; سنڌي شخصيتون: حَسن درس - ۲

16 June, 2017

حَسن درس - ۲

حسن
نفيس جذبن جو شاعر
ماجد سمون


هو نفيس جذبن جو شاعر هو، رومانس، مزاحمت، ڌرتيءَ ۽ فطرت سان عشق ۽ سماج سان محبت کي گڏ گڏ کڻي هلندو هو.
هن لکيو، ”ٿر هجي يا ڪاڇو ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“
هن سنڌ جي علائقن کي مختلف رخن سان ڏسڻ نه ٿي چاهيو تڏهن ته هن هڪ ئي سٽ ۾ سڄي سنڌ کي پرينءَ جو پاڇو چئي ڇڏيو. جنهن رات هو اسان کان وڇڙي ويو اها رات چنڊ گرهڻ واري رات هئي ان رات جي پوئين پهر ۾ هو. ڪار تي سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ساڻس حادثو پيش آيو. چون ٿا ته حسن سان موت مهاڏو اٽڪائي ها پر هن سان هڪ وڏي ٽريجڊي ٿي هئي، ان رات جيڪو ڪجهه حسن سان ٿيو هو ان نسيم کرل جي ان ڪهاڻي جو ورجاءُ ڪيو هو جيڪا هن ”۳۴هون در“ جي نالي سان تخليق ڪئي هئي سو حسن ان ڪهاڻي جو ڪردار ٿي ويو. پوليس حد بندي جي تڪرار سبب نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ جو ڪردار ان قتل ڪيل عورت جو لاش به عربي سمنڊ ۾ ائين لوڙهيو ويو جئين ان رات حسن درس جي زندگي وڏي بي درديءَ سان لڙهي وئي.


۴۳ سالن جي ڄمار ۾ حسن درس جي بي وقتائتي موت اڄ سڀني کي سوڳوار ڪيو آهي، رڳو ٻن ٿاڻن جي پوليس اهلڪارن جي حد بندي جي تڪرار اسان کان هڪ خوبصورت تخليڪار کسي ورتو، چون ٿا ته جڏهن هن سان حادثو پيش آيو هو تڏهن قاسم آباد ۽ جي او آر ٿاڻن جي پوليس واقعي وارو هنڌ ڏسي حد بندي جو تڪرار ڄاڻائي هن کي تڙپندي ڇڏي ائين هلي وئي، ڄڻ ان ڪاريءَ ورديءَ ۾ ڍڪيل ماڻهو ڪي انسان  نه پر حيوان کان به  بدتر هجن.
ڳالهه ان حد بندي جي تڪرار جي ناهي ڳالهه ان انسانيت جي آهي جيڪا اڄ آهستي آهستي وڃي پئي ختم ٿيندي، پر اهي ئي پوليس اهلڪار ان وقت ڪڏهن به حد بندي جو تڪرار ناهن ڄاڻائيندا جتان کين ڪجهه رشوت جو پئسو نصيب ٿيڻو هوندو آهي، قاسم آباد ۽ جي او آر ٿاڻن جي اهلڪارن جو اهڙو ڪردار ڏسي حسن جو موت ڪو حادثاتي نه ٿو لڳي پر اهو هڪ قتل ٿو لڳي، واقعي کان پوءِ رڳو انهن ٻنهي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آهي، ڇا انهن جي معطلي سان حسن کي انصاف ملي ويندو؟ يا انهن جي معطلي سان انهن اهلڪارن تي ڪو اثر پوندو؟ اهي معطليون معمولي ڳالهيون آهن ۽ پنهنجي نوڪري دوران اهي ئي اهلڪار اڳ به ڪيترائي ڀيرا معطل ٿيا هوندا، چون ٿا ته واقعي جي جاچ ڪئي ويندي جڏهن سموري صورتحال سامهون آهي ته پوءِ جاچ جي ڪهڙي ضرورت آهي سڌو وڃي انهن ئي ٿاڻن تي انهن ئي اهلڪارن کي لاڪ اپ ڪري مٿن نامياري شاعر جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. چون ٿا ته شاعر جادوگر ٿيندا آهن، جيڪي لفظن جي جادوگري ڪندا آهن سو حسن به هڪ جادوگر ئي هو جنهن جي لفظن ۾ اسان کي هن معاشري جا عڪس ڏيک ڏئي رهيا آهن، شاعري ذريعي  هن معاشري جي ترجماني ڪئي، اڄ جيڪڏهن اهي پوليس اهلڪار حسن سان پيش آيل روڊ حادثي کي هڪ تماشو سمجهي نه ڏسن ها ته شايد هو اسان کان گهڻو پري نه هليو وڃي ها ، هي وقت حسن جي وڇوڙي جو نه هو اڃا هن کي ڪيترائي نظم لکڻا هئا ان ڄامشوري جي هوائن تي جن تي طارق عالم جهڙن ديوانن ناول به لکيا پر افسوس جو هي  جون جو مهينو اسان لاءِ سرءُ بڻجي آيو، جنهن وڇوڙن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو، ساڳئي ظالم مهيني اسان کان منصور ملڪ به کسي ورتو، اڄ هي جيڪو جون جو مهينو آهي ويندي ويندي ڪيتريون ئي شڪايتون ڇڏي ويو آهي وڇوڙي جي هن پن ڇڻ واري بي مندائتي موسم ۾ اسان کان اسان جا ٽي جگري يار کسي ورتا آهن، حسن هڪ يار ويس ماڻهو هو صوفي ۽ درويش قسم جو هي شخص جيڪو هر دوست لاءِ ڪنهن محبوب کان گهٽ حيثيت نه پيو رکي تڏهن ته هن لکيو هو ته:
ڳچيءَ ۾ مون هيو پاتو
سيني ساڻ هيو لاتو
منهنجو محبوب ڪلهه
منهنجي هٿن ۾ هار وانگي هو
 حسن سڀ جو محبوب هو، جيڪو اڄ جسماني طور گڏ نه آهي، هو ڀل جسماني طور گڏ نه هجي پر هو پنهنجن لفظن ۽ شعرن ذريعي صديون پنهنجي يارن جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو، مڃو ٿا ته حسن جا دوست اڄ اداس آهن، حسن کان سواءِ هو اڪيلا آهن اڄ ان سمنڊ جو ڇوليون به حسن جي سنگت کي ڪا آٿت نه ٿيون ڏين. جيڪي ڇوليون هن جي شاعري جو محور هونديون هيون، سندس ويجهو دوست مسرور لکي ٿو ته،
مون کي ڪري اڪيلو ڪيڏانهن تون هليو وئين؟
اڌ ۾ ڇڏي هي ميلو ڪيڏانهن تون هليو وئين؟
درياهه، درد جي ۾ مون کي ڇڏي هميشه لاءِ
ڪاهي مٺا بتيلو ڪيڏانهن تون هليو وئين؟
حسن ان پار هليو ويو آهي، جتان ڪو به ناهي وريو، هو پنهنجي دوستن کي بنا موڪلائڻ جي ڇڏي اڪيلو ڪري ويو آهي، جون جي ظالم مهيني اسان کان  هڪ خوبصورت تخليڪار کسي ورتو آهي جنهن نه رڳو ٿر ۽ ڪاڇي کي ڀيٽا ڏني پر هن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هئي.
ڪارونجهر تي مور نچي ٿو
مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
ان رات جڏهن هو حادثي جو شڪار ٿيو هو تڏهن جيڪڏهن هن کي ٿورو به موقعو ملي وڃي ها ته هو انهن وردي پهريل انسانن تي اياز جي سٽن جيان هن قسم جو نظم ضرور لکي ها ته،
ٿو ڏسي انسان
پنهنجو تماشو پاڻ
پر اڄ حسن جا مداح توڙي دوست هن جي موت کي ڪو حادثو نه ٿا سمجهن هن جي وڇوڙي کي هڪ قتل ٿا سمجهن ۽ ان قتل جا سمورا ڇنڊا جي او آر ۽ قاسم آباد جي پوليس اهلڪارن جي وردين تي لڳل آهن جن خلاف قتل جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کپي.


حسن درس
ڏياريءَ جي ڏيئن ۾ جرڪندڙ سندس شاعري
لڇمڻ ڪومل
“هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي گهوڙي جي ٽاپولي آهي.”
سال ياد ناهي، پر اها ڏياريءَ جي رات هئي. منهنجي رهائش واري ڪامپليڪس پريس اينڪليو ۾ ڏياريءَ جي روشنين جو ميلو متل هئو. گهر جا ڀاتي ميلي جو مزو وٺي رهيا هئا. مان گهر ۾ اڪيلي پنهنجي ناوَنوش سان روشنين جي رات جو لطف وٺي رهيو هوس ۽ ان شام سنڌ مان آيل ٽي نوجوان اديب ۽ شاعر منهنجي مئه خاني ۾ هليا آيا هئا. حسن درس هئو، جامي چانڊيو هئو ۽ مظفر چانڊيو هئو. هُو مون کان ڪنهن ادبي رسالي لاءِ انٽرويو وٺڻ ۽ مون سان ڏياريءَ جي شام گذارڻ آيا هئا.
حسن درس شاعر هئو جنهن جي اکين ۾ شاعراڻا شعاع مون پهرينءَ نهار ۾ ئي ڏسي ورتا هئا. اسان هڪ ٻئي کي ايترو ته ڀري ڀاڪر پاتو جو ٻنهي جون هڏيون ٽڙڪڻ لڳيون.
روشنين جي ان رات جو پرهه جي پهرئين پهر تائين اسين حسن درس جي شاعري ٻڌندا رهياسين. سندس شعر جي سٽ سٽ، گهوڙي جي ٽاپولي هئي. جام کان وڌيڪ نشو هن جي شاعريءَ ۾ هئو. حسن درس سان گذاريل اها رات منهنجي زندگيءَ جي هڪ يادگار رات هئي. ان بعد مان جڏهن به سنڌ ويس حسن درس مون کي پنهنجي وڏي ڀاءُ جهڙو قرب ۽ مانُ ڏنو. تاجل بيوس جي گهر جي ڇت تي چانڊوڪين راتين ۾ حسن درس جي شاعري چوڌاري چانڊوڪي ڦهلائيندي رهي.
منهنجي سنڌ جي پوئين دوري وقت هڪ منجهند جو مان آرام سان ستل هوس ته حسن درس ۽ آڪاش انصاريءَ ڪن فرشتن جيان مون کي اچي اٿاريو: “هل، توکي تنهنجن محبوبن وٽان سڏ ٿيو آهي.” مان اکيون مهٽيندو ساڻن گڏ جنت نما جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويس. اڄ ته آلين اکين سان هي سٽون لکي رهيو آهيان. سڀاڻي سوچيندس ته اها جنت ڪهڙي هئي؟
سنڌ جي نئين نسل جي نمائندگي ڪندڙ هن شاعر جي نئين نڪوري ۽ اڻ ڇُتل شاعري رڳو حسن درس جهڙن شاعرن جي ئي حصي ۾ آئي، جنهن جو خال ڀرڻ لاءِ هند سنڌ کي الائي ڪيترن سالن جو انتظار ڪرڻو پوندو.
لا اُبالي طبيعت هئڻ ڪري حسن درس پنهنجي شاعراڻي سرمائي کي ڪڏهن به سانڍي ۽ سنڀالي نه رکيو ورنه هن جا هيلتائين ٻه ٽي شعري مجموعا شايع ٿي چڪا هجن ها. سنڌ جي ادبي برادريءَ مٿان اهو فرض لازم آهي ته حسن درس جي شاعريءَ جو بي بها سرمايو مجموعي جي صورت ۾ محفوظ ڪري رکن.
عظيم فرانسي اديب البيئرڪامو حسن درس جي ئي عمر ۾ ڪار جي حادثي ۾ راهه عدم ورتي. چيڪ اديب فرانز ڪافڪا به ان ئي عمر ۾ هليو ويو. روس جي عظيم انقلابي ۽ رومانوي شاعر ماياڪو وسڪيءَ به ايتري ئي ڄمار ماڻي.
الائي ڇو خوبصورت اديب ۽ شاعر زندگيءَ جو چوٿون ڏهاڪو پار ڪرڻ سان ئي اسان کان وڇڙي ٿا وڃن؟
مان پنهنجي دل گهرئيءَ ليکڪا ماهتاب محبوب کي ڪهڙي پرچاڻي ڏيان؟
پرچاڻي ته هوءَ اسان کي ڏئي جو اسان پنهنجي شاعريءَ جو هڪ املهه امانتدار وڃايو آهي.
مانور ماهتاب! اسان جي هيءِ عمر هاڻي روئڻ جي ناهي – چپ چاپ سهڻ جي آهي.
“اي قلندر، ڇو اڃا جاڳين نٿو؟
اي سمندر، ڇو اڃا جاڳين نٿو؟
اي مقدر، ڇو اڃا جاڳين نٿو؟


رڻ واقعي رڙي ٿو پيو!
نواز ڪنڀر
ڀٽائي جي ميزباني جو شرف رکندڙ سنڌ جو مشهور ڳوٺ هوٿي مشائخ  ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن کان مختلف حوالن سان منفرد ۽ ممتاز آهي. ڀٽائي جي هوتي مشائخ اچڻ جو اثر ڪيترين ئي پيڙهين پڄاڻان، نيٺ وڃي حسن درس تي ظاهر ٿيو. ڀٽائي، اولياءَ الله ۽ بزرگن سان ميل ملاقاتن،سندن علمي، ادبي، مذهبي ۽ روحاني ڪٿ ڪرڻ لاءِ ٻين هنڌن وانگر ڀٽائي هتي به ميان اسحاق جن سان ملڻ لاءِ آيو. نه صرف آيو بلڪ اچي  ايترو ته متاثر ٿيو جو پنهنجي ڪندري، حمائل (ننڍي سائز وارو قرآن شريف جيڪو سفر ۾ گڏ کڻي سگھجي. حمائل جي لفظي معنى  آهي لٽڪائڻ) ۽ ڪستو به تحفي ۾ ڏئي ويو. جيڪي اڄ به هتي  محمد سليم درس وارن وٽ محفوظ آهن. ڀٽائي جي اچڻ جي حوالي سان روايتون آهن ته ان وقت ميان اسحاق صاحب ٻار پڙهائي رهيا هئا،  ڀٽائي کين ٻار پڙهائيندي ڏسي چيو ته “ميان! ٻار پڙهائين پيو يا کارين پيو؟” ميان صاحب ڀروون مٿي ڪندي  وراڻيو “جي پڙهيا ته ٿيندا عالم ۽ جي کريا ته به تو جهڙا ڀٽائي ضرور ٿيندا.” حسن نه صرف ڀٽائي جو پاڙيسري، دنگائي شاعر ۽ روحاني رستي جو راهي هو بلڪ حسن ۽ ڀٽائءَي ۾ ارڏايون، رولاڪيون ۽ فطرت پسندي کان وٺي سنڌ جي هر گس  ۽ گام تي وڃڻ،  اتي وڃي انهيءَ  ٻولي ۾، اتي جي شين کي ڳائڻ  جهڙيون ڪيتريون ئي هڪجهڙايون  ڳولي سگھجن ٿيون.
جهڙي طرح ڀٽائي سنڌ ۾ سماجي حالتن جي جائزي، موسمن جي مزاجن جي ڄاڻ  ۽ تاريخي حقيقتن کي سمجهي اُنهن احساسن کي شاعريءَ جو رُوپ ڏنو. اهڙي طرح جڏهن سنڌي شاعري ۾ نئين ٽرينڊ جي ضرورت محسوس ٿي ته حسن جهڙو ڪر، سيني تي هٿ هڻي  هليو آيو. حسن جنهن دؤر ۾ آيو ۽ ڇانئجي ويو، ان دؤر سنڌي شاعري جا تمام وڏا نانءُ  ڏٺا ۽ ٻڌا پر حسن (شايد سڀني کان عُمر ۾ ننڍي هوندي به) جي ڳالهه ئي  ٻي هئي. انهن وڏن نالن جي موجودگي ۾ نه صرف حسن کي ٻڌو ويو، بلڪ محسوس ڪندي ساراهيو به ويو. مرزا غالب وانگر حسن جي شاعري به شايد گھڻن مجموعن برابر کڻي نه به  هجي. اها ڀلي هڪڙي مجموعي جيتري ئي ڇو نه هجي پر معيار جي لحاظ کان، ڪيترن ئي شاعرن جي گڏيل ڪُلياتن کان  به مٿي ضرور  آهي. لاکاٽ مان لڏي هتي ايندڙ حسن جي لاکا ذات جي بزرگن پاران هتي ماڻهن جي مذهبي تعليم ۽ تربيت جي وقت شايد ئي ڪڏهن سوچيو هجي ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو، جڏهن سندن پونئرن مان ڪو اٿي، وقت ۽ حالتن مطابق، ماڻهن جي، ماڻهپي جي حوالي  سان تعليم ۽ تربيت ڪندو ۽ وڏو نالو ڪمائيندو.
انهن بزرگن جي هتي اچڻ جي حوالي سان ڪا پڪي پختي ڳالهه ته نٿي ڪري سگھجي پر حسن جي اسٽائل ۽ انداز ۾ ڳالهائي، حسن جون سڪون لاهيندڙ سندس قربائتي ڀاڻيجي، اسد درس جي بقول ته ٻڌل ڳالهين ۽ اندازن مطابق  اهي شايد اتران لاکاٽ مان هتي آيا هئا. (لاکاٽ لاکن جو علائقو ڀانئجي ٿو.) هتي اچڻ واري بزرگ جو نالو ميان هوٿي لاکو هو.  ميان هوٿي جي تعليم ۽ تربيت شاهه حسين وٽ دولتپور ۾ ٿي. تعليم مڪمل ڪري هو ملتان ۾ بهاءُلدين ذڪريا جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. جتان کين مذهبي تعليم جو سلسلو اڳتي وڌائڻ جو حڪم مليو. ميان هوٿي لاکو سانگرو درياءَ ۾ ٻيڙي وسيلي،  پنهنجي ڪڙم قبيلي سميت (جنهن ۾ هر ذات جو، خدمت ۽ ضرورت جي حوالي سان ماڻهو موجود هو.) موجوده  مقام وتان لنگھيا،  روايتن مطابق سندن منزل اڃان اڳتي هئي پر هتي لنگھڻ وقت کين هڪ گدڙ نظر آيو. جنهن ۾ ڪا خاص شئي ڏسي پاڻ اتي ئي ترسڻ جو ارادو ڪيائون، لوڪ ڏاهپ جي حوالي سان رستي ۾گدڙ ڏسڻ خوشبختيءَ جي نشاني هجي ٿو. هونئن به گدڙ اتي وڌيڪ هوندو آهي، جتي جياپي جا  ذريعا وڌيڪ هجن ٿا. تڏهن هتان سانگرو  درياءَ وهندو هو. ٿي سگھي ٿو ته سانگرو، سنڌو جي ڪا ڇاڙ يا ڦاٽ هجي.  ميان هوٿي  لاکي جي وفات ۸۱۱ هجري ۾ ٿي. ان حساب سان لاکا/درس هتي ۴۰-۷۳۰ هجري ڌاري آيل ٿا ڏسجن. موجوده قبرستان ۾ پهريون مدفن به ميان هوٿي لاکي جو ئي ٿيو هو. ان وقت هي علائقو ميو ساند جو سڏبو هو. هتي جون زمينون  به هن جي ملڪيت هيون. جيڪو پڻ وقت جو وڏو بزرگ هو. ميان  هوٿي لاکي ميو ساند کي چيو ته اسان کي هتي راحت اچي وئي آهي، هتي رهڻ جي اجازت به  ڏيو ته زمين به وڪڻي ڏيو. تنهن تي ميو ساند چيو ته جاءِ ته ڏيانءِ پر منهنجي ذات وارا (ساند) ماڻهو ڪجهه ڏنگا آهن. توهان شريف ماڻهو ٿا ڏسجو.  جي اڳتي هلي ڪو جھيڙو وغيره ٿي پيو ته توهان بزرگ ناراض ٿي پوندو. ميان هوٿي وراڻيو ته جيڪڏهن ڪو ساند،  لاکن جي رت ۾ هٿ ٻوڙي به ايندو ته به آئون ڪجهه نه چوندس. انهي ڳالهه تي هو ٻئي بزرگ پاڻ ۾ ٺهي ويا. پوءِ ميان هوٿي هتي زمين خريد ڪري، هوٿي مشائخ ڳوٺ ٻڌو. جڏهن ته هاڻ ميو ساند  جو ڳوٺ به ميو مشائخ ٿو سڏجي. مشائخ، شيخ مان نڪتل آهي. شيخ معنى وڏو. درس تدريس جي ڪري ميان هوٿي کي مشائخ جو لقب مليل هو. اسد جي بقول ته اڄ به ساندن سان يا ساندن پاران ڪا اوڻويهه ويهه ٿي پوڻ تي دل جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي ئي نه چوندي آهي. هوٿي کي چار پٽ هئا. جن مان پهرين پٽ ميئين احمد کي درس و تدريس ۾ خاص اهميت ۽ حيثيت سبب ميئين جو لقب مليو. ميان احمد پويان هي درس احمد پوٽا سڏجن ٿا. ميئين جي انهيءَ سلسلي جو آخري بزرگ، ڀٽائي جو همعصر ميان اسحاق هو. حسن جي والد جي ٻي شادي ميين اسحاق جي خاندان مان هجڻ ڪري، سندس والده جو پاڙو “اسحاق جا” هو. جڏهن ته حسن جي ڏاڏاڻن جو پاڙو “احمد پوٽا” آهي. کپري، گرهوڙ ڀرسان ڦلهڏيون، هالا حويلي ۽ ڳوٺ دوست محمد درس جا، درس فقير به  هنن درسن منجھان ئي آهن. جڏهن ته کپري واري پاسي جو، “جيئرو کائي مئو مچي، اها ڳالهه عليم جي عقل ۾ نه اچي.” جهڙي شاعري ڪندڙ عجيب انسان عليم درس “چنگل پوٽا” درسن مان هو. ميان اسحاق کان پوءِ هن خاندان ۾ مولوين جو سلسلو شروع ٿيو. جيڪو ۱۹ صدي ۾ ٻن بزرگن ميان ابل حسن ۽ ميان مولوي جان محمد تي اچي ختم ٿيو. (جن جي تاريخ وفات باالترتيب  جمعو ۱۳ صفر ۱۳۶۸ هجري ۽  جمعو ۳۰ محرم الحرام ۱۳۶۸ هه آهي) اهي ٻئي بزرگ سعيد آباد ڀرسان، پير جھنڊي وارن جي مدرسي مان فارغ التحصيل ۽دستاربند ٿيا. جتي سندن  حديث جو استاد ۽ مدرسي جو مهتمم مولانا عبيدالله سنڌي هو.  هنن ٻنهي بزرگن جي دستاربندي به مولانا صاحب هٿان ٿي. ان بعد مولوين جو سلسلو به اتي پورو ٿيو. ڪجهه سالن بعد انهي خاندان  جي زميندار  غلام رسول جي گھر ۾ محمد حسن نالي ٻار پيدا ٿيو. جيڪو جديد ۽ قديم جو خوبصورت امتزاج هو. جنهن تي سندس ڏاڏي جي نالي رکڻ سبب ڳوٺ ۾ حسن کي ڏاڏا ڪري به سڏبو هو. حسن جو ڏاڏو محمد حسن مولودن ۽ ڪافين جو وڏو شاعر هو. هو هر ڀيري نيون مداحون ۽ مولود چوندو هو. جيڪي ماڻهو وٽانئس اچي کڻي ويندا هئا. سندس وفات سومر ۴ شعبان ۱۳۶۱ هجري ۾ ٿي. جيتوڻيڪ حسن شاعري ۾ پنهنجو رستو اختيار ڪيو پر کيس اها ڏات، چئي سگھجي ٿو ته ڏاڏي وٽان ملي. ائين کڻي چئجي ته وقت ۽ حالتن مطابق جڏهن معاشري کي مشائخن ۽ بزرگن جي ضرورت هئي ته  ميان هوٿي آيو. جڏهن حالتون بدليون، تعليم ترقي ڪئي ته ميان اسحاق آيو. ۽ جڏهن ڀٽائي جي شاعري جي سلسلي کي بدلجندڙ وقت ۽ حالتن مطابق اڳتي وڌائڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته هر طرف حسن جي هاڪ هُلي وئي. هاڻ حسن پاران پنهنجو ڪم وقت کان اڳ پورو ڪري هلي وڃڻ بعد، ڏسجي ته بدليل وقت ۽ حالتن مطابق قدرت هن خاندان کان اڳتي هلي  ڪهڙو ٿي ڪم وٺي!!
پنهنجي چاهيندڙن، پيارن، ڳوٺاڻن، گھر وارن، سنڌ ۽ سنڌ وارن سان وڇڙڻ جا پور ۽ پسڻ شايد حسن کي اڳ ۾ ئي پوڻ شروع ٿي ويا هئا. واپسي جا امڪان چٽا هئا. وڌيڪ وقت ملڻ جو ڪو به امڪان نه هو. ان ڪري ئي حسن جو آخري وقت ڪافي مختلف ۽ بظاهر عجيب ڳالهيون ڪندي گذريو. هو ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻن کي به ٽائم ڏيڻ لڳو هو ته قبرستان ۾ وڃي اسد سان اڳ ۾ ڪڏهن نه اوريل، عجيب حال به اورڻ لڳو هو. آخري ڏينهن ۾ اشفاق سومري جي مهربانين سان، ڪيترن ئي دوستن ۽ سنڌ جي نالي وارن ليکڪن جن ۾ منظور ميراڻي، جان خاصخيلي، آڪاش سنتورائي، اسحاق مڱريو ۽ ٻيا ڪيترا ئي شامل هئا، حيدرآباد کان ڪينجهر تائين حسن سان ٿيل ملاقاتن ۾ سندس اکين ۾ اداسي ۽ آلاڻ جا پاڇا چٽا ڏٺا. پر هن جي لهجي بظاهر ڪڏهن به اهڙي چغلي نه کاڌي ڪنهن کي خبر هئي ته سندس اکين ۾ آلاڻ، سنڌ سان سندس الوداعي ۽ آخري ملاقاتن سبب آهي! جي اسان سڀ سندس وڇوڙي تي افسرده ۽ اداس آهيون ته هو وڃڻ کان اڳ ئي ڏاڍو اداس هو. سندس اداس اکيون اڄ به اکين اڳيان ڦرن ٿيون. پر افسوس جو اسان سندس اکين جي صفا سولي ٻولي  به نه سمجھي سگھياسين.
ڪنهن ڪنهن شاعر جي شاعري ئي ضرب المثل جو درجو ماڻيندي آهي. حسن کي اهو اعزاز حياتي ۾ ئي نصيب ٿيو. سنڌ جي هن ارڏي، منفرد  ۽ فطرت پسند شاعر جي ڳوٺ ليکڪ دوستن منظور ملاح، امر لغاري ۽ خوبصورت ڪهاڻيون لکندڙ نوجوان حسن خاصخيلي سان گڏ، تڏي تي ويٺي، آس پاس جي وڻن جا ڪنڌ به لڙيل لڳي رهيا هئا ته پکي به پار ڪڍندي محسوس  ٿيا. سندس ڳوٺاڻن ۽ گھر ڀاتين جا اهي لفظ پڇتاءَ مان ڪيل دانهن مثل ٿي لڳا ته اسان کي حسن جي وڃڻ بعد خبر پئي ته هو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو! شايد ايندڙ وقت حسن جي شاعري جي قد ڪاٺ جي ڀيٽ  ماضي جي شاعرن سان ڪرڻ بجاءِ، مستقبل جي شاعرن جي قد ڪاٺ جي ڀيٽ، حسن سان ڪري، انهن جي درجي جو تعين ڪري.!!


ساري سنڌ حسن جو پاڇو!
اشفاق سومرو
موت برحق آهي ۽ لکيل آهي ۽ هر ڪنهن تي اچڻو آهي! اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي پر ڪجهه بي وقتائتا موت خاص طور تي مهان ماڻهن جا، سماج جي ڪيترن ئي حصن کي نه صرف صدمو رسائين ٿا، پر سوين سال پوئتي پڻ ڌڪيو ڇڏين. حسن جو موت انهن مان هڪ آهي، جنهن سڄي پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر رهندڙ سندس شخصيت، لکڻين ۽ هن جي ڏاهپ سان پيار ڪندڙ ماڻهن کي اهڙو صدمو رسايو آهي جنهن جو منهنجي نظر ۾ ازالو اڻ ٿيڻو آهي. سماج کي پوئتي ڌڪڻ مان منهنجي مراد مايوسيون ۽ بي وسيون وڌائڻ ۽ نون خيالن ۽ ڏاهپ جي منتقلي جو بند ٿيڻ آهي، جيڪا حسن جي موت تي به نظر اچي رهي آهي. ڪي ماڻهو ڪئين سالن تائين لکڻ ۽ ڪيترائي ڪتاب ڇپائڻ باوجود به  سماج ۾ ڪو اثر نه ڇڏي سگهندا آهن، پر ڪي ماڻهو ٿوري عرصي ۾ ئي سماجي ڍانچن تي اثر انداز ٿيندا آهن، حسن انهن منجهان هو. هن سماجي مسئلن کي نئين جدت سان سمجھيو ۽ پيش ڪيو.
خميس سورهين جُون ۲۰۱۱ تي سندس تدفين وقت ۽ تڏي تي ويٺل ڪيترا ئي دوست کيس نئين ٽهيءَ جو ڀلوڙ ۽ زبردست شاعر ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو جي لقبن سان ڀيٽا ڏيندا رهيا، پر منهنجي نظر ۾ هو صرف هڪ ڀلوڙ ۽ البيلو شاعر ۽ بهترين انسان ئي نه هيو پر هو سنڌ جي مجموعي ڏاهپ ۽ شعور جو اهڃاڻ پڻ هو. هن جي سدا بهار ۽ نرالي شخصيت انهيءَ جو ڏيک هئي. شاعريءَ کان علاوه هن جي شخصيت جا ٻيا به ڪئين پاسا هئا. هو هڪ گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هئو. اڄ ڪلهه جي نفسا نفسي ۽ وٺ وٺان واري دور ۾ هميشه مُنهن تي مرڪ رکڻ ۽ مادي حاصلات جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌڻ کان پاسو ڪري فقير صفت ماڻهن سان گذارڻ هن جي محبوب مشغلن مان هڪ هئو، جيڪا آئون سمجهان ٿو ته اڄ جي دور ۾ هڪ وڏي جرئت آهي، حسن انهيءَ جرئت سان ٽمٽار هيو. ٽنڊي محمد خان ۾ فقير محمود نعيم ۽ وچن فقير سان گهڻو وقت گذاريندڙ ۽ صوفياڻي راڳ ٻڌڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ وارا لمحا حسن کي سڀ کان  گهڻي خوشي ڏيندڙ لمحا هوندا هئا. صوفي محمود نعيم جي بقول حسن اسان جو روحاني رهبر ۽ مرشد هيو. هو سراپا محبت هو. حسن جي هڪ سٽ آهي ته “مُون کي ڄڻيو محبت، محبت کي مُون ڄڻيو آ- “واقعي هن محبت کي ڄڻيو. هو اڄ پنهنجا هزارين محبتي ۽ لافاني محبت هن دنيا ۾ ڇڏي ويو آهي. حسن ظاهري طور تي ته شاعر ۽ موسيقي سان بي انتها  لڳاءُ رکندڙ ماڻهو هو پر وٽس سنڌ جي اصلوڪي ڄاڻ (Indigenous Knowledge) کي پرکڻ جو ڏانءَ پڻ هو. هوُ گھوڙن، اٺن ۽ ٻين جانورن جون جبلتون ۽ جوڳين، ڀيلن، ڪولهين ۽ ڳوٺاڻي زندگي جون رمزون بهتر طريقي سان ڄاڻندو ۽ بيان ڪندو هو.
زندگيءَ ۽ موت جو فلسفو ڇا آهي، انهيءَ تي ته ڪي فلاسافر ئي ڳالهائي سگهن ٿا پر بي وقتو وڇوڙو ائين مرڪون کسي وٺندو، انهيءَ جو اندازو ۽ ڏک ڇا آهي، اهو ڪير هن دلبر جي يارن کان پڇي!
عمر جي آڱرين مان ڏس ڇڻون ٿا پيا
سڄڻ سگريٽ سستي جيان ماڻهو سڄو سڙي ٿو پيو
حسن هن لاپرواهي، بي غرضيءَ ۽ نااهليءَ ۾ وڪوڙيل سماج ۾ اک ته ضرور کولي پر هُو سماجي تبديليءَ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سماج کان بغاوت جو هن ڪڏهن به ڏس نه ڏنو ۽ نه ئي همٿايو، پر پنهنجي ڪچهرين ۽ لکڻين ذريعي تبديليءَ لاءِ هر وقت همٿائيندو رهيو. سنڌ کي پنهنجي ماضيءَ ۽ طبقاتي ڍانچن جو ٻيهر ڪرِڙي نظر سان جائزو وٺڻ گهرجي ۽ نئين سوچ ۽ جيئڻ جو نئون منطقي ڏانءُ اپنائڻ گهرجي، اها حسن جي تمنا ۽ جستجو هوندي هئي.
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَر تي جاڳي ٿو
مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو.
حسن لاءِ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو هئي، پر اسان کي ساري سنڌ حسن جو پاڇو ٿي لڳي. هو جملن ٺاهڻ جو ماهر آرڪيٽيڪٽ هيو. هو لفظن کي سُونهن بخشيندو هيو. لفظ هن جا محتاج هوندا هئا. منظور ميراڻي جي لفظن ۾ حسن وٽ لفظن کي ريجهائڻ جو جيڪو فن هيو، سو شايد ئي ڪنهن وٽ هجي. “مون ۾ جُز ڦٽو آهي، مون ۾ ڪُل ڇڻيو آ” هوُ جُز کي سمائي ڪُل جي جيڪا منظر نگاري ڪندو هو، سا شايد ئي ڪو فلاسافر، ڪهاڻيڪار ۽ آرٽسٽ ڪندو هجي.
هر سٺي اديب، شاعر ۽ مهان ماڻهن جي موت تي اڪثر ٻڌندا آهيون ته “هن جي وڇوڙي سان وڏو خال پيدا ٿيو آهي”. حسن جي وڇوڙي سان وڏو خال ته يقينن پيدا ٿيو آهي، پر ان خال کي ڀرڻ لاءِ هو اسان کي تاحيات شاعري ۽ منطق ڏئي ويو آهي. منهنجي نظر ۾ حسن جي انهيءَ اثاثي کي سماجي اتساهه Societal Inspiration)) طور وٺڻ گهرجي، ۽ نه صرف هن جي لکڻين کي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائجي، پر هن جي سموري ڊڪشن، ڏاهپ ۽ ساروڻين کي قلم بند ڪري ۽ ترجمو ڪري دنيا جي ٻين حصن تائين پڻ پهچائجي، ڇاڪاڻ ته حسن جي خيال ۽ جملن جي پختگي عالمي شاعرن کان ڪنهن به ريت گھٽ ڪانهي. ٺيڪ ان وقت اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو سڀ ڪجھه ڪير ڪندو؟ ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ايترا مستحڪم ۽ ذميوار ادارا نه آهن، جيڪي پنهنجي ليکي اهڙي ڪوشش ڪن. اسان کي هاڻي پنهنجي روايتي دنيا مان نڪرڻو پوندو. اسان جي يونيورسٽين، ثقافت کاتي، خانگي ادارن ۽ ٻين ادبي تنظيمن کي سگھارو بنائڻو پوندو ته جيئن اهي سنڌ جي لڪل خزاني کي دنيا تائين روشناس ڪرائي سگهن.


سمنڊ ٿو مونکي سڏي
حميد سبزوئي
هن هڪ ڏينهن اڳ ۾طارق عالم ابڙي جي مرتئي تي تعزيت ڪندي ان جي تاثراتي نوٽ بوڪ تي ڪشق واري ڪيفيت ۾ اڳڪٿي ڪندي لکيو هو ته “انسان کي “آهي” مان “هو” ٿيڻ ۾ وقت ڪيترو ٿو لڳي.” ۽ ان ئي رات چنڊ چمڪڻ کان نابري واري آسمان تي ڪاري گلاب وانگر ٿي پيو هو ۽ هيٺ سنڌ جو سهڻو سيبتو ۽ محبتي شاعر رت ۾ ٻڏي زندگيءَ جي آخري ويڙهه وڙهي رهيو هو ۽ نيٺ موت جي ڪاري حبشي کيس پنهنجن هٿن ۾ کڻي ورتو هو.
اهو اياز ۽ استاد کانپوءِ ٻين شاعرن کي ڇڏي سنڌ جو وڏو شاعر، اسان جو دوست بيحد قربائتو ۽ محبتي انسان حسن درس هو. پر سچ اهو آهي ته حسن درس ۽ طارق عالم ابڙو جهڙا تخليقڪار ڪڏهن به هو ۾ تبديل نه ٿيندا آهن ۽ سدائين “آهي” ئي رهندا. اسان جا صوفي منش، وحدت الوجودي ۽ خوديءَ کان مٿڀرا شاعر ۽ سرجڻهار رڳو امرتا پريتم وانگر اهو سمجهندا آهن ته ڏک، درد، غربت ۽ پريشانيون هن ڪائنات جي تخليقڪار جون ڄڻ پروف جون چڪون آهن ۽ هو انسان ذات جي زخمي روح کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ ذريعي پها رکي ڄاڻندا آهن، ايئن برابر آهي ته جڏهن ديوتائن هن ڪائنات کي جنميو هو ته هميشه جي حياتي پنهنجي کاتي ۾ لکي ڇڏي هئي ۽ موت انسان جو ڀاڳ بڻيو هو. انسان جي ان لازميءَ ڪمزوري تي طنز ڪندي غالب چيو هو ته “موت ئي انسان کي مجبور ڪري وڌو آهي نه ته هو ايترو ته وڏائي وارو هو جو خدا کي به ليکي ۾ نه آڻي ها.” پوءِ به هر شاعر، تخليقڪار، اديب، موجد، ۽ سائنسدان جيڪي پنهنجي هٿ قلم توڙي ذهن ذريعي ڪجهه اهڙيون ڪرامتون ڪن ٿا جو سمئه جي سيني ۾ هميشه لاءِ ترسي پون ٿا ۽ يادگيرين سميت ڪنهن محفل جي ٽهڪن ڳالهين۽ گفتن ۾ مڌ جي خمار وانگر موجود هجن ٿا.
ته حسن درس ته اهڙو ئي دلبر ۽ روح پرور يگانو انسان هو. هو اسان جو دوست، هم عمر ۽ هم عصر ضرور هو، پر پنهنجي محبتي توڙي شاعراڻي نگاهه ۾ اسان کان گهڻو اڳتي هو، هن جو ڊڪشن، تشبيهون، اندازِ بيان، منظرڪشي، لفظن جي چونڊ، سڀني کان نرالي هئي. جيڪو هڪ ئي وقت فيض جي شاعريءَ وانگر رومانس ۽ حب الوطنيءَ جي سرحدن کي ڇهندو هو ۽ سندس شعر پڙهڻ، ٻڌڻ توڙي ڳائڻ ۾ ساڳيءَ طرح لطف ڏيندڙ هوندو هو. سنڌ جي هن ڏڍ ۽ ڏوٿيءَ جي ڳوٺ مشائخ هوٿيءَ ۾ سندس جنازي نماز ۾ شرڪت بعد اندازو ٿيو هو ته هن پنهنجي محبت جي ويڙهي ۾ ڪيترن اديبن، شاعرن، فنڪارن توڙي عام آدمين کي شامل ڪري ڇڏيو هو. جيڪي اها دردناڪ خبر ٻڌي ديواناوار سندس آخري ديدار لاءِ پنهنجا پنهنجا ڪم ڇڏي ڀڳا هئا ۽ اهو پتو به پيو هو ته هن جي فن ۽ محبتن جي حُسن، هڪ نسل نه پر ڪيترن ئي نسلن کي متاثر ڪيو هو. سنڌ جا سمورا ناميارا حال حيات اديب، شاعر ۽ تخليقڪار اياز کان سواءِ شايد ئي ڪنهن اديب جي آخري رسمن ۾ ايتري تعداد ۾ شريڪ ٿيا هجن. اها ئي هئي حسن جي حُسن جي خوشبوءِ جي ثابتي، باقي ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته ادبي سنگت ٽن ڏينهن بدران ٻه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. اهي ڪوماڻيل ۽ ملول چهرا، اشڪبار اکيون ۽ ڏک ۾ چيل اڌوگابرا جملا ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن پاسي کان ايندڙ سڏڪن جا آواز، سڀني اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن جي موجودگيءَ ۾ سوڳ ۾ ورتل لمحا ۽ موبائيل تي ايندڙ SMS جي ٻوڏ ٻڌائي رهي هئي ته اڄ سنڌ کان غيرمعمولي انسان ڪو درويش يا پنهنجي فقيراڻي ۽ محبتي مزاج توڙي لازوال فن وسيلي هزارين دلين جون محبتون حاصل ڪندڙ انوکو انسان وڇڙي ويو آهي. شايد سنڌ وانگر حسن به هڪڙو هو. يا ڪنهن چيو ٿي ته حسن ڪي روز ڄمندا آهن ڇا؟ جيئن اسان جي دوست ناز سهتي چيو ٿي ته “اصل مسئلو خود آگاهي جو آهي، حسن کي شايد خبر ئي نه هئي ته سنڌ جا ماڻهو کيس ڪيترو پيار ڪن ٿا.”
سندس تدفين کانپوءِ دعا ٿئي ٿي، دعا جي کڄيل هٿن تي جهمپير جي تاڙي جهڙي سرشار نيڻن وارو انسان آصف بالادي کي چوي ٿو ته “ڪهڙي چڱائي ٿي آهي جو دعا ٿا گهرو.” ايئن هن سرمد جي ڪلمي جهڙي انسان پنهنجي چئي تي عمل ڪندي پنهنجي ٽڪ جهڙي زندگيءَ کي الائي ڪنهن سان احتجاج ڪندي پاڻ ويڙهي رکي ڇڏيو.
مان وڇايان تون نه ويهين
ڇو نه پوءِ ويڙهي ڇڏيان...
حسن درس سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي؟ ان سوال کي پوئتي ڇڏي مان اڳتي وڌي ٿو وڃان. اسان جي ملاقات “الست بربڪم” ٿيل هئي. انساني لباس ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه چئبي نه. ان ڳالهه جي ان کان وڌيڪ ٻي ثابتي ڪهڙي ٿيندي جو اسين ڪنهن ازلي حڪم وسيلي ساڳي ڌرتيءَ تي ساڳي وقت تي ۽ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي دردمند دل وٺي پيدا ٿياسين. هن سنڌ جي اُڻ تڻ، بيچيني ۽ پيڙا کي شاعريءَ وسيلي ڳولي لڌو ۽ اسان اڌوگابرو ادب ۽ ٿوري ٿڪي قومي سياست وسيلي ڄاڻي ورتو هو، ته پنهنجي دور جي درد، بي وسي ۽پيڙا اسان کي ٻانهن کان وٺي مکاميل ڪرايو، دوستيءَ جي پنهنجائپ، ڀائپي ۽ درد آشنائيءَ ۾ حجاب ۽ احتياط جا سڀ پردا لهي ويندا آهن ۽ دلين جا درياهه ڀلي سمنڊ کان گهرا هجن پر دوستي جي دستڪ سان اهي دروازا هميشه لاءِ کلي ويندا آهن، اسان جو به ڪجهه اهڙو ئي رشتو جڙي ويو هو.
ٻاويهن ٽيويهن سالن جي ان عرصي ۾ ايئن ٿيو هوندو ته ڪڏهن ڪڏهن سال ۾ به ملاقات نه ٿي هجي، پر جڏهن به ملبو ته سندس قرب ۽ پنهنجائپ ۾ ڪا به ڪمي نظر نه ايندي. سدائين مهربان. ساڳيا ٽهڪ ۽ ساڳي بي حجابي، هو سنڌ جي انهن ٿورن ماڻهن مان هو، جيڪو هڪ ئي وقت دل، مزاج ۽ هٿ جا سخي انسان هوندا آهن. اهي مهربانيون شايد سڀني دوستن تي ساڳي ريت هونديون هيون ۽ فيض چواڻي هو هر وقت “مائل به ڪرم” هوندو هو. انهي ڪري سندس ڪشادي دل وانگر دوستن جو تمام وڏو حلقو هو ۽ دوستي ڪيئن نڀائبي آهي ان جو کيس بخوبي علم هو. اها سندس شخصيت جي خوبي ئي هئي جو سڀئي دوست سمجهندا هئا ته هو منهنجو ئي گهرو دوست آهي.
حسن درس جيئن شاعريءَ ۾ يڪتا انسان هو ايئن راڄ ڀاڳ، يارن دوستن سان نڀائڻ ۾ به نرالو هو، سنڌ جا وڻ، ٻوٽا، رستا، قبيلا، ريتون رسمون، اٿڻي ويهڻي، لائي، نڀائي، حسن جون ڪٿائون، پنهنجا ۽ پرايا عجب ۾ وجهندڙ قصا ۽ سندس ڪچهرين جو رس ۽ چس ڪنهن کي وسري سگهندو.
“اهڙا ئي آهين، صاحب منهنجا سپرين.”
يادگيرين جو ڪتاب کولي ڏسان ٿو ته ڪيئي ساروڻيون ساهه ۾ سانڍيل نظر اچن ٿيون.
شايد ۸۸-۸۹ع جو زمانو هو، سنڌ جي اديبن ڪنهن مامري تي سنڌالاجي ۾ بک هڙتال ڪئي هئي، انهن ۾ حسن درس به شامل هو ۽ شايد يڪجهتيءَ جي طور تي اسان سياسي ڪارڪن به ساڻن گڏ ويٺاهئاسين ته سنڌ جو ناميارو سياسي اڳواڻ رسول بخش پليجو ملڻ آيو هو، اتي حسن درس کي به شاعري ٻڌائڻ جو چيو هئائين، آخر ڪنهن دوست حسن کي چيو ته اهو نظم ٻڌاءِ جيڪو تو آصف بالاديءَ تي لکيو آهي، پوءِ هن پنهنجو نظم ٻڌايو، جنهنجو ٿلهه هن ريت هو ته “ڪائنات ڪيڏي وڏي آ- آصف توکي ڇا گهرجي-!!؟ نظم ٻڌي پليجي مسڪرائيندي طنزيه پڇيو هو ته “ان نظم جو شانِ نزول ڇا آهي-!؟
ٻي ان ئي زماني جي ڳالهه آهي جڏهن قاسم آباد جي فليٽ ۾ اڪيلو رهندو هو، اتي به هڪ ٻه ڀيرا خوب ڪچهريون ٿيون هيون، ان زماني ۾ کيس ڪو قنڌاري عشق لڳل هو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو هن ڪنهن شريف مرد وانگر شاديءَ جي آرزو ڪئي هئي. پر عشق ۾ ٽريجڊي نه ٿئي ته پوءِ عشق ڪهڙو-! پر ان درد ۽ عشق حسن تي جيڪي نوازشون ڪيون ان سندس ڏات کي سوين چانڊوڪيون بخشي ڇڏيون، شايد سردين جو هڪ نظم ان پيار جو پڙلاءُ آهي، جنهن جون سٽون ته ڏسو:
سرد ملڪن جي پکين
جهڙي حسين ڇوڪري
منهنجون ڏهه ئي آڱريون
ميڻ بتين وانگر ٻرن
پوءِ به تنهنجي روح جون
سڀ ڳليون سنسان ڇو-؟
ان کانپوءِ ۹۲ع ڌاري جڏهن اسان سڀ انڊيا وياسين ته اتي دهليءَ ۽ بمبئيءَ جون ڳليون به اسان گڏجي ڪڇيون هيون. جو هو بيچ، نيڪلس بيچ، اليفينٽا ٻيٽ ۽ تاج محل هوٽل جي ڀرپاسي واريون ڳليون، جن تي گهمڻ ۽ آوارگيون ڪرڻ جو پنهنجو لطف هو. جتي هڪ پيار جي پنڌن جي سونهين سنڌيءَ اسان کان پڇيو هو ته توهان سنڌ کان آيا آهيو؟ “ها” واراڻي ڏيڻ تي هو ٻهڪي پيو هو ۽ خرچي وٺڻ کان نابري واري ويٺو هو. انهن ڏينهن جي بمبئي ۽ هاڻوڪي ممبئي ۾ پوري رات اسان آواراگرديون ڪندي گهاري هئي. اُهي دلچسپ ڳالهيون، يادون ۽ جملا ايڊيٽر جي قلم کان اڳ ئي ايڊٽ ٿو ڪري ٿو ڇڏيان.
حسن جي شاعري جيڪا انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ انداز رکي ٿي، جيڪا پڙهڻ سان ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هن هر ڪنهن جي دل جي درد ۽ لڙڪن کي ويهي سٽ سٽ ۾ سمويو آهي ۽ پنهنجي ئي جيون جي ڪا اڻ لکيل ڪٿا لڳي ٿي ۽ پڙهندي از خود غالب جي سٽ ذهن تي تري ٿي اچي ته “مين ني يه جانا هي گويا، يه ڀي ميري دل مين ٿا.” سنڌ جي سردين ۽ ڄامشوري جي شام جهڙي هن شخص جي من ۾ الائي ڪهڙو ريچڪ آيو جو هن ڌرتيءَ کي هڪ ٻرانگهه ۾ پار ڪري وڃي ستارن جي ٻئي پاسي پهچي ويو.
هن سان ويجهڙ ۾ اسان جي دوست مسعود لوهار جي ڪري گهڻا سفر گڏ ڪرڻ جو موقعو مليو، خاص طور تي روهيءَ جو پنڌ سڀني کان يادگار هو، جتي اسين موت جي منهن مان نڪري آيا هئاسين ۽ واپسيءَ ۾ مسعود لوهار ۽ حسن درس سان گڏ سفر ٿيو، جنهن ۾ همسفر گاڏهي به گڏ هو، سڄي رستي تي حسن جون ڳالهيون، ڀوڳ ۽ چرچا هئا، جنهن تي سموري سنگت کل ۾ ويڙهجي وئي هئي، خاص طور تي ٻي شاديءَ جو مباحثو ته سنڌي نسل ۾ نرالپ ۽ سونهن پيدا ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ موجود خوبصورتيءَ سان لائون لهڻ گهرجن ۽ ان کي قومي فرض سمجهي پورو ڪرڻ گهرجي، يا حسن جا اهي گفتا جيڪي کيس اياز ملاقاتن دوران چوندو هو. اهي به اياز جي آواز ۾ اهڙي ته دلچسپ لهجي ۾ ٻڌائيندو هو. جو سڄي سنگت محظوظ ٿي ويندي هئي. ساڳيءَ طرح حسن درس، مسعود لوهار ۽ سڪندر بروهيءَ سان هنگلاج جو سفر به يادگار هو.
عورت، شراب ۽ سمنڊ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ استعاري طور ڪتب آڻيندڙ حسن، هر حوالي سان حيران ڪندڙ هو. جيئن هن لاهور ۾ مشهور اردوءَ جي ليکڪا جميله هاشميءَ جي ياد ۾ ڪوٺايل ميڙ کي حيران ڪري ڇڏيو هو، جو اتي موجود اسان جي سينيئر ليکڪ عبدالقادر جوڻيجي به پنهنجي مضمون ۾ تعريف جا واهڙ وهائي ڇڏيا هئا. ساڳيءَ طرح هن سنڌ جي سرحدي شهر ننگرپارڪر لڳ ڪولهين سان مڌ چڪي پيئندي ان ڪولهيءَ کي حيران ڪري ڇڏيو هو، جنهن هن کي چيو هو ته اسان جو دوست آهين ته اسان جي شڪار ڪيل جانور جو گوشت کائيندين؟ جنهن تي هن ها ۾ ورندي ڏني هئي اهو جانور جنهن جي کائڻ جا طعنا فردوسيءَ عربن کي ڏنا هئا.
هن مانجهاندي جي ماڳ ۽ رين بسيري واري دنيا جنهن جي بي ثباتي ڪنهن شڪ کان مٿڀري آهي. هو ايئن اوچتو ڇڏي ويندو، ڪنهن سوچيو هو! هن جي خيالن، ڳالهين، شاعري سان سنڌ پرينءَ جو پاڇو ٿي پيئي هئي ۽ هن جي جواني، حُسن ۽ اتساهه اڃا زندگيءَ سان سرشار هئا. اڃا ته نه مڌ کٽو هو، نه ساقيءَ جا هٿ ڏڪيا هئا ۽ نه رات جي پاند ۾ اٽڪيل ستارن موڪلاڻي ڪئي هئي جو هي بلهي شاهه جي خيال جهڙو شخص وڃي خيال سان مليو
مئي تان ڪوئي خيال هان، ملسان نال خيال دي
اهو ته اياز هو. جنهن پنهنجي اميد ۽ اتساهه جي سمجهاڻي ڏيندي چيو هو ته “مون ۾ ايترو اتساه آهي جو مان گلاب جي گل کي ڦٽڻ لاءِ چوان ته انهي وقت ڦٽي پوندو. پر حسن درس جو خيال شايد اياز کان به گهڻو اڳتي آهي، جو هو ابن مريم کان به اڳتي وڌي منصوري هجت جي انداز ۾ چوي ٿو
قونيا ۾ ڪيف وارو رومين جو رقص آهي
هن دل قلندريءَ ۾ دم دم ڌمال آهي
هن پٽ کي وڇائي، ويڙهي سگهان ٿو آئون
هر خيال جي خدائي کيڙي سگهان ٿو آئون
مٽي مان هر ڪو ماڻهو ميڙي سگهان ٿو آئون
آواز جي اٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آهي
انهي شاعريءَ جو معجزو ئي آهي جو کيس حسن مجتبيٰ اياز کان پوءِ سنڌ جو وڏو شاعر ڪوٺيو آهي.
مشائخ هوٿيءَ جي درگاهه تي گهريل سندس دعا اگهامي هئي ۽ هو سنڌ جو سڀني وصفين اوچي پد وارو سرجڻهار ٿي اڀريو هو. پر هو اول ۽ آخر شاعر. يارن جي پُکي ۾ آيل آواره گرد، آزاد، قصه گو ۽ محفلن جو مور، قدرت کيس اهڙي موزون طبيعت ڏني هئي جو هن جي شاعري، گفتا، ٽهڪ ۽ مَڌ جا گلاس سڀئي بحر وزن ۾ پورا هوندا هئا. هن ڪمال جي خوددار شخص الائي ڪٿان “وجود وڃائڻ” جي رمز سکي هئي، جو هن کي خود جسم پراڻو لٿل لباس لڳو هو جو ان کي ڪنهن اردو شاعر چواڻي “آذان ۽ نماز” جي وچ واري مختصر وقت جيترو جيئي ۽ لاهي هليو ويو. بيشڪ فن کي پنهنجي معراج تي پهچائڻ لاءِ ڊگهي ڄمار جو هئڻ ضروري آهي، پر بيڪس وانگر جوانيءَ “۾ جي ڪنهن کي جان جي جانان جو سڏ ٿئي ته پوءِ ان جي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس ڪجي.
هو شخص جيڪو خود زندگيءَ جهڙو هو. جنهن کان زندگي خود ٽهڪ اُڌار وٺندي هئي، جنهن جي شاعري حياتي ۽ اٿڻي ويهڻي سنڌ اندر هڪ اميد جي علامت هئي، جنهن جو سنڌ جي سڀني مڪتبهءِ فڪر جي ڪارڪنن ۾ ساڳي طرح احترام هو. پنهنجي شاعريءَ ۽ ذات توڙي انا واري ٿانوَ کان مٿڀرو حسن درس جڏهن اسٽيج تي شاعري ٻڌائيندو هو ته تڏهن چپ حيرت ۾ وٺجي ويندا هئا، هٿ تاڙين وڄائڻ جو هنر وساري ويهندا هئا ۽ هوائون رقص ڪنديون هيون. جنهن به کيس اسٽيج تي هڪ ڀيرو ٻڌو، اهو کيس پهرئين عشق وانگر ڪڏهن به وساري نه سگهندو.
ائين ناهي اياز! حسن جي وڇوڙي سان ميڪدي تي ماڪ ته برابر وسي رهي آهي، پر پياڪن جا سمورا خمار، شيشي جي گلاس وانگر ٽڙڪي پيا آهن. هو جيڪو سنڌ جي ميڪدي جو ساقي ۽ سونهن هو. جنهن وٽ حب الوطني، مزاحمت، رومانس ۽ عاشقيءَ جون سموريون ادائون ۽ انداز موجود هئا، موکي جي مٽن جهڙي هن جي شاعري جي ميخاني ۾ ڪير هو جنهن کي ديدار ۽ پيار جي چڪيءَ مست نه ڪيو هجي. سنڌ جي هزارين دردمند انسانن، ان ميخاني جي احترام ۾ پنهنجن ٽٽل دلين ۽ ڀنل اکين اندر پيار ۽ ياد جا ڏيئا ٻاريا آهن ۽ حسن جي ئي لفطن ۾ ته “جيئڻ جي جاڳ” ۽ “عاشقيءَ جي آڳ” وانگر اهي ڏيئا ڪنهن به وقت، حادثي، المئي جي طوفان ۾ به وسامڻا نه آهن.
دلڪش بدن، سمندر انداز عورتن جا
ناريل جي وڻن کي آهي ڏسڻ جي عادت
۽ مرد کي مصيبت- آهي ڇهڻ جي عادت
۽ ڇوڪرين ڇتين کي- آهي ڪهڻ جي عادت
ڪنهن تي پون نه ڪڙڪي- سي مرد سڀ مري ويا.


سنڌي شاعري جو سهاڳ کسجي ويو
مهتاب هنجهڙو
۱۶ جون حيدرآباد جي روڊن تي آواره رقص ڪندڙ رات هئي. جي او آر ڪالوني جي تنگ و تاريڪ ۽ گهُٽيل، ٻوساٽيل ڳلين ۽ جاين ۾، جن لاءِ دوستووسڪيءَ پنهنجي ناول “انسلٽيڊ اينڊ هيوميليٽڊ” ۾ لکيو هو “گهُٽيل جاين ۾ خيال به گهُٽيل، گهُٽيل ايندا آهن” ڇا ان رات هُن اهڙي گهُٽيل ماحول ۾ به پنهنجي پسند جا آزاد نظم پڙهيا هئا؟
موت بي رحم، ڪيڏي نه چالاڪي سان هن جو پيڇو ڪندي ڪندي ان جاءِ تي کيس گهيري ورتو هو، جيڪا جاءِ هن لاءِ بظاهر ته پنهنجو وطن هئي، پنهنجو گهر ۽ شهر هئي، پر قانون جي رکوالن جي نظر ۾ هئي هڪ سرحدي لڪير. اهڙي لڪير جتي ڪوئي ڪهڙي به تڪليف ۾ ڇو نه هجي پر هنن لاءِ اهميت حدبندي جي آهي. هڪ شاعر جنهن جو وطن پنهنجيون اکيون هيون، هن جي نظر جتي، جتي به وئي ٿي، هن ان جاءِ کي اون ڪيو ٿي پر هو ساده مزاج شاعر ڇا ڄاڻي ته هي دنياوي قانون ڇا ٿيندو آهي؟
هو لاوارثي ۾ ان سرحدي لڪير تي تڙپندو رهيو. اُهي کيس ڊس اون ڪندا رهيا، کيس تڙپندو ڏسي رونشو ڪندا رهيا جيڪا هنن جي محبوب روش رهي آهي.
حسن درس جي گاڏي حادثي جو شڪار ٿي. پيٽرول پمپ واري قاسم آباد پوليس کي اطلاع ڪيو، جيڪا سڏ پنڌ جي فاصلي تي هئڻ باوجود هڪ ڪلاڪ کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهتي ۽ جي او آر ڪالوني پوليس جي حد قرار ڏيئي واپس موٽي وئي. ساڳي طرح جي او آر پوليس به شاندار ذهانت جو مظاهرو ڪندي بغير ڪنهن روينيو رڪارڊ جاچڻ جي اهو چئي موٽي وئي ته “حد ته قاسم آباد پوليس جي آهي.”
هو ارڏو شاعر جنهن جو زندگي ڏانهن رويو انتهائي لاپرواهي وارو هو ته شاعري ڏانهن به. جيڪا هن جي آڏو هميشه ائين رهيا جيئن ڪي ٻار پيءَ جي هوندي به يتيمن جيان جيئندا آهن. پاڻ سرڪاري لاپرواهي جي هٿان شڪست کائي ويو.
ڪير ٿو چوي ته اسان جي فورسز جي عوام ڏانهن رويي ۾ ٿورڙي به نرمي آئي آهي خاص طور تي اسامه واقعي کانپوءِ؟
خروٽ آباد ۾ ڏينهن ڏهاڙي ماهر نشاني بازن، هڪ ڳورهاري عورت سوڌو ۵ معصوم پرڏيهي شهرين کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ پوليس عملدار دعوى ڪندا رهيا ته اُهي سڀئي آپگهاتي بمبار هئا، ويندي ويندي هڪ آفيسر ته عورت جو هار به سِرڪائي پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو.
ڪراچي ۾ رينجرز به نوجوان تي سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. هو زندگي جي خيرات گهرندو رهيو پر کيس ڪهڙي خبر به وردي ۽ رحم، هن ملڪ ۾ گڏ ڪيئن ٿا هلي سگهن.
هي اسان جي ملڪ جو حقيقي منظرنامو آهي، جتي هڪڙي شاعر جو ائين تڙپڻ ڪهڙي ٿو اهميت رکي. هتي پوري قوم تڙپي رهي آهي لڳاتار ۶۴ ورهين کان.
حسن سان منهنجي هڪڙي ملاقات هئي. حيدرآباد پريس ڪلب جي اها خوبصورت رات، جنهن ۾ ڪچهري جي باوجود هو سڃاڻپ قائم ڪرڻ يا انهن لمحن کي پنهنجي ياداشت ۾ سنڀالي رکڻ جي قابل ڪٿي هو؟ ان رات امر جليل حيدرآباد آيو هو ۽ اها رات قرت العين حيدر جهڙي تخليقي سگهه رکندڙ ليکڪ اعجاز منگي تان به ڪڙي گذري هئي ۽ ان کانپوءِ کيس سنڌي ادب مان جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي هئي. ان رات مون محسوس ڪيو هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دادلو شاعر سڏائڻ جو اختيار آهي ته صرف حسن کي!!
موت لازم آهي، هر ڪنهن تي اچڻو آهي، انهيءَ تي ڪنهن کي ڪو اعتراض به نه هئڻ گهرجي، سمورن احساسن ۽ جذبا رکڻ کانپوءِ به پر ڇا هي به موت آهي، ڪنهن کي سڄا سارا ۲ ڪلاڪ تڙپندو ڏسڻ جي باوجود کيس اسپتال به نه پهچايو ويو، سو به انهن محافظن طرفان، جن کي اسان جي حفاظت ۽تحفظ لاءِ ماهوار پگهار ملندي هجي، هي ته موت نه چئبو، هي ته قتل آهي، سڌو سنئون قتل.
خروٽ آباد واقعي کانپوءِ معطليون ۽ بدليون ٿيون. ڪراچي ۾ نوجوان جي قتل ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ جون نوڪريون چٽ ڪري ڇڏيون ۽هن واقعي ۾ ٻه ايس ايڇ اوز معطل ڪيا ويا. ازالي جو طريقيڪار به ڪيڏو نه تذليل ڀريو آهي!
ڇا ان ازبڪ عورت، جنهن جي پيٽ ۾ ۷ مهينن جو ٻار هو ۽ سندس مڙس جي درد کي ڪنهن سمجهيو آهي جن جي بيگناهه ثابت ٿيڻ کانپوءِ به سندن سرد جسمن کي وطن جي مٽي به نصيب نه ٿي. کين ڪوئيٽا ۾ ئي دفن ٿيڻو پيو، سندن وارث غربت سبب رڳو وطن جي مٽي ئي آڻي سگهيا.
ڇا ٻن اعلى عملدارن کي هٽائڻ کانپوءِ سرفراز شاهه جي مائٽن جي واقعي به دل ٺري پئي، جيڪو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي ڪئميرا تي ڏيکاريو ويو.
ڇا صرف ۲ ايس ايڇ اوز جي معطلي سان سنڌي شاعري جو سهاڳ موٽي ايندو، جيڪا هاڻي ڏهاڳڻ بڻجي وئي آهي؟ نه بلڪل به نه.


شهزادي شاعر جي ياد!
دولت رام کتري
گذريل سال ۱۶ جون ۲۰۱۱ع جي ڏڻ، صبح ويلي جڏهن سنڌ جي محبوب شاعر حسن درس جي موت جي خبر پئي ته سموري سنڌ سڏڪي پئي. حيدرآباد جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون، ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ سنڌ جي سورج مکين پنهنجا ڳاٽ جهُڪائي ڇڏيا. سنڌ جي علمي ادبي لڏي ۾ ڏک ۽ ماتم جي ڪيفيت ڇائنجي وئي هئي. جديد سنڌي شاعري جي هن شهزادي شاعر لاءِ سموري سنڌ سوڳوار بڻجي وئي هئي. ۱۶ جون جو اڀاڳو ڏڻ وري موٽي آيو آهي. هن منحوس ڏڻ جي موٽي اچڻ سان سنڌ جي علمي ادبي لڏي جي ماڻهن جا زخم وري تازا ٿي ويا آهن. اڄ وري سنڌ ۾ هُن کي ساريو ويندو ۽ هُن جا دوست مداح هن کي ساريندي اڄ ڏکارا بڻجي ويندا.
مشائخ هوٿي جي هن محبوب ماڙهو (ماڻهو) پنهنجي ننڍي عمر ۾ جيڪا مڃتا ماڻي، هن قسم جي محبت ۽ مڃتا ڪنهن ورلي ماڻهو کي ئي ملندي آهي. هونءَ ته سنڌ جي نوجوانن جي دلين جي دڙڪن هو، هن جي شاعري ايتري پختي آهي جو سنڌ جو عام نوجوان پڻ پنهنجي دوستن کي حسن درس جا شعر SMS جي صورت ۾ موڪليندو رهي ٿو. هونءَ ته سنڌ جي ادبي لڏي توڙي عام نوجوانن ۾ پڻ مقبول شاعر هو. سنڌ جي علمي ادبي لڏي جا ماڻهو هونءَ به هن سان بي انتها محبت ڪندا هئا. پنهنجي صوفياڻي مزاج سبب هن دوستن جو هڪ وڏو حلقو ٺاهيو هو. حسن درس سنڌ کي الوداع چئي اُن پار ڏانهن لڙي ويو آهي جتان ڪوبه موٽي ناهي آيو، پر هُن جا گيت ۽ هُن جي ڏات جا ڏيئا ته ڪڏهن به نٿا اُجهامي سگهن:
اسان ئي ڪوي ڪاڪ ڪوتا جا راڻا،
اسان سان ئي مومل ڪيا موهه ماڻا.
اسان ئي ته اوندهه سان اُلجهون ۽ اٽڪون،
اسان جي نه ڏات جا ڏيئا اُجهاڻا.
هن وقت سنڌ ۾ نوجوان شاعرن جي وڏي کيپ حسن درس جي ڏانءُ ۽ ڏات جي پوئيواري ڪري رهي آهي. سندس غزل ۽ نظم ۾ جيڪا پختگي آهي يا سندس خيالن ۾ جيڪا گهرائي آهي انهي شاعري جي گهرائي نوجوانن کي پاڻ ڏانهن مائل ڪيو آهي ۽ تڏهن ته سنڌ جا نوجوان هن جي شاعري جي Diction جي پوئيواري ڪندا رهيا آهن:
رات سپني ۾ مون ٿي، گهُمي ڪهڪشان
چنڊ ماتم ڪيو ٿي مڪليءَ مٿان!
تون اڀيچند سندا سيٺ ناهن ڏٺا،
توکي ناهي خبر سُونهن ڇا هي مُلان!
عشق سرمد جي پيرن جي خاڪ آ
تون ٺٽي جي گهٽين ۾ گهُمي سوچجان!
حسن درس فطرت جو عاشق شاعر هو، سندس شاعري جا سمورا رنگ فطرت جي خوبصورت منظرن جي عڪاسي ڪن ٿا.
اُڏاڻيون ڏور پئي آڙيون، سمو ڪنهن سار وانگي هو،
لڙيو پئي لاڙ تان سورج، مهاڻي ٻار وانگر هو.
وڻن تي ڪانگ ها ويٺل، ڳليءَ مان ڳئون پئي آيون،
پراڻو ڳوٺ هو ليڪن، پرينءَ جي پار وانگر هو.
پنهنجي حياتي ۾ حسن درس سموري سنڌ کي گهمي ڏٺو هو، هو جتي ويو اُتي پنهنجون خوبصورت يادون ڇڏي آيو. لاڙ جا نيرڳ هجن، ڪاسٻي جو مندر هجي، پارڪر جا پڊ هجن يا ميرباگي جا منڍ هجن، ڀوڏيسر جي ڀونءَ هجي يا مٺيءَ جي گڍيءَ واري ڀٽ هجي، هُن سموري سنڌ کي پنهنجي پرينءَ جي پاڇي وانگي ڏٺو.
محبت مير باگي جي، ڪنول جهڙي ڪهاڻي آ،
لڳائي لاڙ جنهن سان لنئون، اُهائي سنڌ راڻي آ.
موج ٿري جي مستي ۾،
مون تيئن حياتي آ ماڻي،
جيئن ڪارونجهر جي ڪولهي کي،
ڪا ڪڇ ۾ ڪاري ڪولهياڻي.
حسن درس پنهنجي زندگي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ٿر گهمڻ آيو هو. ٿر جي فطرت جا خوبصورت منظر، صادق فقير جي خوبصورت آواز ۾ جڏهن هُن پنهنجي شاعري ٻُڌي ته هُن کي ڄڻ نئين زندگي ملي وئي هئي، پر افسوس جو اڳتي هلي هُن سان زندگي وفا نه ڪئي ۽ هُن ۱۶ جون ۲۰۱۱ع تي پونم پئٽرول پمپ جي سامهون واري چوڪ تي پنهنجا پساهه پورا ڪيا.
حسن درس جديد سنڌي شاعري کي نوان گس ڏنا، سنڌي شاعري کي جديديت جو هڪ نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايو. هو جتي نئين ٽهي جو نمائندا شاعر هو، اُتي هن جا گيت آمرن جون ننڊون حرام ڪندا هئا. آمر ضياءَ للڪارڻ، هُن جي مزاحمتي شاعري جو عڪس آهي. ڀلي هو رومانوي شاعر هو، پر هُن جا اڪثر نظم ۽ غزل صوفياڻي رنگن سان پڻ ٽمٽار آهن.
جيتوڻيڪ جديد سنڌي شاعري ۾ هر شاعر جو پنهنجو هڪ نرالو رنگ ۽ ڍنگ آهي، پر حسن درس جي شاعري جو رنگ ڪولهين جي راسوڙن جهڙو آهي. ڪولهين ۽ ڪولهين جي لوڪ راسوڙن سان عشق ڪندڙ حسن درس هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
ڪولهين سان گڏ ڪولهي ٿيان،
ها ها آئون هولي ٿيان!
تنهنجو اڊڙيل عشق هجان،
پنهنجي ڦاٽل جهولي ٿيان،
وڏڙن جو مان ورثو ٿيان،
ٻارن جي مان ٻولي ٿيان.
هن جي ورسي واري ڏڻ تي جتي اسان سنڌ جا سمورا نوجوان حسن جا مداح، علمي ادبي لڏي جا ماڻهو ڏک جي ڪيفيت ۾ ورتل آهيون ته اُتي اسان کي هن کي صحيح معنيٰ ۾ خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ، هن محبوب شاعر جي شاعري جي ڊڪشن جي پوئيواري ڪندي هن جي شاعري جو مطالعو ڪري، هن جي ڏانءَ ۽ ڏات جي واٽ وٺون، جيڪا ڏات اسان کي سڀاڻي حسن درس بڻائي سگهي ٿي. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هن جي نالي علمي، ادبي لائبرريون قائم ٿيڻ گهرجن. هن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو هڪڙو طريقو هي پڻ آهي ته سرڪاري سطح تي هن جي نالي ڪراچي يا حيدرآباد ۾ ڪو علمي ادبي ادارو قائم ڪيو وڃي، جتي هن حيدرآباد ۾ پونم پئٽرول پمپ جي سامهون چوڪ تي روح پرواز ڪيو آهي، اُتي اُن روڊ يا چوڪ جو نالو حسن درس جي نالي منسوب ڪيو وڃي ۽ اتي هُن جو مجسمو جوڙي ڪا يادگار ٺاهيو وڃي. حسن درس لاءِ ساري سنڌ پرين جي پاڇي وانگي هئي، انهيءَ ڪري سنڌ جي ماڻهن کي حسن درس کي بي پناهه محبتون ارپڻ گهرجن.
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَر تي جاڳي ٿو!
ٿڌو سبب ٿيا، واري تي،
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو!
هڪڙو خواب سهانو جيڪو،
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو.
ڪارو نانگ مٿان چانڊوڪي،
ڪارونجهر تي مور نچي ٿو!
مون کي هڪڙو خيال اچي ٿو،
ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو،
جيڪو جر تي جاڳي ٿو.
حسن درس سنڌ جو عاشق شاعر هو. سندس شاعري هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندي.


’ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي جڏهن گڏجي اڏرندا‘
امداد سومرو
جيتوڻيڪ حسن جي ادبي گرومنگ حيدرآباد جي ان ماحول ۾ ٿي هئي جڏهن نظرياتي ڀڃ ڊاهه ٿي رهي هئي، پر  ان سان گڏ سياسي ادب ۽ شاعريءَ جو پڻ عروج هو. اياز ادبي افق تي ڇانيل هو ۽ ادبي نظرئي جي حوالي سان بحث اڃا مئا نه هئا. رسول بخش پليجي جون سمونڊ جيان گجندڙ تقريرون ۽ عبدالواحد آريسر جا سنڌو درياهه جهڙا خطاب نوجوانن لاءِsensual  ڇڪ جهڙو سبب بڻيل هئا. ضياءَ جي ڊڪٽيٽرشپ جو انت شاعر جي اڳڪٿي جيان سچ ثابت ٿي رهيو هو ۽ بينظير ڀٽو ملڪ واپس اچي چڪي هئي. جواني ۽ خوشي ڪنهن شاهي دروازي مان لنگهي اچي رهي هئي. حسن درس ادبي کيتر ۾ اهڙن لمحن ۾ ڪٿي سرجي رهيو هو.
مون کي حيرت آهي ته ان جي باوجود حسن سواءِ ڪجهه نظمن جي پنهنجي شاعري سياسي نعريبازي توڻي سياست جي عارضي بازار کان بچائي سگهيو هو. هو سياست جي اثر کان ڀلي پري نه هو پر هن پنهنجي آرٽسٽڪ ورجنٽي بچائي رکي هئي ۽ اها وڏي ڳالهه هئي. مختصر عمر وانگر آرٽسٽڪ پوزيشن هن ايئن بچائي هئي جيئن روسي شاعر سرگي يسنين بچائي هئي. يسنين ۽ حسن ۾ ڪيتري نه هڪجهڙائي آهي. يسنين ۳۰ سالن جي عمر ۾ مري ويو. عشق ۽ مئه ۽ سونهن ۽ دل جي دنيا. جڏهن ڪامريڊ اسٽالن جي پارٽي ڪمان سنڀالڻ واري سال هو سينٽ پيٽرسبرگ جي هڪ اسپتال ۾ سرد ۽ اداس رات جو مئل حالت ۾ مليو.
يسنين جي شاعري پڙهو ۽ حسن جا نظم پڙهو، اوهان کي لڳندو ته ٻه مختلف شاعر مختلف ٻولين ۽ دورن ۾ هڪ ٻئي جي ڪيترو نه ويجهو هئا.
اياز جو ڪمال اهو هو ته هن سنڌ جي نئين نسل کي انٽرنيشنل ساگا سان جوڙي رکيو هو. انٽرنيشنل ادبي ٽائڪون ۽ ادبي تحريڪون، انقلابي هيرو، ننڍي کنڊ جا اهي آزادي واري تحريڪ جا هيرو جن متعلق اسان کي پاڪستاني تاريخ ۾ ڪڏهن به نالي کان واقف نه ڪيو ويو هو، انهن کان روشناس ڪرايو پر ايتري ته همه گير ٻولي ۾ جو اهي اسان کي پنهنجي قريب محسوس ٿيا. اياز جي شاعري ايئن آهي، جيئن هن اها پاڻ تشريح ڪئي هئي ته، مون کانپوءِ جيڪو شاعر ايندو ته اهو ايئن هوندو جيئن ڪمند جو هڪ فصل لڻبو آهي ته ان مان ٻيو فصل ڦٽي پوندو آهي.
حسن اهڙي فصل جيان اڀري ضرور آيو هو پر هن جي مٽي الڳ هئي جي اياز کان اوپري نه هئي. هو ننڍي کنڊ جي صوفي روايت جو شاعر هو. پر هن جو ڊڪشن ۽content مغربي لبرل آرٽ کان متاثر آهي. هو ڳالهه پنهنجي ڪري ٿو پر ان کي بين الاقواميت حاصل آهي. حسن جي شاعريءَ کي اياز جي شاعريءَ وانگر انگريزي يا ڪنهن به ٻي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو اها پڙهندڙ کي اوپري نه لڳندي. تصور ڪريو جي اوهان يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ اسان جي عوامي شاعر ابراهيم منشيءَ جو نظم ”جنگ، جنگ، جنگ آ منهنجي تو سان جنگ آ“، ٻڌايو ته اتان جا ماڻهو شايد اوهان کي قهرآميز  اکين سان ڏسن. هنن پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگيون ڏٺيون آهن ان ڪري هو ان لفظ کان اڃا تائين ڇرڪيل آهن. ان قسم جي نعريباز شاعري اسان وٽ پاپولر هئي. ڪَتين جي قيد ۾ رهڻ جهڙي شاعري ڪندڙ شاعر کي اهڙي شاعري ڪرڻي پئي ته ان ۾ اسان جي جبر وارين حالتن جو عمل دخل ضرور هوندو پر اوهان ان شاعري کي موجوده دؤر ۾ خاص طور عالمي فورم تي رکندو ته اوهان کي طالبان نواز سمجهڻ جي غلطي ٿي سگهي ٿي.
پر حسن درس ان کان محفوظ رهيو جيئن لطيف سائين رهيو. اياز ڪڏهن ڪميونسٽن، ڪڏهن قومپرستن ته ڪڏهن جمهوريت پسندن جي وڪڙ ۾ اچي ويو ۽ ان اثر ۾ هن شاعري به ڪئي جيئن، ”هي بيت اٿئي بم گولو جيڪي به کڻي جيڪي به کڻي“، يا ”هائو مخلوق وڏي شيءِ آ، پر بندوق وڏي شيءِ آ“. پر جيئن ته اياز گهڻو پڙهيل ۽ مفڪر شاعر هو ان ڪري جلد يا ته ان فيز مان نڪري آيو يا انقلابي ۽ سياسي سرڪل ۾ رهي به هن پنهنجي آرٽ کي مرڻ نه ڏنو.
حسن درس پنهنجي ڏات انتهائي ڪمال، نهٺائي ۽ شان سان بچائي. قونيا ۾ روميءَ جي رقص کي سيوهڻ ۾ قلندر جي ڌمال سان گڏڻ ايئن هو جيئن گلزار پونا کان موهن جي دڙي تائين اوڌر واري چمي جي ڳالهه ڪئي هئي. ۽ اها سرريلسٽڪ شاعري آهي: مٽي مان هر ڪو ماڻهو، ميڙي سگهان ٿو آئون، آواز مان اٿڻ جي، ڪيفيت ڪمال آهي... دنيا نه اسان سامهون بيهي سگهي بدن جي، ڇيرين جي ڇم ڇم، سمجهيم سوال آهي....
ها، جي ايران واري خوني انقلاب هن کي متاثر ڪيو هو ته اهو هن جي آزادي وارن قدرن ۽ موسيقي ۽ آرٽ جي ڪري هو. جنرل ضياءَ هن جي جواني جو قاتل هو. اهو اظهار شاعراڻي بغاوت يا احتجاج آهي نه ڪي ان کي پارٽي پاليسي شاعري قرار ڏئي سگهجي ٿو. الجزائر جي آزادي تي هن جو نظم ”حوار بوڊمين“ وغيره سنڌ ۾ سارتر جي اثر هيٺ لکيل آهي.
اڄ ته پئرس جي گهٽين ۾،
سارتر به ڪو نه آ،
ڪير جو ساکي ٿئي،
۽ زهر ۾ ماکي ٿئي
الجزائر ايترو ناهي پري،
جيترو تون آهين دور ديس کان....
جي آرٽسٽ ان پائي، ان سطح جو آهي ته پوءِ همعصر دؤر سنگين سياسي واقعا هن کي ان قسم جو نظم لکڻ تي مجبور ڪري سگهن ٿا:
درد جي هن پراڻي ڍنڍ تي
ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي،
جڏهن گڏجي اڏرندا
۽ چٽي اس ۾ به
پکين جو هڪ ڪڪر،
ڍنڍ تي ڇانورو ٿيندو
ته ڪروڙين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون،
جوانيءَ جي ٽاريءَ تي،
زندگيءَ جي چيلهه ۾ ٻانهون وجهي،
مسلسل ٽهڪ ڏيندا
۽ انهن ٽهڪن ۾،
گگوش سدائين جوان رهندي.
ايران ۾ اڄوڪن ڏيهاڙن ۾ اهو نظم ڪيترو نه پاپولر ٿي سگهي ٿو. خير، پکين جو ڪڪر، اها تشبيهه انتهائي ورلي آهي ۽ منهنجي محدود مطالعي ۾ مون اها ڪٿي نه پڙهي آهي. ڍنڍ تي ڇانوري جو تصور، جوانيءَ جي ٽاري، حسن جي جمالياتي شاعريءَ واري عروج جي شاهدي آهن.
۽ ڪاش هن کي ڪو اهڙو راڳي ملي سگهي، ايلٽن جان ۽ جان لينان جهڙو جيڪي اهو ڳائي سگهن:
شام جو تارو عروج تي آهي،
تون اڃان ڪنهن سان گفتگو ٿيندينءَ،
سانجهه جو ڪڏهن سرنگون ٿيندينءَ،
چئو ڀلا رات جي روبرو ٿيندينءَ!
زندگيءَ ۾ زوال هوندو آ،
سامهون هر سوال هوندو آ،
جاڳندينءَ، جيئندينءَ ۽ جواب ٿيندينءَ،
گفتگو هن جي، تون گلاب ٿيندينءَ؟.
(اها انتهائي سيريس شاعري آهي).
جڏهن هن جو ڪتاب آيو پئي ته مون سوچيو ته ڪاش ان تي پليجو يا جويو صاحب تفصيلي انداز ۾ لکي. پوءِ هو جيڪي به لکن. جيئن به سمجهن. ڇو ته هر وڏو آرٽسٽ اوترو ئي ڪنٽرورشل هوندو آهي ۽ ان کي ان ڇاڻيءَ مان گذرڻو پوندو آهي ۽ گذرڻ به گهرجي. حسن جيترو وڏو شاعر آهي (هن لاءِ لفظ ”هو“ ڪئين لکجي) ان کي ايتري وڏي شارح جي ضرورت آهي. جي پليجي صاحب کي ايتري فرصت هجي ته هن کي حسن تي ائين لکڻ گهرجي جيئن هن ڪڏهن اياز تي لکيو هو (حالانڪه پليجي صاحب جي انڌا اونڌا ويڄ ۽ سندي ذات هنجن ردعمل جي پيداوار وڌيڪ آهن).
جواني، عشق، موت، فطرت، هوا، روشني، پکي، ڍنڍون، جسم، صوفي روايتون، وهم ويڻ، سنڌ جي لوڪ ڏاهپ حسن جي شاعريءَ جو حُسن آهن. جيئن اهو لاڙي عشقيه ڪلچر-
”ويڙهي لفافي ۾ وري،
اڄ پان جو پن موڪليئه،
دل تي چٿر ناهي چڱي،
او سنگدل تنهنجي ڳلي،
موتيي گلابن جي ڪلي،
وسندي پٿر ناهي چڱي،
سورج مکي چهرو هجي،
۽ سج وانگي مان هجان،
۽ تو مٿان پهرو هجي....
هتي طويل نظم ڏيڻ جي گنجائش ناهي. پر ان ۾ عشق جو روايتي ۽ ڪلچرل ٽچ آهي. حسن ان حوالي کان انتهائي امير شاعر آهي.
سانوري اونهاري جو،
رات جو قدم تنهنجا
لان ۾ لٿا آهن،
سرنگون گلابن ۽
ٽيڪيا اڳيان تنهنجي،
موتين مٿا آهن!
اهو نظم اياز جي عشقيه نظم ”انٽرنيشنل هوٽل لاهور“ جي ياد ڏياريندڙ آهي.
هو بنا ڪنهن شڪ جي عالمي درجي ۾ ايندڙ شاعر آهي. اياز تي ڪم ٿيو آهي پر اياز کي فٽز جيرالڊ ملي نه سگهيو، ايئن حسن کي به ان قسم جي مترجم جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ ضروري ناهي ته عظيم شاعرن کي سندي ٻوليءَ کان ٻاهر پرکيو وڃي. عظيم شاعريءَ جي ڪٿ ڪرڻ ڏکي ڳالهه آهي. بين الاقوامي مارڪيٽ جي ٻولين کان علاوه به عظيم شاعري تخليق ٿيندي رهي آهي. پر جيئن ته آرٽ هڪ عالمي ورثو آهي ان ڪري هر ڪنهن تائين پهچڻ آرٽ جي cultivation  لاءِ اهم آهي.
سونهن ڪين مقصد آ،
سونهن نه مقامي آهي،
سونهن عالمي آهي،
عشق سونهن جو ڪم آ،
عشق سونهن جو مطلب،
عشق ئي مترجم آ،
ولهه آ در تي کڙي،
زور سان سهڪي پئي،
پاڻ ٻئي سهڪون پيا،
صندل جون ڪاٺيون،
باهه ۾ ٻرن پيون،
پاڻ ٻئي مهڪون پيا... (حسن)

(حسن درس جي پهرين ورسي سڀاڻي ملهائجي رهي آهي)


عمر جي آڱرين مان ڏس ڦلن وانگر ڇڻون ٿا پيا
عمر قاضي
مون کي حيرت آهي. مون کي سخت حيرت آهي ته جيڪي ماڻهو هن سان ڪجهه وقت جي مليا، اهي به هن کي مڪمل طور تي سمجهي ويا پر جن ماڻهن سان هن زندگيءَ جو چڱو خاصو عرصو گهاريو، سي هن جي وفات کان پوءِ هن کي زوريءَ صوفي ۽ پير فقير ثابت ڪرڻ جي بيڪار ڪوشش ڪري رهيا آهن. منهنجو اشارو حيدرآباد جي ڪجهه سنڌي صحافين طرف آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ مان لکي رهيو آهيان ان صحافيءَ جي لکڻي، جيڪا بي بي سيءَ جي شرجيل بلوچ “هوا بستر پر نهين مرتي” جي عنوان سان لکي. جنهن جو تت اهو هو ته “هن شاعري ۽ شرارت ڪرڻ جي لاءِ جنم ورتو هو”.
مان شرجيل بلوچ جي ذهانت جو اعتراف ڪندي، ان سان اتفاق ڪريان ٿو. هو واقعي به شاعري ۽ شرارت جو سنگم هو. ۽ هن ۾ اهي شيون پوءِ پيدا نه ٿيون پر هو منڍ کان وٺي اهڙو هو. هونءَ ته گهري تعلق لاءِ هڪ گهڙي به گهڻي هوندي آهي پر اسان جي دوستيءَ جي ڄمار چوٿائي صديءَ کان به ڪجهه وڏي هئي، هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن حسن صرف پنهنجي لاءِ شاعري ڪندو هو ۽ حيدرآباد جي هڪ شام جڏهن هن پنهنجي شاعريءَ واري ڪاپيءَ مان مون کي ڪجهه نظم ٻڌايا ته مان هن جي روانيءَ ۽ نواڻ سبب حيران ٿي ويس ۽ منهنجي اصرار تي هو مون سان گڏجي ابراهيم جويي صاحب وٽ هليو ۽ هن سندس شاعريءَ جي پختگيءَ جي کيس پڪ ڏياري. ان کان پوءِ حسن ۾ ادبي ميڙن ۾ شرڪت ڪرڻ جي همت پيدا ٿي. پر مان سوچان ٿو ته ڪاش! ائين نه ٿئي ها. ڪاش هو حيدرآباد جي منافق برادريءَ سان پانڌ نه اٽڪائي ها. اسان لاءِ اهو ڪافي هو ته اسان موٽر سائيڪل تي حيدرآباد جي حسينائن جي پاڙن مان چڪر ڪاٽيندا رهون ها ۽ رات جو دير سان “جن” جي هڪ پنٽ ۽ گولڊليف جي چند سگريٽن تي ادب ۽ شاعريءَ جي ان دنيا جو سير ڪريون ها ۽ نور احمد هن جي شاعريءَ جون فني خوبيون بيان ڪندو ۽ ان جي سپورٽ ۾ مير تقي مير ۽ مرزا غالب جا شعر ٻڌائيندو رهي ها. حسن درس ان وقت نه پر آخر تائين ان ڳالهه جو اعتراف ڪندو هو ته سنڌي اديبن جي منافق شهر جي مقدار تي هڪڙو نور احمد پنهنجي معيار سبب ڀاري هو. ان ڪري هو جڏهن به سنڌي اديبن جي “شهر منافق” سان هلي هلي بيزار ٿي پوندو هو ته گوشانشينيءَ کي نعمت سمجهندڙ نوراحمد وٽ هليو ويندو هو ۽ رات جو دير تائين هو پوري سنڌي سماج، ان جي سياست ۽ عالمي ادب تي ڪيف ڀريون ڪچهريون ڪندا هئا. هن لاءِ جيون جي ٿڪ لاهڻ وارو ڪلهو آخر تائين اها دوستي هئي، جيڪا اسان ٽن ڄڻن تائين محدود هوندي هئي. حيدرآباد جي هوائن ۾ اسان جي دوستيءَ جو اهو “ٽيڙو” حسن جي زندگيءَ جي آخري رات تائين چمڪندو رهيو.
ان رات به اسان دير تائين ڪچهري ڪندا رهياسين. هو پنهنجي صحت جي حوالي سان ڪافي ڪانشس ٿي چڪو هو. ان ڪري هن جي هٿ ۾ منرل واٽر جي بوتل ۾ مڌ چڪو ته هو پر اسان ٽنهي مان ڪنهن کي به سرڪ ڀرڻ جي طلب نه ٿي. اسان جي لاءِ اسان جي روح کي راحت ڏيڻ واري ڪچهري ڪافي هئي. هو اسان کان موڪلائڻ جي لاءِ ساڍي ٻارهين وڳي اٿيو ته اسان کيس روڪيو  پر هن ٻڌايو ته ڪو ڪراچيءَ مان دوست آيل آهي ۽ هن سان ملڻ ضروري آهي. نور احمد پنهنجي ڌيمي لهجي ۾ هن کي چيو ته “حسن پوءِ ان دوست کي به کڻي وٺي اچين هان!” حسن چيو ته “ان جو مزاج الڳ آهي. ان ڪري پاڻ اهڙي ڪچهري نه ڪري سگهون ها” مان هڪ ڪتاب جي رونمائيءَ سبب حيدرآباد ۾ ترسيل هوس. ان ڪري اسان پاڻ ۾ صبح جو ملڻ طئه ڪري موڪلايو سين. مون کي معلوم نه هو ته ان رات جو صبح ٿيڻو ئي نه آهي. اسان کي پتو نه هو ته هاڻي اسان سان حسن نه پر هن جي هميشه وڇڙي وڃڻ واري خبر ملندي.
۽ ائين ٿيو!
هاڻي اسان وٽ هو ناهي پر هن جون ڪچهريون آهن. ايتريون ڪچهريون جو انهن مان ڪيئي ڪتاب جڙي سگهن ٿا. هاڻي اسان وٽ حسن ناهي پر هن جو ن شرارتون ۽ شوخ ڳالهيون آهن، جن کي سهيڙجي ته پڙهڻ وارن کي زندگيءَ جو ذهين رخ ڏسڻ جو موقعو ملي وڃي. هاڻي اسان وٽ حسن ناهي پر هن جا اهي شعر آهن، جيڪي نور احمد وڏي احتياط سان سنڀالي رکندو هو ۽ جڏهن ڪنهن ڪچهريءَ ۾ اسان سان گڏ حسن نه هوندو هو ته نور احمد هن جا شعر کڻي جهونگاريندو هو. اهي شعر جن جون جهلڪيون به پيش ڪجن ته سنڌي ادب ۾ ڀيٽ جو عنصر پيدا ٿي ان سموري ڀرم کي ڀورا ڪري ڇڏي، جنهن جي آڙ وٺي، اياز ۽ حسن جي ڪاپي ڪري ٻه وايون ۽ ٽي آزاد نظم لکڻ وارا وائڙا به پاڻ کي اديب ۽ شاعر سڏرائي ادبي فنڪشنن ۾ هڪ عدد ڊائري کڻي ۽ اکين مٿان “زيرو نمبر” وارو اڇو چشمو پائي پاڻ کي ذهين اديب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهن مان ڪنهن به شاعر اڄ ڏينهن تائين اهڙو شعر لکيو آهي، جهڙا شعر حسن مشڪري مشڪريءَ ۾ لکي ويندو هو.
هن جا اهي شعر اسان کان هاڻي ڪڏهن به نه وسرندا، جيڪي پنهنجي مخصوص ادا سان هو اسان کي ٻڌائيندو هو. هن جون اهي سٽون اڄ به ساهه ۾ گهنگهرو بڻجي گونجي رهيون آهن ته:
“اڏاڻيون ڏور پئي آڙيون
سمو ڪنهن سار وانگر هو
لڙيو ٿي لاڙ تان سورج
مهاڻي ٻار وانگر هو”
يا
“پکي پرڏيهه جا سورج پرن پويان لڙي ٿو پيو
ورڙ ان واٽ تي ويٺل اڳيان جت رڻ رڙي ٿو پيو”
ان غزل جو هي شعر ته ڪمال جو آهي:
“عمر جي آڱرين مان ڏس ڦلن وانگر ڇڻون ٿا پيا
سڄڻ سگريٽ سستي جان سڄو ماڻهو سڙي ٿو پيو”
مان انهيءَ غزل جي ان شعر جو به حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو، جنهن مان هن جي لاڙ سان لڳل دل جو پتو پوي ٿو ته:
“لڳي وئي لاڙ سان لنئون اوهان کي ڇا ڀلا ٻيو چئون
اسان کي عشق سارين جان ڇنڊي ڦوڪي ڇڙي ٿو پيو”
هن کي لاڙ سان وڏي محبت هئي. اتان جي ڳهريل هوائن ۽ کليل فضائن ۾ هن جي شاعري ڪنهن ڪونج وانگر پنهنجا پر ساهي اڏامندي هئي.
افسوس ته هن جا اهي شعر مشهور نه ٿيا، جيڪي هن اياز کي هڪ شاعر جي حيثيت سان ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لکيا، جن ۾ هن اياز سان مخاطب ٿي لکيو ته:
“اي اياز شاعري مڌ جي دڪان تي
ڏينهن رات رش آ
جام جان جهلي ڪوئي جو به ٿو پنو پڙهي
سو نشي ۾ غش آ”
۽
“اي اياز شاعري ڪنهن اصيل نانگ جي
ڦوڪ وانگيان لڳي
يا ته ڪنهن بن مٿان ڪنهن اداس ڪوئل جي
ڪوڪ وانگيان لڳي”
هن جي شاعريءَ جا سوين روپ رنگ آهن پر هو اسان جو يار هو، ان ڪري اسان وٽ هن جي دلبراڻي دوستيءَ جون ڪيئي سارون آهن، جيڪي رکي رکي اسان جي احساسن ۾ سيرون وجهي رهيون آهن. اهوئي سبب آهي ته هن جي لاڏاڻي کان پوءِ نور احمد کي ته بنهه ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هن جي وجود جو هڪ حصو وٺجي ويو آهي. هاڻي هو جڏهن به هن کي ياد ڪري ٿو ته هن کي اهي ڪچهريون به ياد اچن ٿيون، جيڪي ڄامشوري جي هوائن ۾ انبن جي وڻن جي حسين ڏيک آڏو هو دير تائين ڪندا هئا.
اسان هن جي باري ۾ جڏهن به ڳالهايون ٿا ته هو اسان کي هڪ شوخ ۽ شرارتي، زندگيءَ جي رس سان ڇلڪندڙ انسان محسوس ٿئي ٿو. اسان هن جي باري ۾ جڏهن عجيب غريب لکڻيون پڙهون ٿا ته اسان کي غصو اچي ٿو. هو جيڪو “بي لباسيءَ واري لباس” جو قائل هو. هو جيڪو سرمد تي مڙهيل ننگي تهمت کي چاهه سان چمي اکين تي رکندو هو، تنهن مٿان جهالت واري ڪوڙي عقيدت سان پڙ وجهڻ ۽ هن کي مشائخ هوٿيءَ جو درويش ڪري پيش ڪرڻ واري روش اسان کان سٺي نه ٿي ٿئي. حسن جو انتهائي ذهين ۽ جديد ترين ذهن جو مالڪ ماڻهو هو،  هو جيڪو ڪنجري کي به ڪلهن جو بار سمجهندو هو، تنهن جو روح پاڻ مٿان پوندڙ پڙن ۾ ڪيتري نه مونجهه محسوس ڪندو هوندو!
پر سنڌي سماج کي ڇا چئجي؟
اهو سنڌي سماج جنهن جي لاءِ اياز چئي ويو آهي ته:
“هي جي پڙ پائن
ڀلا ڪنهن کي جيئري
ڇاتيءَ سان لائن!!!؟”


کُٽا ٻج آخر، ڇٽيونسين اکيون
واحد پارس هيسباڻي
گوئٽي چيو هو ته دل جي مس ۾ قلم ٻوڙي لکندڙ تخليقڪار باذوق دلين تي حڪمراني ڪري ٿو ۽ اها حڪمراني ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي ان تخليقڪار جي مري وڃڻ کان پوءِ به نه. هڪ تخليقڪار ته مري سگهي ٿو پر ان جون تخليقون ڪڏهن به مري نه ٿيون سگهن.
اسان جي پياري حسن درس به جيڪو ڪجهه لکيو اهو دل جي مس ۾ قلم ٻوڙي لکيو ۽ پنهنجي شاهڪار تخليقن ذريعي باذوق دلين تي حڪمراني ڪئي، سندس اها حڪمراني ڪڏهن به ختم ناهي ٿيڻي. جيتوڻيڪ هو سال اڳ مشائخ هوٿي ۾ مٽيءَ جي چادر اوڍي ابدي ننڊ سمهي پيو آهي، پر سندس شاعري جاڳي رهي آهي. باذوق ماڻهن جي دلين ۾، اکين ۾ ۽ چپن تي
چمپا جي وڻ هيٺان
مان چانڊوڪي ٿو لکان!
هن ڏکياري ديس جون
هو هوائن جون پريون
ڏور ڪنهن پرديس جي
لوڪ موسيقيءَ جي ڌُن تي
پيون نچن
ڊوڙيو هر هر اچن
مان به تن سان گڏ نچان
۽ گيت ڪيئي ٿو رچيان
۽ ڦول ڇڻيل ٿو چٽيان
هن دکياري ديس جي
پيلي پيلي ويس تي
پيلي پلي ويس تي
حسن پنهنجي خيال، انداز توڙي پيشڪش جي حوالي سان باقي ٻين شاعرن کان منفرد نظر اچي ٿو. اياز چواڻي ’مون ڏات انوکي آندي آ‘ جيان حسن جي ڏات به بلڪل انوکي نظر اچي ٿي، سندس نظم ململ جي تاڪين جيان آهن، جيڪي بس کلندا وڃن ٿا. هن جي نظمن ۾ چقمقي ڇڪ آهي، جيڪا پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺي ٿي. هن جي شاعري ۾ غضب جون تشبيهون ۽ استعارا آهن، جيڪي کيس ٻين شاعرن کان بلڪل الڳ ٿلڳ بيهارين ٿا. هو ڪڏهن پرين جي پوک لاءِ پاڻي ٿئي ٿو ۽ پنهنجون اکيون ڇٽي ٿو ته ڪڏهن مڇي جي اک مان دنيا کي ڏسي ٿو:
پرين پوک تنهنجي لاءِ پاڻي ٿياسين
کٽا ٻج آخر ڇٽيون سين اکيون

مڇيءَ جي اک مان ويٺي ڏٺو مون هر ڏهاڙي کي
لڙاٽيل وقت ۾ لمحو، لڳل ڪنهن ڄار وانگي هو
حسن، حُسن جو شاعر ته آهي ئي هن حُسن کي نچي، ڪڏي ۽ وڄائي وڄائي ڳايو آهي، پر سندس خيالن جا پکي رڳو ڇوڪرين جي حسن جي ڍنڍ تائين محدود ناهن، پر انهن جي اڏام گهڻ پاسائين آهي. هن جي نظر ڪنهن فقيرياڻي جي ڦاٽل ۽ چتيون لڳل چولي تي پوي ٿي ته بيچين ٿي وڃي ٿو. جڏهن ڪي وڏيرياڻيون ڪنهن هارياڻي جي گهر مان ٺهيل نيون رليون کڻي وڃن ٿيون ته به هي لڇي پوي ٿو، جڏهن ڪارنهن الزام هيٺ ڪا جوان ناري قتل ڪئي وڃي ٿي ته دل جي مس مان قلم ٻوڙي ان تي به لکي ٿو:
اها ڇوڪري جا اگهاڙي نه هئي
اسان کيس ويڙهي رکيو آ وطن
مٽيءَ ۾ آهن مئا پوربا
اسان کيس دل ۾ ڪيو آ دفن
ڪن ماڻهن کي حسن ڀلي پنهنجي ذات ۾ آواره لڳندو هجي، پر هن جي شاعري ۾ آوارگي ناهي. هي پنهنجي ديس، ديس وارن جي ڏکن، سکن، اهنجن، آزارن، ڪيفيتن، احساسن کان غافل ناهي، پر حد درجي جو سنجيده آهي. جتي هي ساري سنڌ کي پرين جو پاڇو چوي ٿو، اتي سنڌ جي تسبيح پڙهڻ جي ڳالهه به ڪري ٿو:
سڀئي سنڌ تنهنجي تسبيح پڙهن پيا
حسن سي نه هر دم آهن اياڻا
هو وطن جي وڻن کي نه ٿو وساري ۽ نه ئي دودي ۽ ڀونگر جي ڀاڻن کي ڀُلائي ٿو:
وساريا نه آهن اسان وڻ وطن جا
ڀلياسين نه دودي ۽ ڀونگر جا ڀاڻا
ڪراچي جيڪا سنڌ جي دل آهي، جيڪا اسان سڀني جو ساهه آهي ۽ جيڪا اڄ مانگر مڇن جي ور چڙهيل آهي، جنهن کي اسان کان ڌڪي ڌار ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، جتان جا رستا اسان جي رت سان رنگين ڪيا پيا وڃن، جتي اسان جي ۶۰ سال اڳ واري آڌر ڀاءُ جو صلو اڄ ڪک ۾ خنجر هڻڻ ۽ اسان مٿان گوليون وسائڻ جي صورت ۾ ڏنو پيو وڃي، ان ڪراچيءَ جي درد حسن کي به نهوڙيو آهي ۽ کانئس لکرايو آهي:
ڪراچي تون اسان جو سج آهين
۽ اسين سورج مکي آهيون
اسان جي پوئين پيڙهي جا
سمورا سوز ۽ آواز
زخمي مور جي رڙين ۾ دفنايا ويا
اڌ صدي جو سور
۽ سجيل سنڌو سندس يادگيرين ۾
چاندنين ۽ سانوڻين ۾
اسان جي ڀرجي آيل آواز جي شاهدي آ
۽ ٻهڪندڙ پيلي ٻٻر جو ٻور
اسان جي درد جو پيو رنگ بڻجي
سدا ڇڻندو رهيو آهي
۽ اسان جي بيقراري جو اڃارو سمنڊ
تو ڏانهن روز واجهائي وري ٿو
اسان جي درد جون
ڪارن گلابن جيئن ٽڙي پوندڙ ڪٿائون
اسان جا هي بدن ٻانهون
تنهنجي ئي هوائن ۾ ٻوڪيون آهن
۽ اسان جي ساهه جي نلين ۾
ٻرندڙ ساهه کي
۽ اسان جي هن
اڻکٽ عاشق جي آهه کي
وڏو اتساهه آهين......
حسن درس جنهن به موضوع تي لکيو آهي، واهه جو لکيو آهي ۽ دل سان لکيو آهي. چوڙين جي کن کن کان وٺي گولين جي ٺاٺاٺا تائين هن اندر جي سمورن احساسن کي گڏ ڪري لکيو آهي. حسن جتي حسن جو شاعر آهي، اتي ڏکن، دردن ۽ انقلاب جو شاعر به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ خوبصورت ڇوڪرين جي ٽهڪن جو ترنم به آهي، دردن ماري هارياڻي جي سڏڪن جو آواز به آهي، ڀٽائي جي ’هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ‘ واري جهونجهار به آهي، اياز جي ’وڃو ڪنويليو وڃو وڃي پرينءَ کي چئو...‘ واري پڪار به آهي، بخاري جي ’ٻل ٻل آخر ڪتلا ٻلتسان ٻل ٻل نيٽ اجهام ويسان‘ واري ڪيفيت به آهي. پاڻ حسن کي ڪنهن به هڪ موضوع وارو شاعر نه ٿا چئي سگهون، هي گهڻ موضوعاتي شاعر آهي:
اسان جي ذات آ ظاهر
اسان جي بات بيباڪي
اسان جا نج ناناڻا
اسان جي ڏات ڏاڏاڻي
ڪنول جي ڪُن ۾ ويٺي
ڪيو سرٻاٽ ڪنهن ڀونئري
اسان جي ڳالهه ڳاراڻو
اسان جو عشق آکاڻي
جنگين ۾ جيت جو جلوو
اگر پسڻو اٿو پيارا
اسان جي مياڻ کي تلوار
جرڪي ۽ جلائي ٿي
ڪڏهن ڪنهن قوم تي ڪڙڪون
ته ان جو بُڻ رلايون ٿا
اسان جي ڌاڪ ۽ ٻي ڌار
جرڪي ۽ جلائي ٿي
حسن درس جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اياز کانپوءِ وڌيڪ متاثر ڪندڙ شاعر آهي. هن جي نظمن ۾ ڪنهن ڪنواري ڇوڪري جي آلن وارن ۽ برساتن کانپوءِ چيڪي مٽيءَ مان اڀرندڙ خوشبوءِ جهڙو هڳاءُ آهي، جيڪا حواسن تي ڇائنجي وڃي ٿي ۽ دل کي عجيب سرور ڏئي ٿي. حسن روايتي ماڻهن ۽ روايتي محفلن ۾ رهندي به روايتي شاعر ناهي (مان هو نه لکندس) هن جي شاعري عالمي سطح جي بهترين شاعري مان آهي، مان هتي امداد سومري جي اها ڳالهه جيڪا هن ٽيون ڏينهن پنهنجي مضمون ۾ لکي آهي، ورجائڻ چاهيان ٿو ته: ’هو بنا شڪ جي عالمي درجي ۾ ايندڙ شاعر آهي. اياز تي ڪم ٿيو آهي، پر اياز کي فٽز جيرالڊ نه ملي سگهيو، ائين حسن کي به ان قسم جي مترجم جي ضرورت آهي....‘
ان ڳالهه تي اجايا ڀرون تاڻڻ، نرڙ ۾ گهنج وجهڻ، بخيليءَ مان تريون مهٽڻ بجاءِ حقيقت پسند ٿي مڃڻ گهرجي ته حسن درس هينئر واري ٽهيءَ ۾ وڏو شاعر آهي، هن جي جوڙ جو ٻيو شاعر نظر نه ٿو اچي.
اڃا برش کي هو وڌي وڻ به ٿيڻو،
رنگن کي نديءَ ۾ هيو هيٺ وهڻو،
ستاري کي تصوير ۾ هو اڇلڻو،
جبل کي هتان کان کڻي هت رکڻو،
هيو ڇوڪريءَ کي انڌيري مان اچڻو،
هوا جي منڊيءَ لاءِ هيو ڏور وڃڻو،
نديءَ جو پکيءَ سان سڀاڻي آ مڱڻو،
الائي ٻيو به ڪيڏو هيو ڪم ڪرڻو،
چتر جي گهٽيءَ ۾ مصور مري ويو!
شهر هڪ زمين آهي ڳهي وئي،
انهيءَ جي بازار پڻ ڳولڻي هئي!
بازار پويان هو رنگريز جو گهر،
اتان کان ته چنري وٺي اوڍڻي هئي!
ڏيئو پڻ پراڻو هيو هٿ ڪرڻو،
صدين جي به صندوق پڻ کولڻي هئي!
تصوير آهي اڌوري ٻنيءَ جي،
انهيءَ ۾ ڪا پوک پڻ پوکڻي هئي!
الائي ٻيو نه ڪيڏو هيو ڪم ڪرڻو،
چتر جي گهٽيءَ ۾ مصور مري ويو!
پراڻن شرابن جي هئي جاچ ڪرڻي،
ويل مند واپس هئي هاڻ ورڻي،
واريءَ دڙي کي هو هيٺ اچڻو،
پريءَ کي رنگن ۾ هيو هاڻ پچڻو،
۽ ڪينواس کي هو ڪناري تي نچڻو،
سرن کي مهانڊن ۾ هو قيد ڪرڻو،
درين کي هوا ۾ اڃا کولڻوهو،
اڃا فطرتن کي هيو کوٽڻو،
اڃا زندگيءَ کي گهڻو ڳولڻو هو،
الائي ٻيو به ڪيڏو هيو ڪم ڪرڻو!
چتر جي گهٽيءَ ۾ مصور مري ويو!




وڇڙي ويل حسن درس

محمد رمضان نوناري

نامياري برٽش انقلابي رومانوي شاعر ۽ نقاد شيلي چواڻي ته شاعريءَ جو وڏو ڪمال آھي ته شاعري جي ذريعي تخليقڪار اھي اڳڪٿيون ڪندا آھن جن جي باري ۾ عام ماڻھون سوچي به نٿو سگھي. اسان جي سونھاري سنڌ جيڪا دنيا ۾ پنھنجو ھڪ الڳ مقام رکي ٿي جيڪا صدين کان وٺي نرالي حيثيت سان قائم ۽ دائم آھي سنڌ جي ھر شھر، واھڻ، وستي ۾ علم جي اڪابرن ڏاھن، شاعرن اديبن، جي وقت به وقت ھڪ کاڻ پيدا ڪندي رھي آھي سنڌ ڌرتي کي اھو شرف حاصل آھي ته ھن پنھنجي ڪک مان شاعرن جي بي تاج بادشاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح کي جنم ڏنو جنھن پنھنجي شاعري وسيلي پوري دنيا کي امن، محبت جو درس ڏئي پنھنجو ۽ سنڌ ڌرتي جو نالو روشن ڪيو.

سنڌ ۾ وقتن به وقتن شاعر اديب ايندا رھيا آھن جن ھر ھڪ پنھنجي من جو آواز ھتان جي غريب ماروئڙن جي ڏکن پيڙائن جي شاعري ذريعي ترجماني ڪندي نالو ڪمايو آھي. اھڙن ئي شاعرن مان حسن درس به ھڪ آھي جنھن ھن پيڙھل طبقي جي دردن سورن جي ترجماني شاعري وسيلي ڪري پنھنجو ۽ سنڌ جو وڏو نالو روشن ڪيو آھي. حسن درس ھارين جي دردن کي شاعري جو ويس پارائي ھئين بيان ڪيو آھي .

ڪانڊيري نالي ھاري ڪالھه مري ويو سيءَ ۽ تپ ۾.

ڪانڊيري جي زال ويچاري پر سياري ۾ رلھيون ٺاھيون ڪيڏيون پياريون ڀھليون ٺاھيون.

ھن ۾ ھن ھو نور به ٽوپيو، پنھنجو ھر ھڪ سور به ھو ٽوپيو، پنھنجو ھر آسيس به سبيو، ڄڻ ته  سارو ديس سبيو ھو، سي ته  وڏيرن کي وڻي ويون جيڪي آخر مفت کڻي ويون .

حسن درس فطرت ۽ حسن جو شاعر ھو ھن پنھنجي ننڍڙي ئي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي ائين ئي چئي سڳھجي ٿو ته  ھي فطري طور تي شاعر ھو ھن جي رڳ رڳ ۾ شاعري سمايل ھئي حسن درس اسان کان ۷ سال اڳ ۱۶ جون ۲۰۱۱ ۾ حيدرآباد جي ھڪ روڊ حادثي ۾ شديد زخمي ٿي پيو جيڪو ڪيترا ئي ڪلاڪ حسن درس واقعي واري هنڌ تي زخمي حالت ۾ تڙپندو رھيو ھو اتي ئي تڙپندو تڙپندو فوت ٿي ويو. اھو ڪنھن نه  ڄاتو ٿي ته ھي ڪو حسن درس آھي. اسان جي سماج ۾ اھا ڪيڏي ته  بيحسي آھي جو حسن درس جھڙو ماڻھون تڙپندو رھيو. ڪنھن نه ھن کي اسپتال تائين پڄائڻ جي زحمت به نه ڪئي. اسان حسن درس جا مياري آھيون شايد ھن کي بروقت اسپتال پھچايون ھاته  شايد ھو بچي وڃي ھا تڏھن ته  حسن درس چيو آ ته

عمر جي آگرين مان ڏس ڦلي وانگر ڇڻون ٿا پيا، سڄڻ سگريٽ سستي جيان ماڻھو سڄو سڙي ٿو پيو.

لھر ٿي جاڳي ڪري ٻئي لھر ۾، چؤ سمندر ڇو ڀلا سمھين نه ٿو.

جاڳ جي ٻيڙي پرزا ٿي ڇڪي، شاھ بندر ڇو ڀلا سمھين نه  ٿو.

زندگي ڪيڏي ذلالت شڪستون، تون ڇو ڀلا سڪندر سمھين نه ٿو.

حسن درس جي فوت ٿيڻ جي خبر پوري سنڌ ۾ باھ جيان ڦھلجي وئي اتي وري سندس شاعري ۽ شخصيت جا ديوانا، مداحن سان گڏ سنڌي ادب به سوڳوار ٿي ويو سندس آخري ديدار لاءِ سندس ديوانا حسن درس جي ڳوٺ پھچي ويا انھن پنھنجي محبوب شاعر جو آخري ديدار ڪيو ۽ پنھنجن ھٿن سان پنھنجي ماء جي ھنجھ ۾ سمھاريو. حسن درس جي جنازي نماز ۾ مٽن، مائٽن دوستن، پاڙيسرين، شاعرن، اديبن، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. حسن درس ۵ سيپٽمبر ۱۹۶۶ ۾ ٽنڊو الھيار شھر جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ھوتي مشائخ ۾ غلام رسول درس جي گھر ۾ جنم ورتو حسن درس ننڍ پڻ کان ئي محنتي ۽ سٻاجھڙو ھو. ھن پرائمري جي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ھن شاعري جي به شروعات پرائمري واري دؤر کان ڪئي ستين ڪلاس ۾ پڙھڻ دؤران ان وقت جي آمر ضياءالحق پاڪستان جي محبوب ليڊر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏياري ته  حسن درس جو جيء جھري پيو ھن پنھنجي محبوب ليڊر جي شھادت تي گيت لکيو ته

ڦاسيءَ جي جھولي ۾ ھن کي ننڊ اچي وئي،،

جھڙي شھڪار گيت پيپلزپارٽي جي جلسن ۾ ۽ پوري سنڌ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي ورتي ان گيت حسن درس ۾ ھڪ وڏو اتساھ به پيدا ڪيو. حسن درس انٽر جي تعليم حيدر آباد جي مسلم ڪاليج مان پاس ڪئي. جنھن بعد حسن درس سنڌ يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪئي  حسن درس جي شاعري سنڌ اندر ننڍڙي عرصي ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي حسن جو ھي گيت به سنڌ ۾ ھڪ وڏي ڌم مچائي ڇڏي ھن گيت کي ھر ننڍي وڏي فنڪار گايو.

ڪو نيام ۾ ڪيف وارو روميءَ  جو رقص آھي.

ھن دل قلندريءَ ۾ دم، دم ڌمال آھي ھن پٽ کي ويڇائي ويڙھي سڳھان ٿو آءُ.

ھن خيال جي خدائي کيڙي سگھان ٿو آءُ.

مٽيء مان ھر ڪو ماڻھون ميڙي سڳھان ٿو آءُ.

آواز جي اٿڻ جي ڪيفيت ڪمال آھي، ھن دل قلندريء ۾ دم، دم ڌمال آھي .

حسن درس جي انهيءَ گيت سنڌ ۾ ھڪ وڏي عرصي تائين ننڍي وڏي جي زبان تي ڇائيل رھيو حسن درس ۱۹۹۵ ۾ صحافت به ڪئي ھن صحافتي پيشي ۾ به پاڻ کي منڃرايو ھي مسلسل ۵ سال صحافت سان واڳيل رھيو انھن ڏينھن ۾ ھي ھڪ سنڌي اخبار جو ايڊيٽر به ٿي رھيو انھن ڏينھن ۾ سنڌ جي عظيم ليڊر شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ شھيد مير مرتضي ڀٽو کي رھزنن ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ گوليون ھڻي ستن ساٿين سميت شھيد ڪري ڇڏيو حسن درس اتي به ماٺ نه  ڪري سڳھيو انھي درد کي شاعري وسيلي دنيا کي ائين ٻڌايو.

مڇيءَ جي پيٽ مان ماڻھون جتي جيئرو بچي نڪتو.

ان شھر ۾ مورڙو رستي تي مئو آھي.

ڪلاچي ڳوٺ تنھنجي ۾ اڪيلو آڌمي

تنھنجي ھجومن جي ھٿان مئو آھي.

ته وري جڏھن شھيد راڻي محترم بينظير ڀٽو کي راوالپنڊي ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۰۷ تي جلسي کان واپسي تي شھيد ڪيو ويو ته  انھي دؤران به حسن درس تڙپي اٿيو ھن محترم لاءِ شھڪار گيت لکيو ھن چيو ته

اڌيءَ  جي آجيان ڪھڙي، وئي جا موڪلاڻي ٿي.

حسن جي ان گيت سنڌ ۾ ھلچل مچائي ڇڏي.

ھن جو ھي خيال به ڪيڏو نه خوبصورت آھي.

آءُ وڇايان تون نه ويھين.

ڇو نه پوءِ ويڙھي ڇڏيان.

زندگي اھڙي ٽڪ جي رلھي جھڙي.

حسن درس محترم بينظير ڀٽو جي سياسي سفر کي ۱۸ آڪٽوبر کان وٺي ۲۷ ڊسمبر تائين شاعراڻي احساسن ۽ لفظن سان تمام خوبصورتي سان ڀيٽيو آھي. حسن درس پنجن سالن کان پوءِ صحافت جي پيشي کي الوداع ڪري ھڪ انٽرنيشنل اين جي اوز ۾ نوڪري ورتي جتي ھو تمام گھڻو مصروف ٿي ويو جنھن جي ڪري پنھنجي لکيل شاعري جو مواد ڇپرائي نه سگھيو. حسن درس پنھنجي زندگي جون ۴۵ بھارون گذاريون ھن ارڏي شاعر جي وئي کان پوءِ سندس وني ارھم محبوب پاران حسن درس جي لکيل تخليڪن کي پنھنجي مڙس جي نالي رسالي ۽ ڪتاب ۾ سھيڙي ڇپرايو ويو آھي اڄ پوري سنڌ جا نوجوان، توڙي اديب حسن درس جي لکيل تخليڪن کي وڏي چاھ سان پڙھن ٿا جڏھن ته حسن درس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سنڌ لاجي طرفان به حسن درس نالي ھڪ ڪارنر به قائم ڪيو ويو آھي حسن درس اڄ اسان سان گڏ ته ناھي ھن جي لکيل تخليڪ سنڌ جي نوجوانن جي رھنمائي ضرور ڪندي.


حسن درس

سدا بهار شخص جون يادگيريون؟

آچر خاصخيلي

ڏينهن ته ڏينهن آهن، ڪڏهن خوشيون ته ڪڏهن غم ڏئي ويندا آهن. هر ماڻهو اها دعا ڪندو آهي ته ان ڏينهن جي صبح خيريت سان اچي. پر ۱۶ جون واري صبح سنڌ کي اهڙو گهرو گهاءُ ڏئي وئي جو اڄ به ان کي نٿو وساري سگهجي. شايد صدين تائين به نه وسري، اها اڀاڳي ساجهر، جنهن ۾ اطلاع مليو ته سنڌ جو حسين ۽ فطرت جو عاشق هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ بهترين انسان، دانشور شاعر منهجو محسن استاد ۽ سٺو صحافي حسن درس هاڻ اسان ۾ ناهي رهيو. بس سنڌ لاءِ ته ڏک جو داستان هو ئي هو پر منهجي لاءِ قيامت جي گهڙي هئي.

جنهن مون کي صحافت جي ميدان ۾ آڻي اخباري دنيا کان ويندي ٽي وي تائين منهجي رهنمائي ڪندي لکڻ جو موقعو فراهم ڪيو، نه صرف اتي پر هن مون کي سنڌ جي ثقافت ۾ به رهنمائي ڪئي. حسن درس پهرين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ۲۰۱۰ ٽنڊوآدم جو نالو به پاڻ رکيو ۽ سندس رهنمائي سان شروع ڪيل ثقافتي ۽ تهذيبي سفر اڃا جاري آهي. جتي ستن سالن جي سفر دوران، چوٽيھ وڏا ثقافتي ۽ تهذيبي ايونٽ ڪري، ان رهنمائيءَ جو ڀرم رکيو آهي.

حسن درس، ٽنڊي آدم ڀرسان تاريخي ڳوٺ مشائخ هوٿي ۾ فقير گھراڻي حاجي غلام رسول درس جي گھر ۵.۹.۱۹۶۶ ۾ جنم ورتو. هن کي ننڍپڻ کان راڳ ٻڌڻ جو شوق هوندو هو. ان جو اندازو تڏهن ٿيو، جڏهن مشائخ هوٿي ڀرسان اوطاقي ڪچهري جي ڪوڏيي ۽ صوفي فنڪار سلامون فقير شر جي اوطاق تي ٻالڪپڻ ۾ راتين جون راتيون ويهي راڳ ٻڌي ۽ اسر ٿي وڃي اتي ويٺو رهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڏسي، ان ڪچهري ۾ ويٺلن کي ڏندين آڱريون اچي وينديون هيون. اتي ويٺل اوطاقي ڪچهرين جي ڪوڏين اڪ، سبحان علي، ليمون فقير، سائل ڪوري ۽ ٻين سڄاڻ عقلمند ڏاهن تڏهن ئي تعين ڪري ڇڏيو هو ته هي تمام وڏو ماڻهو ثابت ٿيندو. جنهن بعد صوفي راڳي سلامون فقير ۽ سندس فرزند  صوفي راڳي وسند فقير صوفياڻي راڳ جي عبادت جي چوياري ۾ ويهاري هن کي راڳ ٻڌائيندا هئا. ان عمر ۾ به سندس راڳ ڏانهن ڌيان هوندو هو.

هن شروعاتي تعليم مشائخ هوٿي، مڊل مشائخ هائي اسڪول قاضي احمد باقي تعليم حيدرآباد مان پرائي. حسن درس ان دوران وڌي وڻ ٿيو. هن جي اندر ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن لاءِ محبت سمايل هئي ۽ هو انهن جي لاءِ ڇانءَ هو. پوءِ ٺٽو هجي يا بدين، ٽنڊوآدم هجي کڻي ٿر يا ڪوهستان، سڄي سنڌ هن لاءِ پنهجي پرينءَ جو پاڇو هئي.

هن کي ڀڳتي ۽ ڀڄن ٻڌڻ جو به شوق هوندو هو. حيدرآباد مان مشائخ هوٿي اچڻ بعد سندس ٻنيءَ تان چڪر هڻي منهجي اوطاق تي اچي چوندو هو ته اڄ تنهجي ڳوٺ جي ڪولهين جي ڀڳتي ۽ ڀڄن ٻڌڻا آهن. پوءِ اتي مرحوم ڀڳت جھمون ڪولهي، پونون ڪولهي مرحوم پوپٽ ڪولهي اچي ڀڳتي ۽ ڀڄن ٻڌائيندا هئا. اتي حسن جو ڳوٺ گھٽ اچڻ ڪري ڳوٺاڻن کي سڪ هوندي هئي ته حسن درس سان ملجي ۽ کيس ڏسجي. پوءِ ڳوٺاڻا سون جي تعداد ۾ حسن درس سان ملڻ ۽ کيس ڏسڻ لاءِ ايندا هئا. پاڻ انهن سان محبت ڀريي انداز ۾ ملي، سڄي سڄي رات ڀڳتي ۽ ڀڄن ٻڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن بخشڻ به ايندو هو ته ان جي مزاحيه ڪچهري به ٻڌڻ لاءِ ڳوٺ جا ماڻهو ايندا هئا. اتي ڪچهريءَ جو ڪجھ حصو وري سڀ گڏجي چرچن ۽ ڀوڳن لاءِ به ڪڍندا هئا. جتي بخشڻ گھڻي مزاحيه ڪچهري کي ترجيح ڏيندو هو. ڳوٺاڻن جو به کل ڀوڳ وارو مزاج هوندو هو. هڪ ڏينهن اهڙو ماحول ڏسي، حسن درس منهنجي مامي مرحوم شوڪت کي چيو ته؛ ”بخشڻ توهان سڀني کي تمام گھڻا چرچا ٿو هڻي. توهان مان ڪير جواب نه ٿو ڏئي.“ تنهن تي ڳوٺاڻن چيو ته؛ ”سائين مهمان آهي! وڏو آهي! چڙي پوندو. ان ڪري جواب ڪو نه ٿا ڏيون.“ بخشڻ واري مزاج کي ڏسي ڳوٺاڻا نه ڪڇندا هئا. پر حسن چيو ته؛ ”بخشڻ سٺو دوست ۽ اوطاقي، ڪچهرين جو ڪوڏيو اٿو! چڙندو ڪو نه.“ هن اهو چئي ڳوٺاڻن جو حجاب ٽوڙيو. بس ڳوٺاڻن کي اجازت ملي. هنن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته هميشه بخشڻ چرچه هنيا آهن. هاڻ گھٽ نه ٿئي. ڳوٺاڻن جي ٻڌي هجي. بخشڻ چرچو هڻي ته سڀئي خاموش. ڄڻ ماڪ پئجو وڃي. ڪو ٻيو ڳالهائي ته ٽهڪن جا حسن سميت ڪوڪريا ٿيو وڃن. نيٺ بخشڻ ۽ نور چاڪراڻي بيزار ٿي، ڪاوڙ مان اٿي هلڻ لڳا. سڀني پاران ميڙون منٿون پر همراھن ماني به نه کاڌي ۽ واپس مشائخ هوٿي اچي پهتا. جتي حسن، بخشڻ کي چيو؛ ”يار ڪچهري هئي. هن ۾ ناراض نه ٿبو آهي.“ جنهن تي هن چيو ته؛ ”حسن! اها منهجي خلاف سوچيل سمجهيل سازش هئي.“ ائين چوڻ تي حسن کلندو رهيو. بھرحال اها ڳالھ وري بخشڻ به درگذر ڪري ڇڏي.

جڏهن به حسن ايندو هو ته سندس ٻنيءَ تي باغ ۾ ويهي چوندو هو ته؛ ”يار هو پنهنجي هارياڻي نارو جي ماءُ ماسي ٻايان ڪولهڻ يا سندس پٽ نارو ڪٿي هوندا؟“ پوءِ انهن کي گھرائي، انهن سان ويٺو ٻه ٽي ٻه ٽي ڪلاڪ ڪچهري ڪندو هو.

حسن مون کي اولاد وانگر پيار ڪندو هو. آخري ڏينهن ۾ هن جي طبيعت خراب هئي. اسان رات جي ٽائيم ۾ کوسو لائبرري ٽنڊوآدم مان نڪتاسون. اڳيان هلي ٿوري پنڌ تي علي شاھ جي پڙ وٽ، گاڏيءَ کي بريڪ هڻي، ٿڌو شوڪارو ڀري چيائين؛ ”بس، هي گھر سنڌ اٿئي.“ عرض ڪيم ته؛ ”راڳ جي راڻي استاد منظور علي خان جو گھر آهي.“ جنهن تي هن چيو ته؛ ”ها سنڌ سان اهو ويڌن آهي. منظور علي خان، منظورعلي خان هو. جنهن جي ڪلاسيڪل اڪيڊمي سنڌ جا هيرا راڳي پيدا ڪيا. اڄ اجڙيل آهي.“ پوءِ سامهون استاد منظور علي خان جو ڀائيٽيو بيٺو هو، جنهن مون سان ڳالهايو ته حسن ان جي آواز تي چيو ته؛ ”منظورعلي جي خاندان مان ٿو لڳي.“ چيومانس ته؛ ”ڀائيٽيو اٿس، نادر شيخ!“ پوءِ گاڏيءَ مان لهي ان سان مليو. اتي به هن جي طبيعت ڪجھ ناساز پئي لڳي. جتي عرض ڪيومانس ته؛ ”ادا! هاڻ ائين نه ڪريو.“ روب سان چيائين؛ ”ڇو؟“ عرض ڪيومانس ته؛ ”صحت لاءِ خراب ۽ حرام آهي.“ جواب آيو ته؛ ”تو ڪڏهن استعمال ڪيو؟“ ته کلندي عرض ڪيومانس ته؛ ”آئون انهن جي جنازي ۾ نه وڃان.“ وري اهو جواب ڏئي مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيائين ته؛ ”پوءِ تو کي حلال ۽ حرام جي ڪهڙي خبر؟“ بھرحال هو پاڻ بااختيار ادارو هو.

حسن هڪ تمام وڏو شاعر، درد رکندڙ انسان سچو دوست، ڪچهرين جو ڪوڏيو هو. جنهن مان علم ۽ ادب ذوق ماڻهو اڄ به گھڻو پرائي رهيا آهن. مگر الائي ڇو اقتدار ڌڻي صرف ڳالهيون ۽ ڪوڙا وعده ڪندا آهن. جڏهن ڪا دنياوي شيءِ ڏسڻ ۾ ايندي اٿن ته اهي سڄي عمر جون دوستيون هڪ پل ۾ ختم ٿيو وڃن، جيئن حسن جي لاڏاڻي بعد چند دوست جيڪي حسن جي تقريبن ۾ ته ڳوڙها ڳاڙين ٿا پر ان جي پونئرن يا ان جي ڪيل ڪم سان ڪو به لڳاءُ نه اٿن. ان مان ظاهر آهي ته هو ان امر ڪردار سان به سچا نه هئا. پر اها ان جي وڏائي هئي جو کين گڏ کڻي پئي هليو. جتي هو پاڻ اظهاري ويو آهي ته؛ “ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو.” سڀ خبر آهي ته حسن درس جا ڪيترا ئي دوست، وزير ثقافت جي آشيرواد  ۾ موجود آهن پر حسن جي اولاد جي بهتري لاءِ سوچڻ جو ڪو مقام نظر نه ٿو اچي، نه ڪڏهن ان تي وزير صاحب سان انهن ڳالهايو آهي ته حسن جا روحل، چيزل رڌم ڪهڙي حال ۾ آهن. وعدي موجب روحل کي نوڪري ملي يا نه، پر همراهن کي ڪابه يادگيري ناهي. بس ائين چئجي ته ڪير ڪنهن جو ناهي بس اسٽيج تي پهچڻو آهي درد جي ڪهاڻي ٻڌائي گاڏين ۾ چڙهي واپس وڃڻو آهي. باقي ڪل پيران دا خير. آخر ڪار اهڙن ڪردارن، جن سڄي زندگي سنڌ جي خدمت ڪندي پنهنجن ٻچن کي به گھٽ ٽائيم ڏنو، انهن سان اهڙا مذاق سنڌ سان مذاق آهن. جيڪي هرگز نه ٿيڻ گھرجن. باقي توهان تقريبون ڪريو يا نه ڪريو، سنڌ سڄي حسن سان محبت ڪري ٿي. هو اڄ به امر آهي. اگر سار لهڻي اٿو ته ان جي اولاد جي سار لهو. جنهن جو توهان تي فرض آهي. اهڙي عظيم انسان جي وڇوڙي جا ڇھ سال گذرڻ بعد اڄ به عبدالقادر جوڻيجي ۽ چاچي رسول بخش درس سميت، سنڌ سڄي سوڳوار آهي. موت برحق آهي پر جي سندس ڪجھ دوست ان ڊاڪٽرن جي هدايتن کان پوءِ گهٽ ۾ گھٽ آخري ڏينهن ۾ هن جي صحت جو خيال رکي ڪجھ احتياط ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ها ته شايد اهو پونم پمپ جهڙو واقعو پيش نه اچي ها ۽ نه چنڊ گرهڻ سان ڪو فرق پئي ها. پر نتيجي ۾ اسان کان موتيو ۽ چنبيلي جي خوشبو حسن درس وڇڙي ويو. اهڙيءَ طرح اسان پنهنجين غلطين سبب اهڙا هيرا وڃائيندا پيا وڃون. جي احتياط کان ڪم نه ورتو ويو ته اڃا به سنڌ ڪردارن سان ڀريل آهي، جيڪي پڻ ائين ميسارجندا ويندا، جيئن حسن اسان کان جوانيءَ جي جوڀن ۾ ئي اهو چئي هميشه موڪلائي ويو ته؛ “مون سان گڏ هزارين هوندا، آئون پوء به اڪيلو ويندس.” وڃي پنهنجي پيءُ حاجي غلام رسول درس، جيجل امڙ حاجاڻي ۽ ٻين عزيزن سان ۱۶ جون ۲۰۱۱ تي گڏ آرامي ٿيو. جتي اڄ کيس ۶ سال مڪمل ٿي ويا آهن. پر ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن آهي. اڄ به هن جو يادگيريون \، سندس اڻ ڳڻيون خدمتون اسان سان گڏ آهن.


حسن درس

محبت ۽ مزاحمت جو شاعر

رام اوڏ

يوناني فلاسافر ارسطو On Poetics ۾ لکي ٿو ته “تاريخدان ۽ شاعر ۾ اهو فرق نه آهي ته هڪ نثر ۾ ۽ ٻيو نظم ۾ لکي ٿو، (پر فرق هي آهي ته) هڪ ماضي جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ۽ ٻيو ٻڌائي ٿو ڇا ٿيڻ گهرجي. جيئن ته شاعري فلسفي ۽ تاريخ کان وڌ گهري هوندي آهي ۽ تاريخ هڪ رخ ۾ ۽ شاعري ڪائناتي هوندي آهي.” مطلب ته نثر جي  ڀيٽ ۾ شاعري ٿورن لفظن ۾ وڌيڪ بيان ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي ۽ شاعر جي خيال جون وسعتون وسيع ٿي سگهن ٿيون. انگلينڊ جي رومانوي شاعر پي بي شيلي A Defence of Poetry ۾ چيو آهي ته “شاعر دنيا جا غير تسليم شده قانوندان آهن.” سادن لفظن ۾ چئون ته شاعري جو هڪ زبردست سماجي ڪارج آهي، اها آزادي، انسانيت ۽ برابري جهڙا آدرش ڦهلائي ٿي. هڪ شاعر منطقي تخيل سان استحصال ۽ ناانصافي خلاف شعور جو ٻج ڇٽي ٿو ۽ وقت جي لٽيرن ۽ رهزنن کي بي نقاب ڪري نئين سماج جي تعمير لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري ٿو. جنهن ديس جا شاعر درٻاري هوندا آهن، اتي غلام ذهن پيدا ٿيندا آهن. شاعر جي ترقي پسند سوچ جي لوچ ۾ رجعت پرستي جا روپ فضا ۾ وکرڻ شروع ڪندا آهن.

ٿلهي ليکي چئجي ته شاعري زمانن جو اتهاس هوندي آهي، انقلاب لاءِ اتساهه هوندي آهي، ڪنهن آمر جي ننڊ ڦٽائيندي آهي، ديس جي خاطر جيون ڏيندڙ نوجوانن جي آرزو جي پوئيواري جو پڙاڏو هوندي آهي. هي تمهيد ٻڌڻ جو مطلب حسن درس جي شاعري جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ آهي.

حسن درس روشن خيال شاعر آهي، اهو سندس سگهارو ۽ سهڻو تعارف آهي. هن جي شاعراڻي رچنا فڪري سگھه سان ڀرپور آهي. شاعراڻي ڪينواس ۾ سماجي ۽ سياسي شعور جي پرک پوي ٿي. سندس شعر زندگي جي حسناڪين سان ٽمٽار ۽ تاريخي شعور سان آراسته آهن. حسن ڄاڻي ٿو ته زندگي جي خوبصورتي ڇا آهي. هو پنهنجي ڪلا ۾ روايتي اخلاقيات جي ٻنڌڻن کي جدت جي مفهوم ۾ سمجهائي ٿو. تخيل جي اها اڏام قدامت پرستي جي زاوين کي ٽوڙي ترقي پسند فڪر جي آبياري ڪري ٿي ۽ آرٽ جي اها غير روايتي اڻت انسان دوستي جو پيغام ڏيئي ٿي. حسن درس “ڪولهين سان گڏ ڪولهي ٿيان، ها ها آئون هولي ٿيان” جهڙيون سٽون لکي تنگ نظري ۽ متڀيد نندي ٿو. سندس شاعري ۾ جواني جو اولڙو آهي، جيڪو دقيانوسي سوچن سان سهمت نٿو ٿئي. ڪوتا جي هن وشال ڪائنات ۾ هي احساساتي شعور ۽ جمالياتي اظهار هيئن به آهي:

پريمو ڪولهيءَ کان پڇندين ته تو کي هو ٻڌائيندو،

اکيون ڪهڙيون، پرين ڪهڙا، سڄڻ! دل جو چڪڻ ڪهڙو!

هڪ ڪوي جي ذهني ڪيفيت مختلف مرحلن مان گذري ٿي. ڪڏهن ڪڏهن جذبا حيرتن جي سرحدن کي ڇهندا آهن. حسن جي شاعري جو هڪ مزاج آهي، جيڪو لفاظي ۽ بيڪار تصوراتي ڪاڪ محل جو اظهار نه، پر اها خوبصورت خيالن ۽ تصورن ۾ هڪ رومانوي ۽ انقلابي اظهار آهي:

اهي گيت محڪوم ناهن اسان جا!

اهي گيت جنهن ۾

ڪنهن ڪنواريءَ جي چوڙين جي ڇڻ ڇڻ جو نغمو،

ڪنهن مٺي ماءُ جا سوين لڙڪ آهن،

ڪنهن پوڙهي پيءُ جي

ڏڪندڙ هٿن جا سوين احتجاج..

حسن پنهنجي ڌرتي جو درد محسوس ڪري ٿو. هن لاءِ شاعري رڳو داخلي ڪيفيت جو نانءُ نه آهي. هو ذهني عياشي نٿو ڪري، پر وطن جي وانگيئڙن ڏانهن وري ٿو. انقلاب ۾ به رومانس جو درس ڏي ٿو، جڏهن ڌرتي جو درد رشتن کان وڌيڪ اهم هجي، ته ايئن اظهاربو آهي:

اسين ٻارن لاءِ پيار،

۽ محبوبائن سان وري ملڻ جي آس

پوئتي ڇڏيون ٿا.

حسن درس جي شاعري ۾ تاريخ جو شعور سمايل آهي. اتهاس ٻڌائي ٿو ته ضيا شاهي زندگي جا سڀ رستا روڪي ڇڏيا هئا. جنرل ضيا يارنهن سال هن رياست جي رهواسين تي راڄ ڪري ڄڻ ته جيئڻ تي راتاهو هڻي ڇڏيو هو. ماڊل ڊڪٽيٽر کي هن ٻهڳڻي شاعر زندگي کان انڪار سمجهيو آهي. هو آمر جو اسڪيچ چٽو ڪندي هو لکي ٿو:

جنرل ضيا پنهنجي روپ ۾

زندگيءَ کي منع نامو هئو،

موت جو ٻيو نانءَ هو،

ادب سماج جو آئينو هجي ٿو. حسن موجوده سنڌ جي حالتن جي عڪاسي ڪئي آهي، جتي ڌاريا اچي ڌاڪو ڄمائن ٿا ۽ ڌرتي واسي ڄڻ ته ڌاريا هجن. ڌاري آبادڪاري سان تبديل ٿيل سنڌ جي ڊيموگرافي مقامي ماڻهن کي بيروزگار ۽ دربدر ڪري ٿي. اهڙي پيشمنظر ۾ هڪ اهڙو سماج جتي عاشق سڃاڻپ جي بحران ۾ هجي، اتي معشوق سان ملڻ جي حسرت ڪهڙي اهميت ٿي رکي؟

وطن ۾ بي وطن معشوق، عاشق جو ملڻ ڪهڙو

زمانو زور تي تڙ تان، تماچين کي تڙي ٿو پيو.

سنڌي سماج جي بيهڪ جاگيرداراڻي آهي، جتي هاري پورهيت وڏيرن جي ظلم جي عتاب هيٺ آهن. حسن جي دل ۾ هارين جو درد آهي. هو ڪانڊيري نالي هاري جي سيئي تپ سبب موت تي احتجاج ڪري ٿو. ۽ هن جي زال جي سادگي تي هڪ خاموش درد ڪٿا بيان ڪندي لالچي ۽ شوقين وڏيرين جي هرکيل خواهش تي هڪ نظم لکي ٿو. وڏيريون جيڪي ڪانڊيري جي زال جي محنت سان ٺاهيل رلي مفت کڻي وڃن ٿيون. ڪانڊيرو گمنام ٿي گذاري وڃي ٿو:

هن جي ڪا ايڊريس نه آهي،

هن جو ڪو گهر نمبر ناهي

هن جو گهر آ واٽر ڪپ ۾،

ڪالھه مري ويو سيءَ تپ ۾،

ڪانڊيري نالي هڪڙو هاري.

هي شاعر هڪ نظم ۾ وڏيري جي تاريخي ڪردار جو احاطو ڪري ٿو ۽ سنڌ ۾ وڏيرڪي ذهنيت جي موقعي پرستي تي چوي ٿو:

سنڌي وڏيرا تو تي سوچيندي،

مون کي الٽيون ٿيون اچن!

حسن درس جي شاعري جو غالب موضوع محبت آهي. ان لحاظ کان هن جي شاعراڻي سوچ ۾ ڪا حدبندي نه آهي. هو سمجهي ٿو ته محبت جي جيت محبت سان ئي ٿيڻي آهي. ان ڪري عشق ۽ الفت جون ريکائون سندس شاعري ۾ سنڌ جي سونهن جيان الهڙ آهن. شاعر لاءِ محبت جياپي جو سبب آهي. هو ڄاڻي ٿو ته وجود جي بقا پيار ۾ آهي. شاعر جي نگاھ کي عشق جا آرا معصوم لڳن ٿا، جيئن هو هڪ نظم “مس اسڪارپيو” ۾ فرمائي ٿو:

هو اڃان تائين،

اڀ ڏي آڱر کڻي،

تارن لاهڻ جي تمنا ٿي ڪري،

۽ پنهنجي ٻانهن ۾،

صبح جو سج ويڙهڻ ٿي گهري

حسن جي شاعري ۾ عورت جو گهڻ طرفو عڪس چٽيل آهي. سونهن ڀريو اهو اظهار رومانوي آهي ته جنسي به آهي. تنهنڪري، ڪوتا مادي دنيا جي حقيقت سان همڪنار آهي. حسن عورت کانسواءِ زندگي اڌوري سمجهي ٿو. هن جي تصورن جي فطري تقاضا ايئن چوي ٿي:

ڇڏڻ لاءِ ڇوڪريون ڇڏجن

مگر پوءِ ڇا ته ٻيو کڻجي؟

ڪرڻ لئه ڪم ڪيئي آهن،

محبت هيڪلي آهي

حسن درس جي شاعري ۾ استعمال ٿيل ڊڪشن سادو، سولو ۽ خوبصورت آهي. هن جي ذهن جي ڪينواس تي لفظن جي چونڊ فني ۽ فڪري وشالتا کي پراثر ڪري ٿي. سندس شاعراڻي فن ۾ نوان استعارا ۽ خوبصورت تشبيهون استعمال ٿيل آهن، جيڪي سنڌي ٻولي جو اصل جوهر آهن. ٻولي ۽ هيئت ۾ غير روايتي روپ سندس شاعري کي منفرد بڻائن ٿا. اهڙي انداز بيان ۾ هڪ درد ڀري دانهن آهي. مثال: سندس هڪ نظم “اڄ به منهنجي عاشقي ڄڻ آڳ آهي” ۾ ڏسو:

۽ هجر جي شام هر ڪا،

ڄڻ کدڙن جي مڙهيءَ جي ماٺ آهي.

حسن هڪ شاعر جي ترقي پسند ڪردار کان واقف آهي، هو ڄاڻي ٿو ته سر ۽ ساز سان هڪ قوم کي جاڳائي سگهجي ٿو، ڇو ته شاعري جي رڌم ۾ حوصلو ۽ اتساھ هجي ٿو. جيڪڏهن شاعر سمهي رهي ته ان قوم ۾ سجاڳي ۽ مزاحمت ڪيئن پيدا ٿيندي؟

تون ڇڪي چادر سمهي پئو نه سگهو،

ڪر ڪوي نه قوم تي ڪوڙو ڪرم.

حسن درس جي شاعري کي هڪ وسيع ڪينواس آهي ۽ هن جي شاعري جا موضوع مختلف آهن، سندس شاعري کي ڪنهن نظريي يا “ازم” ۾ قيد ڪري پرکڻ مناسب ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪا جهونگار ڪنهن آئيڊيالاجي جي آئيني ۾ پرکي نٿي سگهجي.


حسن درس

جيڪو جز مان ڪل ٿي ويو..

منير چانڊيو

اسانجو لاڏلو ۽ دل گهريو دوست ۽ سنڌي شاعريء جو شھزادو حسن درس اوچتو ئي اوچتو اسان سڀني کان جسماني طور تي جدا ٿي ويو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ان ڳالھ کي ڏھن سالن جو وقت گذري ويو آھي، سو سمورو وقت ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذريل ٿو ڀائنجي، جنھن ۾ اسان سڀ حسن سان پيار ڪندڙ سندس دوست هر وقت کيس ساريندا ۽ دلي طور تي پاڻ سان گڏ محسوس ڪندا رهيا آھيون..

ڏھ سال اڳ جڏهن اسان سڏڪن، آھن ۽ دانھن سان کيس مشائخ هوٿي جي قبرستان ۾ دفنائي موٽي آيا هئاسين، تڏهن شايد ڪنهن کي ان ڳالھ جو اندازو به نه هو، هو هر عام ۽ خاص ماڻھوء کي هڪ جيترو ئي عزيز ۽ پيارو هو ۽ سنڌ هن کي پنھنجي هڪ عظيم شاعر طور هر وقت ياد رکندي ۽ ڪڏھن به وسرڻ نه ڏيندي..

حسن درس جا دنيا ۾ ھزارين دوست هئا ۽ هر  ماڻھوء سان هن جي پنھنجي حجت هئي، انڪري هر ماڻھو کي هو پنهنجو ويجهو دوست محسوس ٿيندو هو.ايئن مان به کيس پنھنجو ويجهو دوست محسوس ڪندو هوس. هڪڙي وقت ۾ اسان روز ملندا هئاسين، مان پنهنجي موٽر سائيڪل تي هن کي گهران کڻندو هوس، گهمي گهتي، يارن دوستن سان ملي، کائي پيئي رات جو دير سوير وري کيس گهر ڇڏي ايندو هوس. نه ڄاڻان ڇو هو مونکي ”درويش“ سڏيندو هو. جيئن: ”آء درويش! ڪٿان پيو اچين؟“ ”اي درويش! هل ته اسپتال هلي، دوست کان ٿي اچون.“ ھن جي هر ڳالھ جي جواب ۾ مان رڳو مرڪندو/کلندو هوس. هن جي محبوب مشغلن مان هڪ مشغلو هن جي زندگيء ۾ آيل حسن وارين نفيس عورتن جو ذڪر هو. هن مونسان نه ڪڏهن فلسفي تي ڳالھايو ۽ نه شاعريء تي، نه ادب تي ڳالھايو ۽ نه تاريخ تي.. حسن مونکي ٻڌائيندو هو، هن ڪيئن ڪلڪتي ۾ پاڻ جھڙي هڪ بنگالي شاعره سان سائيڪل تي چڙھي شھر گهميو. هو ٻڌائيندو هو ته، ”درويش! جيترو وقت اسان ڪلڪتي ۾ رهياسين، اها نوجوان بنگالي شاعره پنھنجي سائيڪل ڪاھي ايندي هئي، مان کيس سندس سائيڪل تي اڳيان ويھاري شھر گهمڻ نڪري پوندو هوس. هوء ٿوري سائيڪل جي ڏنڍي تي ته ٿوري، منھنجي سٿرن تي ويھي رهندي هئي، مان سائيڪل هلائيندي هن سان ڪچھري ڪندو هوس، مان جڏهن ڳالھائيندو هوس، ته هوء ٿوري پٺي ۽ ڪن پوئتي ڪري منهنجون ڳالھيون ٻڌندي هئي ۽ جڏهن هوءَ ڳالھائڻ لڳندي هئي ته پنهنجي مک کي مون ڏانهن ڪري ڳالھائيندي هئي، مان پنھنجي منهن کي اڳيان ڪري ڇڏيندو هوس. درويش! هوءَ خوشبوئن ۾ واسيل ڇوڪري نه ڄڻ ڌماڪو هئي..

هڪڙي ڀيري هو مونکي هڪ ڇوڪريء سان ملائڻ سندس آفيس وٺي ويو. ڇوڪريء کيس اک ٽيٽ سان وڏا اشاره ڪيا ته پاڻ واري ان دوست کي ٻاهر موڪل ته ”ماحول“ ٺھي. پر هن کيس اهڙو ماحول ٺاھڻ جو موقعو نه ڏنو. هن ڇوڪريء تي حسن جي اثر هڻي هنڌ ڪيو ته هوءَ پنهنجي آفس ٽيبل تي پنهنجون ٻانھون، سينو ۽ ڇاتيون رکي ننڊاکڙي ٿي پئي ۽ پنهنجي منهن کي پنهنجي ٻانھن مٿان رکي چيانئينس ته، ”چڱو ڀلا پنھنجي شاعري ٻڌاء..!“

حسن چيس: ”مونکي وري شاعري ڪٿي ياد هوندي آھي؟“

هن چيس: ”پليز پليز...!“

حسن مرڪيو، مرڪي مونکي ڏٺائين ۽ آھستگيء مان پڇيائين: ”درويش! توکي جي منهنجي شاعري مان ڪجهه ياد هجي ته ٻڌائيس.“ مون هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ کيس ”ڪائنات ڪيڏي وڏي آ“ نظم ٻڌايو. ان نظم جي هيٺين بند تي ان ڇوڪري کي خمار چڙھي آيا.

”جنھن به ديس ۾ وياسين، جنھن به ويس ۾ وياسين،

ٽھڪ تنھنجا ئي ٻڌاسين، گفتگو تنهنجي گڏي آ،

ڪائنات ڪيڏي وڏي آ“

اهو نظم پورو ٿيو ته هن ڇوڪريء مونکي ٻي شاعري ٻڌائڻ لاء عرض ڪيو.مون حسن جو مشھور غزل کيس ٻڌائڻ شروع ڪيو ۽ ان جو جڏهن هي بند پڙھيو:

”ڳلي ۾ مون هيو پاتو ۽ سيني ساڻ ھو لاتو،

منهنجو محبوب ڪلھ مونکي هٿن ۾ ھار وانگي هو.“

ته هن سيڪارو اڀري ويو. مان هن جي اهڙي حالت ڏسي ٻاهر وڃڻ لاء اٿيم، ته حسن به اٿي بيٺو ۽ اسان هن کي خدا حافظ چئي ٻاهر نڪري آياسين. هوء کيس سڏيندي رهي، پر اسان ٻاهر نڪري آياسين. حسن مونکي کلندي ٻڌايو: اها منهنجي اهڙي ڇتي عاشق اٿئي، جي تون اڃان در تي به نه پھچين ها، ته ڀڄي اچي مونکي چنبڙئي ها ۽ پٽيوالو حيرت مان چئيس ها: ”مئڊم دروازو ته بند ڪندا ڪريو..!“ ”هاهاها...“ مان ٽھڪ ڏئي کلي پيو هوس ته کلندي چيو هئائين: درويش خدا جا! تون ڏسين به ٿو ته مائي صفا مئي پئي وڃي، ته به ڪھاڙن وارا ڌڪ پئي هنيئسي!“ ”ھاهاها...“ مان وڏا ٽھڪ ڏيندي چوانس ٿو: ”ٺيڪ آھي، اڳتي اهڙن موقعن تي ”ڪانڊيري نالي هو هاري“ ٻڌائيندس. منهنجي ڳالھ ٻڌي وري پاڻ کلي پيو.

پياري دوست حسن درس جون اهڙيون ڪيتريون ئي يادون آھن، جيڪي ڪنھن ٻي ڀيري سھيڙبيون.

هڪ ڀيري سندس اک ۾ سرٽ پيو، هن جي اک ڳاڙھي لڳي پئي هئي، هو نه اک کولي پئي سگهيو ۽ نه ئي بند ڪري. هر سيڪنڊ ۾ سندس اک کلي پئي ۽ بند پئي ٿي. مون ڏسي کانئس پڇيو: ”هي اک کي ڇا ٿيو اٿو؟“

شاعراڻي حساسيت مان وراڻيائين: ”الائي ته ڇا ٿيو اٿس درويش! اک نه هجي ڄڻ عذاب هجي..“

هلو ته پوء اسپتال هلون، هت ويھڻ مان ڇا ورندو؟“

”هن مھل منجهند جو هوندا ڊاڪٽر؟

”ها بلڪل هوندا..“

”ھا يار ايئن ڪر..“

مان کيس موٽرسائيڪل تي هيرآباد ۾ واقع هڪ اکين جي اسپتال وٺي ويس، ڊاڪٽر ڪمپيوٽر تي ۽ روشنين جي مدد سان سندس اک ڏٺي ۽ چيائين ته اسٽور تان اک مان ننڍڙي پٿري ڪڍندڙ ھڪ سئي وٺي اچ، مان تڪڙو وڃي سئي وٺي آيس، ڊاڪٽر هڪ منٽ ۾ سندس اک مان هن ننڍڙي پتڪڙي پٿري جي زرڙي ڪڍي سندس تري تي رکي. هن هڪ ٻه ڀيرا اک ڇنڀي ڏٺي، مان کلڻ لڳس ته چوڻ لڳو هي ڏس ننڍڙي پٿري، ڪلھ کان ڄڻ مان اک ۾ جبل کڻيو پئي هليس. ان ئي وقت هن مونکي وڏو ڀاڪر پائي ڳل تي ڳراٽي ڏني. ان کان اڳ به هڪ ڀيرو هو مونکي وڏو ڀاڪر پائي ڳل تي ڳراٽي ڏئي چڪو هو ته ”تون منهنجو ديرينه دوست آھي..“ حسن اهو اعزاز ادي ارم جي معرفت ڪجهه دوستن کي عطا ڪري چڪو هو. ان جو هڪ پنهنجائپ وارو پس منظر آھي. هن مون لاء لکيو هو ته ”منير منهنجو اهڙو دوست آھي، جيڪو هميشه هڪل ۾ حامي ۽ سڏ ۾ سڏ ڏيندو رهيو آھي.“

آخري ڏينهن ۾ هو مون کي ڏاڍو بيچين نظر ايندو هو، هڪ ڀيري اسڪاچ جون سرڪيون ڀريندي چوڻ لڳو. ”درويش! مزو ناهي درويش..!“

مان لاشعوري طور تي کانئس پڇان ٿو: ”ڪيئن؟“ هو گھرائپ مان سوچيندي چئي ٿو: ”جيستائين جز هجبو، تيستائين مزو نه هوندو. جز مان ڪل ٿجي..“

مان هروڀرو ڳالھ وڌايان ٿو..

”جز مان ڪل ڪيئن ٿبو؟“

”جيئن شاھ لطيف ٿيو..“

هو مرڪي پئي ٿو، مان سندس چھري تي پرسڪون مرڪ پسي سگهان ٿو. هو وڌيڪ ڳالھائڻ لڳي ٿو.

لطيف جيستائين جز هو، هن کي ڪنھن نه ٿي ڄاتو، پوء هو جز مان ڪل ٿيو، ته پوء ڏس شاھ لطيف، شاھ لطيف ٿي ويو..“

مونکي سندس ڳالھيون ان وقت سمجهه ۾ نه آيون هيون، پر انهن ڳالهين جو مطلب هاڻي سمجهه ۾ اچي پيو. هو جز مان ڪل قطري مان سمنڊ ٿي ويو، ان ڪري سڄي سنڌ جي دل ۾ سمائجي ويو آھي ۽ اسين سڀ ساڻس بيپناھ پيار ڪريون ٿا.

 

(منير چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم لائين تان ۱۶ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا