جمن ڊي بلوچ
پٽڪي وارو ماستر، شاعر، راڄائتو شخص
۽ ننڍو آبادگار
مٺل جسڪاڻي
ٽنڊوالهه يار جي ڳوٺ نما شهر مسو بوزدار ۾ 8 سيپٽمبر
1959ع تي جنم وٺندڙ جمن ڊي بلوچ جيتوڻيڪ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم اي آهي، پاڻ پي ٽي سي ۽
سي ٽي ڪورس به ڪيائين. سندس اطلاع موجب هي مسو بوزدار جو پهريون بي ايڊ ۽ پهريون ايڇ
ايس ٽي آهي. بنيادي طور ڳوٺاڻو هجڻ ڪري ۽ استاد مقرر ٿيو ته اڪثر ڳوٺاڻن اسڪولن ۾ ئي
ذميواريون نڀائيندو رهيو، ان دوران سندس ٺيٺ ڳوٺاڻو لباس پٽڪي سان عام رهيو، ان ڪري
پٽڪي وارو ماستر مشهور آهي! جڏهن ته مختلف عرصن دوران پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول جو
هيڊ ماستر به رهي چڪو آهي.
