; سنڌي شخصيتون: سياڻي جوڻيجو

12 May, 2023

سياڻي جوڻيجو

سياڻي جوڻيجو

سياڻي شاگردياڻي سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: ساجد مسڻ



چوندا آهن ته نالو انسان جي شخصيت ۽ ڪردار کي ظاهر ڪندو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته جهڙو نالو هوندو آهي، انسان ۾ صلاحيتون به اهڙيون ئي هونديون آهن.

بلڪل ساڳي طريقي سان اڄ اسان به اهڙي ئي هڪ ننڍڙي ڪردار سان ڳالهائيندا سين، جيڪا پنهنجي نالي وانگر پنهنجي ڪردار ۾ به ڏاهپ سان ڀريل آهي.


سياڻي جوڻيجو، جو جنم سنڌ جي ناليواري اديب، محقق ۽ سنڌي ادب جي پروفيسر سائين بخش جوڻيجو قبولائي جي گهر ۾ ۱۵ نومبر ۲۰۰۷ع ۾ ٿيو.

سياڻي جوڻيجو کي تعليم دوست ۽ ادب دوست ماحول ته ورثي ۾ ئي مليو آهي، ان ڪارڻ به هيءَ پنهنجي نالي وانگر ڪردار ۾ به پنهنجي ٻين ڀينرن کان سياڻي آهي.

سياڻي جوڻيجو پرائمري جا پنج درجا به ان ئي اسڪول ۾ پڙهيا، جتي هن جو والد محترم سائين بخش جوڻيجو پهريائين پنهنجا تعليمي فرائض هڪ پرائمري استاد طور، ڏوڪري جي گورنمينٽ مئن بوائز پرائمري اسڪول ۾ ادا ڪيا هيا.

جنهن کانپوءِ هو سال ۲۰۰۸ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو.

جڏهن ته هن کي معياري تعليم ۽ تربيت پنهنجي والد صاحب کان ملندي آئي آهي، ان ڪري هيءَ پهرين ڪلاس کان پنجين ڪلاس تائين محنت ڪندڙ، باادب ۽ سلڇڻين شاگردياڻين ۾ ڳڻتي وڃي ٿي.

هيءَ هن وقت گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهي رهي آهي. سياڻي، هن وقت تائين ڪيترا ئي انعام کٽيا آهن. جن ۾ ميڊل، ڪتاب، ٽرافيون ۽ ٻيا ڪيترا ئي انعام شامل آهن.

گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ ۾ تعليمي معيار پڇڻ تي هن چيو ته؛ هاڻي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تعليم تي زور ڏنو ويو آهي. جيڪي نيون ماسترياڻيون آيون آهن، اهي وڌيڪ محنت ڪرائين ٿيون. اسان کي هر روز اسائنمينٽ به ملي ٿي. جنهن جي ڪري اسان کي گهر ۾ پڙهڻو ئي پوي ٿو. هن چيو ته؛ هاڻي اسان وٽ پروگرام گهٽ ٿين ٿا. جيڪڏهن وڌيڪ پروگرام ڪرايا ويندا ته ان عمل سان اسان جي لڪيل صلاحيتن کي وائکو ٿيڻ جو موقعو ملندو. اهڙا پروگرام ضرور ٿيڻ گهرجن.

مون جڏهن هن کان اهو سوال ڪيو ته ھاڻي ڪيتريون ئي ماسترياڻيون بايو ميٽرڪ جو ڊپ کان اسڪول هر روز اينديون هونديون؟

تنهن تي مختصر جواب ۾ هن چيو ته ها هاڻي حاضري سڀني ماسترياڻين جي مڪمل هوندي آهي. . . .

سياڻي، جي پسنديده شين ۾ پسند جي ڀاڄي ڀينڊي، گلن ۾ گلاب، راند ۾ لڪ لڪوٽي، رنگن ۾ گلابي رنگ آهي، جڏهن ته مڇي شوق سان کائيندي آهي، وقت تي ٽي-وي به ڏسندي آهي، وري اسڪول جو مليل ڪم ڪندي رهندي آهي.

مون جڏهن هن کان اهو سوال ڪيو ته ڇا توهان جي ڪي-جي اسڪول ۾ پڙهڻ جي خواهش رهي آهي؟

تنهن جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته منهنجو بابا سائين طبيعت ۾ ايماندار، خوددار ۽ سخت مزاج رکندڙ استاد رهيو آهي، بابا سائين جو چوڻ آهي ته جڏهن اسان ٻين جي ٻچن کي سخت محنت ڪري گورنمينٽ جي اسڪولن ۾ پڙهايون ٿا ته پوءِ اسان پنهنجي اولاد کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ ڇو داخل ڪرايون؟

مان ته ڇا پر منهنجا سڀ ڀائر ۽ ڀينر گورنمينٽ اسڪولن ۾ ئي پڙهيا آهن، منهنجو والد صاحب ليڪچرار آهي، جيڪڏهن هو چاهي ته منهنجي ننڍڙي ڀاءُ کي پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙهائي سگهي ٿو، پرائيويٽ اسڪول جو خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو، پر بابا سائين زندگيءَ ۾ حق پسند ۽ عادل رهيو آهي، منهنجو ننڍڙو ڀاءُ به هن وقت گورنمينٽ بوائز مئن پرائمري اسڪول ۾ چوٿين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو آهي.

هن جو چوڻ آهي ته مونکي بابا سائين چوندو آهي ته اسڪول طرفان جيڪي به نصابي توڙي هم نصابي سرگرميون ٿين، انهن ۾ ڀرپور شرڪت ڪندي ڪر، اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ سان توهان ۾ خود اعتمادي واري صلاحيت وڌندي، پوءِ توهان وڏن وڏن پروگرامن ۾ چاهي ڪيترو به عوام ڇو نه هجي توهان سولائي سان تقرير ڪري ويندئو، پروگرامن ۾ شرڪت ڪري سگهندو، وڏا ٿي خطاب ڪرڻ جي اهل ٿي ويندئو.

هن جي زندگيءَ جو مقصد ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ آهي، مون هن کان پڇيو ته توهان ڊاڪٽرياڻي ڇو ٿا ٿيڻ چاهيو؟ تنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مونکي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ جو وڏو شوق آهي، جڏهن مان ٻين ڊاڪٽرياڻين کي ڏسندي آهيان ته دل چوندي آهي ته مان به وڏي ٿي ڊاڪٽرياڻي ٿيان، اسپتال ۾ اسان جڏهن ويندا آهيون ته اتي ڊاڪٽرياڻين جي گهڻي عزت ۽ اهميت هوندي آهي، بابا سائين چوندو آهي ته ڊاڪٽري پيشو مسيحائي پيشو آهي، پر اڄڪالھ هن مسيحائي پيشي جو جنازو ڪڍيو ويو آهي، سرڪاري نوڪري کي ڊاڪٽر گهٽ اوليت، جڏهن ته پرائيويٽ ڪلينڪ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا، غريب ماڻهو جو ته ڪو سهارو ئي ڪونهي ڪو هتي، سڀ اميرن ۽ سرندي وارن جي خدمت ۾ پورا آهن، بابا سائين مونکي غريبن جي پارت ڪندو آهي ته غريب انسان سان محبت ڪرڻ گهرجي.

هن ٻڌايو ته منهنجي بابا سائين جو سنڌي ادب توڙي ٻوليءَ تي تمام وڏو ڪم آهي، آئي ڏينهن منهنجي بابا سائين وٽ علم جا پانڌيئڙا پنڌ ڪري پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندا رهندا آهن.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي بابا سائين جي ڏوڪري شهر ۾ “حضرت سلطان الاولياءَ اڪيڊمي” نالي تمام وڏي لائبريري پڻ آهي، جنهن ۾ نظريه درگاھ عاليه لواري شريف سان وابسط هر ڪتاب اسان جي لائبريري ۾ موجود آهي، جتي ڪيترا ئي طالب علم اُڃ اجهائڻ واسطي ايندا آهن، بابا سائين کان تحقيق جي ڪم ۾ مدد پڻ وٺندا آهن ۽ ساڳي وقت بابا سائين کان ڪتاب پڻ وٺي ويندا آهن.

جڏهن ته سياڻي جو بابا سائين هڪ وڏو محقق ۽ اديب آهي، مون هن کان سوال ڪيو ته ڇا توهان جي دل چوندي آهي ته مان بابا سائين جي لائبريري ۾ ويهي ان جا ڪتاب پڙهان؟ تنهن جي جواب ۾ هن چيو ته بابا سائين جا تمام گهڻا ڪتاب آهن، مان ڏسي ڏسي ٿڪجي پوندي آهيان، بابا کي جنهن به وقت ڏسندي آهيان ته هو ڪتاب پڙهندو آهي ۽ ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو آهي، مونکي به چوندو آهي ته محنت ڪندينءَ ته ڊاڪٽرياڻي ٿي وينديءَ، باقي محنت کان سواءِ توهان منزل تي نه پهچي سگهندو، بابا سائين ٻڌايو ته مان به محنت ڪري ڪميشن پاس ڪئي آهي، مان غريب جو ٻار آهيان، منهنجي ڪنهن سفارش ڪئي؟ محنت ئي ماڻهو جي سفارش بڻجي ان کي ڪامياب بڻائيندي آهي.

سياڻي جو چوڻ آهي ته منهنجي ئي گهر ۾ منهنجو بابا سائين منهنجي لاءِ آئيڊيل بڻيل آهي.

آخر ۾ مون سياڻي کان پڇيو ته پڙهندڙ کي ڪهڙو پيغام ڏيندئو تنهن تي سياڻي چيو ته بابا سائين مونکي هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو آهي ته زندگي انسان کي هڪ دفعو ملندي آهي، ان ۾ انسان کي پنهنجو اهڙو ته ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جو پويان نسل به ان کي ياد ڪن، زندگي مختصر آهي ان ۾ ڀرپور محنت ڪرڻ گهرجي.

آءُ آخر ۾ سڀني پڙهندڙ ۽ خاص طور تي نياڻين کي اهو چوندس ته والدين جو ادب ۽ احترام ڪيو، ماءُ جو چيو مڃين، ڀائرن جو خيال رکن، دل لڳائي محنت ڪن ته هڪ ڏينهن پنهنجي مقصد ۾ ضرور ڪاميابي ماڻينديون.

والدين جي دعائن ۾ برڪت آهي، انهن جي دعائن سان ئي اسان جا نصيب چڱا ٿي سگهن ٿا.


No comments:

راءِ ڏيندا