; سنڌي شخصيتون: عبدالرسول عباسي - مٺل جسڪاڻي

27 June, 2017

عبدالرسول عباسي - مٺل جسڪاڻي

عبدالرسول عباسي
احساسن کي رنگن ۾ اظهاريندڙ – سندس پروفائيل انٽرويو
مٺل جسڪاڻي
دنيا ۾ هڪڙيون ٻوليون اهي آهن، جيڪي صرف اهي ڳالهائين ۽ سمجهن ٿا، جن جو انهن ٻولين سان تعلق آهي، پر ٻه ٻوليون اهڙيون آهن، جيڪي آوازن جي مدد سان ڳالهايون نه وينديون آهن، پر انهن مان هڪ ۾ جسم جون ڪجهه حرڪتون يا اشارا ٻولي جو ڪم ڪن ٿا ۽ ٻيءَ ٻولي کي جيڪڏهن رنگن جي، ليڪن ۽ ٽٻڪن جي ٻولي چئجي ته بهتر ٿيندو. اشارن واري توڙي رنگن، ليڪن ۽ ٽٻڪن واري ٻولي، توڙي جو هر ڪو بهتر نموني سان نه سمجهي سگهندو آهي، پر هي ٻئي ٻوليون، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هڪ وڏي اڪثريت، ڀلي ته ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، پر گهڻو ڪري سمجهي ويندي آهي. رنگن جي، ليڪن ۽ ٽٻڪن جي ٻولي ۾ فطرت جي اُپٽار لفظن سان نه، رنگن، ليڪن ۽ ٽٻڪن جي مدد سان ممڪن ٿي سگهندي آهي، ڳالهائي ويندڙ ۽ اشاري واري ٻولي کان گهڻي رنگين ۽ خوبصورت ٿيندي آهي، خاموش ۽ سولي هوندي آهي.


عبدالرسول عباسي توڙي جو ڪجهه ڪجهه اشارن جي ٻولي به ڄاڻي ٿو، پر سنڌي ٻولي سندس مادري ٻولي آهي، اردو ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪيترائي مشهور ڪتاب پڙهيل اٿس. سنڌي نثر توڙي نظم ۾ طبع آزمائي ٿيل اٿس. سندس پڙهندڙن کي سندس لکڻيون پڙهڻ جي ٻاڙ لڳندي رهي ٿي، پر عبدالرسول عباسي جي ججهي سڃاڻپ جو سبب مصوري رهي آهي، آرٽ جو ماڻهو آهي. ڪاروباري بلڪل به نه آهي، پر اهڙو تخليقڪار آهي، جيڪو شاعري به شاندار ڪري ٿو سگهي، ڪهاڻيون به بهترين ٿو لکي سگهي، مضمون به جاندار لکي ويندو آهي، جڏهن رنگن جي ٻوليءَ ۾ ويهي ويچاريندو ۽ رنگ ڀريندو آهي، ته ڪمال جا شاهڪار سرجي وٺي ٿو.
عبدالرسول عباسي لڳ ڀڳ 1973ع کان لاڳيتو آرٽسٽ طور ڪم ڪندو رهيو آهي. هن وقت تائين اڍائي کان ٽي سئو ڪتابن جا ٽائيٽل ڇپجي چڪا اٿس. مختلف ميگزينس ۽ رسالن وغيره جا ٽائيٽل به ٺاهيندو رهيو آهي. سنڌ ثقافت کاتي جي سهڪار سان پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ 19 کان 21 مئي 2017ع دوران سندس ٺاهيل ناياب تصويرن جي پهرئين نمائش ٿي رهي آهي. ان کان اڳ ڪنهن به اداري يا تنظيم پاران عبدالرسول عباسي جي تصويرن جي ڪٿي به نمائش نه ٿي آهي! عبدالرسول عباسي جو مختصر تعارف ۽ سندس ڪجهه ڳالهيون، پڙهندڙن جي نظر ڪجن ٿيون.
عبدالرسول عباسي ڳوٺ آباد تعلقه ڪنڊياري جي ڳوٺاڻي غلام قادر ڪلهوڙيءَ عباسي جي گهر ۾ 06 اپريل 1955ع تي جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ رضا محمد ڏيرا تعلقه خيرپور ناٿن شاهه ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو مان 1973ع ۾ ڪئي. ان کان پوءِ سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما جو ڪورس وحدت ڪالوني حيدرآباد ۾ 1978ع دوران ڪيو. کيس مصوري جو شوق ننڍ پڻ کان ئي هو. هو ڪچهرين ۾ ٻڌائيندو رهيو آهي ته سندس ڏاڏي، شفيع محمد ڪلهوڙي عباسي قلمي قرآن لکيو، جنهن لاءِ ڪاغذ، مس، قلم سڀ هن پاڻ ٺاهيا، ته جيئن سندس قلمي نسخي ۾ استعمال ٿيندڙ هر شيءَ پاڪ هجي. قرآن شريف جو اهو قلمي نسخو عبدالرسول وٽ محفوظ آهي. سنڌي لٽريچر ۾ به ان قلمي نسخي جو حوالي طور ذڪر ملي ٿو. نسيم کرل به لکيو آهي ۽ ڳوٺ آباد ۽ آسپاس ۾ پڻ مشهور آهي، ته ڪلهوڙن جو قلمي قرآن ڪو به چوري نه کڻندو، جيڪو کڻندو، ان جو اتي ئي فيصلو ٿيندو.
عبدالرسول عباسي جي چوڻ موجب، هن جنهن پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪئي، ان جو هيڊ ماستر ڊرائنگ جو شوقين هو، ان ڪري هو خاص ڪلاس وٺي ڊرائنگ سيکاريندو هو. جتان هن کي بنيادي تربيت ملي. اتان پوءِ هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ هال به هو، ڪلاس روم به هو، شام جو به ڪلاس ٿيندا هئا. اتي هن جو سندس استادن سان ويجهو هجڻ ۽ بهتر ڪارڪردگي جي ڪري، هي ڄڻ ته انچارج به هوندو هو، ڇو ته هي ڊرائنگ  جي استاد نور محمد سيال جو اعتماد وارو شاگرد به هو ۽ سيال صاحب پيرسن، پوڙهو به ٿي ويو هو، تنهن ڪري عبدالرسول عباسي کان ججهو ڪم وٺندو هو. ان ڪري هن دور کي به سکيا ۽ ڪم تي ڀروسو حاصل ڪرڻ جو بهترين دور سمجهي ٿو.
ماضي کي ساريندي عبدالرسول عباسي ٻڌايو ته ميٽرڪ کان پوءِ هو واندو هو. 1973ع ۾ ٻوڏ آئي، ته هن ٻوڏ ستايلن جي سهائتا لاءِ ڪوششون ورتيون. نتيجي ۾، ڪراچي مان سنگت امدادي سامان کڻي پهتي. ان سنگت سان گڏ ڪجهه صحافي ۽ ڪجهه ڪامريڊ به آيل هئا. جتي بيٺڪ هئي، اتي هن جون ٺاهيل مختلف تصويرون، مشهور ۽ معروف شخصيتن جا پورٽريٽ به رکيل هئا، جن ۾ اڪثر سياسي شخصتن جا هئا (اهي سڀ هاڻي هٿيڪا نه آهن)، صحافي ۽ سياستدان اهو ڪم ڏسي متاثر ٿيا، ته نوڪري جي آڇ ڪيائون. نتيجي طور، جيئن ته هاءِ اسڪول ۾ پڙهندي، هن جي شادي به ٿي چڪي هئي، ان ڪري روزگار هن جي ضرورت به هئي. ويتر صلاح جو ٿي، ته سڀ کان پهرين1973ع ۾ مينهٽن انٽرنيشنل ڪمپني ۾ نوڪري ملي، ان وقت 5000 رپيا ماهوار پگهار به شروع ٿيو. اهو ڀٽو صاحب جو دور هو. ايس آر ٽي سي ڊيپوئن جو هيڊ پينٽر به مقرر ٿيو. ڪراچي ۾ نوڪري سان گڏوگڏ هن ڪتابت به ڪئي، تصويرون به ٺاهيون، جڏهن ته هاءِ اسڪول جي دور کان ئي هن گلاس پينٽنگ به شروع ڪري ڇڏي هئي، جيڪا ڪراچي ۾ پڻ جاري رکيائين. ان دور ۾ پريس ڪلب اچڻ وڃڻ هوندو هئس، علي بابا، نواز علي شوق، احمد بشير، ممتاز مفتي، اي حميد ۽ ٻين سان ڪچهريون هونديون هئس. هن ٻڌايو ته 1977 ۾ هو ڪراچي ڇڏي آيو ته 1977 کان 1978ع ۾ سندس دوست جلال هيسباڻي ڪشمور ۾ کيس بيلدار طور مقرر ڪرايو، ته هر مهيني پگهار به ملندي هئي، مصوري جو  به معاوضو ملندو هو.
عبدالرسول عباسي ڪچهري ۾ ٻڌايو ته هڪ دفعي رات جو اٽڪل ساڍي 12 وڳي پروفيسر محي الدين چنڙ اچي گهر پهتو. حيدرآباد وٺي آيو. صبح ڊرپ ۾ نوڪري تي رکرايائين، اتي 1980ع تائين 5 سال ڪم ڪيو، ڊرافٽسمين طور مقرر ڪيو ويو هو، جنهن ۾ پڻ هڪ سال جو تربيتي ڪورس ڪيل هئس. ان دور ۾، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي پهرئين وائيس چانسيلر ڊاڪٽر اي ڪِيو انصاري کي نقشو ٺهرائڻو پيو، ته اهو عباسي اهڙو صاف ۽ سٺو ٺاهيو، جو نقشو ڏسي، انصاري صاحب پڇا ڪرائي ته اهو ڇپيل آهي يا هٿ سان ٺاهيل آهي؟ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته هن عباسي کي سندس آفيس گهرايو ۽ 1980ع ۾ زرعي يونيورسٽي ۾ ڊرافٽسمين ڪري انجنيئرنگ فيڪلٽي ۾ رکيو. جڏهن ڊي جي ڊرپ خليل سومرو کي اها خبر پئي، ته سومرو صاحب ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو انصاري پاڻ ۾ اٽڪي پيا. سومرو صاحب جو زور هو ته عبدالرسول عباسي واپس ڏيو. راضي ڪرڻ لاءِ ڊي جي هر سهوليت ڏيڻ جي آڇ به ڪئي، پر عباسي يونيورسٽي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏني ۽ اتي هن ڪيترا ئي مختلف ڪم انجام ڏنا.
ڪچهري ڪچهري ۾ عباسي ٻڌايو ته جڏهن ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ زرعي يونيورسٽي جو وي سي ٿي آيو، ته ان کان اجازت وٺي، هن فائين آرٽس ۾ داخلا وٺي، 1990ع ۾ بيچلر ڪئي ۽ 1994ع ۾ ماسٽر ڪري واپس زرعي يونيورسٽي ۾ اچي پهتو، جتي پوءِ ڊرافٽسمين مان ترقي ڏئي، کيس ٽيڪنيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو، پر هي ڪم ساڳيو ڪندو هو. جڏهن ته زرعي يونيورسٽي جو پِي آر او به رهيو. ان کان پوءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو عهدو به مليس، پر ڪم لڳ ڀڳ ساڳيا، تان جو 06 اپريل 2015ع تي رٽائر ڪيائين.
پراڻيون ڳالهيون ياد ڪندي عبدالرسول عباسي ٻڌايو ته 1973ع ۾ فيض پيرزادو، علي نواز گهانگهرو ۽ ادريس جتوئي سان گڏجي، هنن هڪ ميگزين روشني پبليڪيشن جو بنياد وڌو. ان جو ٽائيٽل هن پاڻ ٺاهيو. ڪجهه پرچا نڪتا، ته علي نواز گانگهرو کان سواءِ ٻيا سڀ نوڪرين ۾ مصروف ٿي ويا، پوءِ ميگزين سان گڏوگڏ علي نواز گانگهرو ڪتاب ڇپرائڻ جو ڪم به هٿ ۾ کنيو، ته انهن ڪتابن جا ٽائيٽل به عباسي ٺاهڻ لڳو. ڪي ڪتاب ٽائيٽل جي ڪري ته ڪي ٽائيٽل ڪتاب جي ليکڪ ۽ ڪتاب ۾ موجود مواد  جي ڪري مشهور ٿيا، روشني پبليڪيشن جي شروعاتي ڏيڍ ٻه سئو ڪتابن جا ٽائيٽل هن ٺاهيا. جڏهن ته نيو فيلڊس پبليڪيشن، آگم پبليڪيشن، سليٽ اشائتي ادارو، ڪنول پبليڪيشن جي ڪجهه ڪتابن سميت، موهن ڪلپنا، علي بابا، ابراهيم جويو، خليل جبران ۽ الطاف شيخ سميت ٻين به ڪيترن ئي ليکڪن جي ڪتابن جا هن ٽائيٽل ٺاهيا. افسوس جي خبر به هن بي فڪر انداز ۾ ٻڌائي ته ان سموري ڪم جو، هن وٽ ڪو به رڪارڊ ناهي، تفصيل ناهي، ڪتابن جون ڪاپيون به نه آهن، مختلف رسالن جا، ماهوار تحريڪ جا ڪيترائي ٽائيٽل توڙي سَوَنِ جي تعداد ۾ مختلف شخصيتن ۽ عام ماڻهن جا پورٽريٽ به ٺاهيا، پر اهي به وٽس نه آهن!
مصوري جي ڪم سان گڏوگڏ عبدالرسول عباسي وقت به وقت مضمون به لکيا، شاعري به مجموعي جيتري ڪئي آهي، هن ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي مختلف اخبارن، ميگزينس ۽ رسالن ۾ به شايع ٿيون، پر سنڀاليل ڪجهه به ڪونهي. هن وڏيون وڏيون پينٽنگس ٺاهي، گهر ۾ رکيون، جيڪي لڏپلاڻ ۽ ٻارڻ جي اڻ هوند ۾، ڪي ڀڄي ڀري ضايع ٿيون، ته ڪي سڙي ويون، ڪي وري ردي جي ڪاغذن ۾ ملي وڪرو ٿي ويون!
عبدالرسول عباسي مختلف سرڪاري، نيم سرڪاري ۽ غير سرڪاري (اين جي اوز) ادارن پاران ڇپجندڙ مختلف رپورٽس ۽ ڪتابن جا ٽائيٽل ڊزائين ڪيا. زرعي يونيورسٽي ۾ نوڪري دوران هن زرعي انجنيئرنگ سميت زرعي يونيورسٽي ۾ موجود ٻين مختلف شعبن ۾ ايم ايس سي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي، توڙي ڪيترن ئي تحقيقي پراجيڪٽس جي رپورٽس ۾ پڻ مختلف نوعيت جو ڪم ڪيو. هن فخريه انداز ۾ ٻڌايو ته پروفيسر محمد سليم ڪامدار، اڪانامڪس ۾ هڪ ڪتاب لکيو، ان جو ٽائيٽل به مون کان ٺهرائي، آمريڪا کڻي ويو، جيڪو قبول پيو ۽ ان ٽائيٽل سميت اهو ڪتاب آمريڪا ۾ ڇپيو. يادگيري اچڻ تي ٻڌايائين ته روشني پبليڪيشن جو پهريون ڪتاب ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“ مير محمد پيرزادو جي شاعري جو مجموعو ڇپيو، ان جو ٽائيٽل به ٺاهيو، حليم بروهي، طارق عالم ابڙو، سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن جا ٽائيٽل، ٽماهي مهراڻ جا ڪجهه ٽائيٽل به ٺاهيائين. ٻين دوستن جي معرفت عباسي کي به خبر پئي ته موهن ڪلپنا، وينا شرنگي ۽ ٻين انڊين ليکڪن، سندن خواهش جو اظهار ڪيو، ته هنن جي ڪتابن جا ٽائيٽل عباسي ٺاهي.
عبدالرسول عباسي س ا س شاخ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ٽنڊو ڄام جو سيڪريٽري به رهندو پيو اچي. عبدالقادر قادر جوڻيجو، جبار جوڻيجو، اي آر ناگوري، ميڊم مسرت مرزا، علي نواز، محمد علي ڀٽي، فتاح دائودپوٽو، فتاح هاليپوٽو، سعيد منگي، منصور عالم ابڙو، خدا بخش ابڙو سميت ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ مصورن سان ويجهڙائي، دوستي، اچ وڃ، ميل ملاقات، ڪچهريون رهيون اٿس.

عبدالرسول عباسي بيشمار وزٽنگ ڪارڊس، ڪيترا ئي لوگو، مونوگرام ۽ مختلف دعوت ناما به ڊزائين ڪيا آهن، ڊزائينر آرٽسٽ آهي، وقت به وقت بسڪيٽ، کٽمٽا، بليڊ، وغيره جا فليپر ۽ ڊزائين جو هر ڪم ڪندو رهيو آهي. گهرن ۽ مختلف عمارتن جا نقشا به ٺاهيندو رهيو آهي. جتي هجي، سدا خوش هجي.

No comments:

راءِ ڏيندا