; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ رئيس بروهي - تاج مري

13 June, 2017

ڪامريڊ رئيس بروهي - تاج مري

ڪامريڊ رئيس بروهي
بَٽائي هاري تحريڪ
تاج مري
جڏهن به سنڌ جي هاري تحريڪ جو ذڪر ٿيندو، ان ۾ بٽائي هاري تحريڪ جو اهم ڪردار آهي، جنهن بنياد تي ٽينسي ايڪٽ جي تحريڪ هلي ۽ هارپ جو قانون جوڙيو ويو، ان تحريڪ جي بنيادي اڳواڻن ۾ ڪامريڊ رئيس بروهي شامل آهي، رئيس بروهي ۱۹۱۵ع ڌاري اڳوڻي ضلعي سانگهڙ ۽ هاڻوڪي ضلعي ميرپورخاص جي سنڌڙي تعلقي جي هنڱورنو شهر ويجهو جنم ورتو.


۱۹۳۶ع ۾ هنڱورنو کان لڏي اچي شهدادپور تعلقي جي ميراڇن واري علائقي ۾ آباد ٿيو، جتي اڄ رئيس بروهي نالي سان ڳوٺ آباد آهي، رئيس بروهي هاري جي گهر ۾ جنم ورتو، هو ننڍڙي عمر ۾ هارين تي وڏيرن جي ظلمن خلاف نفرت ڪرڻ لڳو، ميراڇن ۾ ڳوٺ ٻڌائڻ کانپوءِ اتي اسڪول قائم ڪرايائين، ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو، ۵-۴ مارچ تي سرهاري ۾ سالياني هاري ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ رئيس بروهي جو وڏو ڪردار هو.
هن ڪانفرنس ۾ اڌ بٽائي جو نعرو ڏنو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته بٽائيجي مهم هلائي ويندي، رئيس بروهي هن تحريڪ ۾ سرواڻي ڪري رهيو هو، جڏهن رئيس بروهي کانسواءِ قاضي فيض محمد، مولوي معاذ، ميان محمد لاکو، علي محمد بروهي، ڊاڪٽر هاسا رام، غلام محمد بام، نور الله ڏهراج، بهادر ڪلوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ جان محمد پلي سميت مختلف هاري اڳواڻن اهم ڪردار ادا ڪيو.
ڪامريڊ رئيس بروهي سچ چوڻ کان ڪونه ڪيٻائيندو هو، ڪيڏو به ڍينگ هجي، کيس منهن تي سچ چئي ڏيندو هو، ڪامريڊ رئيس بروهي اڌو اڌ بٽائي جي سرواڻي ڪري سنڌ ۾ هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏنو، اڌو اڌ بٽائي جي تحريڪ جيڪا سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي پاس ٿيڻ ۾ گهڻي دير سبب شروع ٿي هئي، تحريڪ دوران هارين کي چيو ويو ته ابواب ڏيڻ کان انڪار ڪن ۽ اڌو اڌ بٽائي وٺن، علائقي ۾ گهڻو پکڙجي وئي، اڌو اڌ بٽائي تي عمل جي شروعات به رئيس بروهي جي قيادت ۾ ڪارڪنن ڳاڙها جهنڊا هٿ ۾ کڻي ڪئي، ان سلسلي جي پهرين بٽائي تعلقي شهدادپور جي ديهه کٿوري ۾ هاري احمد بروهي جي کري جي بٽائي ساڻ ٿي، جيئن ته رئيس بروهي ۽ ٻين هاري ڪارڪنن کي هاري اچي ٻڌائيندا هئا ته اسان جو کرو تيار آهي.
پوءِ هاري ڪارڪنن پاران زميندار ڏانهن پيغام موڪليو ويندو هو ته اچي امين جي موجودگي ۾ بٽائي ڪري، زميندار جواب ڏيندو هو ته هاري ڪاميٽي جا ڪارڪن جهنڊا هٿ ۾ کڻي امين کي وٺي وڃي پاڻ بٽائي ڪندا هئا، هاري پنهنجو حصو کڻي ويندو هو ۽ زميندار جو حصو کري ۾ ڇڏي زميندار ڏانهن پيغام موڪليو ويندو هو ته اچي پنهنجي حصي جي ڪڻڪ کڻي وڃي، انهيءَ جدوجهد کانپوءِ هارين ۽ زميندارن جا تعلقات وڌيڪ خراب ٿي ويا، هڪ طرف جاگيردار ۽ وڏيرا اڌ بٽائي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ مٿان وري هارين تي ڪوڙا ڪيس ڪري کين ڦاسائڻ ۽ بيدخل ڪرڻ جون ڪارروايون شروع ڪيون ويون هيون ۽ هاري ڪاميٽي جا پرجوش ڪارڪن ڪامريڊ رئيس بروهي جي قيادت ۾ عوامي طاقت جي بنياد تي اڌ حصو کڻي ويندا هئا.
هنن تحريڪ جو مرڪز سانگهڙ، نوابشاهه ۽ ٿرپارڪر ضلعا هئا، جيئن ته هي تحريڪ شهدادپور تعلقي کان شروع ٿي هئي ته هاري اناج کڻي ٿا وڃن، جنهن تي پهرين جون ۱۹۴۷ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر نوابشاهه غلام مصطفيٰ قاضي شهدادپور جي هارين ۽ زميندارن جي نمائندن جي گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ اڌو اڌ بٽائي جو اصولي فيصلو ٿيو. جيڪو فيصلو هن ريت آهي:
بٽائي اڌو اڌ ٿيندي.
زمين تي سموري مزدوري جو ڪم هاري ڪندو
ڀاڻ جي قيمت زميندار ڀريندو
جيڪو ٻج هاريءَ ورتو هوندو، اهو واپس ڪرڻ لاءِ ذميوار هوندو
زميندار جو قرض هاري ڀريندو پر ان تي زميندار ڪوبه وياج نه وٺندو
ڪو به زميندار پنهنجي مرضي ساڻ هاري کي ڪڍي نه سگهندو. انهيءَفيصلي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾Arbitration Committee ذميواري نڀائيندي ۽ ان جي فيصلي کي ٻنهي ڌرين کي قبولڻو پوندو.
ٻه سالن ساندهه ڪم ڪندڙ هاري کي زمين تي هارپ جو حق حاصل هوندو.
زميندار لاپو، رسائي، اوطاق جو خرچ ۽ ڪمداري جو خرچ نه وٺندا. اهڙي طرح اڌ بٽائي تحريڪ جي دٻاءُ ٽيننسي ايڪٽ (هارپ وارو قانون) جا بنياد رکي ڇڏيا.
جيتوڻيڪ ٽيننسي ايڪٽ جو مطالبو پراڻو مطالبو هو پر ان تي عمل ۾ وڏيرا رڪاوٽ بڻيل هئا، هن تحريڪ ايڪٽ جي پاس ٿيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هارپ واري قانون سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ لاپو، رسائي، ڇيڙ بيگار تي پابندي وڌي وئي، اهڙي طرح اڌ بٽائي تحريڪ سنڌ جي هاري تحريڪ  ۾ نئون روح ڦوڪڻ ۽ هارين کي پنهنجي طاقت جو احساس ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، بٽائي هاري تحريڪ ۾ مائي بختاور ۽ بالاچ بروهي پنهنجو ريٽو رت ڏئي تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪيو.
جلد ئي انگريز حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ پاڪستان نالي ساڻ دنيا جي خطي تي نئون ملڪ وجود ۾ آيو، نئين ملڪ ۾ به هارين جي تحريڪ جاري رهي، هاري ڪاميٽي اڌ بٽائي تحريڪ جي فيصلن کي قانوني شڪل ڏيارڻ لاءِ ٽيننسي ايڪٽ واري تحريڪ ۾ پڻ اهم ڪردار رهيو، آخر ۱۹۵۰ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ اسيمبلي مان هارپ وارو قانون جوڙائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، قانون ته ٺهي ويو پر زميندار ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، هاري اڳواڻن لاءِ به جدوجهد ڪئي ۽ سوڀارا ٿيا. ڪامريڊ رئيس بروهي ۽ ٻين اڳواڻن جي جدوجهد رنگ لاتو، ٽيننسي ايڪٽ جا خاص نقطا هي آهن:
هاري کي دائمي هاري وارو حق حاصل ٿيو.
ابوابن جو خاتمو
ڇيڙبيگار جو خاتمو
تڪرارن جي نبيري لاءِ ٽربيونل جو قيام
اڄ جڏهن اسين هاري تحريڪ جو جائزو وٺون ٿا ته ٽيننسي ايڪٽ ۾ مليل هارين جي حقن ۾ ترميم ڪري پ پ پ حڪومت سندن ڇيڙبيگار جي خاتمي حق ۽ مشينري ذريعي پوکي راهي جو اڌو اڌ خرچ وارو حق کسي هارين کي جبري پورهئي جو شڪار بڻائي ٻيهر غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي.
رئيس بروهي جيتوڻيڪ سڄي عمر هڪ ڪارڪن جيان رهيو پر سندس ڪردار ڪنهن به اڳواڻ کان گهٽ نه هو، عملي جدوجهد ۾ ته اڳواڻ به سندس رهنمائي ۾ هلندا هئا، ساڻس ملڻ لاءِ مولانا ڀاشاني لنڊو آيو هو، جتي سندس ڳوٺ آهي، اهو تاريخي ڏاڍ آهي ته اڌ بٽائي تحريڪ هلائي ۽ زميندارن کي ڳالهين تي مجبور، سندن مطالبا مڃڻا پيا، اهو ضلعو هاڻي نه رڳو پوري پاڪستان ۾ پر پوري دنيا ۾ جبري پورهئي جي حوالي ساڻ بدنام آهي،
هاڻي اڌ بٽائي ته پري جي ڳالهه آهي، هاري ٻن ويلن جي ماني جو محتاج آهي، ٽيننسي ايڪٽ تي عمل جي صورت اها آهي، انهيءَ کان روينيو کاتي جا اهي ڪامورا جيڪي ٽيننسي ٽربيونل ذريعي هارين کي حق وٺي ڏيڻ لاءِ ذميوار آهن، انهن کي قانون جي ڄاڻ ڪونهي، انهيءَ سلسلي ۾ آءُ هڪ دلچسپ واقعو اوهان جي آڏو بيان ڪيان ٿو، آءُ ڀنڊار سنگت ۾ ملازم هئس، اسين ڊي سي ٽنڊوالهيار وٽ وياسين ته جبري پورهئي جي خاتمي واري قانون تحت اوهان ضلعي نگران ڪاميٽي جي گڏجاڻي گهرايو ته هن چيو ته اهو سندس اختيار ۾ ڪونهي، مون کيس چيو ته پورهئي جي خاتمي قانون تحت اڳ ضلعي جو ناظم ڪاميٽي جو سربراهه هو ۽ هاڻي ڊي سي انهيءَ ڪاميٽي جو سربراهه آهي، اوهان ڪاميٽي جوڙي سگهو ٿا ۽ ان جو اجلاس گهرائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ سوشل ويلفيئر آفيسر کي حڪم ڏيندو پر هن چيو ته ادا اهو سندس اختيار ۾ ئي ڪونهي، شاهدي وٺڻ لاءِ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جيڪو پڻ گڏجاڻي ۾ موجود هو،

انهيءَ کان پڇيائين ته هن کيس چيو ته نه سائين اوهان اهو اجلاس گهرائڻ جو اختيار نه ٿا رکو. هاڻي جڏهن قانون تي عمل ڪندڙن کي خبر نه هجي ته سندس اختيار ڪهڙو آهي، يا وري هارپ جو قانون يا وري جبري پورهئي جو قانون ڇا ٿو چوي ته پوءِ اتان انصاف جي ڪهڙي اميد رکبي، انهيءَ لاءَ هڪ ڀيرو ٻيهر بٽائي هاري تحريڪ، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ تحريڪ ۽ الاٽي هاري تحريڪ جهڙي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي، اڄ ڪنهن به سياسي پارٽي جي ايجنڊا تي زرعي سڌارا ڪرڻ، هارپ واري قانون ۽ جبري پورهئي جي خاتمي واري قانون ۾ بهتري آڻي ان تي عمل ڪرائڻ شامل ناهي.

No comments:

راءِ ڏيندا