; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر سعيد احمد قريشي

12 May, 2023

ڊاڪٽر سعيد احمد قريشي

ڊاڪٽر سعيد احمد قريشي

ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: حميده گهانگهرو



پاڪستان ۾ ميڊيڪل جي شعبي ۾ ڪا خاص تحقيق نه ٿي ٿئي. پرڏيھ مان ماهر هتي اچڻ لاءِ تيار ناهن. ٻاهرين ملڪن جي ڪانفرنسن ۾ ويندو رهندو آهيان ۽ ان سان رڳو ماڻهن کي اها ئي خبر پوندي آ ته پاڪستان به ڪو ملڪ آهي، ٻيو ڪجھ نه. ٻين وڏن ملڪن ۾ ٿيندڙ طبي تحقيق سان ڀيٽ پوءِ ڪجي پهرين پنهنجي گهر ۾ جيڪي بيماريون آهن انهن کي حل ڪرڻ گهرجي. مريضن سان ڊاڪٽرن جو ورتاءُ ان ڪري خراب آهي جو کين اسڪول ۾ بهتر تربيت نه ملي.


ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سعيد احمد قريشيءَ عوامي آواز سنڊي مئگزين کي خاص انٽرويو ڏنو جيڪو هتي پيش ڪجي ٿو.

سوال: ڊاڪٽر صاحب ڳالھ ٻولھ کان اڳ مان چاهيندس ته توهان پنهنجي باري ۾ ڪجھ ٻڌايو، توهان تعليم ڪٿان حاصل ڪئي ۽ وائس چانلسر ٿيڻ تائين ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذريا آهيو؟؟

جواب: منهنجي پيدائش ڪراچي جي آهي ۽ تقريبن سڄي تعليم ڪراچي ۾ ٿي آهي، ٻه سال منهنجو والد صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر رهيو تڏهن مان سينٽ بوناوينچر حيدرآباد ۾ پڙهيو هيس، ڊي جي ڪاليج مان انٽرميڊئيٽ ڪيو، ايم بي بي ايس ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ۱۹۸۳ع ۾ ڪئي، ان کانپوءِ مان برطانيا ويس ۽ اتي ايف آر سي ايڇ ڪواليفڪيشن ۽ ٽريننگ ٿي، ان کانسواءِ ٻه سال هڪ ريسرچ ليبارٽري ۾ ڪم ڪيو، هيپاٽائٽس تي تحقيق ڪئي، ان کانپوءِ وري پاڪستان موٽي آيس، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ٿيس ۽ تقريبن سڄو وقت ڪاليج ۽ سول اسپتال ۾ گذريو آهي، جڏهن ته اڍائي سال مان لياري جنرل اسپتال ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج پاران ڪم ڪيو، گذريل سال وي سي طور مقرري ٿي.

سوال: ڊاڪٽر صاحب هن اداري ۾ توهان پڙهيا آهيو ۽ هن وقت وي سي آهيون ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟

جواب: جواني ۾ مختلف سرگرميون هونديون آهن، جڏهن ماڻهو هڪ پوزيشن تي اچي ٿو ته اهي ٻئي قسم جون ذميواريون هونديون آهن، پنهنجي لاءِ، پنهنجي ڪميونٽي ۽ اداري لاءِ، انهن ٻنهي ۾ گهڻو فرق آهي، هن عهدي تي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو آهي.

سوال: جيڪڏهن ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي معيار قائم ڪجي ته ان لاءِ توهان جون ڪهڙيون تجويزون هونديون شاگردن لاءِ؟

جواب: هڪ ته پڙهائي تي پنهنجو ڌيان ڏين، ان سان گڏوگڏ ٻاهر وڃي به تعليم پرائن، ٻاهر وڃڻ ۾ رڳو ميڊيسن نه پر زندگي جي مختلف شعبن بابت به خبر پئي ٿي، ماڻهو جي تعليم ۽ شخصيت تي اثر پوي ٿو، اهو ضروري آهي ته ماڻهو رڳو هڪ ملڪ نه پر گهڻن ملڪن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪري ۽ پوءِ موٽي اچي پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪري ته جيئن نوان خيال اچن، نوان لاڙا اچن.

سوال: سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو داخلا جو گڏيل نظام ٿي ويو آهي، توهان جي نظر ۾ اهو تجربو بهتر آ؟

جواب: منهنجي خيال ۾ اهو صحيح طريقي ڪار آ، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڏسو، آمريڪا ۾ ايم ڊي ڪيٽ امتحان ٿيندو آ، انگلينڊ ۾ به هاڻ ان قسم جو امتحان شروع ٿي ويو آ، ان ۾ ميرٽ ٺهي ٿي ۽ داخلا ميرٽ تي ٿيندي آهي.

سوال: اسان وٽ ميرٽ سسٽم صحيح آهي؟

جواب: ها داخلائون بلڪل ميرٽ تي ٿين ٿيون، ان ۾ ڪو شڪ شبهو نه هجڻ گهرجي.

سوال: توهان ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس ۾ ڪجھ نئون نصاب آندو آهي، توهان ڇا ٿا سمجهو ته اهو بهتر آهي؟

جواب: ڊائو کان اڳ آغا خان ۽ ضياءُ الدين ۾ به اهو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سڀني سبجيڪٽن کي اينٽي گريٽڊ ماڊيولر سسٽم چون ٿا، ٻين ڪاليجن ۾ هڪڙو اينيوئل سسٽم آ، هن ۾ اهو آهي ته جيڪڏهن ڪو شاگرد مٿي وڌي ٿو ته سڀ شيون هڪڙي ئي وقت ۾ پڙهي ٿو، اهو شاگرد لاءِ بهتر آ، ان جي سمجهڻ لاءِ ۽ پڙهڻ لاءِ به آسان آهي.

سوال: اڳ ڊاڪٽرن جو مريضن سان ورتاءُ سٺو هوندو هو، هاڻ اهي جذباتي ٿي وڃن ٿا، ان ۾ ڪوتاهي ڪٿي آهي؟

جواب: اسان جي پرائمري اسڪولنگ خراب ٿي وئي آ، اهي ڳالهيون پرائمري وقت سمجهايون ۽ پڙهايون وينديون آهن، جيستائين اهو نظام صحيح نه ٿيندو تيستائين اهي مسئلا هلندا ايندا.

سوال: توهان جي خيال ۾ پرائمري جي تعليم ڪهڙي قسم جي هجڻ گهرجي؟

جواب: ٻار کي اٿي ويٺي، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ان اسٽيج تي سيکاريو ويندو آ، اهي ميڊيڪل اسٽيج تي اچي سکندا ته ڏکيو ڪم آ، بنياد پرائمري اسڪول آ.

سوال: پاڪستان ۾ ميڊيڪل سائنس جي شعبي ۾ جديد تحيقيق ٿئي ٿي اها ڪهڙي قسم جي آ ۽ ان ۾ توهان ڪهڙيون نيون شيون ڏسڻ ٿا چاهيو؟

جواب: اڳ ۾ ته اسان کي اهو سوچڻ گهرجي ته جيڪي بيماريون موجود آهن، پهريون انهن تي تحقيق ٿيڻ گهرجي، ٽي بي اڃا تائين اسان وٽ اَن ڪنٽرولڊ آ، هيپاٽائٽس آ، ميل نيوٽريشن آ، انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي، پوءِ اسان سوچيون ته هاڻ ٻين وڏن ملڪن سان ڀيٽ ڪنداسين، اڳ ۾ پنهنجي گهر ۾ موجود مسئلا آهن، انهن کي حل ڪرڻ گهرجي.

سوال: توهان نئين تحقيق جي حوالي سان ڊائو يونيورسٽي طرفان ڪي ڊپارٽمينٽ قائم ڪيا آهن؟

جواب: ان تي ڪم هلي رهيو آهي، اسان وٽ هڪڙو ڊرپس جي نالي سان ڊپارٽمينٽ آهي، جتي انوويشن ٿيندي آ ۽ نين شين جي ريسرچ ٿيندي آ، اهو ضروري ناهي ته رڳو علاج جون شيون هجن، اهو به ٿي سگهي ٿو ته پاڻي صاف ڪرڻ جا طريقيڪار هجن، ٽيڪنالاجيڪل شين تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪي دوائون گهڻيون استعمال ٿين ٿيون پر ٺهن نه ٿيون، انهن جي پروڊڪشن لاءِ به وٽ هڪڙو پلانٽ ٺاهي رهيا آهيون.

سوال: اڪثر ڳوٺن ۾ بيماري جي خبر ناهي پوندي، ٻارن کي (ٿرڊس) ڳڍيون پونديون آهن، اهي ڳالهائي ناهن سگهندا ته ڇا توهان وٽ ڊائو يونيورسٽي جي طرفان ان جي مڪمل علاج لاءِ ڪو ادارو آهي.

جواب: اسان وٽ آءِ پي ايم وارا آهن، جيڪي ٻار دماغي معذور آهن انهن کي پڙهائڻ ۽ تربيت ڏسڻ جو سسٽم آهي پر اهو صوبائي سطح جهڙو ناهي، شروعات ٿي آهي، ڏسون اڳتي هلي ڇا ٿو ٿئي.

سوال: دنيا اڳتي نڪري وئي آهي پر جديد طبي تحقيق ۾ پوئتي رهڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟

جواب: هتي ايتري فنڊنگ موجود ناهي، ٻيا ايڊوانس ملڪ آهن ۽ ريسرچ تي وڏو پئسو ٿا خرچ ڪن، اتي هر قسم جي ريسرچ تي گهڻي فنڊنگ ٿي آهي، جيستائين اسان جي ملڪ ۾ فنڊنگ نه وڌائي ويندي ته ڪا خاص اڳڀرائي نه ٿيندي.

سوال: توهان ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي ليڪچر ڏيندا آهيو ۽ ان سان اسان جي ملڪ کي ڪيترو فائدو ملي سگهي ٿو؟

جواب: بلڪل مان ڪانفرنسن ۾ ويندو رهندو آهيان ۽ ان سان رڳو ماڻهن کي اها ئي خبر پوندي آ ته پاڪستان به ڪو ملڪ آهي ٻيو ڪجھ نه.

سوال: جديد دور کي نظر ۾ رکندي پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي ڪهڙي قسم جي ٽريننگ ڏيڻ گهرجي؟

جواب: اسان وٽ ميڊيڪل ٽيڪنالاجي جي ٽريننگ ۽ نرسنگ لاءِ به ٽريننگ جو انسٽيٽوٽ موجود آهي، اسان آغا خان جي نرسنگ اسڪول سان معاهدو ڪيو آ، ڪجھ مسئلن جي حل لاءِ اسان انهن کان مدد ورتي آهي، اسان جي ڪوشش هئي ته ٻاهران ڪو پڙهائڻ وارو ملي وڃي پر ڪير به پاڪستان اچڻ لاءِ تيار نه هو، انهن جو اهو ئي جواب هو ته اسان جي پرڏيهي آفيس چيو آهي ته توهان پاڪستان نٿا وڃي سگهو.

سوال: هتي سڄي سنڌ مان وڏي سيڪڙي تي جيڪي شاگرد اچن ٿا، انهن جي داخلا ته ٿي وڃي ٿي پر ڪجھ شاگرد رهجي ويندا آهن، پوءِ انهن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

جواب: ميرٽ سسٽم ۾ اهو ئي ٿيندو آهي ته هر ماڻهو ان ليول تي نٿو اچي سگهي، ڪي ماڻهو رهجي ويندا آهن، اهو سڄي دنيا جو اصول آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا