رحمت بيبي جهرنا
جنهن سمنڊ جيڏا سور سٺا
حميده گهانگهرو
رحمت بيبي، در اصل مسلمان ٿيڻ
کان پوءِ جو نالو اٿس، برهمڻ گهراڻي جي هڪ نوجوان عورت جهرنا کي مسلمان مولابخش سان
محبت ٿي وڃي ٿي، مولابخش هونئن ته تمام امير گهراڻي جو نوجوان آهي پر جاگيرداري نظام
کان کيس نفرت آهي ۽ بغاوت ڪري پنهنجي ان ماحول کان ٻاهر اچي ٿو، تنهن جي ڪري کيس روزگار
تلاش ڪرڻو پوي ٿو.
هيءَ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي ڳالھ
آهي، کيس نوڪري ريلوي ۾ ملي ٿي ۽ اڪثر ڪري ٽرين تي هند ۽ سنڌ وڃڻو پوندو هو، ان
وقت سنڌ ۾ جيڪي واڻيا رهندا هئا انهن جا سنڌي مسلمانن سان تمام سٺا لاڳاپا هئا ۽ ٽرين
جڏهن هندستان به ويندي هئي ته ڪو نفرت وارو ماحول کيس نظر نه ايندو هيو ها پر ان وقت
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ۽ اکين اڳيان هند-سنڌ جنهن کي برصغير
چيو ويندو هو ٻه ملڪ ٺهي ويا سنڌ ۽ هند ٽرين ته وري به هلندي هئي ٻه بارڊر هئا هڪ
واگها ۽ ٻيو کوکرا پار، بهرحال سياسي طور ته هندن ۽ مسلمانن جي ورهاست شروع ٿي وئي
پر هن ٻن دلين جي ورهاست بجاءِ هڪ نئين دنيا ٺاهي ۽ اهو هنن جو ننڍڙو گهر هو. هيڏانهن
سنڌ جي مسلمان سماٽ نسل جو نوجوان ته ٻئي پاسي وري برهمڻ هندو ٻئي ذاتيون هڪ ٻئي
کان زور ۽ ٻنهي جي مائٽن هنن کي زوريءَ الڳ ڪري وٺي وڃڻ ٿي چاهيو پر هنن پنهنجي
جاگيرداري ۽ انتهاپسندي جي سوچ کان بغاوت ڪري پرامن اجهو اڏيو. ملڪ ٻن حصن ۾ تقسيم
ٿي هندستان پاڪستان ٺهيو ۽ هنن ٻنهي مذهبن جو هڪ هڪ ٻوٽو پنهنجي اڱڻ ۾ لڳائي الڳ ملڪ
ٺاهيو. هن ننڍڙي آشياني ۾ ۵ نياڻيون
پيدا ٿيون، پنج ئي نياڻيون ڏاڍيون خوبصورت هيون سندن نقش موهي وجهڻ جهڙا هئا، رحمت
بيبي پنهنجي پنجن نياڻين کي ننڍڙي آشياني ۾ ڏاڍي پيار سان پاليو. مولابخش کي ريلوي
جا پاس ملندا هئا ان ڪري پوري انڊيا زال ۽ ٻارن کي گهمايائين پر هن آشياني ۾ هڪ ڏينهن
تيز طوفان ٿو اچي اهڙو طوفانن جيڪو موتمار ثابت ٿيو يعني مولابخش کي اوچتو دل جو
دورو پيو ۽ هو هن دنيا ۾ پنهنجي محبت ڪندڙ ديويءَ جهڙي زال ۽ پياريون پنج نياڻيون
يتيم ڪري هليو ويو.
رحمت جيڪا پنهنجي برهمڻ خاندان
کان باغي ٿي آئي هئي ۽ مولابخش لاءِ پنهنجون سڀ ملڪيتون ڇڏي محنت ڪئي، اڄ اهي محنت
وارا هٿ رحمت بيبي کان کسجي ويا. پر هن پنهنجي ڪلهن کي مضبوط ڪري هٿ ۾ پورهيتن جو
هٿوڙو کنيو. رحمت پڙهيل نه هئي ۽ نه ئي هن جون ڌيئرون پڙهيل هيون، ڇاڪاڻ جو انهيءَ
دور ۾ نياڻين کي پڙهايو نه ويندو هو. بس گهر جو هنر يعني سلائي ڀرائي گهر سنڀالڻ انهيءَ
ڇوڪريءَ کي سلقي مند چيو ويندو هو.
رحمت پنهنجن ڌيئرن کي هر قسم جو
هنر سيکاريو، تمام خوبصورت ڀرائي ڪندڙ هنن ڇوڪرين جي هٿن جي هنر جي واکاڻ ٿيڻ لڳي،
کيس ٽڪرن (پٿرن) کي ٽڪڻ جو جيڪو معاوضو ملندو هئس ان مان شام جو گهر لاءِ سبزي اٽو
وغيره آڻيندي هئي. اڳ جڏهن ٽيڪنالوجي ترقي نه ڪئي هئي ته پهاڙن کي هٿن ۾ هٿوڙا کڻي
ٽوڙيو ويندو هو ۽ انهن پهاڙي ٽڪرن کي مزدور ريڙهي ريڙهي کڻي ويندا هئا، يعني مزدوري
ايتري ڏکي هوندي هئي. اڄ به ايتري ترقي جي باوجود عورتون تغاري ۾ سيمينٽ بجري کڻڻ،
بٺن تي مٽيءَ جون سرون ٺاهڻ، روڊن تي پٿر ڍوئڻ وغيره. ڪافي تڪليف ده مزدوري جا ڪم ڪنديون
آهن. گهرن ۾ پورهيا ڪن ٿيون ۽ شام جو ٿڪجي وڃي پنهنجن ٻچن کان هٿن پيرن کي زور ڏيارينديون
آهن ۽ بغير ڪا ننڊ جي گوري کائڻ جي سمهي پونديون.
رحمت بيبي به پنهنجي گهر پهچي پنجن
نياڻين جي چهرن کي پيار ۽ پاٻوھ مان ڏسي کين پنهنجن گهرن ۾ آباد ڪرڻ جون دعائون ڪري
گهري ننڊ ۾ سمهي پوندي هئي، پنجن نياڻين جي حفاظت لاءِ کيس سڀني ساهيڙين، پاڙيوارين
صلاح ڏني ته شرعي لحاظ کان نڪاح ڪري جو اسلام اجازت ڏئي ٿو ۽ نياڻين لاءِ ڀلي نڳو
پيءُ هجي پر ضروري آهي، رحمت سڀني جي صلاح سان هڪ رحمدل انسان سان نڪاح ڪيو، هو ان
کي ڏاڍو خوش رکڻ لڳو جنهن سبب هنن جي گهر جي خوشحالي ٻيهر موٽي آئي پر جيئن اسان جي
معاشري ۾ ٿيندو آهي ته مانهن کان ڪنهن جي خوشي برداشت ناهي ٿي سگهندي ۽ عورت، عورت
جو استحصال ڪرڻ ۾ تمام گهڻي اڳڀري رهندي آهي، رحمت سان به ڪجھ ايئن ٿيو ۽ هن جي گهر
کي برباد ڪرڻ لاءِ کائڻ جي ڪنهن شيءِ ۾ سينکيو ملائي ڏنو ويو، جنهن هن جي صحت تي
تمام خطرناڪ اثر ظاهر ڪيا ۽ هوءَ پوءِ بيمار رهڻ لڳي سندس ڌيئرن جوان ٿي چڪيون هيون
۽ انهن جون شاديون ڪرايون ويون، چوڻي آهي ته غريب جو ڀاڳ به غريب حالانڪه انهيءَ ۾
ڪا حقيقت ناهي پر مالي طور ڪمزور کي خوشامد پرست معاشري ۾ اها جڳھ ناهي ملندي جيڪا
هن لاءِ هئڻ گهرجي.
رحمت بيبي به پنهنجي نياڻين جي لاءِ
چاهي ٻي شادي ڪئي ته معاشري ۾ سهارو هوندو پر ان نيڪ انسان جو به هن دنيا مان جلد لاڏاڻو
ٿي ويو، ٽن ڌيئرن جي ڏهاڳ اچڻ کان پوءِ وري مٿس ذميواريون جا پهاڙ ڪري پيا پر ٻن
ڌيئرن مان جيڪا چوٿين نمبر جي هئي اها امير گهر ۾ وئي ان جي شادي هڪ عالم فاضل
پڙهيل لکيل ۽ ڪاروباري ماڻهوءَ سان ٿي، هو نيڪ انسان ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو
۽ ڪنهن سان به فراڊ نه ڪندو هو ۽ سڀني مٽن مائٽن دوستن تي اعتماد ۽ ڀروسو هئس، ان ڪري
پيءُ جي پڳ ٻڌل هئڻ ڪري ڪڏهن ننڍن ڀائرن کي به نه چيائين ته هن سان يا ان جي ٻچن سان
زيادتي نه ڪريو. رحمت بيبي پنهنجي نياڻيءَ ڏي جڏهن ايندي هئي ته هٿ ۾ هڪ وڏي ٽوڪري
هوندي هئس، رمضان شريف ۾ عيد ڪري ٽوڪري سيُن سان ڀريل، پلي مڇي جي موسم ۾ جيئن درياھ
۾ پلو ايندو تيئن پهرين ڌيءُ ڏي وٺي اچڻ، رشتا ڪيترا نه ٻاجهارا ٿين ٿا، سڄي زدنگي
ڏکن ۾ گهاريندڙ به پنهنجي پيٽ ۾ ماني ڳڀو وجهڻ کان اڳ سوچي ٿي ته جيڪر منهجا ٻچا کائين.
نياڻين جا نصيب به ابي امڙ جي انهيءَ محبت جي گرھ ۾ اٽڪيل هوندا آهن جتان هنن جي
پيار جي گهٽتائي جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهجي.
بهرحال رحمت بيبي پنهنجي مڙس سان
وچن ڪيل اسلامي مذهب موجب نينهن جو ناتو ته جوڙيو ۽ هو هر وقت هٿ ۾ تسبيح کڻي قل پڙهندي
نظر ايندي هئي. پر کيس جيڪڏهن ڪير چوندو هو ته گوشت سو به ڳئون جو وٺي اچ ته ڪڏهن نه
وٺي ايندي ۽ چوندي ڀلي کڻي اڻ ڏٺو کارايو پر امڙ کي ڪسجندو نٿي ڏسي سگهان. هن جي
دل ۾ ٻالڪپڻي کان ويهاريل اها ڪهاڻي ته ڳئون ماتا آهي، هوءَ ان احترام واري جانور
کي ڪڏهن پنهنجي اکين سان ڪسجندي نه ڏسي سگهي، باقي هوءَ تمام رسمن رواجن موجب اسلامي
مذهب جي قائل رهي ۽ سندس آخري آرامگاھ به سکر جي هڪ وڏي قبرستان جي ڪنهن ڪنڊ پاسي
هوندي يا وري مٽيءَ ماءُ ۾ ايئن گم ٿي وئي هوندي جو ڌرتي جا ذرا ئي گواهي ڏئي سگهن
ٿا باقي هن ڏيکاءَ واري دنيا مان سندس ڪو وارث سار سنڀال لهڻ وارو ڪين رهيو، سندس
جيڪا نياڻي تمام امير گهر ۾ پرڻايل هئي تنهن جي به ڏکن جا داستان شروع ٿي ويا. سندس
مڙس جي سچائي ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ماڻهن جي بيوفائي ۽ بي ايمانيءَ ڪري سندس سڄو ڪاروبار
ختم ٿي ويو. هن جي نياڻيءَ کي به ڪافي اولاد هيو ڌيئر پٽ سڀني ۾ ڄڻ ساھ هئس، هن
رشتن جي محرومي کي اولاد جي خوشين ۾ ڳولهڻ ٿي چاهيو. تمام گهڻو هنرمند، گهريتڙي ته
هئي پر علم کان وانجهيل ان ڪري سوچيندي هئي ته سندس ٻچا تعليم حاصل ڪن. هوءَ سرنهن
جي تيل ۾ ڏيئو ٻاري مٿان تري ڀڳل شيشي جو جڳ رکي وچ ٽيبل تي رکندي هئي ته جيئن سڀ
سٺي طرح پڙهي سگهن ۽ پاڻ هٿ جي پکي سان سڀني کي پکو لوڏي گرميءَ کان بچائيندي هئي،
سندس گهر ۾ غربت جي انتها اچي وئي، ڇاڪاڻ جو زمين تي ان ورهاست کان اڳ ئي ديري ۾ باھ
لڳائي ويندي هئي يا ڀيلرائي ڇڏبو هو، بچيل اڻپورا ان ڪڻا ڀري آڪھ لاءِ تمام ٿورا
هئا پر هن ڪڏهن به همت نه هاري سندس مڙس دوڪان تان ڪڻڪ وٺي ويندو هو، جنهن کي جنڊ
تي پيهي ڏاري جو ڀت ڪري سڀني کي کارائيندي هئي، آواز تمام سريلو هوندو هئس انهيءَ
ڪري ڳيچ ڳائيندي هئي. سندس مڙس غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ سڄو ڏينهن انهن جي حقن جي ڳالھ
ڪندو هو. ظلم استحصال جي سخت خلاف هو، ان جي سزا اها مليس جو سندس مائٽن طرفان حد کان
وڌيڪ تڪليفون ڏنيون ويون. هن جو ڳوٺ ۾ گهر ساڙيو ويو، دڪان ڪاروبار سڀ ڪجھ برباد ڪيو
ويو پر هيءَ ٻاجهاري عورت ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف نه رهي، سندس مقصد صرف اولاد جي خوشي
هئي، هڪ ڏينهن آخر سندس پٽ وڏا ٿين ٿا هو پنهنجي مڇي ماني کائڻ جي لائق ٿيا ۽ پنهنجي
الڳ گهر وسائڻ لاءِ پيءُ ماءُ جي رشتي کي ٻار جيئن ڪاغذ کي مروڙي سروڙي اڇلي ڇڏجي
بلڪل ايئن نظرانداز ڪن ٿا، خاص طور سندس ٻه وڏا پٽ، باقي ننڍو ته کيس پٺيءَ تي کڻي
بس ۾ ويهاري ڊاڪٽر ڏي وٺي ويندو هو، حالانڪه ان جي ڪمائي ايتري نه هئي بس مزدوري
ڪندو هو ۽ چوندو امان پئسا مليا آهن، هل ڊاڪٽر ڏي هلون، سندس امڙ جي آخري ڏينهن جي
نظر ختم ٿي وئي هئي ۽ ڪافي بيمارين جي ڪري ڪمزور ٿي وئي، سندس زندگيءَ جي ڪهاڻي به
ڪهڙي جو ننڍي هوندي يتيمي ۽ غربت شادي کان پوءِ ڪجھ سالن جي خوشحالي ۽ پوءِ وري
تڪليفون ۽ آخر ۾ اولاد جي بي حسي جو غم.
هڪ ڏينهن اکين جو آپريشن هئس چيائن
منهنجي وڏي پٽ کي گهرايو، وڏو پٽ ڊيوٽي جي ذميواريءَ کان پوءِ گهر جلدي پهچڻ جي
ڳڻتي ۾ هوندو هئو، ڇاڪاڻ جو سندس زال گهڙيءَ تي نظر رکي ويٺي هوندي هئي ۽ ٿوري دير
تي به سخت پڇاڻو ٿيندو هيس. هي قانون جي ڊگري حاصل ڪيل پنهنجي ماءُ جي حقن سان انصاف
ڪرڻ کان عاري هو. ماءُ جي اکين جو آپريشن ٿيو. امڙي سڀني کي چوندي رهي ته سندس
موڀي پٽ خير خيريت پڇڻ اچي، پٽ جي نه اچڻ تي آخر اندر جي اڇل ۾ جڏهن اکين ۾ ڳوڙها
لڙي آيا ته ڪامياب آپريشن به ناڪام ٿي ويس. ٻئي نمبر پٽ ته انتها ڪري ڇڏي جو سندس
مرڻ تي اهو چئي ڇڏيو ته منهنجو گهر ننڍو آهي، ڀيڻ جي گهر کڻي وڃو، دنيا کي ڏيکارڻ
لاءِ ته ڪلهو به ڏنائين، اکين مان ڳوڙها به ڳاڙيائين پر ماءُ جي ڪفن جا پئسا ڏيڻ
لاءِ غريب هئا هو ٽيجهي جي ماني به چندو ڪري ڪئي وئي.
هن امڙ جي پالڻا ۾ ته ايتري محبت
سچائي ۽ مٺاس هئو پر پٽ ۾ سماج جي ڏيک ويک جي هوس ڀرجي ويس. اسلام ۽ قانون ۾ آهي
ته ڪنهن سان انصاف نه ڪيو ۽ ڪنهن به ڀيڻ ڀاءُ کي حق نه ڏيو ته اهو سوئر جي گوشت
کائڻ برابر آهي. هو دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ ٻڪرا ڪهي قرباني به ڪري ٿو محرم تي حليم پچائي
به ورهائي ٿو پر ماءُ کي ڪنهن هڪ ڏينهن ڪا هڪ ماني پچائي به الله واٽ نه کارائي، ڇاڪاڻ
جو سندس امڙ دنيا جو ڏيکاءُ نٿي ڏئي سگهي، انهيءَ ڪري هو به اهڙي ڀرئي قبرستان جي
مٽي ۾ گمنام ٿي وئي آهي، جيئن ته سندس امڙ جو ته ڪو پٽ وارث نه هو پر هيءُ پٽن واري
به لاوارث ٿي وئي. مطلب سماج ۾ بيحسي نفسا نفسي جو شڪار مظلوم عورت ڪيئن ڀوڳي ٿي؟
سماج ۾ تقريبن ۸۰ سيڪڙو اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جديد دور جي عورت نوڪري ڪري ٿي، پورهيو ڪري ٿي، فرق صرف اهو آهي ته رحمت بيبي ٽڪر ڪٽي پٿرن جو پورهيو ڪرڻ واري هڪ سچي عورت هئي ۽ اڄ جي عورت به محنت ڪري ٿي اولاد لاءِ خواب ڏسي ٿي پر اولاد پنهنجي خوابن ۽ خواهشن کي اهميت ڏئي ٿو، اهي مائرن کي نڌڻڪو ڪري ٿا وڃن. ڇا سماج جي انهيءَ بي حسي هوس وارن روين ۾ رحمت بيبي ۽ سندس ڌيءُ جا داستان ختم نه ٿيندا؟ ڇا ۸۰ سيڪڙو مائرون دلين ۾ سور ۽ صدما کڻي هن دنيا مان اکيون ٻوٽي هليون وينديون.
No comments:
راءِ ڏيندا