ذوالفقار قادري
قادري خاندان جو روشن چراغ
لياقت راڄپر
لاڙڪاڻي
شهر ۾ قادري خاندان صدين کان آباد آهي ۽ هن قبيلي مان نامور شاعر، اديب، صحافي،
محقق، دانشور ۽ بيورو ڪريٽس پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن جون خدمتون بي شمار آهن، انهن
روشن ستارن منجهان هڪ ستارو ذوالفقار قادري آهي، جنهن نه صرف لاڙڪاڻي وارن جو پر سڄي
سنڌ جو نالو روشن ڪيو آهي. منهنجي هن خاندان سان ننڍپڻ کان محبت رهي آهي ۽ جڏهن
کان سرڪاري نوڪري ۾ آيس ته ذوالفقار جو ڀاءُ غضنفر اسان وٽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٿي آيو
هو، جنهن جي ڪري هن جي والد سان ۽ ٻين ڀائرن سان جنهن ۾ ذوالفقار به آهي، هٿ ٻڌڻ
واري واٽ شروع ٿي وئي. ذوالفقار جو والد الطاف صاحب به رائيٽر آهي، جنهن ڪئين ڪتاب
لکيا ۽ ترجما ڪيا آهن، جيڪي شاهڪار آهن. ان کان علاوه سنڌ جو مشهور شاعر ۽ ليکڪ
اياز حسين قادري به ذوالفقار جو مامو آهي. هنن رشتن جا علمي ۽ ادبي جراثيم هن
خوبصورت ماڻهوءَ ۾ پيدا ٿي ويا هئا، جن مان هن فائدو وٺندي هن علم، ادب ۽ ثقافت جي
وڏي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو مثال گهٽ ملي ٿو.