; سنڌي شخصيتون: بچو بادشاھ

13 May, 2023

بچو بادشاھ

بچو بادشاھ

سندس جدوجهد - يوم شهادت جي نسبت سان

اُستاد نظاماڻي



بچو بادشاه به پير حزب الله شاه تخت ڌڻي جي دور ۾ ۱۸۶۰ع خليفي وريام خاصخيلي رلي واري جي گهر ۾ جنم ورتو. (وريام فقير جيل ۾ ئي گُذاري ويو هو ڇاڪاڻ ته هن تي قتل جو الزام هو). هيءُ اُهو دور هو، جڏهن هندستان ۾ هلايل جنگ آزادي جا دونهان اڃا دُکي رهيا هُئا. انگريز سرڪار کي ڪٿي به ڪا آزادي جي چڻنگ چمڪندي ٿي محسوس ٿي اُتي سرڪار سخت ڪاروائي ٿي ڪئي. سنڌ ۾ به ڪجھ اهڙي قسم جي صورتحال هُئي. پير پاڳارن جا تعلقات انگريزن سان بهتر نه هُئا، اُن جو سبب پير صاحبان جي پنهنجي آزاد پاليسي، جنهن جي ڪري سرڪار جون حُرن سان ناجائزون، پير صاحبان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ، حرن خلاف مکيءَ ۾ ڪاروايون شامل آهن.


تاريخ ۲۸ اپريل ۱۸۴۷ع تي، پير سيد علي گوهر شاه اصغر سائين سازش تحت زهر وسيلي شهيد ڪيو ويو. سندس جاءِ تي چار سالن جو فرزند حضرت حزب الله شاه عرف تخت ڌڻي (مسند ڌڻي) پڳدار ٿيو، جنهن جي دور ۾ بچو بادشاه جي اڳواڻي ۾ پهرين حر تحريڪ جنم ورتو. پيرصاحب جي گادي نشيني واري دور ۾ ڪجھ اهم واقعه ٿيا. پير سائين تخت واري تي انگريز سرڪار مختلف وقتن تي مختلف ڪيس داخل ڪيا، جن مان اهم ڪيس پير فضل شاه جهنڊي جي قتل جو ڪيس اهم هو.

بقول محمد عمر چنڊ جي ته، شاباس هُجي جسٽس ڏيارام گدو مل کي جنهن بنا رک رکاءُ جي حڪومت جي مرضي جي خلاف ڪيس تي نوٽ هنيو ڪيس جي اصل حقيقت واضع ڪئي. انگرريز سرڪار جي ناجائز پابندين، پيرصاحب تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ کان علاوه حر جماعت تي پابندين ۽ قيد وبند جي حاضرين کين هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو.

بچو بادشاه وارن سرڪار خلاف اعلان بغاوت ڪري سانگهڙ ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، جنهن ۾ هو سرڪار جي ڪا به حد بندي قبول نه ڪيائون. بچو بادشاه جي قيادت ۾ ٻيا جيڪي حُر ساٿي شامل هُئا، سي هي آهن، عيسو ڏاهري، پير بخش وساڻ عرف پيرو وزير، گُلو پُٽ پريو موچي، ڀلو پُٽ گُلو ڳاهو، مصري ڳاهو، عثمان هنڱورو، خميسو وساڻ، سومار ڳاهو، فتلو قاضي هنڱورو، راڻو وساڻ. انهن فقيرن کي ٻارنهن ٻهروٽيا به سڏيو ويو.

اُن وقت بچو بادشاه وارن جيڪي ڪاروايون ڪيون، انهن ۾ خيرپور رياست ڇُٽل ڀرڳڙي خلاف ڪاروائي، سرڪاري پوليس عملدار جوالا سنگه جو مارجڻ، سرڪاري پيري مير اُنڙ جو قتل، ديسي دلال سردار وارث ناريجي جو قتل جهڙا اهم واقعه شامل آهن. اڃان اها ڳالھ واضع ه ٿي آهي ته بچو بادشاه پيرصاحبان جي حڪم تي هٿيار کڻي آزادي جو اعلان ڪيو، يا زيا دتين جي نتيجي ۾ ٻارنهن ٻهروٽين جو ٽولو مکي ٻيلي ۾ لهي پيو، ڇاڪاڻ ته انهي تحريڪ متعلق متضاد روايتون ملن ٿيون، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هڪڙو موقف آهي، ته محمد عمر چنڊ صاحب جو ٻيو موقف آهي ته حرجماعت جي ماڻهن جو وري ٽيون موقف آهي جنهن جو سبب ڪا ڳالھ واضع لکت يا روايتن ۾ نه ملي آهي ته ڪو پيرحزب الله شاه ڪو پنهنجي فقيرن کي ويڙه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هُجي، جهڙي نموني حضرت پير سائين سورهيه بادشاه غازي ڀرتي ڪري اعلان ڪيو هو.

سال ۱۸۹۰ع ۾، پير سائين مسند ڌڻي (حزب الله شاه صاحب) رحلت فرمائي ويو. اُن جاءِ تي پير سائين (علي گوهر شاه) محافي ڌڻي پڳدار ٿيو. جنهن پنهنجي حرن کي پيش پوڻ جو حڪم ڏنو جنهن جو وڏو سبب اهو هو ته سرڪار جي جوابي سخت ڪارواين ڪري عام ماڻهو گهڻو پريشان ٿيا، حر جماعت توڙي عام ماڻهن کي سخت تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. سندن گرفتارين کان علاوه ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا ويا، سندن مال گم ڪيو ويو. انهي تحريڪ جو اثر برطانيه سرڪار تي به پيو پر ان جدوجهد جو اثر اسان جي سنڌي سماج تي معاشي، سماجي، ادبي پڻ ٿيو. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ سرڪار سان ويڙھ ڪري سنڌي ماڻهن (خاص طور حرن کي مالي قرباني پڻ ڏيڻي پئي. ) خود ايٽڪن جي رپورٽ مطابق “مکي ايريا ۾ هزارن جي تعداد حرن جو چوپايو مال هو ۽ هو خوشحال هُئا. ۽ اها مکي ڍنڍ ۽ ٻيلو سانگهڙ جي وچ ۾ هُئي. ”

بچو بادشاه، عوام دشمن انگريز سرڪار سان ٽڪر کاڌي، اُن جي نتيجي ۾ حرن کي قيد ڪيو ويو، مکي ٻيلي ۾ مال چارڻ تي پابندي وڌي وئي، کين بي گهر ڪري لوڙهن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن جي ڪري حرن کي پنهنجي گهرن، چوپاين، کان محروم ٿيڻو پيو. سندن زمينن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سرڪار کي موقعو مليو. حرن جون سماجي سرگرميون ختم ٿي ويون، سرڪار طرفان معاشري ۾ منفي پروپيگنڊه ڪئي وئي، سنڌ جي سماج ۾ حرن کي ڌاڙيل ڪرمنل طور پيش ڪيو ويو. بچو بادشاه جنهن مکيءَ ايريا کي مرڪز ٺاهيو هو جيڪا اُن دور ۾ ڏهن کان ٻارنهن ميلن ۾ پکڙيل هُئي. جنهن جي چوڌاري گهاٽو جهنگ هو جنهن کي مکي ٻيلو سڏيو ويندو هو، ڍنڍ کان علاوه انهي ٻيلي جي پکيڙ ڪيترن ئي ميلن ۾ هُئي اها ڍنڍ ۽ ٻيلو حرن لاءِ وڏي پناه گاه هو. موجوده وقت ۾ نه اهو ٻيلو رهيو آهي، نه ئي ڍنڍ ڇاڪاڻ ته ٻيلي واري واري جاءِ تي ريٽائر فوجين جون ڪالونيون چڪن جي صورت ۾ پنهنجو مضبوط وجود رکن ٿيون. جڏهن ته ڍنڍ واري جاءِ تي چوٽياري ڊيم ٺهي ويو آهي، جيڪو مسلسل پاڻي ۽ سم جي شڪل ۾ آباد زمينن کي ڳڙڪائيندو پيو وڃي. حُر جيڪي مکي سانگهڙ ايريا ۾ خوشحال زندگي گُذاري رهيا هُئا، اُتي سرڪاري آفيسرن حُرن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، ۽ جتي به زيادتون وڌنديون آهن اُتي بغاوت ٿيندي آهي. پيرصاحب جي حڪم بعد هنن مجاهدن ۱۸۹۶ع ۾ سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي جڏهن ته ۰۷ مئي ۱۸۹۶ع تي بچو بادشاه گرفتاري ڏني جنهن کي ايٽڪن جي رپورٽ موجب ۲۶ نومبر ۱۸۹۶ع تي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو ويو.

بچو بادشاه واري جدوجهد کي پهرين حر تحريڪ طور لکيو وڃي ٿو، پهرين حرتحريڪ تي ڪجھ مقالا به ڇپيا، تازو پروفيسر مبين وساڻ سنڌي اُردو ۾ به ڪتاب بچو بادشاه پيرو وزير ڪمپائل ڪيو آهي. هن تحريڪ تي پهريون رپورٽون خود انگريز دور جي سرڪاري آفيسرن جون آهن، جيڪي اڄ به موجود آهن جيڪي سرڪاري نقطه نظر کي سامهون آڻين ٿيون. انهن ئي سرڪاري رپورٽن کان پوءِ تحقيق اڳتي وڌي آهي. جيڪڏهن موجوده دور ۾ انهن رپورٽن کان علاوه جيڪي رپورٽون آيون آهن يا مواد ڇپيو آهي اُهو تجزين تي ٻڌل آهن. جيڪڏهن اهي رپورٽون انگريز سرڪار تفصيل سان رڪارڊ تي نه آڻي ها ته شايد اسان گهڻي ڀاڱي اهم تاريخ کان محرو ٿي وڃون ها. پهريون دفعو بچو بادشاه جي ڦاسي چڙهڻ جي تاريخ به اسان کي اي ايڇ ايٽڪن E. H. AITKEN جي ڪمپائل ڪيل سنڌ گزيٽر مان ملي جيڪا ۱۹۰۷ع ۾ پرنٽ ميڊيا تي آيو. جنهن جي صفحي نمبر ۴۴۷ تي لکيل آهي، Bachu, having lost his best men and his credit, came in and gave himself up. He was convicted and hanged at Sanghar on 26th November 1896. هن گزيٽر ۾ نه صرف سنڌ جي تاريخ آهي پر اُن دور ۾ هلندڙ حر گوريله جنگ، سانگهڙ مکي ڍنڍ جي جاگرافي جو احوال پڻ موجود آهي ٻي طرف حرن جي بهادري جا داستان هر طرف ڦهلجڻ لڳا جنهن جي ڪري لوڪ ادب وجود ۾ آيو، مل محمود پلي ۽ شادمان مري جهڙن سگهڙ شاعرن بچو بادشاه واري تحريڪ کي شاعري جي روپ ۾ سماج آڏو آندو. جڏهن ته امر لعل هنڱوراڻي ڪهاڻي لکي “حُر مکيءَ جا” اها ڪهاڻي سنڌي ادب جي شروعاتي ڪهاڻين ۾ لکي وڃي ٿي مان ته ائين به چوندس جيڪڏهن سرڪار کانسواءِ جنهن حر تحريڪ تي پهريون قلم کنيو ته اُهو امر لعل هنڱوراڻي هو. انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر ۾ لکيل آهي،

The first experiment in Sindhi fiction starts with the publication of short story entitled Hur Makhi ja (the Hurs of Makhi) Lalchand Amardinomal published in magazine way back in 1902. This story was later included in the compilation of short stories by the same author entitled Hur makhi ja (1914). (Encyclopedia of Indian Literature)

تاريخ ۲۶ نومبر ۱۸۹۶ع جي صبح، هن مرد مجاهد بچو بادشاه کي ڦاسي ڏيئي، موجوده سانگهڙ شهر جي ٽائون ڪميٽي ۾ موجوده مسجد جي اُترين ڪنڊ ڀرسان دفنايو ويو. افسوس انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڪندڙ اُنهي مجاهد جي مدفن جو ڪو نالو نشان ڪونهي، اتي يادگار جوڙڻ لاءِ سانگهڙ ۾ اهڙن پروگرامن ۾ مطالبه به ٿيا آهن، قراردادون به پاس ٿيون پر اڄ تائين عمل نه ٿيو.

 

(استاد نظاماڻي جي فيسبڪ ٽائئم وال تان ۲۶ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


بچو بادشاهه

سندس  يوم شهادت ۽ جدوجهد جو احوال

اُستاد نظاماڻي

۲۶ نومبر ۲۰۱۲ع تي صبح جو سنجهورو شهر ۾ پهريون دفعو بچو بادشاه جي ۱۱۶ وين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ اُن تي ڳالهائڻ جي مونکي پڻ دعوت ملي ۽ شرڪت ڪئيسون. تعلقه ڪائونسل سنجهورو جو هال حرجماعت جي ماڻهن سان ڀريل هو. جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

موجوده وقت ۾ بچو بادشاه جي پهرين ورسي ان ڪري به وڏي اهميت رکي ٿي، جو موجوده پيرصاحب صبغت الله شاه سائين سنڌ جي قومي سياسي بساط مٿان ويٺل آهي، پيرصاحب سنڌ جي حقن جي جدوجهد لاءِ مشعل کڻي قومي قيادت جي صف اول ۾ آهي. پاڻ ڪالاباغ ڊيم خلاف واضع موقف پيش ڪيو اٿن. ۳۰ نومبر واري ڪامياب هڙتال کانپوءِ فنڪشنل مسلم ليگ کي نئين سگهه ملي آهي سنڌ جا ماڻهو سنڌي ٽوپي اوڍيل پيرصاحب ۾ وڏيون اُميدون رکيو ويٺا آهن. اهڙي مرحلي ۾ حر تحريڪ جي ڪردارن کي ياد ڪرڻ وڏي معنيٰ واري ڳالهه آهي.

بچو بادشاهه جي ورسي جو پروگرام پير صاحب جي خليفي فقير وريام خاصخيلي جي صدارت ۽ نگراني ۾ ٿيو، موجوده خليفو وريام فقير، بچو بادشاهه واري خاندان مان آهي. ياد رهي ته بچو بادشاهه به پير حزب الله شاه تخت ڌڻي جي دور ۾ ۱۸۶۰ع خليفي وريام خاصخيلي رلي واري جي گهر ۾ جنم ورتو. (وريام فقير جيل ۾ ئي گُذاري ويو هو ڇاڪاڻ ته هن تي قتل جو الزام هو) هي اُهو دور هو جڏهن هندستان ۾ هلايل جنگ آزادي جا دونهان اڃان دُکي رهيا هُئا. انگريز سرڪار کي ڪٿي به ڪا آزادي جي چڻنگ چمڪندي ٿي محسوس ٿي اُتي سرڪار سخت ڪاروائي ٿي ڪئي. سنڌ ۾ به ڪجهه اهڙي قسم جي صورتحال هُئي. پير پاڳارن جا تعلقات انگريزن سان بهتر نه هُئا، اُن جو سبب پيرصاحبان جي پنهنجي آزاد پاليسي هو، جنهن جي ڪري سرڪار جون حُرن سان ناجائزيون، پيرصاحبان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ حرن خلاف مکيءَ ۾ ڪاروايون شامل آهن.

۲۸ اپريل ۱۸۴۷ع ۾ پيرسيد علي گوهر شاهه اصغر سائين سازش تحت زهر وسيلي شهيد ڪيو ويو. سندس جاءِ تي چار سالن جو فرزند حزب الله شاهه عرف تخت ڌڻي (مسند ڌڻي) پڳدار ٿيو، جنهن جي دور ۾ بچو بادشاهه جي اڳواڻي ۾ پهرين حر تحريڪ جنم ورتو.پيرصاحب جي گادي واري وقت ڪجهه اهم واقعه ٿيا. پيرصاحب حزب الله شاهه تي انگريز سرڪار مختلف وقتن تي مختلف ڪيس داخل ڪيا، جن مان اهم ڪيس پير فضل شاه جهنڊي واري جي قتل جو ڪيس اهم هو. بقول محمد عمر چنڊ جي شاباش هُجي جسٽس ڏيارام گدو مل کي جنهن بنا رک رکاءُ جي حڪومت جي مرضي جي خلاف ڪيس تي نوٽ هنيو ۽ ڪيس جي اصل حقيقت واضع ڪئي. پيرصاحب تي ڪيس داخل ٿيڻ حر جماعت تي مختلف قسم جون پابنديون ۽ جيل ياترائن کين هٿيار کڻڻ تي مجبور ڪيو.

بچو بادشاهه وارن سرڪار خلاف اعلان بغاوت ڪري سانگهڙ ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، جنهن ۾ هنن سرڪار جي ڪا به حد بندي قبول نه ڪئي. بچو بادشاه جي قيادت ۾ ٻيا جيڪي حُر ساٿي شامل هُئا. انهن کي ٻارنهن ٻهروٽيا به سڏيو وڃي ٿو.

اُن وقت بچو بادشاهه وارن جيڪي ڪاروايون ڪيون، انهن ۾ خيرپور رياست ڇُٽل ڀرڳڙي خلاف ڪاروائي، سرڪاري عملدار جوالا سنگ جو مارجڻ، سرڪاري پيري مير اُنڙ جو قتل، ديسي دلال سردار وارث ناريجو جو قتل جهڙا اهم واقعا شامل آهن. اڃان اها ڳالهه واضع ٿي آهي ته بچو بادشاه پيرصاحبان جي حڪم تي هٿيار کڻي آزادي جو اعلان ڪيو، يا زيادتين جي نتيجي ۾ ٻارنهن ٻهروٽين جو ٽولو مکي ٻيلي ۾ لهي پيو، ڇاڪاڻ ته انهي تحريڪ متعلق متضاد روايتون ملن ٿيون. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو هڪڙو موقف آهي ته محمد عمر چنڊ صاحب جو ٻيو موقف آهي ته حر جماعت جي ماڻهن جو وري ٽيون موقف آهي جنهن جو سبب ڪا ڳالهه واضع لکت يا روايتن ۾ نه ملي آهي ته ڪو پيرحزب الله شاهه ڪو پنهنجي فقيرن کي ويڙه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هُجي، جهڙي نموني صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه غازي ڀرتي ڪري اعلان ڪيو هو.

۱۸۹۰ع ۾ پير حزب الله شاهه صاحب رحلت فرمائي ويو، اُن جاءِ تي پير علي گوهر شاهه محافي ڌڻي پڳدار ٿيو. جنهن پنهنجي حرن کي پيش پوڻ جو حڪم ڏنو جنهن جو وڏو سبب اهو هو ته سرڪار جي جوابي سخت ڪاررواين ڪري عام ماڻهو گهڻو پريشان ٿيا، حرجماعت توڙي عام ماڻهن کي سخت تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. سندن گرفتارين کان علاوه ڳوٺن جا ڳوٺ ساڙيا ويا، سندن مال گم ڪيو ويو. انهي تحريڪ جو اثر برطانيه سرڪار تي به پيو پر ان جدوجهد جو اثر اسان جي سنڌي سماج تي معاشي، سماجي ۽ ادبي پڻ ٿيو. ان جدوجهد جي نتيجي ۾ سرڪار سان ويڙهه ڪري سنڌي ماڻهن (خاص طور حرن کي مالي قرباني پڻ ڏيڻي پئي.) خود ايٽڪن جي رپورٽ مطابق ”مکي ايريا ۾ هزارن جي تعداد حرن جو چوپايو مال هو ۽ هو خوشحال هُئا ۽ اها مکي ڍنڍ ۽ ٻيلو سانگهڙ جي وچ ۾ هُئا.“

بچو بادشاهه سرڪار سان ٽڪر کاڌي اُن جي نتيجي ۾ حرن کي قيد ڪيو ويو. مکي ٻيلي ۾ مال چارڻ تي پابندي وڌي وئي، کين بي گهر ڪري لوڙهن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن جي ڪري حرن کي پنهنجي گهرن ۽ چوپاين کان محروم ٿيڻو پيو. سندن زمينن تي ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سرڪار کي موقعو مليو. حرن جون سماجي سرگرميون ختم ٿي ويون، سرڪار طرفان معاشري ۾ منفي پروپيگنڊا ڪئي وئي، سنڌ جي سماج ۾ حرن کي ڌاڙيل ڪرمنل طور پيش ڪيو ويو.

بچو بادشاهه جنهن مکيءَ ايريا کي مرڪز ٺاهيو هو اُها اُن دور ۾ ڏهن کان ٻارنهن ميلن ۾ پکڙيل هُئي، جنهن جي چوڌاري گهاٽو جهنگ هو جنهن کي مکي ٻيلو سڏيو ويندو هو، ڍنڍ کان علاوه انهي ٻيلي جي پکيڙ ڪيترن ئي ميلن ۾ هُئي اها ڍنڍ ۽ ٻيلو حرن لاءِ وڏي پناهه گاهه هو. موجوده وقت ۾ نه اهو ٻيلو رهيو آهي، نه ئي ڍنڍ ڇاڪاڻ ته ٻيلي واري واري جاءِ تي ريٽائرڊ فوجين جون ڪالونيون چڪن جي صورت ۾ پنهنجو مضبوط وجود رکن ٿيون. جڏهن ته ڍنڍ واري جاءِ تي چوٽياري ڊيم ٺهي ويو آهي، جيڪو مسلسل پاڻي ۽ سم جي شڪل ۾ آباد زمينن کي ڳڙڪائيندو پيو وڃي. حُر جيڪي مکي سانگهڙ ايريا ۾ خوشحال زندگي گُذاري رهيا هُئا، اُتي سرڪاري آفيسرن حُرن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، ۽ جتي به زيادتون وڌنديون آهن اُتي بغاوت ٿيندي آهي. پيرصاحب جي حڪم بعد هنن مجاهدن ۱۸۹۶ع ۾ سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي جڏهن ته ۰۷ مئي ۱۸۹۶ع تي بچو بادشاهه گرفتاري ڏني جنهن کي ايٽڪن جي رپورٽ موجب ۲۶ نومبر ۱۸۹۶ع تي ڦاسي ڏني وئي.

بچو بادشاهه واري جدوجهد کي پهرين حر تحريڪ طور لکيو وڃي ٿو. پهرين حرتحريڪ تي ڪجهه مقالا به ڇپيا. تازو پروفيسر مبين وساڻ سنڌي ۽ اُردو ۾ به ڪتاب بچو بادشاهه پيرو وزير ڪمپائل ڪيو آهي. هن تحريڪ تي پهريون رپورٽون خود انگريز دور جي سرڪاري آفيسرن جون آهن، جيڪي اڄ به موجود آهن جيڪي سرڪاري نقطه نظر کي سامهون آڻين ٿيون. انهن ئي سرڪاري رپورٽن کان پوءِ تحقيق اڳتي وڌي آهي. جيڪڏهن موجوده دور ۾ انهن رپورٽن کان علاوه جيڪي رپورٽون آيون آهن يا مواد ڇپيو آهي اُهو تجزين تي ٻڌل آهن. جيڪڏهن اهي رپورٽون انگريز سرڪار تفصيل سان رڪارڊ تي نه آڻي ها ته شايد اسان گهڻي ڀاڱي اهم تاريخ کان محرو ٿي وڃون ها. پهريون دفعو بچو بادشاهه جي ڦاسي چڙهڻ جي تاريخ به اسان کي اي ايڇ ايٽڪن E. H. AITKEN جي ڪمپائل ڪيل سنڌ گزيٽر مان ملي جيڪا ۱۹۰۷ع ۾ پرنٽ ميڊيا تي آئي. جنهن جي صفحي نمبر ۴۴۷ تي لکيل آهي، Bachu, having lost his best men and his credit, came in and gave himself up. He was convicted and hanged at Sanghar on 26th November 1896 . هن گزيٽر ۾ نه صرف سنڌ جي تاريخ آهي پر اُن دور ۾ هلندڙ حر گوريله جنگ، سانگهڙ مکي ڍنڍ جي جاگرافي جو احوال پڻ موجود آهي ٻي طرف حرن جي بهادري جا داستان هر طرف ڦهلجڻ لڳا جنهن جي ڪري لوڪ ادب وجود ۾ آيو. مل محمود پلي ۽ شادمان مري جهڙن سگهڙ شاعرن بچو بادشاهه واري تحريڪ کي شاعري جي روپ ۾ سماج آڏو آندو. جڏهن ته امر لعل هنڱوراڻي ڪهاڻي لکي ”حُر مکيءَ جا“ اها ڪهاڻي سنڌي ادب جي شروعاتي ڪهاڻين ۾ لکي وڃي ٿي مان ته ائين به چوندس جيڪڏهن سرڪار کانسواٰ جنهن حر تحريڪ تي پهريون قلم کنيو ته اُهو امر لعل هنڱوراڻي هو. انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين لٽريچر ۾ لکيل آهي:

The first experiment in Sindhi fiction starts with the publication of short story entitled Hur makhi ja (the Hurs of makhi). Lalchand Amardino mal published in magazine way back in 1902. This story was later included in the compilation of short stories by the same author entitled Hur makhi ja (1914). (Encyclopedia of Indian Literature)

۲۶ نومبر ۱۸۹۶ع جي صبح جو هن مرد مجاهد بچو بادشاهه کي ڦاسي ڏيئي موجوده سانگهڙ شهر جي ٽائون ڪميٽي ۾ موجود مسجد جي اُترين ڪنڊ ڀرسان دفنايو ويو. افسوس، انگريز سرڪار خلاف بغاوت ڪندڙ اُنهي مجاهد جي مدفن جو ڪو نالو نشان ڪونهي. اتي يادگار جوڙڻ لاءِ سانگهڙ ۾ اهڙن پروگرامن ۾ مطالبه به ٿيا آهن ۽ قراردادون به پاس ٿيون پر اڄ تائين عمل نه ٿيو.


 

بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير

سندن سانگهڙ تي بادشاهي ڪرڻ وارو دؤر

ڊاڪٽر امير بخش بڙدي

سنڌ ڌرتي ڪيئي جوڌا جوان پيدا ڪيا جن پنهنجي ڌرتي لاءِ جانين جون قربانيون ڏيئي هميشه لاءِ پنهنجي جيجل سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو. انهن مان ڪيترن ئي جوڌن جي هڪ پنهنجي تاريخ ته نروار اهي پر ڪجهه جوڌا اهڙا به ٿي گذريا آهن جن جي ديس لاءِ ڏنل قربانين ۽ جدوجهد جي تاريخ تي مٽي جي دز چڙهيل آهي. جنهن دز کي قلم جي نوڪ ذريعي ڇنڊي صاف ڪيو وڃي ته انهن جوڌن جي وطن يا ڪفن واري نعري هڻڻ جو هڪ وڏو باب ظاهر ٿي پوندو ۽ پوءِ انهن جي قربانين تي ڪيئي ڪتاب لکجي لائبريريون ڀرجي سگهن ٿيون، پر شايد لائبريريون کٽي سگهن ٿيون انهن جي وطن لاءِ ڏنل قرباين ۽ جدوجهد جي تاريخ نه کٽبي، سو اهڙي ئي هڪ تاريخ انگريز سامراج خلاف وڙهندڙ شهيد سورهيه بادشادهه ۽ حُر تحريڪ جي نوجوان بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير جي به آهي. جن جوڌن انگريز سامراج جي ظلمن کان تنگ ٿي انقلاب جو نعرو هڻي سانگهڙ تي پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي.

چيو وڃي ٿو ته انهن ۷ يا ۸ سال حڪومت هلائي. ان متوازي حڪومت ۾ بچو بادشاهه بڻيو ۽ پيرو وزير اعظم. باقي سندن وزارت جا ۱۲ ميمبر هئا جن کي حڪمران، ڍل اوڳاڙي ۽ خزاني جا کاتا مليل هئا. سانگهڙ تي بادشاهي ڪرڻ وقت مکي ۾ ٽڪن وارو دڙو، هيرڻ ڍنڍ ۽ جهوڙو لئو سندس حڪومت جا گادي وارا مرڪز هوندا هئا. جتي سندن گڏجاڻيون ٿينديون هيون. حُر تحريڪ جو جوڌو جوان بچو بادشاهه ۱۸۶۰ع ۾ سانگهڙ ويجهو ڳوٺ مٺڙائو ۾ فقير وريام خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو.

مٺڙائو ڳوٺ ان وقت وڏي آبادي وارو ڳوٺ هو. جتي ٻين ذاتين سان گڏوگڏ واڻيا ۽ سونارا به رهندا هئا. برطانيه سرڪار جي دور ۾ هي ڳوٺ تجارتي مرڪز هو. هتان کان مال متاع وڻج واپار سانگي ماڻهو نارا ڪئنال جي ذريعي سکر، شڪاپور تائين ايندا ويندا هئا ۽ ٿرپاڪر تائين هن شهر جي رسائي هئي. هن شهر جو عروج وڌندو ڏسي ان وقت جي بيرحم ويري برطانيه سرڪار ۱۸۹۵ع ۾ پنهنجي هڪ آفيسر لوڪس هٿان مٺڙائو ساڙائي ختم ڪرايو. نه ته هي شهر سانگهڙ وڏو شهر ۽ ترقي يافته هجي ها. جڏهن ته پيرو وزير ۱۸۶۳ع ڌاري تعلقو سنجهوري جي ڳوٺ ڀڙي ۾ صالح فقير جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جنهن کي بچو بادشاهه پنهنجو وزير اعظم بڻايو ۽ بچو بادشاهه کان عمر ۾ ۳ سال ننڍو هو. پيرو وزير پاڻ کي هوٿي ڄام به سڏائيندو هو. بچو بادشاهه ۽ وزير انگريز سامراج جي ظلم ۽ ڏاڍ کي ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي اکين سان ڏسندا رهيا، جيڪي ڌرتي واسين تي طرحين طرحين جا ظلم ڪندا هئا. ننڍپڻ کان ئي انهن ظلمن ڪري سندن دل ۾ انگريزن خلاف نفرت پکڙجي وئي. جيڪو وڌي انقلاب جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ پوءِ باقائده انگريزن جي ظلم و ستم کان تنگ ٿي سانگهڙ تي سندس بادشاهي قائم ڪئي. جنهن ۾ بچو بادشاهه ۽ پيرو کي سانگهڙ جو وزير اعظم ۽ گلو کي گورنر ٺاهي ان ڪابينا ۾ ۱۲ ماڻهو سندس حُر تحريڪ جا کنيا ويا ۽ پوءِ باقائده انگريزن جي حڪم کي ٿڏي سندس پنهنجا قانون ٺاهي سانگهڙ ۾ نافذ ڪري ان تي عمل ڪرايو، بچو بادشاهه ۽ پيرو وزير ماڻهن وٽ وڃي حال احوال وٺندا هئا ۽ درٻار قائم ڪري عوام جون شڪايتون ٻڌي ان جي مسئلن کي حل ڪرائيندا هئا، جنهن تي انگريز اڃا وڌيڪ ڏمرجي پيا، ۷ جون ۱۸۹۶ع تي خط لکي پنهنجي آفيسرن کي وڌيڪ نفري موڪلڻ جو چيو ته هاڻ بغاوت شروع ٿي وئي آهي، حُرن پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي آهي. انهن ۾ انتقام خون جو جذبو زياده ڀريل ٿو ڏسجي. اهي سرڪار جي سپاهين تي وڄ وانگر بي خوفي سان ڪڙڪي ٿا پون کين موت جي ڪابه پرواهه نه آهي. حُرن جي هن جٿي ۾ بچو پاڻ کي بادشاهه سڏائي انگريز سرڪار جي ڪاڻ نه ٿو ڪڍي، جيڪو پير صاحب جي خليفي وريام جو پٽ آهي، جو خود به هڪ ويڙهاڪ ماڻهو هو، ان کانسواءِ بچو سان گڏ هڪ وڏو ويڙهاڪ پيرو وساڻ ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن ۽ سانگهڙ نالي سرڪار قائم ڪئي اٿس، جنهن تي انگريز سرڪار بچو بادشاهه جي حڪومت کي ڪچلڻ لاءِ وڏي نفري موڪلي، جن اچڻ شرط باهه ٻار مت ڏني. ڪيئي ڳوٺن کي باهيون ڏئي حُرن کي وڏن ڳوٺن ۽ لوڙهن ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ۽ مکي ڍنڍ مال چاريندڙ کان خالي ڪرائي وئي ۽ انگريز فوج علائقي ۾ انسان ذات جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. ڳوڍڻ جا ڳوٺ ساڙي ناس ڪيا نه صرف ڳوٺن کي ساڙيو ويو پر جانورن جي خوراڪ لاءِ وڻن ٽڻن ۽ فصلن کي به ساڙي ناس ڪيو. ڍور، ڍڳا پڻ بک وگهي مرڻ لڳا، ڪيئي انساني جانيون سڙي مري ويون. انگريزن وٽ ان وقت قانون جو ڪوبه احترام نه هو. حُرن جي آڙ ۾ هزارين ماڻهن کي باهيون ڏئي ساڙي ماريو ويو، پر حرن مجاهدن به گوڏا نه کوڙيا. انگريزن جي فوج تي وڄ وانگي ڪڙڪندا هئا ۽ انگريزن جون وايون بتال ٿي وينديون هيون. انگريزن جي ظلم وستم ڏسي ان وقت پير صاحب پيرو وساڻ ۽ سندس ساٿين کي وڙهي سر ڏيڻ جو حڪم ڪيو، جنهن تي پيرو گهر وارن کان موڪلائي وطن ۽ ڪفن جو نعرو هڻي ميدان تي سنڌرو ٻڌي لٿو ۽ ساڻس گڏ گلو موچي، لڳيو چانگ ۽ ٻيا هٿياربند پنهوار ساڻس ڪري سانگهڙ کان ٻه ڪلوميٽر جي مفاصلي نوابشاهه روڊ وٽ جتي اڳ جهنگ هوندو هو. جتي چيو وڃي ٿو ته جهوڙي ڀنڀري جو هڪ وڏولئو هو. اتي مورچا بند ٿي ويٺا ۽ انگريزن آفيسرن کي لڙائي جو پيغام موڪليو، اهڙي پيغام تي لڙائي ڪرڻ لاءِ ڊبليو ايڇ لوڪاس پنهنجي سپاهه سان مقابلي لاءِ پهتو ۽ ٻئي ڌريون آمهون سامهون ٿيون، مقابلو هليو. ان وقت انگريز ڊبليو ايڇ لوڪاس پيرو کي وڏيون لالچون ڏنيون ته اسان سان فوج ۾ شامل ٿي وڃي، توکي انعام و اڪرام سان نوازيو ويندو پر پيرو اهڙي انعام تي لعنت وڌي ۽ ڪيئي انگريز عملدار ماريا، انگريز سپاهين جي گولين کين پروڻ ڪيو ۽ سندس ٽي ساٿي شهيد ٿي ويا. چيو پيو وڃي ته انهن ٽنهي شهيدن جا لاش پهرين سانگهڙ شهر ۾ جتي پراڻي نيشنل بئنڪ هئي اتي دفن ڪيو ويو پوءِ حُر جماعت جي فقيرن رات جو لڪي اهي لاش ڪڍي ميرپورخاص روڊ لڳ قبن واري مقام ۾ دفن ڪيا، پيرو وزير جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ بچو بادشاهه کي وڏو لڳو هو ۽ سدائين پريشان جي عالم ۾ هوندو.

بچو بادشاهه کي ۷ مئي ۱۸۹۶ع پير سائين صحافي ڌڻي پيش ٿيڻ لاءِ هڪ رومال نشاني طور موڪيو پاڻ ان نشاني ملڻ شرڪ رومال اکين تي رکيو ۽ پوءِ ٺهي سنڀري پيش پوڻ لاءِ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر سردار محمد يعقوب وٽ سانگهڙ ۾ پيش ٿيڻ آيو ته سردار يعقوب پڇيس ته ڪير آهين؟

چيائين بچو بادشاهه. اهو لفظ ٻڌڻ ساڻ سردار يعقوب کي ڏڪڻي وٺي وئي ۽ ٽيبل هيٺيان گهڙي ويو. بچو بادشاهه چيس ته مون کان نه ڊڄ آئون پنهنجي مرشد جي حڪم تحت پيش پوڻ لاءِ هتي توهان وت هلي آيو آهيان. جنهن تي وڃي سردار محمد يعقوب جو ساهه وريو ۽ ڏڪڻي ختم ٿيس ۽ سندس سپاهين جا به حوصلا ختم ٿي چڪا هئا ۽ سپاهين ۽ سردار کان وڌيڪ ڪمبڻي هئي اهڙي گرفتاري تي انگريزن ڊپٽي ڪمشنر سردار محمد يعقوب کي ۲۴ سؤ ايڪڙ زرعي زمين تحفي طور الاٽ ڪئي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين سنجهوري تعلقي ۾ ڊپٽي جي ڳوٺ نالي مشهور آهي. سندن خاندان سنڀاليندو پيو اچي. بچو بادشاهه جي گرفتاري پيش ڪرڻ کانپوءِ مهيني جي اندر ڦاهي ڏيڻ جو انتظام ڪيو ويو. آخرڪار بچو بادشاهه جي ڦاسي جو ڏينهن مقرر ٿيو، بچو بادشاهه کي سانگهڙ شهر ۾ سوليءَ تي چاڙهڻ لاءِ پڙها گهمايا ويا ته بچو بادشاهه جو انجام ڏسو. خلقون اچي گڏ ٿيون. ۱۸۹۶ع ۾ سوين ماڻهن جي سامهون جتي هينئر بچو بادشاهه چوڪ آهي، ان چؤنڪ وٽ، ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. سندس قبر بابت روايت آهي ته ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي مسجد شريف جي محراب وٽ آهي. ان جاءِ تي واڻين جو باغ به هوندو هو. بهرحال اصل صحيح ڄاڻ نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ان ميونسپل ڪميٽي جي ايراضي ۾ ئي ڪٿي دفن ٿيل هجي پر اهو به چيو وڃي ٿو ته پراڻي نيشنل بئنڪ وٽ دفن ڪيو ويو، جنهن کي رات پيٽ ۾ حُر فقيرن لاش ڪڍي ٻئي هنڌ دفن ڪيو. بچو بادشاهه جي قبر جي ته اڃا کوجنا نه ٿي سگهي آهي پر ڦاسي تي چاڙهڻ واري هنڌ تي يادگار چؤڪ ٺاهي ان کي بچو بادشاهه چؤڪ جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪواڄ به بچو بادشاهه چؤنڪ جي نالي سان مشهور آهي. حُرن جي جدوجهد نيٺ رنگ لاتو، انگريز سامراج کي تڙي ڪڍيو ۽ اڄ حران جو نالو سونهري اکرن ۾ لکيو ٿو وڃي.

No comments:

راءِ ڏيندا