; سنڌي شخصيتون: سائين حاجي عرض محمد چنه - استاد محمد خان بلر

13 June, 2017

سائين حاجي عرض محمد چنه - استاد محمد خان بلر

سائين حاجي عرض محمد چنه
هڪ بزرگوار حيثيت ۾
استاد محمد خان بلر
سائين حاجي عرض محمد چنه هڪ بزرگ هستي، عظيم انسان، هر دلعزيز ۽ هڪ بهترين مثالي استاد ٿي گذريو آهي. سائين جن هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪنڍا کاهي ۾ جنم ورتو ۽ اتي تعليم پرائي. هي هڪ مثالي استاد ٿي گذريو آهي. شروعات ۾ سائين جن ڪنڍا کاهي جي مسجد ۾ اسلامي تعليم ڏيندا هئا ۽ پوءِ پسگردائي جي جهالت کي ڏسي هڪ گرانٽ تي اسڪول کوليائين. پهريائين پرائمري تائين تعليم جاري رکيائين، بعد ۾ محنت ۽ ڪوششن سان مڊل اسڪول تائين تعليم ڏيڻ لڳا. سائين جن سان ساٿ ۾ بهترين استاد هئا، جن مان سائين عبدالمجيد چنه، حاجي خان چنه، ڪوڙل خان سهتو، سائين قادن شاهه، استاد گوڙدنداس، سائين در محمد شاهه، خادم حسين پنهنجي لياقتن آهر ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ مڊل اسڪول مان ترقي ڪري هن وقت هاءِ اسڪول بنجڻ ۾ به سائين جن جي محنت جو نتيجو آهي. هن اسڪول مان تمام وڏا آفيسر پيدا ٿيا. جن ۾ سيڪريٽري ليول جا آفيسر، ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر، قانوني ماهر، جج توڻي تعليمي ماهر شامل آهن. هن وقت هي هاءِ اسڪول هڪ ماهر تعليم مدبر هيڊ ماستر غلام مهدي شاهه جي زير نگراني ۾ بهترين نموني هلي رهيو آهي ۽ استاد صاحبان جي هڪ مڪمل ڪاميٽي بهترين تعليم ڏئي رهيا آهن. اهو سڄو نتيجو سائين وڏي جو آهي. سائين جن ڪنهن به ماڻهوءَ کي نالي سان نه سڏيندا هئا، ليڪن هڪ مخصوص نالو ”سائين وڏو“ سان ياد ڪندا هئا ۽ اڄ به سائين هر هڪ ماڻهو کي ياد آهي.


”ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.“
سائين ڪنهن غريب شاگرد کي پنهنجي خرچ سان به پڙهائيندا هئا. مون مسڪين جي تعليم ”سائين وڏي“ جي ڪوششن جو نتيجو آهي. پاڻ انگريزي توڻي عربي گرامر جا ماهر هئا. سائين جا شاگرد اڄ به وڏن عهدن تي فائز آهن ۽ ٻين ملڪن ۾ سروس ڪري رهيا آهن. سائين جن جو مثال ۽ ڳڻت وڏن تعليمي ماهرن ۾ ٿئي ٿي.

هيءَ ڌرتي هونئن به پنهنجي محسنن کي سدائين ياد رکندي آهي، جنهن به شخص پنهنجي حصي کان وڌي چڙهي ڌرتيءَ لاءِ، ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ته اُن کي بدلي ۾ نه رُڳو عزت ۽ مانُ مليو آهي، پر کين مُئي پڄاڻان به ماڻهو ياد رکندا آهن ۽ اهڙن ماڻهن جو سنڌ اندر جهجهو تعداد آهي. موجوده حالتن ۾ اهڙن ڪردارن جي ضرورت ڪجهه سوائي آهي جو هيءُ سماج آهستي آهستي تباهيءَ طرف وڌي رهيو آهي. خاص ڪري هتي جي تعليم هاڻ ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندي پئي وڃي. پيغمبري پيشي سان واڳيل ماڻهن، اِن عظيم پيشي کي فقط پگهار جو ذريعو سمجهيو آهي. اُنهن مان ڪيترا ته اهڙا به آهن جيڪي گهر ويٺي پگهارون کڻندا رهن ٿا ۽ تعليم جي حوالي سان ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اُنهن کي ٽيهڙ تپُ چڙهيو وڃي. اُن جي ڀيٽ ۾ سائين حاجي عرض محمد چنه جهڙن ڪردارن جي زندگيءَ جو جڏهن اسين جائزو وٺون ٿا ته اُهي اسان کي انتهائي اعليٰ رُتبي تي نظر اچن ٿا. اُنهن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري نه رُڳو پنهنجي تر/ علائقي جي نوجوانن کي تعليم جي زيور سان مالا مال ڪيو، پر جتي جتي به اُنهن جو وَسُ پُڳو اُنهن پنهنجي وت وس آهر ماڻهن جي ڀرپور واهر ڪئي. ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته موجوده حالتن ۾ اهڙن مثالي ڪردارن کي پنهنجي نئين نسل ۾ متعارف ڪرايون ته جيئن اُهي اُتساهه وٺي پاڻ به نيڪ ۽ جاکوڙي بڻجي سگهن. جيئن ته سائين هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن پر سائين جن جا ڏنل سبق هر هڪ شاگرد کي ياد آهن. ”شال الله تعاليٰ جنت الفردوس ۾ کين جڳهه عطا ڪري.“

No comments:

راءِ ڏيندا