; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ غلام محمد لغاري - تاج مري

12 June, 2017

ڪامريڊ غلام محمد لغاري - تاج مري

ڪامريڊ غلام محمد لغاري
سنڌ جي تحريڪ
تاج مري
ڪامريڊ غلام محمد لغاري سنڌ جي هاري تحريڪ جي مکيه اڳواڻن ۾ شامل هئو. غلام محمد لغاري ۱۹۱۷ع ۾ تعلقي ڊگهڙي ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ غلام علي فقير لغاري جي هڪ غريب هاري محمد خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. هن تر جي مختلف مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي. سندس تعلق خاڪسار تحريڪ ساڻ ٿيو. ٻين خاڪسارن ساڻ لاهور ويندي هُو خانيوال اسٽيشن تي گرفتار ٿيو ۽ ملتان جيل موڪليو ويو جتي کيس ٻه سال جيل ڀوڳڻو پيو. ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي ڪامريڊ حيدر بخش ساڻ پهرين ملاقات ان وقت ٿي جڏهن هو ميان مراد علي جي مدرسي ۾ ۳ سال پڙهي پنهنجي ڳوٺ ۾ واپس اچي حاجي محمد لغاري جي نئين مدرسي ۾ داخل ٿيا. انهيءَ زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڊگهڙي ۾ مختيارڪار هو ۽ مولوي حاجي محمد لغاري ساڻ تمام گهڻي گهرائپ هئس ۽ سندس مدرسي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايندا رهندا هئا.


ان دور ۾ جڏهن هڪ ڀيرو حاجي محمد جي دعوت تي مختيارڪار حيدر بخش جتوئي انهن جي ڳوٺ جي دوري تي آيو ته ڳوٺ جي زميندارن ڪيترائي ڏينهن اڳ ڪامريڊ حيدر بخش جي آجيان جي تياري ڪئي ۽ هن لاءِ چڱو خاصو کاڌو، ميوا مٺائي، حلوا تيار ڪرايا. مطلب ته وڏو اهتمام ڪيو ويو. جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سامهون اهو کاڌو رکيو ويو ته هن اهو کاڌو غريب هارين ۽ مدرسي جي شاگردن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ پاڻ ضد ڪري هارين جي ماني کير ساڻ کاڌائين. جتوئي جي ان سادگي غريب هارين کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ ڪامريڊ لغاري جي ذهن تي جتوئي جي سادگي ۽ غريب هارين ساڻ همدردي ۽ هر دلعزيز جو ڪڏهن به مٽجندڙ نقش رهجي ويو. ڪامريڊ لغاري اڪثر پنهنجن ڪچهرين ۾ انهي جو ذڪر ڪندو هو. انگريز سرڪار ۾ مختيارڪار حاڪم سڏبو هو. سندس انهيءَ حاڪماڻي دور ۾ عوام دوستي ۽ هارين ساڻ همدردي ڪامريڊ لغاري کي سڄي عمر ياد رهي ۽ پاڻ به انهي جي نقش قدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
ڪامريڊ لغاري ۱۹۴۵ع ۾ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿي سرگرم ڪارڪنن جيان ڪم ڪيو پاڻ ڳاڙهو جهنڊو کڻي پنهنجي تر جي شهر توڙي ڳوٺن ۾ پيادل گهمندو هارين ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لڳو. هو جتي به ويندو هو اتي هارين کي گڏ ڪري کين وڏيرا شاهي جي ظلمن ۽ افسر شاهي جي غلامي ۽ محڪومي خلاف ڳالهائيندو هو ۽ هارين کي منظم ڪندو هو. انهيءَ دور ۾ سندس ڄاڻ سڃاڻ ڪانگريسي اڳواڻن ساڻ ٿي ۽ انهن ساڻ گڏجي ملڪ جي آزادي، جمهوريت ۽ جاگيرداري جي خاتمي لاءِ جاکوڙيندو هو. ۱۹۴۳ع ۾ هُن مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ حصو ورتو ان دور ۾ وڏيرن خلاف چونڊ وڙهڻ جو تصور ڪو نه هو. پاڻ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون پڻ وڙهيو، انهن چونڊن دوران طبقاتي شعور هجڻ ڪري کيس نوان تجربا به ٿيا. انهي تڪ واري چونڊ ۾ ٻه وڏا زميندار ۽ اثر رسوخ رکندڙ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽  امام بخش ٽالپر بيٺل هئا انهن جي مقابلي ۾ هاري جو پٽ غلام محمد لغاري چونڊ وڙهي اهو تر ۾ نئون تجربو هو جنهن ساڻ هارين ۾ اتساهه پيدا ٿيو ته وڏيرن جي مقابلي ۾ هڪ غريب هاري بيهي سگهي ٿو جيتوڻيڪ انهيءَ چونڊ ۾ غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ڪامياب ٿيو پر ڪامريڊ لغاري به چڱا خاصا ووٽ کنيا. ۱۹۵۱ع ۾ ضلعي لاڙڪاڻي جي قنبر  واري سيٽ تي ننڍين چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي چونڊ وڙهيو سندس مقابلو نواب غيبي خان چانڊئي جي پوٽي سلطان احمد چانڊئي ساڻ هو. انهن چونڊن دوران ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي هاري اڳواڻ مهم هلائڻ لاءِ اچي اتي ڪيمپ قائم ڪئي هئائون ڪامريڊ لغاري تي هاري تحريڪ جي پروگرام جي پروپيگنڊا جي ذميواري رکيل هئي هو ۱۵-۲۰ ڏينهن قنبر  شهر ۾ وڃي رهيو ۽ مختلف جلسن ۾ وڃي زوردار تقريرون ڪرڻ لڳو. جن ۾ هُو وڏيرا شاهي جي ڪارن ڪرتوتن کي پڌرو ڪرڻ لڳو ۽ هارين کي هارپ جي حق ۽ زمين جي مالڪي واري حق بابت ٻڌائيندو هو، اليڪشن مهم ختم ٿيڻ کان پوءِ چونڊ واري ڏينهن خيرپور جوسي جي هڪ پولنگ اسٽيشن ٻاهران پولنگ انچارج طور به هُو  موجود هو ته ان تر جي بااثر وڏيرن پنهنجن دلالن ذريعي ڊپ پکيڙي چونڊن ۾ ڌانڌلي شروع ڪئي ۽ ڪوڙا ووٽ وجهڻ لڳا، ڪامريڊ لغاري سخت احتجاج ڪيو. احتجاج ڪرڻ تي وڏيرن جي ماڻهن ڪامريڊ لغاري ۽ ٻين ساٿين کي گاريون ڏنيون ۽ کين مارڪٽ جي تياري ڪئي پر اتي موجود پوليس ڪا به مداخلت ڪرڻ بدران وڏيرن جي نوڪر وارو ڪردار ادا ڪيو. وڏيرن جي اها غنڊا گردي ۽ ڌانڌلي پولنگ ختم ٿيڻ تائين جاري رهي.
جڏهن ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي واپس قنبر پهتو ته کيس خبر پئي ته اها غنڊا گردي ۽ ڌانڌلي هڪ پولنگ اسٽيشن تي ڪئي وئي، کيس قنبر ۾ ئي اطلاع مليو ته قاضي فضل الله جي حڪومت هن خلاف سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا آهن، ڪامريڊ اتان کسڪي ڳوٺ هليو آيو هڪ رات ڳوٺ رهڻ کان پوءِ جڏهن ٻئي ڏينهن حيدرآباد پهتو ته کيس گرفتار ڪيو ويو. پهرين کيس ميرپورخاص جيل ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ سکر جيل موڪليو ويو. سکر سينٽرل جيل جو سپرينٽنڊنٽ مسٽر عيساڻي ظالم ۽ تڪبر ڪندڙ ڪامورو هو، هن ڪامريڊ لغاري ۽ سندس ساٿين مولوي عزيز الله، مولانا معاذ، عبدالخالق آزاد ۽ غلام محمد بام جيڪي پڻ هاري ڪاميٽي جا سرگرم اڳواڻ هئا تي ڏاڍو تشدد ڪيو ۽ کين تنگيون ڏنيون، کين ڌار ڌار ڪوٺڙين ۾ واڙيو ويو، جنهن خلاف هاري اڳواڻن جيل اندر بک هڙتال ڪئي. آخر عيد جي ڏهاڙي ڊاڪٽر خان جي پٽ عبيدالله خان جي مداخلت تي جيڪي پڻ جيل ۾ نظربند هئا کين ڪال ڪوٺڙين مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ سندن بک هڙتال ختم ڪرائي وئي. ڪامريڊ مير محمد سندن گرفتاري خلاف ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪئي ته کين ڪراچي چيف ڪورٽ جيڪا هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ سڏجي ٿي جسٽس ڪائوسجي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ته عدالت پهرين پيشي تي کين آزاد ڪري ڇڏيو.
۱۹۵۱ع ۾ سچائي ۽ پوءِ بيداري جي نالي ساڻ ميرپورخاص مان اخبار ڪڍي ۽ سنڌڙي روڊ ميرپورخاص تي سچائي اخبار ۽ ڪامريڊ لغاري جو گهر هئو. سچائي منزل، ترقي پسند سياست جو مرڪز هو. سچائي ۽ بيداري وڏيرا شاهي، آمراڻين حڪومتن ۾ ون يونٽ خلاف مورچي وارو ڪردار ادا ڪيو، ۱۹۷۷ع جڏهن ضياءُ الحق ذوالفقار ڀٽي جي چونڊيل حڪومت تي راتاهو هڻي اقتدار تي قبضو ڪيو ته ارشاد رائو پاران پاڪستان ۾ جمهوري قوتن جو ترجمان اردو رسالو الفتح بند ڪيو ويو ته ڪامريڊ لغاري کيس سچائي ۾ بيداري حوالي ڪئي پوءِ سچائي ۽ بيداري الفتح جي ڪڙي بڻجي ملڪ ۾ مارشل لا خلاف سگهارو آواز بڻجي اڀريا ۽ ضياءُ الحق حڪومت سچائي ۽ بيداري کي به بند ڪري ڇڏيو. ان وقت ارشاد رائو، مون (تاج مري) معرفت سانگهڙ ۾ نڪرندڙ اخبار الفقراءَ جي مالڪ فقير محمد رحيم ساڻ رابطو ڪيو پر هن ڊڪلريشن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ميرپورخاص ۽ جهڏو هاري ڪانفرنسن جي ذميواري ڪامريڊ لغاري تي هئي. جهڏو ڪانفرنس دوران  دوران مائي بختاور جي شهادت جو واقعو پيش آيو. ۱۹۵۸ع ۾ ايوب خان مارشل لا هنئين ته ڪامريڊ غلام محمد لغاري کي گرفتار ڪيو ويو. ڪامريڊ لغاري ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو. ڪامريڊ لغاري پاڪستان ۾ ترقي پسند قومپرست ۽ جمهوريت پسند قوتن جي گڏيل پارٽي نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جو پڻ سرگرم اڳواڻ هو ۽ کيس نعپ سنڌ جو صدر چونڊيو ويو، پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽي جو پڻ مرڪزي نائب صدر هُئو، جيل ۾ گهڻو عرصو رهڻ ڪري بيمار ٿي پيو کيس سيپٽمبر ۱۹۸۲ع ۾ دل جو دورو پيو ته هن کي ديوان مشتاق دل جي اداري سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن ۱۴ آڪٽوبر تي وفات ڪئي، سندس پٽ منصور هن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ سندس ڌيءَ پورهيت اڳواڻ ۽ ڪامريڊ جتوئي جي ڀاڻيجي اڪبر لغاري جي گهر واري آهي.
ڪامريڊ لغاري بٽائي هاري تحريڪ، ٽيننسي ايڪٽ(هارپ وارو قانون) منظور ڪرائڻ واري تحريڪ، الاٽي هاري تحريڪ، رسائي ۽ لاپي خلاف جدوجهد سميت وڏيرا شاهي ۽ جاگيرداري خلاف هلندڙ مڙني تحريڪن ۾ اهم اڳواڻ طور ڪردار ادا ڪيو. سنڌ هاري ڪميٽي مختلف ڀيرا اختلافن جو شڪار ٿي ته ڪامريڊ لغاري اختلاف ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سنڌ هاري ڪميٽي جي ۶ نومبر ۱۹۴۸ع ۾ هڪ اجلاس ۾ آئين ۾ ترميم وقت اختلاف ٿيا، ۱۹۵۱ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي تي پابندي مڙهي وئي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هاري ڪميٽي کي هاري پارٽي ٺاهي ڪميونسٽ پارٽي ئي واري خال ڀرڻ جي تجويز رکي ته ڪامريڊ جتوئي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت ۾ اختلاف ٿيا ۽ سنڌ هاري ڪميٽي مان ڪميونسٽن کي ڪڍيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ٻئي ڪنهن پارٽي جو ميمبر سنڌ هاري ڪميٽي جو ميمبر نٿو ٿي سگهي. ان فيصلي وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيل ۾ هيو. هن فيصلي جي ڪري سائين جي ايم سيد، عبدالقادر ايم خان کوکر، غلام لغاري، عبدالخالق آزااد، برڪت آزاد، قادر بخش نظاماڻي، چاچي محمد لاکي کي سنڌ هاري ڪميٽي مان خارج ڪيو ويو.

۱۴ نومبر ۱۹۵۰ع تي هڪ خط سموري هاري تحريڪ جي ڪارڪنن جي نالي تي جاري ڪيو ويو جنهن ۾ هاري تحريڪ ۾ پيدا ٿيل غلط فهمين ۽ ڏڦيڙ جي نتيجي هاري تحريڪ جي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ هاري ڪارڪنن کي سڏ ڏنو ويو ته هو ۲۴ جنوري ۱۹۵۱ع حيدرآباد ۾ سڏايل گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿي تجويزون ڏين، انهيءَ خط تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، عبدالخالق آزاد ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري جون صحيحون ٿيل هيون ۽ پوءِ ٻنهي گروپن کي گڏائي سنڌ هاري ڪميٽي جي نالي ۾ ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اهڙي طرح ۱۹۵۱ع ۾ سڪرنڊ هاري ڪانفرنس ۾ پڻ جڏهن هاري ڪاميٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي ته هڪ ڌڙي جو صدر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻئي جو قاضي فيض محمد کي چونڊيو ويو ته ۲۶ فيبروري ۱۹۵۲ع تي ٻنهي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ لاءِ مهم دوران ڪامريڊ غلام محمد لغاري، قاضي فيض محمد کي خط لکيو. هن خط ۾ ٻنهي گروپن کي هڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي وئي ۽ پوءِ ۱۰ مئي ۱۹۵۲ع تي نوابشاهه ۾ گڏجاڻي ڪري ٻنهي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  ويو. هن مهم ۾ ترقي پسند اڳواڻ ميان افتخار اهم ڪردار ادا ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا