; سنڌي شخصيتون: عبدالڪريم لوڌي

15 May, 2023

عبدالڪريم لوڌي

عبدالڪريم لوڌي

ڪامياب منتظم، بيباڪ ۽ کرو انسان

گل محمد عمراڻي



تمام گهٽ ماڻهن کي شايد اها خبر هوندي ته عبدالڪريم لوڌي جا وڏا اصل ۾ متحده هندستان جي حيدرآباد دکن کان لڏي برٽش انڊيا ۾ ۱۹ هين صديءَ دوران سنڌ اندر اچي آباد ٿيا هئا ۽ خالص سنڌي رنگ ۾ اهڙا  ته رڱجي ويا جو ۱۹۷۵ع ۾ منهنجي جڏهن پهريون دفعو لوڌي صاحب جي والد صاحب سان حيدرآباد جي تاريخي دربار هال ۾ ملاقات ٿي، (جڏهن هو مون وٽ پوليس (ٽريفڪ) وارن جي زيادتيءَ خلاف شڪايت کڻي آيو، جيڪي هن جي ڪَيلن سان ڀريل مزدا ٽرڪ کي ضبط ڪري ڪوٽڙيءَ جي ٿاڻي تي بيهاري بيٺا هئا)، ته مون کي ڏاڍو اچرج لڳو. بلڪل هڪ ٺيٺ ۽ ٺٽي ضلعي جو  عام رواجي زميندار پئي نظر آيو، جتي هنن جي ننڍي زمينداري هئي ۽ شلوار قميص ۾ ملبوس هڪ نج قديم سنڌي لاڙي سٻاجهڙو آبادگار پئي  لڳو، جنهن پنهنجي تمام اعليٰ عملدار فرزند جو نالو به کڻڻ بلڪل مناسب نه پئي ڄاتو. جيڪو شخص ٻن صوبن (سنڌ ۽ پنجاب) جو چيف سيڪريٽري، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ ورلڊ بئنڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رهيو هجي. ان جي والد جي سادگي ۽ سڀاءَ ڏسي، مان ته دنگ رهجي ويس.


عبدالڪريم لوڌيءَ جون خوبيون ٻهڳڻيون، انيڪ ۽ سندس کري ۽ بيباڪ شخصيت جي بنيادي سڃاڻپ ئي “سنڌ دوستي” هئي. ڪو گهٽ عقل وارو سنڌي آفيسر، خوشامد ۽ چاپلوسي ڪري اردو ڳالهائيندو هوس ته اصل چڙي پوندو هو. حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي وقت به، ڪجهه متعصب ماڻهن کي سخت ۽ بااصول انتظامي “آهني هٿ” سان گرفت ۾ رکيائين ۽ هُنن جي سازشن کي ٻُنجو ڏيندو رهيو. جنرل ضياءُ الحق جي مارشل لا جي وقت، جڏهن لوڌي صاحب، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو (سنڌ) هو ته ان وقت جي D.M.L.A ميمبر جنرل حڪيم ارشد قريشي جي ميٽنگ ۾ وڃڻ کان ئي انڪار ڪيائين ۽ چورائي موڪليائنس ته؛ فوج جو روينيو بورڊ جي معاملن ۽ ٻين انتظامن سان ڪو به قانوني تعلق نه آهي. جنرل مشرف جي ڪاري دور ۾ اي ڪي لوڌي، قومي مالياتي ڪميشن ۾ مادر سنڌ جي ڀرپور نمائندگي ڪئي ۽ هن سنڌ جي سرڪاري نمائندي جي حيثيت ۾ ان وقت قومي مالياتي ڪميشن تان اختلافي نوٽ هڻي، استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي. ٻيو ڪو به عملدار اهڙي جرئت شايد نه ڪري ها ۽ سرڪاري ڪرسيءَ تي براجمان رهي ها. اختلاف جو سبب هو ته مالياتي ڪميشن جي فيصلي ۾ سنڌ جي ان بنيادي موقف کي تسليم نه پئي ڪيو ويو ته سنڌ کي آمدني جي بنيادن تي مالي وسيلا ڏنا وڃن ۽ پوءِ ڊڪٽيٽر مشرف پنهنجي طرفان زوري “عبوري” قومي مالياتي ايوارڊ صوبن مٿان مڙهي ڇڏيو. لوڌي صاحب، بعد ۾ ۳ سال صوبائي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين رهيو ۽ نااهل آفيسرن جا اصل ڇوڏا لاهي ڇڏيائين ۽ سُٺن آفيسرن کي همٿايائين ته سچ ڳالهايو. اي ڪي لوڌي جي ڪيريئر ۾ مشڪل ترين دور ۲۷ مئي ۱۹۹۰ع تي آيو، جڏهن هن جي خاص “صلاح” سان ان وقت جي چيف منسٽر آفتاب شعبان ميراڻي ۽ وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو جي رضامندي سان آپريشن پڪا قلعو شروع ڪيو ويو. هن آپريشن کي جنرل اسلم بيگ جي “مداخلت” جي ڪري اڌ ۾ ئي روڪيو ويو ۽ ردعمل ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت کي آگسٽ ۱۹۹۰ع ۾ ختم ڪيو ويو. شهيد محترمه حيدرآباد اچي سرڪٽ هائوس ۾ جون جي پهرئين هفتي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ مون کي به بحيثيت “مِنٽس نگار” Minutes writer جي بدين کان ان وقت جي ڪمشنر حيدرآباد سالڪ نظير اوچتو طلب ڪري، محترمه جي پويان هڪ عدد ڪرسي تي ويهاري هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪيو هو. جڏهن ان ميٽنگ جي اڃا شروعات ڪو نه ٿي هئي ته مان ٻاهر ورانڊي ۾ ڪاغذ ۽ فائل کنيو، پريشان بيٺو هوس. لوڌي صاحب، پويان زور سان آواز ڏئي مون کي گهرايو ته تون پنهنجو سرڪاري بدين ضلعو ڇڏي هت حيدرآباد ۾ ڇا ڪري رهيو آهين؟ ساڳيو سوال آفتاب شعبان صاحب به پڇيو. مون چيومان ته؛ “مان “راوي چَين” آهيان، جيڪو چَين ئي چَين  لکندو آهي پر اڄ افسوس ته حيدرآباد ۾ ڪو به چَين نه آهي ۽ دل خون جا ڳوڙها پئي  ڳاڙي!” لوڌي صاحب جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ مون کي پٺي ٺپري چيائون ته؛ “بابا صبر ڪريو، الله وٽ دير آهي، انڌير نه آهي”. ان تاريخي ميٽنگ ۾ رسول بخش پليجو به شريڪ ٿيو ۽ تمام موثر انداز ۾ سنڌين جو موقف پيش ڪيائين. هڪ مظلوم سنڌي وڪيل به پيش ٿيو، جنهن جي گهر تي دهشتگردن ڀائي خان جي چاڙهي يا پَکي پَير واري چاڙهيءَ تي حملو ڪري الهه تلهه صاف ڪري ويا هئا. اهو بعد ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ هاڻ ويجهڙائي ۾ رٽائر ٿيو آهي. مرحوم لوڌي صاحب جي دليري ۽ راست گوئي، سچائي ۽ ايمانداري جون تمام گهڻيون ڳالهيون سول سروس ۾ هاڻي ضرب المثل آهن. پر هن جي ننڍڙن ملازمن، نائب قاصدن، ملوڪن ۽ پٽيوالن سان انتهائي شفقت آميز ۽ انسان دوست سُلوڪ اڄ به ڳائجي ٿو. هن صاحب جي بقول سندس نوڪري جو بهترين دور اهو هو، جڏهن هو بلوچستان ۽ سرحد (پختونخواهه) صوبن ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ هو. هن کي وائيلڊ لائيف (جهنگلي جيوت) ۽ شڪار سان عشق هوندو هو ۽ هن جا احباب اڄ به هن کي جهر جهنگ ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. جڏهن ۱۹۸۳ع پاڻ سيڪريٽري ايگريڪلچر هو ۽ مان هڪ ايس ڊي ايم. مون کي گهرايائين ۽ ملاقات جو ٽائيم به خود مقرر ڪيائين، ته صبح جو ۹ وڳي تغلق هائوس اچو. مان ٽريفڪ جي رش سببان سوائين نائين وڳي پهتس ته پاڻ اتفاق سان ان وقت Rest room ۾ هو. جڏهن ٻاهر آيو ته مون کي گهرائي، سخت ڇنڊ پٽيائين ۽ پوءِ کلي چيائين ته؛ “ڪم به منهنجو ۽ ڪاوڙ به منهنجي تو تي!” هاڻ مئجسٽريٽ صاحب، منهنجي هن نوڪرياڻي کي وٺي وڃ ۽ هن مظلوم جي فرياد داخل ڪراءِ، ڇاڪاڻ ته پوليس هن جي فرياد نه ٿي وٺي”.

اهڙا انسان هاڻ ڪٿي آهن!


 

عبدالڪريم لوڌي

اصول پرست انسان جو وڇوڙو

 

هن ملڪ اندر کوڙ سارا سول سرونٽس موجود آهن، جيڪي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏيئي رهيا آهن ۽ کوڙ اهڙا به آهن جيڪي پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو به ڪري چڪا آهن، پر جڏهن فرش شناسي، همت، جرئت، صبر ۽ خدمت خلق جي ڳالهه ڪجي ٿي ته عبدالڪريم لوڌي جو نالو سڀني کان اول اچي ٿو، جيڪو هن فاني دنيا مان ديهانت ڪري چڪو آهي.

عبدالڪريم لوڌي ۶ جنوري ۱۹۳۵ع ۾ ڪراچي ۾ جنم ورتو. پنهنجي شروعاتي تعليم ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪس اسڪول مان حاصل ڪيائين ۽ گريجوئيشن جامع آڪسفورڊ مان ڪيائين. ۱۹۵۷ع ۾ ملڪ جو اعليٰ امتحان پاس ڪري سول سروسز آف پاڪستان ۾ بطور اسسٽنٽ ڪمشنر پشاور مقرر ٿيو. تنهن کانپوءِ انيڪ ٻين وڏن عهدن تي فائز ٿيندو رهيو. ۱۹۶۰ع ۾ حيدرآباد جو ڊپٽي ڪمشنر رهيو ۽ ۱۹۷۱ع ۾ لنڊن ۾ واقع پاڪستان جي سفارتخاني ۾ اڪنامڪ ڪائونسلر به رهيو. هُو سنڌ جو کاڌي ۽ ناڻي جو سيڪريٽري به رهيو ۽ ۱۹۸۲ع ۾ حيدرآباد جو ڪمشنر به بڻيو. ۱۹۸۴ع ۾ کيس نيشنل ڊولپمينٽ فائنانس ڪارپوريشن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور فرض نڀائڻ جو عهدو به مليو ته موصوف اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو چيئرمين به بڻايو ويو ۽ نيشنل فائنانس ڪميشن جو سنڌ جو ميمبر به رهيو. ۱۹۹۵ع ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ لوڌي صاحب ورلڊ بئنڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر به رهيو.

پاڪستان جي ٽاپ بيوروڪريسي توڻي ملڪ جي ٻين شخصيتن پاران کيس خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي ۽ آلين اکين ۽ سڏڪن سان کيس اربع واري ڏينهن تي ميوا شاهه جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. عبدالڪريم لوڌي ٻين بيوروڪريٽن کان ان ڪري به مختلف هو جو جهڙي ريت هُن ۱۹۶۰ع دوران سرحد جي قبائلي علائقن ۾ پنهنجا فرض نڀايا ۽ قبيلن کي راضي رکندي حڪومت جي ساک کي بحال رکيو، ائين شايد ئي ڪو ڪامورو ڪري سگهيو هجي. اِن کان علاوه سندن خوبين مان هڪ خوبي اِها به هئي ته پاڻ کي سياسي طور پري رکندي صرف ملڪ لاءِ جاکوڙيو ۽ ملڪي مفادن تحت ئي فرض نڀايا ۽ پنهنجي خدمتن دوران سندس وڇوڙي سان هيءُ سماج هڪ اصول پرست انسان کان محروم ٿي ويو.

عبدالڪريم لوڌي پنهنجن پونئيرن ۾ هڪ بي واهه ۽ ٽي پُٽ ڇڏيا آهن. هن ڏک وارين گهڙين ۾ اسين سندس پونئيرن سان پاڻ کي شريڪ سمجهون ٿا ۽ ڌڻيءَ در دُعاڳو آهيون ته الله تعاليٰ کيس جوار رحمت ۾ جاءِ عطا فرمائي.


 

عبدالڪريم لوڌي جي ياد ۾

مري ٿيا نه مات

شڪيل نائچ

آهه! عبدالڪريم لوڌي لاڏاڻو ڪري ويو. عقل تسليم نٿو ڪري ته پهاڙ جيڏو انسان، ارڏائپ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ، اصولن جو پابند ۽ سنڌ جو حقيقي معنيٰ ۾ عاشق. هن دنيا کي ان ڏينهن ڇڏي ڏنو جڏهن عيدالضحيٰ جو ٽيون ڏهاڙو هو. هن جي مرتئي جو يقين شايد ڪيترن ئي ورهين تائين نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته هن کي ويجهو کان ڏسندڙ ماڻهن لاءِ اها ڇرڪائيندڙ ۽ نه مڃڻ واري ڳالهه آهي ته عبدالڪريم لوڌي هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو!!

شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ عبدالڪريم لوڌي، ابتدائي تعليم ڪراچي ۾ پرايائين ۽ گريجوئيشن پڻ ڪراچي مان ڪيائين پوءِ هُو ڪميشن ڪري ۵۶ع ۾ اي ايس پي ٿيو پر هڪ سال کان پوءِ هن ٻيهر ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سي ايس پي (ڊي ايم جي) آفيسر ٿيو ۽ پوءِ گريڊ ۲۲ ۾ ريٽائرڊ ٿيو. هن جا اصول اهڙا سخت هئا جو هن تي جيڪڏهن ڪتاب لکجن ته شايد ڪاغذ ۽ مس کٽي پون.

سنڌ جي صحافت ۾ تمام ٿورڙن صحافين ۾ آءٌ به شامل آهيان جنهن جي لوڌي صاحب سان نيازمندي هئي. هن کي هڪ دفعو ملڻ ۽ ڏسڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ کي ان ڳالهه کي ذهني طور تي تيار ڪندو هو ته ساڻس سڄي ڄمار ايئن ئي ملندو رهجي.

لوڌي صاحب کي ان وقت ملڪ اندر شهرت ملي جڏهن پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کيس هڪ اجلاس ۾ چيو ته لوڌي صاحب اوهان هوم سيڪريٽري آهيو، اوهان ڏانهن هڪ ليٽر موڪليو هو ته منهنجن پارٽي ورڪرن کي هٿيارن جا لائسنس جاري ڪيو پر اڃا تائين اهي لائسنس جاري ناهن ٿيا؟ ان تي عبدالڪريم لوڌي وراڻيو ته هن ان ڪري اهي لائسنس جاري ناهن ڪيا جو اهي آٽوميٽڪ آهن ان جو اختيار صرف وفاقي سرڪار کي آهي. ان تي ڀٽي صاحب مٿس ناراض ٿي چيو ته هو وزيراعظم جي حڪم جي ڀڃڪڙي پيو ڪري، ان تي کيس ملازمت تان برطرف به ڪري سگهجي ٿو. ان تي هن جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي هُو اهو فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايئن ذوالفقار علي ڀٽي ڪاوڙ وچان هن کي برطرف ڪيو پر پوءِ ڀٽي صاحب کي جڏهن هن جي ڪردار ۽ اصولن جي خبر پئي ته کيس بحال ڪري ڇڏيائين. هن پنهنجي ڪيريئر ۾ هڪ به اهڙو ڪم نه ڪيو جو کيس پڇتاءُ هجي. ڀٽي صاحب جي حڪومت کان پوءِ ضيا الحق واري دور ۾ هن کان غلط ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سدائين هن انڪار ڪيو. ضياءُ الحق پنهنجن آخري ڏهاڙن ۾ جنرل جهانداد سامهون عبدالڪريم لوڌي کي هڪ قانوني مسودو ڏنو ته ملڪ جا ۲۲ ڊويزن آهن، انهن کي ۲۲ صوبن ۾ تبديل ڪرڻ جو هُو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. ان تي هن اهو ڊرافٽ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ضياءُ الحق آڏو ڦاڙي ڦٽو ڪيو. ضياءُ الحق کي ساٿين اهو ٻڌايو هو ته هي اصول پرست آفيسر آهي ان کي جهڪائڻ ايڏو سولو ناهي پر پوءِ ضياءُ الحق به جلد جهاز حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ته اي ڪي لوڌي پنجاب ۽ سنڌ جو چيف سيڪريٽري رهيو. ڄام صادق جي دور ۾ به هو چيف سيڪريٽري هو. ڄام صادق کانئس غلط ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ته لوڌي صاحب هن کي کٿو جواب ڏيئي ڇڏيو. محترمه بينظير ڀٽو هڪ ڀيري لوڌي صاحب کي بلاول هائوس گهرايو. تن ڏينهن ۾ هُوءَ وزيراعظم هئي. مقرر وقت کان ۱۵ منٽ پوءِ تائين محترمه نه اچي سگهي ته لوڌي صاحب بلاول هائوس مان اٿي هليو ويو. ان کان پوءِ محترمه اهو طي ڪري ڇڏيو ته جڏهن به لوڌي صاحب سان ملڻو آهي ته وقت جي مڪمل پابندي ڪرڻي پوندي.

عبدالڪريم لوڌي جي سنڌ سان محبت جو آءٌ ذاتي طور تي شاهد آهيان. جڏهن هُو ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ٽن سالن تائين چيئرمين رهيو ته آءٌ ڪراچي جو اهو اڪيلو صحافي هيس جو انهن اجلاسن ۾ سندس اجازت ۽ مرضي سان شريڪ ٿيندو هوس. اڄ به جيڪڏهن ان ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس جا ريڪارڊ ڪيل منٽس ٻڌا ۽ ڏٺا وڃن ته هن ڪيترا ڀيرا مون کي اجلاس دوران مخاطب ٿي ڪري چيو ته ”بابا اوهان سنڌ تي لکو، سنڌ لاءِ لکو، ۽ اهو عوام کي ٻڌايو ته سنڌ سان سياستدانن ۽ ڪامورن ڪهڙي ويڌن ڪئي آهي، سنڌ جو اوهان تي قرض رهيل آهي. اهو قرض ادا ڪري نمڪ حلالي جو ثبوت ڏيو.“ انهن اجلاسن ۾ سنڌ جي هڪ مشهور اديب ۽ دانشور بابت جڏهن اهو انڪشاف ٿيو ته اهو اديب، دانشور صاحب جڏهن هڪ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر ٿيو ته هن وٽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري نه هئي هن ڪوڙي ڊگري ڏيئي هر مهيني ۱۶ هزار رپيا الائونس وصول ڪيو. اي ڪي لوڌي حڪم ڏنو ته هن صاحب کان اها رقم اوڳاڙي وڃي، اڄ جيڪڏهن ان ڪميٽي جي اجلاس جا ڪيل فيصلا پڌرا ڪيا وڃن ته گهڻن لڪل چهرن مٿان شرافت جا پردا لهي ويندا.

پرويز مشرف جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ستت پوءِ اي ڪي لوڌي ايڊهاڪ پبلڪ اڪائونٽس ڪميتي جو صوبائي چيئرمين ٿيو ته هڪ ڏينهن هڪ حاضر سروس برگيڊيئر سندس آفيس ۾ آيو ۽ آفيس جو دروازو کولي هن آڏو ويهي رهيو. اي ڪي لوڌي کي ڪاوڙ لڳي، هن برگيڊيئر کي ٻانهن کان جهلي آفيس کان ڪڍي ڇڏيو ۽ کيس واضع لفظن ۾ چيو ته هو وقت وٺي اچي ملاقات ڪري، هي ملاقات جو طريقو ٺيڪ ناهي. ان تي هن چيو ته کيس ڪور ڪمانڊر جنرل عثماني موڪليو آهي، جنهن تي لوڌي صاحب کيس جواب ڏنو ته وڃي جنرل عثمان کي جواب ڏيئي ته لوڌي صاحب ساڻس اهڙو رويو اختيار ڪيو آهي. ان کان پوءِ هن برگيڊيئر ٻيهر فون ڪري ٽائم ورتو ۽ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس پيغام پهچايو ته جنرل عثماني کيس نياپو ڏنو آهي ته جنرل پرويز مشرف ساڻس ملڻ چاهي ٿو، ان ڪري اوهان کيس فوجي جهاز ۾ اسلام آباد موڪلي سگهجي ٿو. لوڌي صاحب فوجي جهاز ۾ وڃڻ کان معذرت ڪئي ۽ عام ججهاز ذريعي اسلام آباد وڃي پرويز مشرف سان مليو. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي هڪ اهم اجلاس ۾ وفاق کان قرض وٺندڙ صوبن تي چڙهندڙ وياج بابت اهڙيون ست سريون ٻڌايون جو پرويز مشرف ۽ اسلام آباد جا ڪامورا ڄڻ ته گونگا ٿي ويا.

لوڌي صاحب کي سنڌ ۾ ان وقت وڏي شهرت ملي جڏهن علي محمد مهر جي وڏ وزارت واري دور ۾ هن سنڌ جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ غير سرڪاري ميمبر طور تي استعفيٰ ڏني ۽ جيڪي انگ اکر پيش ڪيا هن ڄڻ ته اسلام آباد کان ڪراچي تائين اقتدار جي ايوانن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. پرويز مشرف ڪيڏو نه طاقتور حڪمران هو پر جڏهن به عبدالڪريم لوڌي ساڻس ڪنهن اجلاس ۾ ملندو هو ته پرويز مشرف کي ڳالهائڻ جي لاءِ لفظ نه ملي سگهندا هئا.

سنڌ جي تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو، نثار کهڙو، سيد مراد علي شاهه سميت ڪترائي اهم سياستدان ۽ ڪامورا پڻ عبدالڪريم لوڌي سان اهم مسئلن تي نه صرف خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا پر هو ان جي ڏنل راءِ کي اهم فورم تي پڻ پيش ڪندا هئا. اين ايف سي ايوارڊ لاءِ هن جون ڪيل ڪوششون سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙيون آهن.

توڙي جو اڄ عبدالڪريم لوڌي جهڙو ارڏو انسان هن دنيا مان موڪلائي ويو آهي. پر هن جيڪي اصول، آدرش، ڊسيپلين، بهادري، سنڌ دوستي سچائي، ايمانداري برقرار رکي، ان جو صدين ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هو شينهن کان وڌيڪ طاقتور هُو هن جي گجگوڙ تي وڏا وڏا طاقتور ماڻهو پڻ چپ ٿي ويندا هئا. سنڌ سان هن جو ڪيل عشق ڪنهن کان لڪل ناهي. آخري وقت تائين هن عملي طور تي سنڌ جي خدمت ڪئي.

مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿيا نه مات

هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيئا. (شاهه)

No comments:

راءِ ڏيندا