; سنڌي شخصيتون: سائين جي ايم سيد - ۱

22 January, 2019

سائين جي ايم سيد - ۱


سائين جي ايم سيد
استاد لغاري
سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو آزاديءَ جا علمبردار ۽ نظرين جا باني ٿي گذريا آهن، سائين جي ايم سيد جو نالو به انهن ۾ هڪ آهي. سندس پورو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاھ ولد سيد محمد شاھ هيو. پاڻ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي، سنڌ جي مشهور شهر سن ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس وصال ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي، ۹۱ سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ جي جناح اسپتال ۾ ٿيو. ان وقت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت هئي ۽ سائين جي ايم سيد هٿڪڙين جي حالت ۾ هو. شيخ اياز پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، ته “مون پنهنجين ڪراين ڏانهن ڏسي سوچيو، ته ڪڙيون ۽ قاتل اڃان ڪيستائين دور رهندا؟ مون زبان کي ڏند سان ڪٽي چيو، نه ڄاڻان تون ڪڏهن سمورو سچ چوندينءَ؟ نه ڄاڻا توکي ڪڏهن ڪپي ڦٽيءَ ڪندا؟”. ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي، وقت جي بي رحم حڪمرانن تخته دار تي چاڙهي ڇڏيو ۽ سائين جي ايم سيد کي، وقت جي جابر حڪمرانن ايستائين هٿڪڙين ۾ رکيو، جيستائين سندس روح جو پکيئڙو پرواز نه ڪري ويو. مان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۽ سائين جي ايم سيد جِي مظلوميت جي مماثلت ڪرڻ نه ٿو چاهيان، پر فقط ايترو چوڻ چاهيان ٿو، ته ۱۹۷۱ع کان وٺي ۱۹۷۷ع تائين، حڪمران پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ حزبِ اختلاف سان، ڊي پي آر جي نالي تي، جيڪي ڀال ڀلايا، اهي تاريخ ڪڏهن به وساري نه سگھندي. ليڪن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سان، پڇاڙيءَ ۾ جيڪو ناحق ظلم ڪيو ويو، ان سندس سمورا اوگڻ اُجاري اڇا ڪري ڇڏيا. “مڙيئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي”. سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ۾، جيڪا هڪجهڙائي آهي، اها هي آهي، ته اهي ٻيئي سنڌي ليڊر، جنوريءَ جي مهيني ۾ ڄاوا ۽ ٻيئي اپريل جي مهيني ۾ اَمر ٿي ويا.


سائين جي ايم سيد سان، منهنجي پهرين ملاقات، ۲۳ مارچ ۱۹۸۸ع تي، سن ۾ ٿي هئي. ان وقت محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزير اعظم هيو. آئون، عاجز منگي، حضور بخش لغاري، اسلم لغاري، عباس جلباڻي ۽ امير حمزو، محراب پور واري ڪچي جي ٻيلي کان ٿيندا، ٻيڙيءَ جي ذريعي سنڌو درياھ اُڪري، وڃي سن پهتا هئاسين. سائين جي ايم سيد جو نظريو، دنيا جي ڪنهن به آزاد قوم جي نظريي کان مختلف ناهي. فرق فقط ايترو آهي، جو سائين جي ايم سيد عدم تشدد جو حامي آهي ۽ ٻيا دنيا جا ڪيترائي نظريا، سلامتيءَ جو چولو پائي، تشدد جا حامي هوندا آهن. ڪتاب “پتڻ ٿو پور ڪري” ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي، ته “اي آزادي! تو ڏانهن ڪوئي شاهي رستو نه ٿو وڃي، فقط سوڙها پيچرا وڃن ٿا ۽ منهنجي ڏيھ جا سڀيئي ماڻهو، شاهيءَ رستن تي وڃي رهيا آهن ۽ مان سوڙهي پيچري ۾، مُنجھي موٽي رهيو آهيان. ڇو ته مون کي ڪوئي سُونهون به نه آهي ۽ ساٿي به نه آهي. اي آزادي! مان پوءِ به شاهيءَ رستي کان گھٻرايان ٿو، ڇو ته اهو تو ڏانهن نه ٿو وڃي”.
انهيءَ آزاديءَ جي سوڙهي پيچري، شهيد سورهيه بادشاھ کان وٺي، هيمون ڪالاڻيءَ تائين ۽ ٽيپو سلطان کان وٺي، ھوشو شيديءَ تائين، ڪيترن ئي ڪُونڌرن جون قربانيون وٺي ڇڏيون آهن. پر مون کي اڃان تائين سمجھ ۾ نه ٿو اچي، ته شاهيءَ رستي تي هلندي به، ماڻهو تخته دار تي ڇو چڙهي ويا؟ ۽ گولين جو بَک ڇو بڻايا ويا؟ اي شيخ اياز! تنهنجو بيان ڪيل فقرو، اڌواڌ سچ آهي ۽ اڌواڌ سچ نه آهي. “سچ به مايا آهي”، وشنو نادر مُنيءَ کي چيو. انهيءَ سچ لاءِ، ماڻهو هڪٻئي کي رتوڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهيءَ سچ، اتهاس جي پهراڻ تي رت جا ڪروڙين چُٽا ڇڏيا آهن. جُڳن کان پنهنجو ۽ پرايو لهوءَ وهايو آهي. ڪالهوڪو سچ اڄوڪو ڪوڙ آهي ۽ اڄوڪو سچ سُڀاڻي جو سچ نه آهي. نادر! سچ پُڇين ته نه رڳو ڪوڙ، پر سچ به مايا آهي”. انگريزن جي دور ۾، هندوستان جي آزاديءَ واري تحريڪ کي، ڪوڙ سمجھي ڪُچليو ويندو هو. ليڪن انگريزن جي دور وارو ڪوڙ، اڄ جو سچ آهي. اهڙيءَ ريت، اڄ جي ڪوڙ کي، اڃان سُڀاڻي جو سچ ثابت ٿيڻو آهي. اسان هن وقت، هڪ اهڙي آزاديءَ جا مزا ماڻي رهيا آهيون، جنهن ۾ ڦُرڻ واري کي ڦُرڻ جي ۽ ڦُرجڻ واري کي ڦُرجڻ جي، هر طرح سان ۽ مڪمل آزاديءَ حاصل آهي. شيخ اياز لکيو هو : “ هتي گدڙ آزاد آهن، مکيون آزاد آهن، مڇر آزاد آهن، هتان جا دانشور آزاد آهن. شاعر ٽي ويءَ تي نعتيه مشاعره ڪن ٿا. هتي جا هاري آزاد آهن، جي چاهين ته پنهنجي مٿي مان، جُوئُون ڀلي نه کڻي ڪڍن”.
منهنجي سامهون سائين جي ايم سيد جا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجھ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا: پيغامِ لطيف، پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد، سنڌ جي بمبئي کان آزادي، جنب گذاريم جن سين، جيئن ڏٺو آهي مون، جديد سياست جي نوَ رتن، ساهڙ جا سينگار، واڄٽ ويراڳين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ، خطباتِ سيد، جديد عالمي سياست، سنڌ جي ڪهاڻي سيد جي زباني، ديارِ دل داستانِ محبت، سنڌو جي ساڃاھ ۽ سنڌ ڳالهائي ٿي وغيره شامل آهن. سائين جي ايم سيد جو چوڻ هيو، ته منهنجي نظريي جي حق ۾، مون تي ڪيس هلايو وڃي. هُو ان جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪورٽن ۾ به ويو، پر هن جو نظريو ۽ ڪيس نه ٻُڌو ويو. ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ جي علمبردار ۽ هيرو، محترم نيلسن منڊيلا ۽ سائين جي ايم سيد، اهڙا عالمي ليڊر ٿي گذريا آهن، جيڪي ٽيھ ٽيھ سال نظربنديءَ واري حالت ۾ رهيا. ليڪن نظريو ڪٿي به ختم نه ٿو ٿئي، نظريو ڪڏهن به ڪو نه ٿو مري، ها البت ان ۾ دير ضرور ٿي سگھي ٿي. سائين جي ايم سيد جي نظريي کي اڳتي وٺي ويندڙ، محترم عبدالواحد آريسر صاحب کان پوءِ، ڪي ڪي ماڻهو، هن وقت پنهنجن سڄڻن ۽ ساٿين جي پُٺن ۾ ڇُرا گھونپي رهيا آهن، ته انهن جو فقط افسوس ئي ڪري سگھجي ٿو. نه ته شيخ اياز چيو هو: “اڄ هڪ هزارين ٿي ويو آ، ڪنهن وقت ڪروڙين دانهيندا ۽ سارو سچ چئي ڏيندا، اهڙو ساهس ساهيندا، اي آزادي! اي آزادي!”.
ان کان اڳ جو آئون لفظن جي پوري کاڻ کوٽيان، پنهنجي قلم کي هتي ئي ٺپيان ٿو ۽ آخري الفاظ اُچاريان ٿو: “هي اهو ديس آهي، جنهن ۾ مکيون، ڪوريئڙن جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون گھرنديون آهن. جتي رڍون، پنهنجي خدمت خاطر بگھڙن جي چونڊ ڪنديون آهن ۽ جتي آزاد پکيئڙا، فضائن ۾ اڏرڻ بجاءِ، پڃري ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ مطالبن جي مڃتا لاءِ، سڄي عمر احتجاج ڪندا رهندا آهن”. “ڪَھِ نه سَڪي تُو اَپنِي ڪھانِي، تيرِي ڀِي پَنڇِي! ڪِيا زندگانِي ري!؟ جِس ني تيرِي ڪَٿا لکِي، آنسُو ۾ قلم ڊُبوئي...تيرا درد نه جاني ڪوئي، پِنجري ڪي پَنڇِي ري! تيرا درد نه جاني ڪوئي...!!!”.

ٿينڪس ڊيلي سوڀ خميس ۱۷ جنوري ۲۰۱۹ ع


جي ايم سيد
منصورن کان مٿي جنھن جي رام ڪھاڻي آ
عامر خان مھيسر
ويچاريون ته سنسار جي سيني مٿان بيشمار انسان آيا ۽ پنھنجو وارو وڄائي ھليا ويا اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي پر ياد ھميشه اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي سونھاري سنڌ ته اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلين کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي عاشقن ۾ مٿانھون نالو سائين جي ايم سيد جو آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٺيءَ جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي.  تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھ ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌو ديش جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جي آزادي جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختدگيء سان پابندواري ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو جنھن لاء ڪنھن شاعر چيو آھي ته
”ھن شھر جي گھٽين ۾ ڪا ئي انوکي خوشبوءِ ڦھليل آھي پورھئي واري پگھر جي سنڌ سان عشق جي جذبي جي سنڌ جي آزادي واري جاکوڙ جي ۽ ان قبر جي مٽيء جي جنھن ۾ آزادي جو آسودو خواب ستل آھي ۽ اھو شھر ”سن“ آھي


جي ايم سيد
سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُه‘
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
جي ايم سيد (غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سَن ۾ جنم ورتو. سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ايئن هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هيو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ رهي. هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا. قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ، انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين. ۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياست جي ميدان ۾ پير پاتو. لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو. ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو. هن سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊاڻو. قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبرشپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون. پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لا ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبرداشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي. ۱۸ جُون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو.
سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون. هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو. سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“، سنڌي قوم لاءِ، سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئزرلينڊ ۽ ڪيترن ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون. اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي. سندس مطالعو وسيع هيو. هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو. جمال ابڙو لکي ٿو ته، ”سائين جي ايم سيد جهڙو پختو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذور به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ’سنڌ جو سائين، جيئي سدائين‘.“
سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو. پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلايائين پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کين جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو. مختلف دورن ۾ کين تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو. انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن آزاديءَ جو نعرو هڻي سنڌ جي حقن لاءِ الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي. هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو. هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن. سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏنو آهه مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذاريم جن سين“، (ٻه ڀاڱا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”چونڊ ادبي مضمون“، ”اڄ پڻ چڪيم چاڪ“، ”واڄٽ ويراڳين جا“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن. سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ اثاثو آهن. سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو، سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو سبق ڏنو. سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو. اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو. ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هيو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هيو ته جيستائين قوم ۾ خودشناسي ۽ خودداري پيدا نه ٿيندي، تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت پيدا نه ٿيندي. لطيف سائين بابت سندس خيال آهي ته، ”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي شاهه جي ڪلام مان جا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ ڌرتيءَ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانه جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“
پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون. اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پايي جون آهن. سندن هر تحرير، هر ڪتاب مقصدي ادب آهي. چاهي ”جيئن ڏٺو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃاهه.“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي. سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن مان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي. جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس سنڌ جون وڏيون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سيد صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي. پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر درِ شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي. ان کان سواءِ سندن ڪتاب، ”جديد سياست جا نورتن“، ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن. هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي؛
”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بنائجي ٿو. ان کي آزاد ڪرڻ سان ئي جاودان بنائڻو آهي. دستورن جي طابع ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي. اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي.“
سيد صاحب خود پنهنجي حياتيءَ بابت لکي ٿو؛ ”مون کي جي ڪابه ڳالهه آٿٿ ڏيندڙ رهي هُئي ته اُها هيءَ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي.


سائين جي ايم سيد
سالگرهه جي مناسبت سان - ڌرتيءَ سان ڌرتيءَ جيڏو وشال عشق ڪندڙ
همير چانڊيو
ڌرتيءَ جي صدين جي تاريخ ۾ رڳو وحشتون ئي وحشتون آهن، حمله آورن جي گھوڙن جون هڻڪارون ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جون هڪلون ۽ دانهون، تاريخ جي خوني ڳلين ۾ چٽيءَ طرح نقش ٿيل آهن، سنڌ ڌرتي، جيڪا آڪاش جيڏي وشال تاريخ رکي ٿي، جنهن جي پيٽ ۾ انساني عظمتن جي اعليٰ تهذيب دفن ٿيل آهي، جيڪا جُڙيل ته مٽيءَ جي آهي، پر ان تي جڙاءُ فن جي مثالي جوهريءَ جهڙو آهي، هيل تائين ڌرتيءَ جي گود مان جيڪا تهذيب هٿ آئي آهي، ان فن جي ماهرن کي ته موهيو آهي ئي! پر ڏسندڙن کي به ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون آهن. موهن دڙي جي لکت ته اڃا تائين پوري ڪوبه ناهي پڙهي سگھيو، پر سنڌ جي واهن ۽ وستين ۾ وکريل تاريخ جي پروڙ به اڃا تائين درست نموني نه پئجي سگھي آهي. اسان ايستائين ڌرتيءَ تي گھمندڙ ڦرندڙ بس انسان هئاسين، جن جي قوميت جي مُنڍ جي تاريخ جا ڦرها ڦاٽل هئا، ڪٿي ڪاڇو ته ڪاڏي ڪارونجهر، بس هئاسين واءُ ۾ خوشبوءِ وانگر وکريل وکريل...! ان وکريل واءُ جي خوشبوءِ کي کٿوريءَ مشڪ مثل ماڻهو (سائين جي ايم سيد) جوڙي گھڙي، اهڙي سنڌيت جي شاهاڪار تصوير ٺاهي، جنهن تخليق جا ٿڪ ئي لاهي ڇڏيا. اها سنڌيت جي تصوير تاريخ جي فريم ۾ اهڙي ته مانائتي نموني سان فٽ ٿي، جو زندگي هزارين پردن باوجود چٽي پٽي ڏسڻ ۾ آئي.
سنڌيت جي ايڏي اعليٰ صورت تي هُو فطرت وانگر پاڻ ئي موهت ٿي پيو ۽ اُن سان عشق ڪري ويٺو. هن وحدت الوجودي ۽ ديش ڀڳت انسان ڌرتيءَ کي دائمي سمجهي اُن جو عشق جاڳائڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين کي وطن دوستيءَ جا گيت ٻڌائڻ شروع ڪيا.هن ڌرتي ڌڻين کي ٻڌايو ته اوهان رت پُونءِ جا پتلا ناهيو، نه ئي ڪي ڌرتي ڌڪاريل نسل آهيو، جن تاريخ جي ٽٽل تختي تي وڏين مسافتن کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي رهڻ لاءِ زمين جو ڪو ٽڪرو هٿ ڪيو آهي، هيءَ ڌرتي اوهان جي وجود جي خالق آهي ۽ اوهان هن جا مالڪ آهيو. ڪوبه فاشي نسل يا آمر توهان تي پنهنجي گھوڙن جي گجگوڙن سان هٿيارن جي زور تي قابض ٿي توهان جي سڃاڻپ کي ميساري نه ٿو سگهي.
هي ڌرتيءَ جو عاشق پنهنجي ماروئڙن جي محبت ۾ ڪاپڙي جوڳيءَ وانگر پوري سنڌ نگر ۾ نڪري پيو، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي چڙهي، روپلي جي ڌرتيءَ سان عشق جا قصا بيان ڪندي ، ان جي ونيءَ جا روپلي ڏي موڪليل سنيها، سنڌ جي ماڻهن کي ٻڌايا ته متان ماتِ کائي موٽئين ۽ منهجون سهيليون ويڻ ڏين ته روپلو ڌرتيءَ جي ويرين سان نه وڙهي سگھيو، آئون توکي ڏينهنِ قيام به بخش نه ڪيان. ان وقت شاهه لطيف جي بيت جو حوالو ڏيندي سنڌ جي ونيءَ جو ڳاٽ ڪارونجهر جي چوٽيءَ سان ٿي لڳو ”مَرُ مَرين آءُ روئان، موٽي آءُ مَ ڪانڌ“ ڌرتي ڌڻين کي تاريخي ڪردارن ۽ پنهنجي قومي هيرن جا اهڙا قصا ٻڌائيندي هُو الستي انسان سنڌ جي تخت گاهه اروڙ اچي ٿو ته اُتي ڏاهر جي تخت گاهه کي چُمي ڏيندي آب ديده ٿي وڃي ٿو ۽ ان گھڙيءَ سمنڊ جهڙي گهري سوچ ۾ پئجي وڃي ٿو ۽ پنهنجا هٿ ڀڪوڙي تقدير جي ڪتبي کي غور سان پڙهندي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو، اُتي هن کان بي ساخته لفظ نڪري وڃن ٿا ته هل! عقيدن جا لباس اوڙهي ڪيئن جابر شرافت ۽ امن کي پيرن ۾ ڇيريون پارائي ناچڻيءَ وانگر نچائن ٿا، هُو اياز جي هن شعر جون سِٽون جھونگاريندي ڇرڪ ڀري ٿو:
آڌيءَ رات اروڙ، سوچيو ٿڌو ساهه ڀري،
موڳا هاڻي موڙِ، پنهنجي واڳ وجود جي.
اروڙ جي تخت گاهه تي هي هڪڙو حوصلو کڻي نڪري ٿو ته هاڻي هن وکريل قوم کي جيئڻ جو حوصلو ڏبو ۽ هن کي وري اهو ئي خود مختيار ۽ آزاد قوم وارو وڃايل تشخص واپس ڏياربو، هن ڌرتيءَ جي وڏي واڪي وارثيءَ جو هوڪو ڏئي، ڌرتيءَ دشمن قوتن کي بي چين ڪري وڌو. ڌرتيءَ سان محبت جي ڳالهه، انهن ذهنن کي ڪيئن وڻندي؟ جن جو ڪم مخصوص عقيدي سبب قومن جي وجود کان ئي انڪار آهي، پوءِ هڪ طرف هن عظيم انسان کي سوگهو ڪرڻ لاءِ قيد جي شڪل ۾ ڏانوڻ تيار ڪيا ويا ۽ ٻئي طرف مخصوص ۽ محدود سوچ جي مالڪن باغي ۽ ڪفر جون فتوائون به پنهنجي جڳاڙي مُلائيت جي معرفت ڏياريون، پر سيد سموريون تهمتون سِر تي رکي هماليا جيڏو حوصلو کڻي سنڌوءَ جي پوتر جل جيان پنهنجي ڪردار ۾ پاڪائي رکندي اڳتي وڌندو رهيو.
قومن جي پيدائشي حقن جون مخالف قوتون لرزي ويون، انهن قومي تحريڪن جي اندر ۽ نام نهاد جمهوريت پسندن کي خريد ڪري سياست کي وئيشا جو پيشو بڻائي ڇڏيو، پوءِ نام نهاد جمهوريت پسندن ۽ قومي تحريڪ جي اندر گھريل ڪجهه جعلي قومپرستن ملي ڪري سازشون شروع ڪري ڏنيون، پر سيد جي باڪردار هجڻ ۽ لازوال خوبين سبب، انهن قوتن کي پنهنجون شرارتون ڪامياب ٿيندي نظر نه آيون، ڇوته سيد سياست جي انهن اعليٰ آدرشن جو سنڌ اندر تخليقڪار هو، جنهن سان نسلن جي آبياري ٿيندي آهي.
سيد انساني وجودن کي ڌرتيءَ سواءِ بي معنيٰ سمجهيو ۽ وجودن کي ڪارائتو قرار ڏيڻ لاءِ انهن کي ڌرتيءَ جي تحريڪ سان ڳنڍي ماڻهن کي تاريخ ۾ زندهه رهڻ جو هنر سيکاريو، ان سان گڏ اهو به آرٽ سيکاريو ته تحريڪن اندر ٿيندڙ سازشن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪردار جي پاڪائي ۽ استقامت جو هجڻ انتهائي لازمي آهي. هن پنهنجي اڪثر ڪتابن ۾ قومي تحريڪ جي ڪارڪن ۽ سنڌي قوم کي سياست ۾ باڪردار هجڻ تي زور ڏنو آهي، ڇوته هُو تاريخ جو گهرو ادراڪ رکندي ڪردار جي اهميت کي سمجهي پيو، سماج ۽ قومي تحريڪ لاءِ اهوئي ماڻهو ڪارآمد آهي، جيڪو زندگيءَ کي وطن لاءِ وقف ڪري ۽ قومي غيرت تي موت وانگر اڻٽر رهي غلاميءَ کان نفرت ڪندو رهي. سيد جو فڪر مُندائتي مينهن جيان ڌرتيءَ تي وڏ ڦڙي جيان وسندو رهيو، جنهن سان پوري ڌرتيءَ جو ادب ڌوپجي اجرو ٿي پيو. ادب جي افساني، شعر ۽ نثر ۾ ڌرتيءَ جي کيتن جي خوشبوءِ، سنڌوءَ جل ۽ موهن جي تهذيب جا شهپارا سرجڻ لڳا، سنڌي ادب کي تخليق جو اهڙو جهان مليو، جنهن ۾ فن جا واهڙ وهڻ لڳا، امر گيتن جي گونجار، ڌرتيءَ ۾ هڪ ولولو ۽ جنبش پيدا ڪئي، اهڙين لکڻين سان ڪيئي بت ڪده لرزي ويا ۽ سنڌي ادب بين القوامي معيار جي معراج تي رسيو. ادب جي اهڙي اوج کي سن جي سيد جي فڪر سبب بي پناهه طاقت ملي. سنڌ جي وستي وستي، واهڻ واهڻ ۾ هڪڙي ئي جهونگار هئي ته ڌرتي دين ڌرم ۽ ازلي سُونهن آهي، هر سٽ ۽ بند ۾ سنڌ جي سرزمين جي عشق ۾ قلم رقص ڪرڻ لڳو ۽ انهن جي اکر اکر ۾ پنهنجي مٽيءَ سان پيار جي خوشبوءِ ۽ ڌرتي دشمنن لاءِ ڌڪار هيو.
اهڙي عظيم وطن پرستي تبديليءَ جو بنيادي محرڪ سن جو سيد هو، جنهن جي فڪر جي ڇاپ سنڌي ادب ۽ فن ۾ جان وجھي ڇڏي، ڌرتيءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز سڌي ۽ تمثيلي شاعري ڪندي چيو ته:
قدم قدم تي هجومِ رندان، نظر نظر ۾ شراب خانا.
ڪري ويو ڪير بارشِ مئي، خُمار آلود ٿيا زمانا.
سن جي سيد جي فڪر جي اها تيز بارش هئي، جنهن وستي وستي ۾ پنهنجي فڪر جا پياڪ پيدا ڪيا، هر طرف هجوم ئي هجوم هيا، وطن دوستيءَ جي ريشم ڌاڳي ۾ پوئجڻ لڳا، اهو سيد جو ئي فڪر هو، جنهن زمانن تي کيپ چاڙهي ڇڏيا ۽ ايندڙ زمانا هن جي فڪر جي گھاٽي ڇانوري ۾، نٽهڻ اُس ۾ جلندڙ جسم پنهنجي وجودن کي سڙڻ کان بچائي سگھندا. سيد جي فڪر جي مئڪدي مان جنهن به سُرڪي ڀري، اهو انساني آزاديءَ جو متوالو بڻجي ويو ۽ ڌرتيءَ کي ڌرمن کان مقدس ڀانئين ان جي خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پنهنجو جيون ارپي ڇڏيو ۽ انهن پنهنجون پوريون حياتيون، ان هرڻ جي مثل گذاريون، جنهن کي پنهنجي ناف جي خوشبوءِ هميشه سرگردان رکيو. سن جي مئڪدي جا پياڪ ڌرتيءَ جي عشق ۾ وڏي عرصي کان بدترين عتاب جو شڪار آهن، ڪيئي گھوٽ گھائجي پنهنجي ڌرتيءَ جي سينڌ سنواري ويا آهن. حالتن جو گرڙ پکي، انهن کي ڳڙڪائي رهيو آهي، هڪ وحشت جو خوف برپا ٿيل آهي. تنظيمي ڍانچو ٽائيٽينڪ جي ٻيڙي وانگر پرزا پرزا ٿيل آهي، جنهن جو ڳنڍجڻ ايندڙ ٿوري وقت ۾ مشڪل پيو لڳي، اڃا به وحشون وڌنديون ۽ خوف پوري قوت سان نروار ٿي بيهندو.
حالتن جي اهڙي سنگينيءَ ۾ ڌرتيءَ جي باشعور طبقي کي ٻه وکون اڳتي اچي پنهنجي قومي حقن جو ڪينرو وڄائي سُرندي ۾ ساهه وجهي، ان الستي عاشق جي پروانن کي ناحق خون ٿيڻ کان بچائي، پر موجوده حالتن اندر سن جي فڪري چشمي جي ڄمي وڃڻ ڪري ادب ۽ شعور حالتن جي ڇير پائي پنهنجي ذات لاءِ نچي رهيو آهي، سنڌ ڌرتيءَ جو اديب وقت جي ”سردار“ جي درٻار جو دربان بڻيل آهي، جنهن کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ٿيندڙ ناحق نظر نه پيو اچي. وقت جي حاڪمن کان مراعتون وٺڻ نه صرف ڌرتيءَ ڌڻين جي توهين آهي، پر ان سان گڏ خود ادب جو مذاق اڏائڻ برابر آهي، جيئن عبدالرحيم گرهوڙي چيو آهي ته:
متان کائين کچڻي، حاڪمن هنڌان،
رڌي هوندئون رت مان، ماري مسڪينان.
ادبي تخليق جڏهن فڪري ڌاران کان ٽٽي ٿي، ان ۾ سواءِ لفاظيءَ جي باقي ڇسي هوندي آهي، سيد، جنهن سنڌ کي دريافت ڪيو ۽ ان کي ڇنڊي ڦوڪي پوري عالم ۾ سندس سڃاڻپ پرامن ۽ مهذب خطي طور ڪرائي، اڄ اها ڌرتي گھڻ طرفي بحرانن جو شڪار بڻيل آهي، جتي مذهبي انتهاپسندي ۽ رجعت پسندي هڪ منصوبا بنديءَ سان سنڌي قوم جي نَسُنِ ۾ شامل ٿي رهي آهي ۽ اهڙو خيال سيد پنهنجي سياسي تدبر سان ايندڙ وقت جي پيشنگوئي ڪري ”ويانا“ ڪانفرنس ۾ اظهاريو هو، جنهن ۾ هُن چيو هو ته جيڪڏهن هن رياست اندر سيڪيولر، روشن خيال، عوام دوست ۽ قومپرست رجحانن کي هٿي نه ملي ته ايندڙ وقت ۾ رجعت پرستي ۽ مذهبي انتها پسندي ناقابل تلافي نقصان رسائيندي. موجوده حالتن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته مذهبن اندر شدت پسندي انسانيت ۽ قوميت لاءِ ڪيڏي هاڃيڪار آهي، هي به تاريخ جو سچ آهي ته جيڪا به رياست مذهبي انتها پسنديءَ کي قومن خلاف هٿيار طور استمعال ڪندي، اها پنهنجي ۽ عالمِ انسانن کي تباهيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ڏيندي.



جي ايم سيد
هڪ صوفي هڪ باغي
حسن مجتبيٰ
پاڪستان ۾ شايد هو اڪيلو ئي پوڙهو شخص هيو جنهن جا سچا عاشق اڪثر ڪري نوجوان هيا.
غلام مرتضيٰ شاه بالمعروف جي ايم سيد جيڪو هر وقت سچل سرمست جي هن سٽ “ سچو! عشق ٻڍا نه ٿيوي، پانوين چٽڙي ٿي وڃي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير ٿي رهيو۔
اڄ سنڌ ۾ ڪيترائي سنڌي قومپرست ۽ نوجوان سنڌو درياه جي هن پار هڪ ننڍڙي شهر “ سن ” جي طرف راهي آهن، جت جي ايم سيد هڪ کليل ڪتاب جي شڪل واري سنگمرمر جي قبر جي هيٺان دفن آهي.
۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي سن ۾ پئدا ٿيڻ واري جي ايم سيد کي جڏهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ نيو پئي ويو ته ان جي مڙهه سان گڏ قرآن، گيتا، انجيل، توريت ۽ شاه جو رسالو به گڏ سفر ڪندو رهيو.
جي ايم سيد شايد پاڪستان ۾ اهو پهريون سياستدان هيو، جنهن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن جي ذريعي ڪيترا سال اڳ ئي مذهبي انتها پسندي جي خطرن کان ملڪ ۽ هن خطي کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو.
جي ايم سيد اهو پهريون سياستدان به هيو جنهن سرد جنگ جي خاتمي کان اڳ ئي چيو هو ته سرمائيدارانه ۽ اشتراڪي بلاڪن ۾ ورهايل دنيا جي قطع نظر روحاني ملڪن جي گروهن جو به هڪ بلاڪ هجڻ کپي. مراد ته جنگ جي خاتمي تي هُنَ عالمي امن جي خاطر اقوام متحده جي نئين سري سان جوڙجڪ جي ڳالهه ڪئي هئي. اها ڳالهه هن ۱۹۹۲ ۾ نشتر پارڪ ڪراچي ۾ پنهنجي سالگره جي جلسي جي دوران چئي هئي، جنهن کانپوءِ جلد ئي کيس گرفتار ڪري گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. نوازشريف جي دور ۾ شروع ٿيڻ واري اها نظربندي بينظير ڀٽو جي ٻئي ڀيري واري حڪومت جي مئي ۱۹۹۵ ۾ سندس وفات تائين برقرار رهي.
سيد، شايد غفار خان کانپوءِ هن ملڪ جو سڀ کان سينيئر “غدار” هيو. پاڪستاني حڪومتن جي هر دور ۾ پاڪستان کي ختم ڪرڻ جي الزام ۾ قيد ۽ نظربند رهيو، پر سندس ۲۸ سالن جي قيد ۽ نظربندي جي دوران ڪڏهن به ۽ ڪنهن به عدالت ۾ کيس پيش نه ڪيو ويو. هڪ اهڙو الزام جنهنکي هو خوشيءَ سان قبول ڪندو رهيو.
بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ سيد جي خلاف بغاوت جو مقدمو هلايو ويو، انسداد دهشتگريءَ جو جج نجي پيغام موڪليندو رهيو ته هو مهرباني ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇاڪاڻ ته هو سندس اعتراف جرم جي صورت ۾ هن کي سزا ڏيڻ جو گنهگار نٿو ٿي سگهي ۔ ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاه حيدر منزل تي هو حاضريءَ واري ڏينهن عدالت وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويهندو هو، پر ڪڏهن به کيس پوليس وٺڻ لاءِ نه پهتي.
هو پنهنجي خلاف الزامن تي فارسيءَ جو مشهور بيت پڙهندو هو، جنهن جو ترجمو هي آهي ته؛ “ وڏي پيهه لڳل آهي، هو مونکي قتل ڪرڻ لئه وٺي وڃي رهيا آهن، منهنجا محبوب تون به ڇت تي اچي ڏس، ڇا ته نظارو آهي”
جي ايم سيد بنيادي طور تي هڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي عظيم صوفي مخدوم بلاول جو مريد ۽ هڪ ٻي بزرگ حيدرشاه سنائي جو سجاده نشين پڻ هيو. جي ايم سيد جي ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد کي قتل ڪيو ويو هو، جيتوڻيڪ سندس سموري تعليم گهر جي عورتن وٽ يا ڳوٺ جي مڪتب ۾ يا خانگي طور تي مقامي استادن کان ٿي هئي، پوءِ به حاضر جواب، حس مزاح جو مالڪ، مڃيل سياستدان ۽ ڪيترن ڪتابن جو مصنف هيو.
سندس ڪتابن مان هڪ ڪتاب “ جيئن ڏٺو آهه مون” مذاهب عالم ۽ انجي تاريخ تي لکيل ڪتاب آهي جيڪو پاڻ ۱۹۶۰ جي ڏهاڪي ۾ لکيو هو، جڏهن ته هن جي هڪ ٻي ڪتاب “ سنڌو ديش ڇ ۽ ڇا لاءِ”( پاڪستان ۾) بندش پيل ڪتابن ۾ آهي.
ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته جي ايم سيد ته شايد مسلمان به نه هيو، جڏهن ته هو پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ گهڻي عرصي تائين نمازن جي امامت ڪندو رهيو، ۽ جمعي جا خطبه به ڏيندو هو.
سندس لئه اهڙي سوچ پئدا ڪرڻ ۾ حڪومتن جو وڏو هٿ رهيو، (پنجاب جي مسجد ۾) هڪ خطبي کي ٻڌي ۱۹۷۶ ۾ گلستان خان نالي هڪ شخص پنهنجي صدريءَ ۾ خنجر لڪائي شيخ اياز ۽ جي ايم سيد کي مارڻ لاءِ ويو هو، ته “هو اسلامي جي دائري کان نڪري ويا آهن ۽ واجب القتل آهن” پر جڏهن هن سيد کي سموري رات جي ڪچهريءَ کانپوءِ اشراق ۽ تهجد پڙهندي ڏٺو ته هن خنجر سامهون ميز تي رکيو ۽ اعتراف ڪيو ته هو ڪهڙي طرح جنت ڪمائڻ نڪتو هو، سيد انکانپوءِ ان شخص جي خلاف عدالت ۾ شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ...
سندس نظر ۾ سياست ٻن قسمن جي هئي، هڪ عملي يعني انتخاب ۽ اقتدار جي سياست ۽ ٻي آدرشي يا نظريات ۽ اصولن جي سياست.
سندس نظريات ڪهڙا به هيا، پر پنهنجن انهن آدرشن ۽ اصولن جو سياستدان هو، هو پاڪستان ۾ اڪيلو سياستدان هو جو وڏي واڪي پاڪستان کي ڊاهي، انجي جڳهه تي سنڌ کي “ سنڌوديش” ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندو هو.
هو پنهنجي ملڻ وارن کي چوندو هو ته، ”اچو ملي دعا ڪريون ته پاڪستان ٽٽي وڃي.“
هي اهو ئي جي ايم سيد هيو جو پاڪستان جي باني جي قتل جي افواهه ٻڌي سن ۾ اوڇنگارون ڏئي رنو هيو. محمد علي جناح تي قاتلانه حملي جي منصوبي ۾ هڪ سنڌيءَ جي پڪڙجڻ تي هن چيو هو ته، “ حيرت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي به انتها پسند ٿي سگهي ٿو”


جي ايم سيد
تو پڄاڻان سپرين
ماھم سنڌي / ميرپورخاص
اسانجي جنم ڀومي سنڌ جيڪا شاندار تھذيب، ثقافت، ٻولي، صوفي ازم، سيڪيولرزم، عدم تشدد، مذھبن جي برابري، انسانيت جي اونچائي ۽ ڀائيچاري جي حوالي سان سڃاتي وڃي ٿي. انھي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد بابت اسان سڀ گھڻي کان  گھڻا بھادري ۽ عقلمندي جا مثال، پھاڪا ۽ چوڻيون توڙي شاعريون ۽ مضمون ٻڌنڌا ۽ پڙھندا پيا اچون. ڪو ورلي به اھڙو ليکڪ سنڌ جو نه ھوندو جنھن سيد جي ڪردار جي واکاڻ پنھنجي قلم جي ذريعي نه ڪئي ھجي. سيد بابت مضمون سنڌ جي تاريخ جا اڻ کٽندڙ سلسلا آھن. ائين چئجي ته سيد سنڌ جو آئينو آھي ته غلط نه ٿيندو. ڪنھن ليکڪ ائين به چيو ھيو ته سيد ھر موضوع مذھب،  قوميت، ٻولي، آزادي جي جدوجھد ۽ عشق بابت ايڏو ته جاکوڙيو آھي جو سيد جي ھر ھڪ جاکوڙ تي اڄوڪن شاگردن کي الڳ الڳ مضمون تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري وٺڻ گھرجي. ھي ھڪ حقيقت تي مبني ڳالھ آھي ته ڪنھن به وقت سان تعالق رکندڙ ڪوئي پھاڪو ھجي، ڪائي چوڻي يا ڪنھن شاعر جي ذھن ۾ جڙندڙ ڪي شاعري جو مصرائون ھجن، اُھي سڀ ان دؤر جي عڪاسي ھونديون آھن. اسين جئين ته جٿ به شاھ عبدالطيف جي شاعري يا کڻي نالو به ٻڌون ته ھڪدم اسان سميت ٻيا به سمجھي ويندا ته اھو سنڌ سان تعلق رکي ٿو، اھو سنڌ جو لال لطيف سنڌ ديس کي پوري عالم سميت دعا ڪندڙ صوفي بزرگ آھي. ڌرتي جي پنھنجي بھادر ۽ بردبار ڪردارن سان سُڃاڻ ۽ قومي ليڊرن جي وري پنھنجي ڌرتي جي نالي سان سڃاڻپ ھڪ انتھائي خاص ۽ لازم ملزوم وارو رشتو آھي، اھي ھڪٻئي سان سڃاتا وڃن ٿا. جئين اسين مھاتما گانڌي جو نالو ٻڌون ته ھڪدم ھندوستان جو پسمنظر ذھن ۾ جڙڻ لڳندو آھي، خميني جو نالو ٻڌنڌي ئي ايران طرف اسان جون خيالي نظرون وينديون آھن. خليل جبران جو نالو ايندي ئي لبنان جا سھڻا منظر ۽ ان جي نيسان واري گُل ٽڙڻ جي موسم دل ودماغ کي معطر ڪرڻ لڳي ويندي آھي. فيڊرل ڪاسترو،  لينين، نيلسن منڊيلا، ڪارل مارڪس، چي گويرا ۽ نه ڄاڻ ٻيا ڪيترائي اھڙا ڪردار آھن جيڪي اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناھن پر اسين جڏھن به نالو ٻڌون ته اتي جي ملڪ ۽ ڌرتي جو نقشو جڙي پوندو آھي. اسين سنڌ جي نالي اڪثر اھو چوندا رھون ٿا ته اھا شاھ لطيف، سچل، قلندر، صوفي عنايت شھيد، دودي سومري، راجا ڏاھر، ھوشو شيدي  جي ڌرتي آھي. ان جو سادو مطلب اھو آھي ته اھي اھڙيون ته شخصيتون ھيون جن تي ھڙئي سنڌي قوم کي اڄ به فخر آھي. اھڙي طرح مائي بختاور ھجي، ٿرپارڪر جي مارئي ھجي، روپلو ڪولھي ھجي، سيد صبغت الله شاھ سورھيه بادشاھ ھجي، انھن جا نالا کڻندي اسين اندر ۾ اھا خوشي محسوس ڪريون ٿا جيڪا پنھنجائپ جي ھوندي آھي جنھن تي فخر ڪري ڳاٽ اونچو ڪري سگھجي.
۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن شھر، ضلعي دادو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي سائين جي ايم سيد (غلام مرتضي شاھ سنائي) جو جنم، ان بعد ان جي سحر انگيز شخصيت اڄ به اھڙو ئي فخر ھر سنڌي کي ڏياري ٿي جنھن کي پنھنجي ڌرتي سان لڳاءُ آھي. ان جي حيثيت اسان وٽ پيغمبر سنڌ واري آھي. اسين ان کي جديد سنڌي قومپرستي جو باني پڻ سمجھون ٿا. سائين جي ايم سيد جو جوش ۽ ولولو، ان جي سياسي ڏاھپ، ان جي دور انديشي، ان جي ادبي پرک، ان جون مذھبن جي ٽڪراءُ بابت سمجھاڻيون ۽ ان جي  گھڻ  رخي شخصيت سنڌ لاءِ سڀاڳي ئي رھي آھي. اڄ سائين جي ايم سيد جي ۲۲ھين ورسي آھي. ان کي ھن دنيا مان رخصت ٿئي پورا ۲۲ سال گزري ويا آھن. ان جي رخصتي ۹۱ سالن جي ڄمار ۾ ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ٿي ھئي. سائين جي ايم سيد جو وڇوڙو بيشڪ اسان لاء وڏو ھاڃو آھي ان جي جڳھ ڪير والاري نه سگھندو. سائين جي ايم سيد جي وجود جو رُعب ۽ اثر ئي پنھنجو ھيو جو مخالف به سندن تعريف سوا نه رھي سگھندا ھئا. اڄ به اھا ڳالھ ھر ڪو مڃي ٿو ته ۱۹۴۴ع ۾ جيڪر سيد صاحب مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿي، پاڪستان جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاء ڪوششون نه وٺي ھا ته، اڄ تائين اھو بل ڪاغذ جو  ٽڪرو ٿيو پيو رُلندو ھجي ھا.
سائين جي ايم سيد جو جسماني وڇوڙو ھڪ وڏو قومي ھاڃو آھي، جنھن جو اسانکي اڳ کان وڌيڪ ھاڻي احساس آھي. سائين جي ايم سيد جي جسماني خاموشي بعد ڄڻ اڄ به ان بعد يتيم ٿيل سنڌي قوم اڃا تائين ڪو بلند آواز اٿاري نه پئي سگھي. سيد صاحب پنھنجي پاڻ ۾ ھڪ ھلندڙ ڦرندڙ جدوجھد ھئي ھڪ تحريڪ ھئي، ھڪ ٻرندڙ مشعل ھئي، ھڪ اميد ھئي. جئين جو سائين جي ايم سيد موڪلاڻي ڪري سَن جي سونھري زمين تي سنڌو جي ساڄي ڪپ جي ڀر ۾، سنڌ جي پاڪيزه مٽي کي چادر جيان اوڙھي وڃي آرامي ٿيو آھي، ان بعد ان جي لفظن ۽ ان جي سياسي توڙي اخلاقي تحريڪ ڄڻ ته ماٺيڻي پئجي وئي آھي. جئين جو ڪو وقتائتي طوفان سمنڊ جي ڇولين مان سڪون ڪڍي انھن کي گجگوڙ تي اٿاري ڇڏي ٿو ۽ طوفان جي واپسي بعد ساڳي ئي ساگر منجھ چپ چاپ ٿي ويندي آھي، تئين ئي سيد جي موڪلائڻ بعد سنڌ وياڪل ٿي پئي آھي. ڪو به ماڻھو سدا جئيڻو ۽ رھڻو ناھي ۽ اسين به ائين سمجھون ٿا ۽ سيد لاء اھي لفظ پر اميد ٿي چونداسين ته
وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو
پر ان جي باوجود به سيد جي نظريي کي ڪو اھڙو جانشين نه پيو ملي جيڪو ان کي اڳتي ھلي کڻي سگھي، اھا ڳالھ صبر ڪرڻ کان گھڻو مٿي چڙھيل آھي . سيد جي خاموشي بعد سيد جي پوئلڳن سان ٿيل نانصافين جو ازالو ذري برابر به نه پيو  ٿئي. ھر سنڌي جي اندر ۾ ھڪ آتش فشان پيو ٻري پر اڃا تائين صرف خاموشي سان ٻري پيو ڦاٽڻ جي ھمت ڌاري ئي نه پيو سگھي. اھو سيد ئي ھيو جنھن  شروعاتي حمايت  ته ڪئي پر پوء ، پاڪستان جي ۱۹۴۷ع ۾ آزادي بعد سيد صاحب جلد ئي ان ڪمزور  ٻه قومي نظرئي تي جڙيل  ٺھراءُ جي سخت مخالفت ڪرڻ لڳو . ڇوته ان ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي بقا کي پاڪستان مان سخت خطرو آھي. ھن ڄاڻي ورتو ته سنڌ جي شاندار تھذيب، ان جي جدا آزاد روايتن، ان جي اھنسا واري پراڻي ريتن کي  ختم ڪرڻ جي سازش پاڪستان  جي نالي تي ڪئي ويندي. سائين جي ايم سيد بنگال جي ۱۹۷۱ع  ۾ آزادي بعد ڄاڻي ورتو ته سنڌي، بلوچي ۽ پٺاڻ قومن سان  ھڪ مفاد تحت ٺڳي ڪري پنجابي سرمائيدارن کي نوازيو ويو آھي. جنھن سبب سائين جي ايم سيد سڌو الڳ رستو ٺاھي پنھنجي قوم جي آزادي لاء ڄڻ ته سر عام جنگ جو طبلو وڄائي ڇڏيو. ۱۹۷۲ع ۾ قومپرست جماعت جئي سنڌ قومي محاذ جو بنياد وڌائين، جنھن جو متن سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ان جو سياسي روح سنڌين جو ھڪ جڳھ تي گڏجي سنڌ جي مقصدن لاءِ وڙھڻ ھيو، اُھا اڄ ڀاڱن ۾ ورھائجي وئي آھي. سنڌ کي الڳ وطن ڪرڻ جي نعري ھيٺ سنڌوديش جي تحريڪ ھلائي وئي، جيڪا ھاڻي پنھنجو اصل زور وڃائي رھي آھي شايد ان ڪري جو اسان وچ ۾ رھنمائي ڪرڻ وارو سائين جي ايم سيد ڪونھي. ان جا ڇڏيل پيغام، تقريرون، ڪتاب ۽ ان جو ٺاھيل سنڌوديش بابت فڪري ڍانچو اسان لاء ايڏو خاص ناھي رھيو. سيد سان گڏ رھندڙ ان جا سڀئي پوئلڳ ڌار ڌار رستا ڪري پنھنجي اوليتن تي مفادن خاطر وڙھي رھيا آھن، جنھن سبب گھڻي ڀاڱي اختلاف پيدا ٿي رھيا ۽ تحريڪ ۾ اڳوڻو زور ٽٽي ويو آھي. سائين جي ايم سيد جي زندگي دوران ھن  پنھنجي سياسي بصيرت ذريعي سنڌ کي ھڪ اھڙي امن گاھ ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن جي آزادي تي ڪو مصلحت نه ٿي سگھي .  سائين جي ايم سيد عشق ۽ محبت جي فلسفي کي پڻ ڏاڍو ڳايو آھي. ھن مزاجي کان ويندي حقيقي عشق کي پنھنجي سمجھ موجب سمجھائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي ھئي . سائين جي ايم سيد موجب جڏھن عشق جي ٻالڪپڻ ۽ جواني ھجي ٿي ته اھو ھڪ فرد تائين ھوندو آھي، پر بلوغت بعد عشق فرد نه بلڪه قوم ۽ قوم جي مجموعي مفادن سان منسلڪ ٿي وڃي ٿو. پوءِ عشق ڌرتي، پنھنجي ماڻھن ۽ پنھنجي قومي ورثي ۽ ٻولي سان ٿي ويندو آھي. سائين جي ايم سيد انھن موضوعن تي وڏي تحقيق ڪري بحث ڇيڙيا جن تي اڄ اسين لفظ ڳالھائڻ کان به ڊڄي ٿا پئون. سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ وسيلن جي ڦرلُٽ، ڌارين جي آبادڪاري، مڪمل خودمختياري، ٻولي جي اصل اھميت، ڪلچر، پاڻي چوري جو تحفظ سميت ھن سنڌ جي ھر ان مسئلي تي کُلي ڳالھايو به ۽ جدوجھد به ڪئي جيڪي ان وقت ۾ پيش آيا پئي. ھڪ ليڊر ۽ رھنما پنھنجي ايندڙ ڪئي نسلن لاءِ مشعل راھ ڇڏي وڃي ٿو ۽ اھي ھدايتون ڇڏي وڃي ٿو جيڪي صدين تائين پيون سبق ڏينديون آھن. اڄ سنڌ جي قومپرست سياست ۽ ان جو جماعتون جيڪي  گھڻيون تڻيون سائين جي ايم سيد جي نظرئي ھيٺ ٺھي ان کي پنھنجو سياسي ابو تسليم ڪري رھيو آھن، اڄ انھن جو پاڻ ۾ تضاد ۽ ھڪ مسئلي تي گڏ ٿي نه بيھڻ ھڪ پريشان ڪندڙ ڳالھ آھي. اڄوڪي دور ۾ ائين پيو ڏسجي ته ڪا به تحريڪ ايڏي زور آور ناھي جو نئي طريقي سان پنھنجي مقصد خاطر وڙھي. بلڪ اڄ اُھي سڀ پنھنجي ئي سنڌ ۽ سنڌين کي بس بچائڻ ۾ پورا آھن. ڇا اھا ھڪ قسم جي ڪمزوري نه چئبي؟ قومپرست ڪارڪن روز مختلف جڳھين تان کنڀجيو وڃن ٿا ۽ سڄي جدوجھد ان ۾ ھوندي آھي ته شل جئيرو انھن کي واپس موٽائي سگھون. خفيه ايجنسيون ۽ سنڌ دشمن قوتون ڪنھن ۾ به ھٿ وجھڻ کان ڪيٻائين ئي نٿيون ۽ پنھنجي مَن مستي تحت انھن جا مزاڪ جاري آھن. ڪيترا ئي قومپرست ڪارڪن چيچري ماريا وڃن ٿا ، گھٽين ڳلين تان بلڪه تعليمي درسگاھن تان اُھي گُم ڪيا پيا وڃن پر سندن ڪير واھر وسيلو پڇاڻي وارو ناھي . جيڪا سنڌ گئس ڪمائي وفاق ڏي آمدني اماڻي ٿي ان وٽ نه گئس آھي، نه پاڻي، نه ئي بجلي. سنڌ ته پوئين دور ۾ به ايڏي ڏکي نه ھئي جيتري ھاڻ آھي. اسين اڄ ايڏا مجبور آھيون جو پنھنجي ترقي جي نا، بلڪه بقا جي، پنھنجي قوميت جي جنگ انھن ڌارين سان پيا وڙھون جيڪي ھتان جا ڪڏھن ھئا ئي نه، پر چالاڪين سان ھاڻ سنڌ ۾ بادشاھت پيا ڪن. اسين ايڏا بي وس آھيون جو پنھنجي قوميت کي بچائڻ لاء اڄ اعلان ۽ ميڙاڪا پيا ڪريون ته مھرباني ڪري آدمشماري ۾ پاڻ کي سنڌي لکرايو، ان جو مطلب ڇا ٿيو؟ اھو ئي ته اسان کي اھو خطرو آھي ته ڪٿي اقليت ۾ تبديل نه ٿي وڃون. اسانکي کٽڪو آھي ته اردو ڳالھائيندڙ مھاجر ۽ ٻيا افغاني پٺاڻ ايترا وڌي ويا آھن جو سنڌ ڌرتي تي انھن جي اڪثريت ٿي وئي ھوندي. سائين جي ايم سيد پنھنجي جاکوڙ جيڪا شروعاتي طور مسلمانن جي قوم جي آزادي جي جدوجھد ھئي. جنھن ۾ سائين جن شريڪ ٿيو پر وقت ان کي سڀئي سبق پڙھائي ڇڏيا ته ڪئين آزادي بعد پنجابي سامراج سنڌ ۽ سنڌ جي ھر حق مٿان مسلط ٿيل آھي. سائين جي ايم سيد وڏو خدشو ظاھر ڪيو ھيو ته جيڪي اوھان اڄ انھن طالبانن کي پناھون ڏئي گھرايو پيا سي سڀاڻي وڏا نانگ بڻجي اوھان جا ٻچا پڻ کائي ويندا. سچ پچ ته اھي وڏا نانگ ٿي سنڌ ۾ ڦھلجي سنڌ جي امن کي وڏو ڇيھو رسائي رھيا آھن. پنھنجي ڦڻن جي زھر سان ڪڏھن شڪارپور، ڪڏھن جيڪب آباد، ته ڪڏھن سيوھڻ ۾ قلندر جي نگري  کي ڏنگي رت ھاڻو ڳاڙھو پيا ڪن. دشمنن  جي ھڪ ڌماڪي سان اسانجي صوفي ڌرتي رت ۾ رنگجي ماتم ڪرڻ لڳي وڃي ٿي. اڄ سنڌ جا ڌڻي ھوندي به سنڌي ٻين جي رحم وڪرم تي محتاج آھن. سنڌ جي روايت اپنائيندي جڏھن صوفي راڳن تي رقص ڪيو پئي ويو ته سيوھڻ اندر ٿيل ڌماڪي ۸۰ کان مٿي ماڻھن کي کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ دشمنن اھو واضح ڪيو ته سنڌ کي اسين پنھنجي دھشت ۾ پورو جڪڙي چڪا آھيون. سنڌ اندر ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون نالي اھڙا رھائشي علائقا جڙجي رھيا آھن جن ۾ سنڌين جي مخالف ويھي موجون ڪندا. سنڌو جو پاڻي جنھن تي اڳ ئي اھڙي رٿابندي ڪيل آھي جو پاڻي سنڌ جي حصي ۾ صفا گھٽ اچي ٿو ۽ وچ واٽ تي چوري ٿيو وڃي ان تي ڪالاباغ وٽ ڊئم اڏي، سنڌ کي سڪائڻ جي سازش پٺي پويان جاري آھي. اين ايف سي ايوارڊ ذريعي رڳو مفاد پنجاب جي حصي ۾ آھي. سي پيڪ جي اھم راھداري منصوبي تحت به سنڌ کي ڪو خاص فائدو نه ڏنو ويندو. وفاق ۽ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي اڌ کان گھٽ نمائندگي موجب به ان جون مخصوص سيٽون به انھن کي ناھن مليل ۽ ھو پنھنجي حق کان به محروم آھن. انھن سڀني مسئلن تي  اڄ احتجاج  ته ٿئي پيو ڌرڻا ۽ نعرا ته لڳن پيا پر ڪو به مسئلو نيست نابود ٿي راھ تان ھٽجي نه سگھيو آھي.
سائين جي ايم سيد پنھنجي حياتي دوران قومي تحريڪ ۾ انھن ان وقت جيڪي مسئلا موجود ھيا ان مسئلن تي کلي ڳالھيائين ۽ جڏھن ڏٺائين ته پنجابين کان سواء دوکي جو ڪجھ نه ورندو ته نيٺ پوء سنڌو ديش جي تحريڪ شروع ڪيائين جنھن ۾ سڄو خاڪو ٺاھي، سڄي رٿابندي ٿيل ھئي ته سنڌي ڇو ۽ ڇا لاء پنھنجي سنڌ کي الڳ وطن ڪري ڌارين بدران ڌرتي ڌڻين جي حڪمراني چاھين ٿا. سائين موجب “سنڌ جي غلامي جو باعث پاڪستان جو نظريو آھي. انھي دوکي کان ٻاھر نڪري سنڌي قوم کي ضرورت آھي ته پاڻ کي قومپرستي جي رنگ ۾ رڱي ڇڏين“. پر اھو سائين جي ايم سيد جو ڏٺل خواب ۽ اھا پرجوش تحريڪ اڄ ماٺيڻي آھي. اڄ اھا تحريڪ ڄڻ ڪو ڪنھن موسمي لٽ اندر دٻجي وئي آھي. ڪنھن تيز ھوا جي جھونڪي بعد اجھامندڙ وسامندڙ ان ڏيئي جھڙي آھي، جيڪا اھا ڪوشش نٿي ڪري ته ڪو پنھنجي شعلن سان دشمنن کي ساڙجي، پر اھا ئي ان جي جدوجھد ھوندي آھي ته بس پاڻ بچائي سگھان، پنھنجو جئيندان قائم رکي سگھان. ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ چئبي جو سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽري پڙھندڙ نورين لغاري تي اڄ دشمنن جا زھر ڀريا لفظ ايڏو اثر ڪري ويا جو ھو پاڻمرادو انھن سان شامل ٿيڻ لاء نڪري پئي آھي ۽ ھو بي ڏوھ انسانن کي مارڻ لاء جتن ڪندي ٿي وتي. سائين جي ايم سيد بعد سيڪيولر سنڌ ھڪ طرف ان جھڙي عظيم ھستي کي ڳولھي پئي ٻي طرف بلڪل ماٺيڻي ۽ ھنسا جي ھيٺ جبر ۽ انتھاپسندي ڀوڳي پئي. اڄ  ورسي سنڌ جي سيد کي بس ايترو ئي پيغام ڏينداسين  ته تو پڄاڻا سپرين سنڌ سوکي نه آھي.


سائين جي ايم سيد
سياسي سفر...
سرمد کوسو
سائين جي ايم سيد محمدشاهه سنائي جي گهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ ۾ڇنڇر ڏينهن سن شهر ۾ پيدا ٿيو، جي ايم سيد ٻاروتڻ ۾ ذهين چالاڪ حسين رهيو هن ۱۹۱۵ ۾ سنڌي پرائمري انگريزي اڳتي هلي فارسي جي تعليم پرائي هن  ننڌڙي عمر ۾ والد صاحب جي شهادت جو غم سٺو هن ننڍڙي عمر ۾ قومپرستي ۽ سماج سڌارڪ وارا فرض سرانجام ڏنا هن ۱۴ ورهين جي عمر ۾ سن شهر ۾ انجمن مسلمين سن ، قائم ڪئي جنهن تحت غريب طبقي پٺتي پيل ماڻهن کي پاڻ ۾ همدرديون پيدا ڪرڻ شادي غمي ۾ هڪ ٻئي جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ جو ڏس ڏنو پهرين مهاڀاري جنگ دوران ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ جڏهن هندستان آزادي کان محروم رهي ڪري انگريزن خلاف ۱۹۱۹ع  ۾ جيڪا بغاوت هلي انهن ۾ سنڌ جي ماڻهن حصو ورتو ته انهن سائين جي ايم سيد مٿان سٺو اثر ڇڏيو انهن ڏينهن ۾  “ريشمي رومال تحريڪ “ جي اڳواڻن سنڌ  ۾ جان محمد جوڻيجي جي اڳواڻي ۾ ۱۹۲۰ع  اندر جيڪا سنڌ خلافت ڪانفرنس هلي، ان ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد شيخ عبدالمجيد سنڌي  سميت سياسي توڙي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي ته ان ۾ جي ايم سيد کي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نصيب ٿي ان ڪانفرنس ۾ موجود اڳواڻن هن مٿان وڏو اثر ڇڏيو.  اڳتي هلي هن ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع ۾ سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو  اجلاس سڏيو جنهن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ڪئي جنهن ۾ انگريزن جي لقبن ۽ ملازمتون ڇڏڻ جا اعلان ڪيا انهن ڏينهن ۾ جي ايم سيد ۾ قومي جذبو ۽ قومپرستي جو مادو حماليا جي چوٽي جيان ڪر کنيو بيٺو هو جنهن هن کي باقائدي سياسست ۾ آڻڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ سياست ۾ پير پاتو .
جڏهن مخدوم بلاول جي درگاهه تي ٿيل جلسي کي پهريون  ڀيرو خطاب ڪيو تنهن  کانپوءِ جي ايم سيد سن ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ مختلف روٽن تي مختلف رخن سان جدوجهد  تيز ڪئي،  هن سياست ۾ پير پائڻ  کانپوءِ ۱۹۲۴ ۾ سنڌ جي سيدن لاءِ تعليمي سماجي ترقي لاءِ سن ۾ ، انجمن سادات مٽياري ، قائم ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجون سرگرميون فرض سرانجام ڏئي نتيجا حاصل ڪيا هن ۱۹۲۵ ڌاري سنڌ جي آبادگارن توڙي زمنيدارن جي هڪ ايسوئيشن قائم ڪئي جنهن جا نڪتا سنڌ جي هارين زميندارن کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻا هئا هن جي ۱۹۲۵ ۽ ۱۹۲۶ ڌاري ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر مقرر ٿيڻ کانپوءِ هن سن ۽ سنڌ جي نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ ضلعي اندر رات توڙي ڏنهن جو اسڪول هلرائي سنڌ کي تعليم جي ميدان ۾ اڳتي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ان دوران ۱۹۲۸ ڌاري ڳوٺ سڌار تحريڪ جو بنياد وڌوجنهن ۾ هن پنهجا  فرص سرانجام ڏنا.
سائين جي ايم سيد ۱۹۲۸ع ڌاري ئي بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي واري تحريڪ هلي، ان ۾ هن حاجي عبدالله هارون شيخ عبدالمجيد سنڌي ايوب کهڙو خان بهادرسان گڏجي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو. ۱۹۲۸ع کانپوءِ جي ايم سيد ۱۹۳۰ع ۾ ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو جيڪو بنياد وڌو ان کي ايتري قدر ڪامياب ڪيو جو اڄ به اهوسفر سنڌ جي صوفي بزرگن جي ميلن تي روان دوان آهي هن ساڳي ئي سال ۱۹۳۰ع ۾ هاري ڪانفرنس جوبنياد وڌو جنهنجي صدارت جمشيد مهتا ڪئي هي هاري ڪاميٽي اڳتي هلي حيدر بخش جتوئي جي جدوجهد سان ۽ سنڌ اسيمبلي مٿان گهيراءُ تحت ڪاميٽي سنڌ جي هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏنا اهڙي طرح سائين جي ايم سيد جون سنڌ لاءِ جاني توڙي مالي خدمتون جاري رهيون ان وچ ۾ ۱۹۳۸ع ۾ سائين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پاڪستان جي وجوديت واري هلندڙ تحريڪن  ۾ سنڌ جي ڀلائي سمجهي ڀاڱي ڀائيوار رهيو.
۱۹۴۰ واري ٺهراءُ جنهن تحت قومن جي حقن جو دستاويزي لقب مليو جنهن ۾  اسلام ۽ مسلمانيت کي ملائڻ لاءِ مينار اي پاڪستان جهڙن مقبرن تي حق سچ جو شريعتون لکي قومن کي  سامراجي سزائون ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ۱۹۴۰ع واري ٺهراءَ يا سنڌ اسيمبلي  مان ۱۹۴۳ع واري ٺهراءَ موجب قومن کي خاص ڪري سنڌ کي حق ڏيڻ بجان حق ڦرڻ  وارين سامراجي سازشن کي سائين جي ايم سيد سڃاڻي ورتو هو. سو هن ٽولي سان اختلافن جي اڃان پهرين شروعات هئي هن جي اڀريل اختلافن قومپرستي واري ذهن ضمير کي ڏسي محمد علي جناح ۱۹۴۵ع ۾ جي ايم  سيد کي چيو ته هاڻ تون اسان نه گڏ  نه هلي سگهنداسون ۽ جدا ٿيڻ جا ڏينهن ويجهي اچي چڪا آهن ۽ ٿيو به ائين ۴۰ ۽ ۴۳ واري ٺهراءَ  تي عمل نه ٿيڻ ڪري ۽ هندو مسلم ورهاست دوران ٿيل اليڪشن ۾ سائين جي ٻن تڪن تي ڪاميابي ڏسي سرڪار سڳوري چونڊن کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو ته سائين  ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ ۽ جناح کي الوداع ڪيو ته پاس ٿيل ٺهرائن تحت ۱۹۴۷ع ۾ پيارو پاڪستان وجود ۾ اچي ويو جنهن لاءِ جي ايم سيد سميت سنڌ جي سورمن جيڪي قربانيون ڏنيون موٽ ۾ هنن کي جيل سختيون سزائون نظربنديون شهرن وسيلن جي ڦر لٽ ملي ۱۹۴۷ع  ۾ پاڪستان وجود ۾ اڃا مس آيو ته هن پهريون وار ۱۹۴۸ع  ۾ سنڌ مٿان ڪيو ۽سنڌ کان ڪراچي کي کسڻ جون سازشون ڪيون ته سائين جي ايم سيد ان  فيصلي کي ٺڪرائي کلي طرح بغاوت جو اعلان ڪيو ته جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هي پاڪستان جي اسلامي رياست آڏو جي ايم سيد جي پهرين گرفتاري هئي جنهن تحت جي ايم سيد کي ٽي مهينا قيد ڪري پنهجي ڪرتوتن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ گوڏا کوڙائڻ تي مجبور ڪيو پر سيد پوئتي موٽڻ بجان اڳتي وڌندو رهيو.
جڏهن ۱۹۵۳ع ۾ جي ايم سيد سنڌ اسيمبلي جو ميمبر بنيو ته سنڌ ۽سنڌي قوم لاءِ هن پاڪستان جي وچ رياست ۾ بيهي تاريخي ڪم ڪرايا جنهن ۾ سنڌي جدا قوم هجڻ جو ٺهراءُ، سنڌي زبان کي قومي زبان ۽ پاڪستان جي قومي زبان بنائڻ لاءِ بل منظور ڪرايو ڪراچي کي سنڌ سان ملائڻ جو ٺهراءُ آندو، ڪوٽڙي کان انڊس هاءِ وي رستو منظور ڪرايو، ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جو بنياد وجهرايو هن جي وزير هجڻ دوران جيڪي سنڌ جي ايندڙ نسلن جي مستقبل جو جيڪو ضمانتي بنياد وڌو اهو وڏو ڪارنامو سنڌ يونيورسٽي آهي ان سان گڏ ڪراچي اندر ريڊيو اسٽيشن کولرائڻ جون ورتل ڪوششون ۽ ادبي بورڊ کي پنهنجي خرچ تي هلائڻ واريون ڪوششون نه وسارڻ جهڙيون ته آهن، سيد اسيمبلي کان ٻاهر هجي يا اندر پر جيڪي جدوجهدو ڪئي، جيل ڀوڳيا اهي هن کي سنڌ جي حقن تي سوديبازيون نه ڪرڻ تان نصيب ٿيا پاڪستان جي سرڪار جڏهن ون يونٽ جي قيام لاءِ ڪوششون ڪيون ته سيد ان کان بيزاري جو اعلان ڪيو، موٽ ۾ هن کي ۱۹۵۴ع  ۾ گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ويو.
جڏهن ملڪ اندر ايوبي مارشل لا لاڳو ٿي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پٽڪن سان هٿ چراند ڪئي وئي ته تڏهن به جي ايم سيد کي مخالفت جي ڏوهه ۾ ۱۹۵۸ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۵۸  جي گرفتاري کانپوءِ لڳاتار جي ايم سيد کي پاڪستان جي سرڪار ۱۹۶۶ع تائين جيلن ۽گهرن ۾ نظربند رکيو ۶۶ ۾ جڏهن سائين صوفياءِ سنڌ ٺاهي جنهن کي صوفي بزرگن جي درگاهن  مريدن  ميلن تي ڀرپورموٽ ملڻ لڳي هن پرگرام کان  پاڪستان جي سرڪار خوفزدهه ٿيڻ لڳي ۽ ۱۹۶۷ع ۾ جي ايم سيد کي گرفتار ڪري ۱۹۶۹ تي آزاد ڪيو ملڪ اندر  ٿيل ۷۰ جي اليڪشن ۾  سائين جي ايم سيد  حصو ورتو   ته سائين جي ايم سيد  پنهنجي  تڪ تي ۶۰۰ ووٽ کنيا ۽ ملڪ سڪندر ۵۶۰۰ سو ووٽ کي کڻي سرڪار جي حمايت سان ڪامياب ٿيو پر اها ڪاميابي سرڪاري مشينري جي ڪاميابي هئي جنهن دوران سائين ڏٺو ته هاڻ پاڪستان اندر رهڻ  هر پل سنڌ لاءِ عذاب آڻڻ برابر آهي ، ۷۰ جي اليڪشن رڳو جي ايم سيد کي سسٽم کان باغي نه ڪيو هو پر ساڳيو حشر بنگال سان پڻ ڪيو ويو ۽ اتي اليڪشن جا نتيجا نه قبولڻ  جي صورت ۷۱ ۾ پاڪستان ٽٽو بنگال الڳ ٿيو ان دور جي حالتن کي ڏسي پاڪستان جي رياست جتي بنگالي اڳواڻن کي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ته اتي سنڌ اندر سائين جي ايم سيد کي ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع ۾نظربند ڪيو ويو ۽ بنگال جي آزادي کانپوءِ هن کي آزاد ڪيو ويو ته ٻيهر جڏهن سنڌي زبان خلاف پاڪستان جي رياست سازشون سٽيون ۽ جي ايم سيد انهن کي رد ڪيو ته هن کي ٻيهر ۱۹۷۲ع  ۾ گرفتار ڪري نظربند رکيو هن آزادي کانپوءِ سائين جي ايم سيد  ۷۲ ۾ ئي جئي سنڌ محاذ جو قيام آندو، جنهن کان پوءِ سنڌ جي ڦر لٽ  کي سرڪاري شڪل ملي جنهن کي سائين رد ڪرڻ ۽ سسٽم سان بغاوت جي ڏوهه ۾ سائين ۷۳ کان ضيائي مارشلائن، ايم آرڊي ڀٽي جي ڦاهي وارين حالتن ۾ ۲۵ اپريل تائين لڳاتار جيلن نظربندين ۾ رهيو، سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ تي پاڻ کي تاريخ ۾ سرخرو ڪري تاريخ جي ورقن ۾ سُمهي پيو.


جي ايم سيد
وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري
ادَلُ سولنگي
“وَيا اُڏامي ڪَک، پِڙ تان پاهُڻ نه چُري”
ماڻهوءَ منَجهه مُهان، سپنو هن سنسار جو،
جنهن کي ڳوليندو رهيو، آزل کان اِمڪانُ،
آخرِ ٿي اِنسانُ، رانول روپُ پرائيو.
اڄ سائين جي ايم سيد جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي، سائين جي ايم سيد جنهن پنهنجي سموري ڄمار سنڌ جي روشن آئيندي، اَمن، آجپي، سک، سڪار، مان مريادا ۽ ننگ مايوس لاءِ وطن جي ويري قوتن سان ويڙهاند ڪندي گذاري، جنهن جي دوستي ۽ دشمنيءَ جو محور سنڌ هئي، جنهن حياتيءَ جي آخري گهڙين ۾ به پنهنجي وطن ۽ ويڙهيچن سان پنهنجي روح جو رشتو قائم رکندي کين پنهنجي ماتر ڀومي، سنڌ جي هنن لفظن ۾ پارت ڪندي موڪلايو ته:. سنڌيو! سنڌ جي پارت اَٿو
۽ چيائين ته: هاڻي ڪير  مٿو ، پڙ کان پٺيرو ڪري.
اجهو سج لٿو، وڙهندي وڙهندي ويڙهه ۾ (اياز)
سِرن مٿان سوڀ جون، پڳون جي پايو،
متان وڙهندي ويڙهه ۾، پُٺ تي واجهايو!
لايو سجايو، نيٺ ته ٿينديون لوءِ جو.(اياز)
اَچو ڪُر ملهائيو، راوت رڱيو روههُ!
جيسين ڏاڍا ڏيهه ۾، ڏيهه سمورو ڏوهه،
للڪاري ٿو لوههُ، اڀرُو اڄ انياوَ تي (اياز)
سدا اُڀريا سنڌ ۾، آنڌيءَ جيئن انسان،
وڙهندي مڙس مُهان، مٽيءَ مَنجهه سمائيا(اياز)
سدا اُڀريا سنڌ ۾، ڪوپا ڪَنچل لوڏ،
هوڙهيايون ۽ هوڏ، ڏسي پنهنجي ڏيهه سان، (اياز)
سدا آيا سنڌ ۾، نادر شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا  ٻي واههَ،
متان سوچو ساههَ، متان موٽو ماڳ تان ( اياز)
سائين جي ايم سيد، سنڌ جي صدين جي تاريخ جو پڙاڏو  هيو، جنهن سنڌ جي قديم تاريخي روايتن کي نئون روپ ڏئي قومي شعور ۽ حب الوطنيءَ کي جديد قومپرستيءَ جو نالو ڏنو،  جنهن شهيد مخدوم بلاول جي وطن لاءِ ڪيل ويڙهاند ۽ شاهه لطيف جي فڪر ۽ شاعراڻي ڏات جون ٻريل مشعلون کڻي، غلاميءَ جي گهگهه انڌيرن سان مزاحمت ڪئي ۽ ڌرتيءَ جي وارث، اصلوڪن، لوڪن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي رکوالي ڪرڻ لاءِ اتساهيو ۽ کين ويساهه ڏياريو ته سنڌي هڪ قوم آهي،
پنهنجي زماني جو هي “منصور” وڏي واڪي “انا الحق” جو نعرو هڻندي غلاميءَ جي ڪهري ڪوٽن ۾ ڏار وجهندو رهيو. آجپي جو نئون نڪورو سج اُڀارڻ لاءِ “سوراج” جو سنيهو ڏيندو رهيو. حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌ جي هن عظيم قومي اڳواڻ کي مذهبي ڌٻڻ مان ڪڍي پنهنجي اصليت ڏانهن موٽائيندي کيس سنڌ جي عظمتن جو درس ڏنو۽ سائين جي ايم سيد “جيئن ڏٺو آهه مون” ڪتاب لکي مذهبي ڌٻڻ کي اورانگهي روشن خيال، سيڪيولر ۽ سوشلسٽ سنڌ اڏڻ لاءِ وک اڳتي کنئي. “نئين سنڌ” اڏڻ جي رٿا بندي ۽ جدوجهد ڪندي. سنڌ وطن جو ٻولي، ادب، تاريخ، روايتن، ڪلچر، جاگرافي، حدن جي سنڀال ڪئي. تصوف جي رنگ ۾ رڱيل هي صوفي لاڪوفي اڌو گابرو ساميوادي، ماتر ڀوميءَ جي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ لڳاتار ويڙهاند ڪندو رهيو.
سڪندراعظم: سنڌ تي ڪاههَ کان پوءِ سنڌ جا به فلسفي، پاڻ سان وٺي ويو ۽ رستي تي انهن کان پڇائين” سنڌ جو فلسفو ڇا آهي؟” انهن مان هڪ چيو ته “ هڪ ماڪوڙو جڏهن پنهنجي ٻر ۾ آهي، تڏهن هن جي سمجهه ارسطوءَ جيتري آهي” ۽ ٻئي چيو ته “ جڏهن ماڪوڙو پنهنجي دڳ تي آهي، تڏهن هو سڪندر کان و ڌيڪ عظيم فاتح آهي”
سائين جي ايم سيد پنهنجي علمي، ادبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري مٿڀرائپ جي حواليءَ سان ڌرتيءَ جو اهڙو رکوال رهيو آهي، جنهن تاريخ جي ڪيترن ئي ڪاهون ڪندڙ ڦورن ۽ لٽيرن سان پنهنجي نظرياتي ۽ فڪري سگهه وسيلي ويڙهاند ڪئي ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو. “سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي”  “ون يونٽ “ جي ڪهري ڪوٽ جا برُج ڀڃي ڀورا ڪرڻ، سنڌ جي ڇڙو ڇڙ سياست کي قومي تحريڪ جو روپ ڏئي، کين منظم ڪرڻ  جي جاکوڙ ڪئي، سائين جي ايم سيد جنهن وطن جي تصور کي پنهنجي لکڻين ذريعي چٽو ۽ نروار ڪيو، سرزمين سنڌ جي عظمتن جي معراب ۾ پنهنجو سيُس نوائيندي فخر ڪيو ۽ اياز جي سٽن کي ورجائيندي چيو ته :.
سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيسُ نوايان
مٽي ماٿي لايان،
تنهنجي مٽيءَ منجهه ملان جي آءُ امرتا پايان
مٽي ماٿي لايان.
سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ وطن جي وارثي ڪندي پنهنجي وڏڙن جي ورثي کي پنهنجي ميراث سمجهي حب الوطنيءَ جي اعليٰ روايتن  جي پاسداري ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو. وقت جي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان مهاڏو اٽڪائي کين هر موڙ تي للڪاريو ۽ ساڻس سخت مزاحمت ڪئي. جيلن ۽ نظربندين جي پابندي هيٺ رهندي به پنهنجي محبوب وطن جي لاءِ ويرين سان ويڙهاند ڪندي، اڳ کان به اڳرو رهيو، جنهن تاريخ جا پيرا کڻي پنهنجو پاڻ  ملهايو.
جهرمر جهر مِر ڏيئڙا، آهي سارو پَنڌ،
ڪنهن جو ڪنهن جو ڪنَڌُ، جَرڪي ٿو ان جوت ۾.
آزاديءَ  جي راهه ۾، ڪجُهه به نه اجايو،
لالڻ! ٿئي ٿو، دير سا لايو سجايو،
سو به ته ڪم آيو، ڪَنڌ ڪريو جو پنڌ ۾.
سائين جي ايم سيد جنهن سنڌ جي آجپي کي سڀني قدرتي نعمتن کان اعليٰ  ۽ اُتم ڄاتو، جنهن جي لاءِ پنهنجي، املهه حياتي جا پُل پهر قربان ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي “ ڌاڃ ڌڻين” جي پاسداري ڪئي، جنهن پنهنجي علمي، ادبي، ميراث سنڌ جي جهوليءَ ۾ رکي جنهن سنڌ جي راڻن تي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ جي طلسمي ورن وڪڙن کان آگاهي ڏني ۽ سندن رهنمائي ڪئي ۽ سنڌ جي راڻن، ڪاڪ محل کي ڏورڻ ۽ ووڙڻ لاءِ اياز جون هي سٽون اُچاريو.
مومل! ٻيهر ٻار سارا ڏيئا ڪاڪ جا،
کِيههَ کٽُن ٿا ڪا مڻي، لاهي هنڌ اُجار،
هئي! هان نه هار، نيٺ ته، ايندو مينڌرو.
راڻو ڪاڪ سواءِ، رهي رهندو ڪيترو؟
مومل!هو تو لاءِ، اِجهو پيو پنڌ ۾.
آجپي جي منزل ماڻڻ وارو سفر صدين کان جاري آهي، جنهن جي تسلسل ۾ ٽانڊن تي به ٽهڪ  ٻُرن ٿا ۽ مقتلن مان به مُرڪون ملن ٿيون. صدين جو هيءُ سڏ پڙاڏو بڻجي سنڌ جي واهڻن وسندين ۾ ڳاڙهن جهنڊن جو روپ وٺي  جهومي ۽ جهولي رهيو آهي.
سنڌ جي رهبر سيد اعظم، جنهن سنڌ جي نئين نسل کي پنهنجي وطن جي شُناس ڪرائي ۽ قومي ويڙهاند سان سلهاڙيو ۽ پنهنجي سموري زندگي وطن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. سنڌوءَ جي ساڄي ڪنڌي تي سن شهر ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ تي جنم وٺي سنڌ وطن کان ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جسماني وڇوڙو ڪيو،
جنهن لاءِ شيخ اياز جون سٽون سرجيل آهن ته:
هو جو پوڙهو جهورُ، وڙهندي ٿيو ويڙهه ۾،
اڃان ڏمري ڏاڍ تي، آڻ نه مڃي مُور،
سوچي ڏسي، ڏور، ايندڙ آرڻ، ڏينهڙا.
لَڪن مٿان سچ ۾، ڪنهن جي ڪنهن جي سار!
ڪيئي ساٿي سپر جا، ڪُلهي ڪو ڏيا يار!
وڙهندي جن جا ويڙهه ۾ اَڇا ٿيا وارَ،
اڙي موت، ميار، جيڏا روز جدا ڪرين.
جيئن هو جهونو کير ٿر، هيءُ به ايئن اَسٿرُ،
پَڪي پيڙهه  پهاڙ کي ، ڌرتي ۾ آڌرُ،
آهي ڄڻ ته آمرُ، بيٺو جهولي جهڪَ ۾.
شيخ اياز لکيو آهي ته:
مان چاهيان ٿو ته جي ايم سيد تي هڪ نظم لکان،
هي وحدت الوجودي ، هي صوفي لا ڪوفي، هي اڌو گابرو ساميوادي ، هي ماکيءَ کان مٺڙو ۽وههَ کان ڪڙو ماڻهو  مون کي ڪنهن جهوني بڙ وانگر لڳندو آهي.
جڏهن سج ٽامڻي هڻي ويندو آهي، تڏهن هن جا ڇانو وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي، مون اُن ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنک پساريندي ڏٺا آهن، پر مان اُن وقت جي انتظار ۾ آهيان، جڏهن عُقاب انهيءَ بڙ مٿان ڦيرا ڏيئي تتل سج کي تيز نظرن سان گهوريندي ڏسندا.
نهروءَ گانڌي لاءِ چيو هو” منهنجو پوڙهي سان پيار ته ڏاڍو هو پر مان هن کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهيو هوس!
ويا اڏامي ڪَک، پڙ تان پاهڻ نه چُري،
(خليفو نبي بخش)
ڀليو سڀ ڀنڀور، پٺيءَ هوت ته هليو. (ڀٽائي)
اياز لکيو آهي ته:
هي سنڌ سدائين رهندي، اُن تي سج اڀرندو ۽ لهندو رهندو.  رڳو مان جيئن اُن کي ڏٺو آهي، مون سان مري وڃڻو آهي، مان اُن مشاهدي کي پنهنجي “آءُ” مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ اُن کي لکيل لفظ ۾ امر ڪري پنهنجي جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان، مون اُن ۾اُتر جون اوتون به ڏٺيون آهن، پن جهڙ ۾ ڦيراٽيون پائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ سيءُ جا سياٽا به سٺا آهن، منهنجي اکين اڳيان ڪرڙ ڪڪوريا ۽  ڪنڊا مُوريا آهن ۽ ٽوهه وليون ٽهڪيون آهن، مون ڏٺو آهي ته جڏهن وڄون ورن ٿيون ته ڪيئن “ڌمامين ڌڌڪار” ٿئي ٿو. ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ انهن جا ڪونڌر به ڏٺا آهن، جن جي ڪُلهن تي ڪهاڙيون هونديون هيون ۽ جي تيستائين مٿي تي پڳ نه ٻڌندا هئا، جيستائين پلئه نه ڪندا آهن، مون ڏٺيون آهن، اهي موڪريون ڇاتيون، ڀنڀيون ڏاڙهيون ۽ شهپر ۽ مڇون جي صدين کان رت جي ريت نڀائينديون ٿيون اچن ۽ مون ڏٺيون آهن، گهرُج جي گهاڻي ۾ پيڙهيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل ۽ نپوڙيل نستيون جندڙيون ۽ اُنهن جا سارا  پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ مان چڪي رهيو آهي، مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽٻيون هنيون آهن ۽ اُن جي مستقبل ڏانهن اڏاڻو آهيان ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار  وانگر مون اُڻيا آهن، سپنا، سنڌوءَ تي اُڀرندڙ سج جا سونهرا سپنا، اياز جي انهن سپنن کي ساڀيائون ڏيڻ لاءِ . جدوجهد ڪندڙ سائين جي ايم سيد، جنهن تي نئين سج اُڀار جي اميد ڪئي ۽ نئين روشني جي ڦهلاءَ جي لاءِ پنهنجي فڪري جدوجهد ڪندي سنڌ کي نئين سپُني جي ساڀيان لاءِ گڏجي جدوجهد  جي ڪوٺ ڏني، اهو سائين جي ايم سيد، جنهن لاءِ شيخ اياز لکيو آهي ته:.
جي ايم سيد سنڌ سان ايئن پيار ڪندو آهي، جيئن ڪوئي ٻار ڪنهن جيئري ڪوسيءَ ڪک سان ڪندو آهي، هن لاءِ سنڌ فقط ڪاڇو ۽ ڪوهستان، کير ٿر ۽ ڪارونجهر نه آهي. پر اهي ڏاڏا پڙ ڏاڏا به آهن، جي ڪڏهن  به مئا نه هئا ۽ جي هر عيد نماز تي هن سان ڪٺا هوندا آهن!!.
اياز چواڻي ته:
جنهن ڏينهن انسان آزاديءَ جي اُميد پلي ڇڏي، اُن ڏينهن قيامت ايندي ڇو ته زندگيءَ جي وجود لاءِ ڪو به ڪارڻ نه رهندو”  انسان ذات پنهنجي هرا وانداهي دور ۾ اهڙي ويساهه کان سواءِ ته نه رهي آهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو تڳي نه سگهي ۽ جنهن لاءِ ماڻهو مري نه سگهي.
سسيءَ لٿي سوڀ، جي هوندا پايان پانڌ ۾،
هيءُ جڳ سوڌو لوڀَ، سوپڻ گهوريو گهوريان
(خليفو نبي بخش)
لهوءِ ۾ لت پت، ڌرتي منهنجي ديس جي،
پرکي پئي پت، جهونجهارن جي جنگ ۾ (اياز)


جي ايم سيد جي مخالفت خدا ڪارڻ؟!
عبدالخالق جوڻيجو
دنيا جا سمورا غيرمعمولي ماڻهو تڪراري هوندا آهن پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا سائنسدان هجن. جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غيرمعمولي شخص هئو، تنهن ڪري ان جو تڪراري هجڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي. جن ماڻهن کي سندس نظريي، فڪر، عمل، ڪردار ۽/يا حڪمت عملين سان اختلاف هوندو اهي مٿس تنقيد به ڪندا، اختلاف به ڪندا، اعتراض به ڪندا ۽ ڪندا به رهن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان تي ڪو اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته سڀني غيرمعمولي ماڻهن سان ايئن ٿيندو آهي. پر جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد جي معاملي ۾ ڳالهه ڪجهه ٻي ۽ صورتحال مختلف آهي، هتي ڪجهه ماڻهن جي ڳالهين مان ۽ انهن جي عمل ۽ ڪردار مان ايئن محسوس ٿيندو آهي ته جهڙوڪ انهن کي جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني آهي، هڪ ٻئي جا سخت مخالف چيا ويندڙ ۽ سمجهيا ويندڙ جي ايم سيد دشمنيءَ ۾ هڪ ٻئي سان متفق نظر ايندا آهن. جي ايم سيد جون غلطيون ڳولهڻ لاءِ دوربينيون ۽ انهن ۾ وڌاءُ ڪرڻ لاءِ خوردبينيون کنيو پيا هلندا پر ٻيا ماڻهو ساڳئي قسم جون غلطيون ڏهوڻيون ڪندا ته يا ته انهن جو ذڪر ئي نه ڪندا يا وري ماڳهين انهن جو بچاءُ ڪندا ۽ انهن جي حق ۾ مختلف جواز گهڙيندا ۽ مجبورين جا داستان پيش ڪندا. مان هميشه چوندو آهيان ته جي ايم سيد تي ضرور تنقيد ڪريو پر انهن ڪمن ۽ عملن جي بنياد تي جيڪي هن ڪيا آهن، اهي نه جيڪي توهان جي دماغ ۾ آهن، ۽ پوءِ انهن ساڳين بنيادن ۽ معيارن تي پنهنجي پسنديده ليڊرن جو ۽ خود پنهنجو به تنقيدي جائزو وٺو.
رجعت پسند هجن يا ترقي پسند، مذهبي بنياد پرست هجن يا سيڪيولر، جمهوريت جا شيدائي هجن يا آمريت جا ساٿاري، انهن جي اڪثريت جا جي ايم سيد بابت خيال هڪ جهڙا هوندا آهن ۽ اهي لڳ ڀڳ اهي هوندا آهن جيڪي حڪمرانن جا هوندا آهن ۽ جيڪي اسٽيبلشمينٽ ڦهلائيندي رهندي آهي. ايتري تائين جو ڪي ڪميونسٽ ۽ “ٺڦ انقلابي” به ان معاملي ۾ حڪمرانن جي قطار ۾ بيٺل نظر ايندا، انهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ جهڙوڪ سياستدان، اديب، ليکڪ، صحافي، پروفيسر، ڪامورا، انساني حقن جا جاکوڙي ۽ سماجي ورڪر وغيره، ٻيو ته ٺهيو جيڪو ڪجهه به ناهي هوندو سو ڪجهه ٿيڻ لاءِ جي ايم سيد تي تنقيد ڪندو آهي.
انهن سڀني جا ساڳيا الزام ۽ اعتراض هوندا آهن، جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، جمهوريت جو مخالف هئو، اسٽيبلشمينٽ جو حامي هئو، ڏسجي ته انهن الزامن جي حقيقت ڇاهي.
اهو صحيح آهي ته زندگيءَ جي هڪ مرحلي تي جي ايم سيد مذهبي سياست ڪئي، پر پوءِ جلدي ئي هن نه رڳو ان سياست کي رد ڪيو پر ان کي پنهنجي زندگيءَ جي عظيم غلطي تسليم ڪيو ۽ پنهنجي ان مختصر ڪردار لاءِ ڊگهي عرصي تائين تاريخ کان معافيءَ جو طلبگار رهيو، نه رڳو ايترو پر پنهنجي سڄي ڊگهي زندگي سيڪيولرزم لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، سياست جو ميدان هجي يا فڪري ۽ نظرياتي جنگ جو محاذ، سيڪيولرزم لاءِ هن خطي ۾ جي ايم سيد جي جدوجهد ۽ قربانين جو ڪو مٽ ناهي. هاڻي اهو هڪ عالمگير اصول آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هڪڙو موقف/ڪردار ڇڏي ٻيو اختيار ٿو ڪري ته سندس سڃاڻپ پوئين حوالي سان ٿيندي. مثال طور محمد علي جناح زندگيءَ جي پهرئين حصي ۾ پڪو ڪانگريسي ۽ گانڌيءَ کان وڌيڪ سيڪيولر هئو پر دنيا کيس پوئين ڪردار جي حوالي سان مسلم قوميت جي وڪالت ڪندڙ مسلم ليگيءَ طور ياد ڪري ٿي. ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان پهرين مسلم ليگ ۽ مسلم قوميت جو پرجوش حامي هئو پر سندس سڃاڻپ هڪ سيڪيولر سياستدان ۽ بنگالي قومپرست طور ٿئي ٿي.
جي ايم سيد تي تنقيد ڪندڙن ۾ پيپلز پارٽيءَ وارا سڀني کان اڳرا هوندا آهن، اهي اهو وساري ويهندا آهن ته اهو سندن ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو هئو جنهن آئيني طور رياست کي مذهبي بڻايو ۽ دنيا ۾ انوکو مثال قائم ڪندي رياست کي اهو اختيار ڏنو ته اها ماڻهن جي مذهب جو تعين ڪري جڏهن ته جديد دنيا جا سمورا اصول ۽ قانون اهو ٿا چون ته مذهب انسان جو ذاتي معاملو آهي ۽ رياست جو ڪو به مذهب ناهي ٿيندو. سندس پوئلڳ صوفي يونيورسٽي ته قائم ڪن ٿا پر کين خبر ناهي ته صوفين جو رهنما اصول اهو آهي ته “اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني”. مزي جي ڳالهه ته جي ايم سيد تي مذهبي سياست جي حوالي سان تنقيد ڪندڙ “ترقي پسند” صحافي ۽ ليکڪ ذوالفقار علي ڀٽي جي ان ڪارنامي جو ذڪر ئي ناهن ڪندا جنهن جي نتيجي ۾ هن ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي وڌي ۽ ان جي ڪري ٿيندڙ دهشتگرديءَ ايتري تباهي ڪئي آهي.
ويجهڙائيءَ ۾سنڌ جو هڪ اهم سياسي ڪردار ڄام ساقي گذاري ويو، ان پنهنجي زندگيءَ جو جيترو حصو (اٽڪل ۲۵ سال) ڪميونسٽ نظريي تحت هارين مزدورن جي مفادن لاءِ سيڪيولر سياست ڪئي، اوترو ئي عرصو ان جي ابتڙ وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن ميرن تي مشتمل ۽ ملڪ کي مذهبي بڻائيندڙ جماعت پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيائين. ڪميونسٽ نظريي کي رد ڪندي پيرن جي درگاهن تي چلا ڪڍيائين ۽ ملڪ جي سڀ کان اهم مذهبي نظرياتي پارٽي جماعت اسلاميءَ جي مرڪز ادارا نورالحق ۾ وڃي سوشلزم تي تنقيد ڪيائين، هڪڙو ٻيو همراهه جنهن جي ايم سيد جي پارٽي ۽ جدوجهد کان “ترقي پسندي” جي بنياد تي علحدگي اختيار ڪئي، اهو پنهنجي هر سياسي عمل جي شروعات مذهبي رسمن سان ڪندو آهي، جڏهن عراقي ڊڪٽيٽر صدام حسين آمريڪي حملي وقت عوام جي مذهبي جذبن کي اڀارڻ خاطر ملڪي جهنڊي تي ڪلمو لکرايو ته هن همراهه سنڌ ۾ چاڪنگ ڪرائي پاڻ کي صدام وانگر مسلمانن جو ليڊر لکرايو. جي ايم سيد تي سندس هڪڙو اعتراض اهو به هئو ته اهو وڏيرو آهي ۽ وڏيرڪي سياست ٿو ڪري پر پوءِ پاڻ هي همراهه سالن جا سال ڏکڻ ايشيا جي سڀ کان وڏي جاگيردارن جي جماعت (پيپلز پارٽي) سان گڏ سياست ڪندو رهيو. ان ۾ کيس ڪا به خرابي نظر نه آئي ۽ نه ئي سيد تي تنقيد ڪندڙ لکارين ڪڏهن ان جو ذڪر ڪيو.
جي ايم سيد سان “خدا ڪارڻ” دشمني رکندڙن کي هڪڙي تڪليف اها به هوندي آهي ته جنرل ضياءَ، سيد سان ملاقات ڪئي، انهن ۾ شامل هڪڙي خاتون پروفيسر به آهي، ان کي به سيد سان “ترقي پسندي” تي اختلاف رهيو آهي ۽ پاڻ کي وڏي پروگريسو چورائيندي آهي، جيتوڻيڪ ڪافي وقت ان نسل پرستيءَ جي سياست ڪئي، جنهن جي اڃا تائين معافي به نه ورتي اٿائين. اها رکي رکي جنرل، ضياءَ جي سيد سان ملاقات جي تصوير سوشل ميڊيا تي هلائيندي آهي. ان کي ضياءَ جي سيد سان ملاقات تي ته اعتراض آهي پر شيخ اياز جي جنرل ضياءَ جي نوڪري ڪرڻ ۾ کيس ڪا خرابي نظر نه ٿي اچي. دنيا ڄاڻي ٿي ته شيخ اياز کي مان مرتبو قومي تحريڪ ۾ قومي شاعريءَ جي ڪري مليو، موقعو ملڻ تي قومي تحريڪ کي تياڳي سنڌ جي قومي وجود جي انڪاري ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ وائيس چانسلر ٿيو، جڏهن ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽي کي پهرين اقتدار تان لاٿو ۽ پوءِ ڦاهيءَ تي چاڙهيو تڏهن به شيخ اياز ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو، جيتوڻيڪ اها سڄي دنيا جي مڃيل روايت آهي ته جڏهن ڪا حڪومتي ٺيڪي(Contract) تي ڪي سفير يا ادارن جا سربراهه مقرر ڪندي آهي ته ان حڪومت جي وڃڻ سان اهي ماڻهو اعليٰ اخلاقيات جو مظاهرو ڪندي استعيفيٰ ڏيندا آهن. اياز نه رڳو ايئن ڪو نه ڪيو پر ڪرسي بچائڻ لاءِ ڀٽي واري لبرل سوچ کي به مٽيءَ ۾ دفن ڪندي جنرل ضياءَ واري مذهبي رنگ ۾ رڱجي ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي سرپرستيءَ ۾ “نظريه پاڪستان، ۽ “اسلامي نظام” جي تبليغ جا پروگرام ٿيڻ لڳا. قومي تحريڪ سان واڳيل هجڻ ڪري درجنين شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو ته انهن جو ڪيس منهنجي استاد نورالدين سرڪيءَ کنيو. ان ۾ شيخ اياز طرفان لکت ۾ جواب پيش ٿيو ته “اهي شاگرد يونيورسٽيءَ ۾ راجا ڏاهر جي ورسي پيا ملهائين ان ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيا ويا. اهي به خبرون ڪافي گرم رهيون ته شيخ اياز نوڪريءَ جي مدي ۾ واڌ جي درخواست جنرل ضياءَ ڏانهن موڪلي پر ان اها رد ڪري ڇڏي.
اها خاتون اٺن اٺن ڏينهن جا اياز ميلا ڪرائيندي آهي جتي ڪيترا ئي “ناميارا” ليکڪ/ ليکڪائون اياز جي شان ۾ قصيدا پڙهندا آهن پر ڪير به مٿين ڳالهين مان ڪنهن هڪ جو به ذڪر ناهي ڪندو/ ڪندي. نه ئي اياز جي زندگيءَ جي پوئين ۲۲ سالن جو ذڪر ڪيو ويندو آهي. بس هر ڪنهن اها ئي وائي وات هوندي آ ته اياز عظيم هئو. اياز قديم هئو. باقي اها ڳالهه سڀ ڪندا آهن ته “جي ايم سيد جنرل ضياءَ سان ملاقات ڪئي، قهر ٿي ويو” (جيتوڻيڪ ائين چوڻ به درست ناهي، ڇاڪاڻ ته ملاقات جنرل ضياءَ جي ايم سيد سان ڪئي هئي).
هڪڙو وڌيڪ “گناهه” جي ايم سيد جي کاتي ۾ اهو هوندو آهي ته هن جنرل ضياءَ کي شريف النفس چيو. مان ان لفظ جي پس منظر ۽ اڳ پوءِ ۾ في الحال ڪو نه ٿو وڃان، رڳو ايترو سوال مٿي ذڪر ڪيل ۽ ٻين “ڏاهن” جي آڏو رکان ٿو ته جنرل ايوب خان کي “ڊيڊي” سنڌ جو ڪهڙو سياستدان چوندو هئو. مان في الحال ان جو به نالو ڪو نه ٿو لکان. باقي اهو ياد ڏياريان ٿو ته ڀٽ شاهه جي ميلي تي جنرل ايوب خان جي وزير ذوالفقار علي ڀٽي چيو هئو ته “جيڪڏهن شاهه لطيف زندهه هجي ها ته ايوب خان جي شان ۾ شعر ضرور چوي ها”!!.
جنرل ضياءَ جي حوالي سان ڪميونسٽ دوستن کي به سيد تي ڪاوڙ هوندي آهي، اهي به ضيا-سيد ملاقات کي وڏو هاڃو سمجهندا آهن، مان انهن کي چوندو آهيان ته هڪ ته ملاقات سيد نه پر ضياءَ جي خواهش تي ٿي، جنهن ۾ ضياءَ جي حيثيت حڪمران واري هئي، جڏهن ته سيد ان جو قيدي هئو. ٻيو ۽ وڌيڪ اهو نقطو آهي ته ڇا جنرل ضياءَ سان ملاقات کان پوءِ سيد، ضياءَ جي ڪن پاليسين پروگرام جي حمايت ڪئي؟. يا سيد پنهنجي پروگرام ۾ ڪا تبديلي ڪئي؟ (اها ته محترمه بينظير ڀٽو هئي جنهن اقتدار ۾ اچي ڊڪٽيٽر ضياءَ جي پاليسين تي عمل ڪيو). انهن سوالن جا جواب نه ملڻ تي چوندا آهن ته “پر اهڙي بدنام ۽ عوام دشمن ڊڪٽيٽر کي شريف النفس چوڻ ته غلط هئو” هاڻي اها ته هڪ عالمي طور مڃيل تاريخي حقيقت آهي ته ضياءُالحق، پنوشي، مارڪوس ۽ صدام حسين وغيره جهڙن ظالم، جابر ۽ فاشسٽ ڊڪٽيٽرن جو استاد هٽلر هئو. جنهن وقت اهو هڪ ٻئي پٺيان ملڪن تي قبضا ڪري رهيو هئو، قومن کي غلام بڻائي رهيو هئو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ توڙي ٻين مفتوحه ملڪن ۾ ماڻهن کي گاهه جيان ڪتر ڪري رهيو هئو ۽ مکين مڇرن وانگر تباهه ڪري رهيو هئو ان وقت عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ جوزف اسٽالن نه رڳو ساڻس ملاقات ڪرڻ برلن ويو پر ان سان جنگ نه ڪرڻ جو معاهدو به ڪري آيو. ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اها سندس “عظيم” حڪمت عملي هئي.
ڪيترن معاملن مان مٿي ذڪر ڪيل صرف چند مثال آهن جيڪي ڏيکارين ٿا ته زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ مختلف مڪتبئه فڪر وارا (ڪن حالتن ۾ ته مخالف) ماڻهو جي ايم سيد جي مخالفت تي متفق آهن، خاص ڪري انهن الزامن تي ته “جي ايم سيد” ڪنهن وقت مذهبي سياست ڪئي ۽ جي ايم سيد “ڊڪٽيٽرن جو حامي هو”.
مٿيان مثال واضح نموني ثابت ڪن ٿا ته ڪي الزام ته مڪمل طور غلط ۽ ڪوڙا آهن جڏهن ته ٻين ۾ جيڪڏهن جي ايم سيد مختصر مدت لاءِ ثانوي ڪردار ادا ڪيو ته ٻين همراهن انهن ۾ زندگي جو وڏو حصو مکيه رول ادا ڪيو. وڌيڪ اهو ته جي ايم سيد پنهنجي غلطي نه رڳو تسليم ڪئي پر باقي سڄي عمر ان جي ازالي جي جدوجهد ۾ گذاري، جنهن دوران هن اهڙا ڪم ۽ عمل ڪيا جن جو فائدو سڄي سنڌ وانگر اهي تنقيد ڪندڙ به حاصل ڪري رهيا آهن. ان جي ابتڙ ٻيا ليڊر ۽ شاعر/دانشور پنهنجي متضاد موقفن ۽ ڪردار بابت ڪڏهن شرمندا نه ٿيا، پوءِ به اڄوڪا همراهه انهن جي تعريف ۽ سيد تي تنقيد ٿا ڪن.
هاڻي سوال آ ته ايئن ڇو آهي؟ هڪڙو ته سولي سنڌيءَ ۾ جواب آهي ته خدا ڪارڻ دشمني ٻيو ڪن دوستن کي شايد حقيقت جي پوري ڄاڻ نه هجي يا رياستي پروپيگنڊا کان متاثر ٿيندا هجن. اهو به آهي ته جيئن سيد سدائين حڪمرانن سان جهيڙي ۾ رهيو آهي تنهن ڪري ان جي پاسي بيهڻ خطري کي دعوت ڏيڻ آهي، جڏهن ته ان تي تنقيد ڪرڻ سان طاقتور ڌرين جو به آشيرواد ملندو ۽ “انقلابي” سڏائن وارو فيشن به پورو ٿيندو. بهرحال جيڪي به هجي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ، سنڌي قوم ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ کي بڻياد بنائي سڀ ڪنهن جو احتساب ڪجي ۽ هر ڪنهن سان ليکو چوکو ڪجي، ڪير به طئي ٿيل “معتبر ۽ مقدس” ناهي. جڏهن ماڻهن جي گڏيل مسئلن ۽ سماج جي مستقبل بابت معاملا هجن ته لکندڙن ۽ ڳالهائيندڙن کي ذميوار ٿيڻو پوندو. ايئن نه ٿيندو ته “ٻين” جي معاملي ۾ وڏو “اصول پرست” ۽ تنقيد نگار بڻجي وڃجي ۽ “پنهنجي” واري اچڻ تي يا ته قصيده گوئي ڪجي يا وري “شام غريبان” پڙهجي.


سائين جي ايم سيد
مُحسن انسانيت
علي نواز ٻٽ
جيڪي سياستدان سائين جي ايم سيد جا مخالف آهن يا اُهي سياسي ورڪر جن سائين جي ايم سيد کي ڇڏي وڃي ڌار ديرو ڄمايو، اُهي سيد جي نظرئي جو متبادل نظريو ڏئي نه سگهيا آهن پر اُهي چوندا رهندا آهن ته سائين جي ايم سيد ڊڪٽيٽر هُيو ۽ ٻئي ڪنهن جي ڳالهه نه مڃيندو هُيو. اُها ڳالهه فقط پروئگنڊا طور ڪئي ويندي هئي ۽ ڪئي وڃي ٿي. انهن لاءِ آئون ڪيترا ئي مٿال ڏئي سگهان ٿو، هڪڙو مثال جنهن جو هيٺ ذڪر ڪري رهيو آهيان ته سائين جي ايم سيد مئڊم حميده کهڙو کي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو پر جڏهن جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻن راضپو نه ڏيکاريو ته سائين زور زبردستيءَ ان کي شامل نه ڪيو. مئڊم جي دل رکڻ خاطر کيس عورتن جي تنظيم جو سربراهه ٺاهيائين جيڪا مئڊم ٺاهي نه سگهي.
ٻيو محترم عبدالواحد آريسر کي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ لاءِ ڪيئي ٽولا سائين جي ايم سيد وٽ ويا پر سيد آريسر خلاف ڪو به قدم نه کنيو. عبدالواحد آريسر خلاف الزام هيو ته هو ڪميونسٽ آهي، ٽيون سائين جي ايم سيد جيڪي به فيصل ڪندو هيو ته اُن لاءِ جيئي سنڌ جي سينيئر اڳواڻن کي گهرائي صلاح ڪندو هيو ۽ گڏيل صلاح سان ڪو به فيصلو ڪندو هيو. جيئن حبيب الله ناريجو جي باري ۾ ڪيو ويو، حبيب الله هٿرادو طريقي سان ايئرفورس جي ڪجهه نوجوانن کي ورغلائي، انهن جا آفيس ڪارڊ وٺي وڃي ڳجهن ادارن کي ڏنا هُيا ته هي را جا ايجنٽ آهن ۽ انهن خلاف ڪورٽ مارشل ڪيو ويو هُيو ۽ کين سخت پورهئي سان سزا ڏئي جيل موڪليو ويو هُيو.  اهو مسئلو سائين جي ايم سيد جي سامهون آندو ويو ته ان لاءِ پوري انڪوائري ڪرايائين. اُن انڪوائري جي بنياد تي حبيب الله ناريجو جي ميمبرشپ ختم ڪئي وئي هئي.
ايس اين اي جي جڙڻ وقت هر ڪنهن ڏٺو ته سائين جي ايم سيد پنهنجا خيال ونڊيا ضرور پر مڙهيا نه، گڏيل راءِ سان فيصلا ڪرايائين.
سائين جي ايم سيد جيئن ته نظربند هوندو هيو، ان ڪري جماعتن کي خودمختيارڪري ڇڏيو هُيائين. آزاد ٿيو ته به پنهنجي راءِ سڀني آڏو رکندو هُيو. هڪڙي ڳالهه چٽي هوندي هُئي ته هوُ نظريي تي ڪنهن به قسم جي سودي بازي نه ڪندو هُيو. سيد حد کان وڌيڪ جمهوريت پسند هُيو ۽ تنقيد ڪندڙن کي، تنقيد ڪرڻ لاءِ پاڻ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو هُيو.
انهيءَ لاءِ مشهور آهي ته جڏهن سندس ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” تي محمد موسيٰ ڀٽي ۽ قربان بگٽيءَ تنقيد ڪئي هئي ته پاڻ پنهنجن سمورن ڪتابن جو سيٽ انهن ڏانهن موڪليو هيائين ته هنن سڀني تي تنقيد ڪريو.
سائين جي ايم سيد مٿان هي به الزام لڳايو ويندو رهيو آهي ته هن، تنظيم اندر ڪرمنل ماڻهن مٿان ڪو به ايڪشن نه کنيو ۽ اها ڳالهه به درست ڪونهي. سيد چوندو هُيو ته “ هر الزام لاءِ انهن جي ثابتي ۽ گواهيون آڻيو، بنا گواهيءَ جي ڪنهن مٿان ايڪشن نٿو کڻي سگهجي” باقي پاڻ هر دم ڪرمنل ماڻهن جي مخالف ڪندو هُيو ۽ انهن جي جڳ جهان ۾ خواري ڪندو هيو.
مثال طور هڪ دفعي گل محمد جکراڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي سن ۾ ڇڏي ويو ۽ سائين جي ايم سيد کي عرض ڪيائين ته هن ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي خطرو آهي. مٿس قتل جو الزام آهي، ٻئي هنڌ هوندو ته مارجي ويندو. سائين جي ايم سيد سان جيڪي به ماڻهو ملڻ ويندا هُيا ته انهيءَ ماڻهوءَ جي باري ۾ انهن کي ٻڌائيندو هيو ته؛ ”اهو ماڻهو جيڪو اوهان ڏٺو، جيڪو هيٺين بنگلي ۾ رهيل آهي، انهيءَ جو خون ٿيل آهي ۽ گل محمد خان هتي ڇڏي ويو آهي.“ آ محترم سيد غلام شاهه، محترم عبدالخاق جوڻيجو ۽ محترم محمد هاشم کوسو، جڏهن سن وياسون ته سائين جي ايم سيد انهيءَ جو ٻڌايو ته انهيءَ مٿان ڪراچيءَ جي فسادن ۾ بس مٿان فائرنگ جو ڪيس آهي، انهيءَ جا پر ڪار اهي آهن ته هتي سن ۾ رهندي به نٿو مڙي ۽ پنهنجي ٽولي سان وڃيو ڦرون ڪري وري پاڻ ۾ ڦر جي پيسن تي نه ٺهن ته جهيڙا ڪن ۽ فيصلا ڪرائين، جڏهن مون کي سندن پرڪارن جي خبر پئي ته مون کين چيو ته هلو هتان وڃي ٻاهر ڌوڙ پايو، اهڙي طرح ڪجهه ٻيا قصا به ٻڌايائين ۽ اهي قصا هر هڪ کي ٻڌائيندو رهندو هيو ۽ چوندو  هيو ته؛ “هاڻي انهيءَ حالت ۾ اسان ڇا ڪريون، آئون نظربند آهيان، هڪڙي ڪمري تائين محدود آهيان، اسان جا اڳواڻ اچيو هتي ماڻهو سام طور ڇڏيو وڃن، جيڪي ڏوهاري آهن، اسان جي مجبوري  اها آهي ته اسان دروازو بند نٿا ڪري سگهون!.
سائين جي ايم سيد اخلاق جي حوالي سان هر وقت نصيحت ڪندو هيو ۽ چوندو هيو ته بلند ڪردار وارا انقلاب آڻيندا، هوُ ڪرمنل ماڻهن مٿان به سخت تنقيد ڪندو هيو، ان حد تائين جو هو ميڊيا جو به خيال نه ڪندو هُيو ۽ صحافين ۽ عام خلق جي سامهون به چئي ڏيندو هيو، انهيءَ جو وڏو مثال سنڌي پورهيت سنگت پاران ۱۹۹۲ع تي تاج محل هوٽل ۾ جيئي سنڌ محاذ جي، مرڪزي باڊيءَ جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ مهمان خاص طور پاڻ جيڪا تقرير ڪيائين، اها رڪارد تي آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد سوين ماڻهن جي سامهو چيو ، جنهن ۾ صحافي، دانشور، مختلف جماعتن جا اڳواڻ ۽ قومي ڪارڪنن هُيا ته “اخلاق کان سواءِ ڪا به قوم ترقي نه ڪري سگهندي، اوهان بداخلاقي ڪندئو، چوريون ڪندئو، ڌاڙا هڻندئو ته اوهان ترقي ڪري نه سگهندا، سياست جو بنياد اخلاق تي آهي، بدقسمتي آهي جو اسان جا نوجوان اخلاق جي طرف گهٽ ڌيان ڏين ٿا. جيڪڏهن اوهان ڀانيو ٿا ته اوهان آزاد ٿيو، توهان هڪ قوم بڻجو ته اوهان ۾ اخلاق هئڻ گهرجي ۽ توهان کي پئسن جي لاءِ اقتدار لاءِ بداخلاقيءَ  جو ڪم نه ڪرڻ گهرجي، اوهان اخلاق جي ذڙيعي ڪامياب ٿي سگهو ٿا، هي ڊگهي تقرير آهي جيڪا ڪتاب سنڌ جو آواز ۾ “صفحي ۱۹۵ کان ۲۰۰ “ تي شايع ٿيل آهي، چوڻ جو مقصد هيو ته سيد ڪرائيم ۽ اخلاق کان ڪريل هر عمل جو مخالف هيو.
۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، توڻي سنڌي پورهيت سنگت کان ڌار ٿيا ته انهن به ساڳيا الزام سائين جي ايم سيد مٿان لڳايا، جيڪي اڳ ۾ ڪميونسٽ دوست هڻندا رهيا هُيا ته جي ايم سيد وڏيرو آهي، جي ايم سيد سوشلسٽ نه آهي. وغيره.
جي ايم سيد وڏيرو آهي يا وڏيرن کي ويجهو ٿو رکي، انهيءَ تي ڌار بحث ڪنداسين، هتي رڳو ايترو چوندس ته اُهي دوست، سيد کي ڇڏڻ کانپوءِ سنڌ جي هڪ وڏي وڏيري جي جماعت ۾ وڃي شامل ٿيا. جيستائين رهيو سوال ته جي ايم سيد سوشلسٽ يا ڪميونسٽ نه آهي، اها ڳالهه درست آهي ته سائين جي ايم سيد ڪميونسٽ نه هيو ۽ نه ئي جيئي سنڌ محاذ ڪميونست پارٽي هُئي/ آهي. سائين جي ايم سيد نيشنلسٽ هيو ۽ جيئي سنڌ محاذ نيشلسٽ پارٽي آهي. سيد سوشلزم کي پنهنجي آئين ۾ شامل ڪرايو هُيو، جيئي سنڌ محاذ جا چار مکيه نقطا آهن (۱) نيشنلزم (۲)سوشلزم (۳) سيڪيولرازم (۴) جمهوريت.
سائين جي ايم سيد جو چوڻ هُيو ته اسان وقت ۽ حالتن موجب، سنڌ اندر سوشلزم جو نفاذ ڪنداسون، هُو سوشل شعائونزم جو مخالف هيو. سندس مسلڪ صوفي هيو، هو سنڌ جي صوفين جي تعليم کان گهڻو متاثر هُو. خاص طور شاهه عبدالطيف ڀٽائي ءَ کان گهڻو متاثر هُيو ۽ سائين جي ايم سيد واحد عالم هُيو، جنهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي پير ۽ فقير بجاءِ هڪ عظيم رهنما ڪري پيش ڪيو، سندس ڪتاب “پيغام لطيف” کان لطيف کان پوءِ سنڌ جي دانشورن  ترقي پسند سوچ تحت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪئي.
هن ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته سائين جي ايم سيد ئي آهي، جنهن سنڌ کي قومي نظريو ڏنو. ۱۹۸۴ع ۾ جيڪي دوست ڌار ٿيا، انهن مان ڪن مزدورن ۽ هارين جي جماعت  ٺاهڻ جا اعلان ڪيا، ليڪن اڳتي هلي، اهي مختلف گروپن ۾ ورهائجي ويا، ڪن جو ايمان سلامت رهيو، ڌڪ کائي وري به قومي نظريي تي رهيا پر گهر ويهي رهيا جيئن سيد قائم الدين شاهه آهي، ڪيئي وڃي وفاقي جماعتن ۾ شامل ٿيا، جتي ذات وڏيرو هيو، اهو ايئن ئي آهي، جيئن  ڪجهه سياستدانن ون يونٽ خلاف هلايل تحريڪ ۾ محمد محمد ايوب کهڙو ۽ پير علي محمد راشدي جي سخت مخالفت ڪري سائين جي ايم سيد مٿان تنقيد جا تير وسايا، ڇو ته انهن ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ سرڪار جو طرف ورتو هيو پر پوءِ اُهي وڃي ذوالفقار علي ڀٽو  جا ساٿاري ٿيا جيڪو ون يونٽ واري دور ۾ ايوب خان جو وزير هو، ٻيو اهو ته ذوالفقار علي ڀٽي سان ذات وڏيرو ۽ پير شامل هُيا ۽ انهن ئي ذوالفقار علي ڀٽي معرفت پنجابين، بنگال کي پاڪستان کان عليحده ڪرايو، پريسون، بند ٿيون، ڪتابن تي بندش پئي، سياسي ورڪر جيل ويا، بلوچستان ۽ سرحد ۾ گورنر راڄ لڳا، بلوچستان تي فوج ڪشي ٿي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي.
سائين جي ايم سيد محسن انسانيت هيو، هو به عالم سڀ آباد ڏسڻ پيو چاهي، ان لاءِ هوُ سنڌ کي وسيلو بڻائڻ پيو چاهي، هوُ غلاميءَ جا ڳٽ لاهڻ پيو چاهي، هوُ مذهبي مت ڀيد کان آجو ۽ رواداري وارو ماحول پيو چاهي. اڄ  پاڪستان اندر انسانيت جو ڪوس ٿي رهيو آهي. ملان ازم تيزيءَ سان اڀري رهيو آهي، بم بلاسٽ تائين، مسجدن، امام بارگاهن ۽ اسڪولن، پبلڪ پليسن، آرمي جي گاڏين ۽ درويشن جي درگاهن م بم ڦاڙيا ٿا وڃن. اڄ اڌ دنيا انهيءَ مرض ۾ ڦاٿل آهي. هو انهيءَ طريقيڪار جو مخالف هيو، هو ملان، مڪتب جو مخالف هيو، پوءِ اهو ملان مسلمانن، هندن عيساين جو هجي، ڇو ته هر مذهب ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ملان هڪ ٻئي کي ڪافر ٿا سڏين ته پوءِ مسلمان ڪير آهي؟ سيد محبت جو درس ڏنو، هُن کي انسانيت سان محبت هئي، هن سنڌ خاطر سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ جيل ۽ نظربنديءَ ۾ گذاريو پر نظرئي تان تر جيترو به نه هيو. سندس نظريي ۾ سنڌ جي نجات ۽ دنيا لاءِ امن جو پيغام آهي. اڄ جڏهن سيد جون چيل ڳالهيون سچ ثابت ٿيون آهن، پوءِ به سيد مٿان پيروپئگنڊا جا تير وسندا رهن ٿا.



جي ايم سيد
۱۷ جنوري سنڌ کي سيد جو جنم ڏينهن مبارڪ
ارباب ڇڄڙو
ميڏا عشق به تون.. ميڏا يار به تون..
جڏهن کان انسان شعوري اک کولي آهي تڏهن کان ڏاهن ماڻهن، انسان جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪن سائنسدان بڻجي ڪم ڪار لاءِ اوزار ايجاد ڪيا، جن جي وسيلي ڪم ڪار ۾ سهولت پيدا ٿي، انهن ايجاد نه ته اڄ دنيا کي حيرانگيءَ جي حد تائين پهچائي ڇڏيو آهي، دنيا هڪ ڳوٺ مثال ٿي وئي آهي. اهڙيءَ طرح وري ٻين ڏاهن وري ٻيا ڪم ڪيا ۽ ڪن وري انسانيت کي بچائڻ لاءِ ڪي قانون ۽ متا جوڙا يا ته جيئن انسانيت حفاظت سان اڳتي وڌي سگهي. جن جي ڪامل اصولن کي اڳتي هلي مذهب جو نالو ڏنو ويو، اهڙا ڪامل انسان دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پيدا ٿيا آهن. جن کي وري مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي عرب دنيا ۾ انهن ڪاملن کي پيغمبر ۽ نبي سڱورا سڏيو وڃي ٿو. يورپ ڏي وري انهن کي فيلسوف سڏيو وڃي ٿو. هت هندستان ۾ وري سنت ساڌو، صوفي ۽ ٻين نالن سان گڏ ڏاهو به سڏيو وڃي ٿو.
هندستان ۾ ڪرشن، مهاوير ۽ گوتم ٻڌ جهڙا عظيم انسان پيدا ٿيا جن امن جو پيغام ڏنو مثال طور هي ٿئي شخص بادشاهي ڇڏي انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا رهيا، هنن ڪڏهن به پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي ۽ ماڻهن کي بکيو رکڻ جي ڪوشش نه ڪئي، سندن اهو پيغام سنڌ جي عظيم شاعر شاهه لطيف رح به پنهنجي بيتن ۾ ورجايو آهي.
۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع سن جي شهر ۾ جناب جي ايم سيد پيدا ٿيو. هن ڏٺو ته سنڌ جا رهاڪو لوڪ بک ڏک ۾ ان پيغام کي سانڍيو ٿا اچن. هنن وٽ دنيا لاءِ امن ۽ خوشحاليءَ جو پيغام آهي جيڪو دنيا ۾ امن پيدا ڪري سگهي ٿو، هن ڏٺو ته اڄ کان هزارين سال اڳ به هت جي لوڪن وٽ هٿيار جي بجاءِ هٿن ۾ ساز هيو.ناچ هيو ۽ راڳ هيو. اڄ به سنڌين وٽ صوفي شاعري ۽ ساز آهي. اڄ به امن جو راڳ آهي. هن پيغام جو اهڙو ته رنگ هنن ماڻهن تي جڙهيل هيو جو بقول شاهه لطيف جي.
توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه لهي.
هن مهان انسان ڪڏهن به ڪو هٿيار نه ورتو ۽ نه وري ڪو شڪار ڪيائين. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو نشو نه ڪيائين. بس هڪ نشو هيس انسانن سان عشق ڪرڻ جو. جيڪو سڄي زندگيءَ ۾ برقرار رهيس. آخري عمر ۾ جڏهن اسپتال ۾ داخل هيو ته، چيائين ته، مون وٽ ته سواءِ امن جي ٻيو ڪجهه به  نه آهي، پوءِ هو مون کان ڊڄن ڇو ٿا...؟
هن ديس جا ماڻهو ته دشمن لاءِ به دعا گهري پوءِ ننڍ ڪندا آهن. هنن جي تڏي تي دشمن هلي ٿو وڃي ته ان کي قتل جهڙا ڏوهه به معاف ڪري ٿا ڇڏين. هنن سنڌ وارن وٽ نياڻي به ست قرآن آهي. نياڻي در تان خالي هٿي ڪا نه ٿي وڃي. عورت جي ايڏي وڏي عزت ٿا ڪن. پاڻ بک تي ويهي ٻين جو پيٽ ٿا ڀرين سنڌ جي نرم زمين تي نرم دل ماڻهو ٿا رهن. جن وٽ انسان سڀ کان اڳ مهذب ٿيو هو. سنڌو درياهه جي ڪري هي سنڌ سائي ستابي رهي آهي، شايد ان ڪري بکيون قومون سدائين. هنن تي راتاها هڻنديون رهيون آهن. اڄ به تاريخ ڳالهائي ٿي ته مو هن جي عظيم شهر کي به ڪوٽ يعني قلعو ڏنل ٿو ڏسجي.
جناب جي ايم سيد سمجهي ورتو هو ته هتان ئي امن جو پيغام دنيا لاءِ ملڻو آهي، ان لاءِ هن ديس جي آزادي اشد ضروري آهي.
پر هن ڏٺو ته، هتي جو ماڻهون، پينون پيرن، شاهن ۽ مُلن وٽ يرغمال ٿيل آهي، مٿان وري انگريزن جا غلام آهيون، ان لاءِ غلاميءَ جي لعنت مان جان ڇڏائڻ ضروري آهي.
۱۴ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ هن سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، پهري تقرير ڪرڻ وقت ايترو ننڍو هو جو اسٽول تي بيهي خطاب ڪيو هئائين.
انگريزن سنڌ کي غلام ڪرڻ کان پوءِ هندستان سان ملائي ڇڏيو هو، هن مرد مجاهد پهريون ڪم اهو ڪيو جو، هندستان کان سنڌ ڇڏائي، ڪراچي سنڌ جي گادي جو هنڌ مقرر ڪرايائين.
اڳتي هلي مسلمانن جي تنظيم مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ برپا ڪيائين. پوري هندستان ۾ فقط هڪ ئي ملڪ سنڌ هيو، جتي مسلم آباديءَ جي اڪثريت هئي، ان جي ڪري ٻيو ڪو به ملڪ اهڙي حالت ۾ ڪو نه هيو جو پاڪستان لاءِ ڪا به اسيمبلي ڪو به قرار داد ڪا نه ٿي پاس ڪرائي سگهي. ان لاءِ سنڌ اسيمبلي ۱۹۳۸ع ۾ پهريون قرار داد پاس ڪيو ۽ آخري قرار داد جناب جي ايم سيد ۱۹۴۳ع ۾ پاس ڪرايو ۽ اهڙي طرح پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رستو صاف ٿي ويو.
جڏهن ۱۹۴۶ع ۾ هن  ڏٺو ته پاڪستان ته انگريز پاڻ ٿا ٺاهين  ته جيئن هندستان ٻن حصن ۾ ٿي وڃي ۽ پاڻ ۾ وڙهندا رهن ۽ اسان جا محتاج رهن. تڏهن هن  دانهون شروع ڪيون ته اسان سان انگريز دوکو ڪيو آهي. پر سنڌ جا وڏيرا جن کي ميمبر ٿيڻ ۽ غريبن جي مال کائڻ جو چسڪو لڳي چڪو هو. تن اچي دانهون شروع ڪيون ته جي ايم سيد ملڪ دشمن آهي. وڏيرن، ميرن کي وجهه مليو جن چيو ته بابا جي ايم سيد ته مسلمان ئي ڪونهي، ان ڪري هي پڪو ديندار شخص چئو طرف کان دشمنن جي تيرن جو نشان بڻجڻ لڳو،
پويان ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو، الله اڪبر چئي مسلمانن هندن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو، هوڏانهن هندن وري رام رام ڪري ماڻهن کي ماڻ شروع ڪيو ايئن هڪ وڏو قتل عام ڪيو ويو.
ٻين رياستن کي ڪٽيو ويو ۽ سنڌ ملڪ جي ماڻهن کي ڪٽي جدا ڪيو ويو. جنهن ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو نقصان ٿيو، عالم، اديب ۽ واپاري ماڻهو تڙجي ويا. هي سنڌين جي وڏي ڀاڄ ٿي. پهريان آرين موهن جا سنڌي تڙي ڪڍيا هئا.
اهڙي ڏکي صورتحال ۾ وري به جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين جن ۾ ادبين ۽ شاعرن جو انگ وڌيڪ هيو انهن شاندار جدو جهد ڪري ون يونٽ ختم ڪرايو ۽ وري سنڌ اسيمبلي بحال ٿي. پر وري جي ايم سيد جيل ۾ وڌو ويو. سنڌين کي حڪومت جي وهنوار کان وري به ٻاهر رکيو ويو.
جڏهن جي ايم سيد ڏٺو ته، هت ته سنڌين جو جيئڻ ئي محال ٿي ويو آهي. تڏهن پنهنجي شعور جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڪيائين ته سنڌ ته وري به غلام آهي، انگريز اسان کي وري ٻين جي غلاميءَ ۾ ڏي ڇڏيو، سنڌ جي سياستدانن کي رڳو پيٽ جي لڳل آهي، تڏهن هن حالتن جو غور سان تجزيو ڪيو ته هاڻي، سنڌ سواءِ آزاديءَ جي اڳتي وڌي ڪا نه سگهندي، سنڌ هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ سون جون کاڻيون به آهن پر سنڌي بک مري رهيا آهن. هو ٻچا ٿا کپائين، خودڪشيون ٿا ڪن، نام به انصاف نه آهي.
ان هوندي به سندس جذبن ۾ ڪا به ڪمي نه آئي، هو آخري خطبي ۾ به  چوندو رهيو، جيئن مون محسوس ڪيو آهي، جي توهان به ايئن محسوس ڪيو ۽ همت نه هاري ته پوءِ سنڌ هن مشڪل دئور مان ضرور گذري پار پوندي، مون ڪڏهن به همت نه هاري آهي، نه وري ڪو مايوس ٿيو آهيان، واقعي مايوسي هن ٻڍڙي نوجوان جي ويجهي به ڪا نه آئي،
اسان سنڌين ڪڏهن به ڪنهن تي ڪاهه نه ڪئي آهي، ان جو ڪارڻ سنڌ جي شادابي آهي. خوشحال قوم ڇو ٻين تي حملا  ڪندي، اهو ممڪن ئي نه آهي، پر ان جو هرگز اهو مطلب نه آهي ته ڪو  سنڌي بزدل يا ڊڄڻا آهن.
جڏهن  به سنڌين کي ڌارين تنگ ڪيو آهي ته پوءِ سنڌين سوين سال جنگ ڪري وري وطن ڌارين کان ڇڏائي کين ڀڄائي ڪڍيو آهي، پوءِ اهي عرب سڳورا هجن، ايراني قابض هجن ، افغاني، طو راني  هجن، ڊچ،  انگريز يا ڪي ٻيا هجن.
سنڌ جي نرم ڀوري زمين ۾ اهڙو ڪو اثر آهي، جو اها ڌارين کي به ٿوري وقت ۾ سنڌي ڪري ڇڏيندي آهي اهڙيون حقيقتون جي ايم سيد پنهنجي سٺ ڪتابن جي تي درج ڪري ويو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌي اهي پڙهي ته ڏسون.
واقعي جي ايم سيد جو ڏنل پيغام هر روز اڳتي وڌي رهيو آهي، چوويهن ماڻهن مان هن وقت لک ٿي ويا آهن، ۽ ٻيا هٿرادو نظريه پوئتي پوندا ٿاوڃن جنهن جا اسان سب اکين ڏٺا شاهد آهيو، جيئن يوناني حملي وقت سنڌين پاڻ ساڙي، يونانين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو هو، اڄ به سنڌي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ سڙي ڪوئلاٿي رهيا آهن، پر حق جي راهه تا سندن پير تڙن نٿا.
جي ايم سيد جمن در جو شعر چوندو رهندو هو،
وٺي هر هو جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو،
ختم اونداهه ٿي ويندي چٽيءَ چانڊاڻ ۾ ملبو،
۱۷ جنوري سنڌين مبارڪ هجي آمين.


سائين جي ايم سيد
سندس سالگرهه ۽ قومي قيادت
درياهه خان جهتيال
جديد قومپرستي جو بنياد وجهندڙ رهبر سنڌ سيد غلام مرتضيٰ شاهه (سائين جي ايم سيد) نه صرف قومپرست سياست جو باني، نئين سنڌ جو خوبصورت تصور ڏيندڙ آهي پر کيس جديد سنڌي ادب، ادب ۾ ترقي پسند روشن خيال لاڙن، قومي سوچ ۽ فڪر جو باني طور سڃاتو وڃي ٿو، سائين جي ايم سيد جتي سياست ۾ مُني صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪئي اتي قيد به ڪاٽيو ۽ اتي سنڌي ادب، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ به پاڻ پتوڙيو،
سائين جي ايم سيد جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ سيد محمد شاهه جي حويلي ۾ ٿيو، جنهن جي هڪ سال بعد والد محترم کي ڪراچي ۾ شهيد ڪيو ويو. سائين جي ايم سيد کي سنڌي ٻولي سان عشق هو، سنڌي ٻوليءَ جي ترقي واڌاري لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي، سائين لسانيات جو به ماهر هو، سنڌي ٻولي جي قدامت ۽ تاريخ بابت ”سنڌي زبان جو مسئلو” ڪتاب ان جو عملي ثبوت آهي، ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد  سنڌي ٻولي جي بين الاقومي حيثيت، انڊو آرين ٻولي ۾ سنڌي جي قدامت ڳالهائيندڙ جي تعداد جي لحاظ کان سنڌيءَ جي اهليت وسعت، تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌي جي اهم حيثيت پاڪ_هند جي ماڊرن ٻولين ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت، سنڌيءَ جي اهليت ۽ اهميت، پاڪستان ۾ قومي زبان بابت مختلف نظريا، اردو قومي زبان بڻجڻ جي اهليت آهي ڇا، ۽ ٻيا مضمون شامل آهن، سائين جي ايم سيد سنڌي ثقافت جي اهميت ۽ افاديت بابت ۱۹۶۳ع ۾ ”سنڌ ڪلچر” ڪتاب لکي سنڌي ثقافت جي مفهوم، ترڪيب ۽ صورت بابت ڄاڻ ڏني، سائين جي ايم سيد جا ۱۹۷۶ع ۾ ”جُنب گذاريم جن سين” ڪتاب ۾ سياستدانن، قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، استادن، عورتن تي لکيل سوانحي خاڪا تاريخي اهميت رکن ٿا، سائين جي ايم سيد سنڌ جي سورمن بابت ڪتاب”سنڌ جا سورما”لکي قوم کي پنهنجي قومي هيرن ۽ قومي سورمن کان واقف ڪرايو، سيد ”سنڌوءَ جي ساڃاهه”ڪتاب لکي سنڌي ماڻهن ۾ وڃايل قومي ۽ تاريخي شعور ٻيهر زنده ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارائتو مثالي ۽ شاندار ڪم ڪيو، سيد نه رڳو سنڌ جي تاريخ ۾ مختلف وقتن تي سنڌ جي حقن جي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪيو پر علمي حوالي سان به اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو، سيد جا لکيل ڪتاب تاريخي حيثيت رکن ٿا. سن جهڙي پٺ تي پيل ڳوٺ ۾ ۱۹۲۵ع ۾ انگريزي جا ڪلاس شروع ڪرايا، نياڻين جي تعليم لاءِ خاص الڳ اسڪول، هارين ، نارين، پورهيتن لاءِ نائيٽ اسڪول قائم ڪرايائين ۽ ماڻهن ۾ تعليمي شعور پيدا ڪيو، سن ۾ ۱۹۲۸ع ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر چونڊجڻ بعد ”ڳوٺ سڌار تحريڪ” جو بنياد وڌو ۽ مشهور سماج سڌارڪ جمشيد مهتا صدر ۽ سائين جي ايم سيد پاڻ سيڪريٽري ٿيو، اڳوڻي ضلعي ڪراچي ۾ ۱۹۲۸ع ڌاري ضلي لوڪل بورڊ ڪراچي جي صدر، نائب صدر ۽ تعليمي ڪاميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ سائين جي ايم سيد ڪراچي سميت جهوڪ شريف، مانجهند، سن، لاکا، لڪي، سيوهڻ، آراضي، دادو، ميهڙ، پاٽ شريف ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول قائم ڪيا.
سائين جي ايم سيد، سنڌ يونيورسٽي جي قيام لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي بانيڪارن مان هو، سندس ئي ڪوششن سان يونيورسٽي قائم ٿي، سائين جي ايم سيد ۱۹۴۰ع ۾ صوبائي وزير تعليم هئڻ دوران پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي ٺهڻ لاءِ ۲۴ جون ۱۹۴۰ع تي سيد ميران محمد شاهه جي سربراهي ۾ ۱۵ رڪني ”سنڌ يونيورسٽي ڪاميٽي” قائم ڪئي جنهن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، چيلمل پرسرام گلراجاڻي، ڊاڪٽر هوت چند، مولچند گربخشاڻي،  روپ چند، پِيلا رام ۽ ٻيا شامل هئا، جڏنهن ته بي جي واسواڻي ڪاميٽي جو سيڪريٽري هو، ايئن جو ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، مارشل لا جي دور ۾ جڏهن سياسي سرگرمين تي بندش لڳائي وئي ته سائين جي ايم سيد ۱۸ اپريل ۱۹۶۶ع تي ”بزمِ صوفيا سنڌ” قائم ڪري سنڌ ۾ ثقافتي تحريڪ شروع ڪئي. سائين جي ڪوشش سان ۱۹۵۱ع ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ ”مرڪزي صلاحڪاري بورڊ” قائم ڪيو ويو، بعد ۾ ان بورڊ جي ۱۹۵۸ع تائين ورڪنگ ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو، آڪٽوبر ۵۰_۱۹۴۰ع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي سن ۾ ذاتي خرچ تي ترسائي ”سنڌي لغت” تي ڪم ڪرايو، ۱۹۵۱ع ۾ ”جامع سنڌي لغت” جي رٿ پيش ڪئي وئي ان کي منظور ڪيو ويو،
سائين جي ايم سيد ۴ مارچ ۱۹۷۲ع کان سنڌ جي آجپي لاءِ باقاعدا جدوجهد شروع ڪئي، سائين جي ايم سيد ۸۸_۱۹۸۷ع ۾ سنڌ قومي اتحاد (ايس اين اي) ٺاهيو، جنهن جو چيئرمين عبدالحميد خان جتوئي هو ۽ ممتاز علي ڀٽو، مير حيدر ٽالپر، اعجاز خان جتوئي، آغا شاهين پٺاڻ، رسول بخش پليجو ۽ ٻيا سنڌ جا سمورا مک اڳواڻ ۽ قومپرست جماعتون شامل ٿيون.
سائين جي ايم سيد جهڙن عظيم ڪردارن لاءِ ئي شيخ اياز چيو هو”ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، وقت جي اهڙي چيخ ٿين ٿا، ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا”، جُمن دربدر چيو آهي ته ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو، ختم اونداهه ٿي ويندي، چٽي چانڊاڻ ۾ ملبو”، شيخ اياز ۽ جمن دربدر جي شاعري ۾ جرڪندڙ عظيم رهبر جي اڄ سالگرهه ملهائي پئي وڃي، پر افسوس ته وقت تيزي سان مٽنجندو پيو وڃي پر سيد جا پيروڪار هڪ پروگرام ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ نٿا ٿين، اهي لفظ لکڻ ۾ ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي ته ”سيد جي سالگرهه تي مختلف پارٽين پاران سن ۾ ڌار ڌار جلسا ڪيا ويندا”، اهي لفظ ڏاڍو ڏک ڏين ٿا، رهبر کي سندس ورسي ۽ سالگرهه تي ياد ته ڀرپور نموني سان ڪيو وڃي ٿو، ٻاهرين ملڪن سميت سڄي سنڌ ۽ سن ۾ مرڪزي تقريبون ٿين ٿيون پر هاڻي اهي ڌار ڌار جلسا نه ٿيڻ گهرجن، قوم جي ليڊرن کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو سائين جي ايم سيد جي محور سنڌ هئي، سنڌي قوم لاءِ سيد پاڻ پتوڙيو نڪي پنهنجي لاءِ، سيد سنڌ پرستي، انسان دوستي، علم دوستي، عظيم مقصد لاءِ سڄي زندگي علمي ۽ عملي پورهيو ڪيو، ان جدوجهد جي پاداش ۾ زندگيءَ جو لڳ ڀڳ ٽيون حصو قيد و بند جون تڪليفون برادشت ڪيون، ان ئي سيد جا پيروڪار اڃا به جيڪڏهن گڏ نه ٿيندا ته قوم مايوس ٿيندي، هي وقت سنڌي قوم کي مايوس ڪرڻ جو ناهي، بلڪه ليڊرشپ کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ جو آهي جنهن سان قوم کي حق حاصل ڪرڻ جو رستو سولائي سان ملي سگهي.


سائين جي ايم سيد
سنڌي قومپرستيءَ جو سرواڻ
قاسم
اڄ ان شخص جو ڄمڻ ڏينهن آهي جيڪو سنڌ توڻي سنڌ کان ٻاهر سنڌي قومپرستي جو بنياد وجھندڙ طور سڃاتو وڃي ٿو. سائين جي ايم سيد اڄ جي ڏينهن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سن ۾ جنم ورتو. سنڌ مان جيتوڻيڪ ڪيترا ئي اهم سياسي اڳواڻ هئا جيڪي پاڪستان کان پهرين ۽ بعد ۾ سياسي ميدان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ ڪندا رهن ٿا، پر انهن سڀن ۾ سائين جي ايم سيد کي خاص اهميت حاصل آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هڪ وڏو حلقو سائين کي خراج پيش ڪندو رهي ٿو ته ساڳئي وقت سنڌ اندر سائين متعلق تنقيدي راءِ به موجود رهندي پئي اچي. منهنجي خيال ۾ سڀ کان پهرين سنڌ جي عوام خاص طور سنڌ جي سياسي ڌرين، شاگردن ۽ ٻين باشعور ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته جيستائين اسين شخصيت پرستي ۽ اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي، ڪنهن نظريي تي بغير غور ڪرڻ جي ان کي پوڄيندا رهنداسين، تيستائين سنڌ جي ترقي ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته هيءُ دور تحقيق، سوچڻ ۽ لوچڻ جو دور آهي، هن دور ۾ اهي ئي قومون اڳتي وڌي سگھن ٿيون ۽ جٽاءُ ڪري سگھن ٿيون، جيڪي عقلي بنيادن تي شين کي پرکڻ ۽ جائز تنقيد جا دروازا کولي دنيا سان قدم ۾ قدم ملائي اڳيان وڌن ٿيون. تنهنڪري سڀ کان پهرين اسان کي طئه ڪرڻو آهي ته ڪنهن جي شخصيت جي ڪردار ڪشي ڪرڻ کان پاسو ڪندي، هر شخصيت ۽ نظريي تي تحقيقي ۽ عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ۽ تنقيد ٿيڻ گھرجي جنهن سان يقينن نوان پيچرا نروار ٿي سگھن ٿا، جيڪي قومن جي تقديرن بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.
هن وقت ڏٺو وڃي ته سنڌ جي سياست ۾ ٽي سياسي نظريا حاوي آهن جن ۾ ڀٽو، سيد ۽ پليجو شامل آهن. جيتوڻيڪ انهن ٽنهي شخصيتن سان مختلف حوالن سان اختلاف ٿي سگھن ٿا پر ان سان گڏوگڏ اهو ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ جي سياست ۾ انهن ٽنهي سياسي شخصيتن ۽ سندن پارٽين جو هڪ اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ فراموش نٿو ڪري سگھجي. سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام کان پهرين توڻي پوءِ سنڌ جي قومي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻئي طرف ڀٽي جو سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن کي سندن اهميت کان واقف ڪرائڻ ذريعي پڻ اهم ڪردار رهيو. ساڳيءَ طرح رسول بخش پليجي سنڌ جي سياست کي طبقاتي توڙي قومي سوال طور کڻڻدي، سنڌ جي وڏيرن، سردارن، پيرن، ميرن ۽ ساڳئي وقت لساني فاشزم کي چئلينج ڪيو. پر ان باوجود اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته جيئن مان مٿي لکي چڪو آهيان ته سنڌ کي اهڙن تحقيقدانن، تجزيي نگارن، سياسي ڪارڪنن، اديبن ۽ دانشورن جي ضرورت آهي، جيڪي ماضي ۽ حال جي اهم ڪردارن جي سگھ ۽ ڪردار کي تنقيدي نقطئه نگاهه سان پيش ڪندي ۽ انهن جي سياسي ڏاهپ کي مدنظر رکندي مستقبل ۾ خطرن کان بچڻ ۽ سنڌ کي ترقي جي راهن تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن.
سائين جي ايم سيد جي شخصيت جا به انيڪ پاسا آهن، هو هڪ ئي وقت سنڌ ۽ هند جو مشهور سياستدان به آهي ته ساڳئي وقت چوٽيءَ جو ڏاهو، اديب ۽ دانشور به. سائين سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار به ادا ڪري ٿو ته ساڳئي وقت هو اڳيان هلي مسلم ليگ کي سنڌ ۾ مضبوط بڻائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪري ٿو. هي اهو ئي مانجھي مرد آهي جنهن جي ڪوششن سان ئي سنڌ اسيمبليءَ منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ سڀ کان پهرين قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ساڳئي شخص طرفان پاڪستان جي مخالفت ۾ سنڌوديش جو نعرو بلند ڪيو ويو، جنهن نعري تي سائين پنهنجي زندگي جي آخري لمحي تائين قائم رهيو.
سائين جي ايم سيد هندستان جي سياست ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري تحريڪ دوران هڪ اهم شخصيت طور سامهون آيو. جيتوڻيڪ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جو سڀ کان پهرين مطالبو هرچندراءِ وشنداس ڀارواني طرفان ۱۹۱۳ع ۾ ڪانگريس جي سالياني ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو هو. پر ان مطالبي کي اڳيان وٺي هلڻ ۾ محمد ايوب کهڙو ۽ سائين جي ايم سيد جو قابل ذڪر ڪردار هو. سائين سنڌ ۾ مختلف نالن سان پارٽين جي پليٽ فارم ذريعي سياست ڪندو رهيو، پر ۱۹۴۲ع ۾ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو. سائين جي ايم سيد جي مسلم ليگ قيادت جي نظر ۾ اهميت ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ وڌي، جڏهن مسلم ليگ سنڌ مان صرف ۴.۶ سيڪڙو ووٽ مس حاصل ڪري سگھي. انهن چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيد پارٽي کي واضع اڪثريت نصيب ٿي، جنهن جي اڳواڻي سنڌ جي ڪجھ مشهور زميندارن ۽ برطانوي سرڪار نواز شخصيتن جهڙوڪر سر عبدالله هارون، سر شاهنواز ڀٽو، سر غلام حسين هدايت الله ۽ ميران شاهه جي هٿن ۾ هئي.
سال ۱۹۳۷ع جي چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ ئي مسلم ليگ کي سنڌ جي سياست جي رمزن جي پروڙ پئي ته اصل ۾ ان وقت سنڌ جي سياست جون واڳون پيرن، ميرن ۽ زميندارن جي هٿن ۾ هيون. اهو ئي اهم سبب هو جو مسلم ليگ قيادت خاص طور جناح صاحب کي سنڌ جي پيرن ۽ جاگيردارن ڏانهن هٿ وڌائڻو پيو. اهڙيءَ طرح مسلم ليگ جي سنڌ ۾ پيرن کوڙڻ کانپوءِ ۱۹۳۸ع ۾ ڪراچي ۾ پهرين سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس گھرائي وئي، جنهن ۾ پهريون دفعو مسلمانن لاءِ الڳ ملڪ تي غور ڪيو ويو. هڪ طرف مسلم ليگ سنڌ جي بااثر شخصيتن کي پاڻ طرف ڇڪي رهي هئي ته ساڳئي وقت سنڌ جيڪا پنهنجي جوهر ۾ سيڪيولر رهندي پئي اچي، کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ ڪجھ اهڙو ڪرڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن سان مسلم ليگ سنڌ جي مسلمانن ۾ گھر ڪري سگھي. ان لاءِ سڀ کان پهرين مسلم ليگ طرفان ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري جي حڪومت ڊاهي، ان جي جڳهه تي مسلم ليگ جي حڪومت جوڙڻ جو سوچي رهي هئي، جنهن کانپوءِ مير بندا علي ٽالپر کي وڏوزارت جڏهن ته محمد ايوب کهڙو، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ان ڪئبنيٽ جو حصو بڻائڻ جو پلان جوڙيو پئي ويو. ان پلان کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ منزل مسجد گاهه واري معاملي کي هوا ڏني وئي ته جيئن سنڌ ۾ هندومسلمان ڏڦيڙ پيدا ٿين جنهن صورتحال کي مسلم ليگ ڪيش ڪرائي سگھي.
مسجد منزل گاهه واري قصي کي سمجھڻ لاءِ ٿورو ان جي تاريخ تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ منزل مسجد گاهه جي حوالي سان فرحان حنيف صديقي پنهنجي ڪتاب “دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس” ۾ لکي ٿو ته “مسجد منزل گاهه اڪبر جي دور ۾ سکر وٽ سنڌو ندي جي ٻن ڪپن تي واقع مسجد ۽ مسافرخانو جي عمارتن کي نالا ڏنا ويا هئا، جيڪي سيد معصوم شاهه طرفان اڪبر جي حڪومت دوران تعمير ڪرايون ويون هيون. انهن عمارتن جي حوالي سان تضادن تڏهن ڪر کڻڻ شروع ڪيو جڏهن هندن طرفان منزل گاهه جي سامهون مندر تعمير ڪرايا ويا جيڪي مندر هندن لاءِ عبادت جا تمام اهم ذريعا بڻجي چڪا هئا. مسلمانن طرفان ۱۹۲۰ع جي ڏهاڪي ۽ ۱۹۳۶ع ۾ جڏهن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ جاري هئي، تڏهن ان اشو کي کنيو ويو. پر ان اشو کي تڏهن ڀڙڪايو ويو جڏهن مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن ۾ پنهنجي لاءِ نرم گوشو پيدا ڪرڻو هو.” (ڏسو فرحان حنيف صديقي جو ڪتاب، دي پالٽڪس ان پاڪستان: دي بلوچ، سنڌي اينڊ مهاجر ايٿنڪ موومينٽس، صفحو نمبر ۷۸). ساڳيءَ طرح سارا انصاري پنهنجي ڪتاب “صوفي سينٽس اينڊ اسٽيٽ پاور: دي پيرس آف سنڌ، ۱۸۴۳۱۹۴۷ع” ۾ لکي ٿي ته مسلم ليگ پنهنجو اثر قائم ڪرڻ لاءِ اها دعوا ڪئي ته منزل گاهه ڪنهن دور ۾ مسجد طور استعمال ٿيندي هئي، تنهنڪري ان کي مندر ۾ تبديل ڪرڻ خلاف مزاحمت ڪئي وئي. ان مزاحمت پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار سنڌ جي پيرن ۽ مولوين ادا ڪيو.
سنڌ اندر مسلم ليگ جي اثر وڌائڻ جي حوالي سان سارا انصاري مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۱۲۱ تي لکي ٿي ته “ليگ جي حمايت وڌائڻ واري منصوبي تحت، انهن (مسلم ليگي اڳواڻن) مسلمانن جي ذهنن ۾ سياسي شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ مسلمانن کي زور ڀريو ته اهي صرف مسلمانن جي دڪانن تان ئي شيون خريد ڪن. ساڳيءَ طرح جي ايم سيد درگاهن جي سمورن پيرن کي گذارش ڪئي ته اهي مسلمان دڪاندارن کي مسلمانن جو ڪاروبار وڌائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪن.”
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پاڪستان ٺهڻ کان پهرين سائين جي ايم سيد پاڪستان جي قيام وارين ڪوششن ۾ اڳيان اڳيان هو. سائين جي ايم سيد کي سندس وقت جي سنڌي سياستدانن خاص طور ان وقت جي پير پاڳاري پير صبغت الله شاهه ۽ ڪانگريس جي حمايتي الله بخش سومري طرفان وري وري اهو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو (سيد) پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ڪوشش ڪري تمام وڏي غلطي ڪري رهيو هو. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ڏنل ڪتاب جي صفحي نمبر ۷۹۸۰ تي الله بخش سومرو جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته “الله بخش سومري ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد کي سمجھائيندي چيو ته؛ توهان ڇا ٿا سوچيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ سنڌ جا سمورا مسئلا حل ٿي ويندا؟ اهو غلط آهي ۽ حقيقتن جي بلڪل ابتڙ آهي. توهان کي اڳيان هلي خبر پوندي ته اسان جون اصل تڪليفون پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اچڻيون آهن... هن وقت، هندو سيٺين جي لٽمار توهان کي تڪليف پئي ڏئي پر بعد ۾ توهان کي پنجاب جي ڪاموراشاهي ۽ فوج ۽ يو پي جي ذهنيت سان منهن ڏيڻو پوندو.”
جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته سائين جي ايم سيد جي پوري زندگي سياسي تحرڪ ۾ گذري ۽ اها به حقيقت آهي ته سائين عمر جو وڏو حصو نظربندي ۾ گذاريو. ان صورتحال ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ان پٺيان ڪهڙا سبب هئا، جو سائين جي ايم سيد جهڙو قدآور سياستدان جنهن پنهن ننهن چوٽي جو زور لڳائي، سنڌ اسيمبلي منجھان پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کان ويندي، پنهنجي همعصر سنڌي سياستدانن جي تنقيد باوجود پاڪستان سان نڀايو، تنهن باوجود اڳيان هلي آخر هن کي پاڪستان کان عليحدگي وارو رستو ڇو اختيار ڪرڻو پيو؟ سائين جي ايم سيد پاڪستان تحريڪ ۾ سندس ڪردار ۽ ان کانپوءِ هن ۽ سنڌ سان ٿيل ويڌن متعلق پنهنجي ڪتاب “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ تفصيلي لکيو آهي. ان ڪتاب پڙهڻ سان سائين جي جدوجهد ۽ بعد ۾ هن سان ٿيل دوکي جي پروڙ پئي ٿي. سنڌ جي پاڪستان ۾ شموليت جو اهم سبب خودمختياري وارو نقطو هو جنهن کي عملي جامو پهرائڻ جي واعدي تحت ئي سنڌ پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ بنگالين، سنڌين، بلوچن ۽ پٺاڻن سان جيڪي ويل وهايا ويا تن کي ڏسندي يقينن هر وطن دوست ماڻهو ڳالهائڻ تي مجبور بڻيو. پر سائين پاڪستان کان عليحدگي جي ڳالهه بنگال جي بنگلاديش ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ ڪئي.
پاڪستان ٺهڻ شرط سنڌ ۾ مهاجرن جي آمد جي مسئلي ۽ بعد ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ واري معاملي ڏاڍي ڳنڀيرتا پيدا ڪئي. هڪ طرف منزل مسجد گاهه واري معاملي کانپوءِ هندومسلمانن وچ ۾ تضادن کي رد نه پئي ڪري سگھجيو ته، ٻئي طرف وري مرڪزي حڪومت طرفان مهاجرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرائڻ خاطر، هندن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو پئي ويو. جيڪڏهن ظاهري طور ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر هندومسلمان فساد ضرور ٿيا هئا پر انهن پٺيان به مرڪزي حڪومت جو ئي هٿ هو. بهرحال اهي ۽ ڪجھ ٻيا اهڙا واقعا هئا جيڪي سنڌي سياستدانن خاص طور سائين جي ايم سيد کي مجبور ڪري رهيا هئا ته هو سنڌ لاءِ ڪا سياسي لائين منتخب ڪري. سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏڻ سبب خالي ٿيل ملڪيت تي به ٻاهران آيل مهاجرن قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن خلاف پڻ سائين جي ايم سيد ۽ ڪجھ ٻين سياستدانن مزاحمت ڪئي ته اهي وسيلا هيٺئين طبقي جي سنڌي مسلمانن تي خرچ ڪيا وڃن.
پاڪستاني رياست شروع ڏهاڙن کانوٺي ننڍن صوبن جو استحصال ڪري رهي هئي پر اڳيان هلي ان استحصال کي قائم رکڻ ۽ ان خلاف مزاحمت اڳيان بند ٻڌڻ جي نيت سان، ان طرفان پاڪستان جي قومن جي اندر ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش پڻ ڪئي وئي. ان حوالي سان فرحان حنيف صديقي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي قوم کي ورهائڻ جو پاڪستاني رياست ضياءُ الحق جي شڪل ۾ پورو انتظام ڪري ورتو هو. ۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق آمريت خلاف ايم آر ڊي تحريڪ جي شڪل ۾ مزاحمت جاري هئي. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ اهم ڪردار پ پ پ ادا ڪري رهي هئي پر اها اصل ۾ وفاقي سطح جي پارٽي هئي. پر ساڳئي وقت پ پ پ کانپوءِ ٻئين نمبر تي ايم آر ڊي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ عوامي تحريڪ هئي. بقول فرحان صديقي جي ضياءُ الحق طرفان جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ سنڌي قوم ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. ان ئي مقصد خاطر هن سنڌي قوم کي ٻن حصن يعني هڪ پاسي رسول بخش پليجو جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪندڙ عوامي تحريڪ جيڪا ايم آر ڊي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي هئي، کي ڪمزور ڪرڻ ته، ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي رهنمائي هيٺ هلندڙ جيئي سنڌ محاذ کي ايم آر ڊي کان پري رکڻ جي سازش ڪئي وئي.
اهو ئي وقت هو جڏهن سنڌ ٻن سياسي محاذن ۾ ورهائجي چڪي هئي، هڪ طرف ايم آر ڊي حمايت ته ٻئي طرف ايم آر ڊي کي صرف پ پ پ جي تحريڪ ڪوٺي ايم آر ڊي کان پري رهڻ جي صلاح ڏيندڙ محاذ هو. ساڳئي وقت سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جهڙي اجگر بلا جو قيام به عمل ۾ اچي ويو، جنهن سبب پڻ سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي حوالي سان سنڌي قوم اندر ئي ڏڦيڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هڪ طرف عوامي تحريڪ هئي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ ايم ڪيو ايم سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار نه هئي ته ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي جيئي سنڌ هئي جنهن طرفان سنڌيمهاجر ڀائيچاري جي نقطي تي ڳالهائيندي، ايم ڪيو ايم سان ويهڻ لاءِ پڻ رضامندي جي هامي ڀري پئي وئي.
سائين جي ايم سيد کي به يقينن ٻين سياسي شخصيتن جيان هڪ شخصيت جي ئي حيثيت حاصل آهي ۽ يقينن سائين جي سياست ۾ ڪيتريون ئي سٺايون ته ساڳئي وقت ڪيتريون ئي اوڻايون به هيون ۽ مان سمجھان ٿو ته اهو هر ڪنهن جو حق آهي ته هو اخلاق جي دائري ۾ رهندي سائين جي سياسي زندگي جي ٻنهي پهلوئن تي ڳالهائي سگھي ٿو. تنهنڪري سائين سان سياسي طور ماڻهو ڪيترو ئي اختلاف ڪري سگھي ٿو پر اها حقيقت به تسليم ڪرڻي پوندي ته اهو سائين جو ئي ڪمال هو جنهن سنڌ جي تاريخ ۾ تڪراري ئي سهي بهرحال سنڌي قومپرستي کي دنيا جهان اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ساڳيءَ طرح سائين جي ادبي پورهيي کي پڻ ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. جيتوڻيڪ سائين “جيئن ڏٺو آهي مون”، “سنڌ جا سورما” وغيرهه جهڙن ڪتابن لکڻ کانپوءِ ادبي حوالي سان به تڪراري شخصيت رهيو آهي. پر هر ڪنهن کي اظهار جي آزادي جو حق آهي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو وٽ پنهنجي ڳالهه کي دليلن جي آڌار ثابت ڪرڻ جي اهليت آهي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگھجي.
مان اميد ڪريان ٿو ته منهنجي هن مضمون سان ڪنهن جي به دل آزاري نه ٿي هوندي ۽ مان سمورن پڙهندڙن کي گذارش ڪيان ٿو ته اچو ته پاڻ سڀ گڏجي سنڌ اندر صحتمند تنقيد، تحقيق ۽ دليلن سان قائل ڪرڻ واري بحث مباحثي کي هٿي وٺرائيندي، سنڌي قوم کي دنيا جي نظرن ۾ سرخرو ڪيون. بهرحال منهنجي طرفان سنڌ جي هن امر ڪردار سائين جي ايم سيد جي ڄمڻ ڏينهن تي سڄي سنڌ کي لک لک واڌايون.



جي ايم سيد
۽ اڄوڪي قومي تحريڪ
عبدالخالق جوڻيجو
دنيا جا سمورا غير معمولي انسان (پوءِ اهي پيغمبر هجن، انقلابي هجن يا وڏا سماج سڌارڪ) ٻه ڳالهيون ضرور ڪندا آهن جيڪي انهن کي عام انسانن کان مختلف ۽ منفرد ڪنديون آهن. هڪ ته اهي پنهنجي خاص سوچ، فڪر يا پروگرام ڏيندا آهن ۽ ٻيو عملي ڪردار ۽ سندن زندگيءَ جو پيغام اهو هوندو آهي ته انسانن جي نجات ان پروگرام ۾ آهي ۽ اهو پروگرام اهري ڪردار سان عمل ۾ اچي سگهندو.
جي ايم سيد هن خطي جو هڪ غير معمولي انسان هئو. ان جي زندگي به انهن ٻن ڳالهين سان عبارت هئي. سندن سوچ اها هئي ته هن خطي جي ماڻهن جي نجات نيشنلزم ۽ سيڪيولر ازم سان وابسته آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ هن هڪ مثالي عملي زندگي گذاري. انهن غير معمولي انسانن کي جتي هڪ طرف وقت جي بالادست قوتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو آهي اتي (خاص ڪري سندن وفات کانپوءِ)  سندن پوئلڳن طرفان به وڏا مسئلا پيدا ڪيا ويندا رهيا آهن. جي ايم سيد سان به ساڳي صورتحال لاڳو رهي آهي.
سيد جڏهن قوم پرستيءَ جي تعريف ڪئي آهي ته هن جديد قومر پرستي جو ذڪر ڪيو آهي. اتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هن جديد قومپرستيءَ جو اصطلاح ڇو استعمال ڪيو ۽ ان مان سندس مراد ڇا آهي. تاريخ ۾ قوم جو (۽ قوم پرستيءَ جو) تصور مختلف وقتن تي مختلف رهيو آهي. ڪڏهن قبيلي کي، ڪڏهن مذهب کي ته ڪڏهن ڪنهن ٻي ڳالهه کي قوم جو بنياد قرار ڏنو ويو. جي ايم سيد جنهن قوم پرستيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ان ارڙهين صديءَ ڌاري مغربي يورپ ۾ وجود ورتو. ان جا بنياد تاريخ، جاگرافي، زبان، ڪلچر ۽ مشترڪه مفاد آهن ۽ انهن ئي بنيادن تي دنيا ۾ قومن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. ان جي وجود وٺڻ جو هڪڙو خاص پسمنظر آهي. يورپ تي هڪ ڊگهي عرصي کان ٽن عنصرن جي بالادستي هئي. چرچ، جاگيردار ۽ بندوق جي زور تي قائم سلطنتون، اهو يورپ جو اونداهون دور سڏيو ويو آهي. جڏهن اتي سجاڳيءَ جو دور آيو ته ٽن نون عنصرن جو پراڻن سان مقابلو ٿيو. اهي هئا، سيڪيولرازم، ڪئپيٽلزم ۽ قومي رياستون ۽ پوءِ تاريخ جي فيصلي تحت پراڻن کي شڪست نصيب ٿي ۽ نئون يورپ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. ان مان ظاهر ٿيو ته جديد قوم پرستي ملائيت، جاگيرداري ۽ سامراجيت جي شڪست جي صورت ۾ وجود ورتو. ان مان اهو نتيجو نڪتو ته جديد دنيا جي قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، لازمي آهي ته اها جاگيردار دشمن هجي ۽ لازمي آهي ته اها سامراج دشمن هجي.
سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي ارتقا جي تفصيل ۽ تشريح پيش ڪندي سائين جي ايم سيد جيڪو تجزيو ڪيو آهي ان مطابق نيشنلزم بمقابله پئن اسلامزم آهي. هڪ طرف پئن اسلامزم جي تحريڪ آهي (محمد بن قاسم ۽ جمال الدين افغانيءَ کان وٺي سر سيد احمد خان تائين) جنهن جو منشور ۽ مقصد اهو آهي ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪڙي قوم آهن، مسلمان باقي ٻي سڄي دنيا کان معتبر (Superior) آهن ۽ سڄي دنيا تي مسلمانن جي حڪمراني هجڻ کپي. ٻئي طرف راجا ڏاهر کان وٺي سنڌ جي تشخص جي تحفظ جي جنگ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، هوش محمد شيدي، الله بخش سومري ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کان ٿيندي (بنگلاديش جي قيام کان پوءِ) جديد بنيادن تي سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي بحاليءَ واري جدوجهد تائين پهتي آهي. ان کان علاوه تاريخي علم ۽ پنهنجي تجربن جي روشنيءَ ۾ سائين ان نتيجي تي پهتو ته پيرن، ميرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن سردارن مان سنڌ جي ڀلائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ۱۹۷۲کان ڪوبه پير، مير، وڏيرو (بشمول سندس خاندان جي) سندس تحريڪ ۾ شامل نه رهيو.
سنڌ جي قومي تشخص جي تلاش، تحفظ، بقا ۽ نجات لاءِ جنگ ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد سان وقت جي حاڪمن ۽ انهن جي ايجنٽن جيڪي ورتاءُ ڪيو آهي ان بابت ڪافي لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي ۽ اهو مقابلو به اڃا جاري آهي پر اها به هڪ مڃيل ۽ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته انساني جسم هجي يا انساني سماج اهو ٻاهرين حملن جو مقابلو تڏهن ڪاميابيءَ سان ڪري سگهندو ۽ اها مقابلي جي سگهه تڏهن پيدا ٿيندي. جڏهن اندروني نظام صحيح صورت ۾ هوندو. سو جيڪڏهن اسان سنڌ سان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ سان پنهنجي جسم وانگر پيار ڪريون ٿا ته پوءِ سنڌ جي صحت جي ضامن قومي تحريڪ جي اندروني نظام کي درست حالت ۾ رکڻو پوندو. اهو درست تڏهن ٿيندو جڏهن ان کي لاحق بيمارين جو علاج ڪبو ۽ جديد طب ٻڌائي ٿي ته بيمارين جو صحيح علاج تڏهن ٿيندو جڏهن انهن جي تشخيص ڪبي ۽ انهن جي وجود کي تسليم ڪبو.
سڀ کان پهرين ۽ مکيه ڳالهه اها آهي ته قومي تحريڪ جي سيڪيولر بنيادن تي سوديبازي ڪندي ان کي مذهبي مُلن جو محتاج بڻايو ويو آهي. فڪري ۽ تاريخي حقيقت اها آهي ته جيڪا تحريڪ سيڪيولر ناهي اها قومي تحريڪ ٿي ئي نٿي سگهي. هتي صورتحال اها آهي ته اهي مذهبي انتهاپسند جيڪي سنڌين کي قوم ئي تسليم نٿا ڪن ۽ اعلانيه طور چون ٿا ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ قوم آهن، سڄي دنيا تي مسلمانن جي حاڪميت قائم ڪرڻ جي جستجو ٿا ڪن ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي سنڌ ۾ آمد ۽ آبادڪاريءَ جا حامي آهن انهن کي قوم پرست ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي. جڏهن ته اصليت ۾ اهي محمد بن قاسم، محمود غزنوي ۽ جمال الدين افغانيءَ جو تلسل ۽ انهن جانشين آهن. افسوس بلڪه ماتم ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اهڙن بنياد پرستن کي پنهنجو هيرو ۽ ”سنڌ جو شهيد“ سڏيندڙن ۾ پاڻ کي جي ايم سيد جا سچا سپاهي چوائيندڙ سياسي ليڊر به آهن ته سقراط، سارتر ۽ ايڊورڊ سعيد جا ساٿاري سڏرائيندڙ دانشور ۽ ليکڪ به شامل آهن. قومي سوال بابت سنڌ جي قومپرست ليڊرن ۽ دانشورن جي اهڙي رويي ۽ ڪردار تي روسو کان وٺي فرانز فينن ۽ جي ايم سيد جهڙا عالم ۽ لينن کان وٺي منڊيلا ۽ الله بخش سومري جهڙا ليڊر قبر ۾ به پاسا وٽيندا هوندا.
سڄي دنيا وانگر پاڪستان جا دانشور به هاڻي اهو ٿا چون ۽ لکن ته وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشت گرديءَ جو مکيه ڪارڻ تعليمي نظام اندر مختلف مذهبن وچ ۾ نفرت پيدا ڪندڙ مواد آهي تنهن ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ نفرت ۽ تفريق کي ختم ڪرڻ لاءِ فوجي ڪارروائيءَ سان گڏ ضروري آهي ته تعليمي نصاب کي درست ڪيو وڃي. جيڪا هن خطي ۾ سيڪيولر ازم لاءِ ڪيل جي ايم سيد جي جدوجهد جي ڪاميابي آهي. پر ڪيتري نه شرم جي ڳالهه آهي ته جي ايم سيد کي رهبر چوندڙ هڪ فرقي پرست تنظيم سان گڏجي سکر جهڙن شهرن ۾ مظاهرا ٿا ڪن ته نصاب مان اهي مذهبي تفريق ۽ فرقي پرستيءَ تي ٻڌل سبق خارج نه ڪيا وڃن. ان کان اڳ ۾ سيتا ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو جنهن سنڌ جي پنج هزار سالا تاريخ کي لڄائي ڇڏيو، سنڌي قوم جي انسان دوستي، رواداريءَ ۽ ڀائيچاري وارين دعوائن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ لطيف، سچل، مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ جي ايم سيد جي انسانيت ۽ عالمگيريت واري پيغام کي داغدار ڪري ڇڏيو جڏهن هڪ انسان کي مذهب جي آڙ ۾ باهه ڏئي ساڙيو ويو. جنهن وقت ان انسان سان گڏ انسانيت سڙي رهي هئي ته ان جي چوڌاري نعرا هڻندڙن جي هٿن ۾ ڪهاڙيءَ وارا ڳاڙها جهنڊا هئا. اهو منظر يوٽيوب ذريعي سڄي دنيا ڏٺو.
ٻي ڳالهه ته، جيئن شروع ۾ ذڪر ٿي چڪو، قومي رياستن وجود ورتو فيوڊلرزم جي شڪست ٿي. سائين جي ايم سيد جي به هر ڪتاب ۾ ۽ هر ڪتاب جي هر باب ۾ پير، مير، جاگيردار جي قوم دشمن ڪردار جو ذڪر ٿيل آهي. پر هتي ڪيترا جي ايم سيد جي نالي تي ۽ قوم پرستيءَ جي نعري تي سياست ڪندڙ همراهه انهن ئي پيرن، ميرن، جاگيردارن ۽ سردارن جون سلاميون ڀرن ٿا، انهن کي پيرين پون ٿا ۽ انهن کي پنهنجو ليڊر ۽ سنڌ جو نجات ڏياريندڙ قرار ڏين ٿا. جاگيرداريءَ کي جلا بخشيندڙ ادارو جرڳو آهي جتي اڪثريتي غريب عوام جي قتلن جي قيمت لڳائي ويندي آهي جنهن مان جاگيردار/سردار ڪميشن کائيندو آهي ۽ جتي غريب پورهيتن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن جي عزتن جا سودا ڪيا ويندا آهن. ڪيترا قوم پرست اڳواڻ انهن جرڳن ۾ جاگيردارن جي پاسي ۾ ڪرسيءَ تي ويهڻ پنهنجي لاءِ فخر ۽ اعزاز سمجهندا آهن. ٻيا وري هڪڙا قومپرست ليڊر اهڙا آهن جيڪي پاڻ اهي جاگيردارن ۽ سردارن وارا ڪم ڪندا آهن ۽ مُلن واريون ريتون رسمون اختيار ڪندا آهن. ان مٿان ظلم ته وري اِهو ته اُهي پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندا آهن.
جديد قومپرستيءَ جي ٽين بنيادي وصف سامراج دشمني آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي قوت آمريڪا آهي جنهن جو ڪم ۽ مقصد ئي ملڪن، قومن ۽ انسانن کي غلام بڻائي انهن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ آهي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ اهو هڪ طرف مني سامراجي رياستن (جهڙوڪ اسرائيل، پاڪستان ۽ ترڪي وغيره) جي پالنا ڪندو آهي ته ٻئي طرف بدترين وحشي ڊڪٽيٽرن جي تربيت ۽ پرورش ڪندو آهي جيڪي لکين انسانن کي قتل ۽ هزارن کي گم ڪري ڇڏيندا آهن. انڊونيشيا جو سوهارتو، فلپائين جو مارڪوس، چلي جو پنوشي ۽ پاڪستان جو ضياءُ الحق رڳو چند مثال آهن. دنيا جي آزادي پسند رهنمائن جهڙوڪ سوئيڪارنو، لممبا، بن بيلا، نڪروما ۽ شيخ مجيب جي حڪومتن جا تختا اونڌا آمريڪا ڪرايا، دنيا ۾ قومي آزادي ۽ سوشلزم جي تحريڪن جي حمايت ۽ مدد ڪندڙ سوويت يونين کي ڊاهڻ خاطر سڄي دنيا جي مذهبي انتهاپسندن جي مدد آمريڪا ڪئي. جنهن جا نتيجا اڄ انسانذات ڀوڳي رهي آهي. آزاد ۽ خودمختيار ملڪن عراق، ليبيا ۽ شام تي چڙهائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ دهشت گردي، جنگ ۽ تباهي ڦهلجي ٿي رهي. ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي ته قومي آزاديءَ جا نعرا هڻندڙ ۽ جي ايم سيد جو نيشنلزم، سيڪيولرزم، سوشلزم ۽ جمهوريت وارو منشور رکندڙ پارٽيون ۽ ليڊر آمريڪا کي مدد لاءِ منٿون ڪندا ٿا رهن. هڪڙا ته اهڙا به آهن جيڪي اسرائيل کي به اپيلون ڪندا رهندا آهن جيڪا پاڪستان وانگر مذهب جي نالي تي ۽ فلسطين جي ڌرتيءَ جي قبضو ڪري ٺاهيل رياست آهي. ٻيا وري اهڙا آهن جيڪي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري جدوجهد جي ان ڪري حمايت نٿا ڪن ته ان سان ڀارت ناراض ٿيندو. (سنڌ جي قوم پرستي پارٽين مان جيئي سنڌ محاذ واحد جماعت آهي جيڪا واضح نموني ڪشميري جدوجهد جي حمايت ڪري ٿي). انهن کي شايد اها خبر ناهي ته جيڪا قوم ٻين جي غلاميءَ جي حمايت ڪندي اها پاڻ ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندي.
قومي آزاديءَ جهڙي اعليٰ ترين آدرش لاءِ عملي ڪردار به اهڙو ئي اعليٰ گهرجي جنهن جو مثال سنڌ ۾ جي ايم سيد پيش ڪيو. جي ايم سيد خانداني ملڪيت ۾ ڪوبه اضافو نه ڪيو، اڃا به اها ملڪيت قومي تحريڪ تي خرچ ڪيائين. پر اڄوڪي سنڌ ۾ ڪيترن قوم پرست ليڊرن قومي تحريڪ کي استعمال ڪندي دولت جا انبار گڏ ڪيا ۽ ڏسندي ڏسندي پورهيت مان جاگيردار بڻجي ويا. سيد جو اصول هئو ته نيڪ مقصد صرف نيڪ طريقن ۽ ڪردار سان حاصل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته انهن اڳواڻن جو ايمان آهي ته نيڪ مقصد لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي ۽ ڪوبه ڪڌو ڪم ڪرڻ بجا آهي. جي ايم سيد پنهنجي سموري سياست، خاص ڪري قومي آزاديءَ جو پروگرام ڏيڻ کانپوءِ، قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي پر ان جي نالي تي سياست ڪندرن عملي طور ڪتابن کي باهيون ڏنيون ۽ استادن کي چماٽون هنيون. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته جيڪي اڄ ڪتاب ساڙيندا اهي صبحاڻي انسانن کي ساڙيندا. جن يونيورسٽيءَ ۾ ڪتابن کي ساڙيو انهن سيتا ۾ انسان کي ساڙيو.
جي ايم سيد جو پنهنجي سموري جدوجهد دوران مقابلو حڪمرانن سان ۽ مُلن سان رهيو. حڪمرانن ۽ ملن جو هميشه ڪم فتوائون جاري ڪرڻ رهيو آهي. جيڪو به ماڻهو انهن جي سوچ کان مختلف سوچ رکندو ان خلاف ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون وينديون آهن پوءِ اهو سقراط هجي، گئليلو هجي، بلاول هجي يا سرمد هجي. جي ايم سيد خلاف به حڪمرانن ۽ مولوين ايئن ئي ڪافر ۽ غدار جون فتوائون جاري ڪيون. هاڻي وري اهو ئي ڪم پاڻ کي سيد جا سچا پوئلڳ، جانشين ۽ سندس فڪر جا چوڪيدار چوائيندڙ ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو انهن جي مخصوص ۽ مجروح سوچ ۽ ڄاڻ کان ٻاهر ڪا ڳالهه ڪري ٿو ته يڪدم ان خلاف ڪفر جي فتوا جاري ڪريو ٿا ڇڏين.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سيد جي فڪر، پرگرام ۽ ڪردار جي ابتڙ اهي سمورا عمل اهي همراهه رڳو پنهنجي ڪم علميءَ جي ڪري ٿا ڪن يا ڪِن ننڍن ذاتي مفادن خاطر يا سيد جي خلاف ڪنهن وسيع منصوبي جي حصي طور ٿا ڪن؟



جي ايم سيد
جديد قومپرستيءَ جو باني
حيدري چانڊيو
جي ايم سيد، ها سائين جي ايم سيد جنهن جو جنم ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سنڌوءَ جي ڪناري تاريخي ڳوٺ ’سن‘ سيد خاندان حيدر شاهه جي پشت مان سيد محمد شاهه جي گهر ۾ پيدا ٿيا. هو وسيع نظر، روشن خيال، خودداري، بصيرت راءِ، پختگي فڪر، زاهد و تقويٰ جهڙين خوبين جو مالڪ هيو. سچ ته جدوجهد جي عمل ۾ پهاڙن وانگر بلند حوصلو رکندڙ، ستارن وانگر روشن خيال، چوڏهين جي چنڊ جهڙي صاف روشني جهڙو شفاف ڪردار، سج جي روشن ڪرڻن جهڙي سچائي، سمنڊ وانگر وسيع علم وارو، سنڌو درياهه جهڙي روان دوان طبيعت ۽ همه گير صلاحيتن جو مالڪ، مهمان نواز، خليق ۽ شفيق جي مجموعي جو نالو جي ايم سيد آهي، هن عظيم انسان تي لکڻ لاءِ منهنجي گهٽ ڄاڻ ۽ اڌورو علم ڪافي ناهي پر پوءِ به پنهنجي وت ۽ وس آهر چوندس ته سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تقسيم موجود هيو، جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ جي شاعري ۾ ته موجود هيو پر ان فڪر جو عملي پيروڪار سائين جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو! اهڙن عظيم انسانن لاءِ شاهه عبداللطيف کي چوڻو پيو ته:
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا.
ڏٺو ويندو ته ڀٽائي گهوٽ جي شاعري آيتن جي صورت ۾ اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، کيس سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم خاص طرح سنڌي نوجوانن کي ڪافراڻيون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي! مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪيئي رڪاوٽون وجهي کيس جهڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهڪڻ نه پر کين جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن به لُٽيري رهزن سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم سيد آواز اٿاري ٿي چيو ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هيو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر ڄاڻڻ سڃاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندڙ هو جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، هو عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر به هو. هن سنڌي قوم جي اصلاح، توڙي خودمختياري جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم عقل جي وسعت ۽ گهرائيءَ پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو، سندس هر تقرير تحرير ۾ خاص طرح نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو! انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، حضرت علي عه جو قول آهي ته ”دنيا جي هر ميدان ۾ هار ۽ جيت هوندي آهي پر اخلاق ۾ ڪڏهن به هار نٿي ٿي سگهي، تڪبر ۾ ڪڏهن به جيت نه هوندي آهي.“ کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو! پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هو، مون پنهنجي عمر جا ٽيهارو سال سندس نياز مندي ۾ گذاريا، هن وقت مون اسي سال جي ڏهاڪي ۾ پير پاتو آهي. سائين جي ايم سيد سان گذاريل ٽيهن سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري! مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائيءَ جي شفاف چشمن مان جيڪي چُڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي مون پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن. هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو ڀرپور پيالو پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ خاص انداز اچي چئي پياري پُر ڪيو. انهن کان اڃان تائين خمار نه لٿا آهن، اهي قوميت جي مئي جا متوالا اڄ به جهومندي نظر اچن ٿا ۽ پنهنجي منزل جي ايم سيد جي ڏنل پيغام ۾ ٿا سمجهن ۽ سندس اصولن تي ڪاربند پنهنجي حال آهر جستجو ۾ مصروف آهن ۽ اها اُميد اٿن ته هڪ ڏينهن ظلم جو ڪوٽ ضرور ڪرندو.
هڙ ۾ ڪين هون، هوئين هنن نه چاڙهيا،
سارو ڏينهن سمونڊ تي، لهي سج ويون،
جڏهن سائينءَ سبب ڪيون، ته ستڙ ٿيا سيد چئي!
جي ايم سيد سان جڏهن به سنڌ جي مختلف يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن جا وفد ملڻ لاءِ ايندا هئا ته ساڻن مخاطب ٿيندي چوندو هو ته اوهان پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ سان وابستگي، پنهنجي سنڌي زبان سان محبت، قديم روايات ۽ پنهنجي ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن، سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشنري ٿي ڪم ڪرڻو آهي، سنڌ ڌرتي دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر آهي، سنڌ حب الوطني، وفا، قرباني، مهمان نوازي، رواداري، غيرت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ خاڪ شفا آهي، سندس پاڻي اسان لاءِ آب ڪوثر آهي، ان جي هر چيز باعث رحمت آهي. پيغمبر خدا کي به سرزمين سنڌ کان ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري سندن دعائون مٿس سدائين وسن پيون، سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، ان جا دشمن اسان جا دشمن آهن، اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبن، نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي ختم ڪري انسان ذات ۾ اتحاد، امن، فلاح ۽ بهبود پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، ان ۾ سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي، اخلاق درستگي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي اتفاق گفتگو وسيلي ٿيڻ هو، تشدد، نفرت، خود مطلبي ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمت اللعالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ ظلم زيادتي کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دور قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ آيل هو. مذهب اسلام جي ٻي گروهه جو چوڻ هو ته مذهب اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا. انهن مطابق ملڪن تي چڙهايون ڪري خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪري ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪرو ڪرڻ جهڙين ڪمن کي جائز ڄاتو ٿي ويو. اڃان تائين مسلمان ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهرين گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن ۽ درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو. هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن جي ڪري ماڻهن قبول ڪيو هو، هڪ طرف مذهب اسلام امن امان جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب اسلام جي نالي ۾ ٿي رهي آهي. انهيءَ ۾ مذهب جو ڪو به قصور ناهي، ڇوته اسان جي تعليم ۽ درس واري عمل ۾ اهڙو سڌارو آڻڻ جي گهرج آهي، جنهن کان اسين وانجهيل پسجي رهيا آهيون.



سائين جي ايم سيد
ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان
ڊاڪٽر مير عالم مري
گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو.
(۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو.
سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني با اثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي.
آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين، اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو  جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد  انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ  آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع  ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو.
دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي ضرورت هئي يا انتها پسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن.
۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ.
اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽  انتها پسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي.
آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن:
. جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن  گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون.. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون.
.ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو.



سائين جي ايم سيد
جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي
هيمون ڪالاڻي/ حيدرآباد
سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏينھن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا.



جي ايم سيد
آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص
مولائي ملاح
معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءُ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته:
تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان،
تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان.
سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو.
جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس،
جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس،
ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾.
سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو.
هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد  سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته:
مون ڏات  انوکي آندي  آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٿا ڀاري  تنـهـنجا برج  لڏن،
تون هيڻو آن، هٿيارن سان.
وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي.
سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو.
سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته:
جوت ٻرندي رهي
رات ٺرندي  رهي
باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان!
اڄ چئي ٿو وڃان
مڌ ريٽي جيان، نيٺ سنڌوءَ مٿان
اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان.
سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي  مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين.
سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“
اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي  پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي.
اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي.
اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون.



سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط
سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن
ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري،
من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم
برادرم عزيز، تسليم
اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو:
حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست،
ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد.
سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا.
اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو.
اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان.
اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر توکي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. توکي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي  ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي.
تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان
هماي همت خود را به بلند ده پرواز
آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري.



سائين جي ايم سيد
ٿي ماڪ وسي ميخاني تي
الطاف ملڪاڻي
۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي.
اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي  ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي  ڌتڪاريندڙ  ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار  هئا.
سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن.
سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو.
ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته:
”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت  يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته:
”اُپٽيان، ته انڌيون، پوريو پرين پسن
آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“
سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو  پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته:
”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته:
”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“
۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ
سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو.
سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته:
”جوگي جگت ڪرتا نهين
ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟
اپنا اندر رنگتا نهين،
ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟
قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا
غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟
حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟
دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين،
حاجي بنا تو ڪيا هوا؟
سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟
دل ڪا رونا روتا نهين،
آنسو بها تو ڪيا هوا؟
سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟



سائين جي ايم سيد جو ورثو

The Legacy of G.M. Syed

زاهد ميراڻي
”تون مري ويو آھين ۽ مري ويلن تي مان تلوار نھ کڻندي آھيان“، ھي جملو جھانسيءَ جي راڻيءَ انگريز دور ۾ ھندستان جي ھڪ راجا کي مخاطب ٿيندي چيو ھو، جنھن ھندستان جي مفادن کي پُٺ ڏئي انگريزن سان وفاداري نڀائي ھُئي، جھانسيءَ جي راڻيءَ جو ھي جملو تھ بظاھر عام جملن جھڙو ئي آھي پر ان جملي جي جيڪا ڪاٽ آھي، اھا ڪنھن تکي ڪات ۽ ڪھاڙي کان وڌيڪ آھي، ھوند وقت جي انھيءَ غدار راجا جو اھي لفظ ٻڌي ڪنڌ شرم مان جھڪي ويو ھوندو.
پر سنڌ ۾ بدنصيبي اھا آھي تھ ڌرتيءَ جي غدارن تي لفظ تھ پنھنجي جاءِ تي لعنت ملامت بھ اثر نھ ٿي ڪري، تھ پوءِ انھن کي لفظن ۾ احساس ڪيئن ڏياري سگنداسين، غداري ڇا؟ آھي، غداري ڪيئن ڪبي آھي ۽ غداري ڪرڻ جو انجام ڇا؟ ٿيندو آھي، اھي ٽئي اھڙا سوال آھن جن جا ھوند تھ جواب بھ سڀ ڪنھن وٽ الڳ الڳ ئي ھوندا، پر اھا ڳالھھ پڪ سان چئي سگھجي ٿي تھ انھن سڀني جوابن جو لبِ لباب ساڳيو ئي ھوندو.
سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي ذات صفات مان سمجھان ٿو تھ اڪيلي ئي آھي جيڪا ھاڻي تاريخ جو ھڪ زندھ ۽ جاويد باب بڻجي چُڪي آھي، دنيا ۾ شعور ۽ ساڃاھھ وند معاشرن ۾ وصال بعد انھيءَ شخصيت کي زندھ ۽ جاويد سمجهيو ويندو آھي، جن جو فن، فڪر ۽ فلسفو ڪنھن نھ ڪنھن حوالي سان سماج ۾ زندھ ھُجي، سماج جي رھنمائي ڪري ۽ ان کي سگھھ، طاقت، قوت ۽ جولان عطا ڪري ۽ ان کي اڳتي وٺي وڃڻ جو ڪارڻ بڻجي، باقي نھ تھ سماجن ۾ اھڙا بھ سوين، ھزارين فلسفي ۽ مفڪر ۽ اڳواڻ ھر وقت موجود ھجن ٿا جن جي اھا شديد خواھش ھوندي آھي تھ ڪو کين کڻي سلام ئي ڪري تھ بھ سٺو.
اڄ اسان جنھن سنڌ ۾ ساھھ کڻي رھيا آھيون، اھا سنڌ ٽن ھستين جي ڪري پنھنجو وجود قائم رکي سگھي آھي، ۽ ھوند تھ ڪائنات جي آخري گھڙيءَ تائين پنھنجو وجود قائم رکندي، انھن ٽن ھستين مان پھرين ھستي مھاديو شوو جي آھي، ٻي ھستي مھا راجا ڏاھر جي آھي ۽ ٽين ھستي مھا رھبر سائين جي ايم سيد جي آھي، انھن ٽنھي ھستين جي طفيل اڄ سنڌ اسان وٽ پھتل ۽ بچيل آھي، نھ تھ ھوند سنڌ جو نالي وٺڻ وارو بھ ڪو نھ ھُجي، انھن ٽنھي ھستين جي خوبي اھا آھي تھ اھي ٽئي ھستيون سنڌ جي نالي واري مالھا ۾ املھھ موتين وانگر پويل آھن ۽ سنڌ جي سڳي ئي انهن ٽنهي املهه موتين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي.
سنڌ ويدڪ مذھب جي ڌڻي ۽ سرجڻھار ڌرتي آھي ۽ مھاديو شوو ويدڪ مذھب جو خدا آھي، دنيا جي سمورين انسائيڪلپيڊياز، علم نامن ۽ مذھبي ڪتابن ۾ اھا ڳالھھ چٽي نموني لکيل آھي تھ، ”مھا ديو شوو سنڌو تھذيب جو خدا آھي“، تنھنڪري ئي اسان سنڌين جي اھا دعوى بھ ھوندي آھي تھ ”شوو سنڌ آھي ۽ سنڌ شوو آھي، نھ تھ سنڌ کان سواءِ ڪو شوو جو تصور آھي ۽ نھ وري شوو کان سواءِ سنڌ جو ڪو تصور ئي ڪري سگھجي ٿو.
دنيا ۾ جڏھن بھ ”سنڌوءَ جي سلطنت“ جو ذڪر ٿيندو آھي تھ اتي ”مھاديو شوو“ جو ذڪر اڻ ٽر ٿي پوندو آھي جو شوو ئي اھڙي ھستي آھي جيڪا سنڌو تھذيب جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ٿي، سنڌ جنھن ۾ اسان جي رھيا آھيون، اھا سنڌ ان سنڌ جو ھڪڙو ننڍڙو پاڙو آھي ”جيڪا تھذيبي طور تي“، ”اسان جي سنڌ“ ۽ جنهن جو وجود “سنڌوءَ“ سان سلهاڙيل آهي، اهڙو سنڌو تهذيب جو تعين مھاديو شوو جي ھستيءَ ئي ڪيو آھي، قديم دور کان وٺي اسان سنڌين جو اھو مڃڻ آھي تھ جتي، جتي شوو آھي اتي، اتي سنڌ آھي، انھيءَ حوالي سان جيڪڏھن سنڌو تھذيب جي پکيڙ ڏسنداسين تھ ڪراچي ڪنڊ ملير کان وٺي، ھندو ڪش ۽ ڪيلاش بربت تائين سنڌو تھذيب جو ڦهلاءُ آھي، ھن وقت جي بلوچستان ۾ شامل علائقا جن ۾ حب، لس ٻيلو، سبي، ڍاڍر، گوادر، ڪولپور، قلات، چمن، ڪوئٽا، مڪران اچي وڃن ٿا، اھڙا علائقا آھن جن جي چپي چپي تي ھزارين سالن کان شوو مندر جوڙيل آھن ۽ سنڌي رھندڙ آھن، ھن وقت جي ڪابل ۽ قنڌار سميت ايران جي سيوستان واري علائقي تائين، شوو مندرن جو هڪ سلسلو قائم آھي، ھندستان جي ستن رياستن ٻاڙميڙ، بڙودا، جيسلمير، راجستان، رڻ، ڪڇ، ڀڄ، ڪاٺياواڙ، گجرات شوو مندرن سان سٿيو پيو آھي، مها ديو شوو جي سنڌو تھذيب جي خدا ھجڻ جي حيثيت ۾ ھر اھو خطو جيڪو سنڌوءَ جي ڪناري يا لڳ ڀڳ آباد آهي ۽ جتي شوو مندر آھي اھو علائقو سنڌو تھذيب جو حصو آھي.
سنڌو جيئن ئي ھندوڪش مان پنھنجو سفر شروع ڪري ٿي تھ رستي ۾ ايندي ايندي پنھنجا تھذيبي اثر ڇڏيندي اچي ٿي ۽ اچي ٺٽي ۾ سنڌي وڏي سمنڊ سان ملي ٿي، پر رستي ۾ ڪيئي ھنڌ ۽ ماڳ اھڙا به آھن جتان سنڌو پاسو ورائي ۱۹۴۷ع بعد ھندستان ۾ شامل ٿيل سنڌ جي ريگستاني علائقن ڏانھن وڃي ٿي،  سنڌ جي سرحدن مان سنڌوءَ جو اھڙو سفر علي واھڻ کان راجستان طرف شروع ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ مھراڻو، پراڻ ۽ ھاڪڙو ننديون وجود ۾ اچن ٿيون جيڪي صدين تائين ٿر جي صحرا کي آباد، سائو ۽ سکيو ستابو رکن ٿيون، اھو ئي سبب آھي جو ٿر جو علائقو جيڪو ويجھي ماضيءَ جي سنڌ جي عظيم ريگستان جي علائقو رهيو آھي کي شاھوڪار چيو ويندو ھو، پر بدقسمتيءَ سان ڪلھوڙن جي دور ۾ آبياني جي مسئلي تي سنڌوءَ جو وھڪرو ٿر طرف بند ڪيو ويو جنھن بعد ئي ٿر ريگستان ۾ تبديل ٿي ويو، انھيءَ ريگستان واري علائقي ۾ سنڌو تھذيب جا ٻھ وڏا شھر ھيا جن مان ھڪ لوٿل ۽ ٻيو ڍولا ويري آهي، جن جي ڪافي وقت اڳ کوٽائي ٿي آھي، انھيءَ کانسواءِ سنڌو تھذيب جي ٻين وڏن شھرن ۾ ھن وقت جو ھڙپا، جنھن کي ۱۹۴۷ع بعد پنجاب جي حصي ۾ ڏنو ويو ۽ چيو ويو، پنجابين جو سنڌو تھذيب سان ڪو واسطو ئي نھ آھي، عجيب ڳالھھ آھي انھن سنڌو تھذيب جي قديم شھر کي پنھنجو ورثو قرار ڏئي پنهنجي تهذيب جو ورثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان بعد مھرڳڙھ (ھاڻوڪي بلوچستان ۾)، ڪوٽ ڏيجي ۽ لاکين جو دڙو سکر وارو، سنڌو تھذيب جا قديم شھر آھن.
موھن جي دڙي مان ملندڙ ڪيئي مھرن تي مھاديو شوو جو خاڪو اڪريل آھي ۽ سندس سان منسوب ”ساکيو“ جي نشان جون پڻ ڪيئي مھرون مليون آھن، ”ساکيو“ ، ”سنڌو تھذيب جو قومي نشان آھي“، ھي آھي مھاديو شوو جو سنڌ سان تعلق جو ھڪڙو ننڍڙو خاڪو، اھا آھي مھاديو شوو جي تھذيبي سنڌ ۽ مھاديو شوو، جيڪي پنھنجو صدين جو سفر ڪري اچي ۷۱۲ ھھ ۾ مھا راجا ڏاھر جي دور تائين پھچن ٿا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجو تھذيبي، تاريخي، اقتصادي، سماجي ۽ سياسي سفر ڪندي رھي آھي، جنھن متعلق تاريخ خاموش آھي. سنڌ کي مھاراجا ڏاھر جي دور تائين پھچندي اھي ئي سمورا علائقا ورثي ۾ ملن ٿا جيڪي شوو جي تهذيبي سنڌ جا هيا، راجا ڏاهر ئي اھو ئي تھذيبي ورثو حصي ۾ اچي ٿو، جيڪو مھاديو شوو جو آھي، سنڌ مھاديو شوو کان ٿيندي مھاراجا ڏاھر تائين پھچندي ھڪ مضبوط، عظيم ۽ خوشحال سلطنت جو روپ اختيار ڪري وڃي ٿي، جنھن جي خوشحالي، سونھن، علم ۽ ھنر جي ھاڪ سڄي دنيا تائين پھچي ٿي ۽ دنيا جي ڌاڙيلن، ڦورن ۽ گھلن کي جھڙوڪر پاڻ ڏانھن متوجھ ڪري ٿي، تاريخ ۾ سنڌ جي تباھيءَ جو ھڪ وڏو سبب سندس خوشحالي پڻ رھيو آھي، جنھن ڪري ھر بکئي ۽ ڌاڙيل سنڌ تي راتاھو ھنيو آھي، مھا راجا ڏاهر جي دور تائين پھچندي پھچندي سنڌو تھذيب پنھنجي انھيءَ تھذيبي علائقي کي جنھن کي مھاديوشوو جوڙيو ھو، انھن کي جھڙوڪر ھڪ انتظامي شڪل ملي وڃي ٿي. ڪتاب سنڌو سلطنت جا صوبا پڙھڻ سان اوھان کي سنڌو تھذيب جي پکيڙ وارن علائقن متعلق ڪافي ڄاڻ ملي ويندي.
سڄي دنيا جي سياسي تاريخ جي اھا ھڪ تلخ حقيقت رھي آھي تھ دنيا جي مظلوم ۽ پيڙهيل طبقن جي قيادتن کي سندن دشمن قوتون ڪيئي نموني زيرُ ڪرڻ جون ڪوشش ڪنديون آھن، پر انهن سمورين ڪوشش مان جيڪا ڪوشش انتھائي بدترين ۽ ڇسي انداز ۾ ڪئي ويندي آھي اھا آھي انھن اڳواڻن جي ڪردار ڪشي، جيڪا ھر طرح سان ڪئي ويندي آھي، انھن کي چور، ڌاڙيل، وڳوڙي، فسادي، نااھل، جاھل ۽ ڄٽ ھجڻ جھڙا سڀئي طعنا ڏنا ويندا آھن، پوءِ جيڪو جتي متاثر ٿئي، سائين جي ايم سيد گھڻو ڪري ٻين سمورين بدعتن کان پاڪ ۽ صاف صفا انسان ھو ۽ ان تي بداخلاقيءَ جو بھتان بھ نھ پيو ھڻي سگھجي، اھڙي صورتحال ۾ مٿس ٻھ ئي الزام لڳندا رھيا آھن، ھڪ تھ ھو غدار آھي جو ھُن قيام پاڪستان جو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ٻيو تھ ھو عالم نه آھي، سائين جي ايم سيد جا مخالف ان کان اڳتي ٻيو ڪجھھ چئي نھ سگھندا آھن، ائين ئي جيئن مڪي ۾ محمد صلعم جا مخالف جڏھن مٿس ٻيو ڪو الزام ھڻي نھ سگھندا ھيا تھ کيس جادوگر چوڻ ئي ڪافي سمجھندا ھيا.
ھتي اسان جو اھو بحث نھ آھي تھ سائين جي ايم سيد عالم نه ھيو، پر ھتي اسان فقط ايترو چوڻ چاھينداسين تھ اڄوڪي سنڌ ۾ شاھ عبدالطيف ڀٽائي ئي اھا واحد ھستي آھي جنھن ماڻھوءَ جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ دانشورن جي ھڪ وڏي کٽ ڏينھن رات ھڪ ڪيون ويٺي آھي، سرڪاري ادارن جي وڏن وڏن عھدن تي براجمان ٿي ڪري ڪيئي ڏھاڪن کان پيٽ پاليندي رھي آھي، تحقيق جي نالي ٿاڌل ڇاڻيندي رھي آھي، سائين جي ايم سيد ئي اُھو ماڻھو آھي جنھن شاھ لطيف جي فن، فڪر ۽ شخصيت کي اڄ کان سٺ، ستر سال اڳ ان وقت سنڌي ماڻھن کي آسان ۽ سولي انداز ۾ کولي ٻڌايو ھو جڏھن شاھھ لطيف جي ڪنھن کي خبر نھ ھوندي هُئي سواءِ مئخاني جي موالين جي ٻيو ڪوبھ شاھھ لطيف کي نھ سڃاڻيندو ھو، سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اھا پھرين ھستي آھي جنھن عام ماڻھن کي عام فھم انداز ۾ شاھھ لطيف جي فڪر کي سمجھايو، ھُن ماڻھن کي لطيف جي فڪر وسيلي سنڌ سمجھائي، ۽ لطيف جي فڪر ذريعي ئي وطن ۽ وطن سان محبت کي سمجھايو، اھو ڏينھن ۽ ھي ڏينھن وري ڪو سنڌي دانشور، ڏاھو ۽ عالم سنڌي عوام کي سائين جي ايم سيد وانگر لطيف ۽ ان جي فڪر ۽ شخصيت کي سمجھائي نھ سگھيو آھي، پر افسوس جو لطيف وٽ ڪا ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نھ آھي، ھا پر اھا حقيقت آھي تھ لطيف وٽ علم ضرور ھو جيڪو اڄ جي عالمن وٽ نھ آھي، دنيا ۾ عِلمَ نسبتي لاڳاپن جي حوالي سان ترقي ڪندا آھن، جيئن يونان ۾ ڏاھپ جو علم عام ھو تنھنڪري اتي فقط ڏاھا ئي پئدا ٿيا، يونان ۾ ھڪڙو بھ صوفي پئدا نھ ٿيو، چين ۾ قديم دور کان وٺي جنگ ۽ جدل جو راڄ ھيو تنھنڪري اتي فوجي، جنرل ۽ ويڙھاڪ تمام گھڻا پئدا ٿيا جن جي فن جا لکين نمونا اڄ بھ مارشل آرٽ جي صورت ۾ موجود آھن، ۱۸۶۸ع ۾ جاپان جي شھنشاھھ ميجيءَ جي آندل صنعتي سڌارن ۽ انقلاب بعد جاپانين جھڙوڪر مشين ۽ صعنت طرف ڌيان ڏنو ۽ ان ڌيان کي جھڙوڪر جاپاني تاريخ ۾ ٻي عظيم جنگ بعد عملي روپ ڏيندي مشين سازيءَ ۾ ايترو تھ اڳتي نڪري ويا جو اڄوڪي جاپان ۾ انجنيئرنگ جي ھر شعبي ۾ انجنيئرن جو انگ دنيا جي ٻي ڪنھن بھ ملڪ کان جاپان ۾ سوايو آھي ۽ اھو ئي سبب آھي جو چيو ويندو آھي تھ ھرجاپانيءَ جو پھريون عشق مشين ۽ ٻيو عشق ڇوڪريءَ سان ٿيندو آھي، اھو ئي سبب آھي تھ سائين جي ايم سيد تاريخ جي جنھن دور ۾ ساھھ کڻي رھيو ھو ان دور جي اھا ئي ضرورت ھُئي تھ ماڻھن کي وطن جي حب ۽ ان جي تحفظ جو احساس ڏيارجي، ظاھر آھي ماڻھن کي وطن جي حب جو احساس قومي سورمن، مفڪرن ۽ واقعن جي پيرائتي ڄاڻ ڏيڻ سان ئي ٿيندو ۽ قوم جو تحفظ عملي سياست سان ئي ٿيندو، ۽ سائين جي ايم سيد اھي ٻئي عمل ان وقت ڪيا جڏھن ان طرف نھ ڪو سوچ ويچار ڪندو ھو ۽ نھ ئي ڪنھن کي ايتري ڄاڻ، ھمت ۽ عشق ھو، سائين جي ايم سيد پنھنجي دور جو نھ تھ سٺو سائنسدان ٿي سگھيو، نھ ڪو چالاڪ غدار ٿي سگھيو ۽ نه ئي شھيد ٿي سگھيو، تنھن ڪري ئي ھو نه ته عالم آھي، نھ محب وطن آھي ۽ نه ئي امر انسان آھي.
رھي ڳالھ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ۱۹۴۷ع واري پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ۽ منظور ڪرائڻ جي جنھن ڪري کيس غدار چيو وڃي ٿو، ته ان سلسلي ۾ بھ ڪجھھ ڳالھيون بيان ڪرڻ ضروري آھن، جنھن وقت انگريز سنڌ ۾ داخل ٿيا ھيا ان وقت گڏيل برصغير ٻن تھذيبي ملڪن ۾ اڳ ئي وراھيل ھو، جنھن جون جاگرافيائي حدون ته اعلانيل نه ھيون پر تھذيبي حدون ضروراعلانيل ھيون جيڪي ٻنهي ملڪن جي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪنديون هيون، سنڌو ۽ هندو ٻه الڳ الڳ تهذيبون آهن، جيڪي پنهنجي خاصيتن ۽ ٿمل جي حوالي سان هڪ ٻئي جي ويجهو هجڻ ڪري هڪ جهڙيون لڳنديون آهن، انھن تهذيبي حدن ۾ بمبئي (اڄ جي ممبئي/ مھاراشٽر) ڪراچي ڪنڊ ملير، بدين جو زيرو پوائنٽ، کان ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان جي قيام بعد هندستان ۾ شامل ڏيکاريل سنڌ جون ست تهذيبي رياستون، جن ۾ جيسلمير، ڀڄ، رڻ ڪڇ، ٻاڙميڙ، بڙودا، گجرات، ڪاٺياواڙا شامل آهن، جڏهن ته هاڻوڪي سنڌ جي اتر ۾ هاڻوڪي بلوچستان ۾ شامل علائقا جيڪي حب کان ٿيندي، لس ٻيلو، گڏاڻي، سون مياڻي، گوادر، سبي، ڍاڍر، قلات، چمن، مڪران، ڪول پور سميت مهر ڳڙهه، ميراڻي ڊيم وارو علائقو، شال ڪوٽ (هاڻوڪو ڪوئٽا، شال ڪوٽ تي اهو نالو ۱۹۶۵ع ۾ رکيو ويو) ۽ ان کان اڳتي ايران جا ٻه علائقا جن ۾ هڪ سيوستان شامل آهن ۽ ايران ۽ بلوچستان سان گڏ افغانستان جا علائقا قنڌار ۽ جلال آباد قديمي طور تي سماٽن ۽ آرين جا علائقا آهن اڄ به انهن علائقن ۾ شوو جا مندر آهن، ۽ اڄ به انهن علائقن ۾ سنڌي آباد آهن، جن کي اتي “پڪا سنڌي” ڪري سڏيندا آهن.
قنڌار جو شوو مندر تقريبن اڌ ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۾ آهي، افغانين، افغانستان ۾ موجود گوتم ٻڌ جي مجسمي کي جيڪو دنيا جي قديم ۽ اوچن مجسمن مان هڪ هيو ميزائل هڻي ڊاهي ڇڏيو پر انهن شوو مندر جي هڪڙي سر به نه ڀڳي، جڏهن ته اولهه طرف لداخ کان وٺي ڪشمير جو سمورو علائقو ، اولهه-اتر طرف اڄوڪي پنجاب ۾ گڊو، ڪشمور ۽ ماڇڪي کان مٿي ملتان، پنج نند ۽ ڪالا باغ تائين وارا علائقا شامل آهن جيڪي مٿي اوڀر طرف ڪوهه هماليا، ڪوهه هندو ڪڇ ۽ ڪيلاش بربت تائين وڃن ٿا، اهي سمورا علائقا قديم سنڌو تهذيب جي ملڪ جي پکيڙ ۾ شامل هيا، انهيءَ سڄي پسمنظر ۾ انتهائي عجيب ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهن سمورن علائقن مان سنڌو ڪنهن نه ڪنهن نموني گذري ٿي ۽ پهچي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته قديم دور کان وٺي انهن علائقن ۾ مهاديو شوو جون سماڌيون جڙيون، ۽ سنڌو تهذيب اوسر ڪري جوان ٿي. اھا آھي تھذيبي سنڌ، مٿي ذڪر ڪيل سمورن علائقن ۾ سنڌو مت جو ڦھلاءُ ھيو، سنڌو مت سنڌين جو اصلوڪو ويدڪ مذھب آھي جنھن ۾ مھاديو شوو سنڌو تهّذيب جو خدا آهي، جنھن جا نوانوي روپ آھن ھو ضرورت پوڻ تي ڪنھن بھ روپ ۾ اچي ٿو سگھي، جتي شوو آھي، اتي سنڌ آھي، اھا قديم سنڌ جي دعوى آھي ۽ اها جديد سنڌ جي دعوى پڻ آهي، سنڌوءَ جو وطن هڪ تهذيبي وطن آهي.
۷۱۲ع ۾ مسلمانن جي حملن جي وقت تائين سنڌ پنهنجي انهيءَ سموري مهاديو شوو جي تهذيبي ورثي کي سهيڙي اچي راجا ڏاهر تائين پهچايو، ۽ راجا _ڏاهر جي دور تائين پهچندي پهچندي سنڌ هڪ اهڙو تهذيبي ملڪ بڻجي چڪو هو جنهن جي سڃاڻپ فقط سنڌو هُئي، ۽ انهيءَ تهذيبي ملڪ ۾ مٿي ذڪر ڪيل علائقا شامل هيا ۽ راجا ڏاهر سنڌوءَ جي انهيءَ سلطنت تي حڪمراني ڪندو هو، اسلام جي اچڻ بعد سرزمين عرب جا بدو مسلمان ٿي رھزنن مان ڦري مجاهد ٿي پيا، اسلام جي اچڻ بعد جھڙوڪر سندن جا دنيا تي حملا جائز ٿي پيا، جنھن لاءِ ھاڻي انھن وٽ ڪيئي خاص سبب پڻ ھيا، جن کي رد ڪرڻ ايڏو آسان به نھ ھو. انهن سنڌو تهذيب کي فتح ڪرڻ لاءِ سترنهن ڪاهون ڪيون ۽ کين هر ڪاهه تي شڪست ملندي رهي، پر بنو اُميه جي مسلسل حملن ۽ جنگي اوزارن محمد بن قاسم جي قيادت ۾ حملي کي ڪامياب بڻايو، انهيءَ حملي ۾ به سنڌ جي دلير پُٽن ڄمي مقابلو ڪيو جو محمد بن قاسم جا اوسان خطا ٿي ويا ھيا، ايتري قدر جو فتح جي اعلانن بعد هُو پنھنجن سپاھين کي چوڻ لڳو تھ ”مون کي پاڻي کارايو“، جيڪا سنڌ مهاديو شوو جي خدائيءَ جو محور ۽ مرڪز ھُئي اھا سنڌ راجا ڏاهر تائين پهچندي، هڪ عظيم سلطنت ۽ سنڌوءَ جو ديس بڻجي چڪي هُئي.
قصو مختصر ته سنڌ ۾ انگريز ۱۸۴۲ع ۾ وارد ٿيا، ان کان اڳ انگريز ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ذريعي ڪلڪتي ۽ بمبئيءَ جي بندرگاهه تان ھندستان ۾ پهتل هيا ۽ ان کان اڳ ۾ پورچوگيز گووا جي سامونڊي ڪنارن سان هندستان ۾ وارد ٿي چڪا هيا، سنڌ جي تاريخ ۾ ۷۱۲ع بعد اهو ٻيو دفعو هو جو ۱۸۴۲ع ۾ انگريز آزاد ۽ خودمختيار سنڌ تي قابض ٿيا هيا، انھيءَ وچ ۾ سنڌ پنھنجي بچاءَ ۾ ڪيئي جنگيون ڪيون هيون.
برصغير ۾ انگريزن جي اچڻ بعد سندن خلاف احتجاجن جو سلسلو ۱۸۵۷ع کان شرو ع ٿيو هو جنهن ۾ جيئن پوءِ تيئن واڌ ايندي پئي وئي، احتجاجن جا اھڙا سلسلا ۱۹۳۵ع ۾ سڄي برصغير ۾ ٿيا ۽ ٿيندا رھيا ۽ ۱۹۴۷ع تائين اچي پنهنجي منطقي انجام تائين پھتا، انهيءَ سموري دور دوران انگريز سرڪار سنڌ کي باقي هندستان ۽ بنگال سان گڏ هلائيندي رهي، پر هُن سنڌ جي تهذيبي علائقي سان نه ته هٿ چراند ڪئي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا ڪٽوتي ڪئي، پر ان جي ابتڙ انگريز سنڌو تهذيب جي انهيءَ علائقي کي دستاويزي شڪل ڏني ۽ نقشا جاري ڪيا، جن مان هڪڙو نقشو اڄوڪي سرائي علائقي جو به آهي جنهن کي ان وقت انگريز ڏکڻ سنڌ چيو هو، نه ڪي سرائيڪي علائقو يا پنجاب، جڏهن ته انهيءَ علائقي مان پنج نند شروع ٿئي ٿو ۽ انهيءَ علائقي مان ستلج، چناب، بياس، راوي ۽ جهلم نديون گذرن ٿيون، انگريز انهن علائقن کي پنجاب جو نالو انتظامي سطح تي ڏنو هو نه ڪي جاگرافيائي حوالي سان يا ڪنهن قوم جي نسبت جي حوالي سان برصغير جي تاريخ ۾ پنجابيءَ جي نالي سان ڪڏهن به ڪنھن بھ قوم جو ڪو وجود ئي نه رهيو آهي. اڄ به پنجابي ڳالهائيندڙ ساڃاهه وندن جو هڪ وڏو انگ پاڻ کي سنڌو تهذيب سان جوڙي ٿو نه ڪي پنجابي ڪلچر سان، هندو سنڌين ۾ پڻ ڪيئي خاندان آهن جيڪي پنجابي نسبت سان سڃاتا وڃن ٿا جو مذڪوره پنجن ئي نندين جو تعلق سنڌو ۽ سنڌ سان آهي.
سنڌ جي ويجھي تاريخ ۾ ملتان سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي، جڏھن تھ قديم سنڌ جي حوالي سان ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي واري جھنگ ۾ رام پنھنجي بنواس جا ۱۴- سال گذارايا آھن، هن وقت انهيءَ جهنگ واري علائقي مان هڪڙو ننڍڙو علائقو جهنگ سيال جي نالي سان مشهور آهي، هي علائقو انهيءَ جهنگ جو هڪ ننڍڙو حصو آهي، اڄ به ملتان ۾ شمس تبريز جي مزار جي ڀرسان ئي ”سوريه مندر“ آھي، جنھن کي ھر حملي آور نقصان پھچايو ۽ ان کي آخري نقصان نواز شريف جي پھرين دور ۾ بابري مسجد واري معاملي تي پھچايو ويو. سوريه مندر ڀڳوان رام جي بنواس ڪاٽڻ بعد آراڌنا طور جوڙيو ويو، ھاڻوڪي پنجاب جا ٻھ علائقا قصور ۽ لاھور ڀڳوان رام جي ٻن پٽن جا علائقا آھن ۽ تاريخ ۾ انهن جي نالن پٺيان سڏيا ويا، جن مان قصور ”ڪيش“ ۽ لاھور ”لو” جي ”نالن“ سڃاتا ويندا رهيا آهن.
سنڌ مجموعي طور تي مهاديو شوو جي قديم دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي وچيئن اوائلي دور مان گذرندي جڏهن انگريز جي دور ۾ پھتي ته مڪمل طور تي هڪ سياسي ايڪي جي شڪل اختيار ڪري چڪي ھُئي، پر ان موقعي تي سنڌ جي بدنصيبي اھا ھُئي جو سنڌ کي نھ تھ ڪا مضبوط سياسي قيادت حاصل ھُئي ۽ نھ ئي ڪو شھنشاھھ گھراڻُو، راجا ڏاھر ۽ ان خاندان جي خاتمي بعد سنڌ مان اھڙي شھنشاھي گھراڻي جي پڄاڻي ٿي چڪي ھُئي. سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۽ ۱۹۴۷ع تائين به سنڌ ۾ اهي ئي علائقا شامل هيا، جيڪي مهاراجا ڏاهر جي دور ۾ هيا، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن انگريز حيدرآباد قلعي ۾ خيما کوڙي ويٺل ھيا ۽ راجستان جي ڪنهن ڇانوڻيءَ مان انگريز ڊاڪٽر کي گهرائيندا هيا ته هو پنهنجي سرڪاري خط ۽ ڪتابت ۾  راجستان، سنڌ ڪري لکندا هيا، اهڙا دستاويز اڄ به ڏسي سگهجن ٿا.
سنڌ ۷۱۲ع بعد جڏهن ۱۹۴۷ع تائين پهچي ٿي ته ان کي سياسي طور تي ته ڪيئي اڳواڻ ملن ٿا پر انهن مان ٻه اڳواڻ انتهائي اهم آهن انهن مان هڪ شهيد الاهي بخش سومرو ۽ ٻيو سائين جي ايم سيد شامل آهن، ٻئي سنڌ جا عاشق ۽ سچا ۽ کرا ماڻھو، پر بدقسمتي اھا آھي تھ ٻنھي کي عوامي طور تي سياسي پُٺ نھ ھُئي ۽ نھ ئي ان وقت ۾ وٽن ڪا سائنسي بنيادن تي سياسي پارٽي ھُئي، جنھن جو نقصان اھو ٿيو تھ جو ۱۹۴۷ع ۾ انھن کي جھڙي نموني سنڌ جو ڪيس عوامي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گھرجي ھا اھو نھ ڪري سگھيا.
۱۹۴۷ع تائين برصغير جو سياسي منظر نامو ڪجهه اهڙو اچي بيٺو جهڙوڪر سمورو برصغير برٽش انڊيا جي نالي انگريزن جو هڪ ملڪ هو، جنهن جون ڪي بھ جاگرافيائي حدون/ بائونڊريون نه هيون، هڪ ئي خطي هيو، جنهن کي وڻي جيڏانهن وڃي ان تي ڪا پابندي نه ھُئي، ڪابل جي پٺاڻ کي خيال پوي تي ڇونهارن جي ٻوجهو ڪهلي تي رکي وڃي بنگال پهچي، سنڌين کي ضرورت پوي ته پڙهائي ۽ ٻين سببن ڪري وڃي ببمئي پهچن، ملباڙيءَ جو موڊ ٿئي ته اچي سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچي پهچي، ميمڻن جو موڊ ٿئي ته بدين کان وڃي ڪاٺياواڙ پهچن، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ان وقت به هندستان جي ماڻهن خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙن لاءِ هڪ پرڪشش علائقو هو جنهن جا ٽي مکيه سبب هيا هڪ سنڌ جو خوشحال هجڻ، ٻيو سنڌ جو تهذيب يافته هجڻ ۽ ٽيون ڪراچيءَ جهڙي شهر جو سنڌ جي گادي هجڻ، ان وقت ڪراچي سموري برصغير جي شهرن مان هڪ اهم ۽ جديد شهر هو، اصل ۾ ڪراچيءَ جھڙي شھر ئي ھندستان جي مسلمانن کي سنڌ اچڻ تي مجبور ڪيو جو هو گڏيل ھندستان ۾ بمبئي ۽ ڪلڪتي جھڙا شھر ڏسي چڪا ھيا جيڪي ميٽروپوليٽن ۽ بندرگاھي شھر آھن، انھن ڪراچيءَ تي قبضي لاءِ جھڙوڪر ۱۹۴۷ع جھڙي سانحي جو انتظار پئي ڪيو، اھو ئي سبب آھي جو ورھاڱي بعد برصغير جي ٻي ڪنھن به علائقي مان ھڪڙو بھ ماڻھو ڪراچيءَ نھ پھتو سواءِ يو پي، سي پي، بھار ۽ لکنئو جي مسلمانن جي، جو انھن وٽ نھ تھ ڪو بندرگاھي ۽ نھ ئي ڪو ميٽروپوليٽِن شھر.
ڪراچي شھر جي جديد معيارن موجب تعمير جي شروعات اڄ کان پنج سئو سال اڳ ھندن شروع ڪئي ۽ بعد ۾ سيٺ هرچند راءِ، جمشيد نسرواجيءَ، سان گڏوگڏ سائين جي ايم سيد جديد ڪراچيءَ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سنڌ، مهاديوشوو جي دور کان وٺي، مهاراجا ڏاهر جي دور کان ٿيندي جڏهن ۱۹۴۷ع ۾ پهچي ٿي تڏهن سنڌ کي وري هڪ اهڙي قائد جي ضرورت پوي ٿي جيڪو، مهاديو شوو ۽ مها راجا ڏاهر جي تسلسل کي برقرار رکندي مها رهبر ٿي سگهي ها، جو ۱۹۴۷ع وارو ئي اهڙو دور هو جڏهن هڪ تهذيبي سنڌ پنهنجي ورجاءَ ڪندي هڪ ٿيڻ جو اعلان ڪري ها، پر ائين ٿي نه سگهيو جنهن جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا پر اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سياسي حوالي سان ان وقت جي سياسي اڳواڻن جي پنهنجي معاشري ۾ پذيرائي نه ٿيندي هُجي، جڏهن اوهان جي علائقي ۽ خطي خلاف سو سازشون ٿينديون هجن، جڏهن اوهان جي وطن جون سرحدون کليل هجن ۽ اوهان غير محفوظ هجو ته پوءِ اهڙو فيصلو ڪرڻ انتهائي ضروري ٿي پوي ٿو، جيڪو اوهان جي عوام ۽ اوهان جي خطي کي تحفظ فراهم ڪري سگهي، اهڙي صورتحال ۾ اوهان وٽ اهڙي سياسي حڪمت عمليءَ جو هجڻ ضروري آهي جيڪا اوهان جي مدد ڪندي هُجي.
برصغير ۾ انگريزن جي خلاف شروع ٿيل بغاوتن جي تحريڪن ۾ تيزي اچڻ بعد اهي تحريڪون ڪنهن حد تائين سياسي جوڙجڪ ۾ اچي رهيون هيون ۽ اينديون ويون، انهن سمورين تحريڪن جي سياسي جوڙجڪ ۾ اچڻ بعد سندن سياست جو هڪ مضبوط نقطو جڙي پيو هو، اهو هو، ”انگريز برصغير مان نڪري وڃن“، پر پوءِ انهيءَ نقطي ۾ تبديلي تڏهن آئي جڏهن برصغير ۾ مسلمانن ٻھ قومي نظرئي جي بنياد تي هندستان جي ورهاڱي جو مطالبو ڪندي برصغير جي مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي گهر ڪُئي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪو ٻيو سياسي نقطو جڙي منظر عام تي آيو اهو هو ”برصغير مان انگريزن جي نيڪاليءَ جي صورت ۾ هندستان ۽ پاڪستان نالي ٻه ملڪ قائم ٿيندا ۽ برصغير ۾ جيڪي مسلم اڪثريتي علائقا آهن، اهي علائقا پنهنجيون آزاد ۽ خودمختيار حڪومتون جوڙيندا ۽ اهي حڪومتون هڪ وفاق ۾ برابر جي نمائندگي ۽ حقن سميت شامل هونديون ۽ جيڪڏھن ڪا رياست اھڙي وفاق ۾ پاڻ لاءِ ڪي مسئلا سمجھي ٿي تھ وفاق کان الڳ به ٿي سگھي ٿي“.
سائين جي ايم سيد ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ قيام پاڪستان متعلق جيڪا ٺهراءَ پيش ڪري ۽ منظور ڪرايو هئو، اهو انهيءَ وفاق متعلق هُئو، جنهن ۾ برصغير جون مسلم اڪثريتي رياستون شامل ٿيڻيون هيون ۽ پنهنجي پنهنجي علائقائي، ثقافتي، تهذيبي ۽ اقتصادي آزاديءَ، مالڪيءَ ۽ خودمختاري سان، پاڪستان نالي وفاق ۾ گڏ ٿيڻيون ھيون، اهڙي ٺهراءَ پنهنجي تخليق جا ڪيئي مرحلا طئه ڪيا هيا ۽ ان ڏس ۾ لکنئو، ڪلڪتي ۽ لاهور جا اجلاس اهم آهن.
۱۹۴۷ع جي سنڌ ۾ جڏهن انگريز ان ڳالهه تي راضي ئي نه هُجي جو سنڌ کي الڳ ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ڏئي آزاد ڪري ۽ نه ئي ان وقت سنڌ جي سياسي قيادت ان لائق هُجي جو هو سنڌ جي آزادي ۽ خودمختيار حيثيت جي بحاليءَ لاءِ ڪا جدوجهد ڪري سگھي، اهڙي صورتحال ۾ ان کان وڌيڪ ڪهڙو فيصلو ٿيندو جو اوهان پنهنجي وطن جي حيثيت کي محفوظ ۽ مقدم بڻايو، جيڪو سياسي عمل سائين جي ايم سيد ڪيو، سائين جي ايم سيد جي ڪيل اهڙي سياسي فيصلي جا جيڪي ٻيا مثبت پهلو نڪرندا رهيا آهن، ضروري آهي ته انهن جو ذڪر به ٿئي، پر ان کان اڳ اها ڳالهه ضرور ٿيڻ گهرجي ته سنڌ سائين جي ايم سيد جي سياسي قيادت تائين پهچندي پهچندي قديم سنڌ پنهنجو سياسي ايڪو ته برقرار رکي نه سگهي پر پاڪستان جي ٺهراءَ جي صورت ۾ ٺهندڙ وفاق ۾ پنهنجي سياسي حيثيت ضرور بچائي سگهي.
اها ڳالهه سياست جي شاگردن جي ڄاڻ ۾ ضرور هوندي ته دنيا ۾ ٻن قسمن جون رياستون ٿينديون آھن ھڪUnitary  رياستون ۽ ٻيونNative  رياستون، سياسي بيهڪ، اختيارن ۽ ذميوارين جي حوالي سان اھي الڳ الڳ ٿينديون آهن، پاڪستان جو قيام هڪUnitary  رياست جي طور تي ٿيو هو جنهن ۾ شامل يونٽ خودمختيار حيثيت ۾ هڪ وفاق ۾ گڏ ھوندا، کين وفاقي اختيارن، وسيلن ۽ ادارن ۾ برابريءَ جي نمائندگي ملندي ۽ انھن جي حق حڪمرانيءَ جو تحفظ ڪيو ويندو، ايتري قدر جو انهن کي جيڪڏهن وفاق مان ڪا تڪليف آهي ته اهُي الڳ ٿيڻ جو حق به استعمال ڪري سگهن ٿيون، Unitary رياستن ۾ ھڪ کان وڌيڪ مختلف تاريخي، سياسي، سماجي ۽ تھذيبي پس منظر رکندڙ خطا گڏ ٿي سگھن ٿا جڏھن تھ اھڙي وفاق ۾ پڻ ھڪ کان وڌيڪ نسل ۽ قومون گڏ ٿي سگھن ٿيون. جڏهن تهNative  رياستون فقط ھڪ ئي قوم، نسل ۽ خطي جي ماڻھن تي مشتمل ھونديون آھن، جيئن سعودي عرب، عرب امارات کيUnitary  رياستن جي بھترين مثال طور ڏسي سگھجي ٿو. دنيا ۾ ھن وقت سعودي عرب، ويٽنام، ملائشيا، انڊونيشيا، جرمني ۽ فرانس Native رياستن جي مثالن طور ڏسي سگھجن ٿيون، جڏھن ته ھندستان، آمريڪا ۽ برطانيھ کي ھن وقتUnitary  رياستن جي پس منظر ۾ ڏسي سگھجي ٿو، سائين جي ايم سيد جي ٺهراءَ پاڪستان اصل ۾ عرب امارات جھڙي وفاق جي لڳ ڀڳ ھُئو ۽ ان وقت مثالي ھُئو ٺهراءَ هُئي ۽ اڃا تائين هڪ مثالي ٺهراءَ  آھي جيڪڏھن ان کي ان جي روح سان لاڳو ڪيو وڃي ھا تھ. سائين جي ايم سيد، ان وقت جي سياسي حالتن جي حوالي سان هڪ درست فيصلو ڪيو، پر پوءِ سياسي سازشن سبب ٿيندڙ نقصانن جو کيس الزام ڏيڻ درست ناھي.
۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ جي پاس ڪيل جنهن ٺهراءَ جي نتيجي ۾ پاڪستان، مسلم رياستن جي ميلاپ سان هڪ وفاقي ملڪ طور تي وجود ۾ آيو هو، آخرڪار اهو ملڪ به فقط ان جي ڪري ٻه ٽڪر ٿي ويو جو پاڪستان کي هلائيندڙن سنڌ اسيمبليءَ جي اهڙي ٺهراءَ جو نه ته مان رکيو ۽ نه ئي ان سان وفا ڪئي ۽ نه ئي ان تي عمل ڪيو، نتيجي ۾ هڪ وڏي آباديءَ وارو علائقو لکين ماڻهن جي قتل جي نتيجي ۾ الڳ ٿي ويو، ته ڇا؟ اسان اهڙي صورتحال ۾ اهو چئي سگهون ٿا ته بنگالين جو ۱۹۴۷ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ کي مڃڻ غلط هو جو هو پاڪستان ۾ شامل ٿيا هيا، نه بلڪل به نٿو چئي سگهجي ڇو جو بنگالين به ائين محسوس ٿي ڪيو جيئن  سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو هو، “ ته بنگالين کي هڪ اهڙي ئي وفاق جي ضرورت آهي، جيڪو انهن جي ملڪي جاگرافيائيءَ کي سلامت رکي سگهي، انهن جي ٻولي ۽ ادب جو تحفظ ڪري سگهي ۽ گذر سفر ۽ اقتصادي وسيلن جو دفاع ڪري سگهي، بنگالي قوم جي سماجي ريتن، رسمن ۽ ثقافتي ورثي کي محفوظ بنائي سگهي، سو ائين چوڻ درست هوندو ته بنگالين جو ان وقت ڪيل اهڙُو فيصلو بلڪل به درست هيو، ۽ ۱۹۷۱ع ۾ بنگالين جو پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو بھ ائين ئي درست هيو جيئن ۱۹۴۷ع ۾ سائين جي ايم سيد جو ٺهراءَ پاڪستان، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ جو فيصلو درست هيو، ۽ بعد جي صورتحال ۾ سائين جي ايم سيد جو اختيار ڪيل سياسي موقف بھ بلڪل ائين ئي درست آھي جيئن بنگالين جو ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تسليم ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ، بدنيتين ۽ سياسي سازشن جي شروعات ان بعد ٿي جنهن جو نقصان وفاق پاڪستان کي پيو. ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ برصغير جي مسلم اڪثريتي علائقن تي مشتمل هڪ وفاقي ملڪ لاءِ  هئو جنهن ۾ شامل ايڪا خودمختيار حيثيت ۾  وفاق جو حصو هوندا، پر بعد ۾ جڏهن سياسي سازشن جو دور شروع ٿيو ته سڀ کان پهريان ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان کي ئي رد ڪيو ويو، جنهن جي پٺيان هڪ مخصوص لابيءَ جو بي انتها خوف هيو، بنگال جيڪو اولهه پاڪستان سڏبو هو، اهو آباديءَ جي حوالي سان اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن جي ڀيٽ ۾ به جهڙوڪر اڪثريت ۾ هيو، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اوڀر پاڪستان جي چئني ايڪن کي گڏائي به لوڙائي ۾ هجڻ جي خوف سبب انهن جي اها حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي ختم ڪئي وئي، ۽ بنگال جي پڻ اها اهڙي سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي حيثيت جيڪا ۱۹۴۷ع ۾ هُئي اها به ختم ڪئي وئي، مجموعي طور تي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي ئي رول بيڪ ڪيو ويو، نتيجي ۾ ۱۹۷۱ع ۾ بنگال، بنگلاديش ٿي ويو ۽ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو، جيڪڏهن ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ تي عمل ٿيندو هُجي ها ته اها صورتحال پيش نه اچي ها.
ھن ملڪ جي بدنصيبي بڻائي وئي تھ ان کي پنھنجي قيام بعد نھ ته آئين ڏنو ويو ۽ نھ ئي انھيءَ دستاويز تي عمل ڪيو ويو، جيڪو ھن ملڪ جي قيام جو بنياد بڻيو هو، ٿيڻ تھ ائين گھرجي ھا تھ جيستائين آئين جڙي، تيستائين ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ تحت ادارا ٺاھي ملڪ کي ھلايو وڃي ھا جو ان ٺهراءَ ۾ وفاقي يونٽن جي فرض ۽ وفاق جون ذميوايون چٽيون بيان ڪيل ھيون، پر ائين نھ ڪيو ويو نتيجي ۾ ناانصافين جي ھڪ ڊگھي دور جي شروعات ٿي جنھن جي نتيجي ۾ بنگال پاڪستان جي وفاق کان الڳ ٿي ويو، بنگال جو الڳ ٿيڻ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي درست ھجڻ جو واضع ثبوت آھي، جيڪڏھن سنڌي اسميبليءَ جي انھيءَ ٺهراءَ تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ بنگال ڪڏھن بھ  پاڪستاني وفاق کان الڳ نھ ٿئي ھا، اھا ڳالھھ ثابت ٿي ڪري تھ سائين جي ايم سيد جو فيصلو غلط نھ ھيو.
اڳتي بنگال جي سانحي بعد وري جڏھن ۱۹۷۳ع جو آئين ٺھي ٿو تھ ان آئين ۾ بھ ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ جي نقطن تي ڌيان نھ ٿو ڏنو وڃي، سياسي طور تي اھا عجيب ڳالھھ آھي، جو دنيا ۾ ڪٿي بھ ائين نھ ٿيندو آھي، آمريڪا جو “ ڊڪليئريشن آف انڊپينڊنس” اڄ آمريڪا جو آئين آھي، جنھن ۾ گذريل ۵ سو سالن ۾ فقط چار ترميمون ٿيون آھن، پر پاڪستان جي حوالي سان تھ ” ڊڪليئريشن آف فرڊم“ کي ٽڪي جي بھ اھميت نھ ڏني وئي، ۱۹۷۳ع جي آئين جي بدقسمتي اھا رھي جوان جي جوڙيندڙ کي ئي ڦاھي ملي، ان آئين ۾ بيشمار ترميمون ٿيون، ان آئين ۾ اھڙي ڪا سگھھ ئي نھ رھي تھ اھو ملڪ ۾ آمريتن کي روڪي سگھي، اھو آئين ھن وقت تائين وفاقي ايڪن کي نھ تھ حق ڏياري سگھيو آھي ۽ نھ ڪو سياسي استحڪام قائم ڪري سگھيو آھي، اڄ سياسي صورتحال اھا آھي تھ ۱۹۷۳ع جي آئين کي سرجيندڙ حڪمران ڌر ان ۾ ۱۸- ھين آئيني ترميم ذريعي ڪيئي ترميون ڪري ان کي وفاق جي ايڪن لاءِ مفيد بنائڻ جون ڪوششون ڪيون آھن.
ملڪ ۾ ون يونٽ مڙھي ۱۹۴۷ع جي ٺهراءَ کي رد ڪندڙن پنھنجين اکين سان ڏٺو تھ ملڪ ٻھ ٽڪر ٿي ويو، سياسي فيصلي جي حوالي سان ون يونٽ مڙھيندڙ غلط ثابت ٿيا، ۽ ھاڻي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ ۱۸- ترميم ڪري ايڪن کي حق ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندڙن اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۷۳ع جو آئين غلط ھيو، انھن ٻنھي صورتن ۾ جيڪڏھن، سائين جي ايم سيد جي ۱۹۴۷ع واري ٺهراءَ پاڪستان تي حقيقي طور تي عمل ڪيو وڃي ھا تھ ڪوبھ نقصان نھ ٿئي ھا، وقت ثابت ڪيو تو ون يونٽ مڙھيندڙ ۽ ۱۹۷۳ع جو آئين ڏيندڙ ٻئي غلط ھيا ۽ ٻنھي جو مقصد فقط پاڪستاني وفاق ۾ شامل ايڪن کي نقصان پهچائڻو هو ۽ وقت اھو بھ ڏٺو تھ انھن ٻنھي ڌرين جو انجام ڪھڙو ٿيو. انھيءَ سموري سياسي عمل اھو ثابت ڪيو تھ ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ اسميبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءَ پيش ۽ پاس ڪرائڻ وارو سائين جي ايم سيد جو فيصلو درست ھيو، ۽ اھڙو درست فيصلو سائين جي ايم سيد کي تاريخ ۾ واقعي بھ مھا رھبر ڪري پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي.

سائين جي ايم سيد
سنڌ جو عظيم عاشق
دودو ديشي
سنڌو ڪناري هڪ پوڙهو جھور گيت جھونگاري ماتر ڀومي جي جياپي لاءِ دشمنن لاءِ سيهي جي دوار ثابت ٿيو. هن زندگي جا ڪيترائي حسين سال زندان جي جھوڪن ۽ نظر بندن ۾ گھاريا. دنيا جي ڌرتي ماءُ سان اڪير ڏسي کيس عاشقن سنڌ سڏڻ  لڳي. هن عظيم شخصيت ۱۹۰۴ ع ۾ سيد محمد شاهه سنائي جي گھر ۱۷ جنوري تي جنم ورتو. ننڍڙي لاءِ غلام مرتضيٰ ۽ وڏي لاءِ جي ايم سيد جي نالي سان مشهور ٿيندڙ کي سنڌ صدين تائين شايد ان جو نعم البدل پيدا نه ڪري سگھي. تنهن جڏهن ڏٺو ته سنڌ جنهن کي انگريز سامراج غلام بڻائي رکيو آهي تنهن خان غفار خان سان گڏ انگريزن کي هتان نيڪالي ڏيڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. کيس جڏهن ۴۷ ع کان اڳ سنڌ جي وزارت ملي ته قوم کي تعليم جهڙي عظيم زيور سان نوازڻ خاطر سنڌ يونيورسٽي جو بنياد وڌو. سيد اهڙو انسان هيو، جڏهن غدارن جي گوءِ هئي ڪي ماڻهوفرنگي سامراج جي دلالي ڪندي بهادر، سر راڻي بهادر جا لقب ماڻي رهيا هئا پر سيد انهن لقبن کي ٺڪرائي اصول پرست رهيو. سيد جي معراج ۽ منزل سنڌ رهي. حڪمرانن جون دلفريب لالچون ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کان به هٽي ڪري هن دوستي ۽ دشمني جو محور سنڌ کي بڻايو. سنڌ سان عشق جا قصا جڏهن مشهور ٿيا ته هزارين نوجوان سندس رهبريءَ ۾ اچي هن کان آزاديءَ ۽ نجات جا درس وٺڻ لڳا. حڪمرانن هن ضعيف ۽ پوڙهي انسان کي جبري ملڪ ۽ پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪري ۲۶ سالن تائين قيد ۽ نظر بند ڪيو. سندس آواز کي لبيڪ پهريان تعليمي ادارن مان ٿي. هزارين نوجوان فلسطين جي نوجوانن جيان ته هي جان عشق تي قربان آ ۽ عشق آزاديءَ تي قربان چئي محبوبن جي ٻانهن ۽ مائرن جي گودن کي الوداع چئي شمع آزادي جا پروانه بڻجي در در جوڳي بڻجي لفظن جا هٿوڙا ٺاهي غلاميءَ جي ننڊ ۾ ستل سنڌين کي جاڳائڻ لاءِ نڪتا. انهن سيد جي پوئلڳن کي ماڻهون جي ايم جا ڏنگا ٻار ڪوٺڻ لڳا. حڪمرانن کان به سٺو ڪين هزارين نوجوانن کي زندان جي ڪال ڪوٺڙين ۽ بند وارڊن ۾ بند ڪيو ويو. ڪيترن ئي رستن ۽ روڊن تي گولين جو نشانو بڻايو ويو. ڪيترن جي جسمن تي ڪوڙا ۽ ڦٽڪا هنيا ويا. ڪيترن کي تعليمي ادارن مان هميشه لاءِ رسٽيڪيٽ ڪيو ويو. پر پوءِ به اهي مڙس ماڻهو ٿي ثابت قدم رهي دشمنن کي للڪاريندا رهيا آهن. پر سامراج پوري مڪاري ۽ چالاڪي سان ان ڪوشش ۾ هيو ته ڪنهن به طريقي ۽ حيلي سان سن مان نڪرندڙ ان لاٽ آواز کي ختم ڪجي جيڪا مظلوم قوم سنڌ جي دردن جو در مان بڻجڻ واري آهي.
سيد جو نظريو هڪ سمنڊ جيان آهي، جيئن سمنڊ ۾ ڪو به گند ڪچرو اندر پيٽ ۾ رهي نه سگھندو آهي ساڳئي ريت جن به غداريون مڪاريون ۽ نا انصافيون ڪيون تن کي قدرت، وري قومي تحريڪ مان لوڏي ڪڍيو. سيد هڪ همه گير شخصيت جو مالڪ هيو، ضعيف ۽ ٻڍڙن هٿن سان گھران عام ورڪرن لاءِ ماني کڻي اچڻ سياري جي سرد راتين ۾ اڌارت جو گھري ننڊ ۾ ستل تنظيمي نوجوانن مٿان هڪ ماءُ جيان سٺو هوندو هيو، متان ڪنهن جي مٿان سوڙ يا چادر لهي وڃي ته انکي سخت سردي کان بچائڻ لاءِ مٿس سوڙ وجھندو هيو.
ڏکڻ ايشيا ۾ سيد واحد اڳوڻ ۽ شخصيت هيو جنهن ۾ ڪا به وڏائي، ڪوبه غرور نه هيو ۲۴ ڪلاڪ (جيل يا نظربندي کانسواءِ) عام ورڪرن ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ دروازا کليل هئا نه ٻاهر ويٽنگ روم ۾ انتظام ڪرڻو پوندو هيو نه وري چٺ موڪلي ڄاڻ ڏبي هئي ته ڪير آيو آهي، ڪير ملڻ ٿو چاهي.
انهيءَ کان علاوه سائين جي ايم سيد ۾ هڪ عظيم خوبي اها به هئي ته پاڻ کڻي ڪنهن کان به ڏکارا ڇو نه هجن ليڪن ڪنهن به ميار يا ائين چيائون ته توهان کي ائين نه ڪرڻ گھرجي. سائين جي ايم سيد هڪ اهڙي مٽيءَ مان ٺهي راس ٿيو هيو جنهن رڳو وفا ڪرڻ سکي هئي. سنڌ جو هي عاشق صادق اهڙن ارادن جو مالڪ هو جو منهنجي ذهن جي ڊڪشنري ۾ ايڏا مهان الفاظ نه آهن جو انهن جي ارادن کي مهانتا ڏيان.

جي ايم سيد
سيد ۽ سنڌ جو عشق
عامر خان مهيسر
ڌرتي جو وڏو ڪارناميو اھو آھي ته  جتي ھن پنهنجي  وشال مان وڻ, جبل جوالان ۽ جذيرھ پيدا ڪيا آھن اتي فطرت جي پرنور تخليق انسان کي به  آباد ڪيو اٿس جيڪو پنهنجي جوھر ۾ ڪائينات جو محور ٿو ڏسجي. سنسار جي سجاوٽ ۽ ان جي رنگن ۾ ازل کان اڄ تائين اھڙا ڪيترا ئي دور آيا آھن جن ۾ ڌرتي جي املھ ۽ ارڏن فرزندن پاڻ ڳولھي ڪائنات جو ازلي حسن پوڄيو آھي جنهن  ۾ محبت آھي, امن آھي, اتحاد آھي ۽ ترقيء بني آدم جو بنياد آھي. اڄ تائين اھو سلسلو جاري آھي. ڪي قدر دان اچڻ جي تياري ڪري رھيا آھن ۽ ڪي وڃڻ جي ويجھو آھن، ڪن مختصر جيون گھاريو ۽ ڪن ڊگھي ڄمار ماڻي، ڪن پاڻ کان پري ڏٺو ئي ڪين ۽ ڪن رڳو پري ڏٺو ۽ پاڻ ڏانھن ڏٺو ئي ڪين، ڪن ذاتي مفادن کي عزيز سمجھيو ۽ ڪن اجتمائي مفادن لاء پاڻ پتوڙيندي پنھنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. انھن سڀني انسانن کي ياد ڪرڻ ته ممڪن ڪين آھي, پر ياد  اھڙن انسانن کي رکيو ويندو آھي جن جي سوچ ۽ عمل اجتمائي ۽ مسبت ھوندو آھي. سونھاري سنڌ به اھڙن امر انسانن کي جنم ڏنو آھي, جن پنھنجي پنھنجي شعبن ۾ رھندي گھڻن پنھنجي ڪرت سان نڀايو آھي پوء ڀلي کڻي اھي عالم، اديب ھجن يا شاعر مانجھي مرد ھجن يا جوڌا جوان ھجن يا سونھاري سنڌ مٿان پنھنجي جند گھوريندڙ عاشق ھجن. اھڙن ئي ارڏن ۽ عاشقن ۾ مٿانھون نالو جي ايم سيد جو به  آھي. جنھن ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ شھر سن ۾ سيد محمد شاھ جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ سندس ڇٽيء جو نالو غلام مرتضيٰ شاھ رکيو ويو. ننڍي ھوندي ئي حسين ۽ ذھين ٻين ٻارڙن کان مختلف سندس لاڙو علم ڏانھن ڏسندي سندن والد کين ۱ جولاء ۱۹۱۰ ۾ پنھنجي ئي شھر سن جي سنڌي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتي رڳو ڇھن درجن تائين پڙھايو ويندو ھو سائين جي ايم سيد محنت سان شفيق استادن جي نگرانيء ۾ ڇھ درجا پاس ڪرڻ کان پوء ۱۹۱۵ ۾ عربي، فارسي محترم قاضي محمد ھاشم ميمڻ کان ۽ انگريزي ماستر حامد علي ھالائي کان پرائي پاڻ ۱۶ سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سياست ۾ پير پاتائون. ۱۹۲۵ع ۾ سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ تعلقي مانجھند جو صدر ۽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو نائب صدر چونڊجڻ کان پوء پاڻ جيڪي سماجي ڪم ڪرايائون سي سڀ قابل تعريف ۽ سنڌ واسين جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اھم ڪردار آدا ڪن ٿا ساڳئي وقت سائين جي ايم سيد جو سنڌ سونھاري سان عشق جو اظھار به ڪن ٿا. پاڻ سنڌ ھاري ڪاميٽي قائم ڪئي جيئن سنڌ جو غريب ھاري پنھنجي پيرن تي بيھندي پنھنجي ڪٽنب کي خوشحال بڻائي سگھي. سندس ٻيو اھم ڪم اھو ھو ته ان دور ۾ ڪراچي ۾ ڪيترن ئي خاندانن جي گذر سفر واري ڪرت ماھي گيري مڇي مارڻ واري ھئي جنھن ڪري پاڻ ڪراچي ۾ مالدار ميربحر ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو جيئن ماھي گيرن کي مانائتي زندگي گذارڻ جا موقعا ميسر ٿي سگھن سندن ٽيون اھم ڪم ڳوٺاڻي عورتن جي ڀلائي لاء ھڪ جمائت ٺاھي جنھن جي سپرد ڪيل مقصدن ۾ عورتاڻي تعليم ھٿ جو پورھيو ويم جون سھولتون ۽ ٻارڙن پالنا بھتر نموني ڪرڻ شامل ھئا. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ جي آزادي جي تحريڪ ھئي ته کيس بمبئي کان جدا ڪيو وڃي.  تحريڪ سنڌ جي حوالي سان ھجي ۽ عاشق اڳتي نه اچي ائين ٿي نه ٿو سگھي ان ئي تحريڪ ۾ سائين جي ايم سيد تحريري تقريري مطلب ته ھر موڙ ھر موقعي تي ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جيڪو وساري نه ٿو سگھجي ۽ اھڙي جدوجھد جي ڪري اپريل ۱۹۳۶ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪيو ويو. ۽ مٿان وري ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان چونڊون وڙھيون ۽ بعد ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا ۽ ۳ مارچ ۱۹۴۳ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ ”پاڪستان“ جي قيام واري تاريخي قرارداد پيش ڪري پاس ڪرائي جنھن ۾ سنڌ کي ھڪ خودمختيار رياست طور رکڻ جي رٿ ڏنل ھئي جنھن کي پائي تڪميل پھچائڻ لاء سائين جي ايم سيد ھر ممڪن ۽ ھر موقعي مھل تي ڪوشش جاري رکي. ايتري ۾ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جي عاشقي عيوض ھن ھر ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀرپور مذمت ڪئي. پوء ڀلي ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ ھجي يا ون يونٽ جون ڳالھيون يا وري ايوب خان جي مارشلا، مذمت دوران تڪليفين پريشانين کي به مسڪرائيندي مُنھن ڏنو پر سنڌ جي عاشقي تان ھٿ نه کنيو. مذمت دوران آيل تڪليفون ته سيد جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪنديون رھيون جنھن جي نتيجي ۾ ۳،۴ مارچ ۱۹۷۲ع تي سنڌ جي جدوجھد شروع ڪئي وئي جنھن جو بنياد سيڪيولر، ڊيموڪريٽڪ، سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ جھڙن اھم نقعتن تي رکيو ويو. ۱۹۹۲ع تي نشترپارڪ ڪراچي ۾ جلسو منعقد ڪرايو ويو. جنھن ۾ سيد جي ۸۹ ھين سالگرھ ملھائي وئي. جنھن سيد تاريخي سپاس نامو پيش ڪندي نيو ورلڊ آرڊر جي روشني ۾ سنڌ جو ڪيس وضاحت سان پيش ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ سيد کي وقفي وقفي سان جيل ۽ نظربنديء جون سزائون به ڏنيون ويون عدم تشدد جي قائل سنڌ جي ھن عاشق ۳۲ سال ۱۰ مھينا ۲۱ ڏينھن تڪليفون برداشت ڪندي آخري گھڙي تائين امن، اتحاد، ڀائيچاري، عزت، احترام، ترقي، خوشحالي جھڙا سبق ڏيندي سنڌ سان لاتل ننڍپڻ واري نيھن کي نڀائيندي پنھنجي اصولن ۽ نظريي جي پختگيءَ سان پابندي ڪندي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي ۽ کين پنھنجي جنم ڀومي سن ۾ رکيو ويو. جي ايم سيد جنهن سان اڄ سنڌ جو نوجوان عشق ڪري ٿو جنهن جي شخصيت ۽ فڪر جي ڇانو ۾ سنڌ جي مستقبل ڏانهن ڏسي ٿو.

سائين جي ايم سيد
منهنجو محسن-منهنجو رهبر
محمد ابراهيم جويو
سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان.
سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ “آباد” ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان.
ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس. هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس.
سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي.
هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون: (۱) امن جهجهائي(Plenty of Peace) (۲) اندر اُجار (Enlightenment) (۳)آزادي (Freedom) انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو.
سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو. سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي.
سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن.



جي ايم سيد
هڪ انقلابي ڪردار
دلشاد ڀٽو سينئر
جي ايم سيد جي ولادت سن ۱۹۰۴ ۾ ٿي هئي۔ پوري گهر ۾ واحد اولاد نرينه هو۔ جي ايم سيد جو والد، سن واري مسجد ڏانهن نماز لاءِ ويندي، عين ان وقت قتل ڪيو ويو، جڏهن جي ايم سيد جي عمر صرف پوڻا ٻه سال هئي۔
جي ايم سيد جي پرورش خاندان جي عورتن ڪئي۔ جي ايم سيد کي ابتدائي تعليم سن جي پرائمري اسڪول ۾ ڏياري وئي۔ پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ مسئلو اهو هيو ته انگريزي تعليم لاءِ سن ۾ اسڪول ڪو نه هو۔ ان ڪري ٻه آپشن هيا يا ته جي ايم سيد کي وڌيڪ تعليم لاءِ سن کان ٻاهر موڪلجي يا ان جي تعليم جو سلسلو منقطع ڪجي۔ گهر جون عورتون سائين جي ايم سيد کان پنهنجي اکين کان پري ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون۔ ڇو ته جي ايم سيد پوري خاندان جو اڪيلو فرد هو جنهن تي خاندان جي نسل جي بقا جو دار و مدار هو۔ انڪري جي ايم سيد جي گهر ۾ خاص سنڀال ڪئي ويندي هئي۔ جيڪا سنڀال گهر کان ٻاهر ملڻ ممڪن نه هئي۔ آخر گهڻي پس و پيش کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد سن ۾ رهندو ۽ ان کي سن ۾ تعليم ڏيڻ لاءِ خاص استادن جو بندوبست ڪيو ويندو۔ جيڪي ان کي گهر تي عربي، فارسي ۽ انگريزي جي تعليم ڏيندا۔
عربي ۽ فارس پڙهائڻ لاءِ قاضي محمد هاشم کي مقرر ڪيو ويو ۽ انگريزي پڙهائڻ لاءِ هڪ خاص استاد سن کان ٻاهران گهرايو ويو، جنهنجو نالو هو استاد حامد علي۔ جي ايم سيد جڏهن پنهنجن نون استادن وٽ پڙهائي شروع ڪئي ان وقت جي ايم سيد جي عمر لڳ ڀڳ ۱۰ سال هئي۔ اهو ۱۹۱۴ جو زمانو هو ۽ ۱۹۱۴ ۾ پهرين مها ڀاري جنگ شروع ٿي چڪي هئي۔ پهرين مها ڀاري جنگ جي شروعات سان هندستان ۾ انقلابي سياست جا نقاراوڄڻ شروع ٿي ويا ۽ انهن انقلابي نقارن جو آواز جي ايم سيد تائين به پهتو۔ مولانا عبيد الله سنڌي افغانستان ۾ وڃي هندستان جي آزاد جلا وطن حڪومت قائم ڪئي هئي ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف جنگ جو اعلان ڪيو هو۔ مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي شروع ڪيل تحريڪ هندستان جي تاريخ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جي نالي سان سڏي ويندي آهي۔
استاد حامد علي مولانا سنڌيءَ جي ريشمي رومال تحريڪ سان لاڳاپيل هو انڪري پوري هندستان ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ڪارڪن جيڪي به انقلابي سرگرميون ڪندا هيا استاد حامد علي انهن سرگرمين کان سائين جي ايم سيد کي واقف ڪندو هو۔ سنڌ ۾ ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه وڏا ڳڙھ هيا۔ هڪ امروٽ جو مدرسو ۽ ٻيو پير جهنڊي وارو مدرسو۔ استاد حامد علي جو پير جهنڊي واري سان ڪافي ويجهو تعلق هو۔ انڪري جي ايم سيد جي به پير جهنڊي واري سان ويجهڙائي پئدا ٿي۔
ريشمي رومال تحريڪ جا ٻه مقصد هيا هڪ انگريز سان نفرت، ٻيو هندستان جي آزادي ۽ اهي ٻئي مقصد استادحامد علي پوري خوش اصلوبيءَ سان جي ايم سيد ڏانهن منتقل ڪيا۔ اهڙي ريت جي ايم سيد، ڏهن سالن جي عمر کان انگريز خلاف نفرت ۽ هندستان جي آزاديءَ جو تصور کڻي پروان چڙهيو۔ هي واحد انقلابي هو جيڪو ڏهن سالن جي عمر ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جي عشق ۾ جڙجي ويو۔
پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ جي جنگ برطانيه ۽ فرانسى جي خلاف هئي۔ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جا قيصر جرمنيءَ سان تعلقات جڙي چڪا هيا۔ انڪري مولانا سنڌيءَ جي معرفت جرمني هندستان جي آزادي پسندن کي اسلحو ۽ تربيت ڏئي رهي هئي۔ اهو سڀ ڪجهه جرمني هندستان جي عشق ۾ نه ڪري رهي هئي پر برطانيه کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪري رهي هئي۔ قيصر جرمنيءَ جو مقصد هو ته هندستان جا آزادي پسند انگريز سان وڙهن جيئن انگريز ڪمزور ٿي ۽ جنگ ۾ هارائي وڃي۔
پر جنگ ۾ برطانيه بجاء جرمنيءَ جي شڪست ٿي۔ جرمنيءَ جي شڪست سان ۱۹۱۹ ۾ پهرين عالمگير جنگ پڄاڻيءَ تي پهتي۔ اهڙي ريت جنگ جي خاتمي سان گڏ ريشمي رومال تحريڪ به غير فعال ٿي وئي۔
ريشمي رومال تحريڪ جي پس منظر تان هٽجڻ کان پوءِ انگريز خلاف پوري هندستان ۾ نيون مزاحمتي تحريڪون اڀري آيون۔ ياد رهي ته برطانيه خلاف جرمني اڪيلي نه وڙھي هئي پر ان جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪي به برطانيه ۽ فرانس جي خلاف وڙھي رهيا هيا۔ انڪري جنگ ۾ جرمنيءَ سان گڏ اٽلي ۽ ترڪيءَ کي به شڪست ملي۔ ترڪيءَ جي شڪست کانپوءِ برطانه ۽ فرانس جي فوجن ترڪيءَ تي قبضو ڪيو۔ ترڪيءَ ۾ جيئن ته مسلمانن جي اسلامي خلافت قائم ڪئي هئي۔ انڪري ترڪيءَ تي برطانوي فوجن جي قبضي کان پوءِ هندستان جي مسلمانن خلافت تحريڪ شروع ڪئي۔ خلافت تحريڪ جو مقصد هو ته برطانيه ترڪي خالي ڪري۔ پر اڳتي هلي اها تحريڪ هندستان خالي ڪيو جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي يعني انگريز هندستان خالي ڪري۔ سن ۱۹۱۹ ۾ هڪ ٻيو واقعو ٿيو. جنرل ڊائر جليانوالا باغ ۾ هڪ عوامي ميڙ تي انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪرائي ڏني۔ جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهون مارجي ويا۔ اها خبر پوري هندستان ۾ باه وانگر ڦھلجي وئي۔ ان واقعي کي بنياد بڻائي مهاتما گانڌيءَ عدم تعاون جي تحريڪ شروع ڪري ڏني۔ خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون جي تحريڪ ٻئي تحريڪون گڏ گڏ هليون۔ هڪ ئي وقت هندو مسلم گڏيل تحريڪن هندستان اندر انگريز جا بنياد لوڏي ڇڏيا۔ عين انهي وقت جڏهن انگريز جا بنياد لڏي رهيا هيا۔ جي ايم سيد عملي سياست ۾ پير پاتو۔
سن ۱۹۱۹ ۾ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي پهرين ڪانفرنس ٿي۔ ان ڪانفرنس ۾ جي ايم سيد به شريڪ ٿيو هو۔ ۱۹۱۹ ۾ جي ايم سيد جي عمر مشڪل سان ۱۵ سال هئي۔ ان وقت قد ننڍو هجڻ سبب جي ايم سيد ميز تي چڙهي ميڙ کي خطاب ڪيو هو ۽ اها جي ايم سيد جي سياسي زندگيءَ جي پهرين تقرير هئي۔ ان ڪانفرنس کان پوءِ خلافت تحريڪ جي ٻي ڪانفرنس جي ايم سيد سن ۾ ڪرائي۔ ان ڪانفرنس ۾ جلسو به ٿيو ۽ تقريرون به ٿيون۔ تقريرن کان پوءِ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪيو ويو۔ جي ايم سيد ان وقت عمر جي لحاظ کان نا بالغ هو۔ ۱۵ سالن جي ڪچي عمر ۾ هن کي اها خبر ڪو نه هئي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي۔ خلافت تحريڪ لاءِ چندو ڪٺو ڪري جي ايم سيد انگريزن لاءِ موت جو سامان ٺاهي رهيو هو۔ ڇو ته ان ڪانفرنس ۾ پير جهنڊي وارو به شريڪ هو ۽ خلافت تحريڪ لاءِ سن ۾ ٿيندڙ چندو پير جهنڊي واري جي معرفت مولانا عبيد الله سنڌيءَ وٽ پهچي رهيو هو ۽ مولانا سنڌي ان رقم مان انگريز جي موت لاءِ اسلحو ۽ بارود خريد ڪري رهيو هو۔
جرمنيءَ کي شڪست ضرور ٿي هئي پر مولانا سنڌيءَ جي جلا وطن حڪومت آڃا قائم هئي۔ جنگ کٽڻ جي باوجود انگريز تان خطرو ڪونه ٽريو هو۔ انڪري اهو فيصلو ڪيو ويو ته جي ايم سيد کي ڪهن به حالت ۾ روڪيو وڃي۔ ياد رهي ته جي ايم سيد جو والد ان جي ننڍپڻ ۾ ئي قتل ٿي چڪو هو۔ جي ايم سيد جي والد جي وفات کان پوءِ هن جي خانداني ملڪيت سرڪاري سنڀال ۾ هلي وئي هئي۔ انگريزن ان ملڪيت جي سنڀال لاءِ هڪ وارڊن مقرر ڪيو هو۔ وارڊن هر مهيني خرچ لاءِ هڪ مخصوص رقم جي ايم سيد جي گهر ڏيندو هو, جنهن کي وظيفو چوندا هيا ۽ انگريزن اهو وظيفو بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو۔ پر وظيفو بند ڪرڻ کان اڳ جي ايم سيد کي گهرائي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي۔ فيصلو ٿيو ته جي ايم سيد کي ڪمشنر گهرائيندو ياد رهي ته ان وقت پوري سنڌ تي هڪ ڪمشنر مقرر هو جنهن کي گورنر جيترا پاور هيا۔ ڪمشنر طرفان جي ايم سيد کي پاڻ گهرائڻ جو فيصلو ظاهر پيو ڪري ته معاملو ڪيترو اهم هو جنهن کي ڪليڪٽر يا ڊپٽي ڪليڪٽر جي حوالي نه پيو ڪري سگهجي۔ ٻين لفظن ۾ جي ايم سيد انگريزن لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪو هو۔ آخر ڪار ڪمشنر پاڻ حيدر آباد آيو ۽ جي ايم سيد کي طلب ڪيو ويو۔ ڪمشنر جي ايم سيد کي چيو ته هو خلافت تحريڪ ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد هن کي منهن تي کتو جواب ڏيندي چيو ته مان خلافت تحريڪ نه ڇڏيندم۔
ان کان پوءِ ڪمشنر جي ايم سيد کي سمجهائيندي چيو ته تون اڃا صغير آهين، اسان جي سنڀال ۾ آهين۔ مان چاهيان ته تعليم لاءِ توکي بمبئي موڪلي سگهان ٿو۔
جي ايم سيد جواب ۾ چيو توهان کي جيڪو وڻي سو ڪيو پر مان خلافت تحريڪ کان علحده ڪو نه ٿيندم۔
ان کان پوءِ ڪمشنر غصي ۾ اچي چيو ته جيڪڏهن تون نه مڙندي ته اسان توکي بمبئي جي ڪنهن هاسٽل ۾ موڪلي ڇڏينداسي۔ انڱريز ڪمشنر جي ايم سيد کي بمبئي موڪلڻ جي ڌمڪي ته ڏني پر بمبئي موڪلي نه سگهيو۔ ڇو ته جي ايم سيد کي جي بمبئي موڪليو وڃي ها ته گهر جون عورتون احتجاج ڪن ها۔ جيڪڏهن سيد زاديون احتجاج ڪن ها ته مريد مڇرجي پون ها۔ ڪاڇي ۾ جي ايم سيد جا هزارين مريد هيا جيڪڏهن اهي بغاوت تي لهي اچن ها ته انگريز هڪ نئين ڏچي ۾ اچي وڃي ها۔ انڪري انگريز پنهنجي ڌمڪيءَ تي عمل نه ڪيو۔
انگريز سرڪار جي ايم سيد کي بمبئي ته نه موڪليو پر هن جو وظيفو بند ڪري ڇڏيو۔ ان فيصلي کان پوءِ وارڊن جيڪا رقم گهر جي خرچ لاءِ ڏيندو هو اها بند ڪئي وئي۔ حڪومت جا جڏهن سڀ حربا ناڪام ويندا آهن ته پوءِ اها اقتصادي ناڪه بندي تي لهي ايندي آهي۔ انگريزن به جي ايم سيد جي اقتصادي ناڪه بندي ڪئي هئي۔ جيئن مجبور ٿي جي ايم سيد سياست ڇڏي ڏي۔ پر جي ايم سيد نه سياست ڇڏي نه خلافت تحريڪ ڇڏي۔ جي ايم سيد جا مريد ايترا هيا جو گهر جو خرچ مريد به هلائي سگهن پيا۔ انڪري جي ايم سيد کي ان جي پرواه نه هئي ته انگريز وظيفو بند ٿو ڪري يا جاري ٿو ڪري۔
انگريزن جڏهن ڏٺو ته انهن جو اهو حربو ناڪام ٿو وڃي ته هنن پنهنجي چال تبديل ڪئي۔ فيصلو اهو ٿيو ته جي ايم سيد کي ان جي ملڪيت واپس ڪئي وڃي۔ اها ملڪيت نه هئي پوري جاگير هئي۔ حيدر شاه سنائي جي ڏاڏي سيد بدر الدين شاه کي ڄام نظام الدين لڪيءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين درياه جي ٻنهي پاسن جي زمين جاگير طور ڏني هئي ۽ درياه جي انهن ٻنهي پاسن ۾ ڪيترا شهر ۽ ڪيترا ڳوٺ اچي وڃن پيا۔ ان جاگير جو پورو اڌ جي ايم سيد جي حصي ۾ آيل هو۔ جوانيءَ جي ڪچي عمر ۾ جڏهن ايڏي وڏي جاگير ملي وڃي ته چڱن ڀلن جو زهد ٽٽي پوندو آهي ۽ طبعيت عياشيءَ ڏانهن مائل ٿي ويندي آهي۔ عمر جي ان حصي ۾ عورت ۽ شراب لاءِ ڪشش پئدا ٿيندي آهي۔ خاص طور ان وقت جڏهن روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪوئي به نه هجي۔ انگريزن جو مقصد به اهو هيو ته جي ايم سيد کي جڏهن بي تحاشا دولت ملندي ته هو عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو۔ جڏهن عورت ۽ شراب ڏي مائل ٿيندو ته انقلابي گڻ وڃائي ويهندو۔ يقيناً انگريز ڪجهه اهڙا ماڻهون به جي ايم سيد پويان ڇڏيا هوندا جيڪي هن کي عياشيءَ ڏي مائل ڪن۔ پر آفرين آهن خاندان جي انهن عورتن کي جن جي ايم سيد جي پرورش ڪئي۔ جي ايم سيد جي پرورش ان جي پڦيءَ، ڏاڏيءَ ۽ ماءُ ڪئي هئي ۽ اهي ٽئي عورتون قابل تحسين آهن جن جي ايم سيد کي هڪ اهڙو باڪردار انسان بڻايو جنهن انڱريز جي عزائم کي شڪست ڏئي ڇڏي ۽ بي تحاشا دولت ملڻ جي باوجود به عياشيءَ ڏي مائل نه ٿيو۔
جي ايم سيد ۱۹۲۴ تائين خلافت تحريڪ سان وابسته رهيو۔ ۱۹۲۴ ۾ ترڪ اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ پاڻ ئي ترڪ خلافت ختم ڪري ڇڏي اهڙي ريت خلافت تحريڪ به ختم ٿي وئي۔ جي ايم سيد هڪ طويل عرصو خلافت تحريڪ ۾ مذهبي عالمن سان گڏ رهيو پر مذهبي انتها پسنديءَ هن کي ڇهي به نه گذري۔ سن ۱۹۲۱ ۾ جڏهن مهاتما گانڌي سنڌ جو دورو ڪيو هو ته جي ايم سيد مهاتما گانڌيءَ سان ملڻ لاءِ دادو ريلوي اسٽيشن تي ويو هو۔ جتي هن جي ريل ۾ مهاتما گانڌيءَ سان ملاقات ٿي هئي۔ مهاتما گانڌيءَ جي ايم سيد کي تلقين ڪئي هئي ته هو کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي ۽ جي ايم سيد خلافت تحريڪ ۾ هوندي به کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا هيا۔ ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته مذهب کان بالا تر جي ايم سيد صرف انقلاب ۽ انقلابي ڪردارن جو عاشق هو۔ اهو انقلابي ڪردار مولانا عبيد الله سنڌي جو هجي يا مهاتما گانڌي جو هجي۔



سائين جي ايم سيد
سياست، قيد بنر ۽ نظربندي
پاويل جوڻيجو
ننڍي کنڊ جي سياست، سماج ۾ جن ماڻهن فڪري تبديلي آندي، انهن ٿورن نالن جي فهرست ۾ سائين جي ايم سيد جو نالو شامل آ هي. سندس فڪر مڃندڙ رهبر سنڌ سڏين ٿا. هتي پاڻ سائين جي ايم سيد جي سياست ۽ ان سياست جي ڪري قيد و بند ۽ نظربندي جو جائزو وٺون ٿا.
سائين جي ايم سيد جي سياست:
سائين جي ايم سيد سياست جي شروعات ته پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ڪري چڪو هو پر تحريڪ پاڪستان ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سرگرمي ڪئي، ملڪ ٺهڻ کانپوءِ قومپرست سياست جي شروعات ڪيائين. اهو قصو هيئن آھي ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي، ان وقت ايوب کهڙو سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ مسلم ليگ جو صدر هو، جنهن ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ان تي سر غلام حسين مرڪزي سرڪار جي حڪم تي ايوب کهڙي کي هٽائي پير الاهي بخش کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو. سائين جي ايم سيد ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ خلاف سخت آواز اٿاريو تـه کيس سن ۾ ٽن مهينن لاءِ نظربـند ڪيو ويو. ۱۹۴۸ع ڌاري سائين جي ايم سيد ترقي پسند سياستدانن سان گڏجي “پاڪستان نيشنل پارٽي” ٺاهي، جنهن جو صدر خان عبدالغفار خان کي چونڊيو ويو. ان دوران ۱۹۵۲ع ۾ ويانا ڪانفرنس ۾ جـي ايم سيد پاڪستان ۽ خطي جي امڪاني حالتن جو درست اندازو لڳائيندي مذهبي ڪٽرپڻي جي زور وٺڻ جو خدشو ڏيکاريو هو، اڄ ۲۱ هين صدي ۾ اهو سچ ثابت ٿي چڪو آهي. ۱۹۵۳ع ۾ سنڌ اسيمبلي جون نيون چونڊون ٿيون، جن ۾ سائين جي ايم سيد ستن ميمبرن سان چونڊ کٽي آيو ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪراچي سنڌ کي واپس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي گهر لاءِ يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايائين. ان کان ڊڄي، گورنر جنرل چوڌري غلام محمد ون يونٽ ٺاهڻ جي سازش رٿي، پر وزيراعليٰ سنڌ عبدالستارپيرزادي ۽ ٻين ميمبرن ون يونٽ جي حمايت کان انڪار ڪيو، جنهن تي هن آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، ايوب کهڙو کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪرايو، جنهن پوليس جي مدد سان، ناجائز طريقن سان ميمبرن کي ڊيڄاري، سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪرايو. ۴ ميمبرن پير الاهي بخش، شيخ خورشيد، عبدالحميد جتوئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي مخالفت ڪئي. جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ حيدربخش جتوئي ۽ ٻيا قومي اڳواڻ جيل موڪليا ويا. هن ڀيري جي ايم سيد ۶ مهينا جيل ۾ رهيو.
آگسٽ ۱۹۵۵ع ۾ سائين جي ايم سيد خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي “اينٽي ون يونٽ فرنٽ” ٺهرايو، بعد ۾ پاڪستان جي قومپرست پارٽين سان گڏجي لاهور ۾ “نيشنل پاڪستان پارٽي“ ٺهرائي. سائين جي ايم سيد اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ستن ميمبرن هوندي حڪمت عمليءَ سان ريپبلڪن پارٽي ۽ مسلم ليگ سان ٺاهه ڪري اڪثريت سان ون يونٽ مخالف ٺهراءُ پاس ڪرايو، جنهن جي صرف ۴ ميمبرن مخالفت ڪئي. ان کان پوءِ مولانا ڀاشانيءَ سان اتحاد ڪري سائين نيشنل عوامي پارٽي ٺهرائي، اڳتي هلي حڪمران ريپبلڪن پارٽي، ون يونٽ کي آئيني طرح ٽوڙائڻ ۽ اولهه پاڪستان جي قومن/ صوبن کي خودمختياري ڏيڻ واري واعدي تان ڦري وئي. جنهن کانپوءِ سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ سڀني سياسي گروهن (ون يونٽ ٺهرائيندڙ ايوب کهڙي ۽ پير علي محمد راشدي سميت) متحد ڪري اينٽي ون يونٽ ٺهرايو. ون يونٽ خلاف سرگرميون ڏسي، حڪمرانن ۸ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري اسيمبليون ختم ڪري ڇڏيون. جي ايم سيد ۽ نيشنل عوامي پارٽي جي ليڊرن کي جيل ۾ اماڻيو ويو. سائين جي ايم سيد ۱۹۶۰ع تائين جيل ۾ رهيو. ان کان پوءِ صحت جي خرابي جي ڪري کيس مارچ ۱۹۶۶ع تائين سن ۾ نظربند رکيو ويو. ان نظربنديءَ جو فائدو وٺندي، سائين جي ايم سيد مطالعو جاري رکيو ۽ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا. آزاد ٿيڻ بعد سائين جي ايم سيد جون ۱۹۶۶ع ۾ صحت جي خرابي ۽ ٻين سببن ڪري سياست کان ڪناره ڪشيءَ جو اعلان ڪندي “بزم صوفياءِ سنڌ” جو بنياد وجهي، قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون، قومي سجاڳي ۽ جديد قوم جي تصور ۽ مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خطبا ڏنائين، جنهن فڪري نقطه نگاهه اهو هو ته “سنڌي هڪ قوم آهي ۽ سرزمين سنڌ وٽ اتحاد انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم لاءِ خاص پيغام آهي.“
۴ مارچ ۱۹۶۷ع جي قومي واقعي کانپوءِ سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي تحريڪ کي خطرناڪ سمجهي، ايوبي آمريت، کيس جولاءِ ۱۹۶۷ع کان ۱۹۶۸ع جي آخر تائين نظربند ڪيو. ان نظربندي کي جي ايم سيد ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندي بيان ڏنو ته هو عملي سياست کان الڳ آهي، پر کيس ون يونٽ جي مخالفت سبب نظربند ڪيو ويو آهي. پهرين مارچ ۱۹۶۹ع تي سائين جي ايم سيد کي آزاد ڪيو ويو. ۹ مارچ ۱۹۶۹ع تي هڪ نئين سياسي جماعت “سنڌ متحده محاذ” قائم ڪيائين. ۱۰ آگسٽ ۱۹۶۹ع تي بنگال جي قومي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ڪراچي گهرائي آجياڻو ڏنائين. ٻئي طرف ذوالفقار علي ڀٽي جي عوامي تحريڪ ۽ جي ايم سيد جي قومي تحريڪ آڏو فيلڊ مارشل ايوب خان گوڏا کوڙيا ۽ ملڪ جون واڳون جنرل يحيٰ خان حوالي ڪري اقتدار کان ڌار ٿي ويو ۽ يحيٰ خان پهرين جولاءِ ۱۹۷۰ع تي ون جو خاتمو آڻي ملڪ ۾ چونڊن جون اعلان ڪيو. شيخ مجيب
الرحمان ۶ نقاطي پروگرام هيٺ اوڀر پاڪستان ۾ چونڊن ۾ حصو ورتو، سنڌ ۾ صرف سائين جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ شيخ اياز سندس پروگرام جي حمايت ڪئي. شيخ مجيب الرحمان کي اڪثريت جي باوجود اقتدار نه مليو. ۱۶ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تي اوڀر پاڪستان، وڏي خون خرابي کان پوءِ بنگلاديش بڻجي ويو. ان دوران ۱۸ مئي ۱۹۷۱ع کان ۳۱ ڊسمبر ۱۹۷۱ع تائين جي ايم سيد کي پنهنجي گهر ۾ نظربند رکيو ويو. اهڙين حالتن کانپوءِ سائين جي ايم سيد جي سياست ۾ تبديلي آئي ۽ هن سنڌ جي آجپي جو نعرو هڻندي “جيئي سنڌ محاذ” جو بنياد وڌو.


سائين جي ايم سيد
فنا في السنڌ
انعام ڀٽي
سنڌ جي يگاني شخص، تقرير جي قلندر چاچي حفيظ قريشي چيو هو، “مان عاقل بالغ ٿي ويو هيس، پڙهيل ڳڙهيل به هيس پر مونکي اها خبر ڪونه هئي ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون! انهيءَ جي خبر تڏهن پئي جڏهن آئون سائين جي ايم سيد سان مليس.” منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن اها سوچ سائين جي ايم سيد سنڌ جي ماڻهن کي نه ڏئي ها ته شايد اها خبر سنڌ جي اڪثريت کي نه پوي ها ۽ نه ئي اهي ڪو انهي سوچ سان سلهاڙجي هڪ مالها ۾ پوئجي سگهن ها ته سنڌي هڪ قوم آهن، انهن کي پنهنجي تاريخ، جاگرافي، تهذيب، ٻولي ۽ صدين کان الڳ قومي سڃاڻپ رهي آهي.
انهي جو هڪ ثبوت اهو آهي ته اڄ تائين سنڌ جا اڪثر ماڻهو پنهنجي ذات يا قبيلي کي ئي قوم سمجهندا ۽ سڏائيندا رهيا آهن. هنن لاءِ سندن خاندان جي سڃاڻپ ئي قوم جي حيثيت رکي ٿي. هنن دنيا جي تاريخ يا سماجي اڀياس ڪونه پڙهيو آهي جو کين سڌ هجي ته قوم ڇا ٿيندي آهي؟ مٿان وري جيڪي پڙهيل لکيل استاد، جن اسڪولن جو نصاب پڙهائڻ شروع ڪيو انهن کي ته اهو ئي پڙهائڻو هو جيڪو درسي ڪتابن ۾ لکيل هيو. ورهاڱي کان پهرين واري دور ۾ اکنڊ ڀارت جي هڪ قومي سوچ جو غلبو وري پاڪستان ٺهڻ بعد هڪ نئين مسلماني سوچ جي ڇاپ، سنڌ جي تاريخي، قومي تشخص ۽آزاد وجود واري تاريخ جي ورقن کي ميسارڻ شروع ڪيو ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ڀرڻ شروع ڪيو ويو ته ٻه قومي نظرئي تحت پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي، انهي ڪري ان ۾ رهندڙ مسلمان سڀ ڀائر آهن ۽ اهي هڪ مسلمان قوم آهن.
ڀلو ٿئي سن جي مٽي جي سرمدي کي زندهه رکندڙ، حيدر شاھ سنائي جي تسلسل جي وارث، سيد غلام مرتضيٰ شاھ، عرف عام سائين جي ايم سيد کي جنهن سنڌ جي ڌرتي سان پنهنجو نمڪ ملهائيندي ۽ پنهنجي وڏڙن جي روايتن کي زندھ رکندي، اهو ڄاڻي ورتو ته سنڌي هڪ قوم آهن، سنڌ سندن تاريخي وطن آهي ۽ انهي ۾ آزاد رهڻ انهن جو فطري حق آهي. ها سائين جي ايم سيد سنڌ جي مٽي سان قومي حق ۽ محبت ملهائيندڙ شاهه لطيف کان پوءِ پهريون فرد آهي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي اهو شعور ڏنو ته سندن ڌرتي ماءُ جو هنن مٿان هڪ قرض آهي جيڪو انهن کي هڪ نه هڪ ڏينهن لاهڻو پوندو.
شاهه لطيف شاعري جي صورت ۾ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ قومي رومانويت ڏئي ويو، پر انهي کي فڪري بنياد ۽ سياسي، سماجي طور سڃاڻپ، نثر جي صورت ۾ سائين جي ايم سيد ڏئي ويو. لطيف سائين چئي ويو هو؛
“سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري،
حيف تنهين کي هوءِ، وطن جن وساريو.”
انهي لطيف جي سٽن کي سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگي جو سبق سمجهي ورتو. پاڻ لطيف جي قومي رومانويت کي عملي طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ۽ تهان پوءِ زندگي جي هر حال ۾ جيها ڪي تيها مارو قبول ڪري انهن جي خوشحالي لاءِ پتوڙيندو رهيو. سائين جي ايم سيد کي هر دور ۾ وقت جي حاڪم ته تڪليفون پهچايون پر انهن به ساڻس گهٽ نه ڪئي جن جي قومي آزادي، خوشحالي ۽ قومي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ هن پنهنجي زندگي وقف ڪئي. هر دور ۾ مٿس تهمتن جا تير وسايا ويا ۽ الزامن جا انبار مڙهيا ويا، پر پاڻ ڪڏهن انهي تي ارها ٿي ڪا بددعا به کين ڪونه ڏنائون. سيد جي محبت ۽ نفرت جو محور سنڌ هئي، پر جن به مٿس سنگباري ڪئي انهن اهو ڪڏهن ڪونه ڏٺو ۽ پرکيو ته هن سنڌ جي عشق ۾ جو به ڪيو جي اهو تاريخ جي وهڪري ۾ غلط به ٿي ويو ته انهي جو دليري سان ۽ ايمانداري سان هن اعتراف ڪيو ۽ انهي جي ازالي لاءِ پنهنجي سموري حياتي قيد و بند ۾ انهي تي پشيمان به رهيو.
وري به چاچي حفيظ قريشي جا لفظ ٿا ياد اچن، هو چوندو هو، “سائين جي ايم سيد فنا في السنڌ آهي.” بلڪل ايئن هيو به، سيد پنهنجي ذات، پنهنجي هر خواهش کي سنڌ تان قربان ڪري ڇڏيو. هن اهو سمجهي ورتو هو ته تاريخ ۾ سندس مقام ڇا هوندو، هن کي زماني جي فڪر ڪڏهن پريشان ڪونه ڪيو، هن کي پريشان ڪيو ته انهي سوچ، انهي ميار جيڪا لطيف وطن وسارڻ تي حيف ڏيڻ جي صورت ۾ ڏئي ويو. هن کي اهو فڪر ڪڏهن ڪونه ٿيو ته هو ڪنهن جي لاءِ پيو ڪري، انهن لاءِ جيڪي مٿس تهمتون، الزام ۽ فتوائون ڏئي رهيا آهن؟ پر هن کي فڪر اهو هو ته جيها ڪي تيها مارو قبول ڪرڻا آهن. هو کيس ڪونه ٿا سڃاڻن، هنن جو عشق ساڻس ڀلي نه هجي، پر هن انهن سان الست به ربڪم وقت جيڪو وچن ڪيو هو سو پاڙڻ لاءِ پابند آهي.
سائين جي ايم سيد پنهنجي ذات کان ۽ ذاتي خواهشن کان گهڻو بالاتر ٿي ڪري زندگي جو سفر ڪيو. جيڪي اياڻا عقل جا انڌا ۽ دشمنن جي ڪئمپ جي پروپئگنڊا جا گرويده آهن، انهن لاءِ هڪ واقعو سائين جي زندگي جو بيان ڪريان ٿو اهو ئي انهن جي شرمندگي لاءِ ڪافي هوندو جي کين سمجهه هوندي ته. “ڪنهن زماني ۾ دادو لوڪل بورڊ ۾ سائين جي ايم سيد نائب صدر منتخب ٿي آيو. صدر انهي وقت جيڪو به هئو انهي خلاف سائين جي ايم سيد ڪا ايجنڊا پيش ڪئي جنهن تي ان وقت جي سرڪار مٿس سخت ڏمرجي پئي. مٿس زور وڌائون ته اها ايجنڊا واپس وٺو، سائين جي مٿان اخلاقي دٻاءُ اهو به هو ته انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ صدر هٽايو ويو ته نائب صدر قائم مقام صدر ٿي ويندو، ڪٿي اهو نه سمجهيو وڃي ته سائين جي ايم سيد اها ايجنڊا ئي انهي ڪري پيش ڪري رهيو آهي جو کيس صدر ٿيڻ جو شوق آهي، انهي ڪري پاڻ نائب صدر تان استعيفيٰ ڏنائون ۽ ڪنهن ٻئي کي پنهنجي جاءِ تي نائب صدر چونڊرايائون. سرڪار سندس سن جي گهر کي آني بهاني ڍل جو يا ڪو ٻيو سبب ڄاڻائي ڪري سيل ڪيو، انهيءَ هوندي به پاڻ پٺتي ڪونه هٽيو ۽ انهي ايجنڊا جي نتيجي ۾ اهو لوڪل بورڊ دادو جو صدر هٽي ويو.”
هي واقعو ۱۹۳۵ع يا ۱۹۳۶ع جو آهي جڏهن سندن عمر اڃا ۳۱ يا ۳۲ سال مس هوندي، انهيءَ دور ۾ به سائين جي ايم سيد جي نظر تاريخ جي ايندڙ ورقن تي هئي. کيس خبر هئي ته ڪٿي تاريخدان کيس خودغرض ۽ ذاتي عهدي جي خواهشن جو خادم ڪري نه پيش ڪن. جنهن شخص کي تاريخ جي ورقن جو فڪر هوندو آهي، اهي تاريخ ساز هوندا آهن. اهي زماني سان ناهن هلندا پر زمانا صدين تائين انهن سان، انهن جي نالي سان، انهن جي اصولن سان ۽ انهن جي ٺاهيل قدرن سان هلندا آهن. اڄ به ڪي نادان جڏهن سائين جي ايم سيد جي ماضي جي ڪيل ڪمن تي حال ۾ پنهنجي ڪوتاھ نظري سان اظهار ڪن ٿا ته انهن کان مستقبل وسريل هجي ٿو. هنن جي نظر ۽ سوچ ايتري ته تنگ هجي ٿي جو کين اهو نظر ئي ڪونه ٿو اچي ته جنهن شخص تي هو آڱر کڻي رهيا آهن اهو تاريخ جو اهڙو سچ آهي جنهن کي وقت جو ڪو به واءُ زنگ آلود نه ڪري سگهيو. هن جيڪي به ڪيو جيئن به ڪيو اهو انهن حالتن جي پيش نظر سنڌ ۽ سنڌي مارن جي محبت ۾ ڪيو. هن کي يقين هو ته سندس من ۾ محبت پائي روڙيل رنڊا هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اگهامجندا ۽ هو جنهن حضور ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ اهو ڪجهه ڪري ويو آهي هڪ ڏينهن کيس اهو معراج ضرور ملندو. بس رڳو اهو ارمان ضرور رهندو ته وقت جي ماڻهن کيس ڪونه سڃاتو ڇاڪاڻ ته اهي وقت جي نزاڪتن جا غلام هيا، هنن اهو ڪونه ڄاتو ته سندن ناتو ڪنهن ساڻ هجڻ گهرجي.
جي تو اڃان نه ڄاتو آ، ڪير ديس واسي،
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي.


سائين جي ايم سيد
سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ
زبير سومرو
سنڌوءَ ڪناري سَن شهر ۾ کليل ڪتاب جي شبيهه واري سنگ مرمري مرقد ۾ هڪڙو باغي صوفي ستو پيو آهي. هُو ازل جا ٿڪ کڻي ابدي ننڊ ۾ آهي. هُن جو روح مارئي بڻجي پنهنجن مارُن لاءِ اڄ به تڙپ ۾ آهي. اهو باغي صوفي، جنهن جي جنازي ۾ قرآن پاڪ، ڀڳوت گيتا، رامائڻ، انجيل شريف، توريت شريف ۽ گرنٿ صاحب جهڙن ڪتابن جو ورد ٿيو هو، نئين صديءَ جي سنڌ جي سڃاڻپ ۽ سنڌ سان غير مشروط عشق جي علامت بڻجي چڪو آهي. هي سنڌ جو اهو دانشور سياستدان آهي، جنهن پنهنجي تحرين ۽ تقريرن ۾ ڪيئي ڏهاڪا اڳ، ننڍي کنڊ ۾ مذهبي انتها پسندي جي پيشن گوئي ڪندي خطي کي خبردار ڪيو هو. سنڌ جو هي واحد جهونڙو هو، جنهن جا عاشق سڀ جوان هيا. هُو “سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چِٽي ٿيوي ڏاڙهي” جي جيئري جاڳندي تصوير هو.
آفريڪي ڪارن کان ڪو پڇي ته اوهان جو ڌڻي سائين ڪير آهي ته جواب ۾ “نيلسن منڊيلا” کان سواءِ ٻيو ڪو به نالو نه کڻندا. هندستان جو باپو “گانڌي جي” ئي ٿي سگهي ٿو. جديد ملائيشيا جو اڏيندڙ “مهاتير محمد” کان سواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو. نئين چين جي اڏاوت “مائوزي تنگ” ئي ڪري سگهي ٿو. آمريڪا کي عظيم بڻائيندڙ “جارج واشنگٽن” کان سواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح جديد سنڌ جو روح روان جي ايم سيّد ئي ٿي سگهي ٿو. پنجاب به ڏيڍ ٻن صدين کان پوءِ راجا رنجيت سنگهه کي پنهنجو قومي هيرو مڃڻ لاءِ تيار ٿي بادشاهي مسجد ۾ سندس مجسمي جو افتتاح ڪيو. رنجيت سنگهه بابت اڄ سوا صديءَ کان پوءِ پنجابي قوم کي نيٺ احساس ٿيو آهي ته انهن جو قومي هيرو محمود غزنوي، احمد شاهه ابدالي يا قطب الدين ايبڪ نه بلڪه رنجيت سنگهه آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به اهو بحث ٻيهر ڇڙي پيو آهي ته جي ايم سيّد جو پنهنجي قوم آڏو راجا ڏاهر کي سنڌ جو هيرو ڪري پيش ڪرڻ غلط نه هو. سائين جي ايم سيّد جڏهن پهريون ڀيرو راجا ڏاهر کي سنڌ جو قومي هيرو لکيو ته مذهبي ڌرين ۾ ممڻ مچي ويو. سائينءَ دليل ڏنو ته راءِ سهاسي گھراڻي جو ولي عهد راجا ڏاهر، جيڪو پنهنجي وطن جي دنگن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي حمله آورن هٿان مارجي ويو. ڏاهر ان دؤر جي آزاد رياست جو اُهو هيڊ آف اسٽيٽ هيو، جنهن پنهنجي سنڌ جي سموري معلوم تاريخ جي سنڌي بادشاهن جي امن کي قائم رکڻ واري اصولي پرمپرا جي پاسداري ڪندي، ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ ۽ قوم تي ڪاهه نه ڪئي. سنڌ ۾ وسيع پيماني تي انهي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ باوجود به سنڌ حڪومت سياسي مصلحتن تحت ان جو اظهار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هميشه پنهنجي مٿان ٿيندڙ حملن جي بچاءَ ۾ وڙهيو. سائين جي ايم سيّد کان اڳ سنڌين کي پنهنجن قومي هيرن جي تميز ڪٿي هئي؟ 
سائين جي ايم سيّد سنڌ جي تاريخ جي اها غير معمولي شخصيت آهي، جنهن سنڌ واسين کي جديد سنڌ جو بنياد وجهي ڏنو. انهيءَ غير معمولي بنياد تي عمارت جُڙڻ جا مرحلا اڃا گھڻو پري آهن، پر جديد سنڌ جو تصور ايڏو ته مضبوط، منظم، مهذب ۽ ايڏو ته حسين آهي، جو ان جو خيال اچڻ سان ئي دل ۾ هڪ خوبصورت احساس ٿو اڀري ته اُهي سنڌ ديس جا الائي ڪهڙا باشندا هوندا جيڪا سيّد واري گھڙيل آجي ۽ سُکي ستابي سنڌ جا شهري هوندا.
سائين جي ايم سيّد جي آفاقي نظرئي کي ڪا به طاقت، ڪنهن به دؤر ۾ روڪي نه سگهي. هر دؤر جي حڪمران پنهنجي پنهنجي وسَ، وِتُ ۽ ظرف آهر، ڀرپور ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به ريت سيّد جي فڪر کي ميسارجي، پر ڪوبه حاڪم ڪامياب ٿي نه سگهيو. سيّد جي سياسي ساٿيءَ جناح صاحب، سيّد کي قيد رکي ڪراچيءَ کي اسلام آباد جي حوالي ڪيو. هندستان جي ڪرنال شهر کان هجرت ڪري آيل پاڻ کي نواب سڏائيندڙ لياقت عليءَ، سيّد کي قيد ڪري يُو پي سي پي جي پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو. شهيد الله بخش سومري جي قتل الزام ۾ جيل ڪاٽيندڙ ايُوب کهڙي، سيّد کي قيد ڪري سنڌ ۾ پنجابي پٺاڻ آباد ڪرايا. آمريت جي آقا جنرل ايوب، سيّد کي قيد ڪري ون يونٽ جي قهر کي قائم رکيو. شيخ مجيب جهڙي عوامي ليڊر سان دوکو ڪندڙ جنرل يحييٰ، سيّد کي قيد ڪري مظلوم بنگالين سان ويساهه گھاتي ڪئي. آمريڪا ۽ پاڪستاني وفاق جي پرائي جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ قائد عوام ذوالفقار ڀُٽي، سيّد کي قيد ڪري سنڌي اديبن ۽ قومي تحريڪ جي ڪارڪنن توڙي اڳواڻن تي قسم قسم جي ظلمن جا داستان رقم ڪيا. آمريت جي علامت بڻجي ويل جنرل ضياء، سيّد کي قيد ڪري قومي تحريڪ کي ڇيهو رسايو. اقتدارن جا مزا ماڻيندڙ شهيد راڻي بينظير ڀٽو، سيّد کي قيد ڪري، ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ جي بنيادي انساني حق جي اجازت نه ڏني ۽ کيس اسپتال ۾ دم ڏيڻ تي مجبور ڪيو. ڪوبه نه رهيو پر سيّد پنهنجي فڪر ۾ اڄ به زندهه جاويد آهي.
خان غفار کان پوءِ، سائين جي ايم سيّد، سنڌ جو اهو “باغي” هو، جنهن کي ٽي ڏهاڪا قيد ۾ رکڻ جي باوجود عدالتن ۾ پيش ڪري مٿس ڪيس نه هلايو ويو. جنهن ڏينهن حاضري هوندي هئي، ان ڏينهن جج غائب ٿي ويندا هئا. سيّد پنهنجي عدالتي بيان “سنڌ ڳالهائي ٿي” ۾ پنهنجي مٿان لڳايل الزام جو اعترافِ جرم ڪيو. بينظير ڀٽو جي دؤر ۾ سيّد جي خلاف بغاوت جو ڪيس هلائيندڙ انسدادِ دهشتگردي جي جج، سائينءَ کي خاص طور تي ماڻهو موڪلي گذارش ڪئي ته هُو عدالت ۾ پيش نه ٿئي، ڇو ته اعترافِ جرم جي صورت ۾، جج لاءِ لازم آهي ته مجرم کي سزا ڏئي ۽ هُو (جج) ننڍي کنڊ جي ايڏي وڏي عظيم ليڊر کي سزا ڏيڻ جو گناهگار نه ٿو ٿيڻ چاهي. اندازو ڪيو ته ان مجرم جي تاريخي حيثيت ۽ فڪري هئيت ڇا هوندي، جنهن جي عدالت ۾ پهچندي، منصفن جا هٿ ڏڪڻ شروع ٿي وڃن ۽ فيصلو ڏيڻ کان قاصر ٿي پون ۽ مجرم کي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جا عرض ڪن.
ذاتي زندگيءَ ۾ صوم صلوات جو پابند، تهجد گذار سيّد جو فڪري پاسو نج سيڪيولر هو. “جيئن ڏٺو آهي مون” ۽ “ديار دل داستانِ محبت” جهڙا فڪر انگيز ڪتاب لکي، هُن سچ پچ سنڌي قوم تي نه لهڻ جهڙو احسان ڪيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي عطائي خانقاهن جي ڪٽڙو مسند نشينن، سيّد تي فتوائن جون هلائون ڪيون، پر سيّد جو مرتبو اڃان به بلند ٿيندو ويو. خبر ناهي ته ورَ ۾ خنجر لڪائي سيّد کي قتل ڪرڻ جي نيت سان سن آيل اُهو “گلستان خان” حال حيات آهي الائي نه، جنهن کي چيو ويو هو ته جي ايم سيّد واجب القتل آهي ۽ دين مان خارج آهي، پر هُن جڏهن سن ۾ سيّد کي تهجد ۽ اشراق جون نمازون پڙهندي ڏٺو ته هُن خنجر ميز تي رکيو ۽ قتل جي ارادي جو اعتراف ڪيو، پر سيّد کيس معاف ڪري ڇڏيو. اڄ سڄي ننڍي کنڊ ۾ بنياد پرستي ((Right Wing جو راڄ آهي، ايتري قدر جو گانڌيءَ جو اهنسا وارو سيڪيولر هندستان به ان باهه کان بچي نه سگهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ماڻهو اڄ  به پنهنجي جوهر ۾ صوفي مزاج رکي ٿو، اڄ به سنڌي ماڻهو مذهبي هم آهنگي، ڀائيچاري، امن ۽ محبت تي يقين رکي ٿو، جنهن جو گھڻي قدر ڪريڊٽ سيّد ڏانهن ئي وڃي ٿو. پياري دوست آدرش چواڻي ته “جي ايم سيّد سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ آهي.”
جي ايم سيد
ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ
راشد شر
حليم باغي ڪٿي لکيو آھي ته ”ھڪڙو سيد آ جنھن جي پڄاڻي نه آ“ بلڪل اھو سن جي عظيم سيد سائين جي ايم سيد لاءِ  ئي حليم باغي لکيو آھي جنھن جي تاريخ علم ادب ۽ سياست جي ڪڏھن به ڪنھن به دور ۾ پڄاڻي ناھي ٿيڻي بلڪه سائين جي ايم سيد جھڙي عظيم عالم اديب ۽ سياستدان جي نرالي عظمت ھر دور ۾ رھڻي آھي.
انساني تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آھي ته جن امر انسانن جي ساڃاهه انساني سماج جي اجتماعي پيڙا جي شناس رکي ذاتي خواھشن کي ترڪ ڪري، پنهنجي سوچ سمجھ عقل ۽ ادراڪ کي عام لوڪ کان لطيف جي چواڻي، جيئن لهوارو ڪري ٿي:
اَکِ اُلِـٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين،
جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ،
مَنجھان نُوچَ نِهارِ، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
اھا سوچ نه صرف پاڻ کي اُتم ڪري ٿي ڇڏي بلڪ اھو ڪردار پنھنجي ان فڪري سوچ آھر انساني تاريخ ۾ ھڪ اھڙو بحث ڇيڙي ٿو ڇڏي جيڪو سوچ فڪر سماج اندر رھڻ جي تميز جا طور طريقا سيکارڻ سان گڏ سماج اندر انسان شناسيءَ خلاف ٿيندڙ فيصلن ۽ قاعدن قانونن خلاف ھڪ جدوجهد جو آغاز ڪري، ھر ان ڪاري قانون خلاف آواز اٿاري ٿو جنھن سان ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۾ اضافو ٿيندو ھجي.
عظيم فلسفي گوتم ٻڌ پنھنجي چئن اتم بنيادي سچن ۾ جنھن ڳالھه کي بحث جي مرڪزي حيثيت ڏئي ٿو اھا به ساڳئي انساني زندگيءَ جي تميز ۽ زندگي ڇا آھي ان جا مقصد ڪھڙا آھن؟ ڏکن  سکن جو سنگم، سبب نتيجا مسئلا ۽ حل جھڙن اھم پيچيده سوالن کي پنهنجي علمي بحث جو حصو بنائي انساني زندگيءَ کي غلاميءَ جي زنجيرن مان ڪڍي انسان شناسيءَ جي ڏاڍي خوبصورت تصوير چٽيندي انسان کي نه صرف پنهنجي ھڪ جملي ”سروم دکم دکم“ ۾ اسان جي صوفي ازم جيئن قيد ڪري بيھاريو بلڪه ھن اڳتي سمورن انساني اھنجن جي حل جي به وائکي فلسفياڻي سائنسي  تشريح ڪري انسان جي ذھنن کي قيد مان جدوجهد ذريعي ڪڍڻ جي پرچار ڪئي.
ھڪ اھڙي جدوجھد، ھڪ اھڙي چيٽ، ھڪ اھڙو علم ادب سياست جو ڏيئو سنڌي قوم جي خوداراديت ھزارين سالن جي آزاد رياست تھذيب ۽ تشخص جي آزاديءَ جو اعلان سائين جي ايم سيد به ڪيو جنھن کان پوءِ سندس اڳيان ٻه رستا اڀري آيا جن مان ھڪڙو رستو ھيو ته ھو پنھنجي ڌرتيءَ، ماڻھن جي جدوجھد سياست ۽ قلم جي جھاد تان ھٿ کڻي سماج کان لاتعلقي واري عياش زندگي گذاري ٻي صورت ۾ جيلن ويلن سورن سختين ۾ به وڙھندو رھي!
سائين جي ايم سيد ان ٻن واٽن مان جيڪا واٽ طئه ڪئي اھا ھئي بغاوت ۽ جدوجھد واري جنھن سان ھن جي سامھون وقت جي حڪمرانن سختين جا انبار اُڀا ڪري کيس جيل موڪلڻ سان گڏ سندس قلم کي زنجيرن ۾ قيد ڪري، ڪيترن ئي ڪتابن تي پابنديون وجھي ڇڏيون پر تاريخ ۽ وقت جي انصاف سان اھي جابر حڪمران سيد جي آواز کي دٻائي ته نه سگھيا بلڪه دنيا ڏٺو ته ھن عظيم شخص جو آواز جدوجهد ۽ قلم ايترو ته طاقتور ٿي ويو جو سندس لکڻيون اڄ تائين دنيا جي وڏين وڏين يونيورسٽين ۾ نصاب طور پڙھايون پيون وڃن.
سائين جي ايم سيد جي سياسي شخصيت سان گڏ سندس جيڪي ٻيو سگھارو پاسو آھي اھو آھي سندس ادبي شخصيت جو. ھن پنھنجي ادبي تخليقن ذريعي پوري سنڌي ادب سميت عالمي پاسن کان به پاڻ کي خوب مڃرايو.
سائين جي ايم سيد جي سمورين لکڻين مان جيڪڏھن اسين صرف پغام لطيف ۽ جيئن ڏٺو آ مون تي ڳالھايون ته اسان کي سائين جي ايم سيد جا اھي ڪتاب ھڪ اھڙي تخليقي، ادب، سياست، مزاحمت جو مطالعو ڪرائن ٿا جن سان ڪيترن ئي رجعت پسند ڳالھين، مذھبي ڪٽر پڻي جي منھن تي چماٽ سان گڏوگڏ لطيفات کي درست معنيٰ ۾ قومي جدوجھد ۽ مزاحمت جي معنيٰ پڻ سمجهائيندي نظر اچن ٿا.
سنڌي ادب ۾ جيڪڏھن لطيفات جي پاسي کان سائين جي ايم سيد کي ڏٺو وڃي ته پيغام لطيف سنڌي ادب جي تاريخ ۾ اھو پھريون ڪتاب آھي جنھن لطيف جي فڪر کي ڄڻ ته آسمان تان لاھي عقلي بنيادن تي  زمين تي آڻي سامھون بيھاري رکيو ڇو ته اڳ ۾ لطيف کي صرف ھڪ پَڙن وارو ولي يا درويش سمجهو ويندو ھيو.
سيد صاحب جي سمورن ڪتابن مان ٻي سندس جيڪا دلچسپ لکڻي آھي ته اھا آھي”جيئن ڏٺو آ مون“ ھي سيد جي ان دور ۾ ھڪ اھڙي جرئتمنداڻي تخليق ھئي جنھن سان سموري رجعت پسند ملائيت ڄڻ لرزي پئي ھئي ۽ اسان جي انهن اديبن تي به ھڪڙي تنقيد ھئي جيڪي ملائيت جي خوف کان پنهنجا علمي عقلي ادبي ۽ سائنسي بحث ڪمرن تائين محدود رکندا ھئا پر سائين جي ايم سيد ان دور ۾ اھڙو علمي ليک سامھون آڻي ڄڻ ھڪ انقلاب آڻي ڇڏيو جنھن کي سنڌ سميت دنيا جي ٻين ٻولين به سيني سان لائي ترجمو ڪري سيد جي ان لکڻي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
سيد سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ھڪ اھڙو عاشق ھيو جنھن جي ھر سوچ ويچار ۾ سنڌ وسندي ھئي ايتري قدر جو ھن جي ھر ڪتاب جي ھر موضوع ۾ ڪٿي نه ڪٿي سنڌ جي بقا بحاليءَ جو ذڪر ضرور ايندو ھيو.
هُن پنھنجي فڪر سنڌ جي خوشحالي، خودمختياري، آزاديءَ ۾ ئي عالم انسانيت جو فڪر سمجهو ۽ ھن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ سنڌ جي تاريخ، تھذيب ۽ علم ادب کان ماڻھن کي واقف ڪيو.
سيد پنهنجي سياست جو بنياد ئي سنڌ جي تعليم کي بنايو جو پاڻ پنهنجي سياسي تنظيم جو اعلان به شاگرد سياست کان شروع ڪيو ۽ سندس مقصد به اھو ھيو ته سنڌ جي بقا باهمي ۽ خوشحالي سنڌ جي پڙھيل لکيل نظرياتي نوجوانن جي شفاف سياست اخلاقيات مان ئي اڀرندي. پاڻ اھا ڳالهھ ورجائيندو رھندو ھئو ته اخلاقيات ئي ھڪ سٺي انقلابي ليڊر، ڪارڪن جو معراج آھي ڇو ته جنهن ماڻھوءَ  ۾ شخصي اخلاق نه ھوندو ان مان سياسي اخلاق ۽ انقلاب جي توقع ڪرڻ اجائي آھي.

اھو ھڪڙو فطري ۽ جدلياتي عمل آھي ته ھر شيءِ مستقل تبديليءَ مان گذري ٿي، ھر سادي ۽ پيچيده شيءِ ماضيءَ جي حيثيت ۾ اڳ کان وڌيڪ پيچده کان پيچيده ٿيڻي آھي. پر ڪو به امر ڪردار، امر نظريو، امر سوچ ڪنھن به دور ۾ مرڻي ناھي ڇو ته ھر دور جي ڏاھپ/ نظريو پنهنجي ھر ايندڙ ھمعصر دور جي واڌ ڪندو آھي. انڪري اسان جي قومپرست، سيڪيولر، سوشلسٽ دوستن کي به گھرجي ته سيد جھڙي عظيم درسگاھ مان  تاريخ ۽ سياست جي اُڃ اجهائي سندس سياست ۽ ادب کي چاھ سان پڙھڻ سان گڏ سندس ڪيل تاريخ ساز پورهئي مان فائدو وٺي، زنجيرن ۾ قيد غلام ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪن.


سائين جي ايم سيد بابت وڌيڪ ليک پڙھڻ لاءِ ھيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪيو.

سائين جي ايم سيد - ۲

No comments:

راءِ ڏيندا