واجد حسين مسڻ
اٺين ڪلاس جي ذهين ۽ گهڻ
صلاحيتي شاگرد سان ڳالھ ٻولھ
انٽرويو: صدام جوڻيجو
پيارا ٻارو! اڄ اسان اوهان کي هڪ
انتهائي ذهين، جفا ڪش، محنتي، وقت جي پابند ۽ گهڻ رخي صلاحيتن جي مالڪ شاگرد واجد
حسين مسڻ سان ڳالھه ٻولھ ڪرائينداسين؛ جيڪو پنهنجي ذات ۾ منزل ماڻڻ خاطر اٽل ارادا
۽ مضبوط مقصد رکندڙ آهي، جنهن جو تعلق خانداني طور هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان رهيو
آهي.
سوال: اوهان پنهنجو مڪمل تعارف
ڪرائيندا؟
جواب: منهنجو نالو واجد حسين
ولد مٺل خان ذات مسڻ آهي. منهنجو جنم ضلع بدين جي شهر لواري شريف ڀرسان واقع ڳوٺ
خانصاحب عبدالرحمان ڪوريجو ۾ ۱۸ آڪٽوبر
۲۰۰۳ع ۾ ٿيو، ڇاڪاڻ ته منهنجي والده
جو تعلق ان ڳوٺ خانصاحب عبدالرحمان ڪوريجو، ضلع بدين سان آهي، پر هاڻي اسان ڏوڪري
شهر ۾ رهون ٿا.
سوال: اوهان پرائمري جا پنج درجه
ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهيا؟
جواب: پرائمري جا پنج درجا گورنمينٽ
بوائز مئن پرائمري اسڪول ڏوڪري ۾ پڙهيا. منهنجو والد صاحب به هڪ اصول پرست، خوددار
۽ محنتي پرائمري استاد رهيو آهي. پرائمري اسڪول ڏوڪري ۾ مونکي پنجين ڪلاس ۾ سائين محمد
يوسف چنا پڙهايو آهي، سائين مئٿ جي سبجيڪٽ ۾ وڏي مهارت رکڻ سان گڏوگڏ سُهڻي صورتخطي
طور پوري سنڌ ۾ مشهور آهن، پاڻ خوشخطي طور مشهور استاد رهيو آهي.
سوال: اوهان جي خيال ۾ پرائيويٽ
اسڪول بهتر آهن يا سرڪاري اسڪول؟
جواب: اسڪول ڪهڙا به هجن، انهن
۾ تعليم پرائيندڙ شاگرد هر دور ۾ پنهنجي پنهنجي اسڪول جو نالو ملڪن ۾ مشهور ڪيو
آهي.
رهي ڳالھ تعليم جي معيار جي ته
هاڻي سرڪاري اسڪولن ۾ به بهترين ۽ معياري تعليم ڏني وڃي ٿي، جيڪي استاد چٽاڀيٽي جي
ذريعي امتحان پاس ڪن ٿا، اهي قابل ۽ محنت ڪش استاد آهن، اهي وڏي چاھ ۽ جذبي سان پڙهائين
ٿا. اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي هر سرڪاري اسڪول ۾ تعليمي معيار وڌيو آهي، پر رهي ڳالهھ پرائيويٽ
اسڪولن جي، اتي ته خاص طور تي نظم و ضبط تي گهڻو ڌيان ڏنو وڃي ٿو.
روزانو يونيفارم پائي اچڻ، ڪتابن
جو ٿيلهو ڳچي ۾ هجڻ، بوٽ جو لازمي پائي اچڻ تي گهڻي سختي ڪئي وڃي ٿي. غريبن جا ٻار
ته پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهي نه ٿا سگهن، ڇاڪاڻ جو انهن اسڪولن جون فيسون به ڳريون آهن،
جيڪو غريب ماڻهو برداشت نه ٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن مان هيئن چوان ته پرائيويٽ اسڪول
آهن ئي اميرن جي ٻارن لاءِ ته غلط ڪو نه ٿيندو.
سوال: اوهان هن وقت ڪهڙي اسڪول
۾ ۽ ڪهڙي ڪلاس ۾ پڙهو ٿا؟
جواب: مان هن وقت گورنمينٽ حيدر
بخش جتوئي بوائز هاءِ اسڪول ڏوڪري ۾ اٺين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو آهيان. مان پنهنجي والدين
جي دعائن ۽ پنهنجي محنت ذريعي پرائمري تعليم کان وٺي اٺين ڪلاس تائين ڪلاس مانيٽر
رهندو آيو آهيان، اڳتي به محنت ڪري ڪلاس مانيٽر ٿيندو ايندس. هوشيار شاگرد ڪلاس ۾ هميشه
سرخرو هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو ڪم وقت تي پورو ڪري ايندا آهن. فيئر ڪاپيون ۽
ٻيو مليل ڪم هر وقت پورو رکندا آهن، جڏهن ته استادن کي شڪايت جو موقعو ناهن ڏيندا،
استاد به ذهين ۽ محنتي شاگردن جو خيال رکندا آهن. هوشيار ۽ محنتي شاگرد هر هنڌ سوڀارو
رهندو آهي، ان جي نه صرف والدين، پر ساڳي وقت معاشري توڙي مٽن مائٽن وٽ به وڏي عزت
هوندي آهي.
سوال. اوهان تقريري مقابلن ۾ سدائين
پهرين پوزيشن کنئي آهي، اثرائتي نموني تقرير ڪرڻ جو فن ڪنهن کان سکيو آهي؟
جواب: جي ها مان الله سائين جي مهرباني
سان ۽ والدين جي دعائن سان سدائين تقريري مقابلن ۾ پهرين ئي پوزيشن کنئي آهي.
منهنجا سڀ ڀائر پنهنجي پنهنجي دور
۾ بهترين ڊيبيٽر رهيا آهن، مان انهن کان ئي تقرير ڪرڻ جو فن سکيو آهي.
منھنجو وڏو ڀاءُ غلام قادر مسڻ،
جيڪو ۲۰۰۲ع ۾ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪميشن پاس
پوليس آفيسر ٿيو آهي، اهو پڻ بهترين تقرير ڪندڙ سان گڏوگڏ اثرائتو ليکڪ پڻ آهي.
جڏهن ته منهنجو ڀاءُ ساجد مسڻ
جيڪو پڻ پنهنجي دور ۾ بهترين ڊيبيٽر رهيو آهي، اڄ به استاد مون کي ان جي نالي ڪري سڃاڻيندا
آهن، اهو پڻ بهترين ليکڪ آهي، جيڪو اڄڪاله ٻارڙن تي گهڻو لکي ٿو. ان کان علاوه
منهنجو ٽيون ڀاءُ امجد مسڻ اهو پڻ پنهنجي دور ۾ تقرير ڪندڙ شاگردن ۾ نمايان حيثيت
رکندڙ آهي، اهڙي طريقي سان مونکي تقرير ڪرڻ جي سکيا پنهنجين ئي ڀائرن کان ملي آهي.
تقرير ڪرڻ جي فن جي سکيا لازمي
آهي، جنهن کي سکيا ملي ٿي، اهو ٽاپ ڪري ٿو، جن کي سکيا نه ٿي ملي، اهي تقرير کي خبرن
وانگر پڙهي اسٽيج تان لهي اچن ٿا. الله پاڪ جي ڪرم سان مون هن وقت تائين ڪيترا ئي ڪپ،
ٽرافيون، ميڊل، ڪتاب، ڊڪشنريون ۽ ٻيا انعام تقريري مقابلن ۾ کٽيا آهن، جيڪي منهنجي
الماڙي ۾ گهر جي سونهن طور پيل آهن.
سوال. اوهان جي نظر ۾ ڪير وڌيڪ
ذهين شاگرد آهن؟ ٽيوشن پڙهڻ وارا شاگرد يا ٽيوشن نه پڙهڻ وارا شاگرد؟
جواب: جيتري قدر تعلق آهي ذهانت
سان، منهنجو اهو خيال آهي ته ذهانت قدرتي ڏات آهي، اها ڪنهن به شاگرد ۾ ٿي سگهي ٿي،
ان سان اهو تعلق نه ٿو جُڙي ته ڪو ٻار جيڪڏهن ٽيوشن پڙهي ته ذهين آهي، ٽيوشن نه پڙهي
ته ذهين ناهي. باقي اها ڳالھ واضع ۽ مڃڻ جوڳي آهي ته جيڪو ٻار مسلسل محنت ڪري ٿو، جنهن
۾ محنت ڪرڻ جي مستقل مزاجي آهي، اهو ئي پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب و ڪامران رهي ٿو. جيتري
قدر منهنجو مشاهدو رهيو آهي ته ٽيوشن پڙهندڙ شاگرد ٻين شاگردن کان وڌيڪ پر فارم ڪري
ٿو، ڇاڪاڻ ته ٽيوشن تي هر ٻار تي الڳ الڳ نموني سان توجھ ڏنو وڃي ٿو، ٻار کان سختيءَ
سان ڪم ورتو وڃي ٿو، نه پڙهڻ جي شڪل ۾ ان ٻار جي والدين سان ان جي شڪايت ڪئي وڃي
ٿي، مجبورن ان ٻار کي محنت ڪرڻي ئي پوي ٿي، پڙهڻو ئي پوي ٿو.
سوال. اوهان جي نظر ۾ وڌيڪ محنت
شاگرد ڪن ٿا يا شاگردياڻيون؟
جواب. اڄ جو دور چٽاڀيٽي ۽ صلاحيتن
جي ڀرپور استعمال جو دور آهي، اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي شاگردياڻيون وڌيڪ محنت ڪن ٿيون.
سوال. اوهان جي زندگيءَ جو مقصد
ڪهڙو آهي؟
جواب: منهنجي زندگيءَ جو مقصد
ڊاڪٽر ٿيڻ آهي، مونکي ڊاڪٽري واري شعبي سان بي انتها پيار ۽ محبت آهي، هن پيشي کي مسيحائي
پيشو به چيو ويندو آهي، پر اسان وٽ بدقسمتيءَ سان پرائيويٽ ڪلينڪنون وڏي انگ ۾ کلي
ويون آهن، اهڙو رواج ته ترقي يافته ملڪن ۾ ڪو نه آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ عام جام آهي،
اسان کي اميد آهي نئين چونڊيل وزيراعظم محترم عمران خان مان ته هو اهڙي عمل کي ننديندو
۽ هڪ ڏينهن تبديلي ضرور ايندي هي سڀ پرائيويٽ پريڪٽس بند ٿي ويندي، اهڙي ئي عمل سان
اسان جي ملڪ جي ترقي ممڪن ٿيندي.
سوال. آخر ۾ پڙهندڙ کي ڪهڙو پيغام
ڏيندو؟
جواب آخر ۾ پڙهندڙ کي اهو ئي پيغام ڏيندس ته زندگي مختصر آهي ان ۾ ايتري ته محنت ڪيو جو پنهنجي لاجواب تاريخ ٺاهيو. هاڻي اسان جا سنڌي ڀائر جاڳيا آهن، جيڪي هر ميدان ۾ دنيا جي ترقيءَ ۾ ٻين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلن ٿا، جنهن عمل تي اسان کي فخر آهي، هاڻي اسان جي سنڌ مان ڪيترا ئي ئي نوجوان ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم به پرائين ٿا، ڪاروبار به ڪن ٿا ته روزگار به. آخر ۾ اهو ئي عرض ڪندس ته ڏکي وقت ۾ ٻين جي مدد ڪندا ڪيو، اها ئي انسانيت آهي، اها ئي عبادت آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا