مصري شاهه
صوفي بزرگ ۽ ڪافين جو بادشاهه
پَکا پَکن سامهان، اُوري اَڏائينس
منظور ڪالرو
سنڌ ڌرتيءَ جا ڪيترائي ماڳ مڪان اهڙن ولين درويشن بزرگ هستين،
عالمن، شاعرن ۽ سماج سڌار شخصيتن جي محبتي پيغامن اثرائتن معجزن ۽ دعائن سان مالامال
ڏسجن ٿا، جن سنڌ جي سرزمين تي رهندي امن محبت، درگذري، دوستي ۽ ترقي جا لازوال درس
ڏنا. انهن هستين پنهنجي فڪر انگيز پيغامن ڪچهرين لکڻين شاعري ۽ ڳائڻ ذريعي انسان ذات
کي سجاڳ ڪندي پنهنجين ذميوارين کي نڀائڻ سميت پنهنجي حيثيت سڃاڻڻ کان خلقِ خدا کي آگاهي
ڏني. اهڙن صوفي بزرگن مان حضرت مصري شاهه به گهڻو مشهور آهي، جنهن پنهنجي محبتي پيغام
کي عام ڪيو. ان لاءِ پاڻ شاعري جي صنف ”ڪافي“ کي وسيلو بڻائي پنهنجي تبليغ کي انسانذات
تائين آساني سان ڪرڻ فرمائي.
سنڌي شاعريءَ جي صنف ۾ ”ڪافي“ خصوصي حيثيت رکي ٿي، جڏهن ته
سنڌ سان ويجهڙائي رکندڙ علائقن جهڙوڪ ملتان، ڪڇ، مارواڙ ٻولين ۾ ان جو جزوي طور وجود
ملي ٿو. آساني سان سمجهه ۾ اچڻ سبب راڳين پاران ڪافيءَ کي ڳائڻ جو رواج وڌيو، پر بعد
۾ ان جي تخليقي عمل ۾ گهٽتائي ٿيندي وئي. اهڙيءَ ريت وڏن شاعرن پنهنجي دل جو آواز عام
ڪرڻ ۾ آسان سمجهندي هن صنف کي استعمال ڪندي پنهنجو پيغام عام ڪيو ته جيئن عام ماڻهو
به سندن پيغام کي سمجهڻ ۾ دير نه ڪن. انهن شاعرن ۽ بزرگن مان ”مصري شاهه رضوي رحه“
به هڪ آهي، جنهن ڪافي کي وڌ کان وڌ اهميت ڏني. ان لاءِ کيس ”ڪافين جو بادشاهه“ طور
پڻ ياد ڪيو وڃي ٿو.
سنڌي ادب ۾ جن صوفي شاعرن جون ڪافيون مشهور آهن، تن ۾ شاعرن
جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، حمل فقير، نواب فقير، ولي محمد، مير عبدالحسين
سانگي، قادر بخش بيدل، رکيل شاهه، فقير خير محمد، محمد فقير محمد کٽياڻ، شاهه عنايت
رضوي، منٺار فقير، خليفو نبي بخش سميت سرائيڪي ٻولي جي بُلي شاهه، خواجه غلام فريد
کانسواءِ مصري شاهه شامل آهن، جنهن جي هي ڪافي مشهور هئڻ ڪري اڪثر راڳي ڳائيندا رهن
ٿا.
واحد وسائينس آهُون، عالم جون سُڻي،
موڪل ٿيئي مينهن کي، هڪ تَل مَ ترسائينس،
وسائي واٽن تي، اوڀر اڀائينس،
صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس.
ان بعد مشهور شاعرن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ
اياز، مير سڪندر کوسو، فقير حُسين بخش، سليم هالائي، محمد جمن هالو، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي،
عالم خان نظاماڻي، رشيد لاشاري، عبدالوحيد ڪٽپر، نياز همايوني، تنوير عباسي، امداد
حُسيني، تاجل بيوس ۽ ٻين ڪيترن شاعرن جون ”ڪافيون“ خاص اهميت رکن ٿيون.
جيتوڻيڪ هاڻوڪن ڏينهن ۾ گهڻن شاعرن خاص طور نوجوان ٽهي جي
شاعرن ۾ ”ڪافي“ جي صنف تي گهٽ ڌيان ڏيڻ واري صورتحال کي آڏو رکندي سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر
”مرتضيٰ ڏاڏاهي“ چئي ٿو ته: ڪافي جي تخليقي عمل ۾ افسوسناڪ ڪمي واري لاڙي سبب ڪافيون
تخليق ٿيڻ ۾ واڌارو ٿيڻ گهرجي، جيئن هي ختم ٿيندڙ صنف زنده رهي سگهي.
حضرت مصري شاهه رضوي بزرگ شاعر ۽ اولياءِ اڪرام جو ساليانو
عُرس مبارڪ هن سال 20 نومبر جُمعة المبارڪ جي شام کان تاريخي شهر ”نصرپور“ ۾ باقاعدگي
سان وڏي ادب ۽ احترام سان ملهائڻ جون تياريون مڪمل آهن. هن ڏس ۾ گادي نشين ”سيد مريد
علي شاهه رضوي“ جي رهنمائيءَ ۾ ميندي جي سرگس حويلي (سيد مصري شاهه رحه) تان نڪرندي
۽ بعد ۾ سجاده نشين پاران درگاهه شريف ۾ مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جي تقريبن جو
افتتاح ڪيو ويندو آهي، جنهن دوران اجتماعي دُعا جو رُوح پَرور منظر ڏسڻ وٽان هوندو
آهي، جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مريدن ۽ معتقدن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيڻ باعث ثواب سمجهيو
وڃي ٿو. ان کانپوءِ مزار مبارڪ سان گڏوگڏ ٻي درگاهه حضرت داتا سائين المعروف سيد شاهه
محمود جيلاني رحه جي درگاهه جي اڱڻ تي محفل سَماع جو پروگرام ٿئي ٿو، جنهن کانپوءِ
رات جو دير سان محفل موسيقي جو انتظام ڪيل هوندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا فنڪار
۽ فنڪارائون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن، جڏهن ته سنڌ جا مشهور ملهه پهلوان تاريخي
ملاکڙي ۾ شريڪ ٿي پنهنجي طاقت ۽ اکر جو عاليشان مظاهرو ڏيکاري سامعين کان داد حاصل
ڪري ميلي جي رونقن ۾ واڌارو ڪندا آهن.
ميلي جي ٽن ڏينهن دوران مهمانن جو آڌر ڀاءُ بهتر انداز ۾
ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ سيد عاشق حسين شاهه رضوي ۽ گادي نشين جا ٻيا ڀائر عزيز ۽ خاص مريد
پنهنجيون ذميواريون فرض شناسي سان ادا ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا.
پکا پکن سامهان، اوري اڏائينس،
هُون سَدائين هتهِين، رب تون رهائينس،
”مصري ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾.
No comments:
راءِ ڏيندا