; سنڌي شخصيتون: May 2023

15 May, 2023

عبدالڪريم لوڌي

عبدالڪريم لوڌي

ڪامياب منتظم، بيباڪ ۽ کرو انسان

گل محمد عمراڻي



تمام گهٽ ماڻهن کي شايد اها خبر هوندي ته عبدالڪريم لوڌي جا وڏا اصل ۾ متحده هندستان جي حيدرآباد دکن کان لڏي برٽش انڊيا ۾ ۱۹ هين صديءَ دوران سنڌ اندر اچي آباد ٿيا هئا ۽ خالص سنڌي رنگ ۾ اهڙا  ته رڱجي ويا جو ۱۹۷۵ع ۾ منهنجي جڏهن پهريون دفعو لوڌي صاحب جي والد صاحب سان حيدرآباد جي تاريخي دربار هال ۾ ملاقات ٿي، (جڏهن هو مون وٽ پوليس (ٽريفڪ) وارن جي زيادتيءَ خلاف شڪايت کڻي آيو، جيڪي هن جي ڪَيلن سان ڀريل مزدا ٽرڪ کي ضبط ڪري ڪوٽڙيءَ جي ٿاڻي تي بيهاري بيٺا هئا)، ته مون کي ڏاڍو اچرج لڳو. بلڪل هڪ ٺيٺ ۽ ٺٽي ضلعي جو  عام رواجي زميندار پئي نظر آيو، جتي هنن جي ننڍي زمينداري هئي ۽ شلوار قميص ۾ ملبوس هڪ نج قديم سنڌي لاڙي سٻاجهڙو آبادگار پئي  لڳو، جنهن پنهنجي تمام اعليٰ عملدار فرزند جو نالو به کڻڻ بلڪل مناسب نه پئي ڄاتو. جيڪو شخص ٻن صوبن (سنڌ ۽ پنجاب) جو چيف سيڪريٽري، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ورلڊ بئنڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رهيو هجي. ان جي والد جي سادگي ۽ سڀاءَ ڏسي، مان ته دنگ رهجي ويس.

14 May, 2023

وزير منگي

وزير منگي

دادوءَ جو دادلو

ادل سولنگي



زندگي اُڀ تي ڪبوتر اُجرو.

موت وحشي عُقاب وانگي.

صدين کان وٺي ڌرتيءَ تي زندگي ۽ موت وچ ۾ ويڙهاند جاري آهي. ڪڏهن زندگي سوڀاري ٿئي ٿي ڪڏهن موت سوڀارو ٿي وڃي ٿو. پر هن ڌرتيءَ تي ڪي انسان اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي لازوال جدوجهد وسيلي پنهنجي زندگيءَ جي بازي هارائڻ باوجود موت تي سوڀ حاصل ڪري ويندا آهن ۽ اهڙا سوڀارا انسان سڄي دنيا ۾ موجود آهن جيڪي مئي پڄاڻان به ڄڻ ته اڄ جي دنيا ۾ جيئرا جاڳندا انسان محسوس ٿيندا آهن. جيڪي پنهنجي نيڪ ۽ صالح عملن جي ذريعي امر ٿي ويندا آهن. اهڙن امر انسانن ۾ دادوءَ جو دادلو وزير منگي پڻ آهي جنهن ننڍڙي وهيءَ ۾ علم، ادب سياست، صحافت ۽ سماجي سجاڳيءَ جي حوالي سان اڻ ٿڪ  ۽ مثالي جدوجهد ڪري نه رڳو پنهنجو پر سنڌ واسين جو مان مٿاهون ڪري ويو آهي. جنهن جو نالو تاريخ ۾ سدائين امر رهندو، وزير منگي جنهن جو جنم ۱۰ مارچ ۱۹۶۵ع ۾ نصيرآباد ڀرسان ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ واسو ڪلهوڙي ۾ ٿيو. جنهن پرائمري پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪئي جڏهن ته مئٽرڪ ۽ بي ڪام دادو مان پاس ڪئي، وزير منگي، بي اي ۽ ايم اي مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پاس ڪئي ۽ اڳتي هلي هو استاد بڻيو. وزير منگيءَ سان منهنجي سڃاڻپ ۱۹۸۲ع پاس ڌاري سنڌي ادبي سنگت شاهه آباد شاخ دادوءَ جي گڏجاڻين ۾ ٿي. جيڪي گڏجاڻيون ان زماني ۾ سندس وڏي ڀاءُ اطهر منگيءَ جي اوطاق تي جڳت آباد ۾ ٿينديون هيون. ۱۹۸۳ع ۾ مارشل لا خلاف هلندڙ جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ دادوءَ کي ويٽنام جو نالو ڏنو. جڏهن مارشل لا پنهنجي سموري وحشيپڻي سان سنڌ جي ڌرتي کي تاراج ڪري رهي هئي ۽ جڏهن لانگ بوٽن جون لوڌون ڳوٺن جا لوڙها لتاڙي رهيون هيون، جڏهن سنڌ جي نڙيءَ تي نهن ڏئي. بندوق جي زور تي آڻ مڃائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون هيون. ان ئي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاهه آباد شاخ پنهنجون سموريون سرگرميون، ايم آر ڊي تحريڪ سان سلهاڙي ڇڏيون هيون ۽ ان ئي زماني ۾ سنگت جي سيڪريٽري سقراط سيتائي کي گرفتار ڪري ميهڙ فوجي ڇانوڻي ۾ رکيو ويو هو.

محمد عثمان ڏيپلائي - ۲

محمد عثمان ڏيپلائي 

زندگي ۽ علمي ادبي خدمتن جو خاڪو

ترتيب ۽ تحقيق : تاج جويو


 

تعارف:

نالو: محمد عثمان ميمڻ

ولد جو نالو: حبيب الله ميمڻ

جنم جو هنڌ: ڏيپلو، ضلعو ٿرپارڪر

جنم جو سال: ۱۳جون، ۱۹۰۸ع

وفات: ۷ فيبروري، ۱۹۸۱ع

 

ملھار چانڊيو

ملھار چانڊيو

هڪڙو ماڻهو، لکُ لهي ٿو!!

حفيظ زخمي چانڊيو



لاڙڪاڻي شهر جي نهايت مصروف جي. ٽي روڊ تي، کاٻي پاسي تي قائم لبِ مهراڻ هوٽل جي پرئين ڀڪ شيخ زيد ڪالونيءَ ۾ ويٺل شاعر ملهار چانڊيو، جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ مزاحمتي ۽ رومانوي نانءُ آهي. جنهن جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ سان گڏُ ڌرتيءَ سان محبت جو هڪ انوکو اظهار آهي، سندس شاعري سراپا سهپ، پيار، امن ۽ اهنسا جو پتلو آهي، هو استاد بخاريءَ وانگر عوامي شاعر آهي، جنهن جي شاعري ۾ سادو سوڌو اظهار آهي، سندس شاعريءَ کي پيش ڪرڻ جو انداز به نهايت وڻندڙ هوندو آهي، هن گذريل ويهارو سالن کان مسلسل پئي لکيو آهي، ان ٻن ڏهاڪن ۾ ملهار سان ڇا نه وهيو ۽ واپريو هوندو، تن هڙني مايوسين ۽ محرومين، اُلڪن ۽ ارمانن کي پنهنجي شاعراڻي اظهار طور هن سنڌ جي عوام تائين وڏي ايمانداريءَ سان پهچايو آهي، جيتوڻيڪ شاعر مزاجن ڏاڍا ٽوڻائي ۽ گهڻ ڳالهائو ٿين ٿا، پر هن فقير منش انسان جي طبعيت ئي پنهنجي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملهار چانڊيو، ويهن سالن جي عرصي ۾ پوري سنڌ ۾ رهندڙ شاعرن ۽ شاعرائن، ليکارن ۽ ليکڪائن، ڪهاڻيڪارن توڙي ڪهاڻيڪارائن، مطلب ته هر مڪتبهِ فڪر جي دوستن جي دلين ۾ گهر اڏي ويٺل آهي.

رحمت بيبي جهرنا

رحمت بيبي جهرنا

جنهن سمنڊ جيڏا سور سٺا

حميده گهانگهرو



رحمت بيبي، در اصل مسلمان ٿيڻ کان پوءِ جو نالو اٿس، برهمڻ گهراڻي جي هڪ نوجوان عورت جهرنا کي مسلمان مولابخش سان محبت ٿي وڃي ٿي، مولابخش هونئن ته تمام امير گهراڻي جو نوجوان آهي پر جاگيرداري نظام کان کيس نفرت آهي ۽ بغاوت ڪري پنهنجي ان ماحول کان ٻاهر اچي ٿو، تنهن جي ڪري کيس روزگار تلاش ڪرڻو پوي ٿو.

حمزو پنهور

حمزو پنهور

صحافت ۽ قومي تحريڪ جو اڏول ڪردار

دلبر بروهي



حمزو پنهور صحافت سان گڏوگڏ سندس ڪردار قومي جاگرتا ۾ هڪ الڳ حيثيت رکي ٿو، هن سڄي جواني ڌرتي جي حقن ماڻڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو، سندس جو جنم ڪراچي جي دل ملير جي مٽي مان ٿيو آهي، هن ننڍ پڻ کان جواني تائين هر دور ۾ گهڻا ئي لاها چاڙها ڏٺا، ننڍ پڻ ۾ پنهنجي اسڪول مان بيدخل ٿيو ته ٻئي پاسي ڌرتي خاطر پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، سنڌ جي ان زرخيز ۽ پاڪ مٽي ملير مان جنم ورتو، جنهن کي پنهنجي اڀ جواني واري دور ۾ قومي ڪارڪن ٿي ڪري ڌرتي جي بقاءَ سلامتي واري جدوجهد ۾ پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو، حمزو پنهور ملير جو ڀلوڙ صحافي سان گڏوگڏ سندس ڪردار انسانيت ۽ قومي ڪارڪن وانگر اڄ به ضلعي ملير سان گڏ سڄي سنڌ ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿي.

13 May, 2023

بچو بادشاھ

بچو بادشاھ

سندس جدوجهد - يوم شهادت جي نسبت سان

اُستاد نظاماڻي



بچو بادشاه به پير حزب الله شاه تخت ڌڻي جي دور ۾ ۱۸۶۰ع خليفي وريام خاصخيلي رلي واري جي گهر ۾ جنم ورتو. (وريام فقير جيل ۾ ئي گُذاري ويو هو ڇاڪاڻ ته هن تي قتل جو الزام هو). هيءُ اُهو دور هو، جڏهن هندستان ۾ هلايل جنگ آزادي جا دونهان اڃا دُکي رهيا هُئا. انگريز سرڪار کي ڪٿي به ڪا آزادي جي چڻنگ چمڪندي ٿي محسوس ٿي اُتي سرڪار سخت ڪاروائي ٿي ڪئي. سنڌ ۾ به ڪجھ اهڙي قسم جي صورتحال هُئي. پير پاڳارن جا تعلقات انگريزن سان بهتر نه هُئا، اُن جو سبب پير صاحبان جي پنهنجي آزاد پاليسي، جنهن جي ڪري سرڪار جون حُرن سان ناجائزون، پير صاحبان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، حرن خلاف مکيءَ ۾ ڪاروايون شامل آهن.

12 May, 2023

ريحانه نظير

ڊاڪٽر ريحانه نظير

سنڌ جي سندر ليکڪا

صدام جوکيو



ادب ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ هڪ ليکڪ جي صورت ۾ پاڻ مڃائڻ نهايت ئي محنت طلب ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ سٺي ليکڪ لاءِ ضروري آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ هو لکي ٿو ان ۾ ان جو گهڻ پاسائون ۽ ججهو مطالعو هجڻ گهرجي، هڪ تخليقڪار کي وري مٿين ڳالهين سان گڏ مشاهدي جي به تمام گهڻي ضرورت پوندي آهي.

هڪ سٺي تخليقڪار لاءِ مٿي بيان ڪيل نڪتن کان علاوه انسانيت لاءِ محبت، ٻين جي درد ۽ تڪليف کي محسوس ڪرڻ جي سگھ، شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي حالات زندگيءَ جي ويجهو کان واقفيت ۽ اکين ڏٺو مشاهدو هئڻ به ضروري هوندو آهي.

ديبا سحر

ديبا سحر

آواز جي دنيا جي ڪوئل ۽ سياسي شخصيت سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: سارنگ منير سومرو



سوال: ديبا! اوهان پنهنجي ابتدائي زندگيءَ بابت ڪجھ ٻڌايو!

جواب: منهنجو ڪراچي ۾ اعجاز حسن ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ٿيو جنهن کانپوءِ شروعاتي تعليم به ڪراچيءَ مان پرائي ۽ اڃان تائين ڪراچيءَ ۾ ئي آهيان. ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان شوق هو. منهنجي فيمليءَ جو به فن سان ئي واسطو هو انهيءَ لاءِ ڳائڻ جي دنيا ۾ ڪو اوچتو آيس بس شوق به هو ۽ فيمليءَ ۾ به اها فن جي دنيا کي بهتر سمجهو ويندو هو انهيءَ لاءِ آيس جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ بابا جي خواهش هئي ته مان ڳايان ۽ انهيءَ منهنجي وڏي مدد ڪئي.

پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ

پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ

شاھه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر سان خصوصي ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: الطاف ابڙو



اتر سنڌ جي مادر علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين نعيم شاھ ۱۲ اگسٽ ۱۹۵۲ع ۾ حيدر آباد شهر ۾ حاجي سيد فقير محمد شاھ جي گهر ۾ اک کولي، سندس والد جو اباڻو ڳوٺ اڏيرو لعل هو. سيد گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ پڙهائي ۾ سخت ڏکيائن کي منهن ڏٺو. سندس امڙ جي سهيليءَ حيدر آباد ۾ پرائيويٽ اسڪول کوليو ۽ سندس والدين کي سمجهايو جنهن بعد پرائمري اسڪول سيد باز محمد شاھ ۾ پڙهڻ جي اجازت ملي ۽ محمدي هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۱۹۶۷ع ۾ ميٽرڪ جي تعليم فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي، پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ انٽر جي تعليم گورنمنٽ گرلس ڊگري ڪاليج حيدر آباد ۱۹۶۹ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ مڪمل ڪئي. بي اي آنرز جي تعليم ڪاليج سائيڊ ۾ جاري رکي ته سيڪنڊ ييئر ۾ بي اي آنرز جي تعليم يونيورسٽي ۾ شفٽ ٿيڻ بعد کيس يونيورسٽي ۾ تعليم پرائڻي پئي. سندس والدين جا ويجها عزيز پڙهائڻ کان منع ڪندا هئا، جنهن سبب هن پنهنجو پاڻ سان اهو وچن ڪيو، ته هاڻي مونکي ڪجھ بڻجي ڏيکارڻو آهي. هن ۱۹۷۲ع ۾ ايم اي اڪانامڪس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي فرسٽ پوزيشن حاصل ٿيڻ تي يونيورسٽي پاران کين ميڊل سان نوازيو ويو.

ڊاڪٽر سعيد احمد قريشي

ڊاڪٽر سعيد احمد قريشي

ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: حميده گهانگهرو



پاڪستان ۾ ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڪا خاص تحقيق نه ٿي ٿئي. پرڏيھ مان ماهر هتي اچڻ لاءِ تيار ناهن. ٻاهرين ملڪن جي ڪانفرنسن ۾ ويندو رهندو آهيان ۽ ان سان رڳو ماڻهن کي اها ئي خبر پوندي آ ته پاڪستان به ڪو ملڪ آهي، ٻيو ڪجھ نه. ٻين وڏن ملڪن ۾ ٿيندڙ طبي تحقيق سان ڀيٽ پوءِ ڪجي پهرين پنهنجي گهر ۾ جيڪي بيماريون آهن انهن کي حل ڪرڻ گهرجي. مريضن سان ڊاڪٽرن جو ورتاءُ ان ڪري خراب آهي جو کين اسڪول ۾ بهتر تربيت نه ملي.

راشد علي حيدري

راشد علي حيدري

سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي

ڳالھ ٻولھ: فهميده جروار



سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي راشد علي حيدري لوڪ فنڪاره مائي الھ بچائي ۽ نامياري شهنائي نواز علي محمد حيدري جو پٽ آهي. ان ڪري کيس راڳ ستي ۾ مليو. راشد علي حيدري جو چوڻ آهي ته راڳ جي دنيا ۾، گٽار هٿ ۾ کڻڻ سان ڪو به پنهنجو پاڻ کي فنڪار ته سڏائي سگهي، ٿو پر راڳي نه ٿو بڻجي سگهي. جڏنهن ته سڀ کان ڏکيو راڳ ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ هوندو آهي. راڳ سکڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻا پون ٿا هو ڊيلي سنڌ سان ڳالهائي رهيو هو. راشد علي حيدري جو گوني ۽ ڦليلي جي وچ ۾ ماتلي شهر جي باغ محلا ۾ اباڻو گهر آهي ۽ سندس جنم ان گهراڻي ۾ ٿيو آهي. جتي کيس راڳ ستي ۾ مليو. جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي ته سندس والده مائي الله بچائي سهرا ڳائڻ جي ڀڙ خاتون هئي ته سندس والد علي محمد حيدري پنهنجي دور جو ڀلوڙ شهنائي نواز هو. جڏهن ته استاد محمد يوسف پڻ سندس مائٽي ۾ پري جي رستي ۾ ڏاڏو ٿئي. توڻي جو هن لاءِ راڳ پيشو ۽ ورثو آهي، ان هوندي به ڪلاسيڪل راڳ کي دنيا جو ڏکيو راڳ قرار ڏيندي چئي ٿو ته، راڳ جي دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو راڳ ڪلاسيڪل راڳ آهي. ڪلاسيڪل راڳ کي سکڻ کان پوءِ ٻيو سڀ راڳ ڳائڻ سولو لڳندو آهي. ڪلاسيڪل راڳ جي هر صنف تي ڳائڻ جي مهارت رکندڙ راشد علي جو چوڻ آهي ته صنف غزل کان صنف خيال، صنف ٺمري ٻئي صنفون ڳائڻ ڏکيو لڳندو آهي. ڪلاسيڪل راڳي راشد علي، ڪلاسيڪل راڳ جي باري ۾ وڌيڪ چئي ٿو ته ڪلاسيڪل راڳ درباري راڳ آهي هاڻ نه اهي دربارون رهيون آهن ۽ نه وري ڪلاسيڪل راڳ. ڪلاسيڪل راڳ کي اڃان به لاهور جي پٽيالا گهراڻن ۾ چاھ سان ٻڌو وڃي ٿو. لاهور ۾ ڪلاسيڪل راڳين جا پٽيالا، گواليار، سيهنيا، ڪلانه اهي گهراڻا آهن جيڪي ڪلاسيڪل راڳ کي سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جا وڏا ماهر آهن. اهي ڪنهن وڏي راڳي جي ورسي يا شادي مرادي ۾ سڀ گڏجي ڳائيندي ۽ ٻڌندي سج اڀاريو ڇڏين ٿا. باقي گهٽ ماڻهو ان راڳ کي سمجهن ٿا. جيڪي سمجهن ٿا اهي راڳي کي ڀرپور داد ۽ ڀرپور عزت ڏيندا آهن. اهڙي راڳ جي گهٽ دعوت ملندي آهي ۽ دعوت کان سواءِ آءٌ به نه ويندو آهيان. هون ته ملڪ جي ٻين حصن مان لاهور ۾ ڪلاسيڪل راڳ سمجهڻ وارا ته وڌيڪ آهن پر سنڌ جي اتر پاسي اڃان به ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ وارا موجود آهن. سنڌ جي لاڙ جي مختلف درگاهن، شادين ۽ محفلن ۾ ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ وارا گهٽ آهن. پر جتي ڪلاسيڪل راڳ سمجهڻ ۽ ٻڌڻ وارا آهن اتي ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ جو لطف ئي پنهنجو آهي. سچ اهيو آهي جتي محفل مزاج جي آهي ته ڀاڳ ڀلا نه ته ڳائڻ ۾ لطف بلڪل نه ايندو آهي. هن چيو ته انڊيا ڏات جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي پر انڊيا کان سنڌ ۾ ڏات وڌيڪ ۽ نرالي آهي. جنهن جو مثال هيئن وٺجي ته سنڌي ڀيروي پڪو راڳ آهي راڳن ۾ سڀ کان پهريون ۽ پراڻو سنڌي ڀيروي راڳ آهي. هو ڪلاسيڪل راڳ جي عروج ۽ زوال بابت چئي ٿو ته بابا بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان، سلامت علي وارو دور ڪلاسيڪل موسيقي جو عروج جو دور هو ان دور جي ڪلاسيڪل راڳ ۾ راڳ ڀيروي راڳ درٻاري راڳ ڀوڀالي کي ڳائڻ وارا به ڪلاسيڪل هئا ته ٻڌڻ وارا به ڪلاسيڪل هئا. هاڻي اهڙي پرچار جي صحيح معنيٰ ۾ ماڻهن تائين رسائي نه ٿي رهي آهي. هن وقت به گهٽ ماڻهن کي سمجھ هوندي. ماڻهن تائين راڳ جي ڄاڻ جي رسائي نه هئڻ ۽ پهرين جهڙن گوين جي مهارت نه رکڻ ئي ڪلاسيڪل راڳ جو زوال آهي. راڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن ٻئي راڳي کي ڪٽي پاڻ اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو؟ واري سوال جي موٽ ۾ هن جو چوڻ آهي ته مون ڪڏهن به پاڻ کي سينئر راڳي يا نيو سيکڙاٽ راڳي کي ڪٽڻ جو نه سوچيو آهي راڳي جي رياضت ۽ نوڙت مان ئي ٻڌندڙن پتو لڳائي وٺندا آهن، ته ڪير ڪيترو ڀلو راڳي آهي. مطلب ته محنت پاڻ ڳالهائيندي آهي. استاد جو چوڻ آهي ته راڳ علم جو ڏيئو آهي. علم جي ڏيئي کي جيترو تيل ڏبو اوتري روشني تيز ڪندو. راڳ ذريعي نفرتون ختم ڪري دليون به کٽي وٺبيون آهن. سو منهنجي به ڪوشش هوندي آهي ته سکڻ سان گڏوگڏ راڳ جي سکيا به ڏيان. اميد آهي ته منهنجا شاگرد به ان واٽ تي هلندا.

ڊاڪٽر شبيب الحسن

ڊاڪٽر شبيب الحسن

همدرد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کان پينل انٽرويو



روزاني عوامي آواز جي ٽيم همدرد يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شبيب الحسن کان انٽريو ڪيو. انٽريو ۾ حيڪم سعيد جي زندگي، سندس حڪمت، همدرد يونيورسٽي ۽ ملڪي تعليم نظام بحث هيٺ رهيا. هيءَ يونيورسٽي ڪراچي جي نادرن باءِ پاس واري علائقي ۾ قائم آهي يونيورسٽي جو باني سنڌ جو اڳوڻو گورنر ۽ حڪمت جو ماهر حڪيم سعيد آهي.

نياز ڪالاڻي

نياز ڪالاڻي

سينيئر قومپرست اڳواڻ ۽ جسقم جي اڳوڻي وائيس چيئرمين سان ڳالھ ٻولھ.

انٽريو وٺندڙ: سارنگ منير سومرو



جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين، قومي اڳواڻ ۽ جاکوڙي ڪردار ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ عوامي آواز سنڊي ميگزين کي خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته مان پهرين اپريل ۱۹۶۴ تي شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيس جنهن کانپوءِ مون شروعاتي تعليم به اتان ئي پرائي، قومي سياست جي شروعات ڪتابن مان ڪئي جيڪي منهنجو وڏو ڀاءُ پير بخش ڀٽي وٺي ايندو هو جيڪي مان شوق سان پڙهندو هوس، مون باقاعده سياسي سماجي زندگيءَ جي شروعات ۱۹۷۸ ۾ ٻارڙن جي تنظيم “چڻنگ” سان ڪئي جنهن کانپوءَ مون جيئي سنڌ قومي محاذ شهداڪوٽ کان قومي سياست جي شروعات ڪئي جنهن ۾ مان سڀ کان پهريان شهداڪوٽ جو آرگائيزر ٿيو هوس، هن چيو ته مان قومي سياست جي شروعا ت ئي جيئي سنڌ قومي محاذ کان ڪئي جيڪو اڃان تائين لاڳاپيل آهيان ڪتاب پڙهڻ کانپوءَ خبر پئي ته سنڌ جو عوام ڪيترو اڪيلو آهي ۽ سنڌ سان ڪيتريون زيادتون ٿي رهيون آهن گذريل قومي سياست جي دورن ۾ قومي ڪارڪن ڪتاب پڙهي شعور وٺي پوءِ قومي تنظيمن ۾ شامل ٿيندا هئا پر هاڻي ائين نه آهي ڪارڪن قومي فرض نڀائي سگهي ٿو جيڪو ڪتاب پڙهي ۽ هيٺان کان مٿي اچي ٿو.

واجد حسين مسڻ

واجد حسين مسڻ

اٺين ڪلاس جي ذهين ۽ گهڻ صلاحيتي شاگرد سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: صدام جوڻيجو



پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان کي هڪ انتهائي ذهين، جفا ڪش، محنتي، وقت جي پابند ۽ گهڻ رخي صلاحيتن جي مالڪ شاگرد واجد حسين مسڻ سان ڳالھه ٻولھ ڪرائينداسين؛ جيڪو پنهنجي ذات ۾ منزل ماڻڻ خاطر اٽل ارادا ۽ مضبوط مقصد رکندڙ آهي، جنهن جو تعلق خانداني طور هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان رهيو آهي.

سياڻي جوڻيجو

سياڻي جوڻيجو

سياڻي شاگردياڻي سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: ساجد مسڻ



چوندا آهن ته نالو انسان جي شخصيت ۽ ڪردار کي ظاهر ڪندو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته جهڙو نالو هوندو آهي، انسان ۾ صلاحيتون به اهڙيون ئي هونديون آهن.

بلڪل ساڳي طريقي سان اڄ اسان به اهڙي ئي هڪ ننڍڙي ڪردار سان ڳالهائيندا سين، جيڪا پنهنجي نالي وانگر پنهنجي ڪردار ۾ به ڏاهپ سان ڀريل آهي.

شائسته آرزو گجر

شائسته آرزو گجر

نھايت سادي، سلجھيل، سڀاويڪ ۽ شائستہ، شاعرا، اديبا، ليکڪا سان مختصر ڳالھ ٻولھ.

ڳالھ ٻولھ: علي محمد درد سولنگي.



سوال: اوھان جو نانءُ ولديت سميت؟

شائسته آرزو: شائسته گجر. والد جو نالو؛ غلام حيدر خان گجر.

سوال: جنم جي تاريخ ۽ هنڌ؟

شائسته آرزو: ۲۲ مارچ ۱۹۷۴ع. ضلعي شڪارپور جي تعلقه ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ نوشهرو ابڙو ۾.

سوال: ادبي نانءُ.. ؟

شائسته آرزو: آرزو گل، ھاڻي شائسته آرزو گجر.