; سنڌي شخصيتون: ذوالفقار قادري - لياقت راڄپر

25 June, 2017

ذوالفقار قادري - لياقت راڄپر

ذوالفقار قادري
قادري خاندان جو روشن چراغ
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي شهر ۾ قادري خاندان صدين کان آباد آهي ۽ هن قبيلي مان نامور شاعر، اديب، صحافي، محقق، دانشور ۽ بيورو ڪريٽس پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جون خدمتون بي شمار آهن، انهن روشن ستارن منجهان هڪ ستارو ذوالفقار قادري آهي، جنهن نه صرف لاڙڪاڻي وارن جو پر سڄي سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. منهنجي هن خاندان سان ننڍپڻ کان محبت رهي آهي ۽ جڏهن کان سرڪاري نوڪري ۾ آيس ته ذوالفقار جو ڀاءُ غضنفر اسان وٽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿي آيو هو، جنهن جي ڪري هن جي والد سان ۽ ٻين ڀائرن سان جنهن ۾ ذوالفقار به آهي، هٿ ٻڌڻ واري واٽ شروع ٿي وئي. ذوالفقار جو والد الطاف صاحب به رائيٽر آهي، جنهن ڪئين ڪتاب لکيا ۽ ترجما ڪيا آهن، جيڪي شاهڪار آهن. ان کان علاوه سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ليکڪ اياز حسين قادري به ذوالفقار جو مامو آهي. هنن رشتن جا علمي ۽ ادبي جراثيم هن خوبصورت ماڻهوءَ ۾ پيدا ٿي ويا هئا، جن مان هن فائدو وٺندي هن علم، ادب ۽ ثقافت جي وڏي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو مثال گهٽ ملي ٿو.


اسان کي خوشي تڏهن وڌيڪ ٿي جڏهن ذوالفقار پهريون سنڌي اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي چارج 2003ع جي آخر ۾ ورتي، جنهن خبر سان سنڌي ماڻهن جي چهري تي مرڪ اڀري آئي. هن اچڻ سان ئي پنهنجي آفيس کان ٻاهر نڪري سنڌ جي ضلعن جا دورا ڪيا ۽ اتي کليل ڪچهريون ڪيون، جتي سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز جون شڪايتون ٻڌيون ۽ انهن کي پيش ايندڙ مسئلن جو حل ڪڍي انهن کي رليف ڏنو. هن جي ڪوششن سان سڄي سنڌ ۾ ٽريزري آفيسن ۽ اڪائونٽس آفيسن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ نظام ڪرايو، ڪراچي ۾ پنهنجي آفيس ۾ ملندڙن کي گهڻو ٽائيم ڏيندو هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان ڪو اي جي آفيس وارو زيادتي ڪندو هو ته هو پاڻ ان سان ساڻ وڃي ان جو ڪم ڪرائيندو هو.
جيئن ته اي جي آفيس ۾ يونين وڏي مضبوط هئي پر هن انهن سان ڪنهن قسم جي Tussle ڪرڻ بجاءِ انهن کي ان ڳالهه تي بيهاريو ته آفيس ۾ ايندڙ ملازم اڳ ۾ ئي پريشان هوندا آهن، انهن جي پريشانين کي ختم ڪرڻ لاءِ هي آفيس ٺاهي وئي آهي. سڄي سنڌ مان پري پري کان ملازم پنڌ ڪري، تڪليفون ڪاٽي ۽ پئسا خرچ ڪري هتي اچن ٿا ته جيئن انهن کي مسئلي جو حل ملي. اي جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مسيحا هجن نه ته ڪي ڪاسائي، جيڪي اي جي آفيس جا گوسڙو ملازم هئا اهي به وقت تي اچڻ لڳا ۽ پنهنجي ذميواري نڀائيندا رهيا، باقي جن جو قسم کائي سڌرڻ کان انڪار ڪيل هو انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏيو ويو.
ذوالفقار ڏاڍي صبر ۽ سچائيءَ سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو ۽ جيڪي به ڌمڪيون ملنديون هئس، انهن ڏي ڌيان نه ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهيو. هن انهن ماڻهن کي به ڪا تڪليف ۽ Explanation نه ڏني جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هن کي سخت پريشان ڪندا هئا. هن وٽ آفيس ۾ اسٽاف جي کوٽ هئي، جنهن لاءِ هيڊ آفيس ڪا به مدد نه ڪئي. آفيس جي ملازمن کي ڪمپيوٽر هلائڻ جي تربيت ڏياري، اي جي آفيس کي صحيح ڪرڻ ۽ سرڪاري ملازمن کي سهولت ڏيڻ لاءِ هن وڏي قرباني اها ڏني ته هن 22هين گريڊ ۾ پنهنجو پرموشن به نه ورتو، ڇو جو ان لاءِ هن کي اسلام آباد وڃڻو پئي ها. هو تقريبن 31 سال هن اداري جو سربراهه رهيو ۽ پنهنجون سموريون صلاحيتون، وقت ۽ ٽئلينٽ خرچ ڪيو ۽ 2008ع ۾ رٽائر ٿيو.
ذوالفقار قادري لاڙڪاڻي شهر ۾ 4 مئي 1948ع ۾ ڄائو ۽ پنهنجي پرائمري تعليم ديني مدرسي اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي، جڏهن ته مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1964ع ۾ پاس ڪيو، بي اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1970ع ۽ ايم اي سنڌي ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ڊگري 1972ع ۾ ورتي. هن دوران هن ايل ايل بي جو امتحان ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪيو، جيئن ته هن کي علم سان محبت ننڍپڻ کان ئي هئي، ان لاءِ هن بي سي ايس ۽ سي ايس ايس جا امتحان به پاس ڪيا.ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هو پهريون سنڌي هو، جنهن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ فيڪلٽي آف آرٽس هن کي گولڊ ميڊڪل ڏنو. هو پنهنجي پڙهائي واري دور ۾ شاگرد ليڊر رهيو آهي، هن سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ خاص ڪري هو جڏهن اسڪائوٽ هو.
ذوالفقار شاعري به ڪئي آهي، نثر ۾ به تمام سٺو ڪم ڪيو اٿس. هن ۾ ليڊر شپ جي خصوصيت شروع کان آهي، جنهن ڪري هو سٺو مقرر آهي ۽ هن جي ڳالهائڻ ۽ لکڻ ۾ لفظن جي چونڊ ۽ ٻولي جي استعمال تي باقاعده مهارت اٿس، خاص ڪري انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾. هو ڪچهرين جو ڪوڏيو رهيو آهي ۽ جڏهن لاڙڪاڻي هو ته اتي سنگت ٽولن ۾ اوطاق تي پهچندي هئي ۽ هاڻي به جڏهن اتي پهچن ٿا ته پنهنجي دوستن جي ڪمپني سان رس رهاڻ رهي ٿو، ان کان علاوه علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ڪچهريون هو اڄ به ڪندو رهي ٿو.
شاگردي واري زماني ۾ هن شاگردن، مزدورن، هارين ۽ غريبن جي حقن لاءِ ڪيترن ئي تحريڪن ۽ احتجاجن جي اڳواڻي ڪندو رهيو. اڄ به هن کي جتي ڪنهن دوستن جي گڏجاڻيءَ جي ڪوٺ ملندي آهي ته هو اتي ضرور پهچندو آهي ۽ مالي سهڪار به ڪري ٿو، جڏهن به هن کي موقعو مليو آهي، هن پنهنجا خيال دوستن تائين پهچايا آهن، جن ۾ ڄاڻ جو خاص عنصر ملندو آهي. هو 67-1966ع ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي عهديدار رهيو آهي. هن نه صرف پڙهڻ ۾ پر غير نصابي سرگرمين ۾ به پاڻ مڃرايو. هو اسڪائوٽ ليڊر کان وٺي ڪلاس مانيٽر، ڪيپٽن ڪرڪيٽ ٽيم، شاگرد يونين جو اڳواڻ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ ايس ايم ڪاليج ڪراچي تائين پنهنجو ٽئلينٽ ڏيکاري چڪو آهي. هن وقت به هن کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ڪيترن ادارن طرفان دعوت ڏئي گهرايو وڃي ٿو ۽ خاص ڪري پاڪستان جي اهم يونيورسٽين ۾ هو ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويندو رهي ٿو. هن جي اها Hobby رهي آهي ته هو هر روز ڪيترائي ڪلاڪ پڙهڻ کي ڏيندو آهي ۽ جديد تحقيق کي پڙهي اها ڄاڻ ٻڌندڙن تائين پهچائي ٿو.
پنهنجي نوڪريءَ دوران هو ڪيترا ڀيرا سرڪاري خرچ تي مختلف ملڪن ۾ وڃي تربيت حاصل ڪندو رهيو. ڪتابن ۽ پڙهڻ سان چاهه اڃا وڌي رهيو آهي ۽ هن پنهنجي گهر ۾ جيڪا ننڍي لائبريري قائم ڪئي آهي ان ۾ بي شمار اهم ڪتاب موجود آهن جيڪي هو گهڻي قدر پڙهي چڪو آهي. قادري صاحب هميشه پنهنجي چهري تي تازگي ۽ مرڪ رکندو رهيو آهي، هن جي ڳالهائڻ ۾ پنهنجائپ ۽ قرب ظاهر ٿي نڪري پوندو آهي. سائين سڀني لاءِ عزت ۽ احترام رکي ٿو، جيڪو هن کي پنهنجي خاندان مان ورثي ۾ مليو آهي. هو خوش لباس، خوش گفتار ۽ مهمان نواز آهي. هن جي ڪوشش هوندي آهي ته هن جي ذات کان ڪنهن کي ڏک نه پهچي ۽ هو سدائين دوستن جي ڪم ايندو رهي. محنت هن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي ۽ طبيعت ۾ مزاح به موجود اٿس، جيڪو هو خاص وقت تي ظاهر ڪندو آهي. هو زنده دل ۽ فراخدل آهي. هو تقريبن 20 ڪتاب انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکي چڪو آهي، جنهن ۾ فڪشن، شاعري، ترجما، سفرناما، بايوگرافي، تصوف ۽ تاريخ شامل آهي، جڏهن به هن سان ڪچهري ٿيندي آهي ته هو چوندو آهي ته هرهڪ ماڻهوءَ کي تاريخ ۽ جاگرافي ضرور پڙهڻ گهرجي. هڪ ماڻهوءَ کي ٻئي ماڻهوءَ اڳيان نه جهڪڻ گهرجي سواءِ پنهنجي وڏن ۽ بزرگن جي. نوڙت ۽ نياز تمام سٺي ڳالهه آهي، جنهن سان انسان ۾ عاجزي پيدا ٿئي ٿي ۽ رب تعاليٰ ان تي راضي ٿئي ٿو. غرور وارو جاهل هوندو آهي ۽ اهو ڪنڌ ڀر ڪري مري وڃي ٿو ۽ ان جي نصيب ۾ هار آهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي واعدي کي ضرور نڀائڻ گهرجي، ڇو جو ان کانسواءِ انسان جانور مثل آهي.

هن جي ڪوششن سان سچل سرمست سنگت لاڙڪاڻي طرفان سچل سرمست اورينٽل ڪاليج قائم ڪيو ويو، هائوس آف اسپيڪرز تنظيم جوڙي وئي، جنهن علم ۽ ادب جي واکاڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. مون کي پاڻ کي اهو افسوس ٿيندو آهي ته اسان جا نوجوان قادري صاحب جهڙي ڪامياب ۽ هوشيار ماڻهن جي شخصيت ۽ علم مان ڪو به فائدو نٿا وٺن نه ئي وري سرڪار اهڙن ماڻهن جي قابليت ۽ تجربي مان فائدو کڻي ٿي جو آئنده نسل لاءِ ڪاميابي جي راهه کلي ۽ معياري تعليم ۾ واڌارو ٿئي.

No comments:

راءِ ڏيندا