پرم ابيچنداڻي
شخص ۽ شخصيت - سنڌي اڪادمي،
دهلي – سيمينار
پروفيسر هيرو شيوڪاڻي
سڊول، سهڻو چهرو موڪري پيشاني، انگريزن
جهڙيون ڀوريون اکيون، چمڪ ۽ ذهانت جتائيندڙ پورو پنو قد بت، لباس پوشاڪ ۾ سدائين
ٽپ ٽاپ، ڪنگ سائيز ولائيتي سگريٽن ۽ مهانگي اسڪاچ وهسڪي يا وائين جو شوقين، کاڌ
خوراڪ ۾ به پسنديده نان ويج يا اڪثر سٺين ڀاڄين جي چونڊ، ٽينٽيڊ گلاسن وارو چشمو، ڳالھ
ٻول، گفتگو ۾ ڌيمو پرچٽو سُتت پروفائيل منهنجي نهايت قريبي، ادبي دوست پرم ابيچنداڻيءَ
جو منهنجي ياد مان اڀري رهيو آهي!
ويهين صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ ڄاول
پرم تي اڄ جڏهن مان هن ايڪويهين صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ پنهنجي عمر جي به نائين ڏهاڪي
۾، هن جي شخص، ادبي ۽ فڪري شخصيت تي لکڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري رهيو آهيان ته ورهاڱي
بعد جي سنڌي ساهتيه ۽ سرگرمين جي ستر سالن جي تاريخ ۾ منهنجي پنهنجي شرڪت جي سٺ
سالن جي چائنٺ تي بيهي نهاريان ٿو ته، ڏسان ٿو اهڙين سڀني ادبي شخصيتن وارو ميدان لڳ
ڀڳ خالي آهي.
ويا مور مري، ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ هنجھ
لٺ جي سهاري هلي ۽ چلي ۽ ساھ کڻي رهيو آهي!
پرم ابيچنداڻيءَ سان منهنجي ڏيٺ
ويٺ گذريل صديءَ جي سترواري ڏهاڪي ۾ تڏهن ٿي، جڏهن ورهاڱي بعد جي پهرين ٻن پيڙهين
جي اول ورهاڱي جو ڌڪ ۽ درد سهائي ترقي پسند ليکڪن، پوءِ ٻين روماني يا پريوگ شيل پيڙهي
جي افساني نويسن ۽ شاعرن جي سنڌي ادب ۾ ولولي خيز تخليقيت بعد نئين ۽ ٽئين پيرهيءَ
جديد ادب، نئين ڪوتا، تجرباتي ناٽڪ ۽ برجستي تنقيد سان پنهنجي داخلا درج ڪرائي. هڪ
ئي وقت ڀارت جي مکيه سنڌي مرڪزن مان ڪيتريون ادبي مخزتون ۽ رسالا شايع ٿيڻ لڳا، انهن
۾ دهليءَ مان ئي گوپي آڏواڻي ۽ آنند کيماڻي جي سهڪار واري سالهت ڌارا، هريڪانت جي مخزن
“آکائي” ته پرم ابيچنداڻيءَ جا پنهنجي بل بوتي تي شروع ٿيل ٻه ادبي رسالا “ملاح” ۽
“رابيل” هنن جي نون فڪري معرڪن سان ڪهاڻيون، ڪوتائون ۽ تنقيدي مضمون شايع ڪرڻ لڳيون.
اهو هو دور هئو جو آزاد ڀارت جي سنڌي نوجوانن جي اها پيڙهي جيڪا قدري وڌيڪ تعليم
يافته، ورلڊ لٽريچر جي گهري ۽ وسيع اڀياسن، مگر ملڪي حالتن سبب ڪيترن ئي سماجي، سياسي
۽ مالي حالتن جو شڪار پيڙهي اهڙو سالهتيه سرجن ڪري ورهاڱي، جنهن اڳين ٻن پيڙهين جي
شاعرن، ليکڪن ۽ سمالوچڪن جو به من سرحايو.
پرم ابيچنداڻي ورهاڱي کان اول
ئي سنڌ ۾ رهندي بمبئي يونيورسٽيءَ مان انگريزي ساهتيه ۾ بي اي آنرس جي ڊگري حاصل
ڪئي هئي ۽ اتي شاگردن جي آزاديءَ واري هلچل ۾ به حصو ورتو هو. ليڪن پوءِ ڀارت ۾
اچي هن ديش جي راڄڌاڻيءَ ۾ ڪامرشيل آرٽ ائڊورٽائزنگ ۾ به ڊپلوما امتحان پاس ڪري، ديش
جي انفارميشن ۽ براڊڪاسٽنگ کاتي ۾ سٺي نوڪري حاصل ڪئي هئي. پترڪارتا ۽ ڪامرشل آرٽ
جي هن جي گهري ڄاڻ هن جي هتيه رچنا ۾ به پختگي ۽ گهرائي آندي، خاص طور اول ناول نويسي،
پوءِ ڪهاڻي، ادبي اصولن ۽ تخليقي فن تي مضمون نويسي ۽ عملي تنقيدي ليکن ۾ هن مهارت
حاصل ڪئي. مون سميت اسانجي جديد ادبي پيڙهيءَ جي نوجوان ليکڪن جون چٺائون ساهت ڌارا
۽ آگاڻي رسالن کان سواءِ پرم ابيچنداڻي جي ملاح ۽ رابيل رسالن ۾ چونڊجي شايع ٿيڻ
لڳيون.
جيتوڻيڪ مان پرم ابيچنداڻي جي
شخصي سمپري ۽ هن جي ويجهو رهڻ جو موقعو گهڻو پوءِ حاصل ڪري سگهيس، جڏهن اول هو ٻه
چار دفعا بمبئي ۽ الهاس نگر آيو يا اڃا به گهڻو پوءِ سندس حياتيءَ کي پوئين ڏهاڪي
جي شروع ۾ سنڌالاجي آديپور ۾ ليکڪن جي ڳوٺ ملير ۾ هڪ دستوري ساهتڪ ۽ کوجا تمڪ
پراجيڪٽ تحت “سنڌي ٻولي ساهتيه ڪوش” لکڻ لاءِ اچي ان جي گيسٽ هائوس ۾ لاڳيتو ٻه چار
مهينا رهيو هو (۹۶-۱۹۹۵ ۾) ان وقت مان به الهاس نگر جي ڪاليج مان رٽائر ڪري آديپور جي هڪ ڪاليجئيٽ
بورڊ جي سيڪريٽري طور مليل هڪ بنگلي ۾ اچي ٿانيسڪو ٿيو هوس. ان درميان هن سان ذري
گهٽ روز منهنجون ادبي ڪچهريون، گفتگو، وقتي ڀارتيه ۽ وشو ساهتيه جي صورتحال تي بحث
ڪرڻ ۽ ماڻڻ جو موقعو حاصل ڪري سگهيس.
ان کان اڳ به دهليءَ ۾ ان وقت کان
شروع ٿيل ساهتڪ سيمينارن، مرڪزي ساهتيه اڪادميءَ جي ڪن ميٽنگن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا اچڻ
ٿيو ته پرم ابيچنداڻي سان ڪن چند ڪلاڪن جو مکامليو يا ته آڪا شواڻي ڀون ۾ جتي هو براڊڪاسٽ
يا دور درشن ۾ ڪم ڪندو هو، جئن ته پرم دهليءَ جي روهڻي ايراضيءَ ۾ تمام پري رهندو
هو ته هن جي گهر وڃي پهچڻ يا نويڪلاڻيءَ ۾ هن سان ڪچهري يا ادبي روح رهاڻ ڪرڻ تمام
ڏکيو ته گهڻو قدر نئين دهلي اسٽيسن جي آس پاس ئي جتي مان ڪنهن وچولي در جي واري هوٽيل
۾ اچي رهندو هوس ته اڪاش وائي جي ڪئنٽين ۾، هڪ ٻه دفعو لجپت نگر ۾ آنند کيماڻي جي
پهرئين گهر يا وري يارن جي يار لڇمڻ ڪومل جي ڪشادي گهر ۾، جتي هو اڪثر ٻاهران آيل اديب
دوستن جون قرب سان گڏجاڻيون رکندو هو.
مون انهن ملاقاتن ۽ گڏجاڻين ۾
نوٽ ڪيو ته مند انوسار لباس يا پوشاڪ ۾ هميشه شاندار ڳالهائڻ ۾ فهميندو، چٽو، ادبي
بحث يا گفتگوءَ ۾ سدائين گهرو ۽ ويچار ۽ سوچ جي تھ تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي
فڪراڻي طبيعت سان احساس ڪرائيندڙ حالانڪ دهليءَ جي انهن گڏجاڻين ۾ اسان ٻاهران ايندڙن
ڏٺو هو ته ٻين سان ڇتا بحث ۽ ٽڪراءُ ٿيندا هئا يا وڙهي الڳ ٿيندا هئا، پر پرم اڪثر
منفرد شانت ۽ شانائتو رهندو هو مگر پنهنجي نقطئه نظر ۾ هميشه پنهنجو پاڻ سان ئي
جانبدار رهندو هو، هن جي ذاتي وهنوار ۾ دوستن سان قرب پنهنجائپ ۽ عزت سان پيش اچڻ
هو.
اڪثر هم خيال، ادب م ساڳئي
معيار ڏانهن مائل ادبي دوستن، ڪڏهن اسان سڀني کان عمر ۾ ڪجھ وڏو هئڻ ڪري، سٺيون
صلاحون به ڏيندو هو. مون سان ان سوري عرصي درميان هن جي خط و ڪتابت ان پنهنجائپ جو
ثبوت هو. پنهنجن وڏن ادبي خطن ۾ هو مونکي هيرل ڪري کي مخاطب ٿيندو هو، جنهن مان هن
جي پنهنجائپ به، ته بزرگي به جهلڪندي، مونکي وڻندي هئي. ادب جي ڪن مامرن ۾ اسان جا
هڪ ٻئي سان اختلاف به هئا ته لنوائيندا ڪو نه هو ته، اسهمتيءَ تي گفتگو تکي مٺي ٿيڻ
کان بچي ويندي هئي.
سنڌي اڪيڊمي دهليءَ جڏهن (شايد)
۱۹۹۴ ۾ برپاٿي ته ان طرفان ٿيندڙ خاص
ليڪچرن جي پروگرامن ۾ هو سنجيده قسم جا ادبي تاپڪ تجويز ڪندي، مونکي دعوت نامو ملي،
ان جي خاص تائيد ڪندو هو. سنڌي اڪيڊمي دهليءَ کانسواءِ به سي ايڇ ڊي يا ساهتيه اڪيڊمي
طرفان سيميناري ۾ هن جي محدود مگر اهم حصيداري مونکي متاثر ڪندي هئي. هو به ڌيري
ڌيري اسان جي انهن ادبي گڏجاڻين ۾ مونکي ڀانئڻ لڳو هو. ان وقت ادبي رشتي جي نوعيت
کي مون جهڙو خودار شخص به ڪو نالو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، پر پوءِ مونکي آخر ۾
آديپور وارن ٻن چئن مهينن جي لاڳيتي ويجهائيءَ ۾ ان رشتي جو نالو، هن جي منهنجي هڪ
وڏي ڀاءُ هڻڻ جو احساس، جيڪو منهنجي تعلق ۾ آيل ٻين ڪيترن ناميارن، مقبول، ليکڪن
مان سڀني سان برابري جي ليول تي ڪنهن به ٻئي ڪونه ڪرايو. پرم ابيچنداڻي ئي ڪرائي سگهيو.
اديپور جي انهن ٻن ٽن مهينن ۾ اسين
مان هريش واسواڻي ۽ پرم اڪثر شام جو ملير جي، هن جي گيسٽ هائوس ۾ سردي گهٽ هوندي هئي
ته ٻاهر اڱڻ جي پوئين حصي ۾ پيالا کڻي ويهندا هئاسين. گجرات ۾ پابندي هئڻ جي باوجود،
ڪوشش ڪري اتي ڪاليجيئيٽ بورڊ جي مانواري سيڪريٽري هئڻ جي حيثيت ۾ ڪنهن نه ڪنهن
رسوخ واري وٽان اوچو شراب مڙيئي ميسر ڪري سگهندو هوس. لاشڪ ان وقت ادبي درجن جي
گهٽ وڌائي، ليکڪن جي درميان مخواھ رهندڙ سڀاويڪ اهم ڀاو (Ego)
جي هوندي به هريش واسواڻيءَ مون پرم ابيچنداڻي جي برتريءَ
واري دوستيءَ کي اندر ئي اندر قبول ڪري ورتو.
ان جو هڪ مثال ڏيان ته، جيتوڻيڪ
ڪاليجيئٽ بورڊ طرفان مونکي منهنجي پريوار لاءِ ڪشادو، وڏيءَ لان وارو بنگلو مليل
هو، جتي به پرمُ موڪلن وارن ڏينهن ۾ صبح جو اچي مونسان چانهن ناشتو ڪندو هو. پر مان
به ملير ۾ ئي ليکڪن جي ڳوٺ ۾ پنهنجو بنگلو خريد ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو هوس. خواهش
هئي ته اتي رهندڙ اديب دوستن، ستيش روهڙا، لکهي ڪلاڻي، پروفيسر وريائي، جي ڀر ۾ اچي
رهان، هريش واسواڻي ۽ آنند کيماڻيءَ جا اڳيئي اتي گهر ورتل هئا. هريش البت آڌيپور
واري پنهنجي گهر ۾ اندرا واسواڻي سان سالن ڪان رهندو آيو هو، پر شام جو هڪ ٻه ڪلاڪ
پنڌ ڪري پنهنجي بنگلي ۾ اچي اڪيلو ئي اڀياس ۽ خيالن جي ڏونهين دُکائيندو هو. ملير
۾ جيڪي اڃا خالي گهر هئا اهي ٻاهر رستي تي کلندا هئا، جن مان هڪڙي کي هنن گيسٽ
هائوس ڪري پئي ڪم آندو ۽ پرم ابيچنداڻيءَ کي ان ۾ رهائش، کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري
ڏنو هئائون. پرم سان جڏهن پنهنجي گهر خريد ڪرڻ جي ڳالھ ڪيم هن مونکي صلاح ڏني ته
ٻاهر روڊ تي مهڙ وارو گهر نه وٺ، توکي ته ڪٽنب ساڻ وٺي هتي رهڻو آهي. اندر ئي اوڀر
اولھ، ٻنهي طرف کليل بنگلو نمبر ۲۵ خالي
آهي، ان جو اونر ڪمل نهالاڻي (جيڪو هن وقت رٽائر ٿيڻ بعد سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر مقرر
ڪيو ويو آهي) وڪڻڻ لاءِ تيار آهي ۽ تون ڪجھ وڌيڪ رقم آڇي اهو ئي خريد ڪر! مونکي هن
جي صلاح خوب وڻي ۽ سنڌالاجي جي ڪاروبارين جي سهمتيءَ سان اهو ئي خريد ڪيم، پر مون
جڏهن ان ۾ دستوري طرح اچي پريوار وسايو، تيستائين پرم ابيچنداڻي پنهنجي ريسرچ پراجيڪٽ
پورو ڪري واپس دهليءَ وڃي چڪو هو، پر ان گهر ۾ پوءِ ساند اٺ سال رهندي، مونکي پرم
جي صلاح مڃڻ تي دل ئي دل ۾ هن کي مبارڪون ڏيڻ جو خيال آيو ۽ کيس اهڙو خط به لکيم.
البت ان ريسرچ پراجيڪٽ جو پوءِ
ڪهڙو حشر ٿيو، ان کي هتي ياد ڪندي پرم ابيچنداڻي جي ادبي شخصيت جو هڪ نرالو پهلو
پڌرو ٿي پيو.
ڳالھ هيئن هئي ته پرم ان کان اڳ
مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ جي هڪ وڏي، اهم ۽ کوجناتمڪ پراجيڪٽ تحت انسائيڪلوپيڊيا آف
انڊين لٽريچر تيار ڪرڻ ۾ اول اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ پوءِ لاڳيتا اٺ سال ان جو ايڊيٽر رهي،
پنجن ڇهن وڏن ڀاڳن ۾ سنڌيءَ سميت ۲۵ پار
ٿي ٻولين جي ساهيته جو راهووشو ڪوش تيار ڪري، ان جي شايع ٿيڻ تائين وڏو يادگار ادبي،
تاريخي پراجيڪٽ ڪرڻ جي ڪريڊٽ پائي چڪو هو. سنڌي ساهتيه جون داخلائون به سڀ هن ئي
لکيون هيون. اڄ تائين انهي انسائيڪلوپيڊيا جا چڱائي ايڊيشن ساهتيه اڪادميءَ وقت بوقت
اب ڊيٽ ڪري ڇپايا آهن، ان جو معيار انسائڪلوپيڊيا برٽانڪا جيتري اهميت رکي ٿو، پر
جيئن ته سڀاويڪ اهو وشوڪوش انگريزي ڀاشا ۾ هو ته هن تي اسانجي ڪن دوستن جو رايو بيٺو
ته انهيءَ طرز ۽ معيار تي سنڌي ڀاشا ۽ ساهيته ڪوش تيار ڪرڻ لاءِ سنڌي ادب لاءِ ڪم
ڪندڙ مرڪزي سرڪار جي اختيار هيٺ سينٽرل هندي ڊائريڪٽوريٽ (C. H. D) کي اهو ڪم کڻي ڇپائڻ جي فارمل
رٿا ڏني ويئي ۽ هڪدم قبول به ٿي. ان لاءِ گهربل مالي امداد به بحال ٿي. ظاهر آهي
ته دهليءَ ۾ رهندي پرم ابيچنداڻيءَ ئي ان لاءِ پنهنجي وسيع آزمودي بدولت وڏو ڪم ڪيو،
پر سرڪاري نيم انوسار ان جو ڪم هڪ شخص جي حوالي ڪرڻ بجاءِ ڪنهن سنسٿا جي حوالي ڪرڻ
جو معاملو آيو ته، داخلائون لکڻ رٿا تيار ڪرڻ جي ذميواري ته پرم کي ئي ملي ۽ هن جي
صلاح ۽ سفارش سان اهو پراجيڪٽ ان وقت آديپور ۾ دستوي طرح رجسٽر ٿيل انڊين انسٽيٽيوٽ
آف سنڌالاجي جي نالي بحال ٿيو ۽ پرم به بهتر سمجهيو ته سنڌالاجي وٽ گيسٽ هائوس، ليکڪن
جو ڳوٺ ملير به تيار آهي ۽ آدپور جي شانت واتاورڻ ۾ تحقيق جو اهو ڪم بهتر نموني
ڪري سگهبو. سنڌالاجيءَ جي بانيڪارن به بحال ٿيل فنڊ جي مد نظر پرم جي رهائش، کاڌي
پيتي ۽ طئه ٿيل آنو ريم جي رقم هن کي ڏيڻ جي دستوري لکپڙھ کي قبول ڪيو.
پرم ابيچنداڻيءَ سال ۱۹۹۵ جي وچ ڌاري اچي اهو ڪم شروع ڪيو. مان به ان عرصي درميان آديپور اچي رهيو
هوس. مان هن جي انهي رهائش، هن جي ان سنجيده ريسرچ ڪم جو چشم ديد گواھ آهيان.
جئن اول ئي چٽو اشارو ڪيو اٿم ته
پرم ابيچنداڻي پنهنجي شخصي حياتي ۽ روزمره جي ضرورتن ۾ هڪ شاهاڻي ٺاٺ باٺ وارو، کاڌي
پيتي جو شوقين شخص هو ته، ڏٺم پاڻ سان ڪافي سامان، ڪپڙا لٽا، سوٽ بوٽ، ڪتاب، ريفرنس
بوڪ وغيره جي ڀاري ڀرڪم سامان سان اچي وارد ٿيو، جڳاياسا منجهان چيومانس؛ يار پرم تون
اڪيلو، هتي وڌ ۾ وڌ ٻه چار مهينا رهندين، پوءِ هي هيڏو سارو مال سامان؟ پنهنجي
چهري تي اها ئي يادگار مرڪ آڻي چيائين؛ “يار اسان شان مان ۽ فرحت سان رهڻ وارا آهيون.
”
مون مٿي انهي ساهتيه ڪوش
جي پراجيڪت جو ذڪر ڪندي هڪڙو اشارو
ڪيو آهي، ان تي هاڻي وڌيڪ روشني وجهڻ سان هنن سڀني وستار ۾ ذيل تفصيلن سان مان ڀانيان
ٿو ته اسين هن جي ادبي شخصيت کي وڌيڪ سمجهي سگهنداسين. ٻن چئن مهينن ۾ هن جڏهن اهو
پراجيڪت لکي پورو ڪيو ته ان جي پريس ڪاپي جيڪا چئن سئو کن صفحن ۾ هئي، مونکي ڏيکاري
هئائين، ان وچم سنڌالاجيءَ جي مکيه بانيڪارن ۽ پرم جي وچم ڪجھ اهڙو ٿيو جو پرم مونکي
چيو ته يار لڳي ٿو ته هي مونکي منهنجي لوازمي جي رقم جيڪا لڳ ڀڳ منو لک کن آهي، ڏيڻ
کان نٽائي رهيا آهن. مون ان جو ذڪر سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ستيش روهڙا سان ڪيو. هو سبتي
مون سان بهتر ڪيميسٽريءَ ۾ هو ۽ ذهني طور اسان ٻئي کلي دل سان ادب ۽ ٻين وشين تي گفتگو
ڪندا هئاسين، ته هن مونکي چيو “شيوڪاڻي، لکمي کلاڻيءَ کي ان ساهتيه ڪوش ۾ پاڻ بابت
پرم جي لکيل انٽري، هن جي راءِ موجب ٺيڪ ناهي، هن جي ساهتيه دين سان بقول لکمي
پورو انصاف نٿي ڪري، ان ڪري سنڌالاجيءَ طرفان ان کي قبولڻ ۽ وري شايع ڪرائڻ تي ٻنهي
ڌرين ۾ متڀيد ٿي پيا آهن”. ڪجھ ان قسم جو معاملو هو، ان ردوبدل ۾ پرم جي دهلي روانو
ٿيڻ ۾ ڪجھ وڌيڪ وقت پئي لڳو.
مون ۽ هريش، پرم سان ان بابت ڳالهائيندي
اهو چٽو رايو ڏنو ته جئن ته اهو سمورو تحقيقي ڪم تنهنجو ڪيل آهي ۽ توکي لڳي ٿو ته
هو طئه ٿيل لوازمو توکي ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن ته تون اصلو ڪو دستخط هنن کان واپس
وٺي هليو وڃ، ته پرم چيو ادا منهنجي رٽائرمينٽ بعد منهنجي ۽ منهنجي ڪٽنب جي گذران
جو وسيلو گهڻي قدر ساهيته اڪيڊمي جي وشوڪوش لکڻ کان شروع ٿيو، هن اسڪيم جي بحاليءَ
۾ منهنجو ئي وڏو هٿ آهي. مان ايڏي رقم ڇڏي نٿو سگهان.
۽ پوءِ اسان ٻڌو ته پرم سنڌي
ساهيته ڪوش جي اها مينيو اسڪرپٽ سنڌالاجيءَ وارن کي سپردڪري عيوض ۾ اجوري جي رقم
ڇڏائي، جلد سڀ سامان سڙو کڻائي روانو ٿي ويو. اها شايد ۱۹۹۵ جي سال جي آخرت هئي ۽ افسوس آهي ته اهو اهم تاريخي ۽ تحقيقي ادبي ڪتاب اڃا
تائين شايع نه ٿيو آهي. سنڌالاجي وارن ان جي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي ڇڏيو، اهو منهنجو
تاثر جئن جو تيئن اڄ به ملول من سان منهنجي ذهن تي ظاري آهي. . . !
پرم ابيچنداڻيءَ جي شخصيت ۽ ادبي
حاصلاتن تي سنڌي اڪيڊمي دهليءَ طرفان مونکي پيپر لکڻ لاءِ آڇ ٿي، تڏهن اها هڪدم
قبول ته ڪيم، پر لاچاري ڏيکاريم ته مان پاڻ ته اچي سگهڻ ۾ هاڻي وڏي عمر ۽ صحت جي گهٽ
وڌائي ڪري مجبور آهيان، تڏهن اول اڪيڊمي جي سيڪريٽري شريمتي سنڌو ڀاڳيا مشرا ۽ ٻه ڏينهن
پوءِ ان جي وائيس چيئرپرسن مئدم موهني هڱورائيءَ فون تي چيو ته اوهان پيپر لکو، اسين
اهو ڪنهن به ريت توهان کان ماڻهو موڪلي گهرائي وٺنداسين ۽ سيمينار ۾ پڙهنداسين. ان
ڳالھ منهنجو حوصلو به وڌايو ته پرم ابيچنداڻي سان پنهنجي لڳ ڀڳ اڌ صديءَ جي ادبي
ياري، هن جي ڀرپور ۽ گهڻ پاسائين ادبي شاهاڻي شخصيت تي سوچيندي آديپور وارو اهو
واقعو، جيڪو منهنجي من جي اندرين تهن ۾ گم ٿي ويو هو، اڀري آيو مون هڪدم نامديو تاراچنداڻيءَ
کي فون ڪيو جنهن ٻڌايم ته مرڪزي ساهيته اڪيڊميءَ جي هڪ معتبر “اسڪيم ڀارتيه ساهيته
ڪي نرماتا” هيٺ هنديءَ ۾ هن تي مونوگراف لکيو آهي.
ياد رهي ته ساهيته اڪيڊمي سالن
کان ڀارتيه ساهتيه جي تسليم ٿيل ٻولين ۾ اهڙا ڪيئي يادگار ڪم ڪندي آهي. گذاري ويل برک
ساهيتڪارن تي هر ٻولي مان ان اسڪيم موجب ٻين سڀني ٻولين جي ليکڪن ۽ پاٺڪن جي ڄاڻ لاءِ
يا ته انگريزيءَ ۾ يا هنديءَ ۾ هڪ مقرر رٿا تي اهڙا مونوگراف، ڪنهن مڃيل ۽ وابسته ليکڪ
کان لکائيندي آهي. مون اول نامديو کي چيو ته مونکي ترت ان جي ڪاپي موڪل ۽ اهو به پڇيو
مانس ته ان ساهيته ڪوشن جي ماجرا بابت هن کي ڄاڻ آهي ته مونکي سنتوش ٿيو، جڏهن هن مونکي
ٻڌايو ته مان به اڪثر آديپور ايندو رهندو هوس ته مونکي خبر آهي.
مون جڏهن هن سان اهو به ذڪر ڪيو
ته ان سنڌي ڀاشا ۽ ساهتيه جي ڪوش لکجڻ وقت مان به اتي موجود هوس ان مختصر وارتا به
ٻڌايمانس ته هن چيو ته، برابر سنڌالاجيءَ ڪنهن سبب ڪري اهو ڪتاب ڪونه ڇپايو، مونوگراف
لکڻ وقت ذاتي ويجهي تعلق ڪري صاحب بجاڻيءَ رڳو اهو ٻڌايو ته ان جون فقط پنج ڪاپيون
پرنٽ ڪرائي، سي ايڇ ڊي يا اين سي پي ايس ايل کان بحال ٿيل رقم جي وصوليءَ لاءِ دستور
نڀايو ويو. هن کي ان مان هڪ ڪاپي ملي آهي ته منهنجي اڻ ٽ تهائين وڌي، چيومانس ته ممڪن
هجي ته مونکي ان جي زيراڪس ڪاپي موڪل ته، هن چيو هن وقت جيئن سئو صفحن جي انهي پرنٽ
جي زيراڪس ته ممڪن نه آهي، پر هن قرب ڪري ان جو اندريون ڪور پيج، پرنٽنگ جي تفصيلن
وارو صفحو ۽ پبلشر طور ڊائريڪٽر ستيش روهڙا جو ڳڻ ڳوت ڪري لکيل هڪ ئي صفحو ۽ ها
مونتي لکيل هن جي داخلا جا صفحا زيراڪس ڪري موڪليا.
مان پنهنجي ويجهي دوست، لڳ ڀڳن
هم خيال ۽ اهم دوست نامديو تارا چنداڻي جو ٿورائيتو آهيان. هنديءَ ۾ لکيل نامديو
جي پرم ابيچنداڻيءَ تي مونوگراف “پرم جي مرتيو” ۲۰۰۵ کان يارنهن سال پوءِ ۲۰۱۶ ۾ تازو شايع ٿيو آهي، ان جي سئو کن پيجز جي مقرر ٿيل سيما ۾.
نامديو تاراچنداڻي هونئن به گهڻو
وقت هن جي ويجهو نه رهيو، تنهن نه رڳو وڏي جاکوڙ ڪري حيات ليکڪن ۽ دوستن سان لھ
وچڙ ۾ اچي وري نئين سوهن جا سڀ ڪتاب هٿڪي پڙهي تمام سهڻو هندي پاشا۾ پرم جي جيون ۽
ساهيته تي هڪڙو معياري سما چناتمڪ مونوگراف لکيو آهي، جنهن لاءِ هن کي هر طرح داد
ٿو ڏيان.
سنڌيءَ جي گذاري ويل اهڙن مکيه
اديبن شاعرن ئي انگريزيءَ يا هنديءَ ۾ ساهتيه اڪيڊميءَ جا اهڙا مونوگراف جيڪي مان پڙهي
سگهيو آهيان، منهنجي پختي راءِ ۾ هيءُ مونوگراف رڳو دستور نڀائڻ لاءِ لکيل نه آهي،
مگر اهڙو معياري مونوگراف مون نه پڙهيو آهي. نامديو خود هندي جو پروفيسر ۽ عمدو نثر
نويس شاعر ۽ سمالوچڪ مڃيو وڃي ٿو، تنهن پرم جي شخص ۽ ساهتيڪار سان پنهنجي اظهار ۽
مواد ۾ خوب انصاف ڪيو آهي ۽ هن مذڪور ساهتيه ڪوش کي پرم جي ادبي سرمائي واري فهرست
۾ شامل ته اوس ڪيو آهي، البت ان سان جڙيل انهيءَ ڪانٽرو ورسيءَ کان مونوگراف جي مريا
دا ۾ رهندي پاسو ڪيو آهي.
مونکي پوري نه آهي ته پرم
ابيچنداڻي جي انهي “سنڌي پاشا ساهيته ڪوش، جهڙي ان موضوع تي شايد منفرد ڪتاب جي نه
پڇڻ پٺيان ڪهڙا دشمنيءَ بغض يا ڪي قانوني سبب آهن، ليڪن ان جو پبلش نه ٿيڻ، نه رڳو
جيستائين هو جيئرو هو، وڏو ڌوڪو ۽ بي انصافي هئي، بلڪ سنڌي ساهتيه جي سنجيده پاٺڪن،
ليکڪن ۽ اڀياسين سان به وڏي بي انصافي آهي، منهنجي اها گذارش آهي ته اڄ جڏهن سنڌي اڪيڊمي
دهليءَ، هن جي دهانت کان ٻارنهن تيرنهن سال پوءِ ئي سهي، هي سيمينار ڪري، خاص ان
ڪري به ته پرم ورهاڱي بعد دهليءَ ۾ سموري حياتي گذاري ۽ سنڌي ٻولي ۽ ساهتيه لاءِ
پنهنجي سموري حياتي ۽ تجربو ارپڻ ڪيو، (مٿي پيش ٿيندڙ ٻين به اهڙن پيپرن مان اسانجا
ليکڪ هن جي شخصيت جي الڳ الڳ پهلوئن تي روشني وجهندا) ته ڪئن به ان ڪتاب جو دستخط
هٿ ڪري اهو ڪوش چپرائي، ان کي اڻ وسرندڙ ٽربيوٽ ڏيندي. مونکي پڪ آهي ته سنڌي
اڪيڊمي دهليءَ اهڙا معياري ڪتاب اڳم به ڇپايا آهن، خاص طور سرحد جي آرپار سنڌي ڪويتا
يا ڪهاڻيءَ تي به اهڙو ڪتاب شايع ڪري رهي آهي.
پنهنجي هن مقالي جي آخر ۾ مليل
موضوع موجب هن جي شخص ۽ شخصيت تي تبصرو ڪندي مان ٿوري ۾ هن جي ساهتيڪ دين تي به ڳالهائڻ
ٿو چاهيان. پرم ابيچنداڻي شاعريءَ کي ڇڏي ساهتيه جي ٻين سڀين ضفن ۾ لکيو آهي. اوائلي
ٻن ناولن “جهرڻا” ۽ هڪ ڄر ٻه حڀون کان پوءِ جديد سنڌي ناول نويسيءَ ۾ هن جا ٻه
ناول “اٺين به ۽ “ڪا ياپلٽ” وڏي اهميت رکن ٿا. ڪهاڻيءَ ۾ به هن جي تخليقي ڏات جرڪي
ٿي. پر مان ڀانيان ٿو ته سنڌي ساهتيه ۾ هن جي سڀ کان وڏي حاصلات اصولي ۽ عملي ادبي
تنقيد بابت مضمونن ۾ هن جي بي مثل مهارت ۽ موضوعن جي حاصلات الڳ تري بيٺي آهي. ٽن
ڀاڳن ۾ ادب جي فڪري رجحانن سان واڳيل ذهني سوچ وارا فلاسافيڪل ليکڪ “ست ساز” ۾ آهن
ته عملي تنقيد ۾ هن جو ڪتاب “تڪ تور” به گهڻي وقت تائين ياد رهندو. ان تي هن کي
ساهتيه اڪادمي جو پُرسڪار به مليو. جيڪو دراصل هن کي گهڻو اڳ ملڻ کپندو هو. ان کان
سواءِ هن جيڪو سڀ کان وڌيڪ يادگار ڪم ڪيو اهو هن جي دانشوراڻي شخصيت ۽ تحقيق جو مثال
آهي، مرڪزي اڪيڊمي واري شاهي “انسائيڪليوپيڊيا آف انڊين لٽريچر”.
هڪ بي مثل ترجمان انگريزي ۽ سنڌي
زبان تي برجستي ماهر طور هن جي ترجمن جي حاصلات آهن ساهتيه اڪيڊمي جي انگريزي ۽
هنديءَ ۾ شايع ٿيندڙ ٻماهي رسالن. انڊين لٽريچر خواھ “سمڪالين ڀارتيه ساهتيه” ۾ وقت
به وقت اسان جون چڱيون سنڌي رچنائون، انگريزي ۽ هندي ۾ انواد ڪري آنديون بلڪ انهن
ٻنهي رسالن جا الڳ الڳ سنڌي ساهتيه تي رٿيل خاص انڪ شايع ڪرايا، جن مان ڀارت جي
ٻين پاشائن جي ساهتيڪارن ۽ پاٺڪن کي اسان جي ساهتيه جي معيار ۽ ڪلاتمڪ بلنديءَ جي ڄاڻ
ملي.
نامديو تاراچنداڻي جي مونوگراف
۽ آنند کيماڻي جيڪو دهليءَ ۾ هن جو وڌ ۾ وڌ ويجهو دوست هو. ان جي آتم ڪٿا مان اهڙي
صاف تصوير اڀري ٿي ته پرم ابيچنداڻي نه رڳو شڪل شبيھ شخصي جيون ۾ هڪ شاها هو شخص
هو بلڪ هو وڏو خوددار مفڪر به هو، سرڪار جي وڏي ڊپارٽمينٽ انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن
۾ چڱي عهدي تي آيو هو. پر خودداريءَ ڪري سندس پرموشن کي به روڪيو ويو. رٽائرمينٽ بعد
جئن مون به مٿي اشارو ڪيو آهي، هن جي دٻدٻي واري زندگي ڀارت سرڪاري کي ڪلچرل و ڀاڳ
طرفان ڪجھ عرصو ملندڙ کوجنالاءِ فيلوشپ پوءِ، وشوڪوش وارو لوازمو يا ٻيا ڪي اهڙا اهم
پراجيڪٽ حاصل ڪري، هو پنهنجن ئي شرطن تي زندگي جيئندي ۹ ڊسمبر ۲۰۰۵ع ۾ دهليءَ جي راجيوگانڌي ڪئنسر
هاسپيٽل ۾ صبح جو پوڻين نائين بجي گذاري ويو.
آنند کيماڻي جي ڪتاب “اسهمتي جي اگني ڪنڊ” ۸۴-۸۵ نمبر صفحي تي پرم جي انهي آخرين ڏينهن جي سمرتين جو دل ڀڄائيندڙ چتر چيٽل آهي، جيڪو پوءِ نامديو به پنهنجي مونوگراف جي ۱۳ باب ۾ هڪ اڌ پيج ۾ هنديءَ ۾ انواد ڪيو آهي ۽ مان پنهنجو ڪنڌ نواني ويهي هي ليک پورو ٿو ڪريان.
پرم ابيچنداڻي
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
پرم ابيچنداڻي سنڌي ادب جو وڏي
مرتبي وارو ليکڪ، نقاد، ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ مترجم ٿي گذريو آهي. سندس جنم ۱۴ جولاءِ ۱۹۱۶ع ۾ خيرپور سنڌ ۾ ٿيو. هن
شروعاتي تعليم ڀريا ۽ گهوٽڪيءَ ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ تعليم
ورتائين. ممبئي ڪاليج مان منطق (Logic) ۾ بي اي (آنرس) ڪرڻ کان پوءِ آرٽ ۽ ايڊورٽائيزمينٽ ۾ ڌار ڌار ڊپلوما
ڪيائين. ۴۶- ۱۹۴۵ع ڌاري سنڌ ۾ رهائش دوران، ۲۰ سالن
جي عمر ۾ ’هندو سنسار‘ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. ۴۷-۱۹۴۶ع ۾ روزاني انگريزي اخبار
”آبزرور“ ڪراچيءَ جو اسٽاف رپورٽر رهيو. ورهاڱي کان پوءِ دهليءَ ۾ وڃي رهيو. دهلي
ريڊيو ۽ دور درشن (ٽي. وي) لاءِ ”گيتن ڀريا فيچر ۽ ڪهاڻيون“ لکي نالو ڪڍيائين.
پرم ابيچنداڻي، گهڻ-رخو اديب (Versatile Writer) ۽ صحافي هو. ۱۹۶۴ع کان ۱۹۷۷ع تائين ماهوار ”رابيل“ ۽ ۷۷-۱۹۷۶ع دوران ماهوار ”ملاح“ رسالن جو
ايڊيٽر ٿي رهيو. ٻئي رسالا ان وقت سنڌي ادب جا معياري ۽ مثالي رسالا ٿي نڪتا. سنڌي
اڪيڊمي دهليءَ جي رسالي ”سنڌو جوت“ جو به ڪجهه سال ايڊيٽر رهيو. رٽائر ڪرڻ کان
پوءِ هن سينٽرل ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ پاران تيار ٿيندڙ ”انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين
لٽريچر“ (۶ جلد) ۽ ”انسائيڪلوپيڊيا ۲۰۰۱ع“ جي ”Language Editor“ (ٻولي- ايڊيٽر) طور ڪم ڪيو. ”انسائيڪلوپيڊيا آف انڊين لٽريچر“ جو
۱۹۸۶ع کان ۱۹۹۴ع تائِين پهرين اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ بعد ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو.
پرم ابيچنداڻيءَ ۱۹۸۳ع ۾ انگريزي مئگزين ”The Sindhu“ به ڪڍي، ٻماهي انگريزي مئگزين ”Indian
Literature“ جي آڪٽوبر ۱۹۹۸ع واري پرچي لاءِ هن ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ادب“ عنوان هيٺ هڪ مقالو تيار ڪيو،
جنهن ۾ سنڌي شاعريءَ، ڪهاڻيءَ، ناول، آتم ڪٿا بابت اختصار سان ذڪر موجود آهي. انهيءَ
ئي رسالي ۾ ’سب ايڊيٽر‘ طور ڪيترا سال ڪم ڪيائين پرم ابيچنداڻيءَ جا ۳۰۰ جي لڳ ڀڳ سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾، فلسفي، ادب، آرٽ، موسيقيءَ ۽ ڪتابي تجزين
بابت مقالا ۽ ليک، سنڌي ۽ انگريزيءَ جي معياري رسالن ۾ ڇپيل آهن. هن ڪيتريون ئي سنڌي
ڪهاڻيون انگريزيءَ ۾ ۽ انگريزيءَ مان ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون.
پرم هڪ ڪهاڻيڪار طور گهڻي شهرت
ماڻي، پر ناول ۽ تنقيد نگاريءَ ۾ به پاڻ ملهايو. ڏهن سالن تائين آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين.
ان کانسواءِ ڪيترن ائڊورٽائيزنگ ايجنسين لاءِ به ڪم ڪيائين. هن انڊين انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجيءَکي، آديپور جي ملير ڳوٺڙي (اديبن جي ڪالوني) ۾ رهي، ڇهن مهينن اندر ”سنڌي
انسائيڪلوپيڊيا“ تيار
ڪري ڏني. پرم ابيچنداڻي،هڪ ڳنڀير
۽ ڏيک ويک کان ڀڄندڙ مانائتو اديب ۽ نقاد رهيو آهي. سندس ادبي پورهئي ۾ هيٺيان ڪتاب
شامل آهن:
(۱) جهرڻا (طويل ناول: ۱۹۶۲ع)، (۲) هڪ ڄر، ٻه ڄڀيون (ناول: ۱۹۶۴ع)، (۳) ست سار (مضمون: ۱۹۷۸ع)، (۴) ائين ئي (ناول: ۱۹۸۸ع)، (۵) ڀَو- اڀوَ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۱ع)، (۶) تڪ تور (تنقيـد: ۱۹۹۴ع)، (۷) ڪايا پلٽ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۴)، (۸ پيٽ تي گرڀ (ڪهاڻيون: ۱۹۹۸ع)، (۹) Narayan
Shyam' (نارائڻ شيام بابت انگريزيءَ ۾ اڀياس: ۲۰۰۱ع)، (۱۰) نظر ۽ نظريو (تنقيد: ۲۰۰۵ع). پرم ابيچنداڻيءَ جي تنقيدي ڪتاب ”تڪ تور“ کي سينٽرل ساهتيه اڪيڊمي
دهلـيءَ (۲۰۰۰ع ۾) ملينيم اوارڊ ڏنو. سندس ڪتاب
”Narayan Shyam“پڻ سـاهتيه
اڪيڊميءَ پاران ڇپايو ويو آهي. هن بيباڪ نقـاد ۽ اديـب، ڪئنسر جي موذي مرض سبب
راجيو گانڌي اسپتال دهليءَ ۾ ۹ آگسٽ ۲۰۰۵ع تي لاڏاڻو ڪيو.
No comments:
راءِ ڏيندا