; سنڌي شخصيتون: يوسف مستي خان

01 May, 2023

يوسف مستي خان

يوسف مستي خان

جدوجهد ڪندڙ ڪردار جو وڇوڙو

نثار لغاري



ڪامريڊ يوسف مستي خان ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ اوڻٽيهه سيپٽمبر ۲۰۲۲ تي وفات ڪري ويو. هو هن وقت عوامي ورڪرز پارٽي جو مرڪزي وفاقي صدر هو. يوسف مستي خان پنهنجي سموري زندگي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد ۾ گذاري، هو غوث بخش بزنجي سان گڏ رهيو جيڪو بلوچستان ۾ پهريون ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر هو. هن شروع ۾ عوامي مزاحمتي سياست ڪئي پارليامينٽ جي محاذ تي به جدوجهد ڪندو رهيو.


يوسف مستي خان هڪ امير خاندان جو هوندي ڪميونسٽ نظريي کي اختيار ڪيو ۽ هتي قومي طبقاتي جمهوري انساني آزادين جي جدوجهد ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو هن مارڪسزم کي هميشه پورهيتن جي نجات جو نظريو سمجهيو ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين ان تي ڪاربند رهيو هن سمورن مسئلن جي جڙ غير جمهوري قوتن کي قرار ڏيندي پنهنجي سموري حياتي جمهوري جدوجهد ڪندي گذاري هو جيڪڏھن چاهي ها ته ڪنهن به حڪمران پارٽي ۾ وڏي عهدي تي اچي پئي سگهيو پر هن عوامي سياست کي هميشه ترجيح ڏني هن سدائين غير جمهوري قوتن کي هر پروگرام ۾ ظاهر ڪيو ته غلامي ۽ سموري سامراجيت جو سبب اوهين آھيو هن تنقيد جو اهو سلسلو ڪڏھن بند نه ڪيو.

يوسف مستي خان گم ٿيل ماڻھن جي ڪيس کي به ڀرپور نموني عوام ۽ اقتداري ڌرين اڳيان رکندو رهيو انهي معاملي تي جيتري بي خوفي جي ضرورت هئي ان کان به وڌيڪ بي خوف ٿي ڪامريڊ انهي موضوع تي ڳالهائيندو هو هن بلوچستان جي گم ٿيل ماڻھن کان وٺي سنڌ ۾ جبري گمشدگين تي وڏن فورمن تي ڳالهايو هن سپريم ڪورٽ بار جي هڪ پروگرام ۾ تازوئي خفيا ادارن تي کلي ڳالهايو ۽ اها ڳالهه پڻ ڪئي ته جيڪڏھن قومن کي غلام رکڻ جي روش جاري رهي ته هي وفاق نه هلي سگهندو هن اهو پڻ چيو ته دنيا بدلجي وئي آھي پر توهان تاريخ مان ڪجهه به سکيو ناهي ايتري بيباقي ۽ جرائت سان يوسف مستي خان ڳالهائي سگهندو هو

اسان جهڙي سماج ۾ جتي اظھار راءِ تي مڪمل پابندي هجي عوام کي مڪمل طرح غلام سمجهيو وڃي اتي اسين جمهوري جدوجهد پهرين ڪنداسين ڇو ته جمهوري آزادين کان پوءِ ئي ٻين آزادين لاءِ ماحول هموار ٿيندو آھي يوسف مستي خان ان جهڙا ٻيا ڪامريڊ ھتي هميشه جمهوري آزادين جي ڳالهه ڪندا رهيا

افسوس ۽ شديد ڪاوڙ آھي ته اسان جي سماج کي گهڻ طرفو گهيرو ڪري سماج کي تمام گهڻو پوئتي بادشاهي آپيشاهي سسٽم طرف ڌڪيو ويو آھي جتي عوامي آزاديون جمهوريت جمهوري خيال اڄ به خواب مثل آھن انساني حق ئي اڃا بحال نه ٿي سگهيا آھن اهڙو سماج واقعي ڪئين اڳتي وڌي سگهندو

اسڪارف جي معاملي تي ايران ۾ وڏي عوامي تحريڪ اڀري پئي آھي جنهن جي اڳواڻي عورتون ڪري رهيون آھن انهن مولوي صاحبن کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي هڪ ڇوڪري جي حراستي مرڪز ۾ مارجي وڃڻ تي هن وقت تائين ٻه سئو جي لڳ ڀڳ مظاهرا ڪندڙ مارجي ويا آھن افسوس ته اسان جي سماج تي حڪمران طبقن اهڙي نفسياتي جنگ مڙھي آھي جو عوام هر ظلم ۽ بربريت برداشت ڪري رهيو آھي هر ظلم کي برداشت ڪري جانورن کان به بدتر زندگي گذاري رهيو آھي اهڙي اهم موڙ تي ڪامريڊ يوسف مستي خان جو وڇوڙو وڏو نقصان آھي هڪ سگهارو آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو

هو هتان جي حڪمران طبقن ۽ انهن جي آقائن تي کلي ڳالهائيندو هو ڪا پرواهه نه ڪندو هو سندس اها جرائت يقينن نون باغي ڪردارن کي جنم ڏيندي هي ظلم جبر بربريت جو سماج تبديل ٿيندو

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۸ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

يوسف مستي خان

عظيم سياسي روايتن جي هڪ دور جي پڄاڻي

 شاھد جتوئي

ناليوارو ترقي پسند سياستدان يوسف مستي خان به هاڻي اسان وچ ۾ ناهي رهيو. سندس وفات سان پاڪستان جي مظلوم قومن ۽ محنت ڪش طبقن جي حق ۾ گونجندڙ هڪ بلند آواز هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. يوسف مستي خان جو شمار پاڪستان جي تاريخ جي انهن سياستدانن ۾ ٿيندو آهي، جن سياست مان دولت ناهي ڪمائي پر سياست تي پنهنجي دولت وڃائي. هن وٽ دولت هئي پر هن اها دولت مظلوم قومن ۽ طبقن جي لاءِ سياست تي لڳائي، جتان کيس قيد ۽ بند جي اذيتن ۽ تڪليفن کان سواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيو. هو خانداني رئيس ۽ امير هو پر هن پنهنجي زندگي هڪ ترقي پسند نظرياتي سياسي ڪارڪن طور گذاري. مارڪسي لغت ۾ جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو ته يوسف مستي خان حقيقي طور تي پنهنجو پاڻ کي “ڊي ڪلاس” ڪيو. سندس حقيقي سياسي ۽ سماجي رشتو صرف غريب سياسي ڪارڪنن سان رهيو. هن سدائين کاٻي ڌر جي سياست ڪئي ۽ مرندي گهڙي تائين پنهنجي سياسي رشتن کي نه ڇڏيو.

منهنجي ساڻس ملاقات تقريبن ۳۰ سال اڳ ٿي هئي. ناليواري ترقي پسند ۽ بلوچ قومپرست اڳواڻ مبشر قيصراڻي ايڊووڪيٽ سان گڏ مان ڪراچيءَ ۾ سندس گهر پي اي سي ايڇ ايس ويو هيس، جتي عظيم سياستدان مير غوث بخش بزنجو رهائش پذير هو. محل نما ڪوٺي ۾ اسان داخل ٿياسين ته دروازي تي ئي يوسف مستي خان اسان جي آجيان ڪئي. مبشر خان قيصراڻي ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو. ان کان پوءِ ساڻس مسلسل نياز مندي رهي. اتي مير غوث بخش بزنجو سان ڊگهي ڪچهري ٿي. گهر ۾ آيل سمورن مهمانن جي خاطر داري نوڪر نه پر يوسف مستي خان پاڻ ڪري رهيو هو. انهن جو گهر پرولتاري سياسي ڪارڪنن جو ڳڙهه هو. سياسي ڪارڪن ان کي پنهنجو گهر سمجهندا هئا، جتي انهن کي رهائش، کاڌو ۽ ٻيون سهولتون ملنديون هيون. رڳو اهو ئي نه، گرفتار سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ بھ کاڌو موڪليو ويندو هو ۽ انهن جي ضمانتن جي لاءِ به ڀڄ ڊڪ ٿي رهي هوندي هئي. مان جڏهن به ٻيهر انهن جي گهر ويس، اتي منهنجي بلوچستان ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي ناليوارن ترقي پسند سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ملاقات ٿي ويندي هئي. مون يوسف مستي خان جهڙا تمام گهٽ رئيس زادا ڏٺا آهن، جيڪي زمين زاد ٿي ويا ۽ جن مظلوم قومن ۽ غريب ماڻهن جو سدائين ساٿ نڀايو هجي ۽ انهن خاطر تڪليفون ڏٺيون هجن.

يوسف مستي خان ۱۶ جولاءِ ۱۹۴۸ع تي ڪراچي ۾ خواجه اڪبر مستي خان جي گهر پيدا ٿيو. لاله منان باچا ايڊووڪيٽ مطابق سندن تعلق بلوچن جي مشهور قبيلي “گورگيج” سان هو. ان قبيلي کي ڪنهن زماني ۾ بلوچ تاريخ جي ڊگهي قد، قومي هيرو ۽ ناليواري بلوچي شاعر “بالاچ” سبب گهڻي شهرت ۽ عروج حاصل رهيو. بالاچ جي وفات بعد اهو قبيلو وکري ويو ۽ قبيلي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ افغانستان هجرت ڪري ويا ۽ قنڌار جي ڀرپاسي “ڪرز” جي علائقي ۾ آباد ٿي ويا. اڍائي سئو سال اڳ ان قبيلي جا ڪجهه ماڻهو افغانستان کان هجرت ڪري قلات ۾ آباد ٿيا، جڏهن ته يوسف مستي خان جو خاندان ڪراچي ۾ اچي آباد ٿيو. انهن جو شمار ڪراچي جي حڪمران خاندان ۾ هو. هڪ طرف يوسف مستي خان جو والد خواجه اڪبر مستي خان فشري جي ڪاروبار سان جڙيل رهيو ۽ فيڪٽرين جو مالڪ به رهيو ۽ ٻئي طرف سندس چاچو ستار مستي خان انگريز حڪومت ۾ خان آف قلات جو سفير رهيو. يوسف مستي خان شروعاتي تعليم ڪراچي ۽ پوءِ مري ۾ حاصل ڪئي. تعليم کان فارغ ٿيڻ بعد هن هڪ ملٽي نيشنل ڪمپني “پاڪستان برما شيل” ۾ بحيثيت مئنيجر ملازمت ڪئي. ڀٽو جي دور ۾ جڏهن بلوچستان ۽ سرحد ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نيپ) جي حڪومتن کي برطرف ڪيو ويو ۽ پارٽي تي پابندي لڳائي وئي ته يوسف مستي خان ملازمت ڇڏي سياست جي ميدان ۾ ڪاهي پيو. حڪومت کيس سندس چاچي ستار مستي خان سان گڏ بلوچ مزاحمت ڪندڙن جي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ۽ انهن کي قلي ڪيمپ ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو. يوسف مستي خان سڀ کان اڳ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (اين ڊي پي) ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن جي قيادت سردار شير باز خان مزاري ۽ بيگم نسيم ولي ڪري رهيا هئا. هو اين ڊي پي ڪراچي جو صدر رهيو. هن ۱۹۷۷ع ۾ لياري جي علائقي ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن به وڙهي. پر جنرل ضياءَ اقتدار تي قبضو ڪري اها اليڪشن ٿيڻ نھ ڏني. افغان انقلاب کانپوءِ هو مير غوث بخش بزنجو جي قيادت ۾ بڻجندڙ پاڪستان نيشنل پارٽي (پي اين پي) سان جڙي ويو ۽ آخري دم تائين مير غوث بخش بزنجو جي نظرين تي قائم رهيو. هن جنرل ضياءَ الحق جي خلاف پهرين بحالي جمهوريت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪيترائي ڀيرا قيد ۽ بند جون تڪليفون برداشت ڪيون. ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۶ع تائين هو پي اين پي جو مرڪزي صدر رهيو. ۱۹۹۷ع ۾ جڏهن پي اين پي جي هڪ ڌڙي مير بزن بزنجو سردار عطاءُ الله مينگل جي سربراهي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ته يوسف مستي خان انهن کان پنهنجي راهه الڳ ڪري ورتي ۽ پي اين پي کي منظم ڪيو. بعد ۾ هن کاٻي ڌر جي پارٽي “پاڪستان ورڪرز پارٽي” ۾ ان کي ضم ڪيو ۽ نيشنل ورڪرز پارٽي جي نالي سان نئين جماعت جوڙي، جنهن جو صدر عابد منٽو هو ۽ يوسف مستي خان سيڪريٽري جنرل رهيو، ان کانپوءِ چار وڌيڪ پارٽين نيشنل ورڪرز پارٽي سان الحاق ڪري عوامي ورڪرز پارٽي جوڙي، جنهن جو صدر عابد منٽو هو ۽ يوسف مستي خان نائب صدر ٿيو. عابد منٽو بعد فانوس گجر پارٽي جو صدر بڻيو. فانوس گجر جي وفات بعد يوسف مستي خان کي پارٽي جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو.

يوسف مستي خان جي سڄي زندگي سياسي جدوجهد سان ڀريل آهي. هو مختلف تحريڪن دوران مظاهرن ۾ سدائين پهرين صف ۾ رهيو. هو قومي مسئلي کي طبقاتي مسئلي سان گڏائي ڏسندو هو. هو ننڍين قومن جي حقن جي تحريڪن ۾ به شامل رهيو ۽ محنت ڪش طبقن جي حقن جي لاءِ به اڳيان اڳيان رهيو. سندس زندگي جي آخري وڏي تحريڪ بحريه ٽائون طرفان مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضي خلاف هئي. ڪينسر جهڙي خطرناڪ مرض باوجود به هو ان تحريڪ جي قيادت ڪندو رهيو ۽ مظاهرن ۾ پاڻ شريڪ ٿيو. ان ئي بيماري دوران سندس گوادر وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي ۽ ان خلاف بغاوت جو ڪيس بڻائي کيس گرفتار ڪيو ويو. سندس سياسي زندگي ۾ انهن کي ڇا ڇا آڇون نه ٿيون هونديون پر هن سدائين اقرار ۾ نه، انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. هو دولت مند به هو ۽ ناليوارو سياستدان به. پر هن ڪڏهن به ڪو سرڪاري عهدو يا مراعت حاصل نه ڪئي. بيماري جي بستري تي به سندس سياسي ڪارڪنن سان رابطو قائم رهيو. يوسف مستي خان جي وفات سان سياست ۾ عظيم روايت جو هڪ دور پڄاڻي تي پهتو آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيء ۾ ۹ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


يوسف مستي خان

اعليٰ انسان، بهترين دوست، ڪميٽيڊ سياستدان

عبدالخالق جوڻيجو

“جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي”

منهنجي ويجهن دوستن کي خبر آهي ته مان لفظن جو غير ضروري وڌا بلڪل ناهيان ڪندو. اڃا به ڪن دوستن کي شڪايت هوندي آهي ته مان ڪنهن جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪنجوسي کان ڪم وٺندو آهيان. پر مان کلئي دل سان ۽ دماغ جي يقين سان چوان ٿو ته شاهه لطيف جي مٿئين سٽ يوسف مستي خان تي بلڪل پوري لهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ سندس زندگي جي آخري ۳۴ سالن بابت مان اها ڳالهه وثوق سان چئي سگهان ٿو، جنهن عرصي دوران منهنجي ساڻس تمام گهڻي سياسي توڻي ذاتي ويجهڙائي رهي.

يوسف مستي خان سان منهنجي پهرين ملاقات ۷۹-۱۹۷۸ع ۾ پراڻي دوست سيد شاهه محمد شاهه جي معرفت ٿي، جڏهن اهي ٻئي پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جا اڳواڻ هئا. پر ساڻس ويجهڙائي ۱۹۸۸ع کان ٿي، جڏهن سنڌ قومي اتحاد (SNA) ٺهيو ته ڪراچي لا ان جو صدر عثمان بلوچ ٿيو (جنهن جو تعلق PNP) سان هو ۽ سيڪريٽري جيئي سنڌ محاذ جو اڳواڻ هاشم کوسو مقرر ٿيو. ان کانپو عام چوڻي مطابق “پوئتي موٽي نه ڏٺوسين”. يوسف ۽ عثمان جي سنگت ته گهڻي پراڻي هئي. منهنجي ملڻ کانپو اسان جي ٽه مورتي (Troika) ٺهي پيئي، جنهن کي زماني جا لاها چاڙها، دوستن دشمنن جون “مهربانيون” توڻي سياست جي ميدان جا طوفان لوڏي نه سگهيا. آخرڪار موت جو “ساڙيلو” فرشتو اسان کي ڌار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. “پنهنجن” جي جدائيءَ جي درد کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ۾ انسان “پنهنجن” سان وڌيڪ ويجهو ٿيندو آهي، پر منهنجي ويجهو ته عثمان بلوچ به ڪونه هو، جنهن کي ڀاڪر پائي ڏک ونڊي سگهان ها. ۲۹ سيپٽمبر تي صبح جو اطلاع ملڻ تي خاندان کان ٻاهريون پهچندڙ مان پهريون ماڻهو هئس. پو آهستي آهستي سياستدان، ليکڪ، پورهيت اڳواڻ، بلوچ ۽ سنڌي قومپرست ڪارڪن پهچندا ويا. هڪٻئي سان افسوس جو اظهار ڪندا رهياسين. شام جو ميوا شاهه قبرستان ۾ يوسف کان زندگي جو ڀاڪر ڇڏائي گهر پهتس. امداد چاچڙ ۽ علي مستوئي ڪجهه دير يوسف جون خبرون ڪري هليا ويا. رات خاموشي ۾ گذري صبح جو ۱۰ هزار ميل پري امريڪا ۾ (علاج خاطر) ويٺل عثمان سان فون تي جڏهن چيم ته “يار عثمان، يوسف هليو ويو”. ته ان مهل اکيون آليون ۽ آواز گهگهو ٿيندي محسوس ڪيم.

يوسف جي شخصيت، سندس سياسي جدوجهد ۽ اسان جي سياسي ساٿ ۽ ذاتي دوستي جا حوال لکجن ته شايد ننڍو وڏو ڪتاب بڻجي وڃي. هن جي سڀ کان وڏي خوبي پنهنجو پاڻ کي ڊي ڪلاسيفا ڪرڻ هو. خانداني طور سندس تعلق خوشحال گهراڻي سان هو. جنهن جو ڪنهن وقت ڪاروبار ڪراچي کان رنگون (برما) تائين ڦهليل هو. سندس والد اڪبر مستي خان جا پاڪستان جي اشرافيا ڪلاس سان ويجها لاڳاپا هئا. جهڙوڪ هارون خاندان ۽ شيخ (غلام حسين هدايت الله) گهراڻو. ذوالفقار علي ڀٽي سان به سندس دوستاڻا واسطا هئا. پر پو جهڙو ورتا ڀٽي پنهنجي ٻين دوستن (جي ايم رحيم، معراج محمد خان، مير ڀائر، مختار رانا، حنيف رامي، عبدالحميد جتوئي وغيره) سان ڪيو، ان جو نشانو اڪبر مستي خان به بڻيو. بلوچستان جي چونڊيل حڪومت ڊسمس ڪرڻ ۽ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ کانپو روڊ جو وڏو ٺيڪو ڏيڻ لا ڀٽي مستي خان کي گهرايو پر هن بلوچ ليڊرن (بزنجي، مينگل ۽ مري) کان پڇي پو ورندي ڏيڻ جو چيس. اهو جواب ڀٽي جي “شهنشاهي” سوچ لا برداشت کان ٻاهر هو. سو هن اڪبر خان کي جيل ۾ به وڌو ۽ ڪاروبار ۾ به نقصان ڏنائينس. اهو مستي خان جي ڪاروبار کي ٻيو ڌڪ هو. (پهرين برما ۾ فوجي حڪومت اچڻ سان لڳو هو).

يوسف خانداني لاڳاپا استعمال ڪري (خاص ڪري ڀٽو حڪومت ڪرڻ کانپو) ڪاروبار کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش بدران پنهنجو سڄو وقت، توانايون ۽ صلاحيتون هيٺئين طبقي جي (قومي ۽ طبقاتي) سياست تي خرچ ڪيون. نتيجي طور سندس مالي حيثيت وڌيڪ ڪمزور ٿي. پر هن مرد مٿير ڪڏهن ان جي پرواهه نه ڪئي. هڪ مرحلي تي ته وٽس پنهنجي سواري به ڪانه هئي، پر پو به ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ هر ترقي پسند پروگرام ۽ هر اسٽيبلشمينٽ مخالف سرگرمي ۾ هي همراهه موجود هوندو هو. ڪڏهن ڪنهن يار دوست سان گڏجي ته ڪڏهن رڪشا ٽيڪسي تي چڙهي. مختصر چئجي ته يوسف مستي خان سماجي بيهڪ جي حساب سان اهڙي ڏاڪي تي بيٺو هو، جو جيڪڏهن چاهي ها ته آرام سان مٿئين طبقي ۾ هليو وڃي ها، جتي وزير يا سينيٽر ٿيڻ ڪو مسئلو نه هو، بلڪه حقيقت اها آهي ته اقتداري پارٽين طرفان آڇون ٿيس به پر انهن کي نفرت سان ٺڪرائيندي هن شعوري طور پاڻ کي هيٺين طبقن سان ۽ انهن جي جدوجهد سان جوڙيو. سو به ان دور ۾ جڏهن سوويت يونين ٽٽي چڪو ۽ چڱن ڀلن جا ڇهه ڀڄي پيا. ڪيترن نالي وارن ڪميونسٽس طبقاتي جدوجهد کي زندگي جي غلطي قرار ڏيندي ان کي “طلاق” ڏني ۽ ڪيترن ڏسڻن وائسڻن اقتداري ٽولن سان سودي بازيون ڪيون.

ٻي سندس وڏي خاصيت سڀ ڪنهن کي “منهن تي چئي ڏيڻ” واري هئي. ان جا ڪيترائي مثال آهن، پر اختصار خاطر صرف هڪڙو انڊيجنئس الائنس ٺهيو ته ان جو پهريون وڏو اجلاس ايئرپورٽ هوٽل ۾ ٿيو. ۲۰۰ کان مٿي ماڻهن جي ميڙ ۾ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ به شريڪ هئا ته ملير جا وڏيرا به. يوسف هڪ نجي اڏاوتي اسڪيم ۽ ان جي سرپرستين تي ڳالهائڻ سان گڏوگڏ ڪجهه “هٿرادو” ڳوٺن جا نالا وٺي نيشنلزم جي نالي ۾ ٿيندڙ قبضن جي به نشاندهي ڪئي ته وڏيرن جي ماضي جي ڪردار جا مثال ڏيندي خبردار ڪيو ته “اهي وڏيرا ڀڄي ويندا”. ۽ پو ڪجهه مهينن ۾ ئي هن جي ڳالهه سچ ثابت ٿي.

ٽين ڳالهه ته هو وڏو بهادر شخص هو. بيماري جي صورت ۾ اسلام آباد وڃي سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن طرفان ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ڪيل سندس تقرير ميڊيا ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ملڪ جي نهايت طاقتور ادارن ۽ انهن ادارن ۾ ويٺل شخصيتن جا نالا وٺي انهن کي ملڪ جي سنگين صورتحال جو ذميوار قرار ڏنائين. زندگي جو آخري فيصلو به انتهائي بهادري وارو ڪيائين. جنهن جهڙو ورلي نظر ايندو. ٽن چئن سالن کان هلندڙ ڪينسر جي علاج کيس ڪمزور ۽ بددل ڪري وڌو هو. ان هوندي به سياسي سرگرميون جاري رکيو ايندو هو ۽ اسان دوستن جي (خاص ڪري منهنجي ۽ حفيظ بلوچ جي) منٿ ۽ منع ڪرڻ جي باوجود نه مڙندو هو. جيڪا ڳالهه طبيعت لا وڌيڪ مسئلا پيدا ڪندي هئس. آخر پنهنجو مسئلو ڊاڪٽر وٽ کڻي ويو، جنهن واضح نموني چيس ته “زندگي جي معيار ۽ مقدار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوندي”. هن مرد مٿير معياري زندگي جي چونڊ ڪندي علاج ڇڏي ڏنو ۽ پو بلڪل صحتمند نظر اچڻ لڳو. کائڻ، پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ هلڻ گهمڻ، بلڪل معمول جهڙو سياسي طور به نهايت سرگرم رهندي سڄي ملڪ ۾ گهمندو رهيو. جڏهن ته کيس خبر هئي ته سندس زندگي جا ڏينهن تيزي سان گهٽجي رهيا هئا. ٽي مهينا اڳ ۾ گهرواري گذاري ويس ۽ هاڻي پاڻ ان جي پويان ويو. شايد زندگي ۾ گهرواري کي گهٽ ٽائيم ڏيڻ جي ڪسر پوري ڪرڻ لا جلدي ان سان وڃي مليو.

جڏهن مئي ۱۹۹۸ع ۾ ڀارت ائٽمي ڌماڪا ڪيا ته ان جي جنگي جنون جو مقابلو ڪرڻ لا پاڪستان ۾ زبردست مهم شروع ٿي ويئي. خاص ڪري مخالف ڌر ليڊر بينظير ڀٽو پاڻ کي وزيراعظم نواز شريف کان وڌيڪ “وفادار” ثابت ڪرڻ خاطر ان مهم کي “چريائپ” جي حد تائين وٺي وئي. نتيجي ۾ آبادي جو تمام وڏو تعداد ائٽم بم جي حمايت ۾ ميدان ۾ هو. جيڪي حامي نه هئا، اهي به ڀئوَ کان خاموش هئا. ان وقت ڪجهه ترقي پسند ۽ انسان دوست ماڻهو بم جي مخالفت ۾ ڪراچي ۾ گڏ ٿيا، جن ۾ مان به شامل هئس. اهو ميڙ يوسف مستي خان جي صدارت ۾ سندس گهر جي ان اڱڻ تي ٿيو، جتي هينئر سندس تڏو ڪيو ويو هو. ان ۾ سياسي پارٽيون صرف پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ جيئي سنڌ محاذ شريڪ هيون.

جيئي سنڌ محاذ سان (مجموعي طرح) ۽ مون سان يوسف (۽ عثمان بلوچ) جي ويجهڙائپ ۽ هم آهنگي ايتري هئي جو شايد ڪجهه پارٽي ميمبرن کان به وڌيڪ. رسمي طور ڌار پارٽين ۾ هوندي غير رسمي طور اسان هر سياسي سماجي مسئلي تي صلاح مشورو ڪندا هئاسين. جنهن ۾ گهڻو ڪري هڪجهڙائي هوندي هئي. “هئا اڳي ئي گڏ پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا”. جهڙي صورتحال هوندي هئي. مثال اڻکٽ آهن، جن جو تفصيل ڏيڻ ممڪن ناهي. خاص ڪري ڪراچي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو اهڙو ڪو پروگرام (جلسو، سيمينار، مظاهرو، ريلي نه هئي، جنهن ۾ يوسف ۽ عثمان نه هجن. ساڳي طرح پاڪستان نيشنل پارٽي/ورڪرز پارٽيءَ جي هر پروگرام ۾ مون سميت محاذ جا دوست شريڪ ٿيندا هئا. هڪ دفعي هفتو اسپتال ۾ رهڻ کانپو گهر پهتو ته ٻئي ڏينهن اسان جو احتجاجي مظاهرو هو. مون ڄاڻي واڻي کيس دعوت ڏيڻ لا فون نه ڪئي. صرف عام اطلاح وارو موبائيل ميسيج موڪليو. سو به ان ڪري ته اطلاع نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندس ڪاوڙ جو خطرو هو. مظاهرو شروع ٿيو ته يوسف مستي خان موجود هو. ايترو ڪمزور هو جو ڪيترا دوست کيس سڃاڻي نه پئي سگهيا. ۱۷ جنوري ۲۰۲۰ع حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي دعوت ڏيڻ مهل مون کيس چيو ته “طبيعت صحيح نه هجي ته تڪليف نه ڪجو، حيدرآباد ۾ توهان جي پارٽيءَ جو اڳواڻ بخشل ٿلهو موجود هو.” جلسو شروع ٿيو ته هي همراهه ڪنڌ ۾ ميڊيڪل ڪالر هنيو موجود هو. لاڳيتو تڪليف ۾ هئڻ باوجود آخر تائين ويٺو رهيو.

ساڳي طرح وري هڪ ڏينهن مان صبح جو ڪورٽ وڃي رهيو هئس. رستي ۾ يوسف جي فون آئي ته “گٽر باغيچي جي حوالي سان مسئلو ٿي پيو آهي، فوري طور اچ ته هلون”. مان بغير ٻئي خيال جي رستو مٽائي يوسف وٽ پهتس. گٽر باغيچي جهڳڙي واري جا پهتاسين ۽ رات جو يارهين وڳي واپس گهر آياسين.

وري جيڪڏهن ڳالهه خالق، يوسف، عثمان ٽه مورتي جي ڪريان ۽ سياسي نفاست ۽ دانشوراڻا اصطلاح ڇڏي روايتي سنڌي لفظ استعمال ڪريان ته “ماڻهو سڙندا هئا”. ڪن “سنڌ جي اڳواڻي” جي دعويدارن ته اسان جي وچ ۾ ڦيٽارو وجهڻ لا ڪوششون به ڪيون. پر سياڻن چواڻي ته “پاڻي تي ڪيترون به لٺيون وسايو ان ۾ ڏار وجهي نه ٿا سگهو”

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپري حيدرآباد ۾ ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




جناب يوسف مستي خان جي ياد ۾

ڳنڍين سارو ڏينهن

اثر امام

اوهان جي موبائيل ۾ اهڙا ڪجهه نمبر ضرور هوندا آهن جيڪي هاڻي نه ڊائل ٿي سگهن ۽ نه ڊليٽ. منهنجي فون ۾ به اهڙا ڪافي نمبر گڏ ٿي ويا آهن. پهريان پراڻو ساٿي ۽ سٻاجهڙو دوست نعيم شاڪر، پوءِ لنگوٽيو يار ۽ ڪليگ غلام رسول جوڻيجو، وري جهونو سياسي اڳواڻ محمد علي ڀارا، پوءِ چوڌري فتح محمد، فانوس گجر، ڪامريڊ حسن عسڪري، ڪامريڊ روشن ڪلهوڙو ۽ هاڻي واجه يوسف مستي خان. هاڻي آئون نه انهن کي فون ٿو ڪري سگهان ۽ نه وري انهن جا نمبر ڊليٽ ڪرڻ تي ارواح ٿو ٿئي. يوسف صاحب جي نمبر تان ڏهاڙي صبح جو گڊ مارننگ جو خوبصورت ميسيج پابنديءَ سان ملندو رهندو هئو جيڪو پڻ هاڻي نه ٿو ملي.

يوسف مستي خان ۱۶ جولائي ۱۹۴۸ع تي اڪبر مستي خان جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هُو بلوچن جي گورگيج قبيلي سان تعلق رکندو هئو. ڪنهن زماني ۾ ان قبيلي ۾ بالاچ خان نالي هڪڙو خوبصورت ۽ قدآور شاعر پيدا ٿيو هئو جنهن قبيلي کي تمام وڏي پيماني تي سڃاڻپ ڏياري. بالاچ پنهنجي قبيلي جي سرداريءَ کان علاوه ٻين بلوچ قبيلن جي نظر ۾ به عزت ڀريو ۽ احترام جوڳو هئو. اهي پڻ کيس پنهنجو سردار قبوليندا هئا.

يوسف صاحب جو خاندان ۱۸۶۰ع ۾ ايران جي علائقي چاه بهار منجهان لڏي ڪراچيءَ آيو هئو. ڪراچيءَ ۾ روزگار جو سٺو موقعو نه ملڻ سبب يوسف صاحب جو ڏاڏو برما هليو ويو. جيڪو پوءِ ۱۹۰۲ع ۾ واپس ڪراچيءَ آيو. يوسف صاحب جو والد مڇيءَ جو واپاري ۽ فيڪٽرين جو مالڪ هئو جڏهن ته سندس چاچو ستار مستي خان انگريزن جي حڪمرانيءَ واري زماني ۾ خان آف قلات جو سفير رهيو هئو.

يوسف مستي خان جهڙا ماڻهو کنڀين وانگر پيدا ٿي پوندڙ سياستدان نه هوندا آهن جهڙي نموني اڄ ڪلهه نظر اچي رهيو آهي. پارٽيون ۽ سياستدان رات پيٽ ۾ پيدا ٿين ٿا. سوشل ميڊيا ذريعي مشهوري ماڻن ٿا ۽ پوءِ ٿوري وقت کان پوءِ نيست و نابود به ٿي وڃن ٿا. يوسف ان جي ابتڙ انهن ماڻهن منجهان هئو جن لاءِ شاعر چيو هئو: بڑی مشکل سے ہوتا ہے چمن میں دیدہ ور پیدا". اهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن ۽ انساني تاريخ تي پنهنجي ڪردار ۽ شخصيت جي جيڪا ڇاپ ڇڏي ويندا آهن اها به صدين تائين قائم رهندي آهي. هُو پاپولسٽ نعري بازيءَ بدران عوام جي اصل ۽ بنيادي مسئلن توڙي حقن لاءِ دانهيندڙ انسان هئو جيڪو ڊگهي عرصي جي رياض ۽ ولوڙ جي نتيجي ۾ ائين پچي راس ٿيو جيئن سونارو سون منجهان کوٽ الڳ ڪري ان کي مڪمل طور تي کرو بڻائڻ لاءِ لڳاتار تيز باهه منجهان گذاريندو آهي. مٿئين وچولي طبقي سان تعلق هوندي به هُن پنهنجو پاڻ کي ظالمن جي صف ۾ بيهارڻ بدران مظلومن جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ايبٽ آباد جي بورڊنگ اسڪول ۾ تعليم پرائڻ وارو يوسف مستي خان وڻ جي ڇانوَ ۾ زمين تي ويهي تعليم پرائڻ وارن ٻارڙن جو ڀرجهلو ٿي بيٺو. ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن هُو ڦُوه جوانيءَ ۾ هئو، ملڪ ۾ موجود ترقي پسند ۽ قوم پرست سياست کان متاثر ٿيو ۽ ان پاسي ڏانهن جهڪيو. يوسف مستي خان سردار شيرباز مزاري ۽ بيگم نسيم ولي خان جي قيادت ۾ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ سان سلهاڙجي ويو. پارٽيءَ سندس قابليتن ۽ محنت جو قدر ڪندي کيس ڪراچيءَ جو صدر بڻايو. اها سندس عملي سياست جي شروعات هئي. هُو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان شامل هئو ۽ مارشل لا حڪومت پاران قيد جون سختيون پڻ سٺائين. يوسف صاحب مير غوث بخش بزنجي جو انتهائي اعتماد جوڳو ساٿي ۽ ڪارڪن رهيو. ۱۹۹۳ع کان ۱۹۹۶ع تائين پاڪستان نيشنل پارٽيءَ جو مرڪزي صدر رهيو. ۱۹۹۷ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽيءَ اندر ڏار پئجي ويا ۽ پارٽيءَ ۾ شامل ماڻهن منجهان هڪڙي ڌڙي مير بيزن خان بزنجو جي سربراهيءَ ۾ سردار عطاء الله مينگل سان ملي بلوچستان نيشنل پارٽي ٺاهي ته يوسف مستي خان تمام گھڻو متاثر ۽ مايوس ٿيو. هن پهريان ته پاڪستان نيشنل پارٽيءَ کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ بعد ۾ پاڪستان ورڪرز پارٽيءَ سان انضمام ڪيائين جنهن جو مرڪزي صدر عابد حسن منٽو هئو. انضمام کان پوءِ پاڪستان جو لفظ هٽائي پارٽيءَ جو نالو نيشنل ورڪرز پارٽي رکيو ويو. ان نئين پارٽيءَ جو صدر عابد حسن منٽو جڏهن ته سيڪريٽري يوسف مستي خان کي چونڊيو ويو هئو. ۲۰۱۲ع ۾ چئن مختلف پارٽين انضمام ڪري عوامي ورڪرز پارٽي ٺاهي جنهن جو باني صدر عابد حسن منٽو صاحب رهيو آهي. بعد ۾ جڏهن مرحوم فانوس گجر پارٽيءَ جو صدر بڻيو ته يوسف مستي خان پارٽيءَ جو سينيئر نائب صدر چونڊيو ويو هئو ۽ گجر صاحب جي وفات کان پوءِ قائم مقام صدر رهيو تان جو ۲۰۲۲ع ۾ لاهور واري پارٽي ڪانگريس ۾ کيس صدر مقرر ڪيو ويو. 

يوسف مستي خان آڱرين تي ڳڻڻ جهڙن انهن ماڻهن منجهان هئو جيڪي کاٻي ڌر جي ترقي پسند سياست ۽ قوم پرستيءَ کي مارڪس ۽ لينن جيان ٻه الڳ ۽ بنيادي طور تي مختلف سياسي لاڙا سمجهڻ بدران انهن جي سنگم تي يقين رکندا آهن. هُو انهن سياستدانن منجهان هئو جن قوم پرستي لينن کان سکي هوندي آهي ۽ جيڪي مارڪسزم کي قومن جي حقن توڙي آزاديءَ جي ويڙهه ۾ اهڙي نموني حمايت ڪندڙ سائنسي نظريو سمجهندا آهن جو ان کان وڌيڪ بهتر ڪو آپشن ئي نه هوندو آهي. اقتدار ۽ اختيار توڙي مال ۽ دولت جي هوس يوسف صاحب جهڙن ماڻهن جي ويجهو به نه لنگهندي آهي. هُو چئن ڏهاڪن کان به وڌيڪ عرصي تائين سياسي ڪارڪنن جي لاءِ اتساه جو سبب بڻيل رهيو. هُو جتي موجوده سياسي معاشي سرشتي جو مخالف هئو اتي پاڪستان جي ظالماڻي وفاقيت پرستيءَ جو پڻ ڪٽر مخالف هئڻ ڪري کاٻي ڌر جي ترقي پسندي ۽ قوم پرستي سندس سياسي نظرين جو سرچشمو بڻيل هئي.

هُو پاڪستان جي سياست ۾ ٿيندڙ هر قسم جي اٿل پٿل ۽ ڏکيائين باوجود پنهنجي نظرين ۽ سياسي خيالن سان سندس ڪمٽمينٽ تي ڪو فرق نه پيو. يوسف جهڙا ماڻهو حال جي گھٽ مستقبل جي سياست وڌيڪ ڪندا آهن. سندن خيال ۽ نظريا ايندڙ وقت لاءِ هوندا آهن. يوسف جي سياست پاڪستان جي آئين ۾ بنيادي تبديلين جي حق ۾ هئي ته جيئن نئون سماجي معاهدو قائم ڪجي جيڪو هن ملڪ ۾ رهندڙ قومن کي مقامي قدرتي وسيلن تي مالڪيءَ جو حق ڏئي. يعني جنهن کان پوءِ سئي، بلوچستان جو گيس ڪشمير پهچڻ کان اڳ ڪوئيٽا ۾ استعمال ٿئي. سانگهڙ منجهان نڪرندڙ تيل ۽ گيس شيخوپوره ۽ چنيوٽ پهچڻ کان پهريان سانگهڙ ۽ سنجهوري وارن وٽ پهچي. قدرتي وسيلن تي پهريون حق اتان جي ماڻهن جو قبوليو وڃي ۽ اها قبوليت لفظن يا اکرن ۾ نه پر عمل ۾ هئڻ گھرجي. ڪراچيءَ جي هڪڙي خوشحال ۽ آسودي گهراڻي جو نوجوان جيڪو پاڪستان برما شيل ڪمپنيءَ ۾ وڏي ڪرسيءَ تي ويهڻ وارو مينيجر هئو ۽ جلد ئي ڪنٽري هيڊ بڻجڻ جا امڪان به هئس، تنهن پنهنجو ڪيريئر ڦٽي ڪري پاڪستاني سياست ۾ پير پاتو. اهڙي ڪمٽمينٽ جا مثال تمام ٿورا آهن. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ حسن ناصر شهيد جي واٽ تي هلندي يوسف مستي خان به عيش آرام ۽ ذاتي ترقيءَ جي واٽ ڇڏي واريءَ جو پنڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ۱۹۷۵ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت هئي تڏهن بلوچ باغين جي مالي مدد ڪرڻ جي الزام ۾ ايجنسين يوسف ۽ سندس چاچي ستار مستي خان کي گرفتار ڪيو هئو. ستار مستي خان ڀُٽي صاحب جو انتهائي ويجهو دوست هئو. هُو ڀُٽي صاحب جي انهن ۱۰ انتهائي ويجهن دوستن ۾ شامل هئو جيڪي بيگم نصرت ڀٽو سان شاديءَ جي دعوت ۾ پڻ شريڪ هئا. ان کان علاوه ان شاديءَ لاءِ ڀُٽي صاحب کي پنهنجي ڪار پڻ اڌاري ڏني هئائين.

هُو ڪافي سالن کان جيري جي ڪينسر ۾ مبتلا هئو پر ڪڏهن هيڻين نه ٻوليائين. هڪڙي ڀيري جناب عابد حسن منٽو سان ويٺا هئاسين ته يوسف صاحب پنهنجي ان بيماريءَ جو ذڪر ڪيو جنهن تي منٽو صاحب کيس سختيءَ سان منع ڪيو ته اهڙو اظهار آئنده ڪڏهن به نه ڪجانءِ ڇاڪاڻ ته اهڙيون خبرون دوستن کي ڏکارو ۽ دشمنن کي خوش ڪري ڇڏينديون آهن. يوسف صاحب ان خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا هوندي به اسان جي ڪمزور رياست جي نظر ۾ ايترو سگهارو هئو جو کيس گوادر ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪيو ويو ۽ مٿس رياست سان بغاوت جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو. ملڪ رياض هجي يا ڪو ٻيو. ڪراچيءَ جي اصلوڪن ماڻهن کي بيدخل ڪري انهن جون زمينون ڦٻائڻ، ڳوٺ مسمار ڪرڻ جهڙن عملن خلاف يوسف مستي خان سينو تاڻي اڳيان بيهڻ وارن ماڻهن منجهان هئو. هُو پنهنجي آخري پساهن تائين جدوجهد ۽ ڪمٽمينٽ جو نشان بڻيل رهيو.

هُو ۲۹ سيپٽيمبر ۲۰۲۲ع تي ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. کيس ميوا شاه قبرستان ۾ سندس پڙڏاڏي مستي خان جي قبر ڀرسان مٽيءَ حوالي ڪيو ويو آهي.

 

(گلزار چنا جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا