; سنڌي شخصيتون: نصير ميرزا - ماڪن شاھ رضوي

12 June, 2017

نصير ميرزا - ماڪن شاھ رضوي

نصير ميرزا
آواز نگر جو نصير ...!
جمع ۲۴ جولاءِ ۲۰۱۵ع
ماڪن شاھ رضوي
گذريل ۲۰ جولاءِ تي زندگي جا سڄا سارا ۳۲ ورهيه ... آواز نگر ... کي ارپي نوڪريءَ مان ريٽائرڊ ٿي، پنهنجي بليو ڪلر جي ٿيلهي ۾ يادگار تصويرون، ڪاغذ، ڪجهه خط، ڪجهه يادگيريون کڻي، پنهنجي ٽنڊي ٺوڙهي مرزا پاڙي ڏانهن روانو ٿيو آهي. نصير مرزا، پنهنجن ۳۲ سالن جي نوڪريءَ واري عرصي ۾ ريڊيو حيدرآباد جي عظيم ”آواز نگر“ کي سنڌ جي علم ۽ ادب کي ۽ فن توڙي ادب سان تعلق رکندڙ دوستن کي ايترو ته گهڻو سرمايو ڏئي روانو ٿيو آهي، جنهن کي نه سارڻ به وڏي ادبي خيانت آهي. هو ۱۹۸۴ع ۾ پروڊيوسر ٿيو، پوءِ سينئر پروڊيوسر، پروگرام مئنيجر، اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ٿي هو ريٽائرڊ ٿيو آهي. خيرپور ۽ ڪراچي ۾ نوڪري سانگي به ڪجهه وقت رهيو، پر گهڻو عرصو هو پنهنجي هوم اسٽيشن حيدرآباد تي ئي رهيو. هڪ ئي وقت هو بهترين ذهين پرڊيوسر به رهيو، عالم، اديب، شاعر، ڪمپيئر، براڊڪاسٽر به رهيو ۽ ثقافت کاتي جي ائنڊومينٽ فنڊ جو ميمبر به آهي. سنڌي ادب کي؛ سفر من اندر، خيمي ۾ شام، ٿي نه سگهيس شاعر مان، ڊپٽي صاحب، بلاول بيلجيم، منهنجو سائين (نثار حسيني)، ريڊيو حيدرآباد جي تاريخ، ڪئٽلاگ ۽ شايد ٻيا ڪجهه ڪتاب (جن جا نالا هن وقت ياد نه پيا اچن) ڏنائين. سنڌ جي ڪيترن گمنام فنڪارن کي، شاعرن، اديبن ۽ آرٽسٽن کي سنڌ واسين سان متعارف ڪرائي شهرت جي بلندين تائين پهچايائين.


اسٽيج ريڊيو ۽ ٽي وي ڪمپيئرنگ جي هن بادشاهه ڪمپيئر پنهنجي نهٺائي نماڻائي پُرخلوص محبتن ۽ اعلى اخلاق سان الائي ڪيتريون دليون کٽيون. ڪنهن سان ڪڏهن ٻاڙو ڪو نه ٻوليو ۽ پيار ورهائيندو رهيو. هي اڻ ورچ انسان ڪڏهن آفيسر ٿي پنهنجي اعلى ڪرسيءَ تي ويهي حڪم هلائڻ بجاءِ هتان کان هُت هلندو ۽ ڪم ڪندو رهيو. ڪمپيوٽر تي ويهي، نوجوانن کان الائي ته ڇا ڇا ڪمپوز ڪرائيندو رهيو، ته اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ بوٿ ۾ ويهي الائي ته ڇا ڇا رڪارڊ ڪندو رهيو. سندس ميز تي ڪاغذ جا سٿا، ڊگهي پينسل هٿ ۾، لک لکان. ادبي پروگرامن جا اسٽيج سنڀالي، راتين جون راتيون ڪمپيئرنگ ڪندڙ نصير مرزا، جڏهن ٿڪجي پوندو هو، سندس شگر ليول ۽ بلڊ پريشر گهٽبو هو ته شانو سيال پاڻيءَ جي گلاس ۾ ليمون نپوڙي، لوڻ وجهي کيس پيئڻ لاءِ ڏيندو رهيو ۽ هي ڍُڪ ڍُڪ پاڻي پيئندي قلم هلائيندي نظر آيو.
هن پنهنجي رنگين ترين نوڪريءَ دوران ڪجهه سانورين بانورين صورتن سان دل ئي دل ۾ عشق به ڪيا، پر حمل فقير چواڻي ته، ”اسين پاڻ اُتامرا ڪڍون نه ڪنهن جي ڪاڻ.“ سو کيس ڪنهن به وجود آڏو جُهڪڻ ڪو نه آيو. هوڏانهن حُسن ته هوندو ئي مغرور آهي، ان ڪري اهي پاڻ ته جُهڪي ناهن سگهندا، ان ڪري اهي سمورا نصير جا عشق به اڌورا رهجي ويا ۽ هو ادي دُردانه ڀاڀي جي پلئه پيو ۽ اتي ئي پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيائين. جيتوڻيڪ هو پاڻ کي سدائين ڊڄڻو، چوندو ۽ لکندو رهيو آهي، پر هن جو هڪڙو جهيڙو ته مون پاڻ اکين سان ڏٺو، جي اسين ٻه چار ڄڻا وچ ۾ نه پئون ها ته سامهون ڇهه فوٽ ڊگهي قداور ۽ مضبوط همراهه جو هي اُلاريل ڪاٺ جي ڪرسيءَ سان مٿو ضرور ڦاڙي ڇڏي ها. آئون اهو به صاف چوان ٿو ته، ”جيڪڏهن نصير نه هجي ها ته مرزا قليچ بيگ، نادر بيگ مرزا ۽ شيخ اياز جهڙن مدبر ۽ عظيم تخليقڪارن تي ظالم وقت جي اُڏايل دز چڙهي وڃي ها. نصير الائي ته ڪيترن اهڙن عظيم تخليقڪارن جي تخليقن کي ٻيهر ڇنڊي ڦوڪي اُجرو ڪري ٻيهر جيئاريو. جيڪڏهن هو مون کي جُهڏي مان گِهلي، هن عظيم الشان ”آواز نگر“ تائين نه وٺي اچي ها ته اڄ سنڌ جا ماڻهو منهنجي آواز، ڪمپيئرنگ ۽ ڊراما نگاريءَ کان واقف نه هجن ها.
خير، بدلي توڙي ريٽائرمينٽ ته نوڪريءَ جو حصو آهن. نصير، اڄ به اهو ئي نصير آهي. هن پنهنجين ڀرپور صلاحيتن سان ريڊيو حيدرآباد کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. هاڻي ته هو نوڪريءَ جي پابندين کان آجو آهي، ان ڪري سنڌي ادب ۽ فن لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري سگهندو. هن وٽ بي پناهه صلاحيتون آهن ۽ هن جو ذهن زرخيز آهي. سندس قلم ۽ آواز ۾ رواني به آهي ته چاشني به آهي. هو چاهي ته آرام ۽ آزاديءَ سان تخليقي ڪم ڪندو رهي، هن ايف ايم ۽ ٽي وي جي زبردست ميڊيائي دور ۾. هر چئنل نصير مرزا جهڙي باصلاحيت شخصيت جي آجيان ڪندو. هو پنهنجو پروڊڪشن هائوس کولي سگهي ٿو، بهترين رسالو جاري ڪري سگهي ٿو، پبلشر ٿي هو بي بها تخليقون سامهون آڻي سگهي ٿو. سنڌالاجي، ادبي بورڊ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ڪو به پروجيڪٽ هو وٺي سگهي ٿو. اهو هاڻ هن تي ڇڏيل آهي ته هو ڇا ٿو ڪري ۽ هو ضرور ڪندو، ڇو ته هو عام ماڻهو ناهي، هو اڻٿڪ محنتي انسان آهي، واندو ٿي هو ڪڏهن به رهي نه سگهندو. هونئن به هو ”باب العلم“ اڳيان ويٺو آهي ۽ ان در تان ڪو خالي ناهي ويندو، ان ڪري ”ماسو ملئي مال ته پوڄارا پُر ٿيئن“ سو هن همراهه کي به ماسو ڇا پر مڻين مهان علم عطا ٿيل آهي ۽ مولا علي عه جو فرمانِ عاليشان به اهو آهي ته، ”جيستائين جسم ۾ ٿوري به طاقت هجي، هرگز بستري تي نه ڪِرو، هلندا رهو، ڪم ڪندا رهو.“ ان ڪري اسان فقيرن جيئان، سڄي سنڌ به پنهنجي هن سُڄاڻ سپوت کي پُر اُميد نظرن سان ڏسي ٿي. اسان جي دعا آهي ته ڌرتيءَ جو هي بي بها سپوت ڪم ڪندو رهي، ڌرتيءَ لاءِ، ساڻيهه واسين لاءِ، علم لاءِ، ادب لاءِ ۽ فن لاءِ. الله سندس حامي ۽ مددگار رهندو.
نه ثبوت هي، نه دليل هي،
تيري ساٿ ربِ جليل هي،
جس ڪا نام ڪتنا مختصر،

جس ڪا ذڪر ڪتنا طويل هي.

No comments:

راءِ ڏيندا