; سنڌي شخصيتون: ديبا سحر

12 May, 2023

ديبا سحر

ديبا سحر

آواز جي دنيا جي ڪوئل ۽ سياسي شخصيت سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: سارنگ منير سومرو



سوال: ديبا! اوهان پنهنجي ابتدائي زندگيءَ بابت ڪجھ ٻڌايو!

جواب: منهنجو ڪراچي ۾ اعجاز حسن ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ٿيو جنهن کانپوءِ شروعاتي تعليم به ڪراچيءَ مان پرائي ۽ اڃان تائين ڪراچيءَ ۾ ئي آهيان. ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان شوق هو. منهنجي فيمليءَ جو به فن سان ئي واسطو هو انهيءَ لاءِ ڳائڻ جي دنيا ۾ ڪو اوچتو آيس بس شوق به هو ۽ فيمليءَ ۾ به اها فن جي دنيا کي بهتر سمجهو ويندو هو انهيءَ لاءِ آيس جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ بابا جي خواهش هئي ته مان ڳايان ۽ انهيءَ منهنجي وڏي مدد ڪئي.


سوال: اوهان پهريان ڪٿي ڳايو ۽ ان ڳائڻ کانپوءِ ڇا محسوس ڪيو؟

جواب: مون پي ٽي ويءِ تي پروگرام روشن تارا ۾ پهريون ٻاراڻو گيت ڳايو جڏهن آءُ چوٿين درجي ۾ پڙهندي هئيس انهيءَ گيت مونکي وڏو حوصلو ڏنو ۽ انهي گيت جي وڏي تعريف ٿي هئي جنهن کانپوءِ مون سوچيو ته مان بهتر ڳائي سگهان ٿي انهيءَ پهرين گيت ۾ ئي منهنجي مدد استاد فتح علي خان ڪئي هئي جيڪو منهنجو مامو ٿيل هو انهيءَ مونکي حوصلي جو هڪ وڏو جهان ڏنو

سوال: اوهان باقاعدي ڳائڻ جي شروعات ڪڏهن ڪئي ۽ اوهان جو پهريون البم ڪڏهن آيو ۽ انهيءَ ۾ ڪهڙيون ڏکيائيون آيون

جواب: مون باقاعدي ڳائڻ جي شروعات ۱۹۹۵ کان ڪئي جنهن سال منهنجو اردو البم رڪارڊ ٿيو پر ڪجھ مجبورين سبب اهو رليز نه ٿي سگهيو، جنهن کانپوءِ ۱۹۹۶ ۾ جيڪب آباد ۾ ميلو ٿيو جنهن ۾ مون جڏهن فن جو مظاهرو ڪيو ته اهو منهنجو يادگار پروگرام ٿيو. انهيءَ کانپوءِ محسوس ڪيو ته مان مڪمل فنڪارا آهيان جن جي دنيا ۾ اسان اڃان تائين حاصل ته هڪ ڦڙُو به نه ڪيو آهي پر پوءِ به سمجهان پئي ته فن جا اهي مرتبا ضرور حاصل ڪيا آهن جيڪي مڪمل فنڪار چورائي سگهن ٿا، انهيءَ کانپوءِ مان حيدرآباد کان ڪراچي لڏي ويس فن جي دنيا ۾ وڏي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوري ٿو پوءِ منزل ملي ٿي ۽ انهي تڪليفن ۾ منهنجي بابا ۽ گهر وارن منهنجو ساٿ ڏنو

سوال: اوهان جا ڪيسٽي البم ڪيترا آيا آهن ۽ يادگار ۽ ڪامياب البم ڪهڙو هو؟

جواب: هن وقت تائين منهنجا ۱۰۰ کان مٿي البم اچي چڪا آهن، سڀ کان ڪامياب البم “اچبو ضرور اچبو” ۽ ايم آر سيءَ جو البم مقبول ويا جيڪو ۱۰ سا ل اڳ جو البم آهي پر اڄ به مونکي مختلف هنڌن تي ٻڌڻ ۾ ايندو آهي،

سوال: اوهان جو سڀ کان وڌيڪ مقبول گيت ڪهڙو ٿيو

جواب: “دل جي ويران رڻ تي ڪڪر باورا” ۽ “اچبو ضرور اچبو” تمام گهڻا مقبول ويا.

سوال: اوهان کي اوهان جو گيت ڪهڙو پسند آهي جيڪو اوهان کي هميشا زبان تي هجي؟

جواب: ادا تمام ڏکيو سوال آهي. ماءُ کي ته سڄي اولاد هڪ جيتري پياري هوندي آهي پر پوءِ به مونکي “بادل ڙي بادل” وڌيڪ وڻندو آهي.

سوال: ادي اوهان کي فن جي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي فنڪار جي آواز کان متاثر آهيو؟

جواب: ادا مان لتا کان وڌيڪ متاثر آهيان جنهن جو هر هڪ گيت مونکي وڻندو آهي. لتا آواز جي دنيا جو اهو نرالو نالو آهي جنهن تي سڄي دنيا کي فخر آهي جڏهن ته استاد فتح علي خان علي نواز خان به پسند آهن

سوال: شاعريءَ ۾ ڪهڙا شاعر پسند آهن؟

جواب: شاعريءَ ۾ مونکي ڀٽائي صاحب، شيخ اياز استاد بخاري ۽ سچل سائين پسند آهن جن جي شاعري نه صرف روح جي راحت پر زندگيءَ جي رهنمائي جو ذريعو به آهي،

سوال: بازاري شاعريءَ بابت اوهان جو ڇا خيال آهي ته اها وبا اڃان ڪيتري حد تائين آهي؟

جواب: هن وقت مطمعن ڪندڙ شاعري پئي هلي. پهريان ڪئسٽي شاعريءَ بداخلاقيءِ جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا هئا جن جو زور هاڻي گهڻو ٽٽي چڪو آهي. سنڌ جو ماڻهو هاڻي تمام باشعور ٿي ويو آهي جنهن وبائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پهريان اسان سمجهندا هئاسين ته شاعري صرف ڪئسٽ ڪمپين جي ڪمائڻ جي ڪري اها هلي ٿي جڏهن ته ڪئسٽ ڪمپنين کان وڏو ڏوھ سنڌي چينل وارا ڪري رهيا آهن. هاڻي جهڙو چينل وارا ڏوهاري آهن اهڙو ڪئسٽ ڪمپين وارا به ڏوهاري آهن ٻنهي ملي ڪري بازاري شاعري ۽ غير معياري شاعري کي ڇوٽ ڏياري. حيرت جي ڳالھ آهي اسان جڏهن ڀٽائي صاحب جي شاعري ڳائينداسين ته اها هنن کي سمجھ ۾ ئي نه ايندي آهي ۽ اها شاعري رکي ڇڏيندا آهن

سوال: اوهان کي ڪڏهن اهو خوف رهيو ته هاڻي ڪا نئين فنڪارا ميدان تي آئي آهي منهنجو ڇا ٿيندو؟

جواب: ادا ياد رهي ته مقاملو ئي حوصلي جوسبب بڻبو آهي، جيترو مقابلو هوندو آهي ايترو معيار سامهون ايندو آهي. مونکي مقابلي ۾ مزو ايندو آهي ۽ مونکي خوف نه پر خوشي ٿيندي آهي جيڪا عورت سنگر سامهون ايندي آهي، مان ڳائڻ جي دنيا جي آل رائونڊر آهيان سڀ ڪجھ ڳائي سگهان ٿي اهڙي اسٽيج تي ڪهڙو خوف ٿي سگهي ٿو،

سوال: فنڪارن جي لاءِ حوصلي ۽ مدد لاءِ ڪلچر کاتي ۽ سنڌ سرڪار مان ڪيترا مطمعن آهيو

جواب: سال اڳ ڪلچر کاتو منهنجي فيمليءَ وانگر هو ڪلچر کاتي کان ڪيترن ئي پروگرامن جو معاوضو به نه وٺندا هئاسين صرف انهيءَ لاءِ ته اهو سلسلو جڙيل رهي ڇوجو ڪلچر کاتي ۽ فنڪار جو ٻنهي کي زنده رکڻ لاءِ تعلق هجڻ ضروري آهي انهيءَ ۾ ڪڏهن ڪنهن کي ڪس کائڻي پوي ٿي ڪڏهن ڪنهن کي پر اسان هميشه ڪس کاڌيسين. جڏهن کان کاتي جا واڳ ڌڻي تبديل ٿيا آهن ته ڪلچر کاتو ڪلچر واري ڪم کي ڇڏي ڪمائڻ ۾ لڳي ويو هاڻي هو ڪمائڻ جو کاتو آهي فنڪارن جو نه آهي

سوال: فنڪار معاشري جي هر ڏک ۽ سور جو ساٿي هوندو آهي اوهان ڇا ٿا سمجهو هڪ فنڪار کي صرف فن تائين محدود هجڻ گهرجي انهي جي ٻئي ڪا عوامي يا سماجي سڃاڻپ نه هجڻ گهرجي

جواب: بلڪل اوهان صحيح چئو ٿا فنڪار عوام جو درد هوندا آهن. انهن جي دردن جا ساٿي هوندا آهن. انهن کي سماجي سياسي طريقي سان به عوام جي خدمت ڪرڻ گهرجي. اصل فنڪار آهي جيڪو عوام جي هر طرح سان ڏک سمجهڻ ۽ ان کي مٽائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري ٿو.

سوال: اوهان ڪڏهن فن سان گڏوگڏ عوامي ڀلائي لاءِ سماجي ڪمن ۾ حصو ورتو. . . ؟ ا

جواب: بلڪل مون تمام گهڻا سماجي ڪم ڪيا آهن بلڪي هاڻي ائين چئي سگهو ٿا ته مان ڳائڻ کان وڌيڪ عوامي خدمت تي ڌيان ڏيان ٿي. ويجهڙ ٿر ۾ مان ڪيترا ئي دفعا وئي آهيان جتي به عوام سان سنڌ جي ماروئڙن سان نا انصافي ٿيندي آهي اتي مان پروگرام ڇڏي به پهچندي آهيان ويجهڙ هڪ سوشل تنظيم رجسٽرڊ ڪرايان پئي جنهن کانپوءِ باقاعده عوام جي وچ ۾ ويهي ڏکايل ماروئڙن جي خدمت ڪبي

سوال: اوهان جو اوچتو سياست ۾ اچڻ اوهان جو شوق آهي يا گهر وارن جو زور يا ڪنهن پارٽي پاران اوهان کي زبردستي سياسي ميدان تي آندو آهي.

جواب: ادا ياد رهي ته سماجي ڪم به سياست ئي آهي، مان سماجي ڪم ته شروع کان ئي ڪندي آهيان هاڻي فرق صرف اهو آهي ته اهي ڪم سياسي پليٽ فارم تان ڪندس جيڪا عوام جي وڌيڪ خدمت لاءَ مدد ٿيندي

سوال: اوهان پي ٽي آءِ ۾ ڪهڙي منشور ۽ پروگرام تحت ويا آهيو جڏهن ته اوهان کي اهو به معلوم آهي ته عمران خان وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ عوام جي بهتر خدمت نه ڪري سگهيو آهي

جواب: مان پي ٽي آءِ ۾ سڀ کان پهريان پاڪستان جي بنياد تي وئي آهيان. عمران خان مان گهڻيون ئي اميدون آهن. جيڪڏهن هو پاڪستان لاءِ بهتر حڪمران ثابت نه ٿيو ته اسان جو هن سان ساٿ به ٽٽي ويندو ڇو جو اسان جو هن سان ساٿ صرف ۽ صرف عوامي خدمت ۽ بهتر پاڪستان لاءِ آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا