; سنڌي شخصيتون: January 2016

29 January, 2016

مخدوم امين فهيم

مخدوم امين فهيم
جي حياتي وفا ڪئي ته سائين عشق جي انتها ڪري ڏسبي
نور سنڌي
۲۱ نومبر تي صبح جو ۵ وڳي مخدوم سعيد الزمان عاصف جي ڪال تي ڇرڪي پيس، ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت ڪال خيريت جي نه هوندي آهي. جڏهن سائين ٻڌايو ته قبله مخدوم امين فهيم رحلت ڪري ويا آهن ته مٿي کي چڪر اچڻ لڳا، دل ٻڏڻ ڪري اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. ساڻن ملاقاتون، ڪچهريون حاضريون ذهن جي پردي تي ڦرڻ لڳيون. پاڻ ڪجهه عرصي کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ ۲۱ نومبر ۲۰۱۵ع بمطابق ۸ صفر ۱۴۳۷هه تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

رحيم شورو - مرزا اعظم علي ٽالپر

رحيم شورو
گهڻ رُخي شخصيت - پورهيت کان اداڪار تائين
مرزا اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ هر انسان جو گذريل دور شاندار ماضي بڻجي ويندو آهي، پر اها ئي ماضي انسان سان هر وقت قدم قدم تي گڏ هلندي آهي. مون کي تاريخ ۽ ڏينهن ته ياد نه آهي، پر اهو چٽو ياد آهي ته سال 1975ع جي سانوڻ جي مند جو هڪ گرم صبح هو ۽ ڪچن ٻنپهرن جا پاڇولا هئا، ته پاڙي مان هڪ ٻن ٻارن گهر ۾ اچي چيو، ته ٻاهر موٽرڪار ۾ چند ماڻهو سڏي رهيا آهن. تڪڙو تڪڙو ٻاهر اچي ڏٺم ۽ رڙ ڪندي چيم ته ”اي ماستر تون!“ هن به کلندي، هٿ جي وچين آڱرين ۾ جهليل سگريٽ اڇلي، ڀاڪر پائيندي چيو؛ ”جي جا“.

محمد هاشم ميمڻ - لياقت راڄپر

محمد هاشم ميمڻ
دليري ۽ ايمانداري جو مثال
لياقت راڄپر
مون پنهنجي زندگي ۽ انفارميشن آفيس ۾ نوڪري دوران ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، جن جي سياسي، سماجي، علمي، ادبي، ايمانداري ۽ عوامي خدمتن کي وسارڻ ناممڪن آهي. اهڙن شخصيتن ۾ محمد هاشم ميمڻ به شامل آهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري ۽ ڪڏهن به سرڪاري عهدي کي ناجائز ۽ پنهنجي ذات لاءِ استعمال نه ڪيو. هو اڄ هن دنيا ۾ نه آهي، پر هن جا ڪيل سماجي ڪم ۽ دليراڻا فيصلا اڄ به سڀني کي ياد آهن.

شفيع محمد شاهه - حميد ڀٽو

شفيع محمد شاهه
حميد ڀٽو
سنڌ ۾ سوين خوبصورت ۽ مڻيادار، موتين جهڙا اداڪار موجود آهن. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ، اداڪاريءَ جي شوق ۾ شفيع محمد شاهه لاهور ويو، جتي اداڪار محمد علي وٽ رهڻ لڳو. شفيع محمد شاهه لاهور ۾، محمد علي جي آفيس ۾ ستو پيو هوندو هو. جنهن کانپوءِ سندس والد اصغر شاهه هن کي لاهور مان واپس نوابشاهه وٺي آيو ۽ سندس والد جي ريٽائر ٿيڻ بعد، شفيع محمد شاهه ٽائيپسٽ طور ڪم ڪيو. ان کانپوءِ ٽنڊي آدم ۾ هڪ بينڪ ۾ ڪيشئر جي نوڪري ۱۹۶۹ع واري دور ۾ کيس ملي. ٽنڊي آدم کان حيدرآباد ٽرانسفر ٿيڻ کانپوءِ، هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي فني شوق سبب آڊيشن ڏنو جنهن ۾ هو پاس ٿي ويو ۽ ريڊيو حيدرآباد تي ”پٽ جمهورا“ پرگرام ۾ نالي واري اداڪار انور سولنگيءَ سان گڏجي ڪم ڪيائين.

مصري شاهه - منظور ڪالرو

مصري شاهه
صوفي بزرگ ۽ ڪافين جو بادشاهه
پَکا پَکن سامهان، اُوري اَڏائينس
منظور ڪالرو
سنڌ ڌرتيءَ جا ڪيترائي ماڳ مڪان اهڙن ولين درويشن بزرگ هستين، عالمن، شاعرن ۽ سماج سڌار شخصيتن جي محبتي پيغامن اثرائتن معجزن ۽ دعائن سان مالامال ڏسجن ٿا، جن سنڌ جي سرزمين تي رهندي امن محبت، درگذري، دوستي ۽ ترقي جا لازوال درس ڏنا. انهن هستين پنهنجي فڪر انگيز پيغامن ڪچهرين لکڻين شاعري ۽ ڳائڻ ذريعي انسان ذات کي سجاڳ ڪندي پنهنجين ذميوارين کي نڀائڻ سميت پنهنجي حيثيت سڃاڻڻ کان خلقِ خدا کي آگاهي ڏني. اهڙن صوفي بزرگن مان حضرت مصري شاهه به گهڻو مشهور آهي، جنهن پنهنجي محبتي پيغام کي عام ڪيو. ان لاءِ پاڻ شاعري جي صنف ”ڪافي“ کي وسيلو بڻائي پنهنجي تبليغ کي انسانذات تائين آساني سان ڪرڻ فرمائي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ قاسماڻي - آفتاب ميمڻ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ قاسماڻي
آفتاب ميمڻ
ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي شهر جا سيٺ سڪيلڌو، سيٺ احمد علي قاسماڻي، خان صاحب محمد سومار، خان صاحب محمد موسيٰ، آفتاب احمد ميمڻ ۽ ڪموڊور اقبال ميمڻ جنهن لڙيءَ جا موتي هئا، تنهن لڙيءَ جو هڪ انمول هيرو ڪموڊور اقبال ميمڻ ۽ آفتاب احمد ميمڻ جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ آهي. ڏيپلي جي موتين ۽ سنڌي ادب سان زيادتي ٿيندي جي ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو ذڪر نه ڪبو ۽ سندس ادبي تخليق ۽ صلاحيت کي نه ساراهبو. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٿر جي وارياسي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو انمول ادبي هيرو آهي، جنهن پنهنجي بزرگ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ پنهنجي خاندان جي روايتن کي روشن رکيو آهي.

22 January, 2016

اُستاد بخاري - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ


اُستاد بخاري

سونهن ۽ سچ جو شاعر

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

استاد بخاري ولد حاجن شاهه جديد شاعريءَ ۾ هڪ ناميارو نانءُ آهي. ادبي تاريخن موجب هو 16 جنوري 1930ع تي ڳوٺ غلام چانڊيو ضلعي دادو ۾ ڄائو هو، پر تازو عزيز ڪنگراڻيءَ جي تحقيق موجب ته، استاد بخاري مٿين تاريخ کي قبول نه ڪيو ۽ پنهنجي مختلف انٽرويوز ۽ بيانن ۾ ٻڌايو آهي ته، ”اسڪول رڪارڊ موجب 16 جنوري 1930ع آهي، پر بابا سائين جي قول مطابق منهنجو جنم اڃان سال کن اڳ ٿيو, جنم جي تاريخ اٽڪل 6 مهينا اڳ 7 آگسٽ 1929ع بمطابق پهرين ربيع الاول 1348هجري آهي“ سندس ڇٽيءَ جو نالو پنهل شاهه هو ۽ اسڪول ۾ والد کيس احمد شاهه جي نالي سان داخل ڪرايو.

راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند

سڀني جا دُک دُور ڪر، سڀ جو ڪر ڪلياڻ
حسيب ناياب منگي
مالڪ جي هن وشال ڪائنات ۾ ٻين ڪارڻ پنهنجي زندگي گذارڻ به عبادت آهي، انسان ذات جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، تنهن جو اشرف هجڻ به اوترو ئي لازم آهي جيترو سڏرائڻ! انسان مٿان اِها ذميداري ان ڪري عائد ڪئي وئي ته احساس ڪرڻ جو جذبو سندس من ۾هوندو ته ٻين جي ڏک توڙي تڪليف کي پنهنجو سمجهي انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري سگهندو ۽ ايئن ڪرڻ سان انسان جڳ ۾ ڪامياب ٿيندو. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ جن ماڻهن شڪارپور ۾ پاڻ موکيو، تن ماڻڪن جي مالها ۾ هڪ اهڙو هيرو به اچي وڃي ٿو, جنهن جي خدمت ۽ نمرتا جو مثال ورلي ئي ملي سگهندو. هڪ ته خدمت گذاريءَ جو جذبو سندس دل ۾ سرس، مٿان وري عاجزي اهڙي جو شڪارپور سميت سنڌ جي مڙني سيٺين اڳيان سندس ڳاٽ هميشه لاءِ اوچو رهيو ۽ اڄ سوڌو تاريخ جي ورقن ۾ سندس نانءُ سنهري حرفن سان لکيو وڃي ٿو. اهڙي عظيم شخصيت راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا آهي، جنهن جي ڪالهه ۱۷ جنوريءَ تي ٽيهترين ورسي ملهائي وئي.

سائين قادن شاهه - محمد خان بلر


سائين قادن شاهه

يار ويس ۽ هڪ مثالي استاد

محمد خان بلر

سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙا مڻيادار موتي جنميندي رهي ٿي، جيڪي پنهنجي ڪرت توڻي ڪردار سان سماج جي سونهن ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿا. ميڊيا توڻي دنيا کي جيڪو سنڌ جو منفي تعارف ڪرايو وڃي ٿو، حقيقت اُن جي بنهه اُبتڙ آهي. ڪروڙين ماڻهن ۾ ڪجهه هزار اهڙا ماڻهو ضرور هوندا، جن جو عمل يا ڪردار ٻين لاءِ آزاريندڙ هوندو پر اُن جي مقابلي ۾ لکين اهڙا محنتي ماڻهو به ملندا، جن پنهنجي حياتي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ گذاري ڇڏي هوندي. پر افسوس ته اهڙن ماڻهن کي اسان جا باشعور ماڻهو نه ته ياد رکن ٿا نه وري پنهنجي سماج لاءِ اُنهن جي ڪردار کي ماڊل طور متعارف ڪرائين ٿا. اُن جي اُبتڙ ڪنهن ڏوهاري، ظالم، جاگيردار، سرمائيدار توڻي وڏيري جي هر هنڌ هاڪ لڳي پئي هُجي ٿي. انهيءَ ٻٽي معيار سبب سُٺا ۽ بااخلاق ڪردار سدائين عام جي اکين کان اوجهل رهن ٿا. انهيءَ ارمان مون کي پنهنجن اُنهن محسنن بابت حالُ اورڻ جو حوصلو ڏنو ۽ آئون قلم کڻي اُنهن کي سارڻ ويٺس. انهن سڄڻن مان ياد جي ڦرهيءَ تي جيڪو پهريون نانءُ تري آيو سو آهي سائين قادن شاهه. سائين جن جي تعريف ڪرڻ جي لاءِ هر هڪ شاگرد جي زبان پرخلوص آهي ۽ نالي ٻڌڻ سان في الحال سانت ۾ اچي وڃي ٿو.

شيخ علي محمد - محمد بخش ٿيٻو

شيخ علي محمد
هڪ جاکوڙي صحافي ۽ محبتي ماڻهو
محمد بخش ٿيٻو
آديسي آديس هئائين ڪري هليا،
ڪاپڙي قلب ۾، ڪِئَو ڏوراڻو ديس،
ويراڳي نئون ويس، راول ڍڪي هليا. (شاهه)
محبتي مزاج رکندڙ مشهور بيباڪ صحافي دانشور برک قانوندان شيخ علي محمد ولد شيخ محمد خان 15 فيبروري 1925ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.
هن 1946ع ۾ صحافت جي دنيا ۾ پير پاتو ۽ آخري دم تائين وڏي جذبي سان هن صحافت وسيلي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي. هن ڪڏهن به خوشامنديءَ واري صحافت نه ڪئي، هميشه صحافت کي مقدس پيشو تصور ڪيو ۽ سچائي سان عوام جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ سادي ۽ درويش طبيعت جو مالڪ هو ۽ سنڌ جي صحافين لاءِ ڇپر ڇانوَ جي حيثيت رکندو هو.

11 January, 2016

شيخ اياز - ارشاد ڪاغذي

شيخ اياز
حسن، عشق ۽ فطرت جو شاعر
(شيخ اياز جي 18 هين ورسي جي موقعي ۽ مناسبت سان ڀيٽا)
ارشاد ڪاغذي
شيخ اياز سنڌي زبان جو مهان شاعر آهي. سندس شاعري جي فڪري اڏام جدت جي جهان کي جٽاءُ بخشيو. هن هڪ اهڙي عمارت تعمير ڪئي جنهن فارسي-زده شاعري جي رنگ کي رَهَڙَي، ڪاريگري سان ترقي پسندي جا چِٽ، نقش ۽ گلڪاري ڪري چِٽو ڪيو. حقيقت پسند، قدرت ۽ فطرت جي حسناڪي جمال ۽ ڪمال جي تصوير ڪشي ۽ منظرنگاري ڪئي ۽ عبارت کي جديد رنگ روغن ڪري سنڌ جي سينڌ سنواري ڇڏي... شاعري جي فنِ تعمير سان گڏوگڏ جديد سجاوٽ جي ساز وسامان سان ڪويتا جي ڪلام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سچائي جي لکت سان سماج جي سينوريل پاڻيءَ ۾ پهريون پٿر اڇلائي لهرون پيدا ڪري نئين معاشري ۽ سرشتي جي اڏاوت جي اڻت ڪئي.

ساڌنا - ڊاڪٽر رام جوهراڻي

ساڌنا
سِنڌ ۽ هِند جي اَپسرا
ڊاڪٽر رام جوهراڻي
آءُ 1966ع ڌاري جئه هند ڪاليج، بمبئي ۾ پڙهندڙ هوس، جو ڪاليج طرفان سنمکانندا هال ۾ ”سنڌ جي اپسرا“ اُتسو منعقد ڪيو ويو، جتي فلم هيروئن ساڌنا کي ”سنڌ جي اپسرا“ جو تاج پهرايو ويو. اُن موقعي جو مکيه مهمان ديو آنند هئو، منهنجي لاءِ اُهو پهريون ڀيرو ئي هئو،  جو مُون انهن ٻنهي وڏين فلمي هستين کي زندگيءَ ۾ آمهون سامهون ڏٺو هئو، پوءِ ته رب پاڪ جي نوازش سان مون کي ديو آنند جي ايڏي قربت نصيب ٿي جو هُو ڪڏهن ته پنهنجي سائونڊ اسٽوڊيو ”آنند ڊبنگ سينٽر“ کان موٽندي پنهنجي ڪار ۾ مون کي گهر لاءِ ڇڏڻ به ايندو هئو.

ممتاز مرزا


سنڌي ثقافت جو روشن ستارو
طارق عزيز شيخ
سنڌ جو ناميارو اديب، ڊرامه رائيٽر، نثر نويس ۽ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪمپيئر ممتاز مرزا حيدرآباد ۾ ۲۹ نومبر ۱۹۳۹ع تي جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد مان ئي حاصل ڪئي. ممتاز مرزا جو والد مرزا گل حسن بيگ ”احسن ڪربلائي“ انگريزن جي دور جو ناميارو شاعر هو، سندس واسطو مرزا قليچ بيگ، مير عبدالحسين سانگي، محمد بخش واصف سميت ان دور جي مايه ناز عالمن اديبن سان هو، انهي ڪري ممتاز مرزا تي به علمي ادبي ماحول جو اثر ننڍپڻ کان ئي پيو. مرزا گل حسن بيگ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر هو، تنهن ڪري ممتاز مرزا به والد سان گڏ ريڊيو تي وڃڻ شروع ڪيو، تڏهن هن جي ڄمار اڃا ۱۶ ورهيه هئي، اهو ئي زمانو هو جو سندس ڪمپيئر ٿيڻ وارو شوق جاڳيو. والد صاحب جي صحبت، علمي ادبي محفلون ۽ سرگرميون هن جي مٿان اثر انداز ٿينديون ويون.

شيخ اياز - ڊاڪٽر فهميده حسين

شيخ اياز
اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر
ڊاڪٽر فهميده حسين
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو.
تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين
مون کي ڪا پرواهه نه آهي
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي.

محمد نواز جوڻيجو - ساجد مسڻ

محمد نواز جوڻيجو
هر دلعزيز شخصيت
ساجد مسڻ
سنڌ امڙ ڌرتي ته سخي، رحمدل سماج سڌارڪ، روشن خيال، ترقي پسند سوچ جي ماڻهن ۽ مهمان نوازن سان ڀري پئي آهي.اسان سنڌ جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ، واهڻ وستي، ڳوٺ شهر جي سروي ڪنداسين ته اسان کي سنڌ، انسان دوست،مهمان نواز ۽ سخي مردِ مجاهدن سان ڀريل ملندي.

شڪارپور جو ”سائين مير“ حسيب ناياب منگي

شڪارپور جو ”سائين مير“
حسيب ناياب منگي
جڏهن شڪارپور ۾ ٿيندڙ عام ۽ خاص ڪچهريون به شاهه لطيف رح  جي پيغام جي پرچار تي مشتمل هيون ۽ هر اٺين ڏينهن شهرين جي ذهني ۽ فني تربيت واسطي اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويندو هو، تن ڏينهن جو هڪ مهان شخص اڄ به شڪارپور جي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويٺو آهي، اهو ماڻهو سائين غلام نبي ”مير“ آهي. 29 سال ٿيندا جو اڄوڪي تاريخ تي هن فاني جهان مان ته گذاري ويو، پر پنهنجي واقفڪارن، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ شعوري شهرين جي دل ۽ دماغ مان نڪري ناهي سگهيو. ڪڏهن ڪنهن عيد برات تي يا موڪلن توڙي محرم ۾ ڪراچيءَ کان ڀائو غلام فاروق سومرو اچي يا محترم زاهد مير سان حيدري محلا ۾ ڪا ڪچهري ٿئي ته اسان سائين غلام نبي مير کي ضرور ياد ڪندا آهيون. سائين غلام نبي مير جيڪو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو هو، تنهن کي شاهه جو پيغام عام ڪرڻ جي ڏاڍي لڳي پئي هوندي هئي. پاڻ غالب ۽ اقبال جو شيدائي ته هيو ئي پر لطيف سائين کيس اٿندي ويهندي زبان تي هوندو هو. هر روز نون شاعرن جو وٽس ميڙ ٿيڻ ۽ جمعي يا آچر رات سندس اوطاق علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ صحافي طبقي جي دوستن سان ڀريل نظر ايندي هئي، جيڪي سندس قرب ڪچهريءَ جو لطف حاصل ڪرڻ ايندا هئا. سائين مير به شاهه جي سرن کي ڳائي جيڪا سمجهاڻي پيش ڪندو هو، تنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي. محرم ۾ امام حسين عه جي مجلس پڙهندو هو سر ڪيڏارو ته ٺهيو پر سر سامونڊي ۽ ٻين سرن مان به ڪربلا جو قصو بيان ڪرڻ سندس جو ئي ڪمال هو. اهڙو اثر سندس حياتيءَ تي کيئلداس ”فاني“ جهڙي استاد جي صحبت مان پيو هو. پوي به ڇونه ها! کيئلداس فاني جيڪڏهن شيخ اياز، نورالدين سرڪي، همدرد سترام ڪلياڻي ۽ ٻين ناليوارن ڪوين ۽ ڏاهن جي ذهني اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ته سائين مير به ته ان ئي دور جي پيداوار آهي، جنهن دور ۾ شڪارپور جو هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ممتاز هو. راڳ جي سکيا، جا پڻ ”فاني“ کان حاصل ڪئي هيائين، تنهن متعلق ڳالهائي ته چڱن ڀلن جا ٺپ ئي ٺاري ڇڏي.

پرنسپال خوشيرام ڪندناڻي - ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

پرنسپال خوشيرام ڪندناڻي
ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
اسانجي سونهاري سنڌ سنتن، صوفين، درويشن جي مهان ڌرتي آهي، جنهن تي ڪن اهڙن لاکيڻن لعلن ۽ سپوتن پڻ جنم ورتو آهي. جن پنهنجي مڪمل زندگي تعليم جي ڦهلاءُ لاءِ ارپي ڇڏي. جن جي زندگي جو مقصد ۽ منزل تعليم جي ترقي ئي رهي. تعليمي ڦهلاءُ جي رستي تي هلندي زندگي سان جنگ جوٽيندي ڪاميابي جا ڏاڪا چڙهندي منزلون ماڻيون آهن، پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچتو ڪندي تاريخ ۾ سونهري باب جوڙيا آهن ۽ هڪ عظيم نشان قائم ڪندي عزت ڀريو ممتاز درجو حاصل ڪيو آهي.