ڊاڪٽر حسينہ ساند
پي ايڇ ڊي زُولاجسٽ ۽
بھترين شاعره
ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
سنڌ جي
علمي ۽ ادبي دنيا ۾ مرد شخصيتن جو غلبو ۽ بسيارِي هوندي، جن عورتن پنھنجيءَ مسلسل
جدوجھد ۽ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي، پنھنجي ڏانءُ ۽ ڏات، سھپ ۽ مستقل مزاجيءَ سان
پاڻ کي آسمان جو روشن ستارو بڻايو آهي، تن ۾ ڊاڪٽر حسينہ ساند جو نانءُ نمايان آهي.
ڊاڪٽر
حسينہ ساند جي سڃاڻپ جا ٻه مکيہ رُخ آهن. هڪ رُخ منجهہ هوءَ زولاجيءَ جي شعبي ۾
اعليٰ تعليمي ۽ تحقيقي ڊاگري حاصل ڪيل يعني پِي ايڇ ڊِي ماڻيندڙ سنڌي عورت آهي، ۽ ٻي
رُخ ۾ سندس شمار سنڌي ٻوليءَ جي بھترين شاعرائن ۾ ٿئي ٿو. تعليمي ادارن ۽ ادبي تنظيمن
۾ سندس علمي ۽ ادبي سرگرميون اتساهيندڙ آهن. هوءَ نامياري استاد طور ورڪنگ وومن، لکاريءَ
طور سڄاڻ شاعره، ذميوار ماءُ ۽ گهر جون ذميداريون بخوبي نڀائيندڙ هڪ فرد ۽ سنڌي سماج
جي معتبر شخصيت آهي.
حسينہ
ساند جو جنم پھرين آگسٽ ۱۹۶۸ع تي،
احمد خان ساند جي گهر ۾، ضلعي نوشھروفيروز ۾، ٺارو شاھ ويجهو، هڪ سرسبز ڳوٺ قادر
بخش ساند ۾ ٿيو. هڪ سڄاڻ والد طور، احمد خان ساند پٽن کان بہ وڌيڪ پنھنجين ڌيئُن
جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏنو ۽ کين وڌيڪ ڀانيو. هوءَ چئن ڀينرن ۽ ٽن ڀائرن ۾ سڀني
کان وڏِِي، يعني پھريٺو اولاد آهي.
حسينہ
ساند پنھنجي ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم کان نائين جماعت تائين کان پڙهي، جنھن کان پوءِ
صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سندس والد جي بدلي ميرپور خاص ۾ ٿي، تہ هُن اُتان مئٽرڪ ۱۹۸۳ع ۾ پاس ڪئي. ميرپور خاص مان ئي هُن انٽرميڊئيٽ پري ميڊيڪل ۾ ۱۹۸۶ع ۾ ڪرڻ کان پوءِ بِي ايس سِي ۱۹۸۹ع ۾ پڻ
اتان ڪئي. پنھنجي تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي، حسينہ ساند وڪالت جي ڊگري ايل
ايل بِي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ۱۹۹۱ع ۾
مڪمل ڪئي، جنھن بعد ايم اي سياسيات ۾ ۱۹۹۳ع ۾
پرائيويٽ پڻ ڪئي. ان بعد هُن سنڌ يونيورسٽيءَ جي زولاجي شعبي مان ايم ايس سِي ۱۹۹۳-۱۹۹۵ع دوران مڪمل ڪئي، جنھن ۾ سندس
خاص تحقيقي موضوع اينٽامالاجيءَ (Entomology)،
اينٽامولاجي هو. پڌرو هجي تہ اينٽامولاجي لکن جي ڳاڻيٽي ۾ موجود جيتن جڻين ۽ انهن جي
انسانذات، ماحول، ۽ ٻين جاندار شين سان تعلق جي سائنسي اڀياس جو اهم مضمون آهي.
زولاجي شعبي ۾ جن لائق فائق استادن کيس پڙهايو تن ۾ ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو، ڊاڪٽر
محمد سعيد وڳڻ، ڊاڪٽر محمد سعيد اعواڻ، ڊاڪٽر محمد منيف، سر اشوڪ، ڊاڪٽر انور علي شاھہ،
ڊاڪٽر شمس الدين شيخ، ڊاڪٽر غلام رسول ڳچل، ڊاڪٽر ڪريم بخش پتافي، ڊاڪٽر محمود سومرو،
ڊاڪٽر محمد يوسف شيخ، ڊاڪٽر ناهيد سومرو ۽ ميڊم مفرا شامل آهن.
حسينہ
ساند سن ۱۹۹۶ع ۾ ئي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو
امتحان، ٻينءَ پوزيشن سان پاس ڪرڻ کان پوءِ، ۱۰ مارچ ۱۹۹۷ع تي، زولاجي جي مضمون ۾،
گورنمينٽ گرلس ڪاليج ٽنڊي محمد خان ۾، ليڪچرار طور مقرر ٿي. سندس لاءِ ميرپور خاص
کان ٽنڊي محمد خان اچڻ وڃڻ سولو نہ هو. کيس اول ٽنڊي الھہ يار وڃي، فتح چوڪ کان بس
مٽائي، ٽنڊي محمد خان اسٽاپ کان ٽانگي تي ڪاليج پھچڻو پوندو هو، وري ساڳيو سفر
ميرپور خاص تائين واپس ڪرڻو پوندو هو. ستت ئي پھرين آگسٽ ۱۹۹۷ع تي سندس بدلي ميرپورخاص جي گرلس ڪاليج ۾ ٿِي، جتي سن ۱۹۹۹ع تائين پڙهائڻ کان پوءِ، گرلس ڪاليج قاسم آباد ۾ بدلي ٿي آئي. نومبر ۲۰۱۰ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ترقي ماڻڻ ڪري، سندس مقرري زبيده گرلس ڪاليج
حيدرآباد ۾ ٿي، جتي ٽي سال پڙهائڻ کان پوءِ ٻيھر ۲۰۱۳ع ۾ گرلس ڪاليج قاسم آباد موٽي آئي، جتي مارچ ۲۰۲۱ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسرطور ترقي ماڻڻ کان پوءِ پڻ تقرري رهي. هتي هوءَ
زولاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن آهي. ۲۰۲۶ع ۾،
ان ڪاليج ۾، زولاجي شعبي ۾ شاگردياڻين جي ۱۶ سالہ تعليمي ڊگريءَ يعني بيچلر آف سائنس (BS/بِي ايس) جي
شروعات ٿي آهي، تہ کيس پنھنجي سبجيڪٽ ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. ڪاليج جي هم
نصابي، ثقافتي توڙي ٻين سرگرمين ۾ سندس متحرڪ ڪردار رهندو آيو آهي. هوءَ سنڌ
يونيورسٽيءَ جي زولاجي ڊپارٽمينٽ جي بورڊ آف اسٽڊيز جي ميمبر پڻ آهي، جڏهن تہ کيس
هڪ ماهر طور، لاڳاپيل شعبي ۾ ايندڙ مختلف نوڪرين ۾ انٽرويو وٺڻ واسطي پڻ مختلف
ادارن ۾ گهرايو ويندو آهي. ڊاڪٽر حسينہ ساند پنھنجي سڄي حياتي مجموعي سگهہ،
ذميواريءَ ۽ اعليٰ تعليمي بھتريءَ جي اصولن کي آڏو رکندي گذاري آهي. هُن پاڻ کي هميشہ
هڪ ذميوار استاد سمجهيو آهي، جنھنڪري پھرئين ڏهاڙي کان هِن وقت تائين پڙهائڻ کي اولين
فرض طور نڀايو ۽ عبادت جيان ادا ڪيو آهي. هن جي پنھنجي مضمون تي مڪمل گرفت آهي. هوءَ
ڪنھن بہ موضوع تي ليڪچر ڏيڻ کان اڳ ان جي مڪمل تياري ڪرڻ لازم سمجهندي آهي.
حسينہ
ساند اعليٰ تعليم ڏانھن وِک وڌائيندي، ايم فِل
”Comparative Study of Alimentary Canal of Orthoptera of Sindh with Reference to
its use in Taxonomy“ (يعني: سنڌ ۾ ملندڙ
آرٿوپٽيرا جيتن جڻين جي هاضمي جي سرشتي جو تقابلي مطالعو ۽ جيتن جي درجيبنديءَ ۾
ان جو حوالو) عنوان سان، زولاجي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان سن ۲۰۱۲ع ۾، ڊاڪٽر محمد سعيد وڳڻ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي.
سن ۲۰۱۸ع ۾، هُن ڊاڪٽريٽ (پي ايڇ ڊي) جو سانباهو ڪري، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ئي داخلا
ورتي ۽ پنھنجي چاھہ ۽ ويساھہ سان تعليمي تسلسل کي نين بُلندين تي رسائيندي، سن ۲۰۲۴ع ۾، ڊاڪٽريٽ جي سَند زولاجي ڊپارٽمينٽ مان، ڊاڪٽر ناهيڊ بلوچ (چيئرپرسن،
زولاجي شعبو) جي سپروائيزريءَ هيٺ مڪمل ڪئي. سندس مقالي جو عنوان هِن ريت آهي:
Taxonomy
and Distribution of Earwigs (Dermaptera) of Sindh
(يعني: سنڌ ۾
ملندڙ ڪَن-سوپارِي (ڊرمئپٽيرا) جِي درجيبندي ۽ ورڇ)
اهو
واضح هجي تہ ڪَن-سوپاريءَ (اِيئروگس) جي موضوع تي پاڪستان جِي ڪنھن بہ يونيورسٽيءَ
۾ ڪو بہ تحقيقي ڪم نہ ٿيو آهي. ڊاڪٽر حسينہ ساند جو نالو ان موضوع تي تحقيق ڪندڙن
۾ مُھڙيون آهي. سندس پي ايڇ ڊيءَ جو تحقيقي مقالو ماهراڻن راين ۽ منظوريءَ لاءِ
آسٽريليا ۽ چِين جي يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ محققن ڏانھن موڪليو ويو هو، جتان کيس
تحقيقي ڪم جي مڃتا حاصل ٿي. هوءَ ليباريٽريءَ ۾ توڙي سرزمين تي (فيلڊ ريسرچ دوران)
تحقيقي ڪم جي سڀئي هنرمنديون بھترين طريقي سان رکندڙ آهي. گڏوگڏ هوءَ اشاعتي
مھارتون پڻ رکي ٿي. ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيءَ دوران سندس ڪيل تحقيق تي مشتمل چار مقالا
ملڪي ۽ بين الاقوامي تحقيقي جرنلن ۾ ڇپيا آهن. هيٺ سندس ٻن تحقيقي مقالن جا عنوان
لکجن ٿا، جيڪي سندس استاد ڊاڪٽر ناهيد بلوچ سان گڏجي لکيل آهن:
1. A
new species to genus Marava Burr, 1911 (Spong Phoridae: Spongiphorinae) from
Pakistan
2.
Survey and monitoring of insect's fauna of Jamshoro with the help of a light
trap
حسينہ
ساند جي شادي والدين جي مشوري سان، ۲۰۰۲ع ۾
قادر بخش هِڱوري سان ٿي، جيڪو هن وقت نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ ايگزيڪيوٽوِ آفيسر
آهي. کيس ٻن پٽن: اسفنديار ۽ زرياب جو اولاد آهي. اسفنديار مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾
سول انجنيئرنگ جو ۽ زرياب زيبسٽ ۾ بِي بِي اي جو شاگرد آهي. سندن مستقل رهائش
حيدرآباد ۾ آهي.
حسينہ
ساند شاعريءَ جي شروعات سن ۱۹۹۲ع ڌاري
غزل سرجڻ سان ڪئي، جنھن کان پوءِ هن ٻين صنفن ۾ بہ سھڻا شعر سرجيا آهن، پر غزل ئي
سندس پسنديده صنف آهي. سندس شاعري اول عبرت مئگزين ۾ شايع ٿي، جنھن کان پوءِ ڪيترن
ئي ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپي آهي، پر افسوس تہ سنڌي ٻوليءَ جي هِن بھترين شاعره
جي شاعريءَ جو ڪو ڪتاب اڃا تائين ڇپيو نہ آهي. ان جو مکيہ سبب اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ
سان گڏ گهريلو توڙي تدريسي ذميوارين جو مسلسل وڌندو رهڻ آهي. هوءَ ذاتي طور ان خيال
جي آهي تہ جڏهن پاڻ پنھنجين تخليقن مان مطمئن ٿيندي، تہ پوءِ ڪتاب ڇپرائيندي. هن وقت
بہ وٽس ٻن مجموعن جيتري شاعري سھيڙيل آهي. سندس شاعريءَ جي محرڪن ۾، بقول سندس: نيرو
آسمان، چمڪندڙ ستارا، صبح ٽاڻي پير پير ۾ پائي لھندڙ اجالو، ڪوئل جي ڪُوڪ، بلبل جا
گيت، ٻارن جي چانديءَ جي ورقن جھڙي پاڪيزه مرڪ، پورهيت جي نرڙ تي چمڪندڙ پگهر جا
ڦڙا، يتيم ٻار جي اداسي، ڪنھن بيوه جي سوڳواري، رشتن ناتن جو درد ۽ ڀوڳنا شامل
آهن، تہ پوءِ ڪيئن نہ اها شاعري ذهن ۽ دل منجهہ لھي ويندي! هوءَ شاعريءَ کي آگھِي
۽ وجدان سمجهي ٿي. اهو وجدان جڏهن پوريءَ شدت سان روح تي طاري ٿيندو آهي تہ دل جو
دهڪو ۽ شاعري بڻجي پوندو آهي. سندس پسنديده شاعرن ۾ شاهہ لطيف ۽ استاد بخاري شامل
آهن، جڏهن تہ پسنديده ڪتاب: شاهہ جو رسالو، پرل ايس بڪ جو ڪتاب ”گڊ ارٿ“، ۽ هيمنگ
وي جو ڪتاب ”فار هوم دي بيل ٽالس“ آهن.
هيٺ
سندس سرجيل هڪ غزل ڏجي ٿو:
درد
بڻجي هُو دلين مان لنگهي ٿو،
لمحو
ڪو وري قاتل رڳن مان لنگهي ٿو.
وري
لڙڪ اکڙيون ويندا پسائي،
وري
خواب ساڳيو اکين مان لنگهي ٿو.
شھر
سارو پاڳل اُٿي اڄ کڙو ٿيو،
ڪوئي
چاڪ گريبان چمن مان لنگهي ٿو.
ڪو پل
تہ جانان پنھنجو بہ ڪر تون،
آ وقت
واري، هٿن مان لنگهي ٿو.
ڏسو ٿا
پٿر هِن جڳ جي هٿن ۾،
ڪوئي
اڄ ديوانو ڳلين مان لنگهي ٿو.
وري
جلاد جاڳيو، وري بڻياسون نشانو،
امن جو
ڪو ويري وطن مان لنگهي ٿو.
رڳي
باھہ ڀڙڪي جنون جي سفر ۾،
کڻي آڳ
شعلو بدن مان لنگهي ٿو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾، ۲۴ آگسٽ ۲۰۲۶ع تي ڇپيل(
No comments:
راءِ ڏيندا