; سنڌي شخصيتون: پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ

12 May, 2023

پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ

پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ

شاھه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر سان خصوصي ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: الطاف ابڙو



اتر سنڌ جي مادر علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين نعيم شاھ ۱۲ اگسٽ ۱۹۵۲ع ۾ حيدر آباد شهر ۾ حاجي سيد فقير محمد شاھ جي گهر ۾ اک کولي، سندس والد جو اباڻو ڳوٺ اڏيرو لعل هو. سيد گهراڻي سان تعلق هجڻ ڪري پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ پڙهائي ۾ سخت ڏکيائن کي منهن ڏٺو. سندس امڙ جي سهيليءَ حيدر آباد ۾ پرائيويٽ اسڪول کوليو ۽ سندس والدين کي سمجهايو جنهن بعد پرائمري اسڪول سيد باز محمد شاھ ۾ پڙهڻ جي اجازت ملي ۽ محمدي هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ۱۹۶۷ع ۾ ميٽرڪ جي تعليم فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي، پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ انٽر جي تعليم گورنمنٽ گرلس ڊگري ڪاليج حيدر آباد ۱۹۶۹ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ مڪمل ڪئي. بي اي آنرز جي تعليم ڪاليج سائيڊ ۾ جاري رکي ته سيڪنڊ ييئر ۾ بي اي آنرز جي تعليم يونيورسٽي ۾ شفٽ ٿيڻ بعد کيس يونيورسٽي ۾ تعليم پرائڻي پئي. سندس والدين جا ويجها عزيز پڙهائڻ کان منع ڪندا هئا، جنهن سبب هن پنهنجو پاڻ سان اهو وچن ڪيو، ته هاڻي مونکي ڪجھ بڻجي ڏيکارڻو آهي. هن ۱۹۷۲ع ۾ ايم اي اڪانامڪس فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي فرسٽ پوزيشن حاصل ٿيڻ تي يونيورسٽي پاران کين ميڊل سان نوازيو ويو.


۱۹۷۳ع ۾ پنهنجي تدريسي ڪيريئر جو آغاز گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج حيدر آباد ۾ ليڪچرر طور ڪيو. جتي پوڻا ٻه سال ڪاليج ۾ خدمت ڪئي سال ۱۹۷۶ ۾ اڪانامڪس شعبي ۾ ليڪچرار بڻي ڪيترا ئي سال شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهائڻ کان پوءِ ۱۹۹۰ ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اڪانامڪ شعبي ۾ ايم فل ڪيائين. ۲۰۰۲ ۽ ۲۰۰۳ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ۾ مڪمل ڪئي. عوامي آواز جي سنڊي مئگزين کي خاص انٽرويو ڏيندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ چيو ته، هي دور تمام ڏکيو دور هلي رهيو آهي، ۽ هن دور ۾ يونيورسٽي اندر تعليم پرائيندڙ شاگردن شاگردياڻين کي سوچڻ گهرجي ته سندن والدين مٿان ڪيترو اعتبار ۽ ڪيترو خرچ ڪري اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ موڪلي رهيا آهن. ملڪ جي مڙني يونيورسٽين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سمجهڻ گهرجي ته توهان جا والدين پنهنجي زندگي گذاري چڪا آهن هاڻي زندگي توهان کي گذارڻي آهي. مهنگائي غربت بيروزگار وارو دور هلي رهيو آهي. سخت محنت ڪيو پنهنجي تعليم کي مڪمل ڪيو ۽ پڙهائي کي وقت ڏيو. سوشل اڪائونٽس کي مختصر استعمال ڪري ڪتابن کي زندگي جو ساٿي بڻايو ۽ پنهنجي والدين جي خرچ کي سجايو ڪيو. موجوده دور ميرٽ ۽ قابليت جو هلي رهيو آهي سفارش وارو نظام ختم ٿي رهيو آهي شاگردن کي گهرجي ته پڙهائي دوران ڪنهن به سياسي سرگرمين ۾ شموليت اختيار نه ڪن ڇاڪاڻ ته شاگردن جي منزل صرف بهتر تعليم ماڻڻ ئي هوندي آهي. سياسي سماجي ۽ سنگت نڀائڻ واريون سرگرميون بعد ۾ به ٿي سگهن ٿيون. سندن شاگرديءَ واري دور ۾ ڇوڪرين ۽ خاص ڪري سيد گهراڻن جي ڇوڪرين لاءِ تعليم ماڻڻ ڪيترو ڏکيو هوندو هئو، ان جي اپٽار ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ چيو ته مان جنهن دور ۾ پڙهي آهيان ان ۾ مائٽن جو وڌيڪ اثر رسوخ هوندو هو منهنجي لاءِ اهو به هڪ معجزو آهي سنڌي سماج ۾ سادات گهراڻي جي نياڻين جي پڙهائي ۾ ڪافي ڏکيائون ۽ پابنديون هونديون آهن جيڪڏهن منهنجي ماءُ جي دوست (سهيلي) اسڪول نه کولي ها ته شايد مان ميٽرڪ به نه ڪري سگهان هان ۽ ڪاليج ۾ پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي منهنجي ٻي ماءُ جيان آهي ان سان گڏ مان ڪاليج ايندي ۽ ويندي هيس يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ به منهنجي مائٽن کان مونکي انهيءَ ئي اجازت وٺي ڏني هئي ته توهان جي ڇوڪري محنتي ۽ هوشيار آهي توهان انهيءَ کي بهتر تعليم پرائڻ جي اجازت ڏيو ۽ انهيءَ جو ساٿ ڏيو مان هوشيار هيس سائنس سبجيڪٽ ان ڪري مون نه کنيو هو جو ان ۾ ڇوڪرا گڏ پڙهندا هيا، ڪو ايجوڪيشن ۾ پڙهڻ جي اجازت هرگز نه هئي بي اي هانرز به ان ڪري مون ڪئي جو اها پهريان ڪاليج ۾ پڙهائي ويندي هئي ڪاليج جو ٻيو سال اچڻ کان پوءِ بي اي آنرز جي تعليم کي يونيورسٽي ۾ شفٽ ڪيو ويو. منهنجي زندگي ۾ مونکان وڌيڪ منهنجي والدين جون خواهشيون اوليت رهيون انهيءَ ڪري مان انهن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ به وس نه گهٽايو ۽ انهن جي هر خواهش پوري ڪئي بهتر استاد بڻجي شاگردن جي خدمت شروع ڪري ڏني. راندين سميت سوشل ڪمن کان پاسو ڪري صرف پڙهائي کي زندگي بڻائي ڇڏيو منهنجي ذهن ۾ صرف پوزيشن کڻڻ جي جستجو هوندي هئي ۽ مان پوزيشن ماڻيندي رهيس تڪليفن کان پوءِ ئي سکيا ڏينهن ايندا آهن، انسان هڪ سفر جو نالو آهي ۽ سفر هر انسان کي پاڻ اکيون ۽ ذهنن جا پڙدا کولي طئي ڪرڻو هوندو آهي.

پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ چيو ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ سنڌ يونيورسٽي کان به وڌيڪ غريب طبقي جا ٻار ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيا آهن. شاگردياڻين کي گهرجي ته هو صرف پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏين جيڪڏهن پنهنجي منزل کان ڪو به شاگرد ڀٽڪندو ته انهي جي زندگي خراب بڻجي ويندي. ۽ يونيورسٽي جي ڊگري حاصل ڪرڻ باوجود به روزگار لاءِ پريشان رهندا. منهنجي اولين ترجيح غريب خاندانن سان تعلق رکندڙ شاگردياڻيون ۽ شاگردن هوندا آهن.

پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ چيو ته شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ تقريبن ڊپارٽمينٽس کي انسٽيٽيوٽ جو درجو ملي چڪو آهي پهريان يونيورسٽي جي ڪجھ ڊپارٽمينٽس ۾ شاگردن داخلا فارم ئي جمع نه ڪرائيندا هئا ۽ هاڻي هر ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا لاءِ هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخلا ٽيسٽ ۾ ويهي رهيون آهن. پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي گهرجي ته هو استادن جي عزت ڪن ڇاڪاڻ ته استادن جي اهميت والدين جيان ئي هوندي آهي منهنجي محسن ماءُ جيتري حيثيت رکندڙ پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي هئي. جنهن منهنجي هن ڪاميابي جي سفر ۾ پنهنجو انوکو ڪردار ادا ڪيو. مان انهيءَ کي پنهنجي سموري زندگي پنهنجي ماءُ جيان ئي ياد رکندي آهيان. مونکي چڱي نموني ياد آهي ته ننڍي هوندي ڪنهن منهنجو هٿ ڏسي اهو چيو هو ته توهان جي هٿ ۾ پڙهائي جي لڪير ڪانهي! اها منهنجي ذهن تي ايڏي تاري ٿي جو مون چيو ته انهي لڪير جي تعبير کي غلط ثابت ڪندس ۽ پڙهي ڏيکاريندس. مان تمام شاگردن ۽ شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين کي آخر ۾ اهو ئي پيغام ڏيندس ته پنهنجي نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياريو ٻهراڙي ۾ ڪافي گهڻو ٽئلينٽ موجود آهي. هي قوم تمام اڳتي نڪري چڪي آهي هر فرد کي هن معاشري جي بهبود ۽ ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

يونيورسٽي ۾ سهولتن جي فراهمي بابت پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ ٻڌايو ته يونيورسٽي کي پيئڻ جي مٺي پاڻي جي سهولت مهيا آهي ۽ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي داخلا ۾ تيزي سان واڌ ٿي آهي. يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽ سهولتن جي دستيابي جي اپٽار ڪندي هن ٻڌايو ته خيرپور جي ناري تعلقي ۾ به پوائنٽ بس شاگردن کي کڻڻ ويندي آهي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر قائم ڪئي وئي آهي. ۳ سئو کان وڌيڪ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو. يونيورسٽي ۾ موجود حبيب بئنڪ جي بلڊنگ کي اپگريڊ ڪري شاندار بلڊنگ تعمير ڪرائي ملازمن کي سهولت ڏني. اسپورٽس ڪامپليڪس، ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ سميت ڪيترا ئي شعبا شاگردن لاءِ کوليا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر پروين شاھ چيو ته شاگردن کي تڪليفن ۽ انتظار کان بچائڻ لاءِ آن لائين سرٽيفڪيٽ وارو نظام وجود ۾ آندو آهي. انهيءَ کان علاوه چائنا سان کجين ۽ ناريل جي بيمارين کان آگاهي ۽ انهي جي بچاءَ جي لاءِ ايگريمينٽ ڪيا آهن، جن تي ڪم هلي رهيو آهي. يونيورسٽي جي پروفيسرز آفيسرز ۽ ملازمن کي ٻين سرڪاري يونيورسٽين جيان مستقل رهائشي سهولتنن جي همٿاءَ لاءِ پلاٽ الاٽ ڪيا ويا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا