; سنڌي شخصيتون: قادر بخش سومرو

06 May, 2023

قادر بخش سومرو

قادر بخش سومرو

دادا سنڌي



انسان رهاڪو پکي آهي. چوڳي لاءِ چار ڏينهن آيو آهي. ان داڻو کٽو ته هليو اڳتي. هي دنيا مانجهاندي جو ماڳ آهي. ڪو هميشه لاءِ هت رهڻو ڪونهي. دنيا مسافر خانو آهي. اڄ هڪ مسافر آيو ته صبحاڻي ٻيو. ڀٽ ڌڻي انساني حياتي کي جر تي ڦوٽو سڏي دنيا جي بي ثابتي کي ڪهڙي نه سهڻي نموني سمجهايو آهي.


جڏهن انسان فاني آهي. سندس وجود بي بقا آهي. موت پنهنجي مٿان بيٺو آهي ته پوءِ هن دنيا سان لنئون لائڻ ڪيڏي نه ناداني آهي. انسان کي هت موڪليو ويو آهي ته پاڻ جهڙن لکين ۽ ڪروڙين ڀائرن جي خدمت ڪري، بکين کي کارائي، يتيمن جي سار لهي، بي اجهن کي سهارو ڏي، غريبن جي خدمت ڪري، پاڻ لاءِ نه ٻِين لاءِ جيئي. پنهنجي نفس جو غلام نه ٿئي. پر بندن جو بندو بنجي. ذاتي مفاد کي اجتماعي مفاد تي قربان ڪري. پاڻ سڙي ٻين لاءِ سهارو بڻجي ته پوءِ لکين پتنگا ان تان قربان ٿيندا. هن فاني جهان ۾ اهڙا ڪيترائي الله جا ٻانها ملندا جيڪي جيئرو به ٻين لاءِ رهن ٿا ۽ ڪمائين به الله جي مخلوق لاءِ ٿا. اهڙن نيڪ ٻانهن مان منهنجو سڳو ڀاءُ قادر بخش به هڪ هو.

هو ۲۲ اپريل ۱۹۴۰ع تي دادلغاري ڳوٺ تعلقو ميرپور ماٿيلو ضلع سکر (تنهن وقت) ۾ پيدا ٿيا. پاڻ ۱۹۵۴ع ۾ اليمينٽري ڊرائنگ جو امتحان پاس ڪيائون ۽ ساڳئي سال پي ايس ايل سي جو امتحان ڏنائون ۽ ۱۹۵۸ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائون. پاڻ ۱۱ آگسٽ ۱۹۶۱ع ۾ اسٽنٽ انگلش ٽيچر ٿيا ۽ ٻٻرلو ۾ پوسٽنگ ٿين. اتان پوءِ وري اٻاوڙو آيا ۽ نومبر ۱۹۶۳ع ۾ انٽر آرٽس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون ۽ آگسٽ ۱۹۶۶ع ۾ پاڻ بي اي پاس ڪيائون ۽ آڪٽوبر ۱۹۷۰ع ۾ بي ايڊ سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائون. ۲۲ نومبر ۱۹۷۴ع ۾ کيس سي اي ٽي جو اسڪيل مليو.

هن کي الله تعالى هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ئي ننڍڙن ابهم ۽ مسڪين ٻارڙن لاءِ ڪيو هو. هوئنن به سندس چاچو هڪ بهترين استاد هيو. جنهن جي صحبت ۾ رهي هو به استاد ٿيڻ جو ارادو دل ۾ سانڍي پڙهندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن هو قسمت سانگي ايريگيشن ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ نوٽن جا مٿس انبوهه هيا تڏهن به هن انهي فضل ربي جي بارش کان پاڻ کي بچائي رکيو. هن کي شروع کان سنڌ جي عوام جي اتساهه جو جذبو هيو. هو پاڻ کي اڪيلو حوس جو بندو نه سمجهندو هو. هن کي الله تعالى ساهه ۽ محنت ڏيئي هن جڳ ۾ موڪليو ته هو پنهنجي قوم جي خدمت ڪري پر وسائل محدود هئڻ ڪري هن اسڪولي لائين ورتي. ايريگيشن جي نوڪري ڇڏي تعليم کاتي ۾ آيو ۽ سنڌ جي اٻوجهه ۽ اڻ پڙهيل ٻارن کي الف ب سيکارڻ لڳو. شروع ۾ کيس ٻٻرلوءِ مڊل اسڪول ۾رکيو ويو. پوءِ هوريان هوريان پنهنجي تعليم به وڌائڻ لڳو ۽ اڪانامڪس ۾ ايم اي کان پوءِ بي ايڊ ڪيائين.

اسڪول ۾ استاد جي حيثيت ۾ هو هڪ مثالي ۽ بهترين استاد ٿي رهيو. پڙهائڻ جو کيس اعلى پائي جو ڏانءُ ۽ طريقو هو. سنڌ جو مشهور اديب ۽ شاعر مشتاق مهر چوندو آهي ته استاد ڪڏهن به ڪتاب هٿ ۾ کڻي نه پڙهايو ۽ جڏهن پڙهائڻ بيهندو هو. ته ائين سمجهيو ته هو هڪ بحر بي ڪران اٿلي پيو آهي ۽ علم ۽ عرفان جا گوهر نڇاور ڪندو هو. سندس مطالعي جي وسعت، معلومات جو دائرو ۽ ٻولي تي عبور سندس ڳالهائڻ مان ظاهر هوندو هو. کيس سنڌي ٻولي سان گڏ انگريزي تي به سٺي دسترس هيس. سنڌي زبان سان ته کيس عشق هيو پر اسان کي انگريزي سکڻ ۽ پڙهڻ جي ڏاڍي هدايت ڪندو هو. سايئن غلام مصطفى شاهه جي هڪ هدايت ” پڙهو ۽ پڙهايو“ جو عملي نمونو هو. هر وقت مطالعي ۾ مشغول رهندو هو. ۸ کان پڙهڻ ويٺو ته رات جا ۲ وڃي ويندا هئا. اورچ وري اهڙو جو وچ ۾ وقفو به نه ڪندو. پڙهائڻ بيٺو ته خبر نه پوندي به ته ڪو پيرڊ گذري ويو. ايڏو پنهنجي ڌرتي سان شوق ۽ عشق هوس. يادگيري ۽ حافظو ايڏو جو صرف چئبو ته ادا فلاڻي موضوع تي ڪو مضمون يا ڪتاب ٻڌايو ته جهٽ چوندو هو ته فلاڻو ڪتاب فلاڻي مضمون، فلاڻي صفحي ۽ فلاڻي ڪٻٽ جي فلاڻي خاني ۾ پيو اٿئو.

پنهنجي ڳوٺ جي مڊل اسڪول جي هيڊماستر جي حيثيت ۾ جيڪا خدمت ڪيائون ۽ ٻارن جي تعليم ڪردار ۽ اخلاق جي بلندي ۽ پختگي تي زور ڏنائون نه صرف اسڪول پر ڳوٺ جي فلاح، تعمير ۽ ترقي ۽ بهتري لاءِ ڪوشان رهيا. اسان جو ڳوٺ بنيادي طرح ٻهراڙي جي زمري ۾ اچي ٿو. پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ واحد شخص هئا. جيڪي ان وقت اڪانامڪس ۾ ايم اي هئا. ڪوشش ڪري ليڪچرار ٿي پئي سگهيا پر چوندا هئا ته مان رجعت پسند نه آهيان. مان ڳوٺ کي پراڻي جاگيرداري ۽ وڏيراشاهي واري نظام ۾ جڪڙيل ڏسڻ پسند نٿو ڪيان. جي مان پنهنجي اتي مفاد ۽ اعلى عهدي کي نظر ۾ رکي هليو وڃان ته ڳوٺاڻي اڻ پڙهيل ۽ اٻوجهه عوام جي تعليم ڏانهن ڪير ڌيان ڏيندو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ مڊل اسڪول جا هيڊماستر ٿي رهيا ته اهڙي ته محنت ۽ اوچائي سان اسڪول هلايائون جو هي ادارو سکر ضلعي جي اعلى ادارن مان هڪ لکجڻ لڳو. جيڪو به آفيسر آيو انهي هن اداري کي پسند ڪيو. سندس ادبي علمي ۽ وسعت ۽ بصيرت افروز گفتگو جو ابن حيات پنهور به قائل هو.

 ادب سان شوق کيس ننڊي لاڪون هئس. سندس چاچو اخبا الوحيد گهرائيندو هو. جنهن جي مسلسل مطالعي هيٺ منجهس ادبي شعور ۽ مطالعي جو لاڙو پئدا ڪيو. پنهنجي گهر ۾ ڪتابن جو انبار ڪري ڏنائين. حالانڪ آمدني محدود هئس. پر شاگردي واري دور ۾ جيڪا به کيس خرچي ملندي هئي ڪتابن تي صرف ڪندو هو. اهڙي طرح پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائبريري به قائم ڪيائين. جنهن اڳتي هلي مون کي ادبي دنيا ۾ آندو.

پاڻ هر وقت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي تلقين ڪندو هو. هڪ دفعي پاڻ سکر کان آيا، مان ميرپور ۾ هجان عيد جو موقعو هجي. مان خوش هجان ته ادا منهنجي لاءِ بوٽ آڻيندا پر پاڻ گل ڦل جو عيد نمبر وٺي آيا ۽ سچ ڪري پڇو ته مون کي بوٽن ۽ ڪپڙن کان به وڌيڪ اهو تحفو وڻيو. پاڻ جڏهن به سکر کان ايندا هئا ته منهنجي لاءِ ڪو نه ڪو تحفو آڻيندا هئا. جڏهن منهنجا مضمون ڇپبا هئا ته ڏاڍو خوش ٿيندو هو ۽ چوندو هيو ته اڄ منهنجو خواب پورو ٿيو آهي. هن مون کي دنيا جي هر خفتان مثال طور زمين جي سنڀال، برادري جي جهيڙن ۽ ڳوٺ جي مسئلن کان پري رکي. هڪ سانتيڪو ماحول مهيا ڪري ڏنو، جتي مان هر مسئلي کان پري رهي، پنهنجي قلم کي استعمال ڪندو رهيس.

پاڻ ادب براءِ زندگي جا قائل هئا. ادب کي زندگي جي عڪاسي ۽ ترجماني سمجهندا هئا. ان ڪري هميشه صحتمند ۽ تعميري ادب کي پسند ڪندا هئا. ادب ۾ جنسيت، بي راهه روي ۽ اگهاڙپ کي ڌڪاريندا هئا. سهڻي ۾ پسي ڳاڙها گل ڪهاڻي ڇپي. مان ڪهاڻي جي خلاف هجان ته ان ۾ جنسيت آهي. اگهاڙپ آهي. پر ان جو پس منظر اهڙي نموني وضاحت سان ڪيائون جو مون کي ڪهاڻي جي افاديت ۽ تعميري پهلو سمجهه ۾ اچي ويو.

هو هڪ بهترين شاعر به هو. ۱۹۶۱ع ۾ جڏهن اٻاوڙي ۾ سنڌي ادبي سنگت وجود ۾ آئي تڏهن هو ان جو سرگرم ڪارڪن ٿيو ۽ ان جي هفتيوار طرحي مشاعري جو باقاعدي طرح شرڪت ڪندو هو. سندس ڪجهه شعر هت ڏيان ٿو.

ٻڌو هئم تنهنجي ديد نجي شفا آهي

پوءِ ڇو منهنجي لاءِ زهر قاتل سراسر آهي

ڄمون جي پنن ۾، ڪهڙي نه سهڻي ٿي لڳين

ڄڻ چنڊ ڪڪرن سان کيڏڻ آيو آهي

ڇوڙ پٽيون، کول اکيون، ڀاءُ آهين سڳو منهنجو

چوڻ ڦوڳ جي تون، حيا پنهنجو وڃايو ڇو

کلي مان کيت سان ڪيئن، گذاريندس مان کيتن ۾

ڪري خوار سانگين ۾، عمر اٿي لڄايو ڇو

هي سندس لکيل چند غزلن ۽ ڪافي مان چونڊ اشعار آهن. ٿي سگهي ٿو ته علم عروض ۽ شاعري جي فن ۾ ڪجهه ڪچا هجن، پر انهن جي نازڪ خيالي، معاشرتي شعور، خيالن جي جدت نمايان آهي. ادا مرحوم هڪ سٺو نثر نويس به هو. ڊائري ۾ سندس لکيل ڪجهه مضمون، ننڍڙيون ڪهاڻيون ۽ هڪ ڏينهن جي ڳالهه (واقعاتي ٽوٽڪا) مون ڏانهن لکيل ڪجهه خط سنڌي ادب جو قيمتي سرمايو آهن. وڏي ڳالهه ته هن مون کي ادبي دنيا ۾ آندو. اها سندس عظمت جي گواهي آهي. جڏهن کيس ڪجهه دوست چوندا هئس ته سائين اوهان به مستقل طور لکو. تڏهن چوندو ته ”اهو ڪم مون دادا جي حوالي ڪيو آهي. مون گهر جون جوابداريون سنڀاليون آهن. مون کي ته اها به خبر ڪانه هئي ته ٽوٽل زمين ڪيتري ۽ دڪانن جي مسواڙ ڪيتري آهي. مان هميشه پنهنجي ڪرت پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ لڳل رهيس.

منهنجو پيارو ۽ هڪ مربي ڀاءُ، مون کي هن ٻهروپي، مطلبي ۽ ٺڳ دنيا ۾، سدائين لاءِ اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هو منهنجو ادبي محسن هو. منهنجو ادبي محرڪ هو. داداسنڌي هن ئي مون کي بنايو نه ته مان ڇڙو ڪريم بخش هيس. اڄ سڄِي سنڌ مون کي دادا چوي ٿي. پر مان دادا ڪنهن کي چوان. هاءِ هاءِ ”جن کان جدا ٿيا جاني، تن کان پڇو سُڌ سور جي“. (۱۹۸۵ع)

 

(سڄڻن ۽ ساڻيھ جو ساروڻيون تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا