; سنڌي شخصيتون: ريٽا شاهاڻي - امر لغاري

12 June, 2017

ريٽا شاهاڻي - امر لغاري

ريٽا شاهاڻي
سندس لاءِ ٻه لفظ
امر لغاري
ڪافي مهينا اڳ ريٽا شاهاڻيءَ جو هڪ ڪتاب ”سڄاڻن جون سمرتيون!“ موهن مدهوش وٽان مليم. ڪتابُ، گھر ته کڻي آيس پر پڙهڻ لاءِ جلدي وقت نه ڪڍي سگھيس. دستور موجب الماڙيءَ ۾ رکيل ٻين ڪيترن پڙهجڻ جي انتظار ۾ واجھائيندڙ ڪتابن ۾ اهو به سينگارجي ويو.گهڻو دير پوءِ، يعني مهينو اڳ سانگھڙ جي دوستن جڏهن سنگت جي گڏجاڻي لڇمڻ ڪومل جي نانءُ ڪئي ۽ دوستن کي پابند بنايو ته هو گڏجاڻيءَ ۾ لڇمڻ بابت جيڪو ڪجھه هوندو لکي کڻي ايندا ته هڪ آسرو پئدا ٿيو ته سنڌي اديبن ۽ سندن ڪتابن تي لکڻ بهاني هاڻ گھٽ ۾ گھٽ کين پڙهڻ جو موقعو ضرور ملندو. لڇمڻ کانپوءِ هيءُ ٻيو پروگرام سنگت ريٽا بابت رکيو. مان سمجهان ٿو ته اهو تمام ضروري هو. ڇو ته اسان کان وڇڙيئي هن کي به ڪي ٿورا مهينا ٿيا هئا. ريٽا بابت ڄاڻ لاءِ مون هن جو جيڪو پهريون ڪتاب هٿ ۾ کنيو سو اهو ساڳيو ڪتاب هو، جيڪو موهن مونکي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو. ريٽا جي هن ڪتاب ۾ پروفيسر منگھارام ملڪاڻيءَ بابت سندس يادگيريون پڙهي مونکي اهو احساس ٿيو ته مونکان ڪيڏي نه وڏي ڀل ٿي ويئي هئي جو مون ان خوبصورت سنڌي ليکڪا کي اڃا تائين نه پڙهيو هو. ”سڄاڻ جون سمرتيون“ نالي اِن ڪتاب ۾ هُن دادا پروفيسر منگھا رام ملڪاڻيءَ جي دل-آويز شخصيت کي جنهن خوبصورت انداز سان پورٽريٽ ڪيو آهي ڪو به شايد پورٽريٽ ڪري نه سگھي ها. دادا منگھار رام جي حافظي، ڳالهه جي انداز، جملي بازي ۽ شرارتن کي جهڙي نموني ريٽا لکيو آهي، اُهو سچ پچ ته نهايت دلچسپ ۽ شاندار آهي. هن دادا جي زباني جيڪي ڳالهيون لکيون آهن سي ڪنهن عام آتما جون ڳالهيون ناهن پر هڪ مها آتما جا هينئين سان هنڍائڻ جهڙا جملا آهن.


ريٽا دادا جي يادگيرين ۾ گم ٿيندي لکي ٿي:
هڪڙي ڏينهن شام جو چئين بجي دادا کي چيم،”هلو موٽر ۾ ويهو ته توهان کي هڪ دلچسپ آستان تي وٺي هلان.“
”هيئن گائون ۾ ڪيئن هلبو؟“
”توهين هلو ته سهي. اسين موٽر مان لهنداسين ئي ڪونه“ مون رجنيش آشرم ٻاهريان وڃي موٽر بيهاري. هزارن جي تعداد ۾ نارنگي لباس ۾ عورتون ۽ مرد هڪٻئي جي ٻانهن ۾، ڪي رستي تي بيٺل ته ڪي رستي تي ويٺل. ڪي هڪٻئي سان چنبڙيل. دادا جون اکيون اهو نظارو ڏسي چرخ ٿي ويون ۽ خوش ٿي چوڻ لڳو،”برابر، بيحد مزيدار مقام تي آندو اٿيئي. “هوءَ لکي ٿي ته ڪڏهن سنجھا جو دادا جو هٿ پڪڙي پنهنجي ڪمپائونڊ ۾ پنڌ ڪرائيندي هيس. هو چاهيندو هو ته کيس ٺونٺ کان نه پر آڱرين کان جھليان، جيئن پاڻهي پاڻ کي سهارو ڏيئي سگھي. ڌڏندو هو ته به هلندو هو....“
هڪڙي دفعي پنڌ ڪندي ڏسي چوڻ لڳو:
”اڙي، ڏس ته سهي! اسان جا پاڇا اسان جي اڳيان پيا هلن. ڏس تون مونکان به وڌيڪ ڊگھي ٿي ويئي آهين.“
تڏهن مون دل ئي دل ۾ چيو هو؛ ”دادا، مان ڊگھي ڪانه ٿي آهيان، توهين جھڪي ويا آهيو!“
ريٽا پاران دادا منگھا رام تي لکيل تاثر پڙهڻ کانپوءِ مان پاڻ ڪي گھڙيون الائي ڪهڙن مقامن تي ڀٽڪڻ لڳس. ”ايڏو دلڪش نثر!“ مون پنهنجي پاڻ کي چيو. سچ پچ ته ان ڪتاب ۾ ريٽا جو نثر ڏاڍو دلڪش آهي. مواد پڪو ۽ معلومات سان ڀرپور آهي. انساني امنگن، جذبن، ۽ ڊرامي سان ٽمٽار آهي. ايڪاسي سالن جي پوڙهي ماڻهوءَ سان، جيڪو نه ته  چڱي طرح ٻُڌي سگھي ٿو نه سهي نموني هلي سگھي ٿو، مهينا ٻه پنهنجي گھر ۾ رهندي، جهڙي نموني ٻارن جيئن زندگيءَ سان ڀرپور ۽ پکين جيئن اڏرندي ڳائيندي ڏسي ٿي ته اهو سڀڪجھه حقيقت ۾ هن کي ڪنهن شاندار اثاثي کان گھٽ نٿو لڳي.
پروفيسر منگھارام سان گڏ سس کان لڪي بيئر پيئڻ، خاص ڪري تڏهن جڏهن هن جي عمر اسي سالن کان مٿي آهي، هن کي وهسڪيءَ جا گلاس ٺاهي ڏيڻ، ڌليو يا پوريج ٺاهي چمچن سان کارائڻ ۽ پوءِ کيس تقرير ڪندي ٻڌڻ ريٽا لاءِ ڄڻ ته هڪ ٽريٽ آهي. دادا سان بوٽ ڪلب ۾ پيش آيل اهو واقعو پڙهڻ وٽان آهي جڏهن اتي هن جي هٿان سوپ جو گرم پيالو سوٽ مٿان هارجي ٿو ۽ هو پاڻ کي ڄٽ ۽ صفا ٻار ٿو ڀانئي ۽ بار بار معافي واري انداز ۾ چوندو رهي ٿو ته:
It was very clumsy of me! اها ڪيڏي نه منهنجي بي ڍنگھائي آهي! پنهنجي انتهائي بيشعوريءَ لاءِ معافي جو طلبگار آهيان! داد منگھارام جا ايٽيڪيٽ ڀريا اهي الفاظ سچ پچ ته دل ۾ پيهي وڃن ٿا. اڄ اهي ايٽيڪيٽ نه رهيا آهن. ماڻهو ٿورو ڪمزور ٿو ٿئي ته نه بت ۾ ٿو رهي نه وري وت ۾. ريٽا لکي ٿي ته هن دادا جي خدمت ڪري، هن سان ڪجھه ڏينهن گڏ گذاري تمام گھڻو سکيو، هن جي خوبين جو نقل ڪري هن پنهنجي جيون کي بهتر بنايو.
دادا منگھارام بابت لکيل ساروڻين تي مشتمل اهو ڪتاب ريٽا پوني ۾ لکيو. پونو هن جو ساهراڻو گھر هو. ريٽا هونئن ڄائي نپني ته حيدرآباد سنڌ ۾ هئي، پر هن کي ريٽا هندستان بنايو. ورهاڱي کان اڳ ۾ هوءَ ڪن مجبورين ڪري حيدرآباد ڇڏي وڃي لکنؤ ۾ رهي، ۽ مٿان ورهاڱو ٿي ويو. پوءِ هن جو خاندان لکنؤ آباد ٿي ويو، جتي هن پنهنجي تعليم پوري ڪئي. پنجويهن سالن جي عمر ۾ هن جي شادي ٿي، ۽ هن لکنؤ ڇڏي اچي پونو وسايو، جتي هن انيڪ ڪم ڪيا. هوءَ سماج سڌارڪ بڻي، سڄو هندستان ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ گھمي ڏٺائين. پنجيتاليهه سالن جي عمر کان پوءِ نيٺ لکڻ شروع ڪيائين. پروفيسر دادا منگھارام ملڪاڻي هن جو چاچو هو. هن کي ورهاڱي جهڙي حادثي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو هو. ورهاڱي کان اڳ هو ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. ريٽا جيتري دادا منگھارام جي ويجھو هئي ايترو شايد ٻيو ڪير به نه هو.
ڪيرت ٻاٻاڻي ريٽا جي ڪتاب ”سڄاڻ جون سمرتيون“ ۾ ريٽا ۽ دادا منگھارام متعلق ڄاڻائي ٿو ته ”ريٽا هِن رچنا ۾ پروفيسر ملڪاڻيءَ جي جيون جي انهيءَ پهلوءَ کي اڀار ڏنو آهي، جيڪو نجو پنهنجو هوندو آهي، بلڪل شخصي ۽ خانگي دنيا هوندي آهي، جنهن کي شخص پنهنجو قيمتي خزانو سمجھي دل اندر سانڍي رکندو آهي، ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍندو آهي. ريٽا پنهنجي زناني ڏانوَ ۽ اُتي پريم سان ملڪاڻيءَ جي دل جي صندوڪڙيءَ کي کوليو آهي. گفتگوءِ، ونهوار ۽ پيار سان ملڪاڻيءَ جو ڪردار کلندو ويو آهي ۽ اسان جي سامهون هڪڙي محبوباڻي تصوير کِڙي بيٺي آهي.... ملڪاڻيءَ جو سچو، نڍر، بيباڪ، کليل ۽ ٻالڪ جهڙو معصوم روپ! هن شخص جي مهانتا سندس سادگي مان پيئي بکي.“
ريٽا جي فن جي تعريف جو اعتراف ته اسان هن جا ڪتاب پڙهي ئي ڪري سگھون ٿا. ڪيرت کان علاوه، سائين محمد ابراهيم جويي ۽ غلام محمد لاکي صاحب پڻ هن جي نثر ۽ لکڻ جي انداز جي بيحد ساراهه ڪئي آهي.
ريٽا کي جن ڪتابن سنڌي توڙي ٻين هندستاني ٻولين ۾ بلند مقام تي پهچايو، تن مان سندس جيون ڪٿا ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“، سندس ناول ”پرهه جا پياڪ“، سندس ڪهاڻين جو مجموعو ”سوال ئي سوال“، شاعريءَ جو ڳٽڪو ”ڀمڀرڪي جي ڀون ڀون“ شامل آهن. هن سنڌي ٻوليءَ کان علاوه اردو، هندي ۽ انگريزي ٻولين ۾ پڻ لکيو. سندس ڪتاب هندستان جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيا. ريٽا لکڻ کان علاوه ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجما پڻ ڪيا، ۽  پنهنجي لکڻين تي ڪيترائي ايوارڊ وصول ڪيا.
ريٽا سنڌي هندو عورت ليکڪن جي ان لڙيءَ جو منفرد گل هئي، جنهن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتمچنداڻي ۽ ڪلا پرڪاش جهڙا گل لڳل هئا، ۽ ان ساڳئي ڦلواڙيءَ ۾ بعد ۾ مايا راهي، اندرا واسواڻي ۽ تارا ميرچنداڻي جهڙا گل کڙيا.
ريٽا هندستان جي تصوف تي به چڱو خاصو لکيو. گرو نانڪ، ڪبير، ميرا ٻائي، اوشو، لطيف سرڪار ۽ جيئري ولي دادا جشن واسواڻيءَ تي هن ”روبرو“ ۽ ”انڪائونٽر“ جهڙا سلسلا شروع ڪري ڪيتريون ئي بايوگرافيڪل اسٽوريز کي جنم ڏنو، جيڪي سموري هندستان ۾ وڏي چاهه ۽ اتساهه سان پڙهيون ۽ ساراهيون ويون.
پوني وڃڻ کان پوءِ ريٽا جو تعارف اتي اڳيئي سيٽلڊ سنڌي عورت ليکڪائن سان ٿيو، جن ۾ رتنا گوڊيا، آئشوري جوتواڻي، تارا ميرچنداڻي، اندرا شبنم، شاڪو کلناڻي ۽ ڪيترن ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. پونو ڄڻ ته هنن لاءِ هڪ ننڍڙي سنڌ بنجي ويو. مٿان دادا جشن واسواڻي ۽ رجنيش اوشو جهڙن مها پرشن جي موجودگيءَ ۾ ريٽا مهاپرديش جي هن ثقافتي گوناگونين سان مالا مال شهر ۾ پنهنجي پاڻ کي هميشه قرار ۾ محسوس ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو ريٽا ٽيهه پنجٽيهه سالن جي عرصي ۾ ٻائيتاليهه ڪتاب لکي پنهنجن همعصرن کي گھڻو پوئتي ڌڪي ڇڏيو. سنڌي ساهت جي مرد غالب اتهاس ۾ هڪ سنڌي عورت ليکڪا جي وهي کاتي جي پني ۾ پورا چاليهه کان مٿي ڪتاب اچڻ تمام وڏي ڳالهه آهي. نه ته اسان وٽ ته اهو رواج اچي پيو آهي جو پنهنجي جهڙي تهڙي حياتيءَ تي اٺ ڏهه موٽا ٿلها ڪتاب لکي ليکڪ پنهنجي پروفائل کي رڳو موٽاپي جي مرض ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ ئي پورا ڏسجن ٿا.

ريٽا شاهاڻيءَ جو مرتيو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌين لاءِ سڃاڻپ جو هڪ وڏو خال ڇڏي ويو آهي، ۽ خاص ڪري اڄ جي فيشني سنڌي عورت اديبن لاءِ هڪ وڏو مثال پڻ ته ڊگھا ڪپڙا ۽ وار ڊرائي ڪرائڻ سان سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ادب جي خدمت نٿي ڪري سگھجي، خدمت ته ريٽا شاهاڻي ڪئي آهي، دل جي سچائي، روح جي پاڪائي، لفظن جي سادگي ۽ ڪروڙن جي ڳاڻيٽي واري ملڪ ۾، سنڌي ٿي ڪري، پنهنجي پوري وابستگيءَ سان، اهو به سنڌ کان ٻاهر ويهي. مٿس هزارين سک ۽ شانتيون هجن! شال، هن جا لکيل ڪتاب وڌن ويجھن ۽ ور ور پيا پڙهجن.

No comments:

راءِ ڏيندا