ڀَلَي ڏنو ڀوڳائي
وارھ جا ڪردار
ڊاڪٽر علي اڪبر
اسير قريشي
وقت تيزيءَ سان
بدلبو رهي ٿو. اڳي واهڻن ۽ وستين ۾ ڏاڍو مزو هوندو هو. وڏي کل ڀوڳ ۽ چرچا گهٻا ڪيا
ويندا هئا. ماڻهن ۾ ميٺ محبت، سهپ ۽ پنهنجائپ جو ته مادو به نهايت جھجھو هوندو هو.
ڪنهن تي ڪوبه خوامخواه چَٿر يا جُلھ۽ طنز يا ٽوڪ ڪندو ھو، ان کي به کل خوشيءَ سان
قبول ڪندا هئا. موٽ ۾ وري کل جو جواب کل۾ ۽ ٽوڪ جو جواب ٽوڪ واري انداز ۾ ڏيندا هئا.
هڪ ٻئي سان محبت ۽ انس پڻ زيادھ رکندا هئا. ڪوبه ڪنهن سان ٻاڙو ڪونه ٻوليندو هئو. ڳوٺن
۾ رات جو اوطاقن تي ڪچهريون ٿينديون هيون، جو هرڪو ئي ڪچهريءَ مان لطف اندوز ٿي مزو
ماڻي هليو ويندو هو.
هيءُ اهو دور هيو، جو
لوڪ ادب سان لاڳاپيل جنسن کي ڪچهريءَ جي زينت بڻايو ويندو هو. ڪنهن ڏور ڏني ته وري
ڪنهن ڏٺ ۽ ڏهس جي پچار ڪئي، ڪنهن سينگار سوريو ته ڪنهن وري مولود ۽ مداحون ڇيڙي ڪچهريءَ
تي سَڪتو طاري ڪري پئي ڇڏيو. اهڙيءَ ريت هرڪنهن پنهنجي پنهنجي علم ۽ فهم موجب
پنهنجو پنهنجو فن ٻڌائي داد حاصل پئي ڪيو، ته ڪنهن وري پنهنجي فن وسيلي ڪچهريءَ وارن
کي کلائي کلائي کيرو ڪري ٿي ڇڏيو. اهڙن مزاحيه ماڻهن جو هن جديد دور ۾ وڏو ڪال ٿو ڏسجي.
اڄ ڪلھ ته اهڙيون ڪچهريون صرف نالي ۾ وڃي رهيون آهن، جن کي ياد طور ورجايو وڃي ٿو.
هن جديد دور ۾ اهڙيون ڪچهريون اڻ لء ٿينديون پيون وڃن، تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي اهڙين
ڪچهرين جو چؤٻول ٻُڌجي ٿو. تڏهن به اهڙو خال ڀرڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي. ڇو ته ڪوبه ڪنهن
جي جاءِ نه ٿو ڀري سگهي.
هن ويجهي دور ۾ پريل
مسخرو به پنهنجي مسخريءَ ذريعي گهڻو مشهور ٿيو پر پڇاڙيءَ ۾ زندگي ڏاڍي ڏکيءَ حالت
۾ گذاريائين. اٽڪل ۱۵/۲۰ سال مس ٿيندا جو وڏيءَ عمر ۾ هن فاني دنيا مان انتقال ڪري ويو آهي. اهڙن
ماڻهن کان اسان جي حڪومت ۽ ثقافت کاتو بنھ لاتعلق رهندو آيو آهي، جن کي اهڙن ماڻهن
جي ڪابه ڄاڻ نه آهي ته اهي پنهنجي فن ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙي طريقي سان پنهنجو نالو ڪمائي
ويا. عوام جون دليون ڪيئن کٽيائون ۽ انهن کي ڪهڙيءَ ريت وندرايائون. اهو سمورو
داستان ٻُڌڻ وارن کي ئي ياد هوندو، جن هنن مسخرن کي مسخري ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو هوندو. اسان
جي ٽهڳي ته پريل مسخري کي ڪيترائي دفعا مسخري ڪندي ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي. پر ان جو قدر ڪنهن
به نه ڪيو. آخر وڏيءَ ڄمار ۾ پنهنجو وارو وڄائي ويو. اڄ ڪلھ ته ڪنهن کي مشڪل سان
ياد ايندو هوندو ته ڪو پريل مسخرو ٻه هيو!؟
هن وقت مٺو ۽ منان
عباسيءَ جا نالا مشهور آهن پر منجهن ڀلي ڏني واري بوءِ ئي ڪانه آهي ۽ نه وري ڪو
پريل واري پريت کان واقف آهن ۽ انهن جي فن کان نه ناآشنا آهن. مسخرن جي به ڪا
پنهنجي دنيا آهي ۽ سندن مسخريءَ جو وري نرالو نانءُ آهي. ڳالھ پئي ڪيم ڀلي ڏني جي ڀوڳن
جي، پر پريل مسخرو به هن بيان جو حصو بڻجي ويو. ڪو نر نيهي هجي جو مسخرن جي شخصيت
۽ فن تي ڪجھ لکي ۽ سندن ياد کي تازو ڪري ۽ تاريخ جو حصو بڻائي. اچون ٿا ڀلي ڏني جي
بيان تي ته ڀلي ڏنو ڪير ۽ ڪٿان جو هيو ۽ ڪهڙيءَ ريت مقبول ۽ مشهور ٿيو ۽ شهرت ماڻيائين.
ڀلي ڏنو ذات جو ابڙو،
ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀلي ڏنو ڀوڳائيءَ جي نالي سان
نهايت مشهور آهي. هيءُ تعلقي وارھ جي ڳوٺ کنڊوءَ جو ويٺل هو. عبدالله متعلم رسالي “اديب
سنڌ” ۾ لکي ٿو :
“ڀلي ڏني کي
فوت ٿئي اٽڪل ٽيهارو سال ٿيندا. سندس عمر ۶۰/۶۵ سال هئي. شڪل شباهت ۾ ملان دوپيازي جو ثاني چئجي ته وڌاءُ
نه ٿيندو. بدن ڀريل، چيلھ لچڪيدار، مٿو صافن صاف (گنجو)، ته ڏاڙهي چاپُهين! ڀرون اٺ
وانگر وڏيون ۽ اکيون وري عجيب، هٿن جا چالا ۽ طرز بيان اهڙو هوس جو ڪهڙو به خوش
طبع ماڻهو ڏسڻ سان کلي ويهندو هو اکين ڦرڙائڻ ۽ اشارن ۾ اهڙو ڪمال هوس جو حاضرين
مجلس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. “(جون - ۱۹۵۱ع)
هن مان ظاهر ٿو ٿئي
ته سال ۱۹۲۰/۲۵ع ڌاري ڀلي ڏني جي عمر ۶۵-۶۰سال هئي يعني سندس ولادت اٽڪل ۶۰- ۱۸۵۵ع ٿي هوندي. عبدالله متعلم ڀلي ڏني جو حليو مبارڪ بيان ڪري
نهايت سٺي ڳالھ ڪئي آهي. پر مون کي سندس حليو مبارڪ سندس ڳوٺ جي نيڪ مرد ۽ عمر رسيده
بزرگ رٽائرڊ استاد اعزاز علي ابڙي کان هن ريت معلوم ٿيو. هو ٻڌائي ٿو :
“ڀلي ڏنو قد
۾ ڊگهو پر پورو ۽ وڻندڙ، جسم ۾ مضبوط، رنگ پورو، ڏاڙهي سونهاري باشريعت، راست گو ۽
هڪ طاقتور انسان هيو. “ ڀلي ڏني کي هڪ پٽ گل محمد نالي ٿيو، جنهن کي علي نواز نالي
پٽ ٿيو. جنهن اڳتي هلي ڀلي ڏني واري فن کي برقرار رکيو ۽ عوام ۾ مٽر جي نالي سان
نروار ٿيو. هن به پنهنجي فن ۾ چڱو نالو ڪمايو ۽ شهرت ماڻيائين. پر ڀلي ڏني جي ڀوڳن
جي ڳالھ ئي ٻي هئي. مٽر کي ٻه پٽ گل محمد ۽ ڀلي ڏنو نالي ٿيا. ڀلي ڏنو استاد ٿيو ۽
بنا اولاد جي هيءُ جهان ڇڏيائين. گل محمد کي هڪ پٽ نالي نذير احمد ٿيو. نذير احمد
جوانيءَ ۾ نوري آباد اسٽاپ تي ايڪسيڊنٽ ٿيو ۽ ساھ ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. نذير احمد
کي هڪ پٽ جو اولاد ٿيو جو صغير سنڌيءَ حيات آهي.
ڀلي ڏني ۽ مٽر
مسخري بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هن ريت لکي ٿو :
“هيءُ سنڌ جو
تمام وڏو مسخرو ٿي گذريو آهي، جنهن کي عام توڙي خاص ماڻهو پسند ڪندا هئا. هيءُ پهريون
مسخرو هيو، جنهن مسخريءَ کي اميرن جي درٻار مان ڪڍي عوامي محفلن ۾ آندو ۽ عوام جي
وندر جو باعث بڻيو.
هو خانداني مسخرو
هو ۽ کيس اهو فن پنهنجي پيءُ علي نواز عرف مٽرمسخري کان مليو هو. علي نواز نوابن ۽
سردارن جي محفلن جو مسخرو هو ۽ عوام ۾ ان جو نالو ايترو مشهور ۽ مقبول نه هيو. ڀلي
ڏني هن فن کي عوام جي ڪچهرين ۾ آندو. عوام ۾ ڏاڍو مشهور ۽ مقبول ٿي ويو.
هو نهايت پڪو چرچو ڪندو
هو ۽ ڪو گندو لفظ واتان نه ڪڍندو هو. مزاح جي ذريعي ماشره، بلڪ وڏن وڏن تي تنقيد ڪري
ويندو هو. هندو واپارين کي اڪثر ڪري وڏي واڪي چوندو هو، “ايترو ڪجھ گڏ ڪيو، جيڪو لڏڻ
وقت کڻي سگهو. “ جيتوڻيڪ کيس اميرن وٽان وڏا وڏا انعام ملندا هئا، پر ان مان ڪجھ به
بچائي نه رکندو هو. هو روزي نماز جو پابند هو، ۽ ديني ڪمن ۾ وڏي مدد ڪندو هو. سندس
وڏو ڪارنامو کنڊو ڳوٺ (تعلقو وارھ) واري ٽن قبن واري جامع مسجد آهي، جيڪا هن پنهنجي
پيسن مان ٺهرائي هئي. سندس قبر به ان مسجد ۾ آهي.
مٽر مسخرو ڀلي ڏني جو
پوٽو هو. سندس اصل نالو علي نواز هو. مسخريءَ جو نالو مٽر هوس. علي نواز جو پٽ گل محمد
مسخرو نه ٿيو. پر ان جي پٽ مٽر انهيءَ فن ۾ پنهنجا جوھر ڏيکاريا. مٽر پنهنجي ڏاڏي
واري جاءِ کي ڀري نه سگهيو. پر ان هوندي به عوام ۾ چڱو نالو ڪڍيائين.
مٽر مسخري کي به ديني
ڪمن سان دلچسپي هئي. پنهنجي ڏاڏي جي ٺهرايل مسجد ۾ قائم ڪيل ديني مدرسي جو سمورو خرچ
پاڻ ڀريندو هو. اهو مدرسو ۱۹۵۰ع تائين قائم رهيو. مٽر کي ٻه پٽ گل محمد ۽ ڀلي ڏنو ٿيا.
ڀلي ڏنو پرائمري اسڪول کنڊوءَ جو هيڊ ماستر ٿيو، “(لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو ص۲۰۴ /۱۹۸۴ع)
ڀلي ڏنو پنهنجي فن
۾ يڪتا، بينظير ۽ بي مثال، هڪ وڏي صلاحيت ۽ شخصيت جو مالڪ هو. خدا تعالیٰ کيس اهڙو ته شيرين زبان بڻايو هو، جو ماڻهن کي پنهنجي ڄاڻ ۽ لياقت وسيلي سندن
پيٽ ۾ ٿي سور وجهي ڇڏيائين. سندس گفتگوءَ جي ادا به نرالي هئي. جڏهن ڳالهائيندو هو
ته ماڻهو کيس وڏي چاھ سان ٻُڌندا ۽ لطف اندوز ٿيندا هئا. مجال آهي، جو کانئس خراب
اکر ٻُڌجي. الفاظ وري اهڙا توري توري ۽ تڪي اچاريندو هو، جو ماڻهو کيس ٻُڌي ٻُڌي
دنگ رهجي ويندا هئا. جيڪڏهن مسخري ڪندو يا ڳالهائيندو هو ته اخلاق جي دائري کان ٻاهر
هرگز نه ويندو هو. حاضر جوابيءَ ۾ وري پنهنجو مٽ پاڻ هو.
ڳالھ ته ڪن ته پاڻ ڏاڍو
متقي، سُنتي ۽ وڏي ڀاڳ وارو هو. جنهن وٽ به ويندو هو ته ان کي پنهنجي انداز بيان ۽
نرالي گفتي سان جھٽ ۾ کڻي پنهنجو بڻائي وٺندو هو. هڪ دفعي مسجد جوڙائڻ جو خيال آيس.
اهڙو پڪو پھ ۽ اٽل ارادو ڪري مسجد شريف جي چندي گڏ ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کان نڪري پيو. ان
ريت ڳوٺ خير محمد ڪرٽيي (تعلقو قنبر) جي زميندار وٽ لنگهي ويو. زميندار کانئس حال
احوال ورتا ۽ حال احوال ڏنائين کيس چندي کان کُتو جواب ڏنو. هن اتي ڪجھ به ڪو نه ڪڇيو،
پر سندس ڳوٺ ۾ ئي ڪنهن اوطاق تي رهيو. رات جو مسخري ڪندي ڪندي ماڻهن کي کل ۾ کيرو ڪري
وڌائين. آخر ۾ ڪرٽين جي ساراھ ۾ هن ريت ٻول ٻوليائين تہ، ادا ڪچهري مون ڏي غور ڪري
خيال سان ٻُڌو ۽ هيءُ گفتو دل سان ياد ڪجو، ڪو وقت ايندو جو اوهان مون کي ياد ڪندؤ،
سو ٻُڌو:
“بابي ۽ مون ڪيو
ھو باغ، ان ۾ پوکياسين گدرا، هنداڻا، ميها ۽ ونگا. اچي پيو مينهن، باغ به لڳو ڀلو.
وَلين جو اچي پِتا جھليا، جو پَٽي پَٽي کڻي ٿڪجي پؤ. ليڪن ڀَلَ جي ڪري گدري جي ولين
کي اهڙو ڪو مرض لڳو، جو گدرن جي بدران گهڻائي ڪرٽ ۽ ڪرٽيون ٿيون. اسان به انهن ڪرٽن
۽ ڪرٽين کي وڪڻڻ شروع ڪيو. آني ڪرٽ، ٽَڪي ڪرٽي جام وَڪيون، پر پيسي پائيءَ تي به کپايونسين.
آخر اهڙا اچي بيزار ٿياسون، جو مفت ۾ به ڪرٽي ڪو ڪو نه پيو وٺي.“
ماڻهو رؤنشي ڪوڏيا
۽ تماشبين، جو ٻُڌڻ سان ڀلي ڏني کي ته وڏو ساراهيائون. چؤطرف هوڪرا ۽ ڪوڪرا پئجي ويا.
گهڻا ته کلي کلي کيرا ٿي پيا. وڏي ڌوم مچي وئي. کل جو ٻٽڪو پئجي ويو. هڪ ماڻهوءَ وڃي
وڏيري کي سربستو ۽ پيرائتو احوال ڪري ٻُڌايو، ته مسخري ڀلي ڏني واھ جا تعدي ڪئي آهي!
جو ذات واري هڪ به نه ڇڏي اٿس. اڳتي ته الائي ڇا ڇا ڪندو.؟ وڏيري سڄي حقيقت ٻُڌي، ڀلي
ڏني کي پاڻ وٽ گهرائي، گهڻو نذرانو ڏيئي خوش ڪيائين.
ڀلي ڏنو نواب غيبي
خان کان وٺي مير صاحبن تائين مقبول ۽ مشهور هيو. ميرن وٽ سندس ڪافي عزت هئي ۽ ان
سان گڏ هلندي پڄندي به هيس. اهڙيءَ ريت سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن ماڻهن تائين سندس چڱي
خاصي پهچ هئي. مسخريءَ جي ڪري ايترو ته مشهور ٿيو، جو ڳوٺ وارن کي پڻ پنهنجي فن ڏانهن
مائل ۽ قائل ڪري وڌائين، جنهن ڪري سندس ڳوٺ جي ماڻهن کي کل ڀوڳ ۽ چرچي گهٻي کان
سواءِ ٻيو ڪجھ به نه ايندو هو. اهڙي ئي اعتبار کان سندس ڳوٺ کنڊوءَ کي مسخرن جو ڳوٺ
ڪري سڏيو ويندو هو. آخر ڪار ڳوٺ تان اهو نالو ميسارجي ويو، جنهن جو سبب ڀلي ڏني هڪ
ٽن قبن واري مسجد تعمیر ڪرائي. اڄ به اها مسجد ٽہِ قبائين سڏجي ٿي. ان کان
پوءِ مولوي عبدالرؤف ۽ مولوي عبدالغفور ڀائرن علم جي روشنيءَ جي ڪري کنڊو ڳوٺ هنڌين
ماڳين مشهور ٿيو. کنڊوءَ ۾ وڏو مدرسو هو. مولوي محمد عظيم شيدا ۽ علامه محمد هدايت
علي نجفي تارڪ به هن مدرسي ۾ پڙهيا. آخر مسخرن جو ڳوٺ سڏڻ بجاءِ کنڊوءَ کي علم جو
گهر ڪوٺڻ لڳا. هرهنڌ کنڊوءَ جي مدرسي جي هاڪ ۽ ڌاڪ ٻُڌڻ ۾ پئي آئي. مولوي عبدالرؤف
۽ مولوي عبدالغفور ديني علم کي پنهنجي ڪوششن سان گهڻوئي زور وٺايو. مولوي عبدالرؤف
عالم هئڻ سان گڏوگڏ عاشقِ رسول ۽ شاعر پڻ هو. ديني علم جو جوهر ۽ زور تڏهن جھڪو ٿيو،
جڏهن مولوي عبدالرؤف قادياني مذهب اختيار ڪيو ۽ هتان علم موڪلايو.
ڀلي ڏني کي ٻني ٻارو
ڪونه هيو، پر سندس گذر سفر جو ذريعو مسخري هئي ۽ مسخريءَ جي ڪري ئي وڏي شهرت ماڻيائين.
ليڪن پنهنجيءَ عمر ۾ خير جا ٻه وڏا ڪم ڪيائين. هڪ ته ميڙا چونڊي ۽ چندا چاري ڪري
عاليشان ٽِه قبائين مسجد جوڙيائين ۽ ٻيو ڪم کوھ کوٽايائين. اهي سندس ٻئي ڪم سندس
ياد تازي ڪن ٿا ۽ اڄ به صحيح ۽ سالم حالت ۾ آهن.
ڀلي ڏني جا ڀوڳ ۽ ٽوٽڪا،
گهڻائي گفتا اڄ به ماڻهن کان ڪين وسريا آهن. سندس اهڙن ٽوٽڪن ۽ گفتن مان ڪجھ نمونا
حاصل ٿيا آهن، جيڪي هن ريت آهن:
۱-هڪ دفعي سر نواب غيبي خان چانڊيي کيس ڪچهريءَ لاءِ گهرايو. ڪچهري ڪندي
نواب صاحب کي مزاحيه چرچن ۽ ڀوڳن سان اهڙو ته موهيائين، جو خود نواب غيبي خان هڪ ڀلو
گهوڙو انعام طور سندس حوالي ڪيائين. گهوڙي جي پوئين حصي تي هڪ وڏو ڳوڙهو هيو، پر نواب
ان کان بي خبر هيو. آخر ڀلي ڏنو اهو گهوڙو ڪاهي ڳوٺ آيو. ڳوٺ پهچندي ئي، واريءَ
سان هڪ لوٽي ڀري گهوڙي جي ڪنڌ ۾ ٻَڌائين. ستت ئي موٽي نواب غيبي خان جي هلندي ڪچهريءَ
۾ گهوڙي تي سوار ٿي، حاضر ٿيو. پهچڻ سان نواب صاحب جو سلام ڪيائين. “نواب صاحب گهوڙي
جي ڪنڌ ۾ ٻَڌل وڏي لوٽي ڏسي، کانئس سبب پڇيو، ته هيءُ ڇا ڪيو اٿئي!” تنهن تي جواب
۾ چيائين ته عالي جناب! گهوڙي جي ڄاڻ ٿو ماريان، متان سواري ڪندي پوئتي نه اڇلائي ڇڏي!”
اهو گفتو ٻُڌندي ئي
نواب صاحب ان پنهنجي نوڪر تي گرم ٿيو، ۽ ڀلي ڏني کان اهو ڏنل گهوڙو واپس وٺي، خاص
پنهنجي سواريءَ جو بهترين گهوڙو سندس حوالي ڪيائين.
۲-ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڳوٺ کنڊوءَ کان، آريجن جي ڳوٺِ گڏھ تي چڙهي پهتو، ته
وٽس زميندارن جو هڪ ٽولو لنگهي آيو. کيس چيائون ته “هن گڏھ ننڍڙي ڦر، پٺيان ڪهڙو
آواز ڪڍيو آهي. “ کين چيائين تہ:اي صاحبان! ننڍڙو ڦر ناناڻا ڏسي سرائيڪي ٿو ڪري. جنهن
تي زميندار بيحد شرمسار ٿيا. “ايئن ئي ڀلي ڏني کان هار کائي واپس وريا.
۳-ساڳيءَ سواريءَ تي هلندي هلندي، ڌامراھ واھ جي پُل تي پهتو. جتي هڪ گرم
مزاج صوبيدار بيٺو هو. ساڻس سپاھ به ڪافي هو. سپاهين کيس ھڪل ڪري چيو ته اي ويندڙ!
ٻُڌاءِ ته راهداري اٿئي. “ يڪدم جواب ڏنائين ته جي صاحب! “گڏھ جو پڇ مٿي ڪري، کين
چيائين، ته هيءَ لکت انگريزي ۾ آهي، پاڻ پڙهوس. صوبيدار اهڙي حاضر جوابيءَ کان
متاثر ٿي، ڪجھ گهڙيون خاموش رهي، ڀلي ڏني کان معافي ورتائين.
۴-ھڪ دفعي خيرپور رياست جي واليءَ ڀلي ڏني کي پاڻ ڏانهن گهرايو. کيس چيو ته ابڙا
صاحب ٻُڌ! مون توهان تي بازي /شرط رکي آهي. خدا جي واسطي منهنجي لڄ پت رکجانءِ!رات
گذري. صبح ٿيندي ئي مير صاحب وٽ ٻانهي آئي. ٻانهيءَ عرض ڪيو ته بادشاھ سلامت! “مهمان
کي ڪوٽ اندر سڏايو ويو آهي. “ ڀلي ڏنو ڪوٽ ۾ داخل ٿيو. ڇا ڏسي ته سينگاريل ڪمري ۾
مستورات جو ٽولو ڪرسين تي وڏي رعب تاب سان ويٺل هيو. ڪرسين جي درميان هڪ نئين چاڏي،
پَٽَ جي رومال سان ڍڪيل هئي. انهن عورتن سڳورين مان هڪ مائي صاحبہ، ڀلي ڏني سان
مخاطب ٿيندي، کيس چيو تہ” اي مهمان! منهنجي سهيليءَ کي الله تعاليٰ هڪ لعل بخشيو
آهي، جنهن جي اڄ رات ڇٺي ٿيندي. اي درويش مهمان! اوهين پنهنجي هٿڙن سان، هنن سڀني
کي، چاڏيءَ مان مٺائيءَ جو ونڊ ڏيو. “ چاڏيءَ جو ڍڪ کوليائين ته هڪ وڏو ڪوئو نڪري
پيو. مهمان کي چيو ويو ته “هڪدم اهو ڪوئو پڪڙي چاڏيءَ ۾ واپس وجهو. نه ته ٻيءَ صورت
۾ تنهنجي عزت ۾ خلل پوندو. “ڀلي ڏني نهايت هوشياري ۽ چالاڪيءَ کان ڪم وٺندي، سڀني
عورتن جا روا پوتيون لهرائي، موڙيون ٺاهيون. عورتن کيس چيو تہ”هي ڇا پيو ڪرين! کين
ڀلي ڏني مشڪي چيو ته اي امي جان! نه ڪو ڏرڙ نه ڪا ڏار آهي، متان ڪنهن جي ٻرڙ ۾ نه گهِري
وڃي ته مان پرديسي ڇا ڪندس. “ويٺل عورتون سڳوريون ايترو ته ڇَڪي ۽ پشيمان ٿيون، جو
بنا موڪلائڻ جي پنهنجي پنهنجي ڪمرن ڏانهن ھليون ويون. انهيءَ رٿيل ڊرامي جي ڪري
مير صاحب پنهنجا جاسوس مقرر ڪيا هئا، ته جيڪڏهن مان سوڀ حاصل ڪيان، ته ھن طرح
اشارو ملي ۽ جي هار کاوان ته پوءِ هُن طرح. جڏهن مير صاحب کي پنهنجي فتح جو پيغام
مليو ته خوشيءَ مان ڪمري ڏانهن قدم وڌايائين. پهچي ڏٺائين ته ڪمري ۾ ڪابه عورت
موجود ڪانهي. آخر ۾ بازي کٽڻ تي، ڀلي ڏني کي پنهنجي ڳلي سان لايائين ۽ کيس ڪافي انعام
اڪرام ڏيئي نوازيائين.
۵-ڳالھ ٿا ڪن ته هڪ دفعي ڀلي ڏنو درياھ جي هُن پار ڪنهن ڳوٺ ۾ ويو. وضو ڪري
ان ڳوٺ جي مسجد ۾ داخل ٿيو. ڇا ڏسي ته هڪ غلام، طالبن /شاگردن کي عربيءَ جي تعليم ڏيئي
رهيو آهي. ڀلي ڏني نُک (تڏو) سوري، هون هون ڪري نماز پڙهڻ شروع ڪئي. مولوي صاحب کٿابين
کي سبق ڏيڻ بند ڪري، ڪتاب ڏسڻ لڳو، ته چيائين ته مان ته هڪ ئي آهيان ۽ مهمان مولوي
صاحب ڀُليو آهي. ڀلي ڏنو سلام ورائي اٿي بيهي رهيو ۽ وري هون هون ڪري فرض پڙهڻ شروع
ڪيائين. فرض پڙهي پورو ڪرڻ کان پوءِ سُنت ۽ نفل به ساڳيءَ طرح ادا ڪيائين. جنهن
کان پوءِ چادر مٿي تي وجهي مراقبو شروع ڪيائين. شاگردن ڏٺو ته اسان جي استاد، اسان
کي سدائين غلط درس ڏنو آهي ۽ سبق وٺڻ کان انڪار ڪيائون. مولوي صاحب حيرت ۾ پئجي
ويو. شاگردن کي چيائين ته پُٽ! مون ته سڄي عمر پڙهايو آهي. ۽ سموري عمر پڙهڻ ۽ پڙهائڻ
۾ گذاري اٿم. پر ايئن ڪڏهن به نه ٿيو آهي. جنھن تي شاگردن وراڻيو ته اڳي به ايئن ئي
پڙهايو اَٿَوَ، جيئن هاڻي غلط ٿا پڙهايو. اڄ کان پوءِ اسان درس وٺڻ کان بس ڪئي. جڏهن
مولوي صاحب سخت پريشان ٿيو، تڏهن ڀلي ڏني معلم کي نهايت حيران ۽ پريشان ڏسي، دعا گهري،
مسجد کان ٻاهر نڪرڻ لڳو ۽ ٻاهر نڪري جُتي پاتائين. مس ته مولوي صاحب به تڙتڪڙ ۾ اٿي
وڃي، سندس ٻانهن کان جهلي، کانئس پڇيائين ته “اوهان جو اسم مبارڪ ڇا آهي؟” جواب ۾
کيس مرڪندي چيائين ته “منهنجو نالو ڀلي ڏنو مسخرو آهي. “ مولوي کيس ڀاڪر ۾ قابو ڪري،
واپس وٺي اچي پاڻ وٽ ويهاريائين. ٿڌو ساھ ڀري، شاگردن کي مخاطب ٿي چيائين ته سڄي ڳوٺ
وارن کي اطلاع ڪيو ته ڀلي ڏنو خان اچي چڪو آهي. اوهين هت اچي سندس زيارت ڪيو. بعد
۾ کيس پورا ٽي ڏينهن مهمان طور ترسايو ويو. “
ڀلي ڏنو مسخريءَ
سان گڏ راڳ جو به سٺو ڄاڻو ۽ ماهر هو. هڏ ڪاٺ ۾ به مضبوط ۽ ٿلهو متارو جوان هو. سندس
سر تي هڪ ناچو آرام سان نچي سگهندو هو جيتوڻيڪ سندس ڌنڌو مسخري ۽ راڳ ويراڳ ڪرڻ هيو،
تڏهن به سندس دل خدا تعالیٰ ڏي نهايت مائل ۽ راغب هئي. ايتري قدر جو پنهنجي ٺهرايل
مسجد شريف اڳيان پنهنجي قبر به پاڻ ئي کڻائي ڇڏي هئائين. آخر ۾ قبر ۾ گهِري راڳ به
ڪيو هئائين. پاڻ نيڪ نيت، حق گو، حق پرست، خوش طبع، خوش مزاج، مزيدار، سچار ۽
ايماندار ۽ متقي به هيو. اهڙيءَ ريت روزي نماز جو پابند گهڻو هيو. سندس پيڙهيءَ
مان علي نواز عرف مٽر به نالي وارو مسخرو ٿي گذريو آهي.
اڄ تائين ڀلي ڏني جا
ڀوڳ ۽ ٽوٽڪا مشهور آهن جو ماڻهو سندس گفتا ۽ ٽوٽڪا ورجائي پنهنجي دل وندرائيندا آهن.
سندس مقبوليت ۽ مشهوري ڇا چئجي؟ جو سنڌيءَ ۾ عام ڪري هيءُ پهاڪو ڏيندا آهن تہ: “تون
ته ڪو ڀلي ڏنو مسخرو آهين. “
هي سندس ٺهرايل مسجد
شريف جو اندريون ۽ ٻاهريون ڏيک آهي.
(نوٽ: هي منهنجو
مضمون آهي، جيڪو وارھ گزيٽيئر ۾ ندا ابڙو جي نالي سان ڇپايو ويو آهي. ان ڪري هتي ڏيڻ
ضروري سمجهيم، ته حقيقت پڌري ٿي سامهون اچي. ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي)
(علي اڪبر اسير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا