱۹۸۰ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، جڏهن پنهنجي روحاني استاد خانصاحب منظور علي خان جي حڪم مطابق سندس خدمت ۾ ٻيهر حاضري ڀرڻ جي تياري ئي ڪري رهيو هو ته سنڌ جو سدا سريلو ڪلا ڌڻي خانصاحب استاد منظور علي خان ۰۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ع تي ابدي آرام ماڻي حق سان وڃي هڪ ٿيو، ان صدمي موسيقيءَ جي مڙني مداحن سان گڏوگڏ استاد حنيف لاشاريءَ کي به ڏکارو ۽ مايوس ڪري ڇڏيو. مايوسيءَ جي ان عالم ۾ پنهنجي روحاني استاد سان عقيدت جو اظهار ڪندي، سندس يادن کي زندهه رکڻ واسطي ريڊيو ٻڌڻ طرف راغب ٿيو ۽ ان دؤران ريڊيو تي خانصاحب استاد منظور علي خان جا ڳايل يادگار اسم پوري چاهه سان ٻڌندو رهندو هو. استاد حنيف جي هردي ۾ استاد منظور علي خان سان محبت ۽ سڪ ايتري ته سرس ٿي چڪي هئي، جو جڏهن به استاد منظور علي خان جو آواز ريڊيو تي هلندي ٻڌندو هو ته سرير جي سماعتن سان پري کان سمجھي ويندو هو ته هي آواز استاد منظور علي خان جو ئي آهي.
اهڙي ئي نموني هڪ ڀيري پاڻ ريڊيو تي هلندڙ هڪ آواز کي استاد منظور علي خان جو آواز سمجھي ٻڌي رهيو هو ته ڪلام ختم ٿيڻ کانپوءِ جڏهن ان ڪلاڪار جو نالو ٻڌائين ته اهو استاد منظور علي خان جو نه پر سندس ئي شاگرد خانصاحب استاد گلزار علي خان جو آواز هو. استاد حنيف لاشاريءَ ريڊيو تي پهريون ڀيرو استاد گلزار علي خان جو آواز ڇا ٻڌو!  کيس پنهنجون نراسايون اميدن ۾ مٽجندي ۽ اداسيون ارادن ۾ تبديل ٿيندي نظر آيون. جيتوڻيڪ استاد حنيف لاشاريءَ، استاد گلزار علي خان کي ريڊيو تي ٻڌو هو، باوجود ان جي ساڻس ملڻ جي جستجو ۽ اندر جا ارمان سيني ۾ سانڍي لاڙڪاڻي طرف راهي ٿيو ۽ پنڌ پڇائيندو لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد محلي ۾ استاد گلزار علي خان جو آشيانو ڳولهي لڌائين ۽ سندس سامهون ڪلا جي ڪيميا واسطي پنهنجي قلب جو ڪشڪول ڊگھيڙي، سرن جي سين هنيائين. پهريان ته استاد گلزار علي خان هڪ نيڪ نيت شاگرد جي آجيان ڪري، ساڻس حالي احوالي ٿيو، بعد ۾ سندس اڳوڻن استادن ۾ استاد ارباب علي خان کوسي ۽ استاد بچل خان ٻرڙي جن جا سگھارا نالا ٻڌائين ته جواب ۾ کيس انهن استادن کان  ئي ڪلا جا قاعده سکڻ وارو عمل جاري رکڻ جي سهڻي صلاح ڏنائين.
اهڙي صلاح ملڻ کانپوءِ استاد حنيف لاشاري پهريون ڀيرو ته هڪ عظيم استاد وٽان هٿين خالي واپس وريو، پر پنهنجي اندر جي اميدن کي آٿت ڏيئي، عقيدتن جا انبار سانڍي، وقت بوقت ڪشالا ڪاٽي، برهه ۾ بلبل بڻجي، گلزار جو واس وٺڻ واسطي، ميرپورخاص کان لاڙڪاڻي ضرور ويندو هو، بلڪل پنهنجي استاد جي ڳايل هڪ ڪافيءَ وانگي ته:
تون آن باغ حسن جو گل گل گل
اسان واس وٺڻ لئه هون بلبل
آخرڪار استاد حنيف لاشاريءَ پاران ڪيل قربائتن ڪشالن جو قدر ٿيو ۽ استاد گلزار علي خان پنهنجي استاديءَ واري تجربيڪار اک سان استاد حنيف لاشاريءَ ۾ سر، گر، ادب داري ۽ مرادونديءَ جا لڪل گوهر پسندي سندس پريت جي پنڌن کي مان ڏنو ۽ پنهنجي استاديءَ ۾ آڻي، پنهنجن شانائتن شاگرن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. استاد حنيف لاشاري، استاد گلزار علي خان جي شفقتن ڀرئي سعيي ۾ سندس وفات ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع تائين رهيو، ان دؤران هن استاد جي صحبت ۽ شفقت ۾ رهي، ادب، مراد، نياز ۽ نوڙت سان سندس دل به کٽي ورتي ۽ مسلسل رياض ۽ محنت ڪري ايترو ڪجھه پرايو، جو اڄ استاد گلزار علي خان جي کوڙ سارن شاگردن مان استاد حنيف لاشاريءَ جو نالو اوليت سان ورتو ويندو آهي.
استاد گلزار علي خان جي وفات پڄاڻان به استاد حنيف لاشاريءَ پاڻ کي اڪيلو، اڻپورو ۽ نامڪمل محسوس ڪيو ۽ سنگيت جي سمنڊ کي اونهو ۽ عميق ڄاڻندي، سنڌ جي سدا سريلن سنگيتڪارن استاد محمد يوسف ۽ خانصاحب استاد فتح علي خان جن کي سونهون سمجھي سندن صحبت ۽ شفقت ۾ رهي به ڪافي استفادو ماڻيائين. پاڻ ڪيترو ئي وقت استاد محمد يوسف جي ڇپر ڇانوَ هيٺ رهيو، جڏهن ته دؤر حاضر تائين خانصاحب استاد فتح علي خان جي صحبت ۽ سرپرستيءَ ۾ پنهنجي سرن کي وڌيڪ سنواري رهيو آهي.
حقيقت جي اک سان ڏٺو وڃي ته بنيادي طور تي عوامي محفلون، شادين مرادين توڙي بزرگن جي ساليانن ميلن ملاکڙن جون اسٽيجون ئي هڪ راڳيءَ لاءِ شهرت جو ذريعو هونديون آهن ۽ اهي عوامي ميڙاڪا ئي هوندا آهن، جيڪي هڪ ڏاڪڻ جو ڪردار ادا ڪندي هڪ راڳيءَ کي اڳتي هلي ابلاغي ادارن تائين رسائيندا آهن. ساڳئيءَ ريت استاد حنيف لاشاريءَ به پنهنجي سر جي سفر جي شروعات عوامي محفلن ۽ ميڙاڪن جي اسٽيجن کان ڪئي. جنهن بعد ۱۹۸۳ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي سينٽر کان پنهنجي برقي ابلاغElectronic media  جي سفر جي شروعات ڪيائين، جتي نامياري پروڊيوسر ۽ هدايتڪار اعجاز عليم عقيليءَ پهريون ڀيرو سگھڙن ۽ لوڪ ادب جي پارکن جي مقبول ترين سنڌي پروگرام ’ڪچهريءَ‘ ۾ کيس موقعو ڏئي متعارف ڪرايو. ان کانپوءِ پاڻ پرک، مهڪار، سنڌ سينگار، سوجھرو سميت پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ موسيقيءَ جي اٽڪل مڙني سنڌي پروگرامن سان گڏوگڏ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي مقبول اردو پروگرام ’راگ رنگ‘ ۾ به پنهنجو فن اظهاري چڪو آهي.
ان کانپوءِ پاڻ برقي ابلاغ جي مضبوط ترين وسيلي ريڊيو جي دنيا ۾ ۱۹۹۷ع ڌاري قدم رکيائين ۽ سڀ کان اول ريڊيو خيرپور تي آڊيشن ڏيئي سوڀارو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ تڏهونڪي اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد الله بخش شاهه بخاريءَ کيس اپرووڊ آرٽسٽ طور سندس آواز کي ريڊيائي لهرن تان متعارف ڪرايو. ريڊيو پاڪستان جي ميدان ۾ پاڻ ايتريون ته لاڀائتيون فني خدمتون سر انجام ڏنيون اٿائين، جو سال ۲۰۱۰ع ۾ سندس فني خدمتن جو قدر ڪندي، اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت پاران کيس ريڊيو جيOut Standing Category Artist جو درجو عطا ڪيو ويو، جيڪو منصب اڄ ڏينهن تائين آڱرين تي ڳڻڻ جيترن فنڪارن جي حصي ۾ آيو آهي.
استاد حنيف لاشاريءَ جو شمار سنڌي موسيقيءَ جي انهن ڳاڻ ڳڻين ڪلاڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن قدامت کان جدت تائين، موسيقيءَ ۾ مروج اٽڪل سڀني صنفن جهڙوڪ: خيال، ٺمريءَ، گيت، تراني، غزل، ڪافيءَ ۽ لوڪ توڙي قومي گيتَ کي پڻ نهايت سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي. سندس چونڊيل شاعريءَ جو معيار به اعلى درجي جو رهيو آهي ۽ پاڻ عارفاڻي توڙي جديد ڪلام کي ڪلاسيڪل رنگ ۾ ڳائڻ جا به ڪيترائي ڪامياب ۽ نت نوان تجربا پڻ ڪيا اٿائين، اڪثر محفلن ۾ سندس ڳايل ڪلاسيڪل اسم ڪافي مقبول ٿيندا رهيا آهن، سندس ڳايل انهن ڪلامن جي وچ ۾ تمام سهڻي انداز سان سريلا آلاپ، تانون ۽ پلٽا سندس گائيڪيءَ جي انداز کي ڪافي شانائتو ۽ منفرد بڻائي ڇڏيندا آهن.
استاد حنيف لاشاريءَ کي سندس زندگيءَ جي فني خدمتن جي موٽ ۾ عوام جي محبتن، مڃتا ۽ تازو ۲۳ مارچ تي مليل ’صدارتي ايوارڊ براءِ تمغه امتياز‘ ملڻ کانسواءِ ۱۹۹۵ع ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ پاران ’ استاد منظور علي خان ايوارڊ‘، ۲۰۰۶ع ۾ ’استاد وحيد علي خان ايوارڊ‘، ۲۰۰۷ع ۾ ’شاهه لطيف ايوارڊ‘، ۲۰۰۸ع ۾ ’قلندر شهباز ايوارڊ‘، ۲۰۱۳ع ۾ ’سچل سرمست ايوارڊ‘، ۲۰۰۷ع ۾ ’ڪي ٽي اين ايوارڊ‘، ۲۰۱۲ع ۾ ’سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ‘ سميت ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. ان کان علاوه تازو ڪراچيءَ ۾ ‘انيس انصاري اڪيڊمي‘ پاران سندس رهاڻ رچائي، سندس فني خدمتن کي هڪ يادگار مڃتا ڏني ويئي. پاڻ پنهنجي فني زندگيءَ ۾ پوري ملڪ کان علاوه ۱۹۹۷ع ۾ سينگاپور جو دؤرو پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ آمريڪا، لنڊن، هندستان ۽ ڪئناڊا جي سرڪاري دؤرن لاءِ مليل ڪانڍ باوجود پنهنجي ذاتي مجبورين سبب انهن دعوتن کي نظر انداز ڪرڻو پئجي ويس.
استاد محمد حنيف لاشاري، سنڌي موسيقيءَ ۾ گواليار گھراڻي جي ڏسيل پنڌ جو پانڌي هئڻ جي ناتي سان سنڌي روايتي گائيڪيءَ جو اهو اهم ۽ سريلو ڪلاڪار آهي، جنهن هن وقت تائين جيڪو ڪجھه سنڌي سنگيت کي ڏنو آهي، اهو يقيناً قدر لائق آهي. شال استاد حنيف لاشاري سالم صحت سميت ڊگھي ڄمار جيئي ۽ پنهنجي آواز، آلاپ توڙي انداز سان پوري سنڌ سان گڏ سموري سنسار کي سيراب ڪندو رهي - آمين!


محمد حنيف لاشاري
سنڌي موسيقيءَ کي بچائيندڙ راڳي
آغا سعيد
ڪائنات ۽ موسيقيءَ جو وجود هڪ ئي پل پهر ۾ ٿيو، پوري نيچر ۾ هڪ رڌم ۽ موسيقيت شامل آهي، وڻن مان لڳندڙ هوائن، بارشن، آبشارن، دريائن، سمنڊن، پکين جي ٻوليءَ ۽ ماءُ جي لوليءَ ۾ به موسيقيت سمايل آهي، نيچر ۾ ترتيب آهي ان جو واحد مثال اهو آهي ته موسيقي جي سڄي دنيا ۾ ست سُر آهن، ست ڪارڊ ئي آهن، فرق فقط ملڪن، خطن، ٻوليءَ، مزاج ۽ لهجن جو آهي.
جيئن ته ڪلاسيڪل موسيقيءَ جو هڪ وڏو ڪنواس آهي، پر اڄ مان مختصر سنڌ ۾ ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۽ خاص طور گواليار گهراڻي سُرن جي سخا جيڪا سنڌ ۾ ڪئي ان جو ذڪر، هن گهراڻي جو شاگرد، تان سين، پڻ هو، ميرن جي زماني واري حڪومت ۾ جڏهن سنڌ جو سرحدون ملتان تائين هونديون هيون، تڏهن گرداس پور انڊيا به برصغير مان ڪافي گويا سنڌ ۾ آيا، جن مان چند جن سنڌ ۾ پنهنجو سڪو ڄمايو انهن ۾ حادو خان، حتو خان پڻ هيو، وري به مختصر ڪندي ذڪر ڪندس ته شڪارپور ۾ رهندڙ گواليار جي چند انهن نالن جو جن جو  سنڌي ڪلاسيڪل موسيقيءَ کان ڪافي ڪلاڪن تائين وڏو سلسلو آهي، انهن نالن ۾ استاد احمد خان ۽ استاد محمد خان، استاد احمد خان جو پٽ گامڻ خان ۽ استاد محمد خان جو پٽ استاد جمال خان جمالو ۽ ان جو پٽ سنڌ ۽ دنيا جي موسيقيءَ جو وڏو نانءُ استاد منظور علي خان جو آهي، جنهن جو وڏو ڪنٽريبوشن اهو رهيو ته هن ڪلاسيڪل موسيقيءَ کي درٻارن ۽ محلاتن مان ڪڍي ان کي ڳوٺن وستين واهڻن، پٽن ۽ حڪمرانن جو اليلي دوشيزه بڻائڻ واري رستي تان پري ڪري آيو. استاد منظور علي خان ۱۹۲۰ ڌاري شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو.
جمالو خان سخت طبيعت جو هو ته جنهن ڪري چوندا هيا ته سندس وفات کانپوءِ ڄڻ راڳ ۾ اوندھ اچي هئي. ”ٽپو“ استاد جمال خان جي مشهور ڪلاسيڪل موسيقي حنيف هئي، جنهن جو هو جڏهن ڪو به راڳ آلاپيندو هو ته ان جي وقت موڊ، وادي، سم وادي شرم آڏو ۽ کاڏو، سَچوِ جون وضاحتون ڪندي خيال، ٺهري، ٻلهڻ کان ڌاڌري ۾ اچڻ وارين مرڪن منڊن، نوٽسن ، تانن، سافن جو تفصيلي ذڪر ڪري وري ان کي ڳائي به ڏيکاريندو هو ته جيئن راڳ ٻڌڻ ۽ سکڻ واري کي آساني ٿئي، پوءِ ڀٽائي جي بيت جي هن سٽن وانگر ته
ڇورين ڇرڻ سکيو، پنهون ڪيائون پور
استاد منظور علي خان جا شاگرد سندس سُرن جي سخا مان سنڌ جا گيت ڳائڻ وارا پيدا ٿيا، خاص طور استاد محمد يوسف وحيد علي ۽ خاص طور استاد گلزار علي خان.
اڄ جنهن سُرن جي سُرت ۽ ساڃاهه رکندڙ سنڌ جي ان البيلي ڪلاڪار کي انيس انصاري اڪيڊمي پنهنجو شاندار روايتون قائم ڪندي اڄ جي محفل موسيقي ۾ سُرن جي ورکا ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي، ان جي باري ۾ ڪي عڪس آهن، جيڪي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو ميرپورخاص جي هڪ ڳوٺ شساهه بخش لاشاريءَ ۾ شاديءَ ۾ ڳائڻ سانگي استاد منظور علي خان ايندو هو ته هڪ صغير جنهن ۾ سُرن کي سمجهڻ جي فطري  سگهه هئي هن استاد کي ڳائيندي ڏٺو ۽ ٻڌو استاد جنهن تانپور، سرمنڊ، بابي، سارنگي، طبلي، ۽ ڍولڪ کي ملائڻ واري وقت کان وڏي راڳ جي ڇيڙ ڪري مورڪن مينڍن تانن تائين کي وکيريندو هيو ته ... ...  محسوس ڪندو هو ته ڄڻ ڳوٺ جون گهٽيون ٻنيون ٻارا جهمڻ لڳندا هئا ۽ هو سُر جي ان دنيا ۾ پاڻ ڳولهڻ لڳو، ۽ درجي ۾ هو ته سندس چاچي بهرام خان وسيلي استاد منظور علي خان ڪنهن محفل سانگي سندس ڳوٺ آيو ته ان اتي استاد سان مختصر ملاقات ڪئي ۽ سندس چاچي استاد منظور علي خان کي چيو ته سائين هن کي راڳ سيکاريو. ان وچ ۾ اهو نينگر استاد جون ڪافيون، ڪلام تانون بي ترتيب ڳائيندو رهندو هو، اسڪول ايندي ويندي ڳوٺ جي گهٽين ۾ ڳائيندي، پر استاد منظور علي خان چيو ته مئٽرڪ پاس ڪري پوءِ منهنجي شاگرديءَ ۾ اچي. هن جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ان کانپوءِ اهو ۹ سيپٽمبر ۱۹۸۰ جو ڏينهن هو جڏهن ريڊيو تي هڪ خبر هلي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو  ته استاد منظور علي گذاري ويو.
نينگر  بي ستو ٿي پيو پر همت نه هاريائين جيڪب آباد هن جو اصلي ڳوٺ هو ميرپورخاص ۾ رهڻ ڪري هو جڏهن ناناڻن ۾ جيڪب آباد ايندو هيو ته سندس شناسائي ۱۹۸۷ ڌاري سنڌ جي نامور گائڪ استاد بچل خان ٻرڙي سان ٿي ۽ سندس شاگرديءَ ۾ آيو، ان وقت استاد ارباب علي خان پڻ جيڪب آباد ۾ رهندو هو ان کان به ڪافي پرايو ۽ ڪجهه سکيائين.
وقت جو چرخو ڦرندو رهيو ته اچانڪ هنن جي سماعتن تائين هڪ اهڙو آواز پهتو جنهن ۾ هن کي استاد منظور علي خان جي صورت نظر آئي، استاد گلزار علي خان جيڪو ڪلاسيڪل حوالي سان استاد منظور علي خان جي انگ ۽ رنگ ۾ ڳائيندو هو. پوءِ  پنهنجي استاد محمد بچل خان ٻرڙي کان ادب سان موڪلائي هن لاڙڪاڻي وڃي استاد گلزار علي خان جي گهر ۽ در تي هن ڪيتريون گرميون سرديون سهندي نيٺ شاگردي اختيار ڪئي، پوءِ ايئن ٿيو جو هو وڌي وڻ ٿيو، هن کي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جا ۱۰ ئي سئو ٺاٺ سمجهه ۾ اچڻ لڳا، ۳۶۰ سال ۽ ۶۳ ٺيڪن کي سمجهڻ جي سگهه به آيس، جنهن کي سمجهندي هن ڪجهه راڳ ڳايا، هن کي ڪافي انگن جي آلاپن فڪرن، جي ڄاڻ حاصل ڪئي. هُن نينگر نه فقط پنهنجي استادن جي انگ ۽ رنگ کي ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر پنهنجي سڃاڻپ به برقرار رکندي هو  سنڌ ۾ سڃاتو ويو ۽ اڄ اسان جي محفل ۾ موجود آهي، منهنجو اوهانجو ۽ پوري سنڌ جو استاد محمد حنيف لاشاري.
استاد محمد حنيف لاشاري استادن جي اسلوبن جي پيروي ڪندي ڳائڻ جا اهي انگ به برقرار رکيا پر پنهنجي حوالي سان به راڳن جي صلاب تانن جي ونڊ ڪندي به پنهنجون ڪافي خوبصورت، خيال، غزل، بندشون، به سنڌ کي ڏنيون.
۽ مان ڪمايو جو هن سان منهنجي دوستي به ۱۹۸۴ واري دوري سنڌ ۾ وائينر گروپ پنهنجو سنڌ ۽ پنجاب جي ادبي لڏي ۾ خاص طور مشهور ٿيو جنهن ۾ سائين بيدل مسرور، شاهد ڀٽو ، پرويز سومرو ۽ ٻين دوستن سان گڏ سيد خاندان جون ٽي نياڻو ۽ شڪيلا شاهه، فرزانه شاهه ۽ تحسيلا شاھ شامل هيا، سو ان ۾ ڳائڻ جي حوالي سان ليڊنگ رورل استاد محمد حنيف لاشاري جو هئو، جنهن جي آڊيو ڪيسٽ ۱۹۸۸ ڌاري مارڪيٽ ۾ آئي جنهن جي ڪمپيئرنگ مرتضيٰ سولنگي ۽  هوري نورانيءَ ڪئي.
جڏهن هن باقائده ڳائڻ جو هنر سکي ورتو ته ۱۵-۱۴ ايوارڊ سان گڏ، سچل، شهباز ۽ ڀٽائيءَ ايوارڊ به ماڻيا ۽ ۱۴ آگسٽ ۲۰۱۶ تي برائڊ آف پرفامنس لاءِ نامز ڪيو ويو جيڪو ايوارڊ ۲۳ مارچ تي ۲۰۱۷ تي کيس راڳ جي خدمتن سان مليو ۽ هڪ ڳالهه هن جي هن جي حوالي سان ڪندو هلان ته استاد حنيف سائين جو استاد گلزار علي خان ۲۲ سيپمٽبر ۱۹۹۲ ۾ جڏهن گذاري ويو ته ان کان ٺيڪ هڪ سال پوءِ ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۹۳ تي سندس پٽ جي پيدائش تي جنهن جو نالو گلزار خان رکيو. ائين هن پنهنجي استاد کي پاڻ سان گڏ رکيو آهي، جيڪو اڄ به ساڻس گڏ آهي.

استاد حنيف لاشاري
نامياري ڪلاسيڪل راڳي سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو: جميل چانڊيو
حنيف لاشاري جو تعلق سنڌ جي انتهائي غريب ۽ هاري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، سندس اباڻو ڳوٺ ميرپور خاص لڳ شاهه بخش لاشاري سان آهي، جتي ان بنيادي تعليم پرائي، حنيف لاشاري جو فن ڏانهن ننڍپڻ کان لاڙو هو ۽ هو اڪثر شادي ۽ خوشي جي تقريبن ۽ محفلن ۾ استاد منظور علي خان کي انتهائي دلچسپي ۽ عقيدت مان ٻڌندو هو، حنيف لاشاري ۽ سندس خاندان مان ان کان اڳ ڪوبه فرد فن طرف مائل نه ٿيو، حنيف لاشاري جي دلچسپي وقت سان فن طرف وڌنڌي رهي ۽ هڪ وقت اهو آيو جنهن سنڌ جي هن نوجوان پنهنجي تدريسي عمل کان وڌيڪ فن ڏانهن ڌيان ڏياريو ۽ باضابطا طور تي پنهنجي ناناڙڪي ڳوٺ شهر جيڪب آباد ۾ فن جي دنيا جي هڪ ناليوار استاد بچل خان ٻرڙو ۽ استاد ارباب خان کوسو جي شاگردي ۾ آيو.
راڳ رنگ جي هن سفر ۾ محمد حنيف لاشاري ۸۰ جي ڏهاڪي کان شروعات ڪئي جيڪو ڳچ سال هلڻ بعد فن جي دنيا ۾ نالو ڪمائيندڙ استاد گلزار علي خان وٽ لاڙڪاڻي ۾ پهتو، جتي استاد گلزار علي خان جي حياتي تائين راڳ جي سکيا لاءِ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ گذاريو، حنيف لاشاري  فن جي هن سفر ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خوشي، شادين، محفلن، تقريبن ۽ قومي ڪاڄن ۾ هڪ نئين نالي سان اڀري آيو، سندس چوڻ آهي ته ڪلاسيڪل راڳ سمورين صنفن جنهن ۾ خيال جي گائڪي، ٽپو، ٺمري، دادرو ۽ لائٽ ميوزڪ ۾ غزل، گيت، ڪافي ۾ هڪ الڳ نالو ڪمايو ۽ سنڌ جي نوجوانن ۾ خاص طور تي هن فن ذريعي پذيرائي حاصل ڪئي،
حنيف لاشاريءَ، استاد گلزار علي خان جي وفات بعد پنهنجي فن جو سکيا ۽ استاد گهراڻي سان وابسطا استاد فتح علي خان، وحيد علي خان ۽ استاد محمد يوسف سان وابسطا رهيو ۽ هن سنڌ ۾ ڪيترائي ناليوارا شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ واحد لاشاري، شهنيلا علي، ڪوثر ماروي، طارق چانڊيو، ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو، مراد ٻرڙو، آصف چارڻ، محمد موريل ۽ ٻيا شامل آهن، حنيف لاشاري ملير جي گلشن حديد واري علائقي ۾ پنهنجي مستقل رهائش رکي جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ پنهنجي فن جون خدمتون بغير ڪنهن لوڀ لالچ ۾ سرانجام ڏيڻ جو سلسلو اڄ به جاري آهي، هن علائقي ۾ راڳ جي واڌ ويجهو لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو جيڪو استاد گلزار علي خان ميوزڪ آڪيڊمي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جتي وڏي انگ ۾ اڄ راڳ جا شاگرد فن جو علم پرائي رهيا آهن، جڏهن ته سندس ننڍو ڀاءُ واحد لاشاري سنڌ جي پهرين صف جي فنڪارن ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جڏهن ته حنيف لاشاري جا فرزند گلزار علي خان ۽ محمد انيس لاشاري تعليم کان علاوه فن واري شاگردي واري عمل ۾ پنهنجي پيءُ سان ڀاڱي ڀائيوار آهن، استاد حنيف لاشاري جيئن ته انتهائي سادگي ۽ سٻاجهڙي طبيعت جو مالڪ آهي، جنهن کي حڪمرانن وٽ جي حضوري نه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ميڊيا به سندس ٿيل زيادتين تي خاموشي اختيار ڪئي آهي.
محمد حنيف لاشاري صدارتي ايوارڊ يافتا سان گڏوگڏ لطيف، سچل سائين، شهباز قلندر، استاد منظور علي خان، استاد محمد يوسف، وحيد علي خان، شهيد راڻي بينظير ڀٽو ايوارڊ، ڪي ٽي اين ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن، استاد حنيف لاشاري ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري راڳ جي خدمت ڪئي آهي، سندس مڃتا کي موجوده وفاق توڙي صوبائي حڪومت کي داد ڏيڻ کپي ۽ سندس قائم ڪيل آڪيڊمي جي سرڪاري سطح تي سهائتا ٿيڻ گهرجي، سنڌ ڪلچرل کاتي پاران قائم ڪيل ميوزڪ يونيورسٽي ۾ فن جي شعبي ۾ هٿي ڏيارڻ لاءِ خدمت حاصل ڪرڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جي آئيندي جو مستقبل روشن ٿئي ۽ هو فن جي دنيا ۾ سنڌ جو نالو پيدا ڪن.

No comments:

راءِ ڏيندا