يوسف مستي خان
جدوجهد ڪندڙ ڪردار جو وڇوڙو
نثار لغاري
ڪامريڊ يوسف مستي خان ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ اوڻٽيهه
سيپٽمبر ۲۰۲۲ تي وفات ڪري ويو. هو هن وقت
عوامي ورڪرز پارٽي جو مرڪزي وفاقي صدر هو. يوسف مستي خان پنهنجي سموري زندگي قومي
۽ طبقاتي جدوجهد ۾ گذاري، هو غوث بخش بزنجي سان گڏ رهيو جيڪو بلوچستان ۾ پهريون ڪميونسٽ
پارٽي جو ميمبر هو. هن شروع ۾ عوامي مزاحمتي سياست ڪئي پارليامينٽ جي محاذ تي به
جدوجهد ڪندو رهيو.