; سنڌي شخصيتون: باري منگي

01 May, 2023

باري منگي

باري منگي

وڇڙيا ڪين ورن. .

نصير سومرو



جديد سنڌ ادب جي اوسر ۾ جيتوڻيڪ ڊجيٽل ميڊيا جو ڪردار برق رفتار وارو ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن تي پنهنجو اثر ڇڏي ٿو. پر تڏهن به پرنٽ ميڊيا جي اهميت کان انڪاري ٿيڻ ممڪن ڪونهي.


سنڌي ٻوليءَ جا ٽيليويزن، ايف ايم ريڊيو جي نشريات لاڳيتو ڏينهن رات جاري رهي ٿي. سوشل ميڊيا خاص طرح سان فيس بوڪ تي جيترو مواد اپلوڊ ٿئي ٿو، اهو آڊيو، وڊيو ۽ تصويري شڪل ۾ راءِ جوڙڻ ۾ ڪلچرل فورس جو درجو رکي ٿو. هونئن سنڌي ادبي سنگت جون رپورٽون اخبارن ۽ پيرياڊيڪلس ۽ ڇپجڻ سان جهڙوڪ هڪ معتبر يعني اعتبار جوڳو حوالو/ اقتباس بڻجي ويندو هو. سنگت ڪراچي شاخ جون رپروٽون پڻ ڇپجنديون هيون جيڪي هاڻي جي نظر آيون به ته وڌ ۾ وڌ فيس بوڪ تي.

ٽن چئن سالن جي وڇوٽي کانپوءِ شاخ جون چونڊون ٿين ٿيون ۽ پندرهن وار گڏجاڻيون ٿين ٿيون. هن وقت اظهر ڀانڀڻ، ناميارو شاعر سيڪريٽري طور ذميواري نڀائي پيو. کانئس پهريون باري منگي سيڪريٽري هو هن جي هوندي قومي عجائب گهر جي احاطي ۾ ٺهيل ڪيفي سنڌ ۾ گڏجاڻيون ٿيون پئي ڪيفي ڊهي پٽ ٿي ويو ته گڏجاڻيون آرٽس ڪائونسل جي ڪيفي گل رنگ جي اڱڻ تي ٿيڻ شروع ٿيون.

باري جي صحت خراب رهڻ ڪري کيس دل جي آپريشن ڪرائڻي پئجي وئي شايد نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿي چڪو هو. پر سماجي رابطن ۽ ميڙاڪن جي زينت بڻجڻ کان پري هو البت دوستن ذريعي حال احوال ملندو رهندو هو. خبر ته هئي ان هوندي. فيس بوڪ تي پوسٽ ڪا نه رکي وئي ته هو ڪو شديد بيمار آهي. ڇنڇر جي ڏينهن، آڪٽوبر ۲۰۲۲ ع ۱۴ هين تاريخ تي اطلاع مليو ته باري لاڏاڻو ڪري ويو. کيس شڪارپور ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويو.

موت ته مهڻو ڪونهي، جو جنهن به جنم ورتو آهي. دير سوير دنيا ڇڏي ويندو. ڪير امالڪ گاڏي، يا جهاز جي حادثي ۾ وڇڙي وڃي ٿو ڪير اسپتال جي بستر تي آخري هڏڪي ڏئي ٿو. اها ڪل ڪانهي ته ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي روانگي ٿئي، پر ماڻهوءَ جو پنهنجن مٽن ماٽن جي موجودگيءَ ۾ انتقال ٿئي ٿو ۽ ٻه گز زمين جا جنم ڀومي ۾ نصيب ٿا ته ان سان سڃاڻپ برقرار رهي ٿي سڃاڻپ ماڻهوءَ جو چهرو آهي. جنم وٺڻ کانپوءِ نالو، ولديت، تعليم، ڌنڌو/نوڪري ۽ پور وڇوٽ شوق وچان تحرير ۽ تقرير يا ڪنهن ٻئي تخليقي ۽ فني پورهئي ۾ پاڻ ملهائڻ جينيس هئڻ جو ثبوت ڏيڻ آهي.

باري منگي يونيورسٽي جي ڏينهن کان کاٻي ڌر جي شاگرد سياست سان سلهاڙيل رهيو. شهيد قيوم منگيءَ جو ڀاءُ هو. هو گهڻ پڙهيو سياسي ڪارڪن، شاعر، ڪهاڻيڪار هو، پر ڪتابي شڪل ۾ نه!جيترو ڪچهرين، تقريرن ۾ اظهاريائين، لکت ۾ نه ڏئي سگهيو. ڪيترا وري سٺو لکندا آهن پر ڳالهائي نه سگهندا آهن بهر طور باري منگي پنهنجي ٽهيءَ ۾ ترقي پسند لٽريچر جو صاحب راءِ ليکڪ ۽ سنگت جو سيڪريٽري رهيو. يقين نٿو اچي ته هو وڇڙي ويو آهي. اڃا ته کيس سنڌ ۾ انقلاب ڏسڻو هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


باري منگي

علمي ۽ ادبي شخصيت جو وڇوڙو

ذلفي چاچڙ

سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچيءَ جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ ھفتيوار گڏجاڻي، جا خميس واري ڏينھن تي ٿيندي ھئي/آھي، ۾ پھريون ڀيرو آئون نوجوان صحافي ۽ اينڪر پرسن اسد ممتاز رڏ سان گڏجي ويس، مان ڀانيان ٿو ته ان وقت شاخ جو سيڪريٽري باري منگي ھو، ڇو ته ھن دستوري گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي ٿي ھلائي، جتي مونکي سنڌ جي وڏن ۽ ناليوارن اديبن سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ سندن صحبت نصيب ٿي، جن ۾ تاج بلوچ، اڪبر لغاري، مختيار ابڙو، ڊاڪٽر شير مھراڻي، غوث پيرزادو، پير عبيد راشدي، چندر ڪيسواڻي، اظھر ٻانڀڻ، مظفر ميمڻ ۽ ٻيا ليکاري شامل آھن. باري منگي پھرين ئي ملاقات ۾ منھنجو دوست بڻجي ويو ۽ ھو مون ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، جنھن جو ھڪ ڪارڻ اھو به ٿي سگھي ٿو ته منھنجو تعلق ادبي حوالي سان بنھ پوئتي پيل ۽ قبيلائي شھر ڪشمور سان ھو/ آھي، جتي تنھن وقت سنڌي ادبي سنگت جي ڪا شاخ به قائم ٿيل نه ھئي، جنھن جو نه رڳو باري منگي پر تاج بلوچ به اڪثر اظھار ۽ افسوس ڪندو رھندو ھو، جيتوڻيڪ ڪشمور ۾ ھاڻ ھڪ شاخ قائم ته ڪئي وئي آھي، جنھن کي اٽڪل ٽي سال کن گذري چڪا آھن، پر ان عرصي دوران اتي ڪا به باقاعده دستوري گڏجاڻي ڪوٺائي ناھي وئي ۽ حيرت جي ڳالهه اھا به آھي ته مرڪز پاران ان غيرسرگرم شاخ کي پڪو الحاق پڻ ڏنو ويو آھي. عام طور تي دستوري گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙ سنگت جا نمبر صرف رجسٽرڊ ۾ لکيا ويندا آھن، پر باري منھنجو ڪانٽيڪٽ نمبر پنھنجي موبائل ۾ ذاتي دوستن واري فھرست ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو ھو، جيڪو مونکي نه رڳو دستوري گڏجاڻين پر ڪراچي ۾ ٿيندڙ ھر ادبي پروگرا توڙي موسيقي جي محفل بابت پڻ اطلاع ڏيندو رھندو ھو، پوءِ چاھي اھو جبيس ھوٽل ۾ ٿيندو ھجي يا بينچ لگزري ۾، آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ يا نيشنل ميوزم ۾ رٿيل ھجي، ھا، ھو نه رڳو پروگرامن بابت مونکي آگاه ڪندو ھو، پر شريڪ ٿيڻ لاءِ به زور ڀريندو ھو، ھن مونکي ادبي ميدان ۾ اڳتي وک وڌائڻ لاءِ زبردست ھمٿايو ۽ حوصلا افزائي ڪئي، شروع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ آئون پنھنجا شعر تنقيد لاءِ پيش ڪندو رھيس پر ھڪ ڀيري جڏھن مون نثر ۾ لکيل پنھنجو ھڪ ليک پڙھيو ته ان بابت باري صاحب پنھنجي مختصر ۽ اڌوري راءِ ڏني، مون ايئن سمجھيو ته منھنجي لکڻي شايد فڪري ۽ فني لحاظ کان ڪمزور آھي، جنھن سبب اھا کيس نه وڻي ھوندي تڏھن ئي ھن ان تي کليل ۽ ڀرپور نموني ڳالھائڻ مناسب نه سمجھيو ھوندو، پر جڏھن گڏجاڻي پنھنجي پڄاڻي تي پھتي ۽ سنگت ڇڙوڇڙ ٿي وئي ته منگي صاحب اڪيلائپ ۾ مونکي مشورو ڏيندي چيو ته ذلفي! يار تون بس رڳو نثر ۾ ئي لکندو ڪر ۽ پنھنجو سڄو ڌيان ان طرف ئي ڏي، تون ناڪام شاعر ۽ ڪامياب نثر نويس آھين، ھن منھنجي مطالعي لاءِ ڪجھ ڪتاب به تجويز ڪيا، جن مان ڪجھ مون ڳولا ڪري ھٿ ڪيا ته ڪجھ ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود نه ھجڻ سبب مونکي ملي نه سگھيا، پر مان سندس صلاح تي عمل ڪندي ان تي اڄ ڏينھن تائين عمل پيرا آھيان. باري منگي گھڻ پڙھيو، ترقي پسند ۽ روشن خيال ليکڪ/ شخص ھو، آئون ھتي اڄ ان ڳالھ جو پڻ اعتراف ڪريان ٿو ته سندس صحبت ۾ اچڻ کان اڳ آئون ڪجھ رجعت پسندانه خيالن جو حامي ھئس، اھا منھنجي خوشقسمتي چئجي جو آئون جيترو باريءَ جي ويجھو ٿيندو ٿي ويس، ايترو ئي انھن خطرناڪ خيالن کان پري ٿي ويس. عبدالباري منگي سنگت کي متحرڪ، متحد ۽ سرگرم رکڻ لاءِ قابل تعريف ڪوشش ڪئي، جڏھن سنڌي ادبي سنگت سنڌ ورھائجي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ٿي وئي ھئي، تڏھن به ڪراچي شاخ ڪنھن ڀڃ ڊاه جو شڪار نه ٿي، توڙي جو ان ۾ ٻنھي ڌڙن جا حامي اديب ھئا، ھڪ ڀيري ڪچھري ڪندي مون ساڻس شڪسته مزاري جو ذڪر ڪيو، جنھن جي نانءُ کان ھو اڳ ۾ ئي واقف ھو، ۽ پوءِ جڏھن به باريءَ سان ملڻ ٿيندو ھو ته ھو مون کان شڪسته مزاري بابت ضرور پڇندو ھو، اڪثر ننڍا ماڻھون خود کي وڏو ماڻھو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، پر عبدالباري منگي وڏو ماڻھو ھوندي به خود کي ننڍو ماڻھو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو ھو، ۽ سندس اھو عمل ئي وڏ ماڻھپي جو وڏو ۽ اھم اھڃاڻ ھو. باري منگي اڪثر مون سان فون تي ڳالھائيندو رھندو ھو، ۽ سڀ کان پھريان اھو سوال ڪندو ھو ته ذلفي پيارا! ڪٿي ڪراچي يا ڳوٺ؟ ڪڏھن ڪڏھن اتفاق سان آئون ڳوٺ ۾ ھوندو ھئس ته ظاھر آھي آئون کيس ڳوٺ ۾ ئي ھجڻ جو ٻڌائيندو ھئس ته يڪدم چوندو ھو، بابا ڳوٺ ڇڏي شھرن ۾ اچو، ته آئون جواب ۾ کيس چوندو ھئس ته بابا ھڪ جوءِ ٻيو جوءَ ڇڏن ڪين جوان! ته ھڪ ھلڪو ٽھڪ ڏئي پنھنجي مقصد جي ڳالهه ڪندو ھو، مونکي چٽيءَ طرح سن ياد ته ناھي، غالبن ۲۰۱۸ع جو سال ھو، شامڙيءَ جو منھنجي موبائل سيٽ جي رنگ ٽون وڄڻ لڳي ۽ اسڪرين تي باري منگي ڪالنگ جا انگلش وارا اکر نمودار ٿيا، مون ڪال رسيوَ ڪئي ته ھن چيو ذلفي! سڀاڻي ثقافت کاتي جي آفيس صدر ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪراچي جي اليڪشن ٿي رھي آھي، جنھن ۾ اوھان جو ووٽ به آھي، مون اوھان جي ساليانه فيس به ادا ڪري ڇڏي آھي، اوھان بس منھنجي پينل جي اميدوار مظفر ميمڻ کي ووٽ ڏجو، جنھن تي مون کيس چيو ته فيس ادا ڪرڻ لاءِ قرب پر ووٽ آئون پنھنجي ضمير جي فيصلي مطابق تاج بلوچ پينل جي اميدوار ڊاڪٽر شير مھراڻي کي ڏيندس، چيائين چڱو ڀلا جنھن کي وڻئي ووٽ ڏجانءِ پر ووٽنگ واري عمل ۾ حصو لازمي وٺندا، اھا الڳ ڳالهه آھي ته ان اليڪشن ۾ باري منگي جو ئي پينل سوڀارو ٿيو ھو. باري منگي خميس واري ڏھاڙي شام جو آفيس مان موڪل ڪري گھر وڃڻ جي بدران آرٽس ڪائونسل ايندو ھو، جتي ويھي سنگت جي اچڻ جو انتظار ڪندو ھو، ۽ آئون به ويجھو رھندو ھئس، ان لاءِ جلدي پھچي ويندو ھئس، انتظار وارو وقت اسان پاڻ ۾ ڪچھري ڪندي گذاري ڇڏيندا ھئاسين، باري منگي سان منھنجون ڪيئي يادون سلھاڙيل آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن ھو پنھنجي زندگي ۾ پيش آيل واقعا ۽ دلچسپ ڳالھيون پڻ ٻڌائيندو ھو، ھڪ ڀيري ٻڌايو ھيائين ته آفيس کان واپس ورندي رستي ۾ بيٺل ھڪ ڪٻاڙ واري جي ريڙھي تي نظر پئي، جنھن تي ڪجھ ڪتاب پيل ھا، مون پنھنجي ڀاءُ کي گاڏي سائيڊ تي بيھارڻ جو چيو، جيڪو ڪار ڊرائيونگ ڪري رھيو ھو، گاڏيءَ مان لھي وڃي ڏٺم ته ريڙھي تي منھنجو ئي ڪتاب جون ڏهه کن ڪاپيون پيون ھيون. آرٽس ڪائونسل ۾ تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ سبب سنگت جو ٿاڪ نيشنل ميوزم ۾ منتقل ٿي ويو ۽ ڪجھ وقت بعد ڪووڊ سبب لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو، جنھن سبب ڪيترائي مھينا سموريون سرگرميون معطل ٿي ويون ۽ ان دوران باري جي طبيعت پڻ ناساز رھڻ لڳي ۽ ھو گھر تائين محدود ٿي ويو، ادبي سرگرمين کان باري جو پرڀرو ٿي وڃڻ کان پوءِ مون سميت ڪيترن ئي ميمبرن سان ڪير به رابطو ڪري گڏجاڻين توڙي اليڪشن بابت اطلاع ڏيڻ جي زحمت ئي گواره ڪانه ڪئي. منھنجو جڏھن پھريون ڪتاب ”سنڌ ڏسندي رھي“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ته آئون کيس ڪتاب ڏيڻ لاءِ ساڻس رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رھيس، ڇو ته ھو دل جي تڪليف سبب سنگت سان رابطي ۾ رھڻ جھڙو نه رھيو ھو، آئون کيس ڪتاب ڏيڻ ۽ سندس عيادت ڪرڻ لاءِ ان جي گھر وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر منھنجي سنڀرندي سنڀرندي ھو اسان سڀن کان تمام گھڻو پري نڪري ويو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۸ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



باري منگي

هڪ ديش ڀڳت مارڪسي اديب

رکيل مورائي

هو پڪ سان ۱۷ آڪٽوبر انقلاب کان اڳ نه ڄائو هئو، پر اسان کي ساڻس ملي سدائين ائين محسوس ٿيندو هئو ته آڪٽوبر انقلاب ڄڻ گذريل سال ئي آيو آهي، جيتوڻيڪ ان انقلاب اڌ دنيا تي پنهنجا زوردار اثر ڇڏيا، وچ ۾ ڪيئي پورهيت انقلاب آيا. ڪي پائيدار رهيا ڪن پنهنجي چهرن ڏيکارڻ کان پوءِ ڪڏهن به پنهنجو عمل نه ڏيکاريو، گذريل ويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ ميڪائيل گوريا چوف انقلاب جي قبضي هيٺ آيل چوڏهن ملڪن کي هڪ به ماڻهو مرڻ کان سواءِ آزادي ڏني. هڪ طرف کيس آمريڪا جو گهڻ گهريو ڪوٺيو ويو ته ٻئي طرف کيس امن جو نوبل انعام ڏنو ويو. سچ ڇا ۽ ڪوڙ ڇا؟

ايترين تبديلين جي اچڻ باوجود جيڪڏهن ڪنهن شخص ۾ نظرياتي يا ويچار جي تبديلي نه آئي ته اهو اسان جو دوست باري منگي هئو، جيڪو آخر تائين ديش ڀڳت ته رهيو ئي پر پڪو ڪميونسٽ به رهيو، ساڳئي وقت انقلاب جي باني ڪامريڊ لينن کان پوءِ جيڪڏهن هو اهميت ڏيندو هئو ته اهو فقط ڪامريڊاسٽالن هُئو! جنهن جي باري ۾ هو ڪنهن به قسم جو دليل ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئو. باري منگي اسان جو اهڙو دوست هئو جنهن جي دوستيءَ تي اکيون پوري اعتبار ڪري سگهبو هئو.

يارن جو يار باري منگي سنڌ جي پئرس سڏيو ويندڙ شهر شڪارپور جي هڪ اهڙي خاندان ۾ جنم ورتو جنهن خاندان ديش ڀڳت به پيدا ڪيا، مارڪسٽ به پيدا ڪيا، مائوسٽ به پيدا ڪيا ته سوشلسٽ به! انهن جي وچ ۾ ڪنهن به انگ هيٺ باري منگيءَ جو نالو ڳڻائي سگهبو. هو شهيد قيوم منگيءَ جو ننڍو ڀاءُ هئو، جيڪو هڪ ئي وقت ڪهاڻيڪار به شاعر به، مضمون نگار به، سياسي ڪارڪن به، هڪ دل گهريو دوست به ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍڻ وارو پڻ!

باري منگي ڪراچي سنڌي ادبي سنگت شاخ جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سيڪريٽري رهيو جيڪو هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪنهن به موضوع تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳاتار ڳالهائي سگهڻ وارو هئو، شرط فقط اهو ته کيس روڪڻ وارو ڪوئي به نه هوندو. ذڪر هيٺ آيل موضوع سان ٻين جي سهمتيءَ جو هو ڪڏهن به محتاج نه رهيو، چاهيندو هُئو ته سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ هو هڪ ئي ڳالهائيندڙ، ٻڌندڙ هڪ به نه هجڻ جي هن کي پرواهه نه هئي.

باري منگي پنهنجي ڳالهايل سان ڪنهن به اَسهمتيءَ جا جواب نهايت ڌيرج سان ڏيڻ وارو هڪ پڙهيو ڳڙهيو شخص پر سندس پڙهڻ ۽ ويچارڻ جو دائرو مارڪسي نقطه نگاهه کان ان کان ٻاهر لکندڙ ڪو به اديب، ادب جي عظمت کان ٻاهر هوندو هئو. پوءِ ڀل اهو لارنس هجي، البرٽ ڪاميو هجي يا ڪافڪا هجي، جيڪو ليکڪ مارڪسي فلاسافيءَ کي نه قبوليندڙ هوندو اهو اديبن جي لسٽ مان ٻاهر هوندو.

باري منگي پنهنجي سچ سان آخر تائين جڙيو رهيو ۽ ڪا به ڪامپرومائيز ڪا نه ڪيائين. سنگت جي گڏجاڻين ۾ توڙي انهن کان ٻاهر دوستن جي وچ ۾ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو، ڀوڳن چرچن ڪرڻ وارو اهڙو زندهه دل شخص هئو جنهن کي هن حياتيءَ ۾ وسارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. تعلق جي ٽيهارو کن سالن کان وڌيڪ عرصي ۾ هو ڪڏهن ڪاوڙ يا غصي جي ويجهو نه ويو سواءِ ان وقت جي جيڪو وقت ڪامريڊ اسٽالن تي تنقيدي ڳالهايو ويندو هجي.

سنڌي ادبي سنگت کي مانائتو ڪرڻ ۾ توڙي سنڌي ڪتابن کي خريد ڪرڻ جي حوالي ۾ هن ڪڏهن به نهه نهڪر جو عُذر نه ڏنو. انساني سڀاءَ ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن جيڪي باريءَ جي مزاج جو پڻ حصو هُئا پر هن ڪڏهن به ڪنهن دوست کي رنجايو هجي اهڙي گواهي شايد ئي ڪو دوست ڏئي سگهي.

پاسٽر ناڪ جي ناول ڊاڪٽر زواگو جي بيحد تعريف ڪندڙ باري منگي ادب ۾ ڪڏهن به غير نظرياتي تخليقي ادب کي اهميت نه ڏيڻ وارو اياز جو مداح، ڪڏهن ڪڏهن دوستن وچ ۾ جهونگاريندو به هئو، اڪثر اياز صاحب جو هيءُ غزل سندس واتان ٻڌبو هئو ته:

ميلي ۾ تون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو،

هٿ ۾ گجرا، اک ۾ ڳوڙها، ڪنهن کي ڳولين ٿو.

ان وقت اڪثر سندس اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي ايندون هيون، جيتوڻيڪ سندس شادي ڀيڻ عاليه سالار سان عشق جي شادي هئي ۽ سندس اهو عشق آخر تائين سلامت رهيو. جيڪو سلامت رهي نه سگهيو، اهو باري منگي هُئو. هو آخري ڏينهن ۾ دل جي شڪايت ڪندو هُئو جنهن جو هن شايد به باءِ پاس ڪرايو هئو پر دل ساڻس ساٿ نه ڏنو ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن سڀ ساٿ ڇڏي وڃڻا آهن! پويان فقط يادون ئي رهجي وڃڻيون آهن!

ڏک ان ڳالهه جو رهجي وڃي ٿو ته سنڌ بابت سوچيندڙ ۽ ان جو ڀلو چاهيندڙ ويچارڪ گهٽجي رهيا آهن جن مان هڪ باري منگي به هُئو. جيڪو اڄ نه رهيو آهي پر سندس هلت چلت ڀوڳ چرچا، ڪچهريون، بحث ۽ ڪامريڊ اسٽالن جي گهربل توڻي اڻ گهربل تعريف اسان کان ڪڏهن نه وسري سگهندي جيستائين اسين جيئرا آهيون، هڪ ڪمي اها ضرور رهجي وڃڻي آهي ته باري جيترو لکي سگهيو ۽ جيترو ڳالهائي سگهيو ايترو ڪتابي شڪل ۾ محفوظ نه ٿي سگهيو، شايد ان پاسي سندس ويچار نه ويو يا ان سڀ کي هن غير ضروري سمجهيو ڇا چئجي؟

وڃڻو ته هر ڪنهن کي آهي، ڪيڏانهن اِهو ڪو به نٿو ڄاڻي. ازل ۽ ابد جي وچ ۾ انسان کي هلڻو رهڻو آهي ڪنهن به صورت ۾ عمرين جو ڪاٿو ڪنهن ڪيو آهي؟ باري منگي به نه!

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا