; سنڌي شخصيتون: 2015

17 December, 2015

عنايت ميمڻ

مرحيات عنايت ميمڻ
منظور ڪوھيار
نالو ۽ ذات، هڪ ٻئي جي ابتڙ.
جيئن اوهان ڪنهن پٺاڻ جو نالو نزاڪت، ٻروچ جو نالو نفاست ۽ شيخ جو نالو سخاوت ٻڌندؤ ته ضرور حيران ٿيندئو، تيئن ڪنهن ميمڻ جو نالو عنايت ٻڌي، اوهان کي حيرانگيءَ سان گڏ پريشاني ضرور ٿي هوندي ته، ميمڻ ۽ عنايتَ، کوڙو لڳي ئي نه ٿو. اصولي طور تي ميمڻ جو نالو بچل، رکيل، ڪفايت يا ڪنايت ته سٺو لڳي ٿو؛ پر ميمڻ سان گڏ عنايت بالڪل ڪو نه ٿو ٺهي. پر وڏڙن هن معصوم نونهال جو نالو عنايت رکي، ساڻس جٺ ڪري ڇڏي. هاڻي جڏهن به هي پنهنجي ميمڻڪي رڳ ڏيکاريندو آهي، ته هر ڪو کيس طعنو هڻي چوندو آهي ته؛ پنهنجي ذات نه ڏس، نالي کي ڏس.

03 December, 2015

مرتضيٰ اعظم عباسي - ناصر قاضي

مرتضيٰ اعظم عباسي
اعظمَ جي عشقَ ذوقَ هڻي هنڌ ڪري ڇڏيو!
ناصر قاضي
يقيناً اها سياري جي هڪ سرد ۽ سرمئي شام هئي ۽ ان وقت مان اڃا هاءِ اسڪول جو ڇوڪراٽ ٻالڪ هئس. ان سمي پنهنجي جنم ڀوميءَ ’رتيديري‘ جي قديمي آستان، ’سيد نادر شاهه ۽ سيد صالح شاهه جي درگاهه‘ تي منعقد ٿيل سيد نادر شاهه جي سالياني ميلي جي وچئين ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس تان منهنجي واپسي ٿي هئي. آءٌ ان وقت درگاهه تان ’المنظر ڪتاب گھر‘ تي آيس، ڇا ڏسان ته هتي به هڪ ادبي ڪانفرنس جهڙي ڪچهري هلي رهي هئي، جنهن ڪچهريءَ ۾ سيد نادر شاهه واري ادبي ڪانفرنس تان موٽيل سائين سرڪش سنڌيءَ، مقصود گلَ، سڄڻ سنڌيءَ، مختار گھمري، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جهڙا اديب به خاموشيءَ سان انهن ٻنهي شاهڪار ڪردارن جي علمي ادبي گفتگوءَ مان حظ حاصل ڪري رهيا هئا. هڪ طرف تحقيق جو بي تاج بادشاهه ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي علم جو مڪمل سمنڊ لڳي رهيو هو ته وري ٻئي طرف پنجن زبانن جو پڪو پختو شاعر مرتضى اعظم عباسي به ڄاڻ جي کاڻ بڻيل هو، هو ٻئي محوِ گفتگو هئا ۽ وچ شهر جي گونان گون بازار ۾ ان هڪ دڪان اندر ٻن ماضيءَ جي امر اديبن جي آوازن کان سواءِ ٻي مڙوئي سانت ڇانيل هئي. مان ان وقت هڪ اسڪولي ٻار هئس ۽ اهو ته نه سمجھي سگھيس ته سندن بحث هيٺ موضوع ڪهڙو آهي، پر اهو اڄ به ياد اٿم تي اهي ٻئي امر اديب، ان وقت پاڻ ۾ رتيديري شهر جي قدامت ۽ ان جي قديم آثارن بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا هئا.

29 November, 2015

ڪموڊور اقبال ميمڻ - آفتاب ميمڻ

ڪموڊور اقبال ميمڻ
سنڌ جو مايه ناز فرزند
آفتاب ميمڻ
سنڌ ڌرتيءَ انيڪ اَمُلهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن. ڪراچي ۾. ڪارونجهر جي ڪَور ۾. ڀٽن ۾. ميدانن ۾. هيءَ ڌرتي ڏاڍي زرخيز مٽيءَ واري ڌرتي آهي. وقت جي بي رحم ڌارا ۽ پنهنجن جي بي حسيءَ ۽ بي رحمي به سنڌ ڌرتيءَ جي ڪُکَ کي سُنڍَ ڪري ڪونه سگهي آهي. جي ڏيساور وڃن ٿا ‘علامه عبدالعزيز الميمني’ جهڙا صاحبِ علم ۽ حيثيت وارا ٿين ٿا جن جي عربي ٻوليءَ تي دسترس، قرآن ڪريم ۽ لفظن جي بُڻ بنياد جي ڇنڊڇاڻ کي جڳ مشهور علمي درسگاه الازهر به مستند مڃيندي هئي. جڏهين دنياءِ عرب ۾ ڪنهن عربي لفظ جي معنيٰ، اشتقاق، بُڻ بنياد ۽ ماهيت تي تڪرار ٿيندو هيو ته الازهر يونيورسٽي علامه عبدالعزيز ميمڻ ڏي رجوع ڪندي هئي. علامه صاحب جو ڏنل ڇيد سڀن لاءِ مانَ ڀريو هوندو هيو ۽ حرفِ آخر ڪري ليکيو ويندو هيو.

04 November, 2015

عبدالقادر جوڻيجو

عبدالقادر جوڻيجو
چوٽيءَ جو ڊرامه نگار، ڪالم نگار، ليکڪ ۽ اديب
محمد سليمان وساڻ
عبدالقادر جوڻيجو )پهرين نومبر ۱۹۴۵ع – ۳۰ مارچ ۲۰۲۰ع)، ٿر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جنھاڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي اي، بي ايڊ ۽ ايم اي سوشيالاجي آهي. عبدالقادر جوڻيجو جي سڄاڻ هڪ ڪالم نگار کان وڌيڪ هڪ ڊرامه نگار جي آهي. جنهن جا ڊرامه ريڊيو سان گڏ ٽي وي تي به ايترو ته مشهور ٿيا آهن جو ماڻهو انهن ڪردارن کي وساري به ناهن سگهيا.عبدالقادر جوڻيجو ريڊيو تي ۲۲ کان وڌيڪ سنڌي ڊرامه ۽ ۲ اردو ڊرامه لکيا آهن. هن ٽي وي تي اهڙا ته ڊرامه لکيا جن تي کيس ڪيترائي اوارڊ ملڻ سان گڏ اهي ڊرامه ۽ ڪردار يادگار بڻجي ويا. پاڻ ٽي وي تي ۱۶ سنڌي ڊرامه ۽ ۷ سنڌي ڊرامه سيريل لکيون آهن، هن اردو ۾ ۶ ڊرامه ۽ ۱۵ ڊرامه سيريل لکيون آهن. سندس يادگار ڊرامن ۾ ديوارين (سنڌيء ۾ راڻيء جي ڪهاڻي)، ڪاروان، ڇوٽي سي دنيا، سيڙهيان، دک سک، ٿوڙي خوشي ٿوڙا غم ۽ پرانده گهڻو مقبول ٿيا.

عيسن خان ابڙو - انور ڏنگڙائي

عيسن خان ابڙو
هڪ اڻ وسرندڙ ڪردار
انور ڏنگڙائي
هڪ اهڙو وڏيرو، جنهن کي وڏيرو چوڻ تي دل ئي نه ٿي چوي. ڇو ته اسان جا سنڌي وڏيرا جنهن سوچ جا، جنهن ڪردار جا، جن عادتن جا رهيا آهن، جن پنهنجي اهڙي سڃاڻ ٺاهي ڇڏي آ، جيڪا انهن کي ئي سونهين ٿي. انهن منجھان جيڪڏهن ڪو ماڻهپي وارو ماڻهو پيدا ٿي پوي ته ان کي وڏيرو چوندي هچڪ محسوس ٿيندي آهي. ائين لڳندو آهي ته ”وڏيرو“ لفظ هن جي شخصيت تي داغ آهي. ان داغ کان پاڪ صاف شخصيت عيسن خان ابڙي جي آهي. جنهن جو جنم مهين جي دڙي کان ٽي ڪلوميٽر کن اولهه طرف بگي ڳوٺ ۾ ٿيو. گهڻي ڳولا جي باوجود به هن جي جنم ۽ وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي نه ئي وري هن جي ڪا تصوير ملي سگهي آهي. بس ايترو معلوم ٿي سگهيو آهي ته انگريزن جي پڇاڙيءَ واري دور ۾ هن جو اوج هو، هونئن مٿئين طبقي جي ماڻهوءَ جو اوج اڪثر اهو ليکيو ويندو آهي جو هن جو دٻدٻو هجي. رعب تاب هجي. پر نه، هن جيڪو اوج ماڻيو اهو پيار ۽ محبت ورهائڻ سان ماڻيو. ماڻهن کي محبتون ڏنائين ۽ ماڻهن کان محبتون ورتائين.

02 November, 2015

قربان جيلاني - سيد يار محمد شاهه

قربان جيلاني
سندس ساروڻيون
سيد يار محمد شاهه
سنڌي ۽ اردو ڊرامن، فلمن ۽ ريڊيو جو سپراسٽار قربان جيلاني اڄ جي ٽهيءَ کي ياد هجي يا نه هجي، پر سندس ٻه فرزند ڪامران جيلاني ۽ عدنان جيلاني اڄ نئين ٽهيءَ جا پسنديده فنڪار ضرور ليکيا وڃن ٿا. قربان جيلاني، محمد علي، مصطفيٰ قريشي وارن جي دور ۾ ريڊيو سان وابسته رهيو ۽ پهرئين جوڙ جو فنڪار ليکيو ويندو هو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پوءِ هو ڪراچي ريڊيو سان بحيثيت انائونسر ۽ صداڪار آخر تائين وابسته رهيو، جڏهن ته سنڌي فلمن ۽ سنڌي اردو ٽيليويزن ڊرامن ۾ به هن پنهنجو پاڻ کي مڃرايو. ان کان علاوه فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ اداره قائم ڪري، انعامي اسڪيمون به هلايون، جنهن تان کيس هڪ دفعو جيل به وڃڻو پيو

پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ - محمد مٺل جسڪاڻي

پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ
ڄاڻو زرعي ماهر، محنتي محقق، بهترين استاد ۽ منتظم
محمد مٺل جسڪاڻي
پروفيسر ممتاز علي پٺاڻ ۰۲ فيبروري ۱۹۴۹ع تي سائينداد خان پٺاڻ جي گهر ۾، قمبر ۾ اک کولي. جتي هن بنيادي تعليم پرائڻ شروع ڪئي ۽ ۱۹۶۵ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان ميٽرڪ ڪري، اڳوڻي زرعي ڪاليج (هاڻوڪي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) مان ٻوٽن جي بيمارين واري شعبي ۾ ۱۹۷۲ع ۾ بي ايس سي ۽ ۱۹۷۴ع ۾ ايم ايس سي ڪئي. سندس تعليمي سندن موجب، هن پنهنجي تعليم دوران شروع کان آخر تائين، هر امتحان فرسٽ ڪلاس فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيو.

01 November, 2015

ماسٽر چندر

ماسٽر چندر
”چندر“ چشما کڻي بند ڪر، فقط دل ۾ رکي تصور.
ڪڏهن ڪڏهن ناگهاني طور تي، ڪنهن واٽ ويندي، ڪنهن پيچري تان گذرندي يا ڪا عمارت پسندي، اچانڪ دل ۾ يادن دري کلي ويندي آهي، ذهن ۾ ڪجھه اڻمٽ تصويرون چٽجي وينديون آهن ۽ هڪ قسم جي پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي. ضروري ناهي ته منهنجي اندر جو اهو داخلي احساس هر ڪنهن سان لاڳو هجي، پر مونکي دل ئي دل ۾ ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اهو پيچرو پنهنجي خاموش زبان سان پيار وچان، پاڻ طرف سڏيندو هجي. مثال طور لاڙڪاڻي کان حيدرآباد ويندي يا ايندي، قومي شاهراهه تان جڏهن به راڻيپور کان گذرڻ ٿيندو آهي، تڏهن ائين ڀاسندو آهي ته سچل سائينءَ جو روضو ڄڻ ته ’حق موجود‘ ٻولائيندي، ائين چوندو هجي ته: ”ڇڏ رسامان آءُ تون يار، مون کي تنهنجي سار سنڀار.!!“، يا وري جڏهن به دادوءَ کان گذرڻ ٿيندو آهي، تڏهن ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته ڄڻ هتان جي گونان گون بازارين ۽ رستن ۾ ماڻهن جي وهڪري منجھان اجھو ڪو اکين تي عينڪ ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پهريل، ڪو پير سن پيار ڪندڙ، الفت ڀريو استاد نمودار ٿيندو، جيڪو پنهنجون ٻئي ٻانهون کولي پنهنجي هڪ منفرد ۽ مترنم انداز سان ائين چوندو ته: ”هلي آ، پير ڀري هلي آ.!!“ ساڳئيءَ ريت ٺارو شاهه باءِ پاس کان گذرڻ سان ائين لڳندو آهي ته امالڪ مٿي تي ڪاري ٽوپي ۽ ڳچيءَ ۾ ڪنٺو پاتل فقير، چاهه ڀريو چندر اسان جي سواريءَ جي آڏو پنهنجي هٿڙن تي پنهنجي خون سان لت پت ٿيل دل کڻي ايندو ۽ سڪ وچان اها سين هڻندو ته: ”دل آهي هٿن ۾ ٿو خريدار کي ڳوليان، بازارِ محبت ۾ طلبگار کي ڳوليان..!!“

29 October, 2015

مامون گل فقير مڱڻهار - انور ڏنگڙائي

مامون گل فقير مڱڻهار
واڄن سان خوشيون ورهائيندڙ
انور ڏنگڙائي
پوري هڪ صديءَ جو اکين ڏٺو شاهد هي فنڪار جنهن ڪيترن ئي راڄن، ڪيترين ئي ذاتين، ڪيترين ئي ذاتين جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ڪيون. انهن جي فيصلن، روين، اٿڻي ويهڻي، چال چلت، سخاوت، موذائپ، ڳالهائڻ جي لهجن، سهپ، اسهپ، هر شيءِ کان واقف. جنهن به ڪميونٽيءَ جي ڳالهه ڪندو، ان سڄي ڪميونٽيءَ جو ڪلچر اکين اڳيان اچي بيهندو. جنهن ماڻهوءَ جو نقل ڪندو، ان ماڻهوءَ جي شڪل سو نظر نه ايندي. باقي آواز،لهجو هو بهو پيو  پسبو هو شاديون مراديون وڄائڻ ويندو هو، ان ڪري انهن شادين مرادين ۾ ٿيندڙ ڀت ۽ مانيءَ جي ڳالهه، ڀت جي ذائقي ۽ لست جي ڳالهه به وڏي ذائقي سان ڪندو هو. ڪنهن ڪاڄ ۾ماني نه مليس ۽ بک ڪاٽي آيو ته اُها ته اڃا به وڌيڪ مرچ مصالحي سان ڪندو.

08 October, 2015

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - ۲

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

جيئي سنڌ جي نعري ۽ هاري تحريڪ جو خالق

محمد سليمان وساڻ



هي آزاد ۽ روشن خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان، قومي شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام جو دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ، انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ، ڏاٽي، ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هاري لاءِ جيون حوالي ڪندڙ حيدر بخش هڪ نيڪ مرد رئيس الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت واري ماٿري موهن جي دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکو ديري اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ تاريخ ۷ آڪٽوبر ۱۹۰۱ تي جنم ورتو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ والد، ڏاڏي ۽ پڦيءَ کيس پاليو.

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ


شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ

چوڻي آهي، ته ماڻهو مريو وڃن، پر سندن ڪم انهن جا يادگار رهجي وڃن. مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو انسان ٿي گذريو آهي.
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ته مرزا صاحب گهڻائي تعريف جهڙا ڪم ڪيا، جن لاءِ سرڪار کان کيس گهڻو ئي داد مليو، پر جن ڪمن تي سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ناز هئڻ گهرجي، سي آهن مرزا مرحوم جا خانگيءَ طور سرانجام ڏنل ڪم. اُهي آهن سندن جدا جدا مضمونن تي ليک لکڻ ۽ ڪتاب ٺاهڻ.

05 October, 2015

عبدالمنان ميمڻ - مٺل جسڪاڻي

عبدالمنان ميمڻ
هر واقف دوست نه ٿو ٿي سگهي
مٺل جسڪاڻي
انسان آدجڳاد کان اڃا تائين ارتقا جي مرحلن مان گذري رهيو آهي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. ڪو زمانو هو، صرف روبرو ملاقاتون ئي پهرين واقفيت ۽ پوءِ دوستي يا دشمني جو ذريعو هيون. ان کان پوءِ ٻُڌ سُڌ جي بنياد تي پرپُٺ جون ياريون ٿينديون هيون. شروعاتي دور ۾ ٻُڌ سُڌ جو ذريعو ماڻهو هوندو هو. چون ٿا مهمان کان خبرون وٺڻ ۽ ڏيڻ جو رواج به ان ڪري ئي پيو ته جيئن هر نئون ۽ پراڻو احوال ٿي سگهي.

آپا افروز صديقي- علي نواز آريسر

آپا افروز صديقي
پنهنجي ٻوليءَ سان جذباتي لڳاءُ رکندڙ
علي نواز آريسر
جڏهن به تعليم جو ذڪر نڪرندو ته سنڌ جي پنجن عورتن آپا شمس عباسي، آپا مريم نُوحاڻي، آپا انيتا غلام علي، دادي ليلان ۽ آپا افروز صديقيءَ جو اُن ۾ ذڪر ضرور شامل هوندو، ڇاڪاڻ جو هنن پنجن ئي عورتن تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمتون انجام ڏنيون ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ۽ هُوءَ انهيءَ ۾ ڪامياب به ٿيون. سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ تعليمي ماهر، آپا افروز صديقي، ۲۱ جولاءِ ۱۹۴۴ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل شڪارپور جا رهاڪو هئا. سندس والد جو نالو حاجي امير علي صديقي هو. هن مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي، اديب، عالم، فاضل سنڌي، ايم اي، بي ايڊ، هوميوپيٿڪ ڊپلوما (ڊاڪٽري جي ڊگري) حاصل ڪئي. هُوءَ ننڍپڻ کان ئي ذهين هُئي. کيس سنڌي، بلوچي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي عبور حاصل هو.

30 September, 2015

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ جو فلسفو

پروفيسر الله ڏنو ابڙو



سنڌ ڌرتي صدين کان صوفين، بزرگن، عالمن، اديبن، دانشورن ۽ مفڪرن کي جنم ڏيندي آئي آهي. هن ڌرتي جي مٽيءَ هر دور ۾ هزارين اهڙا املهه ماڻڪ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جستجو سان نه صرف سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساک مٿي ڪئي آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي به محفوظ ڪيو آهي. سومرن جو دور هجي يا سمن جو، مغل، ارغون، ترخانن جو دور هجي يا ڪلهوڙن جو، ٽالپرن جو دور هجي يا انگريزن جو، مطلب ته مهراڻ واديءَ هر دور ۾ سچل، سامي، بيدل، بيڪس، سانگي، قادري، قليچ، عنايت، منصور، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جھڙا بزرگ، شاعر، اديب ۽ محب وطن پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سموري زندگي سنڌو ماٿريءَ جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن جي صف ۾ موجوده دور جو جيئرو جاڳندو اديب، شاعر، مفڪر، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به نمايان نظر اچي ٿو.

22 September, 2015

هاسي ٻائي نماڻو فقير - حسيب ناياب منگي

هاسي ٻائي نماڻو فقير
حسيب ناياب منگي
سنڌ ڌرتيءَ جي جن عورتن علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نانءُ پنهنجي علمي ادبي ڪاوشن سان مٿانهون ڪيو، انهن مان هاسي ٻائي نماڻو فقير به هڪ ٿي گذري آهي. هاسي ٻائي جو ڪلام انهن ڏينهن جو چيل آهي جن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪي ٿورڙيون عورتون شعر چونديون هيون. سندس ڪلام سادو ۽ مٿس حضرت سچل سرمست جو اثر نظر اچي ٿو. هن صرف شعر ئي ناهي چيو پر سچل سائين جو ڪلام به گڏ ڪري ڇپرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار ادا ٿيل آهي.

شهيد تاج محمد جوکيو - پروفيسر لطافت علي ’جوهر‘

شهيد تاج محمد جوکيو
لاڙ جو لعل
پروفيسر لطافت علي ’جوهر‘
سنڌ جي لاڙ واري علائقي ضلعي ٺٽي ۾ سياسي ڏاهپ، انسان دوستي سماجي شعور، حب الوطني، آزادي، اَمن، اتحاد، ڀائيچارو، پيار پاٻوهه ۽ ماڻهپي جهڙن اعلى انساني قدرن کي روشناس ڪرائڻ ۾ جن باشعور ساڃاهه وند سياسي اڳواڻن، سوشل ريفارمرز، سماج سڌارڪ ۽ تاريخ اڏيندڙ آدرشي انسانن حق جو آواز بلند ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندي هر ڏاڍ ظلم ۽ جبر جو مقابلو جنهن همت، دليري ۽ جوان مردي سان ڪيو، ان جو مثال ملڻ ڏاڍو مشڪل آهن.

محمد حسين ’ڪاشف‘


محمد حسين ”ڪاشف“
شهنشاهه لطيف جو پورهيت ٽئين ورسيءَ جي مناسبت سان
سليم العارف
محمد حسين ”ڪاشف“ لطيفيات تي ۱۹۵۲ع ۾ ڪم جي شروعات ڪئي، شاهه سائين جي فڪر و فهم، شعور ۽ وجدان جي اعليٰ مقام کي محمد حسين ”ڪاشف“ وقت، حالات، انساني فڪر جي اوسر، سماجي معروضات، تاريخي حقائق، ثقافتي روين ۽ تصوف جي حرڪياتي نظريه وحدت الوجود جي روشني ۾ انساني جذبات ۽ ان جي فطري روين ۽ تقاضائن سان گڏ انساني نفسيات ۽ احساس جي پيرهن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لطيف سرڪار تي سندس لکيل مقالن تي مشتمل پهريون ڪتاب ”ڪنڌي ڪونئر ٽڙن“ لطيف سرڪارجي ۳۰۰ ساله جشن ولادت جي موقعي تي مارچ ۱۹۹۰ع ۾ مقصود پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرائي پڌرو ڪيو.

جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي

جمن ڊي بلوچ
پٽڪي وارو ماستر، شاعر، راڄائتو شخص ۽ ننڍو آبادگار
مٺل جسڪاڻي
ٽنڊوالهه يار جي ڳوٺ نما شهر مسو بوزدار ۾ 8 سيپٽمبر 1959ع تي جنم وٺندڙ جمن ڊي بلوچ جيتوڻيڪ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم اي آهي، پاڻ پي ٽي سي ۽ سي ٽي ڪورس به ڪيائين. سندس اطلاع موجب هي مسو بوزدار جو پهريون بي ايڊ ۽ پهريون ايڇ ايس ٽي آهي. بنيادي طور ڳوٺاڻو هجڻ ڪري ۽ استاد مقرر ٿيو ته اڪثر ڳوٺاڻن اسڪولن ۾ ئي ذميواريون نڀائيندو رهيو، ان دوران سندس ٺيٺ ڳوٺاڻو لباس پٽڪي سان عام رهيو، ان ڪري پٽڪي وارو ماستر مشهور آهي! جڏهن ته مختلف عرصن دوران پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به رهي چڪو آهي.

ولي محمد وفا پلي - نور محمد سمون

ولي محمد وفا پلي
ڪنڊائتو ٿي ويل ھڪ بھترين سنڌي شاعر
نور محمد سمون
ناري جي هڪ وڏي زميندار خاندان سان واسطو رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر ولي محمد وفا پليءَ جو جيءُ سال 1991ع ۾ تڏهن جُهري پيو هو جڏهن سندس 2 وڏا ڀائر، مشهور شاعر ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ عمرڪوٽ ۽ ڇاڇري تعلقن واري تڏهوڪي گڏيل صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان 2 ڀيرا چونڊيل ايم پي اي عبدالڪريم پلي ۽ مشهور محقق ۽ اديب راڄ محمد پلي صرف 40 ڏينهن جي وقفي سان ڦوھ جواني ۾ راھ رباني اختيار ڪيائون، اهو ڏينهن اڄوڪي گهڙي، چوٿائي صدي گذري وئي پر انهن ڀائرن جو هي لاڏلو ننڍو ڀاءُ ۽ حساس شاعر ان صدمي مان اڄ تائين ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ پنهنجو پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ لڳاتار ڊگهي اڪيلائيءَ جي حوالي ڪري ويٺو آهي.

ڀرپو وفا - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

ڀرپو وفا
شخصيت ۽ شاعري
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
پرڀو ڇڳاڻي وفا (17.12.2012-19.9.1915) هند خواھ سنڌ جي شاعريءَ ۾ هڪ مانائتو نالو آهي، هن جي شاعريءَ جو سفر لڳ ڀڳ مني صديءَ جو رهيو. پڇاڙي تائين هن جي ڪلڪ جي مس نه سڪي، هو موجوده دؤر جو هڪ سينئر موسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ سلاست، موسيقيت، دلسوزي، گهرائي، تکُ ۽ ميٺاج جهجهو آهي.جڏهن به سنڌيءَ ۾ سنگيتميه شاعريءَ جو ذڪر نڪري ٿو، ته پرڀو وفا جو نالو ازخود چپن تي تريو ٿو اچي. ترنم واري شاعريءَ سبب، هو عام ۾ بيحد لوڪ پريه بڻيو. هن کي سنگيت ورثي ۾ مليو هو؛ ڇو ته هنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جو ان طرف گهرو لڳاءُ هو.

02 September, 2015

سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان


سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان
مخلص محمد بخش خاصخيلي
دنيا جو عظيم ڏاهو، سنڌ جو لاڏلو ۽ سنڌي ٻولي جو وينجهار ”مرشد لطيف سائين“ جنهن جو رسالو هونئن ته سڄو ئي هيرن جي کاڻ آهي پر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي سُر رامڪلي ۽ سر کاهوڙي ۾ جن جوڳين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي گنجي ٽڪر ذريعي هنگلاج هليو ويو هو. انهن جوڳين، سامين ۽ سناسين جي پريم ۾ پَٻَ جا اوکا پهاڙ سسئي جيان سر ڪيا هئا، اُهي گيڙو رتا گودڙيا ڪي رمتا جوڳي به نه هئا. هي ته اُهي ئي وحدت ۾ ڪثرت پسندڙ ويراڳي هئا.

01 September, 2015

رئيس علي نواز انڙ

رئيس علي نواز انڙ
غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
مولائي ملاح
ماڻهوءَ کي جڏهن دولت جو نشو چڙهندو آهي، ته اهو پنهنجي اوڙي پاڙي کان وٺي سڄو تر تپائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ جو احساس نه ڪندو آهي. اهو به جيڪڏهن ڪو وڏيرڪو ٻار هجي پوءِ ته ڇٽيون ڳالهون ..! سنڌ  ۾ اسان کي سونن چمچن سان کاڌو کائڻ وارا اهڙا ڪيترا ئي وڏيرا ۽ امير ڪبير ملندا جن جا شوق اهڙا رهيا آهن، جن جي شوق جو ٻارڻ غريب عوام جون زندگيون رهيون آهن. اهڙن وڏيرن جا شوق ۽ شڪار به پنهنجي مزاج مطابق رهيا آهن، سندن جيئڻ جو مقصد به ڪنهن کي آزارڻ ئي رهيو آهي. وڏيرڪي سماج ۾ اوڙي پاڙي جي غريب تي دل کولي سخاوت ڪرڻ جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ملندا، پر اهڙا انسان دوست وڏيرا آهن ضرور، جن جي ڪري هن جڳ جو چرخو هلي پيو. شاهه چواڻي ته: ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ اهڙن انسان دوست شخصيتن مان قاضي احمد جي هردل عزيز شخصيت الحاج رئيس علي نواز خان انڙ به هڪ هيو، جنهن اجتماعي طور تي غريب عوام جو مستقبل سنوارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيت وقف ڪري ادارا قائم ڪيا.

30 August, 2015

سيد مير محمد بلگرامي - مختيار احمد ملاح

سيد مير محمد بلگرامي
تبصرة الناظرين جو ليکڪ
مختيار احمد ملاح
بلگرام هندستان جي صوبي اتر پرديش ۾ اچي وڃي ٿو. قديم دور کان هي شهر علم، ادب ۽ تصوف جو مرڪز رهيو آهي. هتان ڪيترا ئي عالم ۽ اديب پيدا ٿيا آهن. جن مان هڪ علمي گهراڻي ”بلگرامي“ جا ڪيترا ئي فاضل، خودمختيار يا نائب طور دهلي درٻار پاران 1706ع کان 1742ع تائين سنڌ ۾ وقائع نگاري تي مقرر هئا. انهن ۾ غلام علي آزاد بلگرامي، سيد مير محمد بلگرامي، مير عبدالجليل بلگرامي وغيره وڏا نالا چئي سگهجن ٿا. ان سلسلي ۾ سيد مير محمد بلگرامي جي ڪلهوڙن جي تاريخ ڊائري جي سلسلي ۾ فارسي ۾ لکيل ”تبصرة الناظرين“ وڏي اهميت وارو ڪتاب آهي.

محمد ڇتل سرهيو - ادريس جتوئي

محمد ڇتل سرهيو
هڪ مثالي اُستاد
ادريس جتوئي
موري شهر ۾ ڪيترا ئي ناميارا پرائمري استاد ٿي گذريا آهن. جن شهر اندر پرائمري تعليم جا بنياد مضبوط ڪيا ۽ علم جي روشني کي ڦهلايو. انهن منجهان سيد جعفر علي شاھ، گل محمد ساٽي، احمد بخش ڪمالاڻي، محمد ڇٽل سُرهيو، رستم خان خميساڻي ۽ خدا بخش سيهڙ به مشهور پرائمري استاد ۽ هيڊ ماستر ٿي گذريا.

ڊاڪٽر ادل سومرو

ڊاڪٽر ادل سومرو
سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ
محمد سليمان وساڻ
پيار کان جي ڌار آهي شاعري
سا به ڪهڙي يار آهي شاعري
سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومرو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ ۾ احساسن، امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي.
ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر ۱۵ آگسٽ ۱۹۵۵ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوءِ ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان ۱۹۷۷ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي ۱۹۷۹ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. ۱۹۹۹ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون.

قائداعظم رحه - ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

قائداعظم رحه
هڪ تاريخ ساز شخصيت
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
قائداعظم ڏکڻ ايشيا جي ھڪ تاريخ ساز شخصيت ھئا، جنھن پنھنجي عزم، استقلال، يقين محڪم ۽ عمل پيھم سان آزاد وطن تخليق ڪيو. کين قانون جي بالادستي تي پختو ايمان ھو کين بلاشبه قدرن جو ترجمان چئي سگھجي ٿو.

ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه

ڊاڪٽر اسلم آزاد

زندگي جي تلخين کي مرڪن سان مات ڏيندڙ

زاهد اسحاق سومرو/جاتي



پورا ۲۲ سال زندگيءَ جي احساسن سان گڏ جيئڻ جا حوصلا رکڻ بابت ڪير ڊاڪٽر اسلم آزاد کان پُڇي، جيڪو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي هڪ مفت ميڊيڪل ڪيمپ جو سمورو ڪم ڪار لاهي، ڳوٺ تڙ خواجه (جاتي) کان سجاول طرف پنهنجي ٽيم سان گڏ اچي رهيو هو، ته روڊ حادثي جو شڪار بڻيو. ان روڊ حادثي ۾ ۱۳ ڄڻا زخمي ٿيا ۽ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ۱۳ زخمين ۾ هڪ زخمي ڊاڪٽر اسلم آزاد به هو، جنهن لاءِ ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن ڇهه مهينا لاڳيتو علاج ۽ ڪوششن کانپوءِ کيس اهو چئي گهر موٽائي ڇڏيو ته، سندس ڪرنگهيءَ جي هڏي ٽُٽي وئي آهي، جنهن جو علاج ممڪن ناهي. هاڻي هو سڄي جسم مان رڳو وات ۽ ساڄي هٿ جي ڪجهه آڱرين سان ڪم ڪري سگهي ٿو.

ڪامريڊ چاچا مولا بخش - س ب کوسو

ڪامريڊ چاچا مولا بخش
انقلابي جدوجهد جو اهڃاڻ
س ب کوسو
ڪامريڊ مولابخش، ڪنڌرا ۾ هڪ پورهيت جي گهر ۾ 1935ع ۾ جنم ورتو. سندس جنم هڪ شعور جو جنم هيو. هڪ تحريڪ جو جنم هيو. هڪ کاهوڙيءَ جو جنم هيو. لطيف سرڪار اهڙن ئي ماڻهن لاءِ چئي ٿو ٿو ته ”کرکڻا لاهي سک نه ستا ڪڏهن.“
چاچي مولا بخش جو جنم هڪ سچ جو جنم هيو. هن سماج جي اوچ نيچ کان انڪار جو جنم هيو ۽ پوءِ سماج شاهدي ڏئي ٿو ته ڪامريڊ سموري حياتي ظلم جي خلاف مٿين طبقي جي استحصال جي خلاف رياست جي ڏاڍ ۽ جبر خلاف جاکوڙ ڪندي، مظلوم قومن، پورهيتن، هارين ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ جنگ ڪندي 30 آگسٽ 2011ع تي ابدي ننڊ ۾ هليو ويو ۽ پويان ڇڏي ويو آهي. ڪامريڊن جو ڪاروان.