فقير حامد علي مھيسر
سوڍو پُٽ سنڌ جو
عابد مھيسر
سنڌ ڌرتيءَ کي قدرت
طرفان اھو اعزاز عطا ٿيل آھي ته ھتي سنڌو تھذيب دنيا جي پھرين ۽ اول تھذيب طور وجود
وٺي سڃاڻپ پاتي ۽ دنيا ۾ باقي ٻين سمورين تھذيبن کي جنم ڏنو، سنڌ ڌرتيءَ سان
اوائلي زماني کان ئي سندس سپوت سوڍا بيحد گھڻي چاھت، حب، اڪير رکندا پيا اچن ۽ مٿس
سر ڏئي سرھو ٿيڻ کان ڪڏھن ناھن ڪيٻائيندا، سنڌين کي قدرت طرفان اھو اعزاز حاصل آھي
ته موجوده دؤر تائين پوري دنيا اندر سندن وطن پرستي ۽ قومپرستيءَ کي ساراھيو وڃي
پيو ۽ سنڌي ئي دنيا جي واحد قوم آھي، جنھن جو پنھنجي ڌرتيءَ سان اٽوٽ ناتو ۽ تعلق
قائم آھي، ان حوالي سان تاريخ شاھد آھي ته سنڌين ھميشه پنھنجي جنم ڀومي ڌرتي ماتا
سنڌ کي پنھنجي پاڻ کان سوين ھزارين دفعا وڌيڪ ۽ مٿي چاھيو آھي ۽ پنھنجون جانيون پنھنجي
ڌرتي سنڌ تي نڇاور ڪندا رھيا آھن ۽ اڄ به ھردم مٿس سر ساھ صدقو ڪرڻ لاءِ تيار رھيا
آھن، سنڌ جي اھڙن سوڍن، سپوتن، دلير، بھادرن مان ئي ھڪ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جو فقير
حامد علي مھيسر به ھڪ سورھيه بھادر ساڃاھ وند سنڌي سوڍو ٿي گذريو آھي.
لڳ ڀڳ ۱۷۴۰ع واري ڏھاڪي ۾ محترم عبدالله مھيسر جي گھر
جنم وٺندڙ حامد علي مھيسر به ننڍپڻ کان ئي باھمت بھادر ۽ سلجھيل طبقي جو اھم ۽ بنيادي
حصو رھيو ۽ ٻالڪپڻي کان ئي پنھنجي پيءُ سان گڏ ٻني ٻاري ۽ مال ڍور سنڀالڻ ۾ ٻانهن ٻيلي
ٿي رھيو ۽ جوانيءَ ۾ پنھنجي ڪٽنب جو خيال رکندي، پنھنجي ذميواري پوري ڌيان ۽ ھمت
سان نڀائڻ لڳو، جڏھن ۱۷۸۰ع ۾ مدد خان پٺاڻ تنھن وقت سنڌ جي حڪمران ڪلھوڙا گھراڻي جو آخري حڪمران غلام
نبي ڪلھوڙي، پنھنجي سپاھ لڏي ٽالپورن سان وير رکي دشمني پاتي ته کيس سندس حڪمرانيءَ
جي خاتمي جا پڪا اھڃاڻ نظر اچڻ لڳا، تڏھن سندس ذھن ۾ مڪاري ڀريل منطقي نقطو پڌرو ٿيو
۽ تڏھوڪي سنڌ دشمن افغانين کي مدد لاءِ سڏيو ۽ مدد خان پٺاڻ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ
سنڌين تي ھر طرح جو ظلم ڪندي قتل و غارت ۽ ڦُرُ ڦار ڪئي، جنھن ڪارڻ سنڌ جو نوجوان
طبقو به ميرن ٽالپورن جو ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ مدد خان پٺاڻ جي لشڪر سان مھاڏو اٽڪايو
۽ ڪافي علائقن تي مدد خان پٺاڻ جي لشڪر کي منھن جي کانئڻي پئي، پر پوءِ به مدد خان
پٺاڻ ڪلھوڙا حڪمرانن جي سھاري سان پنھنجي مقصد ۾ ڪنھن حد تائين ڪامياب ٿيو، تن ڏينھن
۾ سنڌ جو نوجوان طبقو راتين جون راتيون جاڳي گذاريندو ھو ته جيئن پنھنجي ڳوٺ راڄ
کي حملي کان بچائي سگھن ۽ جڏھن سنڌ جي قديم ۽ تاريخي شھر نصرپور تي مدد خان پٺاڻ ڪاھ
ڪئي ته کيس سخت مزاحمت جو منھن ڏسڻو پيو ۽ ايتريقدر جي پھريئن حملي ۾ ته ٻي واٽ وٺي
اڳتي نڪري اگھم ڪوٽ (اگھاماڻي) تي حملي ڪرڻ لاءِ لشڪر سميت ھليو ويو، جڏھن ته ان
دفعي سندس لشڪر جا ڪافي حملا آور سنڌ جي ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن تي به پنھنجي طور ڪاھون ڪرڻ
لڳا ۽ انھن مان ئي مدد خان پٺاڻ جي چند حملي آورن رات جي وقت ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر
تي ڪاھ ڪئي ۽ ڳوٺ جي اوڀر کان حملا آور ٿيا، ان وقت اتفاق سان حامد علي مھيسر پنھنجي
ڳوٺ جي چند ھڪ جيڏن نوجوانن سان گڏ جانچ جونچ ڪري رھيو ھو ۽ ھنن وٽ ٻيو ڪو وڏو ھٿيار
نه ھو، البت چئن ئي ڄڻن وٽ ڪھاڙيون ھٿيار طور ھيون، پنھنجي ڳوٺ جي سار سنڀار لھندي
۽ کين ڪجھ عجيب آواز ۽ پاڇا نظر آيا ته ھنن ھوشياري ڪندي پنھنجي ڳوٺ جي حفاظت ڪندي،
پنھنجي ڳوٺ جي چئن ئي پاسن ۾ ھڪ ھڪ ٿي لڪي بيھي رھيا ۽ ڳوٺوارن کي به ھوشيار ۽
خبردار ڪيو، جيڪي به گھرن اندر ڪھاڙين سان پوري ريت ڪنھن وڏي حملي کي منھن ڏيڻ
لاءِ تيار رھيا ۽ جڏھن ته حامد علي ڳوٺ جي اوڀر ۾ پنھنجي وھٽن واري واڙي ۾ اندر وڃي
پيھي تي چڙھي بيٺو ۽ ڪجھ ئي دير ۾ ھن کي ڪجھ اوپرن ماڻھن جي ھُچُ ڪُچُ جا آواز ٻڌڻ
۾ آيا، سو کيس شڪ ٿيو ته ھي ڪي ٻيا يا آس پاس جا ماڻھو آھن، سو تڪڙ ۾ جيئن ئي ھيٺ
لھي ٻاھر آيو ته پنھنجو ھٿيار ڪھاڙي کيس مٿي ئي وسري وئي ۽ جيئن ئي واڙي کان ٻاھر
نڪتو ته افغاني لشڪر جي ٽنھي حملا آورن مٿس زوردار حملو ڪيو، پر حامد علي مھيسر به
ھمت ۽ ھوش سان صبر جو مظاھرو ڪيو ۽ رات جي سخت اندوڪار اونداھ ۾افغانين کي پنھنجي
اٽڪل ۾ اٽڪائيندي ڳوٺ کان ٻاھر ڏکڻ طرف درگاھ سيد معصوم شاھ بخاريءَ جي پاسي ۾ گھاٽي
جھنگ ۾ پھچايو ۽ پوءِ پنھنجي لڪل ساٿين سان سوڙھو ڪري، کانئن سندن ھٿيار کَسي ۽ ڏاڍو
ڪُٽي ڪُٽي، اڌ مُئو ڪري، وري ھٿ، پير اکيون ۽ وات ٻَڌَي، جھنگ ۾ قابو ڪري ٻُٻَر ۽ ٻير
جي وڻن ۾ ٻَڌي ۽ پنھنجي ڳوٺ وارن کي اچي پوري آگاھي ڏني ۽ افغانين کان کسيل سندن ھٿيار
به ڏيکاريا ۽ ان دوران سندس ساٿ ڏيندڙ مائٽ ٻيا جوان به ڪھاڙين سميت اچي ويا ۽ ان
طرح ھنن افغانين کي ٺيڪ ٺاڪ ڪٽڪو ڏنو ۽ روزانو افغانين کي لٺين، ڏنڊن سان ڪٽيندا
رھيا ۽ روز رات جو پورو ڳوٺ ھوشياريءَ سان جاڳندي ڳوٺ جي سار سنڀار لھڻ لڳو ۽ حامد
علي ۽ سندس نوجوان مائٽ ساٿي وري اوسي پاسي جي به جانچ جونچ ڪرڻ لڳا ۽ ڪڏھن ڪڏھن ته
راتين جو نصرپور شھر کان ڪنڊو وسي (موجوده ٽنڊوالھيار شھر)، تورڪي (موجوده قبرستان
ميئيون ونھيو چانھيو) ۽ تاجپور جي آس پاس به چڪر ھڻندا ھئا، جڏھن مدد خان پٺاڻ
پنھنجي لشڪر سميت سنڌ مان واپس افغانستان ھليو ويو تڏھن حامد علي مھيسر ۽ سندس ساٿي
مائٽن پھريان انھن افغانين کي ميرن ٽالپورن جي حوالي ڪرڻ ٿي چاھيو پر افغانين جون
دانھن ڪوڪن کي ڏسندي مٿن قياس اچي وين ۽ کين ان شرط ۽ واعدي تي واپس افغانستان اماڻيو
ته آئينده ڪڏھن به ڪنھن حملا آور سان سنڌ ڌرتي تي حملو ڪرڻ نه ايندا ۽ ڪڏھن به ڪنھن
انسان تي حملو يا قتل و غارت نه ڪندا ۽ نه ئي ڪٿي ڪا ڦُرلٽ ڪندا، اھڙي طرح حملا آور
افغاني پٺاڻن کي زري گھٽ اڌ مُئو ڪري پوءِ واپس افغانستان روانو ڪيو، حامد علي
مھيسر کي پوءِ به پوري زندگي سنڌ جو فڪر رھڻ لڳو ۽ پنھنجن مائٽن ڳوٺ واسين سميت پوري
علائقي جي نوجوان طبقي کي ان طرف ڌيان ڏياريو ۽ انھن کي سنڌ جي بقا ۽ سلامتيءَ
بابت متوجهه ڪندي پوريءَ چاھت ۽ شوق سان وطن پرستي دل ۾ پيدا ڪئي ۽ عام طور علائقي
واسي سندس رھنمائيءَ ۽ رھبريءَ ۾ پنھنجي پوري علائقي جي جانچ جونچ ڪرڻ لڳا ۽ ڪوشش ڪري
ٻين علائقن ۾ رھندڙ سنڌين کي به وطن پرستي جي سوچ ۽ ڪيفيت ارپي ۽ دلين ۾ سنڌ پرستي
جو اھڃاڻ پيدا ڪيو.
حامد علي مھيسر ۽ سندس
مائٽن عزيزن ڳوٺ واسين جو پوري علائقي ۾ نالو ٿي ويو ۽ علائقي واسي کين عزت ۽ قدر
جي نگاھ سان ڏسڻ لڳا، ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر کي تنھن وقت ۾ پنھنجي پوري علائقي ۾ وڌيڪ
مشھوري ملي، حامد علي مھيسر جي شاديءَ جي موقعي تي پوري علائقي واسين شرڪت ڪئي،
حامد علي مھيسر طبيعتن سادو ۽ مزاجن مسڪراھٽ ڀريو ۽ کِل ڀوڳ ڪندڙ هو ۽ عادتن عجز
انڪساري ڀريو ھو ۽ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سندس خاص سڃاڻپ رھي پر عمر جي وڏپڻي ۾ سنڌي پَڳَ
به سندس سر مٿي سجيل رھي ۽ ان ڪري ئي ”فقير حامد علي مھيسر“ طور مشھور ٿيو، فقير حامد
علي مھيسر کي قدرت طرفان چار پٽ عطا ٿيا، انھن مان سندس وڏو پٽ محمد ڇتن عرف ڇتو فقير
مھيسر تاجپور مان شادي ڪري ھميشه ھميشه لاءِ تاجپور ۾ رھائش اختيار ڪئي ۽ اڄ تاجپور
۾ سندس پونئير آباد آھن، فقير حامد علي مھيسر لڳ ڀڳ ارڙھين صديءَ جي ٻئي ڏھاڪي ۾
وفات ڪئي، پر اڄ به پنھنجن عزيزن ڳوٺ واسين جي دلين ۾ زنده و جاويد آھي.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا