; سنڌي شخصيتون: مختيار سمون

25 June, 2017

مختيار سمون

مختيار سمون

لڪا ڀُڻن لوڪ ۾! ذڪر هڪ اتساهيندڙ شخصيت جو!

لياقت راڄپر



دنيا ۾ گهڻي قدر جيڪي به وڏا ماڻهو پيدا ٿيا آهن، انهن جو تعلق غريب گهراڻن سان رهيو آهي. وڏي ماڻهوءَ جو مطلب دولت وارو نه پر علم ۽ ادب وارو آهي. پئسي وارن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو هو پيدا ٿيڻ کان مرڻ تائين هر آسائش حاصل ڪندا آهن. غريب کي اهو سڀ ڪجهه نه هوندو آهي، ان لاءِ هن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ رکڻو پوندو آهي ۽ پوءِ جدوجهد ۽ محنت کي پنهنجو ٽولTool  ٺاهي نڪري پوندو آهي. زماني جون زيادتيون، بک، ڏک، ناانصافي، ظلم ۽ زيادين کان گذرندو نيٺ هڪ ڏينهن هو علم ۽ محنت ذريعي اهو ٽارگيٽ پورو ڪري وٺي ٿو.


لاڙڪاڻي شهر ۾ منهنجي ملاقات هر طبقي جي ماڻهوءَ سان رهي آهي ۽ انهن جي غريبي، محنت، سچائي انهن کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي. هڪ اهڙو شخص مختيار سمون به آهي، جنهن سان منهنجي ملاقات سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿي هئي، جتي هو اڪثر پنهنجي شاعري پڙهندو هيو. هن دوست جي ڳالهائڻ ۽ ملڻ جي انداز ۾ ادب ۽ اخلاق ڀريل هيو، جيڪو هو دوستيءَ جي روپ ۾ ڏيکاريندو هيو، جنهن ڪري هو ٿوري ئي وقت ۾ لاڙڪاڻي جي سٺن ۽ پڙهيل لکيل شخصيتن ۾ جاءِ ٺاهي ويو. هن دوست جي هڪ خواهش هئي ته هو لاڙڪاڻي جي ٻارن ۾ انگريزي پڙهڻ جو رجحان ۽ شوق پيدا ڪري ۽ اهو جذبو دل ۾ سانڍيندو رهيو ۽ همٿ نه هاريائين ۽ هڪ ڏينهن مون کي ٻڌايائين ته هن ممتاز ڀٽِ جي بنگلي سامهون هڪ ڪمري ۽ ڪجهه آڳر واري جاءِ ڪرائي تي ورتي آهي، جيڪا پهرين ماڙ تي آهي جڏهن هن اتي انگريزي ٻولي سيکارڻ لاءِ اهو ڪم شروع ڪيو ته هن وٽ چند ڪرسيون ۽ هڪ ٽيبل هئي. مان ۽ اسان جو دوست منظور لاڙڪ اتي روزانو شام جو وڃي هن جي همٿ افزائي ڪندا هئاسين. اتفاق سان ٽي وي اداڪاره دردانه بٽ لاڙڪاڻي ۾ هڪ انگريزي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ آيل هئي، جنهن سان مختيار جي ملاقات ٿي، جيڪا دعوت تي هلي آئي ۽ هن انگريزي پڙهائڻ واري مرڪز تي اچي ليڪچر ڏنو، جنهن سان شاگردن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو رهيو ۽ هوءَ به ڪڏهن هڪ ڀيرو ۽ ڪڏهن ان کان وڌيڪ مرڪز ۾ اچڻ لڳي.

مختيار جي زندگي غريبيءَ کان خوشحاليءَ تائين هڪ وڏو سفر آهي، جيڪو هن پورو ڪري پاڻ ۽ پنهنجي خاندان کي ڪنهن منزل تي پهچائڻ ۾ هڪ ڪهاڻيءَ جي حيثيت رکي ٿو. ڇو جو غريب مان خوشحال ٿيڻ وارن کي سلام آهي. بهرحال هو پڙهائي به ڪندو رهيو ۽ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن کي به پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ پالڻ ۽ پڙهائڻ واري ذميداري پوري ڪندو رهيو. هن ناليج سينٽر کي هڪ ڪمري کان کڻي هڪ عمارت تائين پهچايو پر هڪ ڳالهه هن نه وساري جو غريب ۽ مسڪينن ۽ دوستن جي ٻارن ۽ ڀائرن کان ڪجهه نه وٺي به پڙهايو. جيڪي هن وقت اهم عهدن تي فائز آهن ۽ ڪيترائي سي ايس ايس واري چٽاڀيٽي امتحان پاس ڪري بيوروڪريٽس بڻجي ويا آهن، جنهن ۾ هن جو پنهنجو ڀاءُ ايس ايس پي ۽ پٽ اسٽيٽ بئنڪ ۾ آفيسر ٿي ويا آهن. مرڪز کلڻ سان ماڻهن کي روزگار به مليو آهي.

مختيار ٻه ڪتاب ٻاراڻي ادب تي لکيا ۽ ڇپرايا آهن جنهن مان هڪ کي ڪلچر ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ مقابلي ۾ ٻيو نمبر انعام ڏنو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي ڌرتي روشن ٿيندي ۽ ٻئي ڪتاب جو نالو آهي دنيا گول آهي.

هن پنهنجي طرفان اها ڪوشش ڪئي آهي ته اڄ جو نوجوان سجاڳ ٿي ۽ ايترو هوشيار ٿي جو ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين ۾ اسڪالر حاصل ڪري ايڊوانس تعليم حاصل ڪري. هن ڏس ۾ پوري دنيا جي يونيورسٽين جي معلومات سنڌي ۾ لکي اخبارن ۾ ڇپرائي ۽ انهن تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ پاڪستانين جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هن کي دعوت ڏئي وٺي ايندو آهي، جيڪي اتي پڙهندڙن کي پنهنجي پروفيشن جي باري ۾ ليڪچر ڏين ٿا، جنهن سان شاگردن ۾ روشن خيالي پيدا ٿئي ٿي. جڏهن ته مختيار انگريزي سکڻ لاءِ ڪجهه گرامر جا ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪرايا آهن ته جيئن ٻارن کي پنهنجي مادري زبان ذريعي جلد انگريزي سکڻ ۾ مدد ملي. هن ڏس ۾ انگريزي سيکارڻ لاءِ ڪيسٽون ٻڌرايون وڃن ٿيون ته جيئن ٻار لفظن جا اُچار سمجهي سگهن. اچارن سيکارڻ وارو وقت اهم آهي، جنهن لاءِ انگريزي ڊڪشنري ۾ لکيل فن کي به سيکاريو ٿو وڃي.

مختيار ۸ آگسٽ ۱۹۶۰ع تي ڏوڪري ضلع لاڙڪاڻي ۾ ڄائو هو. سندس والد حڪمت جو ڪم ڪندو هو. هن جا وڏا ڳوٺ هٽڙي غلام شاهه کان لڏي لاڙڪاڻي آيا هيا. هن پرائمري تعليم ڏوڪريءَ مان حاصل ڪئي ۽ جڏهن سندس والد لاڙڪاڻي مان لڏي قمبر ويو پر پوءِ اتي مزو نه آيس ۽ وري ٽن چئن سالن کانپوءِ لاڙڪاڻي لڏي آيو ۽ رحمتپور پاڙي ۾ رهڻ لڳو. مختيار کي ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ڪيو ويو، جنهن جا برانچ ڪلاس جناح باغ ۾ هلندا هيا. مئٽرڪ جو امتحان اتان ۱۹۷۶ع ۾ پاس ڪيو ۽ ۱۹۷۸ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان انٽر (پري ميڊيڪل) پاس ڪئي پر گهربل مارڪون حاصل نه ڪرڻ ڪري هو ڊاڪٽري لاءِ داخلا حاصل ڪري نه سگهيو. جيئن ته سندس والد جو حڪمت جو ڪم خاص نه هلندو هيو، ان ڪري هن گهر کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ هڪ پرائيويٽ ڊاڪٽر وٽ ڪمپائونڊري جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي ڪري هن جو هڪ سال تعليم جو ضايع ٿي ويو. هن بي ڪام جو امتحان ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۱۹۸۱ع ۾ پاس ڪيو. هو صبح جو نوڪري ڪندو هو ۽ شام جو ڪاليج ۾ پڙهندو هيو پر وري به هن جو هڪ سال ضايع ٿي ويو. هُن پڙهائي جي شوق کي نه ڇڏيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ايم اي پاڪستان اسٽڊي ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي ۽ پڙهائيءَ جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ هو مختلف جاب ڪندو رهيو. جيئن ته انگريزي ٻوليءَ سان بيحد دلچسپي هجڻ ڪري هن انگريزي ٻوليءَ جي گرامر پڙهڻ شروع ڪئي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ٽيچرز سان ۽ دوستن سان زوري انگريزي ۾ ڳالهائيندو هيو، جتي به ڪو سيمينار ٿيندو هيو، ڊوڙي وڃي پهچندو هيو ۽ اتي تقرير ڪرڻ لاءِ پهچي ويندو هيو. يونيورسٽيءَ ۾ هڪ استاد لال چند هيو، جيڪو گهڻو هوشيار هيو ۽ ان جي دوستي مشهور تاريخدان مبارڪ علي شيخ سان هئي، جنهن ڪري هن لال چند سان تعلقات وڌايا ۽ مبارڪ علي وٽ ويهڻ لاءِ هي رستو ڪڍيو. ان کان علاوه هڪ ٻئي شخصيت هئي محمد يعقوب مغل، جنهن ترڪي ٻوليءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هئي، ان سان به اٿڻ ويهڻ ڪري هن ايم اي جو امتحان سٺن نمبرن سان پاس ڪيو. ايم اي ڪرڻ کانپوءِ مختيار پنهنجي سؤٽ ڏي اسٽيل ملز ڪراچي ويو ۽ اتي رهڻ دوران ٻارن کي ٽيوشن پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ اتي ٻارن جو تعداد وڃي ۸۰ تائين پهتو، جنهن سان هن جا مالي مسئلا حل ٿيڻ لڳا. ان دوران ٽنڊي ڄام ايگريڪلچر يونيورسٽي ۽ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ پاڪستان اسٽڊي مضمون ۾ ڊگرين وارن لاءِ اشتهار شايع ٿيو. پهريان ٽنڊوڄام طرفان انٽرويو ليٽر ملڻ ڪري اتي ويو ۽ هن کي نوڪري ملي وئي، جيڪو ڏينهن هن لاءِ وڏو خوشيءَ وارو هيو ۽ ڇو جو هن وٽ نه ڪا سفارش هئي ۽ نه وري ڪو ڏيڻ لاءِ پئسو. هن کي فيبروري ۱۹۸۷ع تي نوڪري جو آرڊر ملي ويو. هڪ مهيني کانپوءِ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص مان به انٽرويو ليٽر مليس، جيڪو هن کي رزاق مهر ڪڍرائي موڪليو هيو. ڇو جو هن جڏهن هن جو نالو ۽ شهر پڙهيو ته چيائين ته اها پوسٽ مختيار کي ملي، جڏهن ته ٻنهي جي ڪا هڪٻئي سان ڄاڻ سڃاڻ به نه هئي. انسٽيٽيوٽ آف هائر ايجوڪيشن موڪليو ويو، جتي تقريبن پاڪستان جي سڀني يونيورسٽين جا ۲۵ ليڪچرار تربيت لاءِ آيل هئا.

اسلام آباد ۾ اڍائي مهينا ٽريننگ ڪري واپس اچڻ تي هن سي ايس ايس امتحان ڏيڻ جي تياري ڪئي، لکت وارو امتحان پاس ڪيو، زباني امتحان ۾ ڪامياب ٿيو پر ميرٽ تي نه اچي سگهيو. هي موقعو هن لاءِ پهريون ۽ آخري هيو. جڏهن ۱۹۹۱ع ۾ زيد اي ڀٽو ايگريڪلچر ڪاليج قائم ٿيو ته هن اتي وڃڻ لاءِ درخواست ڏني ته هن کي اتي انگريزي جو ليڪچرر مقرر ڪيو وڃي ۽ هو ان سان گڏ پاڪستان اسٽڊي به پڙهائيندو ۽ هن کي اوڏانهن بدلي ڪيو ويو، جتي هو اڄ به پڙهائي رهيو آهي.


 

پروفيسر مختيار سمون

علم ۽ ادب جو گلدستو!

ابراهيم لاشاري

ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي، مُنهن موڙي ويندين آن،

مايوسين جي ساگر ۾، ڄڻ ٻوڙي ويندين آن!

مهراڻ جي واديءَ منجهه موهن جو دڙو جي مِٽيءَ کي هڪ خاص اهميت ۽ حيثيت حاصل آهي، جنهن منجهان ورهين، زمانن ۽ صدين کان علم ادب جا گوهر ۽ جوهر ڦُٽندا رهيا آهن، جن ۾ پروفيسر مختيار سمون به شامل آهي، جيڪو نه صرف ذاتي طرح هڪ لائق انسان آهي، پَر هُن جون علمي ۽ ادبي خدمتون ايڏيون ته شاندار آهن جو جيتريون به ڀيٽائون پيش ڪجن، اُهي گهٽ آهن. سچ پچ ته هِي سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ اهڙو ڪردار آهي، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ڏوڪري تعلقي جي هٽڙي غلام شاهه جي معزز، نيڪ مرد ۽ پڙهيل لکيل گهراڻي جي يار محمد سمون (حڪيم) جي خوشنصيبي چئجي جو هِن گهر مان اهڙن ته انمول هيرن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان نه فقط ڏيهه، پر پرڏيهه تائين پنهنجي خدادا صلاحيتن وسيلي ٻين کي متاثر ڪري پنهنجي والدين ۽ ڌرتيءَ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. مختيار سائينءَ ۶۰ سال اڳ ۱۸ آگسٽ ۱۹۶۰ع خميس ڏينهن حڪيم يار محمد سمي جي گهر ۾ جنم ورتو، گهر ۾ خوشين جا سهرا پئي ڳايا ويا، ڳوٺ ۽ پاڙي جي رهواسين سندس والدين کي خوشيءَ جون مبارڪون پئي چيون. هي پڙهيل لکيل گهراڻي جو ٻار پڙهائي واري عمر کي پهتو ته اسڪول ۾ داخل ٿي ويو، جتان هُن محنت شوق سان علم پئي پرٽيو، بس پوءِ علم جي حاصلات لاءِ ڏوڪري شهر تائين ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن سائيڪل واري سواري استعمال ڪري پنهنجو علمي شوق ۽ علمي اُڃ پيو اجهائيندو هو. هُن مئٽرڪ جو امتحان ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو ۱۹۷۶ع، انٽر جو امتحان ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪري اُن جون سَندون حاصل ڪرڻ بعد هِن عظيم انسان مختيار سمون وڌيڪ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جو رُخ ڪري پاڪستان اسٽڊي واري شعبي ۾ داخلا ورتي، جتان هِن ڏاهي انسان بهترين نمبرن ۾ ايم اي جو امتحان پاس ڪري ڊگري حاصل ڪري ورتي. يونيورسٽي واري زماني ۾ کيس اتان جي مشهور ذهين پروفيسر (لاچند) سان گهرائپ ٿي ويس. مختيار سمون کي انگريزي زبان سکڻ ۽ ڳالهائڻ سان نهايت ننڍپڻ کان وٺي گهري دلچسپي هوندي هئي، پوءِ شاگردي واري زماني ۾ ذهين استادن کان رهنمائي وٺي انگريزي گرامر حاصل ڪرڻ جي پروڙ ۾ من ڦاسي پيس. رات ڏينهن شاگردي واري زماني ۾ انگريزي زبان ۾ پيو بحث مباحثا ڪندو هو، بس! اُها خبر پويس ته اڄ يونيورسٽي جي ليب سيمينار ۾ اڄ سيمينار رکيل آهي، وڃي سيمينارن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو هو. هُن جي ننڍي وهي واري عمر ۾ سندس والد صاحب ڏوڪري لاڙڪاڻي مان لڏي اچي قمبر آ امبر شهر ۾ جهوپڙي اڏي هئي، پر  چئن پنجن ورهين بعد کيس قمبر جو پاڻي ڀانئين نه پيو، وري اتان آستانو پٽي لاڙڪاڻي شهر کي پنهنجو مسڪن بڻايائين. پوءِ ان زماني کان وٺي هِن وقت تائين مختيار سمون جي پوري فيملي لاڙڪاڻي جي (رحمت پور محلا) ۾ رهائش پذير پڻ آهي.

سنڌ جو هي برجستو اديب ڏينهن رات روزگار حاصل ڪرڻ جي جُستجو ۾ محو ٿي ويو. سال ۱۹۸۷ع ڌاري مختيار سمي پاڪستان اسٽڊي جي مضمون ۾ نوڪري ڪرڻ واري اشتهار جاري ٿيڻ بعد ٻن هنڌن يعني ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي ۽ پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ نوڪريءَ لاءِ امتحانن ۾ ويٺو، سخت محنت بعد هُن ٻنهي امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي، پر جلدي ۾ هُن ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي واري پوسٽ ۾ دلچسپي رکندي جوائن ڪري ورتي ته سندس خوشيءَ جي حد ئي نه رهي، ڇو جو هِن عظيم اديب ۽ ڏاهي شاعر جي شخصيت غريب گهراڻي سان واسطو رکندڙ هئي. ڪافي عرصي تائين مختيار سمون زرعي يونيورسٽي ۾ استاد جي حيثيت ۾ درس و تدريس سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. سال ۱۹۹۱ع ڌاري ڏوڪري ۾ زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج جو پايو پيو ته هُن عظيم ذهين شخصيت کي اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ انهيءَ ڪاليج ۾ اهم عهدي تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو. هُو انگريزي ۽ پاڪستان اسٽڊي بهترين نموني سان اڄ ڏينهن تائين پڙهائڻ ۾ مصروف عمل پڻ آهي. سنڌ جي هِن سهڻي اديب کي لاڙڪاڻي لاءِ هميشه تعليم جو فڪر هوندو آهي. هُن تعليم جي کوٽ محسوس ڪندي هڪ ٽيوشن سينٽر ناليج نالي لاڙڪاڻي ۾ قائم ڪري ورتو، جتان هِن وقت تائين هزارين شاگرد علم ۽ ادب جي اُڃ اجهائي رهيا آهن. مختيار سمون انسان دوست شخصيت واري صفت سان سرشار پڻ آهي. هُو سماجي طور تي انساني حقن لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙيندو رهيو آهي. هُو لاڙڪاڻو چائلڊ رائيٽس ڪميٽي جو باني ڪوآرڊينيٽر پڻ رهيو آهي، ان کانسواءِ عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. هُو لاڙڪاڻي ۾ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد واري موضوع تي ڪيترا ئي سيمينار ڪرائي چڪو آهي. سنڌ ۽ لاڙڪاڻي جي هِن ڏاهي اديب کي تاريخ سان پڻ گهري دلچسپي رهي آهي. هُو لاڙڪاڻو هسٽاريڪل سوسائٽي سان به سلهاڙيل رهيو آهي. مختيار سمون سنڌي ادبي شاخ لاڙڪاڻي سان سٿ ۾ گڏ ڪم ڪندي نظر پڻ آيو آهي. سندس لکڻين کي سنڌ جي مڙني اخبارن، رسالن ۽ مئگزينن هميشه بهترين نموني مواد کي جاءِ ڏني آهي. هُن جا مضمون ۽ مقالا جديد دور جي شاگردن لاءِ ڪنهن رهنمائي کان گهٽ ناهن. مختيار سمون تعليمدان سان گڏ هڪ بهترين شاعر پڻ آهي، سندس شاعري پڻ لاجواب ۽ عوامي مسئلن جي ترجماني به ملي ٿي. هُو پنهنجي زباني پاڻ شاعري واري زبان ۾ چوي ٿو:

ظلم کي جو به للڪاري، اسان جو ووٽ ان کي آ،

ڇڏي جو ڏاڍ کي ڏاري، اسان جو ووٽ ان کي آ،

علم جا، آجپي جا، پيار جا، واهڙ وهائي جو،

امن جي لاٽ ڪا ٻاري، اسان جو ووٽ ان کي آ!

مختيار سمون پاڻ مڃائڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي. هُن سنڌي ادب جي سُونهن ۽ زينت ۾ اضافو ڪندي سنڌي ادب جي جهول ۾ ڪافي سارا ڪتاب پنهنجي قلم جي نب ۽ ڏات سان ارپيا آهن. انهن منجهه دنيا آهي گول، ڌرتي روشن ٿيندي، وفائون منتظر آهن، عورت هڪ حيثيت ۽ تشدد، دنيا جون درسگاهون، ان کان علاوه انگريزي زبان ۽ گرامر جا ٽي ڪتاب پڻ شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي اڄڪلهه جي هزارين شاگردن جي رهنمائي لاءِ لاڀ رکندڙ ڪتابن ۾ شمار ٿين ٿا. سنڌ جي هِن ڏاهي اديب کي علمي ادبي پورهئي عيوض مختلف ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جن ۾ سنڌي ثقافت کاتي پاران ”ڌرتي روشن ٿيندي“ ڪتاب تي مڃتا ايوارڊ ۽ ادبي خدمت تي بهترين استاد جو ايوارڊ زخمي چانڊيو يادگار اڪيڊمي پاران سال ۲۰۱۲ع ۾ ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. تازو لاڙڪاڻي شهر جي ليبر نظاماڻي هال ۾ تعليمي ميدان جي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي عيوض ماهوار ”جان رسالي“ پاران سونو تاج پارايو ويو، تاج پوشي پڻ ڪري ايوارڊ سان نوازيو ويو. کيس ان تقريب ۾ سنڌ جي تعليم جو (هيرو) جي لقب سان پڻ نوازيو ويو. مختيار سمون اولاد جي پڻ بهترين تربيت ڪئي آهي، سندس هڪ پٽ عمران سمون اسٽيٽ بئنڪ ۾ هڪ بهترين آفيسر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي. سائين مختيار جو هڪ ڀاءُ عرفان علي سمون سکر ۾ ايس ايس پي طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. سچ پچ ته مختيار سائين سنڌي ادب جي هڪ گلدستي جهڙو آهي، جنهن ۾ شعر و ادب جا گُل به شامل آهن ته علم ۽ ادب جا گُل به شامل آهن. هُو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن کي جيترو به خراج تحسين پيش ڪجي، اهو گهٽ آهي.


مختيار سمون

حفيظ چانڊيو

سر مختيار سمون صاحب، ماکيءَ جي لار جيان مٺڙو - نهايت شفيق انسان - ٻاجهارو- پرائي درد کي پنهنجو سمجهڻ وارو - مثالي استاد سان گڏ سنڌ جو ٻهگڻو شاعر آهي. ننڍڙو هوس، ته سندس "Verbs" جو ڪتابُ اکين آڏو گذريو هو، ان وقت ادا خالد ناليجِ سينٽر تي پڙهندو هو. ان وقت کان سر مختيار صاحب سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اها شايد ۱۹۹۹ع جي ڳالهه هوندي جڏهن آءُ نائين درجي ۾ پڙهندو هوس.

سائين مختيار صاحب - ڪنهن رواجي تعارف جو محتاج ناهي آهي، هر هڪ انسان جي اها خواهش رهي آهي ته هو صلاحيتن آڌر پنهنجي آسپاس يا پنهنجي علائقي ۾ ايترو نالو ڪمائي جو هن کي هر ڪوئي نه صرف عزت جي نگاهه سان ڏسي، پر هن جو قدر پڻ ڪري، بي قدري سماج ۾ سائين مختيار سمي صاحب جو جنمجڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ته ناهين.

ان کان علاوه هر ڪنهن جي خواهش رهي آهي ته هو مختصر زندگيءَ منجهہ اهڙو ڪجهه ڪري وڃين، جو سندس ان پورهئي تي پورو ملڪ پر سموري قوم فخر محسوس ڪندي رهي. ائين ئي سائين مختيار سمي صاحب پڻ تعليم جي ميدان کان ادبي ميدان توڙي ذاتي زندگيءَ ۾ بئلنسڊ قسم جو نهايت شاندار شخص رهيو آهي. سندس شاعري، سياسي، سماجي ۽ علمي مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هن جي نظم ۽ نثر ۾ سنڌوءَ جي ڇولين جهڙي اڇل آهي،جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ انيڪ ادبي اڃارن کي جهڙوڪ نئون جيون مليو پئي.

هُن، هر ننڍي توڙي وڏي کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. اڄ اها اسان لاءِ ڪيڏي فخر جي ڳالهه آهي ته تعليمي ميدان ۾ ڪيل خدمتن عيوض اسان جي ديس کي اڻڳڻيا بهادر ۽ فرض شناس آفيسر ڏنا آهن. هڪ فرد جو غربت جي لڪير مان ٻاهر نڪري اچڻ معني سموري خاندان کي گرين سگنل ملڻ جي برابر آهي.

هُو اڄڪلهه جيتوڻيڪ صحت جي معاملن سبب سماجي ۽ ادبي سرگرمين کي وقت نه ٿو ڏئي سگهي، پر سندس سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي ڏسي مٿس فخر سان گڏ ڪجهه حيرانگي به ٿيندي اٿم ته آخر هن فقير صفت انسان مختلف عهدن تي رهي ايڏيون سرگرميون ڪيئن ڪيون آهن...؟ هُن جو پنهنجي وطن ۽ ديس ڌڻين لئي تڙپڻ يقينن تاريخ جو اهم حصو ٿيڻو آهي.

مختيار صاحب جي گهڻ رخي شخصيت تي مون الائي ڪيترائي دفعا مضمون لکڻ چاهيو آهي، پر خبر ناهي ڪهڙي سببن جي ڪري ناهيان لکي سگهيو... مان به خوشنصيب آهيان جو سائين جي جوڙيل سينٽر ۾ انگريزي لئنگئيج ڪلاسز ورتا آهن، اسان کي سر رياض سمون صاحب پڙهائيندو هو. اها سائينءَ جي اورچائي ئي آهي ۽ محنتن ۽ خلوص جو ئي ثمر آهي جو سندس زندگي جو ڳپل حصو نوجوان نسل جي آبياري ڪندي گذري آهي.

گذريل ٻن ڏهاڪن کان مختلف ادبي پروگرامن ۾ مون سائين کي اسٽيجن تي مک مهمان، اعزازي مهمان ۽ صدارتون ڪندي ڏٺو آهي. سندس تقريرن ۽ ادبي پروگرامن ۾ سنڌ وطن محبوب ۽ مرڪز رهيو آهي. سنڌ جا گذراي ويل شاعر، اديب ۽ عالمن بابت سندس راءِ پڻ معتبر رهي آهي. جيڪڏهن صحتمند سماج اڏيو ته يقينن سائين مختيار سمي صاحب جون محنتون، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل خدمتون سنڌي سماج جي اوسر ۾ مددگار ثابت ٿينديون.

دعا آهي شل هيءُ شانائتو شخصُ وڏي ڄمار ماڻين ۽ اسان جهڙن شاگردن جي تربيت ۽ روشن مستقبل ڏانهن گامزن ڪندو رهي. آمين

 

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ جون ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا