; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

29 January, 2016

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ قاسماڻي

آفتاب ميمڻ



ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي شهر جا سيٺ سڪيلڌو، سيٺ احمد علي قاسماڻي، خان صاحب محمد سومار، خان صاحب محمد موسيٰ، آفتاب احمد ميمڻ ۽ ڪموڊور اقبال ميمڻ جنهن لڙيءَ جا موتي هئا، تنهن لڙيءَ جو هڪ انمول هيرو ڪموڊور اقبال ميمڻ ۽ آفتاب احمد ميمڻ جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ آهي. ڏيپلي جي موتين ۽ سنڌي ادب سان زيادتي ٿيندي جي ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو ذڪر نه ڪبو ۽ سندس ادبي تخليق ۽ صلاحيت کي نه ساراهبو. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٿر جي وارياسي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو انمول ادبي هيرو آهي، جنهن پنهنجي بزرگ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ پنهنجي خاندان جي روايتن کي روشن رکيو آهي.


ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپاڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ۱۹۵۸ع ۾ جنم ورتو. سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. انگريزي ادب ۾ ۱۹۸۳ع ۾ ايم اي ڪيائين ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري ۱۹۹۱ع کان ليڪچر طور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص-ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڪاليج حيدرآباد کان پوءِ موجوده وقت نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس و تدريس جا فرض سر انجام ڏيئي رهي آهي. ۲۰۱۲ع ۾ ”ليکڪائن جو حصو: تحقيقي اڀياس، ۱۹۸۵ع تائين“، آهي، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي ليکڪائن جي نثري ڪم کي فوڪس ڪيو ويو آهي، ادبي زندگيءَ ۾ سندن پهريون افسانو ”چري“ جي عنوان سان ۽ ٻيو ”ماءُ جو دلاسو“ (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو) ۱۹۸۰ع ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ مضمون پڻ لکيائين، اهي چند مضمون ۽ ڪهاڻيون لکڻ کانپوءِ ترت ئي سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏي مُڙي ويو. سندن لکيل ادب باقائدي ڇپجڻ شروع ٿيو. ۲۰۰۴ع کان سندس مڪمل ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا آهن، جن ۾، (۱) ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات“، روشني پبليڪيشن، ۲۰۰۴ع (۲) ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، هائرايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، ۲۰۰۸ع. (۳) ”اُٿي رائو ريل“، ۲۰۰۸ع. (۴) ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“، (لطيفيات)، ۲۰۰۷ع ۽ ٻيو ڇاپو ۲۰۰۹ع). (۵) ”سون ورنيون سوڍيون“ (ڪهاڻيون)، ترتيب ۽ تحقيق، ۲۰۰۹ع. (۶) ”اخلاقي قدر“ (ٻاراڻو ادب)، ۲۰۱۰ع. (۷) ”وکر سوروهاءِ“، (مضمون نويسي)، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد، ۲۰۱۱ع ۾ شايع ڪيا آهن. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس جو ٻيو ڇاپو ۲۰۱۵ع ۾ روشني پبليڪيشن شايع ڪيو آهي.

سندن ايندڙ ڪتابن ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو نثري ادب ۾ خدمتون، ”جي پارکو پارس جا“ (لطيفيات)، ”ماڻڪ موتي لعل“ (مضمون ۽ مقالا)، ”مفتي منجهه ويهار“ (آتم ڪهاڻي) ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن، ليکڪا جا سوين مضمون ۽ مقالا روزاني اخبارن، ماهوار مخزنن ۽ ريسرچ جرنلس ۾ ڇپيا آهن. جيئن روزاني عبرت، سنگت سروپا، نئين زندگي، سوجهرو، ادبي تحقيق، سنڌي ٻولي، ٽه ماهي مهراڻ، سرتيون ۽ ٻيا مخزن آهن. سنڌي ادبي سنگت ۽ ناري سنگت طرفان عورتن بابت تحقيقي ڪم ڪرڻ تي کين ايوارڊ ڏنو ويو، سندن ڪتاب کي ايڇ اي سي تعريفي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش ايوارڊ ڏنا آهن ته، ”اٿي رائو ريل“، کي سنڌي ادبي سنگت پاران ۲۰۰۸ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي ۽ ”اخلاقي قدر“ ڪتاب کي نيشنل بڪ فائونڊيشن پاران ٻاراڻي ادب جي ڪتاب طور ميرٽ سرٽيفيڪيٽ مليل آهي. ڊاڪٽر پروين موجوده وقت پڻ پنهنجي تدريسي ۽ گهرو جوابدارين جي باوجود مختلف سيمينارن ۽ ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندڙ ۽ مختلف تحقيقي ۽ تنقيدي ليکڪه آهي.

اعزاز ۽ ايوارڊ:

(۱) سرٽيفڪيٽ اڪيڊمڪ بحث مباحثي جي مقابلي ۾ رُڪنيت تي، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، ۲۰۰۴ع.

(۲) بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ، بورڊ آف انٽر ميڊئيٽ حيدرآباد طرفان، ۲۰۰۷ع.

(۳) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد طرفان، ”مونو گراف ۽ شڪيٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور ڪتابن ”سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس“، ۲۰۱۵ع ۽ ”وکر سو وهاءِ“ ۲۰۰۶ع جي اسڪيم ۾ منظور ٿيڻ تي تعريفي خط ۽ ڪيش ايوارڊ.

(۴) شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، انٽر نيشنل ڪانفرنس ۲۰۰۹-۰۳-۰۳ تي شموليت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان اعزازي سرٽيفڪيٽ.

(۵) ڪئنيڊين ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ (جس) ريسورس سينٽر جي اشتراڪ سان بين الاقوامي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ۲۰۰۸ع.

(۶) پهرين قومي مضمون نويسيءَ جي مقابلي بعنوان ”جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي جمهوريت لاءِ ڪيل جدوجهد“ ۾ شموليت تي سنڌ يونيورسٽيءَ پاران اعزازي سرٽيفڪيٽ، ۲۰۱۰ع.

(۷) ساڳئي مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ اردو ٻولي ۾ مضمون لکڻ تي اعزازي سرٽيفڪيٽ.

(۸) نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي ڪتاب تي مقابلي ۾ ”معاشي قدر“ ڪتاب تي ٻيو انعام، تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ.

(۹) سنڌي ادبي سنگت پاران ”اٿي رائو ريل“ ڪتاب کي ۲۰۰۹ع جي بهترين تحقيق ۽ تنقيد جي ڪتاب طور منظور ٿيڻ تي ۰۷ جولاءِ ۲۰۱۰ ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ خيرالنساءِ جعفري ايوارڊ جي شيلڊ.

(۱۰) سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۽ ناري سنگت جي طرفان ”راهِه بينظير ڀٽو“ ايوارڊ شيلڊ عورتن جي ڪم جي باري ۾ ڊاڪٽريٽ جي مقالي تي مڃتا طور ۲۰۱۳ ۾ ڏني وئي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ مختلف تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي، جن ۾ ۱. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن ۲. سنڌي اردو ادبي فائونڊيشن، ۳ ناري سنگت. ۴ سنڌي ادبي سنگت شامل آهن.

ڊاڪٽر پروين جا ۱۳۰ کان مٿي تحقيقي ۽ ادبي مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿي، جنهن ۾ ڳوٺ جو سڀ کان پهرين ڊپٽي ڪمشنر سندس چاچو خان صاحب محمد سومار هو ته وري سڀ کان پهريون ڊي. ايم. جي آفيسر سندس ڀاءُ آفتاب ميمڻ. سندس گهر ۾ ٻه فرد يعني ڪموڊور اقبال ميمڻ ۽ سندس ڀاڻيجو ذوالفقار نظير تمغه امتياز ملٽري جا حامل آهن. سندس گهر وارو اليڪٽريڪل انجنيئر آهي. سندس وڏو فرزند ياسر رضا ڏندن جو ماهر ۽ ايف سي پي ايس ڊاڪٽر آهي، سندس نياڻي ڊاڪٽر ثمرين به ڊاڪٽر آهي ۽ ثمرين جو گهر وارو روينيو ڊويزن حڪومت پاڪستان جو سينئر آفيسر آهي. سنڌ ۾ اهڙيون عورتون تمام گهٽ آهن، جن  پنهنجي مصروف گهريلو زندگيءَ هئڻ جي باوجود علم و ادب جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرايو آهي.


ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو: عتيق ملاح

جتي طبقاتي تعليمي نظام هجي، تعليمي نظام ۾ امير ۽ غريب ۾ واضح فرق نظر اچي، جنهن دور ۾ نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي نوڪرين جي ڳولا ۾ روڊن تي نڪتل نظر اچن، جتي ڪي نوجوان مايوس ٿي پنهنجيون زندگيون به وڃائي ويهي رهن ٿا ته ڪي وري ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي فقيرن واري زندگي اختيار ڪري ڇڏين ٿا، نتيجي طور قوم جو هڪ نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي وڃي ٿو ۽ سماج ۾ ڪيترين ئي سماجي خرابين سان گڏ هڪ وڏو بگاڙ به پيدا ٿئي ٿو، جنهن جو ازالو ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. اهو سڀ ڪجھ رڳو ان ڪري نٿو ٿئي ته نوجوانن ۾ صلاحيتون ناهن يا وري کين پنهنجو پاڻ تي اعتماد ناهي هوندو، پر ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ نوجوانن کي ڪجھ ڪري ڏيکارڻ جي اميد پيدا ڪرڻ واري جو نه هجڻ آهي، اسان وٽ نوجوانن کي سڌو رستو ڏيکارڻ ۽ هڪ سٺي زندگي گذارڻ جون صلاحون ڏيندڙن جي کوٽ رهي آهي، نوجوان پنهنجو ڪيريئر ڪيئن ٺاهي سگهن ٿا ۽ ڪيئن هو پنهنجو پاڻ کي مڃائي سگهن ٿا واري سوچ ڏيندڙ ماڻهو تمام گهٽ ملن ٿا. هڪ طرف حڪمرانن جي نااهلي رهي آهي ته ٻئي طرف علم ۽ ادب ڏانهن ڌيان نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ نوجوان نسل رستي کان ڀٽڪي وڃي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ انهن ڪردارن کي ئي اڳتي اچڻو پوي ٿو جيڪي سٺي سوچ ڏئي ايندڙ نسلن کي اڳتي وٺي وڃڻ وارين ڪوششن ۾ محو هوندا آهن، ان ڪوشش ۾ رهندڙ، علم ۽ ادب ذريعي نئون سماج اڏڻ جي جستجو ڪندڙ حيدرآباد جي نذرٿ گورنمينٽ گرلس ڪاليج جي استاد ۽ سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ آهي جيڪا چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ سنڌ جي نوجوانن جي مدد جي لاءِ علمي ۽ ادبي ڪم ڪري اهو واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته سنڌ جا نوجوان ڪنهن به ريت مايوسي وارو رستو اختيار نه ڪن، نوجوانن کي سنڌي ادب ۽ ٻولي سان چاھ رکڻ سان گڏ هڪ سٺي زندگي گذارڻ جو طريقيڪار طئه ڪرڻو پوندو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۾ ۱۹۵۸ع ۾ جنم ورتو، سندس والد مختلف هنڌن تي نوڪريءَ سانگي رهيو، ان ڪري سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ٺٽي، ماتلي، عمر ڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي، هن ۱۹۷۳ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ ڪئي، جڏهن ته انٽر ميڊيئٽ فرسٽ ڪلاس ۾ ۱۹۷۵ع ۾ پاس ڪئي، جنهن کانپوءِ هوءَ هڪ استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر ٿي، پر جلد ئي هن اها نوڪري ڇڏي ڏني ۽ انگريزي ادب ۾ ۱۹۸۳ع ۾ ايم اي ڪئي ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ايم اي سنڌي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، هن ۱۹۹۱ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪيو ۽ تعليم کاتي ۾ ليڪچرر طور مقرر ٿي، هن وقت هو نذرٿ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۾ بطور ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي.

عوامي آواز سنڊي مئگزين کي خاص انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ چيو ته نوجوانن کي پنهنجي ذهن ۾ اها ڳالھ واضح ڪرڻ گهرجي ته هنن کي اڳتي وڌڻو آهي، پنهنجي قوم جي خوشحالي ۽ پنهنجن ماڻهن جو همدرد ٿيڻ جي لاءِ علمي ۽ ادبي ڪمن سان گڏ نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي لاءِ به ڪجھ ڪري ڏيکارجي. اسان وٽ هڪ طرف طبقاتي تعليمي نظام آهي ته ٻئي طرف نوجوانن ۾ هڪ وڏي مايوسي پکڙيل آهي، جڏهن حڪومتي ادارن جي ڪيترن ئي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ نوجوان تمام گهڻو پوئتي رهجي وڃن ٿا، سنڌ جي ڳوٺن مان تعليم موڪلائي وئي آهي، ڳوٺن جا اسڪول يا ته اوطاقون ٿي ويون آهن يا وري جانورن جي واڙا، سنڌ اندر خانگي تعليمي ادارن ۾ مادري ٻوليءَ جو ڪو نالو نشان ئي ناهي بچيو، جڏهن ته وڏن سرڪاري تعليمي ادارن ۾ به مادري ٻوليءَ طرف ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، اها ڳالھ درست آهي ته ٻارن کي سٺي تعليم انهن جي مادري ٻوليءَ ۾ ئي ڏئي سگهجي ٿي، پر ٻٽا معيار هجڻ ڪري اهو ٿيڻ ممڪن ناهي رهيو، ڪاليجن اندر سنڌي سبجيڪٽ پڙهائڻ لاءِ استاد نٿا ملن، سنڌي سبجيڪٽ ڪمپلسري نه هجڻ ڪري سنڌي سبجيڪٽ ڏانهن ڌيان نٿو ڏنو وڃي.

ڪاليجن ۽ يونيورسٽي جي تعليمي معيار ۾ گهٽتائي وارو سوال درست آهي، پر ان جو ذميوار ڪنهن هڪ ڌر کي نٿو ڄاڻائي سگهجي، ان ۾ شاگردن، استاد تنظيمن ۽ والدين جون ڪوتاهيون شامل آهن، اها ته تمام گهڻي ڏک جي ڳالھ آهي ته جڏهن ڪاليجن ۾ امتحان ٿين ٿا ته شاگردن جا مائٽ ڪاليج ٻاهران بيهي پنهنجن ٻارن کي ڪاپي ڪرائيندا نظر ايندا آهن، تمام گهڻي سختي هجڻ باوجود به هو هر حال ۾ ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ ۽ پنهنجن ٻارن جي زندگي برباد ڪرڻ وارو ڪم ڪندا نظر ايندا آهن، پر تنهن هوندي به انهن ئي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان سٺا ۽ محنتي شاگرد نڪري اچن ٿا، تعليمي ادارن ۾ سٺن استادن جو وڏو انگ موجود آهي جيڪي پنهنجي پيشي سان سچائي ڪن ٿا ۽ پنهنجن شاگردن کي اولاد واري نگاھ سان ڏسن ٿا.

استاد جي عزت ۽ احترام واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڳ استاد جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام هوندو هو، شاگرد استاد جي سامهون ڳالهائي نه سگهندو هو، پر جڏهن کان خانگي تعليمي ادارا قائم ٿيا آهن ته تڏهن کان استاد جي عزت ۽ احترام ۾ گهٽتائي آئي آهي، هاڻ استاد کي احترام واري نظر سان نٿو ڏٺو وڃي جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي، ان ڪري ضروري آهي ته استاد سان عزت ۽ احترام وارو رويو رکيو وڃي، استاد شاگرد جي لاءِ پنهنجي والدين جهڙي حيثيت رکي ٿو. سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) ۽ (پي سي ايس) جي شاگردن جا ڪلاس وٺندڙ ۽ شاگردن جي رهنمائي لاءِ سنڌيءَ ۾ علمي ۽ ادبي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو چوڻ آهي ته اڳ سنڌ اندر سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي چٽا ڀيٽي وارن امتحانن جون اڪيڊميون نه هيون، تنهن جي ڪري وڏي تعداد ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنجاب به ويندا هئا، پر هاڻ سنڌ ۾ تمام گهڻيون اڪيڊميون جڙي ويون آهن، سي ايس ايس جا امتحان ته هر سال ٿين، پر پي سي ايس جا امتحان سالن جي وڏي وقفي کانپوءِ ٿين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان پي سي ايس کي اوليت نٿا ڏين جنهن جو سبب عمر وڌي وڃڻ آهي ڇو ته امتحان دير سان ٿين ٿا ۽ نوجوان پنهنجي عمر جي حد بچائڻ لاءِ ان طرف نٿا وڃن. پي سي ايس جي چٽا ڀيٽي وارو امتحان ۲۰۰۸ع ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ هڪ وڏي وقفي کانپوءِ ۲۰۱۳ع ۾ ٿيو هو، ان کانپوءِ اڃا تائين اهو امتحان نه ٿي سگهيو آهي، هن جو چوڻ آهي ته سي ايس ايس ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڪمپلسري ناهي، پر ان کي آفشنل رکيو ويو آهي، جڏهن پي سي ايس ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڪمپلسري هجڻ سان گڏ آفشنل به آهي، جنهن ۾ هڪ سئو کان ڏيڍ سئو تائين مارڪون ملن ٿيون، پي سي ايس ۾ ۳ سنڌي سبجيڪٽ موجود آهن، جنهن ۾ جنرل سنڌي، مضمون نويسي ۽ هسٽري آف سنڌي لٽريچر شامل آهي، ان ڪري اهو ضروري آهي ته سنڌي نوجوانن کي اڳتي آڻڻ لاءِ پي سي ايس جا امتحان هر سال منعقد ڪيا وڃن، امتحان هر سال منعقد نه ٿيڻ جو ذميوار ادارو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن آهي، جنهن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پي سي ايس جي عمر جي حد کي اڃا وڌايو وڃي ته جيئن نوجوانن کي موقعو ملي سگهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي سنڌي ٻولي ۽ ادب تي سٺي گرفت آهي ته هو پي سي ايس جو امتحان پاس ڪري ويندو، پر جيئن ته اسان وٽ مئٽرڪ ۾ اردو سليس آهي ۽ انٽر ۾ سنڌي ڪمپلسري آهي، ان ڪري شاگرد فقط هڪ سال سنڌي پڙهن ٿا، تنهن ڪري هنن جو سنڌي وارو معيار گهٽ هجي ٿو. چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ به سنڌي سبجيڪٽ ڏانهن ايترو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي جنهن سان شاگردن ۾ سنڌي سبجيڪٽ ڏانهن توجھ وڌي ۽ هو ان سبجيڪٽ جو فائدو وٺندي سٺا نمبر کڻي اڳتي اچي سگهن، چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ شاگردن کي ۷۰ سنڌي ڪتاب پڙهڻا پون ٿا. اها تمام گهڻي افسوس جي ڳالھ آهي ته يونيورسٽين اندر سنڌي شعبن ۾ سڀ کان وڌيڪ ويڙھ نظر ايندي آهي، سنڌي شعبن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال رهي ٿي، جنهن جو نقصان سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ٿئي ٿو. سنڌي نثر جي ترقي ۾ عورتن جو حصو جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ، ايم اي انگريزي ادب ۽ ايم اي سنڌي ادب جي (گولڊ ميڊلسٽ) ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي ادب جي نثر ۽ مضمون نويسي سميت سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي چٽا ڀيٽي وارن امتحانن ۾ رهنمائي لاءِ ۱۲ کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن، جڏهن ته ۷ کان وڌيڪ اڻ ڇپيل ڪتاب آهن. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات، سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس، اٿي رائو ريل (تحقيق ۽ تنقيد)، آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيفيات) سون ورنيون سوڍيون(ڪهاڻيون)، اخلاقي قدر(ٻاراڻو ادب)، وکرو سو وهاءِ(مضمون ۽ مقالا)، سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس، سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو، گلدستو، مضمون نويسي(پي سي ايس جي امتحان ۽ هائر ڪلاسن لاءِ) ۽ سنڌي ادب پڇا ڳاڇا، ايم سي ڪيوز معروضي سوال ۽ جواب(سي ايس ايس، ايم اي سنڌي ليڪچرز، تحريري ۽ زباني امتحانن لاءِ وارا ڪتاب شامل آهن. جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ “جي پارکو پارس جا” (لطيفيات)، ملھ مهانگا سپرين (سوانح)، مفتي منجھ ويهار (آتم ڪهاڻي)، هلڻ منهنجو هوت ڏي(حرمين شريف جي زيارتن تي ٻڌل سفر نامو)، ماڻڪ موتي لعل(مضمون ۽ مقالا)، محبت پائي من ۾(مضمون ۽ مقالا) ۽ سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو، تحقيقي اڀياس (پي ايڇ ڊي جو مقالو) ۱۹۸۵ تائين شامل آهن. سندس ۲ ڪتاب سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۽ وکرو سو وهاءِ (مضمون ۽ مقالا) هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران ڇپرايا ويا آهن. ان کانسواءِ هو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ مسلسل لکندي پڻ رهي آهي، مختلف تعليمي، علمي ۽ ادبي موضوعن تي سلسليوار ڪالم مختلف اخبارن ۾ ايندا رهيا آهن. هن سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪي ادارا سنڌي ادب جي واڌ ويجھ لاءِ جوڙيا ويا آهن اهي ادارا پنهنجي ذميواري بهتر انداز ۾ پوري نٿا ڪن، جنهن جو نتيجو سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کي نقصان پهچڻ جي صورت ۾ نڪري ٿو، ان ڪري سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن کي پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ گهرجي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ماڻيا آهن. سندس جو چوڻ آهي ته هن لکڻ جي شروعات افسانا لکڻ کان ڪئي، سندس پهريون افسانو “چري” جي عنوان سان ڇپيو، هن افساني کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو، ان کانسواءِ سفر نامن، نثر نگاري طرف پڻ ڌيان ڏنو آهي، مضمون نويسي سندس لکڻين جو اهم حصو آهي، هن جو خيال آهي ته سفر نامو صحتمند ادب جي واڌاري ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪري ٿو.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو خيال آهي ته چٽا ڀيٽي جو امتحان اهو واحد امتحان آهي جنهن ۾ ميرٽ ٿئي ٿي، هن امتحان ۾ پاس ٿيندڙ آفيسر اڳيان هلي ملڪ جي پاليسي سازي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪن ٿا، هن امتحان جي وڏي اهميت آهي، جنهن جي لاءِ سنڌي نوجوانن کي اڳيان اچڻ گهرجي، اسان وٽ سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته سنڌي نوجوانن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ نٿي ٿئي، سڌريل ملڪن ۾ ۸ کان ۱۸ ورهين تائين جي عمر جا نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گريجوئيشن کان اڳ ڪيريئر ڪائونسلنگ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪئي ويندي آهي، پر اسان وٽ ائين هرگز ناهي. هن نوجوانن کي چٽا ڀيٽي جي امتحانن ۾ ويهڻ لاءِ مشورا ڏيندي چيو ته انهن مشورن تي عمل ڪندي هو ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿا، نوجوان سڀ کان پهرين جيڪي نوجوان هي امتحان ڏيڻ جا خواهشمند آهن انهن لاءِ ضروري آهي ته هو انگريزي جي گرامر ۽ لکڻ تي ڌيان ڏين، ان کانسواءِ کين بيچلرز جي ڊگري تمام محنت سان وٺڻ گهرجي، پنهنجي سينيئرن کان مشورا وٺي ان تي عمل ڪن. نوجوان سي ايس ايس جي تياري ڪرائيندڙ اڪيڊمين کي جوائن ڪن، جيڪي پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ موجود آهن، ان کانسواءِ لائيبريري ۾ ويهي سنجيدگي سان علمي ۽ ادبي ڪتاب پڙهي ذهن کي تيار رکن. هن جو چوڻ آهي ته چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ مضمونن جي چونڊ جي مرحلي کي ڏٺو وڃي ته هن امتحان ۾ ڪي مضمون لازمي ته ڪي وري آفشنل آهن.

هن سنڌي سماج ۾ عورتن جي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو ته سنڌي سماج هاڻ بدلجي چڪو آهي گهڻيون عورتون مختلف ادارن ۾ نوڪري ڪن ٿيون، روين جي تبديلي سبب نوڪري ڪرڻ آسان هوندي آهي، عورت کي پاڻ مضبوط ٿيڻو پوندو. هن چيو ته کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جو شوق هو، پر هوءَ ميڊيڪل جي ڊاڪٽر ته نه ٿي سگهي، پر ڊاڪٽر وارو لفظ پنهنجي نالي سان جوڙڻ ۾ پي ايڇ ڊي ڪري ڪامياب ٿي ويس. هن چيو ته ٻار جي شخصيت ۾ استاد جو ۹۰ سيڪڙو حصو رهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته عورت کي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي اچڻ گهرجي، عورتن کي پڙهڻ لکڻ ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، پنهنجي اولاد کي به پڙهائي ڏانهن ڌيان ڇڪرائڻ ۾ عورت جو اهم ڪردار هجي ٿو، ان ڪري ضروري آهي ته جنهن گهر ۾ پڙهيل لکيل عورت هوندي ان گهر ۾ علم ۽ ادب جي روشني قائم رهندي. سندس چوڻ آهي ته آئون پڙهڻ لکڻ جي ننڍپڻ کان ئي شوقين هيس، پرائمري تعليم مختلف شهرن ۾ حاصل ڪئي، سندس شادي ۱۹ ورهين جي ڄمار ۾ سندس پڦي جي پٽ انجينئر انور خان سان ٿي، پر جيئن ته چوندا آهن ته هر ڪامياب شخص پٺيان عورت جو هٿ هوندو آهي ته تيئن ئي سندس ڪاميابين جي پٺيان هن جي مڙس جو وڏو ڪردار آهي، سندس مڙس کيس هر قدم تي ساٿ ڏنو آهي، کيس هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي.

هن جو چوڻ آهي ته استاد هئڻ کانپوءِ هوءَ هڪ ليکڪا جي حيثيت ۾ اڳيان آئي آهي، انهيءَ ڪري ظاهر آهي ته پهرين اهم حيثيت سندس استاد واري هئڻ گهرجي، سٺي استاد هجڻ ۽ تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ادبي ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪيترا ئي شاگرد هن سان رابطو ڪري تعليمي ميدان ۾ اڳتي نڪرڻ لاءِ صلاح مشورا وٺندا آهن. لکڻ جي ڪري پنهنجي پڙهندڙن مان سٺي موٽ ملي آهي، جنهن ۾ خاص طور تي عالم، اديب، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا استاد ۽ شاگرد شامل آهن. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏيندي چيو ته هو پنهنجي مستقبل جي حوالي سان سنجيده ٿين، والدين کي به گهرجي ته هو پنهنجي اولاد کي پنهنجي شعبي جي چوائس ڪرڻ ۾ آزاد رکن، ڇو ته اڪثر والدين پنهنجي اولاد کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٺاهڻ واري سوچ ۾ مبتلا هوندا آهن، ان ڪري ضروري آهي علمي صلاحيتن جي آهر هر ٻار کي پنهنجي پسند جي شعبي ۾ ڇڏيو وڃي ته جيئن هو اتي پنهنجي سٺي مستقبل جي ڳولا ڪري سگهي.


 

پروين موسيٰ ميمڻ

سنڌي ادب جي سگهاري ليکڪه

علي محمد درد سولنگي

 ۱۹۷۰ع ۾ نائين ڪلاس کان گهر جي لائبرري ۾ هلال پاڪستان، سهڻي، روح رهاڻ، امرجليل، شيخ اياز، غلام نبي مغل، کي شوق سان پڙهندڙ ۽ پوءِ لکڻ جو اُتساھ وٺندڙ، بغير پلاننگ جي اتفاقي طور ادب جي سفر جي شُروعات ڪندڙ. سنڌي ادب جي سگهاري ليکڪه پروين موسيٰ ميمڻ لکڻ جي شروعات ۱۹۸۰ع کان ڪئي.

هر ڪنهن سان کلي ملندڙ، جِيءَ ۾ جايون ڏيندڙ، عاجزي ۽ انڪساريءَ کان ڪم وٺندڙ، پيار ۽ پاٻوھ سان پيش ايندڙ

 هر وقت مُسڪرائيندڙ، لطيفيات، سوانح، تحقيق. تنقيد، سفرناما، آتم ڪٿا لکندڙ پروين موسيٰ ميمڻ جا مضمون، مقالا، مستقل طور، عبرت، سوڀ، سنڌ، جيجل، ماهوار پيغام، سنڌ راڻي، سروپا، سرتيون، ٽماهي مهراڻ، ڪونج، ڪوڏيون، بلاول ۽ ٻينِ رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا آهن.

نقصان پرائڻ باوجود ٻين تي ڀروسو ڪندڙ، زندگيءَ کي نعمت سڏيندڙ، ڏکن کي حياتيءَ جو حصو ۽ ڏکن کان پوءِ سکن کي حياتيءَ جي حاصلات چوندڙ، نفرت کان نفرت ۽ تڪليف پهچائيندڙن ۽ سمجھ ۾ نه ايندڙن کان پاسو ڪندڙ، ٿرپارڪر جي شھر ڏِيپلي ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گھر ۾ ۱۹۵۸ع ۾ جنم وثندڙ، شروعاتي تعليم ڏيپلي ۽ سيڪنڊري تعليم ميرپور مان حاصل ڪندڙ، ۱۹۸۳ع ۾ ايم اي انگلش ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ايم اي سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ، بعد ۾ امتيازي نمبرن سان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر طور ڀرتي ٿيندڙ، ۵۵ ورهين جي ڄمار ۾ ۲۰۱۲ ۾ اٺن سالن جي محنت کان پوءِ پِي ايڇ ڊي جي ڊگري ۽ ڊاڪٽر ٿيڻ جي خواب جي ساڀيا ماڻيندڙ، پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ اڄڪلھ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور گورنمينٽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهائي رهي آهي.

ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو تعلق اهڙي خاندان سان آهي جنهن ۾ سندس چاچو خانصاحب محمد سومار ڳوٺ جو سڀ کان پهريون ڊپٽي ڪمشنر، سڀ کان پهريون ڊِي ايم جِي آفيسر سندس ڀاءُ آفتاب ميمڻ، سندس ٻيو ڀاءُ وري ڪموڊور اقبال ميمڻ ۽ سندس ڀاڻيجو ذوالفقارنظير تمغه امتياز ملٽري، سندس گھروارو اليڪٽريڪل انجنيئر، سندس وڏو فرزند ياسر رضا ڏندن جو ماهر، ايف سي پي ايس ڊاڪٽر، سندس نياڻي ڊاڪٽر ثمرين، سندس نياڻيءَ جو گھروارو روينيو ڊويزن حڪومتِ سنڌ پاڪستان جو سينيئر آفيسر ۽ سندس والدُ محمد موسيٰ ميمڻ جيڪو پڻ مختيارڪار هيو.

سنڌي ادب سان عشق رکندڙ، موجوده وقت جي سنڌي ادب جي بهترين نقاد سڏجندڙ، ادبي، اصلاحي ۽ اخلاقي مضمونن ذريعي نئين نسل جي رهنمائِي ڪندڙ، تحقيق جي سمورن لوازمات کان واقفيت رکندڙ، پنهنجي سڄِي زندگي علمي ۽ ادبي ڪمن ۾ صرف ڪندڙ، وڌ کان وڌ جاکوڙِيندڙ ۽ سنڌي ادب کي معياري ڪتاب ارپِيندڙ، مثالي استاد ۽ مثالي ليکڪه جو فرض نڀائِيدڙ ۽ وڻندڙ نثر لکندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو چوڻ آهي ته موجوده دور ۾ رهنمائي ڪرڻ وارا گھٽ ۽ ساڙ حسد ڪرڻ وارا گھڻا آهن، هڪ حاسدي ٽولو آهي جيڪوعورتُن جي ترقي برداشت نه ٿو ڪري ۽ اُهي لکڻِيُنِ مان ڪِيڙا پيا ڪڍندا آهن،. ان ڪري اڄ جي عورت کي مرد کان وڌيڪ همت ۽ حوصلي جي ضرورت آهي.

ڪم ڪار جلدي اُڪلائِيندڙ، ڪميٽيڊ رهندڙ، موسيقيءَ جو ٻڌڻ جي حد تائين شوق رکندڙ، علڻ فقير، جيجي زرينه بلوچ، سرمد سنڌي، لتا منگيشڪر کي شوق سان ٻڌندڙ، شاھ لطيف، شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، فيض احمد فيض ۽ پروين شاڪر جي شاعري پڙهندڙ/پسندڙ ڪندڙ، پنهنجي والد جا احسان مڃندڙ، موجوده تعليمي نصاب ۾ تبديليءَ جي سوچ رکندڙ ۽ موجوده تعليمي نصاب کي مخصوص ماڻهن وٽ محدود ٿيل چوندڙ، پنجين ڪلاس کان ايم اي تائين هر امتحان ۾ فرسٽ پوزيشن ماڻيندڙ، ۱۹۷۶ع ۾ ۱۹ سالن جِي عمر ۾ شادي ٿيڻ کان پوءِ به پنهنجي پڙهائي جاري رکندڙ، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ڪيترا ئي ايوارڊ/سرٽِيفڪيٽ پڻ ماڻي چڪي آهي، جن ۾

۱. اڪيڊمڪ سرٽيفڪيٽ بورڊ آف انٽر ميڊيٽ حيدرآباد ۲۰۰۴ع

۲. هاير ايجوڪيشن اسلام آباد پاران سرٽيفڪيٽ ۽ ڪيش ايوارڊ۲۰۰۶ع ۽ ۲۰۱۵ع

۳. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ انٽرنيشل ڪانفرنس اعزازي سرٽيفڪيٽ ۲۰۰۹ع

۴. بيسٽ ڪمپيئر شيلڊ ۲۰۰۷ع

۵. ڪينيڊينِ ايسوسيئيشن ۽ جيجل سنڌ مضمون نويسيءَ جي مقابلي ۾ ڪيش پرائيز ۽ سرٽيفڪيٽ

۲۰۰۸ع.

۶. جمهوريت بهتري انتقام آهي. ( سنڌي/اردو) اعزازي سرٽيفڪيٽ ۲۰۱۰ع.

۷. نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام َآباد پاران ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسي جي “اخلاقي قدر “تي ٻيو انعام ۽ تعريفي خط/سرٽيفڪيٽ.

۸. سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران “اُٿي رائو ريل “تي خيرالنساءِ جعفري ايوارڊ شيلڊ ۲۰۱۰ع

۹. سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ۽ ناري سنگت طرفان بينظير ڀٽو شيلڊ ۲۰۱۳ع.

همت ۽ حوصلو رکندڙ، وقت حالتُن آڏو هار نه مڃندڙ، هر حال ۾ خوش رهندڙ، قلم کي هٿيار ڪري استعمال ڪندڙ، ڪڏهن به نه ٿڪجندڙ، پنهنجي مصروف گھريلو زندگي هجڻ باوجود، علم ۽ جي ادب جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندڙ ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن ۾؛

۱. سنڌي ادب جي ادبي جائزو ۽ لطيفيات ۲۰۰۴ع

۲. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس. هاير سيڪنڊري ايجوڪيشن اسلام آباد ۲۰۰۸ع ٻيو ڇاپو ۲۰۰۹ع.

۳. اُٿي رائو ريل ۲۰۰۸ع.

۴. آديسيُن ادب، آهي اکڙين ۾، ( لطيفيات) ۲۰۰۷ع ٻيو ڇاپو ۲۰۰۹ع.

۵. سون ورنيون سوڍيون ۲۰۰۹ع.

۶. اخلاقي قدر ( ٻاراڻو ادب) ۲۰۱۰ع ٻيو ڇاپو ۲۰۱۶ع

۷. وکر سو وِهاءِ ( مضمون نويسي) هاير ايجوڪيشن ڪميشن ۲۰۱۱ع

۸. عالم سڀ آباد ڪرين ۲۰۱۶ع.

۹. سنڌي ادب، ۱۰. گلدستو ۽ ٻيا ڪتاب

ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته

۱. محمد عثمان ڏيپلائيءَ جون ادب ۾ خدمتون ( شخصيت)

۲. جي پارکو پارس جا ( لطيفيات)

۳. ماڻڪ موتي لعل ( مضمون/مقالا)

۴. مفتي منجھ ويهار ( آتم ڪٿا)

۵. سونهان سڌيون ڪنِ ( سوانح حيات)

۶. مُلھ مهانگا سپرين ( ادبي تاريخ) ۽ ڪجھ ٻيا ڪتاب جلد مارۡڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن

 

(ڏھاڙي ڪاوش جي مڊ ويڪ مئگزين ۾ ۱۴ فيبروري ۲۰۱۸ع تي ڇپيل)

 



پروين موسيٰ ميمڻ

جديد دؤر جي نيامت

صبا

ٿر جي اُڃايل ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ پروين موسيٰ ميمڻ کي ڌڻيءَ تعاليٰ بي پناهه صلاحيتن سان نوازيو آهي. تخليق، تحقيق ۽ تنقيد جهڙين ڏکين راهن تي سفر جاري رکيو اچي. سندس باري ۾ غلام علي الانا لکي ٿو ته ”پروين موسيٰ ميمڻ، هڪ خاموش ۽ گوشه نشين محقق وانگر سالن جا سال، بلڪل ناآشنا طريقي سان ادبي اسڪرين تي تڏهن نظر آئي، جڏهن سندس پهريون ڪتاب ”سنڌي ادب جو ادبي جائزو“ مارڪيٽ ۾ آيو.

اِها حقيقت آهي سنڌي ادب ۾ عورتن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي، ۽ انهن ۾ به ڪي چند ان ادبي پورهئي کي جاري رکيو اچن، جڏهن ته باقي هوا جي جهوٽي جيان گُهلي ۽ منظرعام تان هٽي ويون. پر پروين موسيٰ ميمڻ، ڀٽائيءَ جي اِن سٽ جيان ”لڪا ڀڻن لوڪ ۾“ منظر عام تي اچڻ کان اڳ ئي ايترو پورهيو ڪري چُڪي آهي جو ماڻهو سوچيندي حيران ٿيو وڃي. سندس پنج ڪتاب (۱) سنڌي ادب جو ادبي جائزو، (۲) سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس (۳) اُٿي رائو ريل (مضمون ۽ مقالا) (۴) آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيفيات ترتيب) ۽ (۵) سون ورنيون سوڍيون (تحقيق ۽ ترتيب) ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ ايترا ئي ڪتاب ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهن، جن ۾ ”وکر سو وهاءِ“، ”جي پارکو پارس جا“، ”ملهه مهانگا سپرين“ ۽ چوٿون ڪتاب ”اخلاقيات ۽ اقدار“ جيڪي پڻ اُميد ته جلد ڇپجي پڌرا ٿيندا.

سندس ڪتاب نه رڳو سندس نانءُ روشن ڪندا پر ادبي دنيا سان چاهه رکندڙ گهڻن پياسن جي پياس پڻ اُجهائيندا. سندس ڪتابن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

”سنڌي ادب جي ڪن صنفن جو اڀياس“

هن خوبصورت ٽائيٽل واري ڪتاب ۾ مضمون، مقالا، سفرناما، ناول، افسانه نويسي ۽ ڊرامن جو اڀياس ڪيل آهي. ۴۰۴ صفحن وارو هي ڪتاب ايم اي سنڌي ۽ ايم فل جي شاگردن لاءِ نهايت ئي مفيد ثابت ٿيندو. هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ ليکڪه نثر جو تعارف ڏنو آهي. ليکڪه لکي ٿي ته نثر ۽ نظم علم ۽ ادب جون ٻه خاص شاخون آهن، دنيا جي سڀني ٻولين جي ادب ۾ نثر انساني اظهار جو هڪ اهم ذريعو رهيو آهي. نثر اظهار جو تفصيلي بيان آهي، جنهن ۾ چٽائي، رواني، بياني قوت، ٻوليءَ جو سهڻو استعمال ۽ ٻيون انيڪ خوبيون گهربل هونديون آهن. ليکڪه اڳيان ”مضمون ڇا آهي؟“ جي عنوان سان لکي ٿي ته لفظ Essay معنيٰ ڪوشش ڪرڻ جيڪو فرانسيسي زبان جو لفظ آهي.

ڪتاب ۾ ڪيل ليکڪه جي تحقيق داد لهڻي، جنهن شيخ اياز، قاضي عبدالمجيد عابد، پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، ماهتاب محبوب، عبدالحئي پليجو ۽ ٻين جي سفرنام تي تنقيدي تبصرو پيش ڪرڻ کان علاوه مشهور ناولن زينت، هم اوست، پڙاڏو سوئي سڏ، دلارام ۽ ٻين ناولن جو تنقيدي جائزو ۽ تبصرو پيش ڪيو آهي. افسانوي مجموعن جي جائزي سان گڏ مشهور افسانن جو پڻ جائزو شامل آهي.

ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ليکڪه جي ڪيل پورهئي کي ساراهڻ ۽ داد ڏيڻ تي دل ٿي چوي. مجموعي طور هيءُ ڪتاب ڄاڻ جو خزانو ته آهي ئي پر شين کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ ۾ پڻ گهڻي مدد ڪري ٿو.

”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“

هيءُ ڪتاب منفرد نوعيت جو ڪتاب آهي، جيڪو ليکڪه فن ۽ فڪر جو ذوق رکندڙن کي ارپيو آهي. هن ڪتاب ۾ لطيف سائينءَ جي بيتن مان چونڊيل عنوانن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب ۾ ٽي سؤ اهڙن ڪتابن جا عنوان ڏنل آهن جيڪي شاهه جي رسالي تان ورتا ويا آهن ۽ اُنهن عنوانن سان گڏ اُهي بيت پڻ ڏنا ويا آهن، جن مان عنوانن جي چونڊ ڪئي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جو لکيل آهي. ڊاڪٽر صاحب مهاڳ ۾ لکي ٿو ته، ”هي ڪتاب ان لحاظ کان پُرمعنيٰ آهي ته هن ۾ سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي نشاندهي ڪيل آهي، جن جا عنوان شاهه جي رسالي مان چونڊيل آهن. انهن ڪتابن ۾ شيخ اياز، جي ايم سيد، الطاف شيخ ۽ ٻين جا ڪتاب شامل آهن. هن ڪتاب جي علمي افاديت ان ڪري به آهي ته رسالي جي بيتن جي عام پڙهندڙن کي پروڙ پوي ٿي ته ليکڪن طرفان ڪيل چونڊ کي به داد ڏيڻو پوي ٿو. انهن تڪن ۽ بيتن جو تذڪرو ۽ ترتيب محترمه پروين موسيٰ پنهنجي ذوق جي تسڪين لاءِ ڪري اسان کان داد وصول ڪري رهي آهي. منهنجي خيال ۾ هوءَ داد جي هر طرح اهل آهي.“

ليکڪه ڪتاب جي باري ۾ پاڻ لکي ٿي ته هيءُ ڪتاب لطيفيات جي فن ۽ فڪر کي فروغ ڏيڻ جي هڪ ادنيٰ ڪوشش آهي، جنهن جو خاص مقصد آهي ته نئين نسل جي شاگردن کي شاهه صاحب جي بيتن سان واقفيت ٿئي ۽ ايندڙ ليکڪن لاءِ لطيفيات مان ڪتابن جي عنوان چونڊڻ جي ترغيب عمل ۾ اچي.

ڪتاب ۾ عنوانن جي شروعات نارائڻ جي ڪتاب ”آڇيندي لڄ مران“ کان ڪئي وئي آهي.

اُن کان پوءِ شيخ اياز جي ڪجهه ڪتابن وارا عنوان ۽ انهن جا بيت ڏنا ويا آهن. ۱۶۰ صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ پروين موسيٰ ميمڻ جي محنت جو اندازو ٿئي ٿو، جيڪو ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي لفظن جيان ته واقعي به قابل داد آهي.

سنڌي ادب جو ادبي جائزو

۲۷۲ صفحن وارو هيءُ ڪتاب پي سي ايس، سي ايس ايس، ايم اي سنڌي ۽ بي ايڊ جي شاگردن لاءِ نهايت ئي ڪارائتو ڪتاب آهي. هن ڪتاب کي اسين اُهو ڪوزو سڏينداسين، جنهن ۾ پروين موسيٰ ميمڻ سنڌي ادب جو سمونڊ سمايو آهي.

ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دؤرن جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعري تي روشني وڌي ويئي آهي ته ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي علم و ادب ۽ سماج کان سواءِ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن تي روشني وڌل آهي. نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو لطيفيات ۽ گرامر تي مشتمل آهي. ڪتاب معلومات جي کاڻ اهي. پڙهندڙ هن ڪتاب مان ضرور لاڀ حاصل ڪندا.

اُٿي رائو ريل (تحقيق ۽ تنقيد)

هونئن ته سنڌ ۾ هر ٽيون ماڻهو شاعر، ڪهاڻيڪار يا ناول نگار ڏسڻ ۾ اچي ٿو پر تحقيق جي حوالي سان ليکڪن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندو. پروين موسيٰ ميمڻ اهڙي خفي واري ڪم ۾ نه رڳو هٿ ڳنڍيو پر نهايت ئي سهڻي نموني نڀايو پڻ آهي. سندس محنت هن ڪتاب ”اُٿي رائو ريل“ ۾ نمايان آهي. ڪتاب ۾ ناولن، ناٽڪن، افسانن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سانحه عمرين ۽ خاڪن سان گڏ ترجمانگاري، تنقيد ۽ تحقيق ۽ لطيفيات جي باري ۾ ڄاڻ ڏنل آهي. خوبصورت ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ ۱۷۰ ۾ نهايت ئي مفيد معلومات ڏني وئي آهي. ليکڪه هيءُ ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ ادب سان چاهه رکندڙن، عالمن، استادن، شاگردن، شاعرن، اديبن ۽ انهن پڙهندڙن جي نالي ڪيو آهي جيڪي ٻوليءَ کي جيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا پيا اچن.

هڪ روايت آهي ته وفات کان ٿورو وقت اڳ لطيف سائينءَ پنهنجو رسالو ڪراڙ ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو، جنهن تي فقيرن کي ماتم وٺي ويو هو ۽ لطيف سائين مٿن رحم آڻي، هڪ مريدياڻي، مائي نيامت (نعمت) کي فرمايائين ته فقيرن کي اُهو لکرائي ڇڏي. چون ٿا ته اُن مريدياڻيءَ کي شاهه جي ڪلام جو ڳچ حصو ياد هو. اِئين ئي پروين موسيٰ ميمڻ جو شاهه جي ڪلام سان چاهه ڏسي اسين اِهو چوڻ تي مجبور ٿيون ٿا ته پروين موسيٰ ميمڻ هن دؤر جي اُها نيامت مريدياڻي آهي، جنهن پنهنجي بيپناهه صلاحيتن کي تحقيقي ڪم ۾ استعمال ڪيو. سندس ڪيل ڪاوشون کيس مانائتو بڻائين ٿيون.

 




ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

فن ۽ شخصيت

فقير محمد سنڌي

اکين ۾ ٿي ويھ، ته آئون واري ڍڪيان،

توکي ڏسي نه مَ ڏيھ، آئون نه پسان ڪي ٻيو.

(شاھ لطيف)

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ضلعي ٿرپاڪر جي ڏيپلي شهر ۾ محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۲۰ نومبر ۱۹۵۸ع تي جنم ورتو، سندس والد سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي نوڪريءَ سانگي رهيو، ان ڪري سندس پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڏيپلي، مٺي، ٺٽي، ماتلي، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپورخاص ۾ ٿي. ۱۹۷۳ع ۾ مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ ۱۹۷۵ع ۾ انٽر ميڊيئٽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ استاد طور سرڪاري اسڪولن ۾ مقرر رهي پنج سال ميرپورخاص جي اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي تجربي کانپوءِ نوڪريءَ کي خير باد چئي پنهنجي وَرَ سان پنجاب ۽ بلوچستان (لاهور ۽ ڪوئيٽا) ۾ رهڻ ٿيس، واپس اچي انگريزي ادب ۾ ۱۹۸۳ع ۾ ايم اي ڪيائين ۽ ۱۹۸۸ع ۾ ايم اي سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري ۱۹۹۱ع کان ليڪچرر طور ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين. ابن رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص-ايم بي اينڊ جي ايف گرلز ڪاليج حيدرآباد، کان پوءِ نذرٿ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور درس و تدريس جا فرض سر انجام ڏيڻ کان پوءِ ۲۰۱۸ع ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ريٽائر ڪيائين.

ادب ۾ شموليت: ادبي زندگيءَ ۾ سندن پهريون افسانو “چري” جي عنوان سان ۽ ٻيو “ماءُ جو دلاسو” (خليل جبران جي ڪهاڻيءَ جو ترجمو) ۱۹۸۰ع ۾ ميرپورخاص مان نڪرندڙ رسالن ۾ شايع ٿيا ۽ پوءِ پنج سئو کن مضمون لکيائين اٿن. ۲۰۰۴ع ۾ ايم فل جي رجسٽريشن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيڻ کانپوءِ سندس لاڙو تحقيق جي ميدان ڏي مُڙي. ۲۰۰۴ع کان سندس مڪمل ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيا، علمي ميدان ۾ هُن پنهنجي شاگردن جي سهوليت لاءِ خوب نڀايو آهي. سندن لکيل ڪتابن ۾ ڇهه ڪتاب هائر ڪلاسن ۽ چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن جي شاگردن لاءِ آهن.

ڇپيل ڪتاب

۱) سنڌي ادب جو ادبي جائزو ۽ لطيفيات: ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ۲۰۰۴ع ۾ شايع ڪيو، ليکڪا جو هيءَ پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي شاگرد طبقي مان گهڻي پذيرائي ملي خاص طور مقابلي جي امتحانن لاءِ تيار ڪيل هيءُ ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ ادبي دور جي ارتقائي جائزي سان گڏ مشهور شاعرن جيئن قاضي قادن کان شيخ اياز تائين جي شاعريءَ تي روشني وڌي ويئي آهي، ته ٻئي حصي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي احوال سان گڏ نثر ۽ نظم جي مشهور صنفن جو جائزو ڏنل آهي. اهم نثر نويسن جي احوال سان گڏ سنڌي مضمون نويسيءَ ۽ صحافتي ترقيءَ کي بيان ڪيو ويو آهي. ٽيون حصو مضمونن ۽ گرامر تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مهاڳ، “اکر منجهه الف” جي عنوان سان سندن وڏي ڀاءُ ۽ نامياري ليکڪ آفتاب احمد ميمڻ لکيو بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي راءِ ڏنل آهي، ۲۷۲ صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب ليکڪا پنهنجي والد مرحوم محمد موسيٰ ميمڻ جي نالي ڪيو ۽ سندن ئي نالي تي هن پبليڪيشن جو ادارو “محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي” پڻ قائم ڪيو آهي ۽ انهيءَ اداري مان ڪتاب شايع ٿيندا رهندا آهن. موجوده وقت هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهرجي ڊجيٽل ايڊيشن لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي.

۲) سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس: جي مسودي کي “هائر ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد”۲۰۰۵ع ۾ مونو گراف ۽ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم طور منظور ڪري ۲۰۰۸ع ۾ ايڇ اي سي جي پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جون ۵۰۰ ڪاپيون پهرين ڇاپي ۾ شايع ٿيون جيڪي اداري پاران پاڪستان جي مختلف تعليمي ادارن ۽ لائبريرين کي موڪليون ويون ۽ ۱۰۰ ڪتاب ليکڪا کي اعزازي ڪاپين طور ڏنا ويا ۽ سهڻي ڪاغذ ۽ ٽائيٽل سان شايع ٿيل ڪتاب جو ISBN ۹۶۹-۴۱۷-۱۰۴-۰ آهي. ليکڪا هيءُ ڪتاب پنهنجي والده غلام فاطمه کي ارپيو آهي. سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس ۾ مروج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو ڏنل آهن.

سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس، نثر جي اهم صنفن جيئن مضمون، مقالا، سفر ناما، ناول، افسانا ۽ ڊراما جي ڄاڻ ڏنل آهي. ۴۰۴ صفحن تي مشتمل، نثر جي هر صنف تي تفصيلي معلومات موجود آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ “سنڌي نثر جي صنفن جي مطالعي لاءِ ليکڪا مختلف ماخذن مان مفيد مواد جمع ڪيو آهي”. مهاڳ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا هن ڪتاب کي، “سنڌي ادب ۾ تنقيدي ادب جي تاريخ” قرار ڏنو آهي، جو هائر ڪلاسن جي شاگردن کان سواءِ علم ادب جي مطالعي ۾ دلچسپي رکندڙ هر ماڻهو ۽ محقق جي خواهش پوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ معلومات ۽ ان لاءِ گهربل مواد جون گهرجون مهيا ڪري ٿو. ڪتاب جي سائيز ۳۰x۲۰/۸ آهي ۽ انٽرنيٽ تي ايڇ اي سي جي ويب سائيٽ تي موجود آهي. ٻيو ڇاپو هيڪ جي اجازت سان ۲۰۱۵ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو شايع ڪيو. ۽ ٽيون ڊجيٽل ڇاپو ۲۰۲۱ع ۾ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي آندو ويو آهي.

۳) آديسين ادب آهي اکڙين ۾: لطيف شناسيءَ تي ترتيب ۽ تحقيق طور تيار ٿيل جو ۲۰۰۸ع ۾ پهريون ڇاپو ۽ ۲۰۰۹ع ۾ ٻيو ڇاپو، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي طرفان ڇپيو. بلو رنگ جي ٽائيٽل سان شاھ صاحب جي روضي جو عڪس ۽ بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي تصوير ۽ سندن تعارف موجود آهي، هن ڪتاب جو عنوان سُررامڪليءَ جي بيت مان ورتل آهي، پروين موسيٰ جي هن ڪتاب جو موضوع بلڪل منفرد ۽ نئون آهي، ان کان اڳ هن ڏس ۾ ڪوبه ڪم ٿيل نه هو انهيءَ ڪري اهو گهڻو ڪامياب ويو. هن ڪتاب ۾ ليکڪا شاھ صاحب جا اهي بيت داستانن ۽ سرن جي حوالي سميت پيش ڪيا آهن جن بيتن مان سنڌي ادب جي ڪتابن جا عنوان چونڊيل آهن جيئن مثال طور پڙاڏوسوئي سڏ (ناول) اندر جنين اڌ (سفر نامو) اهڙيءَ ريت شاھ صاحب جي بيتن مان چونڊيل بيتن تي مشتمل سنڌي ادب جي ڪتابن جي موضوع وار تفصيل سان گڏ اهي بيت ڏنل آهن، جن جو وچور ٽي سئو تائين آهي، جيڪي شاعري، ناٽڪن، ناولن، افسانوي مجموعن، سفرنامن، آتم ڪهاڻين، سوانح عمرين ۽ متفرقه موضوعن تي مشتمل آهن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ڊاڪٽر نورافروز خواجه طرفان ٻه اکر ۽ مهاڳ لکيل آهن. جن هن ڪاوش کي ڪارائتو ۽ علمي افاديت وارو قرار ڏنو جو انهيءَ سان شاھ صاحب جي شاعريءَ جو هڪ نئون رخ ظاهر ٿيو آهي. خاص طور محمد ابراهيم جويو صاحب ڪتاب جي موضوع، مواد، ڪمپوزنگ ۽ بيتن تي لڳل اعرابن تي اطمينان جو اظهار ڪيو، هن ڪتاب جي ارپنا انهن آديسين جي نالي آهي، جيڪي لطيفي فن ۽ فڪر جو ذوق ۽ شوق رکندڙ ۽ هن ڏِسَ ۾ راهون روشن ڪندڙ آهن. “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، جو ٻيو ڇاپو ۲۰۰۹ جي آخر ۾ گري رنگ ۾ ڇپيو. جنهن ۾ پڻ شاھ صاحب جي روضي جو عڪس ڏنل آهي. ٽيون ڊجيٽل ايڊيشن وڌيڪ ۵۰ بيتن جي واڌاري سان سنڌ سلامت ڪتاب گھر تي ۲۰۲۱ع ۾ اپلوڊ ڪيو ويو آهي.

۴) اٿي رائوريل (تنقيد ۽ تحقيق): محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي پاران ۲۰۰۸ع ۾ شايع ٿيو پيلي رنگ جي ٽائيٽل سان پوئين ڪور تي ليکڪا جو تعارف ۽ موجود آهي. اٿي رائوريل، جو عنوان سر سسئي آبري جي داستان ۸ مان ۱۳ نمبر بيت، “ٿڪيائي ٿر ٿيل چڙھ چڪيائي چوٽئين”،مان ورتل آهي. ڪتاب جا موضوع سنڌي ٻولي، ادب ترجما، تنقيد ۽ ليطيفيات آهن خاص طور سنڌي ٻولي، نثر جي اهميت، سنڌي نثر جون اهم صنفون ناول، ناٽڪ، افسانا، سفر ناما، سوانح نگاري، لطيفيات، ترجما نگاري، ادب ۾ ترجمي جي اهميت، تنقيد جو عمل، نقاد جون جوابداريون، مضمون نويسي / مقالا نگاري ۽ ٻيا آهن، هيءُ ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو: (ٻولي، ادب، نثر ۽ نظم) ٻيو ڀاڱو (نثر جون اهم صنفون، تحقيقي جائزو) ٽيون ڀاڱو (ترجما، تنقيد ۽ لطيفيات) ڀاڱو چوٿون (سوانحي، علمي ۽ ادبي مضمون) آهن جن ۾ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ شيخ اياز جي خدمتن تي روشني وڌل آهي، سروق جي اندرين صفحن تي ليکڪا جي فن بابت عالمن ۽ اديبن ڊاڪٽر الانا، پروفيسر آفاق صديقي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ماهتاب محبوب، مظهر جميل، مظهر الحق صديقي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ ٻين جا رايا آهن. هيءُ ڪتاب مواد ۾ گهاٽو ۽ لاڀائتو آهي، سنڌي ادبي سنگت پاران “اٿي رائو ريل”، کي ۲۰۰۸ع جي بهترين “تنقيد ۽ تحقيق” جو ايوارڊ ڏنو ويو. موجوده وقت سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي پڙهڻ لاءِ موجود آهي.

۵) سون ورنيون سوڍيون: (ترتيب ۽ تحقيق) محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي، ۲۰۰۹ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، ۲۴۲ صفحن جي هن ڪتاب جو انتساب شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي نانءُ آهي، محترمه جي خوبصورت تصوير جي هيٺان ليکڪا لکيو آهي ته، “ورسي وطن ڄائيون”، جهونجهارن جوانن جيان، ڌرتيءَ ماءُ کي رت جو ريج ڏيندڙ سنڌ جي عظيم نياڻيءَ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي نانءُ، “سون ورنيون سوڍيون” ۾ موضوع جي حوالي سان ليکڪائن جا (۱۹۳۲ع کان ۲۰۰۸ع) تائين جا افسانا شامل آهن، جيسي ڪڏواڻي، پوپٽي هيرااننداڻي، سندري اتم چنداڻي، تارا مير چنداڻي، ايشوري جوتواڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽا شهاڻي، وينا شرنگي، ڪملا گوڪلاڻي، اندراشبنم، بيگم زينت عبدلله چنا، ثميره زرين، خيرالنساء جعفري، تنوير جوڻيجو، ماهتاب محبوب، فهميده حسين، نورالهديٰ شاھ،، تبسم ماهتاب قريشي ۽ ٻين جون ڪهاڻيون آهن، مهاڳ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ “سنڌي ادب جي هڪ قابل استاد ۽ اديبا” جي عنوان سان لکيو، ڊاڪٽر شمس الدين انهن ڪهاڻين کي معياري چونڊ قرار ڏنو آهي، ليکڪا موجب ته، “ هنن ڪهاڻين ۾ سنڌي عورت جون سوچون، ويچار، عزم، ارادا، ننڍيون ننڍيون خواهشون، مانائتي جيون جيئڻ جا آدرش شامل آهن ته سنڌي قوم جي مزاج، تاريخ، تهذيب، معاشرت ۽ ماحول جي نمائندگي پڻ آهي”، هن ڪتاب ۾ پروين موسيٰ طرفان، “ڪهاڻي ڪلا ۽ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون”، عنوان سان تحقيقي مقالو پڻ شامل آهي، ڪتاب جو ٽائيٽل اجرڪ جي ثقافتي رنگ سان سنڌ جي نقشي اندرانهن ڪهاڻيڪارائن جون تصويرون ۽ هيٺ سندن ڪتابن جا عڪس آهن. عنوان شاھ جي رسالي جي، سُر مومل راڻو جي داستان ۳ مان ورتل آهي. عورت ڪهاڻيڪارائن جي ڪهاڻين جو سنڌ توڙي هند ۾ هيءُ پهريون مجموعو شمار ٿيئي ٿو، جنهن ۾ ٻنهي خطن جي ليکڪائن جي نمائندگي ٿي آهي جو هند ۾ پڻ گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. سون ورنيون سوڍيون جو سنڌ سلامت تي ڊجيٽل ايڊيشن ۲۰۱۹ع ۾ رکيو ويو.

۶) وَکر سو وهاءِ: هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران طبعزاد مضمونن جو مجموعو ۲۰۱۱ع ۾ ڇپيو. ۴-۱۴۹-۹۶۹-۹۷۸- ISBN آهي، “مونو گراف اينڊ ٽيڪسٽ بڪ رائيٽنگ اسڪيم مطابق ۲۰۰۶ع جي ائڊور ٽائيز تحت ليکڪا هيءُ مسودو ايڇ اي سي کي موڪليو جتان اهو ماهرن جي راءِ بعد مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ منظور ٿيو. پهرين ڇاپي جي اشاعت ۵۰۰ ڪاپين جي ٿي، ڪتاب جو پنو تمام سهڻو ۽ ٽائيٽل ديده زيب ۾ لائبريريءَ جو ڏيک ڏنل آهي عنوان شاھ صاحب جي سر سريراڳ جي داستان ۳ ۽ بيت نمبر ۲ “وَکر سو وِهاءِ، جو پئي پُراڻو نه ٿئي”، مان ورتل آهي، انتساب ليکڪا جي گهر ڀاتين وَرَ انور خان، پٽن يا سررضا، محمد مجتبيٰ ۽ نياڻيءَ ڊاڪٽر ثمر ۽ ڏوهٽن محمد مير ۽ محمد وليءَ جي نالي آهي”.

مهاڳ مهتاب اڪبر راشديءَ لکيو، حميد سنڌي، مظهرالحق صديقي ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو جا ليک ڪتاب جي باري ۾ شامل آهن ۽ شروع ۾ ليکڪا پاران مضمون نويسيءَ جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌل آهي. وکر سو وهاءِ، ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي پهريون ڀاڱو (تعليم) ۾ ۱۷ مضمون ۽ ۴ موضوعن تي علمي بحث مباحثا آهن ۽ ٻيو ڀاڱو (ادب) ۾ لوڪ ادب، شاعري، نثر ۾ ليکڪائن جو حصو ۽ ٻيا موضوع آهن ٽيون ڀاڱو (لطيفيات) ۾ شاھ صاحب جي بيتن جي سٽن تي مشتمل ڏھ مضمون آهن. جيئن، “ڏورينديون ڏسن اڱڻ عجيبن جا” يا “جو وڙ جڙي جن سين سو وڙ سي ئي ڪن” وغيره چوٿون ڀاڱو پهاڪن، چوڻين ۽ قولن تي مشتمل مضمونن جو، جيئن “سچ ته بيٺو نچ” “صبر جن جو سير تيرنه گُسي تن جو”، ۽ ٻيا آهن. پنجون ڀاڱو سوانحي مضمونن جو جنهن ۾ شاھ ڀٽائي، سچل سرمست ۽ ٻين شخصيتن تي مضمون ۽ ڇهين ڀاڱي ۾ متفرقه موضوعن تي جيئن، “جيون گهارڻ جو فلسفو”، “محبت ۽ نفرت” ۽ ٻيا عنوان آهن وکر سو وِهاءِ، ۲۱۶ صفحن جو ۽ سائيز ۳۰x۲۰/۸ آهي، آخر ۾ رائج طريقي مطابق ببليو گرافي ۽ ضميمو آهي، هيءُ هڪ بلڪل منفرد ۽ وڻندڙ مضمونن جو مجموعو آهي. وکر سو وِهاءِ جو ٻيو ڊجيٽل ايڊيشن سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي موجود آهي.

۷) عالم سڀ آباد ڪرين: لطيف شناسيءَ جي مضمونن تي مشتمل. سنڌراڻي پبيڪيشن پاران ۲۰۱۶ع ۾ شايع ڪيو ويو.هن ڪتاب جو عنوان حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر سارنگ جي بيت مان ورتل آهي،

سائين! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

ٽائيٽل تي شاھ لطيف جي روضي جو عڪس آهي، ڪل ۲۱ مضمون، جن جا عنوان شاھ لطيف جي بيتن مان ورتل آهن ۽ انهن عنوانن کي مضمونن ۾ کولي سمجهايو ويو آهي، جيئن “سڙيا مٿي سچ”، “نائي نيڻ نهار تو ۾ ديرو دوست جو”، “مٽيءَ لڌو مان” ۽ ٻيا آهن، هنن مضمونن جا عنوان نه فقط وسيع معنيٰ رکن ٿا پر منجهن مواد کي ليکڪا ڪمال ڪاريگريءَ سان نڀايو آهي، “عالم سڀ آباد ڪرين”، جو مهاڳ امداد حسينيءَ ته ماهراڻي راءِ ڊاڪٽر نواز علي “شوق” لکي آهي، وينا شرنگي ۽ ڊاڪٽر اُمِ ڪلثوم شاھ تاثرات لکيا آهن، ۱۴۴ صفحن جي هن تخليقي مضمونن جي ڪتاب ۾ لطيف شناسيءَ جا گوناگون رنگ موجود آهن، علي نواز آريسر (عبرت) ۽ زاهده تاج ابڙو (سوڀ) ۾ تبصرا لکيا عالم سڀ آباد ڪرين جو ٻيو ڊجيٽل ڇاپو ۲۰۲۰ع ۾ سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي اپ لوڊ ڪيو ويو آهي.

۸ پلئه پايو سچ: تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي ۲۴۰ صفحن جو ڪتاب ۲۰۱۶ع جي ڊسمبر ۾، سنڌ راڻي پبليڪيشن ميرون رنگ جي ٽائيٽل ڪور سان شايع ڪيو، ارپنا ليکڪا جي ڀاءُ آفتاب جي نانءُ آهي، ته”انمول ادبي هيرو” آفتاب احمد ميمڻ، “سنڌي زبان جو مکيه سرمايو”، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو،”ويٺي ووڙي”، ماهين هيسباڻيءَ جا ويچار ليکڪا جي فن جي باري ۾ ڏنل آهن، ۲۸ مقالا ۽ ۱۰ تخليقي مضمون ۽ ليکڪا جي ڪتابن جو تعارف ڏنل آهي، ٽائيٽل جي بيڪ ڪور تي مهتاب اڪبر راشدي، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا ۽ اندرين ليف تي ماهتاب محبوب، حميد سنڌي، ڊاڪٽر نور افروز خواجا ۽ ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جا رايا آهن، مضمونن ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ جي راھ ۾ رڪاوٽون، ڪتاب قومن جي طاقت، وقار ۽ وجود جو اهڃاڻ ۽ ٻيا آهن، عنوان شاھ لطيف جي سر سريراڳ جي چوٿين داستان جي چوڏهين نمبر بيت مان ورتل آهي.

اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي،

پلئه پايو سچ، آڇيندي لڄ مران.

پلئه پايو سچ، موجوده وقت سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گھر تي موجود آهي

۹) گلدستو (مضمون نويسي): علمي، ادبي، اخلاقي، اصلاحي، سماجي ۽ لطيفي مضمونن جو مجموعو آهي، بنيادي طور پاڻ مضمون نگاري ۽ مقالا نگاريءَ ڏي شغف رکندڙ آهي، مضمون نويسيءَ تي هن کان اڳ سندن ٽي ڪتاب “اخلاقي قدر”، “وکر سو وهاءِ” ۽ “عالم سڀ آباد ڪرين” مڃتا ماڻي چڪا آهن، هي چوٿون خاص چٽاڀيٽيءَ جي امتحان جي لاءِ تيار ڪيل آهي، انهيءَ حوالي سان اهم موضوعن تي مضمون آهن، جي لطيف شناسي ۽ ادبي تاريخ سان گڏ سياسي سماجي ۽ علمي موضوعن جو احاطو ڪن ٿا، ۶۰ طويل مضمونن تي مشتمل گلدستو شاگردن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو. گلدستو جو پهريون ڇاپو ۲۰۱۷ع، ٻيو ۲۰۱۸ع ۽ ٽيون واڌارن سان ۲۰۱۹ ۾ شايع ٿيو، ڪُل ۳۰۰۰ ڪتاب ختم ٿي چڪا آهن.

۱۰) سنڌي ادب MCQ’s: معروضي سوالن ۽ حل ڪيل جوابن تي مشتمل ايم اي، ايم فل جي انٽري ٽيسٽ، سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي امتحانن کانسواءِ ليڪچرز شپ جي Vivoce جي لاءِ وڏي پئماني تي معلومات مهيا ڪندڙ آهي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ انهيءَ کي عام هلندڙ نموني جي بجاءِ مختلف ۽ نئين انداز ۾ پيش ڪيو، ڪتاب کي ۱۵ بابن ۾ موضوع وار ورهايو ويو آهي، خاص ڪي باب سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي حوالي سان آهن ته بيتن جي سڃاڻپ، بيت جي سٽ مڪمل ڪرڻ، لطيف شناسي، سن، ڄم ۽ وفات، ڪتابن جا عنوان ۽ ليکڪ، سنڌي صحافت، شاعري ۽ ٻين موضوعن جو احاطو ڪندي هڪ باب تفصيلي سوالن ۽ جوابن تي مشتمل پڻ آهي ته آخري باب ۾ پهاڪا ۽ اصطلاح آهن. هن کان اڳ ايم سي ڪيوز تي ڪوبه اهڙو ڪتاب موجود نه آهي ۳۰۰ کان مٿي صفحن تي مشتمل ڪتاب محمد موسيٰ ادبي اڪيڊمي جولاءِ ۲۰۱۷ع ۾ پڌرو ٿيو. ٻيو ڇاپو ۲۰۱۸ع ۽ ٽيون ۲۰۲۰ ۾ شاھ لطيف جي روضي جي ٽائيٽل سان شايع ٿيو. ڪل ٽي هزار ڪاپيون شايع ٿيون آهن.

۱۱) اخلاقي قدر: ٻاراڻي ادب لاءِ، محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ طرفان ۲۰۱۰ع ۾ ڇاپيو ويو، ۷۲ صفحن جي هن ڪتاب جو، ٽائيٽل اجرڪ جي ڦلڙين سان سجيل. بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪا جي ڇپيل ڪتابن جا عڪس آهن، مسودو نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد، طرفان ٻارن جي ادب جي ترقيءَ لاءِ اخبار ۾ ڏنل هڪ اشتهار جي بنياد تي انعامي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جتان ليکڪا کي ميرٽ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو، پيش لفظ ۽ ماهراڻي راءِ، ولي رام ولڀ ۽ يوسف سنڌيءَ طرفان لکيل آهي، جن اخلاقي قدر کي نه فقط شاگردن پر استادن ۽ والدين جي لاءِ به اهم قرار ڏنو آهي، مضمونن ۾ دوستي، حُسن اخلاق، سادگي، سچ، امن، اميد، علم، ڪتاب، روحانيت ۽ ٻيا موضوع آهن.

هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب ۾ مضمون نويسيءَ جي کوٽ جي پورائي ۾ مفيد ثابت ٿيو. ٻيو ڇاپو ۲۰۱۶ع ۾ سنڌ راڻي پبليڪيشن شايع ڪيو ۽ مهاڳ سليم چنا لکيو ۽ ٽيون وڌيڪ واڌارن سان ۲۰۲۰ع ۾ محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ مان شايع ٿيو آهي.

۱۲) سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ): ادب جي مختصر تاريخ طور شمار ٿئي ٿو. انتساب ليکڪا جي ڀاءُ ڪموڊور اقبال احمد ميمڻ جي نانءُ آهي. ۴۰۰ صفحن جي هن ڪتاب ۾ سنڌي نثر ۽ نظم جي اهم موضوعن جيئن ٻولي، ٻوليءَ جي قدامت ۽ لهجا، ٻوليءَ بابت عالمن جا نظريا، سنڌي ادب جي ابتدا، لوڪ ادب، لوڪ شاعري جون چند اهم صنفون (سهرو، جمالو، لولي، مورو)، ادبي دؤور (عربن جي دور کان موجوده دور تائين) ڪلاسيڪل شاعر (قاضي قادن کان ساميءَ تائين) قديم سنڌي شاعريءَ جون صنفون (سورٺو، دوهو، بيت، وائي، ڪافي) جديد دور جا سنڌي شاعر (عبدالڪريم گدائي، احمد ملاح، طالب الموليٰ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ ٻيا) جديد دور جون شاعريءَ جون صنفون (غزل، نظم، آزاد نظم، هائيڪو، گيت)، جديد دور جا نثر نگار (ڀيرومل، مرزا صاحب، دائودپوٽو، نبي بخش، ڏيپلائي ۽ ٻيا) جديد نثري ادب (ناول، افسانو، ناٽڪ، سفر نامو)، (چند اهم افسانوي مجموعن جو جائزو (سفيد وحشي، پشو پاشا، بلو دادا، آبِ حيات، دل جي دنيا، چوٽيهون در ۽ ٻيا مجموعا شامل آهن) ڊرامن جا ڪتاب تنقيدي جائزو (شهزادو بهرام، انڪوائري آفيسر، آخري رات، ڪي جو ٻيجل ٻوليو ۽ ٻيا) سفر ناما تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو سفر يورپ جي ڊائري، سير ۽ سفر، منهنجو ساگر منهنجو ساحل، ڏوري ڏوري ڏيھ، سرهي سرهي سار) ان کان سواءِ چند اهم تحقيقي ڪتابن جو تنقيدي جائزو جيئن پيغام لطيف، مقدمهءِ لطيفي، شاھ لطيف جي شاعري ڏنل آهي، آخر ۾ ليکڪا جو تعارف ۽ سندس فن جو تفصيل ڏنل آهي. هي ڪتاب سهڻي ثقافتي ٽائيٽل ڪور سان لاهور پنجاب جي هڪ وڏي اشاعتي اداري ائڊاوانسڊ پبليشرز ۲۰۱۵ع جي نومبر ۾ شايع ڪيو، وفا موليٰ بخش (عبرت) ثمينه ميمڻ (ڪاوش) ۾ پنهنجا ويچار لکيا آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، انور ڪاڪا جا مهاڳ ۽ تاثر ۲۰۱۸ع جي محمد موسيٰ اڪيڊميءَ واري ايڊيشن ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ۲۰۱۹ع ۾ لاهور وارن ٽيون ڇاپو شايع ڪيو ته ۲۰۲۰ع ۾ چوٿون بلو رنگ جي ٽائيٽل ۽ شاھ لطيف جي روضي جي عڪس سان وڌيڪ واڌارن سان ڏيپلائي ٽائون محمد موسيٰ ادبي اڪيڊميءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، ڪل چار هزار ڪاپيون شايع ٿي، “ سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” ڪتاب بي انتها مڃتا ماڻي آهي.

۱۳) سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو: تحقيقي اڀياس (۱۹۸۵ع تائين) ڊاڪٽر پروين جو تحقيقي مقالو، ۲۰۱۲ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو، پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ لاءِ منظور ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر نورافروز خواجه جي نگرانيءَ ۾ تيار ٿيو، هن تحقيق ۾ نو باب آهن، آخر ۾ مڪمل نتيجا ببليو گرافي ۽ ضميمو موجود آهن، هيءُ ضخيم مقالو ۴۷۵ صفحن (A/۴)تي مشتمل ۾، باب پهريون (الف) نثر ۾ نثر جي وصف، قسم ۽ نثر جي ترقيءَ لاءِ گهربل خاصيتن تي بحث ڪيل آهي، باب پهريون جي (ب) ۾ نثر جي ابتدا ۽ اوسر مختلف تاريخي دورن جي حوالي سان سنڌي نثر جي ٿيل ترقي ۽ اوائلي نثر کان موجوده دور تائين آيل تبديلين جو جائز و شامل آهي، باب ٻيو سنڌي عورت جي سماجي حيثيت ۽ تعليم تاريخ جي مختلف دؤرن سان گڏ موجوده علمي صورتحال جو تحقيقي جائزو ڏنل آهي، ٽيون باب ۱۹۴۷ع کان اڳ جي ليکڪائن جو سنڌي نثر جي تاريخ ۾ تعليم يافته عورتن جي ادب ۾ شموليت جي حوالي سان انهيءَ دور جي زناني تعليم جو تفصيلي جائزو ورتل آهي، انهيءَ کان سواءِ ليکڪائن سيتا ديوي، گلي سدار نگاڻي، چندرا آڏواڻي ۽ ٻين جي فن جي تحقيقي جائزي سان گڏ چند اهم ناولن، “سروجا”، “اتحاد”، “پريم جيون” ۽ ٻين جو تنقيدي اڀياس شامل آهي، چوٿين باب ۾ ۱۹۴۷ع کان پوءِ جي ليکڪائن جا اهم ناٽڪ، ناول، افسانوي مجموعا جائزي هيٺ آهن جن ۾ سيلاب زندگيءَ جو، “پريت پراڻي، ريت نرالي”، “حياتي هوتن ريءَ”، “ڀنڀرڪي جي ڀڻ ڀڻ”، “لهر لهر زندگي”،”ڪربلا”، ۽ ٻيا ڪتاب اڀياس هيٺ آندا ويا آهن، سنڌ ۽ هند جي اهم ليکڪائن پوپٽي هيراننداڻي، سندري اتم چنداڻي، ڪلا پرڪاش، ريٽاشهاڻي، ماهتاب محبوب، نورالهديٰ شاھ، ۽ ٻين جي ڪم جو تجزيو ڪيو ويو آهي، پنجون باب ٻين نثري صنفن ۾ عورتن جي ڪم جي ڄاڻ ڏئي ٿو جنهن ۾ مضمون، مقالا، خط، سوانح عُمريون، آتم ڪهاڻيون، خاڪا، روزنامچا ۽ سفرناما شامل آهن. باب ڇهون نثر جي مٿين ڪم جي موضوعن ۽ مواد جي تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سماج ۾ عورتن کي درپيش مسئلن جا موضوع، قومي مقصدن جا موضوع، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت، سماجي مسئلن جا ۽ ٻيا متفرقه موضوع شامل آهن، هن باب ۾ وقت سان آيل نثر ۾ موضوعن جي تبديلي ۽ مواد جي مطابقت تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي، باب ستون نثر ۾ ڪتب آندل ٻوليءَ جي معيار جي اڀياس ۾ نثر جو بياني اسلوب، لفظن جي چونڊ ۽ جملن جي بيهڪ، علامتون، پهاڪا، چوڻيون، گفتارون، حرف تجنيسِ جو استعمال، نج سنڌي لفظن جي استعمال جي اهميت ۽ ٻين ٻولين جي غير ضروري لفظن کان بچاءُ، ٻولي بچاءُ هلچل ۽ خاص طور عورتن جي استعمال ڪيل نثر جي فصاحت، بلاغت ۽ سلاست کي پڻ پرکيو ويو آهي، باب اٺون فن ۽ فڪر جي عنوان سان اهم ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي حيثيت سان گڏ سندن فن جي فڪري ۽ تنقيدي اڀياس جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن باب جي شروع ۾ فن ۽ فڪر جي باهمي تعلق جي وضاحت ڪيل آهي، باب نائون موضوع تي لاڳاپيل شخصيتن جا رايا ۽ رٿون جي عنوان سان ۾، تعليمي ماهر دادي ليليٰ وتي، حميد سنڌي، ماهتاب محبوب، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر نورافروز خواجه ۽ نور الهديٰ شاھ جا انٽرويوز آهن، ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو هيءُ مقالو موضوع جي حوالي سان منفرد آهي، هن موضوع تي هيل تائين ڪو به ذڪر جوڳو ڪم ٿيل نه هو. محققا ڪيترن سالن کان سنڌي نثر جي موضوع تي ڪم ڪندي محسوس ڪيو ته سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو ڪم وڏي انداز ۾ موجود آهي پر تحقيق عورتن جي ڪم کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي، ڪوبه اهڙو مڪمل ڪتاب نٿو ملي، جنهن ۾ ليکڪائن جي نثر جي ڪم تي ڪا روشني وڌل هجي، معنيٰ ته ليکڪائن جي نثري ادب ۾ خدمتن کي مؤرخن ۽ نقادن طرفان اهڙي ريت نه آندو ويو هو جهڙيءَ ريت آڻڻ گهربو هو. جڏهن ته سنڌي عورتون سنڌي نثر ۾ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان لکي رهيون آهن. هن مقالي ۾ تمام سهڻائيءَ سان سندن ڪم جو اڀياس ڏنل آهي، جنهن ۾ وقت جي حدبنديءَ مطابق خاص طور ۱۹۸۵ع تائين جي ڇپيل ڪتابن جو احاطو ڪيو ويو آهي، هي مقالو پيڪاڪ پرنٽرز ڪراچي انتهائي ديده زيب ٽائيٽل ڪَوَر سان ۲۰۲۰ع ڊسمبر ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي پاران ۲۰۲۰ع جي بهترين تحقيق جي ڪتاب طور ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.

۱۴) ٽي تحفا: ٻالڪ ادب ۾ ڪهاڻين جي ڪتاب جو انتساب ليکڪا جي پوٽن ۽ ڏوهٽن جي نالي آهي پوپٽ پبلشنگ خيرپور ۲۰۲۱ع جي مئي مهيني ۾ شايع ڪيو. مهاڳ امر اقبال ۽ ڊاڪٽر اياز گل بيڪ ٽائيٽل تي لکيو آهي. ڪل ٻارنهن ڪهاڻيون”پشيماني”، “روشني”، “آسيه ۽ ارسلان”، “سچي خوشي”، “ڏھ روپيا”، “خود غرضي”، “ڪر ڀلو ته ٿئي ڀلائي”، “وڻ پوکيو ثواب ڪمايو”، “شهزادو راهب”، “خلق جي خدمت”، “صوفن جو باغ” ۽ “بوٽ پالش” آهن. هيءُ ڪهاڻيون هڪ طرح سان قديم ۽ جديد ڪهاڻين جو ميلاپ آهن جن ۾ ڪي شهري ماحول جون ته ڪي ڳوٺن جون، ڪي پڙهيل گھرن جون ته ڪي عام نموني جي رواجي گھرن سان واسطو رکن ٿيون، پر خاص ڳالھ ته انهن ڪهاڻين ۾ اخلاق، همدردي، محبت، اخوت، همٿ، جرأت ۽ شرافت ۽ ٻين ڪيترن انساني گڻن کي پنهنجو ڪرڻ جا گَسَ ڄاڻايا ويا آهن. امر اقبال لکي ٿو ته “ هي ڪهاڻيون دلچسپ ته آهن ئي آهن پر انهن سڀني مان هر هڪ ۾ نصيحت جا نڪتا سمايل آهن، ماحوليات جو بچاءُ، ظلم خلاف احتجاج، جدوجهد ۽ ٻيا چڱا قدر هنن ڪهاڻين وسيلي اسان جي نئين نسل ڏي منتقل ٿيندي نظر اچن ٿا، اياز گل موجب ته “ڊاڪٽر پروين ٻارن جي لاءِ ڪهاڻين جو ڪتاب لکي ٻارن سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي پيار سان ئي قبول ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ٽي تحفا سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهر تي اپ لوڊ ڪيو ويو آهي.

۱۵)شرارتي جن ۾ تيرهن ڪهاڻيون “سانول جو باغ”، “قسمت جي ڦيرو”، “هو ڪيئن سڌريو”، “سچ ٿيو سوڀارو”، “ٻڌي اڻ ٻڌيءَ جي سزا”، “شرارتي جن”، “سچي محبت”، “گلوداد ۽ شيرو دادا”، “بيوقوف چوڪيدار”، “حلال رزق”، “قدي سردار”، “ٺڳ واپاري”، “مهربان جي مهرباني” آهن. جن ۾ ٻارڙن کي سندن فرض ڄاڻايل آهن ته کين پنهنجي حقن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. ٻارڙن جي عالمي طور حقن جي معاهدي CRC تحت کين همت ۽ خود اعتمادي ڏيڻ لاءِ تعليم جي حاصلات، خوف ۽ ڏک مان نڪرڻ پنهنجي پاڻ تي ڀروسو ۽ همٿ ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي گھر کي بهترين پناھ گاھ ڄاڻايو ويو آهي ته جيئن اڄ جو ٻار پنهنجي والدين ۽ گھرڀاتين کي پنهنجو سڄڻ ۽ خيرخواھ سمجھي کين مطالعي ڏي موڙڻ لاءِ پڻ اُتساهيو ويو آهي. هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب موجوده دور جي حالتن کي نظر ۾ رکي لکيو ويو آهي.”شرارتي جن (ٻالڪ ادب) کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور شايع ڪيو آهي.امداد جسڪاڻي ۽ خالد ڀٽي جا ويچار شامل آهن.

۱۶) پوپٽ ۽ گلاب (جانورن ۽ پکين جون ڳالهيون ۽ ٻوليون): عنوان سان هيءُ ٻالڪ ادب جو ڪتاب سورنهن ڪهاڻين تي آڌاريل آهي، هيءُ ڪتاب خاص طور سنڌي ادب ۾ پکين ۽ جانورن جي ڳالهين ٻولين ۽ فطرت جي نظارن سان گڏ انسانن جي انهن سان واسطي ۽ ورتاءُ کي پيش ڪري ٿو. ڪهاڻين جا عنوان، “پوپٽ ۽ گلاب”، “هرڻ جي چوري” “جهنگلي پاڏو”، “اڇي ڪبوتري”، “گدڙ ڊاک نه پڄي”، “ ننڍڙو پکي”، “ڪاري مڇي”، “وفادار جادوئي گهوڙو”، “بيوقوف جهرڪو”، “ٻليءَ جي دوستي”، “جان نثار ڪتو” “شينهن جهنگ جو بادشاهه”، “گهوڙن جي ٻڌي”، گابڙو شاهد”، “ بيوقوف ڍڳو ۽ شينهن” آهن. ڪتاب بابت ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگيءَ جامع ۽ پراثر مهاڳ ۾ لکي ٿو ته “هيءُ نرالو ٻالڪ ڪهاڻي ڪتاب آهي. جنهن مان ليکڪا جي ٻارن لاءِ محبت ظاهر ٿيئي ٿي. هن قسم جو ڪو به ڪتاب موجوده وقت ۾ ڏسڻ ۾ نٿو اچي، چانڊوڪي پبليڪيشن پاران اپريل ۲۰۲۳ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.

۱۷) ثاقب جي آئيسڪريم: تيرهن ڪهاڻين تي مشتمل ٻالڪ ادب جي ڪتاب جي ڪهاڻين جا عنوان”سونو ڪڪڙ”، “زهره جو روزو”، “ڏاڍو گهر”، “بادشاهه ۽ ڦورو”، “روز هڪ نيڪي ڪمايو،، “موچيءَ جي عقلمندي”، “ڪاوڙ ۽ ڪاٺ جو تختو”، “پهرين تاريخ ۽ پڪوڙا”، “ثاقب جي آئسڪريم”، ۽ ٻيا آهن، ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون ٻارن جي شخصيت، فطري ذهانت، ذهني ۽ جسماني، صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ کين هڪ ذمه دار ۽ امن پسند شهري بنائڻ ڏي هرکائيندڙ آهن ۽ ٻارن کي انهن جا فرض ۽ حق ڄاڻائيندڙ آهن ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو آهي ته “ ڊاڪٽر پروين جو هيءُ ڪتاب ٻاراڻي ادب جي شاهڪار ڪتابن مان آهي ۽ انهن انوکين ۽ دلچسپ ڪهاڻين ۾ ليکڪا عقل ۽ ڏاهپ جا ٻُڪ ڀري وڌا آهن ههڙا ڪتاب ٻارن جي هٿن ۾ ايندا ته ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو شوق جاڳندو ۽ کين علم جي دروازي ڏي وٺي ويندو.” عبدالحئي ڀٽو هن ڪتاب جي ڪهاڻين کي ٻارن جي لاءِ “علم جي حاصلات جو دروازو سڏيو آهي”. چانڊوڪي پبليڪيشن پاران ۲۰۲۳ ۾ شايع ٿيو آهي.

۱۸) سهڻا سخن: عنوان سان ليکڪا هڪ منفرد ڪتاب سهيڙي تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ انساني اخلاقي قدرن مطابق سهڻا سخن ڏنل آهن پهرين باب ۾ هن موضوع تي قرآني آيتون، ٻئي ۾ حديثون مبارڪ، ٽئي باب ۾ چار خليفن ۽ اسلام جي نامور شخصيتن جا قول ۽ چوڻيون، چوٿين باب ۾ پوريءَ دنيا جي ٻين عالمن ۽ اديبن ۽ ڏاهن جا قول آهن ته سنڌي ادب جا سخن پڻ شامل ڪيل آهن. محمود مغل ڪتاب بابت پسنديدگيءَ ۾ اظهار ڪندي ڊاڪٽر پروين کي “سدابهار ليکڪا” سڏيو آهي، سرمد عباسي لکي ٿو ته آپا پروين موسيٰ جا ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب ٻارن جي ادب جي سلسلي ۾ ڪيل لاڀائتي جاکوڙ آهن، سهڻا سخن به اُتساهيندڙ سلسلي جي هڪ ڪڙي اهي جو نه فقط ٻارن لاءِ پر وڏن لاءِ به ڪارائتو ڪتاب آهي.

۱۹) شهزادي ماهه نور: ۾ چوڏهن وندر ۽ سکيا جون دلچسپ ڪهاڻيون ٻارن جي لاءِ لکيل جن جا عنوان، “شهزادي ماهه نور”، “غرور جو انجام”، “دوستي”، “خودداري”، “لنچ باڪس”،”زيتون جو وڻ”، “ هيڊ ماستر”، “صحبتپور ۽ صاحبه”، “امتحان جو فارم”، “پري ۽ وفادار سپاهي”، “ڪاميابيءَ جو راز”، “ضدي ڇوڪرو”، “سمجهدار نياڻي” آهن، عيسيٰ ميمڻ لکي ٿو ته، “ڊاڪٽر پروين ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامهون رکي ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن ۾ کين نصيحت ڏيندي ڏيندي ڪهاڻيون بيان ڪيون اٿس هنن ڪهاڻين جي خاص ڳالهه بياني اسلوب جي خوبصورتي آهي”. محمد ياسين ڪنڀر موجب ته، “شهزادي ماهه نور” نهايت ئي نرالين ۽ نڪور ٻاراڻين ڪهاڻين سان ٽمٽار ٿيل دلچسپ ۽ وري وري پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي، جن ۾ سبق آموز ۽ نصيحت ڀريا نڪتا آهن. ڊاڪٽر پروين گويا سنڌي ٻاراڻي ادب جي هڪ “ماهه نور” آهي، چانڊوڪي پبليڪيشن پاران جون ۲۰۲۳ع ۾ هيءُ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.

ڊجيٽل ايڊيشن

۲۰) ماڻڪ موتي لال: هيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن ۲۰۲۱ع طور لکي سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪيو ويو آهي خاص طور مضمونن ۽ مهاڳن تي آڌاريل هن ڪتاب ۾ سوانحي ۽ ادبي مضمون “محترمه شهيد بينظير ڀٽو”، “ڊاڪٽر غلام علي الانا”، “ڪامريڊ تاج محمد ابڙو”، “بيگم زينت”، “ڊاڪٽر رشيده حجاب”، “مهتاب اڪبر راشدي”، “زاهده تاج ابڙو”، “ولي رام ولڀ”، “ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو” ۽ ٻين اديبن جي باري ۾ مضمون آهن ته ڪجهه ادبي موضوع “سنڌي نثر ۾ ليکڪائن جو حصو”، “سنڌ محبت جي سرزمين آهي” ۽ ٻيا آهن.هن ڪتاب جو مهاڳ فقير محمد سنڌي جو لکيل آهي،

۲۱) سدا وسين تون: ڊجيٽل ايڊيشن آهي جنهن ۾ مضمون، تقريرون ۽ ڪتابن تي تبصرا آهن. انهن ڪتابن جي ليکڪن بابت احوال ڏنل آهي. اهڙي احوال ۾ “قلم جنين جي هٿ ۾”، “شاھ جا شيدائي”، آئون جي اها ئي ذات”، “ڏيپلي تعلقي جي تاريخ”، “ڍولا مارو ڍٽ” ۽ ٻيا ڪتاب آهن ان کانسواءِ ليکڪا پنهنجي مختلف علمي ۽ ادبي گڏجاڻين ۾ پڙهيل پيپرز ۽ يادگيريون پڻ ونڊ ڪيون آهن. ابنِ رشد گرلز ڪاليج ميرپورخاص، زبيري ۽ نذرٿ ڪاليج حيدرآباد، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، “جشنِ لطيف” ۽ ٻين هنڌن ڪيل لطيفي تقريرون ۽ پيپر ڏنل آهن ته چند خوبصورت تصويرون پڻ هن ڪتاب جي زينت آهن. فاطمه ڀرڳڙي، سيما عباسي، جناب شمس جعفراڻي ۽ عبدالحفيظ ڀٽيءَ پنهنجا ويچار ونڊيا آهن. هيءُ ڪتاب سنڌ سلامت تي آن لائين رکايو ويو آهي.

۲۲) ڊاڪٽر پروين: هڪ جاکوڙي محققا: ڪتاب ڊاڪٽر صاحبه جي ريسرچ پيپرز تي مشتمل آهي جي ايڇ اِي سي جي منظور ٿيل جرنلز ۾ ۲۰۰۹ع کان ۲۰۲۳ع تائين شايع ٿيا. چند جا عنوان، “ڪهاڻي ڪلاءِ سنڌي ادب جون ڪهاڻيڪارائون”، “پوپٽي هيراننداڻيءَجون ادبي خدمتون”، “سندري اتم چنداڻي: هڪ ساهتڪار”، “نور الهديٰ شاهه جي ڪهاڻين ۽ جو اڀياس” ۽ ٻيا آهن. هن ڪتاب کي سندن فرزند ڊاڪٽر ياسر رضا ترتيب ڏنو آهي جو سنڌ سلامت آن لائين ڪتاب گهرتي ڊجيٽل ايڊيشن طور رکيو ويو آهي.

۲۳) محبت پائي مَنَ ۾: شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي سرڪاپائتيءَ جي پهرين داستان جو ۱۷ نمبر بيت آهي جنهن مان هن ڪتاب جو عنوان چونڊيو ويو، محبت پائي من ۾ ڊاڪٽر پروين جي ڪتابن تي لکيل مهاڳن، مقدمن ۽ پيش لفظن جو مجموعو آهي، جنهن کي ڊاڪٽر ثمر رفيق الرحمان (سندن نياڻيءَ) سهيڙي تيار ڪيو. ڊاڪٽر ثمر موجب ته “ منهنجي پياري امڙ پنهنجي مَنَ ۾ سنڌ، سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي ادب جي محبت وسائي ايترو دِل سان سنڌي ادب ۾ ڪم ڪيو آهي جو هر ليکڪا جي وَسَ جي ڳالهه ناهي هُن پنهنجي پوري حياتي هن اڻملهه پورهئي کي دان ڪئي آهي ته به سندس ڪسر نفسي ته مون تي اڃا منهنجي شاگردن جو، سنڌي ٻولي ۽ ادب ۽ قوم جو قرض آهي، پر هيءُ مقدما ۽ مهاڳ جيڪي وڏن وڏن عالمن ۽ اديبن لکيا سي شاهد آهن ته سندس پورهيو اگهجي مڃتا ماڻي چڪو آهي”

۲۴) ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا: ۾ ليکڪا جي ڪتابن تي تبصرا، تاثر ۽ سندن فن بابت مضمون آهن، جن ۾ جناب گل محمد عمراڻي، ڊاڪٽر ريحانه نظير، ڊاڪٽر حسين مسرت، منظور ڪلهوڙو، نورالصباح قاضي، معشوق محسن ابڙو، علي نواز آريسر ۽ ٻين جا ليک آهن. جو ڊجيٽل ايڊيشن طور سندن فرزند انجنيئر محمد مجتبيٰ تيار ڪيو آهي

اڻ ڇپيل ڪتاب

۲۵) جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت: شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (سوانح ۽ فن): مرزا قليچ بيگ جي فن جي جائزي تي مشتمل آهي جنهن ۾ سندن نثر ۽ نظم جي ڪم جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي. مرزا صاحب جي ناٽڪن جو اڀياس ۾ “ليليٰ مجنون”، “انڪوائري آفيسر”، “شهزادو بهرام”، “حسنا دلدار”) هن ڏس ۾ موضوع طور چونڊيل آهن جن مان ٻه طبعزاد ۽ ٻه ترجما آهن. “سائو پن ڪارو پنو”، آتم ڪهاڻيءَ ۽ سندن سوانح نگاريءَ ۾ ٿيل ڪم جو جائزو ورتو ويو آهي ته سندن شاعريءَ بابت تحقيقي ليک ڏنل آهن. ناولن ۾ “زينت” ۽ “دلارام” جي پرک سان گڏ ترجمو ڪيل ناولن جو اڀياس پڻ شامل آهي ته مضمون نويسيءَ جي ٻين ڪتابن جي ذڪر سان گڏ خاص طور “مقالات الحڪمت” کي نظر ۾ رکيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ ڪتاب جديد سنڌي ادب جي محسن کي مڃتا ڏيڻ خاطر لکيل آهي. ڪتاب بابت پروفيسر اعجاز قريشي لکيو آهي ته “ ڊاڪٽر پروين جاکوڙي اديبن جي فهرست ۾ پنهنجو نالو چمڪايو آهي، هن هڪ ڪامياب شاگردياڻي، ڪاميابي گهرڌڃاڻي، ڪامياب ماءُ، ڪامياب استاد ۽ ڪامياب ليکڪا طور ملهايو آهي”. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ موجب ته “ ڊاڪٽر پروين سنڌي ادب جي واڌاري ۾ بهتري ڪم ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ڪنهن به ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي مقالي کان گهٽ ناهي”.

۲۶) سنڌي نثر: جديد مطالعو: (آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاريءَ تائين) جي نثر نويسن جي فن ۽ نثر جي معلومات تي مبني آهي. هن کان اڳ ليکڪا جا سنڌي نثر جي موضوع تي ٻه ڪتاب “سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس” ۽ “سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو”، ڇپجي مڃتا ماڻي چڪا آهن.

پهريون باب سنڌي نثر جي ابتدا ۽ اوسر جي تفصيل تي آهي ان کان پوءِ سنڌي نثر جي سرجڻهارن ۽ ترقي ڏياريندڙن جي فن ۽ سوانح جو جائزو ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌي، عربي الف-ب جي موجد مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ۽ قرآن پاڪ جو پهريون سنڌي ترجمو لکندڙ آخوند عزيزالله جو تعارف ڏنل آهي. آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاريءَ تائين تقريباً چاليھارو اوائلي نثر نويس هن ڪتاب ۾ آندل آهن جيئن ديوان ننديرام سيوهاڻي، منشي اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي، آخوند لطف الله، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر گربخشاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، دين محمد وفائي ۽ ٻيا آهن. انتساب مخدوم ابوالحسن ٺٽوي، آخوند عزيزالله، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جي نالي آهي، جن سنڌي نثر جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پاڻ پتوڙيو. سيد مظهر جميل جو خوبصورت تبصرو شامل آهي ۽ ڊاڪٽر قاضي خادم ماهراڻي راءِ لکي آهي. مهاڳ ۾ ڊاڪٽر عنايت هن ڪتاب کي سولو، عام فهم ۽ موجوده دور ۾ موضوع مطابق بهترين ڪتاب سڏيو آهي.

۲۷) ارباب جي هوشياري: ڪتاب “ٻالڪ ادب” بابت ڪل چوڏهن ڪهاڻيون آهن جن ۾ “ارباب جي هوشياري”، “نيڪيءَ جو بدلو نيڪي”، “ملڪه ۽ ايوب”، “بدنيت دوست”، “لالچ بري بلا آهي”، “سادگيءَ ۾ سچائي آهي”، “اچو ته وڻ بچايون”، “فرحان جي عقلمندي”، “احسانمندي”، “پاڻي نعمت آهي” “قدر شناسي”، “وقت جو قدر”، “انوکو هيرو” آهن. جي نه فقط سبق آموز پر ٻارڙن جي وندر ورنهن ۽ موجوده دور جي ماحول مطابق آهن. هيءُ ڪهاڻيون ٻارڙن جي ذهني معيار ۽ سنڌي سماج جي حالتن سان ٺهڪندڙ مختصر ۽ سبق آموز شمار ٿين ٿيون. انتساب شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جي نالي آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ۽ ڪتاب بابت ماهراڻي راءِ محترمه مريم مجيدي ۽ بيخود بلوچ لکيا آهن.

۲۸) سماج سڌارڪ انقلابي اديب محمد عثمان ڏيپلائي: تاريخ جي آئيني ۾ سنڌ جي هڪ نامور صحافي ۽ اديب کي مڃتا ڏيندي ڊاڪٽر پروين هڪ سڄاڻ ليکڪا طور پنهنجي ڏيپلائي هئڻ جو قرض ادا ڪيو آهي، پاڻ هن ڪتاب کي وڏي ذوق ۽ شوق ۽ تحقيقي طريقي سان لکيو اٿن، ڏيپلائي صاحب جي ناٽڪ نويسي، ناول نگاري، مضمون نويسي، صحافت، ديني ادب ۽ افسانا نويسيءَ جو احاطو ڪندي جامع انداز سان هن ڪتاب معرفت ڏيپلائي صاحب جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي وئي آهي. ڏيپلائي صاحب جي ڏهٽي رفيق ڏيپلائي ڪتاب جي جائزي بعد لکيو آهي ته، “فهرست ۾ شامل موضوعن کي ڏسندي ئي ليکڪا جي باريڪ بيني ۽ شعور جي پختگيءَ جي ڀلي ڀپت خبر پوي ٿي هيءُ ڪتاب علم ۽ ادب جي اڃ رکندڙن ۽ ڏيپلائيءَ تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هڪ بهترين ذريعو ثابت ٿيندو، نامور شخصيت يوسف شاهين بيڪ ٽائيٽل لکيو آهي.

۲۹) پاڪستاني ادب ڪي معمار: ڊاڪٽر فهميدهه حسين شخصيت اور فن اردو ٻوليءَ ۾ مڪمل لکي مسودو اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد کي ۲۰۲۲ع ۾ موڪليو اٿن، هن ۲۴۰ صفحن جي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر فهميده حسين جي شخصيت ۽ فن بابت پروين صاحبه جا مضمون ۽ تحقيقي مقالا آهن ڊاڪٽر فهميده جي ڪتابن جو تفصيلي تحقيقي جائزو ڏنل آهي ته ڪيترن ڪتابن مان حوالا ڏيئي سندن تحرير نويسيءَ جي خوبين ۽ خامين کي پيش ڪيو اٿن هيءُ ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ پاڪستان ليول تي شايع ٿي انشاء الله ضرور مڃتا ماڻيندو.

۳۰) سونيون اشرفيون: ٻارن جي ادب ۾ ڪهاڻيءَ جي کوٽ کي محسوس ڪندي ليکڪا هڪ مشن طور ٻه سئو ڪهاڻيون لکيون، جي روزاني هلال پاڪستان، گل ڦل ۽ ساٿي رسالن ۾ شايع ٿي رهيون آهن، هيءُ ڪتاب انهن ڪهاڻين جي سلسلي جي ئي ڪڙي آهي جنهن ۾ سورنهن ڪهاڻيون، “غلط عادت”، “رهنمائي”، “ پراجيڪٽ”، “سونيون اشرفيون” “لائق شاگرد”، “ننڍو ڳوٺ” ٽيڪسيءَ وارو”، “فرض ادائي” “هوشياري”، “خرچي”، “ٻاروتڻ” “اٽي جي جادوئي چڪي”، “سچو خواب”، “امڙ”، “بادشاهي درٻار” ۽ “خالي گهر” آهن. سونيون اشرفيون تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال خوبصورت مهاڳ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ڊاڪٽر صاحبه جا ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب تمام اهم ۽ معلومات سان ڀريل، دلڪش، وندر ۽ سبق آموز آهن، ڪهاڻين ۾ موضوع جي لحاظ کان انوکي چونڊ ڏسڻ ۾ اچي ٿي هن ڪلاسيڪل ۽ لوڪ ادب کي جديد دور سان جديد انداز ۾ ڳنڍيو آهي.

۳۱) سکن جو سنسار: ڪهاڻين/افسانن جي هن ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻيون ۱۹۸۰ع ۾ لکيل ڪهاڻي “چري” کان ۲۰۲۳ع جي دور تائين جون آهن، وقفي وقفي سان لکيل انهن ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج جي شهري، وچولي ۽ غريب طبقي جي حياتين جا عڪس چٽيل آهن، ڪهاڻين جا عنوان، “چري”، “ڊائيوو”، “سيٺياڻي”، “ويهه تولا سون”،”سکن جو سنسار” “ويڳو پيءُ”، “ديوتا”، “ ڀوري”، “زينان”، “اعتبار”، “خزانو”، “پوليس انسپيڪٽر”، “ڊاڪٽر غفرانه” “سج اڀريو آ”۽ ٻيون آهن. جي پهرين هلال پاڪستان، هزار داستان، امرتا همسري، چانڊوڪي ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿيون آهن.ڪتاب ڇپائي لاءِ تيار آهي.

۳۲) مري ٿين نه مات: ڪتاب سوانحي مضمونن تي آڌاريل آهي جنهن ۾ دنيا جي اهم شخصيتن بابت معلوماتي مضمون لکيل آهن، حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآلهِ وسلم، حضرت خديجه، بيبي فاطمه، چار خليفن، امام حسن عه، امام حسين عه ۽ ٻين اسلام جي عالمن ۽ دنيا جي وڏين شخصيتن جي باري ۾ لکيل مضمون ٻارن جي نه فقط ذهني سطح مطابق پرکين مضمون نويسيءَ جي اهم صنف ۾ وڏي معلومات ڏيندڙ آهن، سرور نواز ٻگهيو هن ڪتاب تي ويچار ونڊيا آهن. پاڻ لکي ٿو ته، “ڊاڪٽر پروين ٻارن جي لاءِ لکي انهن ۾ مطالعي جي عادت وجهي ٿي ۽ خاص طور نثر ۾ مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي ٻارن جي لاءِ اهڙن ڪتابن جي کوٽ جي پورائي ۾ مَددَ ڪري رهي آهي، کيس دِلي مبارڪ ڏجي ٿي.

۳۳) معلومات جو خزانو: هيءُ معلوماتي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي جي دين جي معلومات، دنيا جي معلومات، پاڪستان جي معلومات سنڌ جي معلومات، سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي معلومات آهن، ارڙهن سالن تائين جي عمر لاءِ لکيل هن ڪتاب ۾ ٻارن کي دين ۽ دنيا جي حقيقتن ۽ علم ادب سان واقفيت ٿيندي هڪ ئي هنڌ کين وڏي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، هن کان اڳ انهيءَ قسم جو معلوماتي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن جي ذهني سطح مطابق تيار ڪيل ڏسڻ ۾ نٿو اچي هيءَ هڪ عمدي ڪاوش آهي.

۳۴) اچوڙي ٻارو: “اچوڙي ٻارو، راند جو وارو، اڪ جي ڪاٺي، نم جا پاوا،” ٻاراڻي بيت مان عنوان ورتل هيءُ ڪهاڻين جو ڪتاب دل وندرائيندڙ خوبصورت ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جن جا عنوان “ننڍي ٻيڙي”، “عيد الاضحيٰ”، “جادوءَ جي دٻلي”، “يتيم ڇوڪرو”، “آخري اسٽيشن”، “انٽرويو”، “منڊو امير”، “هنر بادشاهه آهي”، “نڀاڳ ۽ سڀاڳ”، “يتيم ڇوڪرو”، “هنر بادشاهه آهي” ۽ ٻيون آهن.

۳۵) جي پارکو پارس جا: لطيف شناسيءَ تي ڊاڪٽر پروين جو هيءُ ٽيون ڪتاب آهي هن ڪتاب ۾ انهن اهم شخصيتن جي فن کي مڃتا ڏني وئي آهي، جن حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي پيغام کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سارلي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڀيرو مل مهر چند، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ٻين ڪيترن جي ڇپيل ڪم جو تحقيقي جائزو جي پارکو پارس جا جي مواد ۾ شامل آهي.

۳۶) انوکو رازو: ٻارن جي ادب ۾ ڪهاڻين جي وڏي کوٽ ڏسندي ليکڪا خاص طور وڏيءَ توجهه سان سنڌي ٻارڙن لاءِ هلندڙ وقت مطابق ٻه سئو کان مٿي ڪهاڻيون لکيون آهن، جنهن ۾ هن ترجمي جي اهميت کي سمجهندي قومي ٻوليءَ اردو مان پڻ ڪافي ڪهاڻيون ترجمو ڪري انهن مان چونڊ چوڏهن ڪهاڻيون “انوکو رازو” جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ پيش ڪيون آهن. هن ڪتاب جي ڪهاڻين جا عنوان “انوکو رازو”، “پريما ڪماري”، “غيبي مدد”، “محنت جو ڦل”، “دِلي خواهش”، “سبق حاصل ٿيو”، “چوٿون چور”، “سون جي بطخ”، “ڏهوڻا پئسا”، “محبت جي ڪاميابي”، “جادوئي گُڏيون” آهن.

۳۷) شهر بانو: افسانن جي هيءُ مجموعو ڊاڪٽر صاحبه پرڏيهي ادب مان پنهنجي پسنديده ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي پيش ڪيو آهي، شهر بانو جي ويهن ڪهاڻين جا ليکڪ منشي پريم چند، ڪرشن چندر، انتظار حسين، قرت العين حيدر، عصمت چغتائي، خديجه مستور، اشرف شاد، ڊاڪٽر جميل اختر، پروفيسر جهان آرا لطفي، عنبر عابد، سعيده افضل، احمد نديم قاسمي، ڊاڪٽر راحيله محسن، جبران خليل جبران، ليوٽالسٽاءِ ارنيسٽ هيمنگوي، آسڪر وائلڊ ۽ ٻيا آهن، ڪهاڻين جا عنوان، “شهر بانو”، “قرباني”، “ماءُ جو دِلاسو”، “چاچو افضل” “ستِ ڀرائي”، “ثريا”، “ميران جي پوتي”، “بلبل ۽ گلاب”، “ٽن لفظن جو رشتو”، “سواءِ سير ڪڻڪ”، “ڪاڪي پوڙهي”، ۽ ٻيا آهن.

۳۸) تو ۾ ديرو دوست جو: شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو فلسفو ۽ فڪري رح ٽيهن سُرن جي حوالي سان مضمونن جي صورت ۾ لکيل آهن شاهواڻي صاحب جي رسالي کي ماخذ بڻائي ٽيهه مضمون لکيا آهن. ڪتاب تڪميل جي مرحلن ۾ آهي.

۳۹) حڪايتون: نصيحتي نڪتن تي مشتمل ڏاهن جي حڪايتن تي مشتمل ڪتاب ۾ شيخ سعدي رح، خليفو هارون رشيد، نوشيروان عادل، مالڪ بن دينار، خواجه معين الدين چشتي، صلاح الدين ايوبي، شاهه لطيف، وتايي ولي ۽ ٻين جا حڪايتي واقعا آندل آهن جو خاص ٻارن جي اخلاقي تربيت لاءِ سهيڙي ڪتاب تيار ڪيو ويو آهي.

۴۰) صحت ۽ زندگي: صحت جي اصولن کي اهم ڄاڻندي ڊاڪٽر پروين هڪ نئين نموني جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي، جنهن موجب متوازن غذا جي اهميت ۽ انساني زندگيءَ لاءِ ضروري کاڌا ۽ غذائي ڪارح ڄاڻائڻ سان گڏ مختلف وٽئمنز، ڪيلشيم، آئرن ۽ معدنيات جي ڄاڻ سان گڏ ڀاڄين، ميون ۽ ٻين کاڌن ۾ انهن جو حصو بيان ڪيل آهي، هي معلوماتي ڪتاب پڻ تياريءَ جي مرحلن ۾ آهي.

انهيءَ کان سواءِ ادبي تاريخ (نثر ۽ نظم ۾ الڳ الڳ) حج جو سفر نامو، آتم ڪهاڻي ۽ ٻين موضوعن تي ڪتابن جو ڪم جاري آهي.



ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

فن ۽ شخصيت

اقبال بلوچ

ڪجهه شخصيتون اهڙيون آهن جن جي ذڪر ڪرڻ لاءِ سوچجي ٿو ته ابتدا ڪيئن ڪجي؟ علمي ميدان هجي توڙي ادبي يا سماجي ڪم هجن، هو پنهنجي شخصيتن ۾ هڪ ادارا آهن علم جون يونيورسٽيون آهن. اڄ مان اهڙي شخصيت جو حال احوال لکڻ ٿو چاهيان جيڪا پنهنجي، پر ادب جي پاڻ يونيورسٽي آهي، علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هن جون خدمتون ڳڻجن ته بيشمار ۽ اڻ کُٽ ملنديون. سنڌي علم و ادب جي ميدان ۾ بيشمار عورتون آهن جن ۾ آپا شمس عباسي، مهتاب اڪبر راشدي، دادي ليلا وتي هرچنداڻي، ماهتاب محبوب ۽ اهڙيون بيشمار شخصيتون جن جو شمار سنڌ ڌرتي تي وڏي فخر ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي انهن لازوال شخصيتن مان “ادي پروين موسي’ ميمڻ” به هڪ اهڙي شخصيت آهي جنهن تي سنڌ ۽ سنڌ واسي بجا طور فخر ڪن ٿا. پنهنجي، پر علم ۽ ادب جي ميدان ۾ هڪ شخصيت نه، پر هڪ ادارو آهن، مون کي خوشي آهي ته مان سنڌ جي هڪ قدآور شخصيت ڊاڪٽر پروين موسي’ ميمڻ جو پروفائل پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچائي رهيو آهيان.

ڏيپلو شهر علم و ادب جي ميدان ۾ هميشه نالي وارو شهر رهيو آهي، سنڌ جي علمي ۽ ادبي ميدان جي ڏاهن، دانشورن، تعليمدانن ۽ اديبن جو ذڪر ڪجي سڄي سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو ڏيپلي جا نڪرندا، هنن مان صرف محمد عثمان ڏيپلائي جو ذڪر ڪجي ته ادبي کيتر ۾ سندس نالو افق تي روشن ستاري جيان اڄ به چمڪي رهيو آهي.

ٿرپارڪر جي شهر ڏيپلي جي مشهور ۽ معروف، شخصيت محترم محمد موسيٰ ميمڻ جي گهر ۲۰ نومبر ۱۹۵۸ تي هڪ نياڻي جنم وٺي ٿي جنهن جو نالو پروين رکيو وڃي ٿو، جنهن جي پيدائش ڏيپلي ۾ ئي ٿي.

محمد موسيٰ ميمڻ جيڪو اڳتي هلي سرڪاري نوڪري ۾ مختيارڪار جي حيثيت وٺي ٿو، هن جي ٻارنهن اولادن (ست پٽ ۽ پنج نياڻين) ۾ پروين جو شمار پنجين نمبر تي آهي.

پروين موسيٰ ميمڻ جي نالي سان مشهور ٿيندڙ علمي ۽ ادبي شخصيت جي پرائمري تعليم سندس والد صاحب جي مختيارڪار واري نوڪريءَ جي ڪري سڄي سنڌ ۾ بدلي ٿيڻ سبب سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ: ڏيپلو، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٺٽو، ماتلي ۽ مٺي مان ٿي. اهڙي طرح تعليم جا مختلف مرحلا طئي ڪري هن ماسٽرس جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيون، جنهن ۾ ايم. اي انگريزي ادب، ايم. اي ۽ پي ايڇ ڊي (سنڌي ادب) ۾ آهن. سنڌ جي انتهائي نالي واري شخصيت پروين جي شادي ۱۸ جولاءِ ۱۹۷۶ تي ٿي، ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد اٿس، جي ٽئي اعليٰ تعليم يافته آهن. پاڻ نوڪري جا مختلف مرحلا طئي ڪري ايسوسئيٽ پروفيسر ڪاليج تعليم کاتي مان ۲۰۱۸ ۾ رٽائرڊ ڪيائين ۽ هن وقت ڏيپلائي ٽائون حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن.

هن وقت ڊاڪٽر پروين جو شمار سنڌي ادب جي مٿانهين درجي تي شمار ڪيو وڃي ٿو، هي انهن ليکڪائن مان آهي جنهن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪندي تمام گهڻو لکيو آهي. ادبي ميدان جي کيتر ۾ پير پائيندي سندس پهرين ڪهاڻي ۱۹۷۳ ۾ “سگهڙين سٿ” هلال پاڪستان ڪراچي جي صفحي ۾ شايع ٿي. اهڙي طرح سنڌ جي نڪرندڙ اخبارن، رسالن ۽ ميگزينن ۾ سندس مواد اڄ تائين ڇپجندو رهي ٿو. توڙي جو سندس پهريون ڪتاب دير سان ڇپيو، پر پهرين ئي ڪتاب “سنڌي ادب جو جائزو” ۲۰۰۴ ۾ ڇپيل کي وڏي پذيرائي ملي ۽ هن ڪتاب شهرت ماڻي ۽ ان جي وڏي پذيرائي سندس خوشين ۽ نالي ۾ اضافو ڪيو. سنڌ جي سدا بهار ليکڪا جا هيستائين هيٺيان ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندس شمار سنڌي ادب جي انهن اديبن جي لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جن جا ڪتاب وڌ ۾ وڌ ڇپيا آهن ۽ سندس ادب سان ڪيتري دلچسپي آهي، اهو هيٺين ڪتابن جي فهرست مان ظاهر آهي.

سنڌي ادب جو جائزو ۲۰۰۴ع، ۲. سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس ۲۰۰۸ع، ۳. اٿي رائو ريل (تنقيد) ۲۰۰۹ع، ۴. آديسين ادب آهي اکڙين ۾ (لطيف شناسي) ۲۰۰۹ع، ۵. سون ورنيون سوڍيون ۲۰۰۹ع، ۶. وکر سو وهاء ۲۰۱۰ع، ۷. اخلاقي قدر (ٻالڪ ادب مضمون) ۲۰۱۰ع، ۸. عالم سڀ آباد ڪرين (لطيف شناسي) ۲۰۱۵ع، ۹. پلئه پايو سچ (مضمون) ۲۰۱۵ع، ۱۰. سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ) ۲۰۱۵ع، ۱۱. گلدستو (مضمون) ۲۰۱۷ع، ۱۲. سنڌي ادب (ايم سي ڪيوز) ۲۰۱۸ع، ۱۳. سنڌي نثر جي تاريخ ۾ عورتن جو حصو (پي ايڇ ڊي مقالو) ۲۰۲۰ع، ۱۴. ٽي تحفا (ٻالڪ ڪهاڻيون) ۲۰۲۱ع، ۱۵. شرارتي جن (ٻالڪ ڪهاڻيون) ۲۰۲۲ع، ۱۶. پوپٽ ۽ گلاب (ٻالڪ ڪهاڻيون) ۲۰۲۳ع، ۱۷. شهزادي ماھه نور (ٻالڪ ڪهاڻيون) ۲۰۲۳ع، ۱۸. ثاقب جي آئيس ڪريم (ٻالڪ ڪهاڻيون) ۲۰۲۳ع، ۱۹. سهڻا سخن ۲۰۲۳ع، ۲۰. جديد سنڌي ادب جو بنياد وجهندڙ تاريخ ساز شخصيت شمس العلماء مرزا قليچ بيگ (تحقيق) ۲۰۲۳ع، ۲۱. سنڌي نثر جو جديد مطالعو (آخوند عزيزالله کان عثمان علي انصاري تائين) (تحقيق) ۲۰۲۳ع، ۲۲. ويهه تولا سون (ڪهاڻيون، افسانا) ۲۰۲۴ع، ۲۳. انوکو رازو (ٻالڪ ادب) ۲۰۲۴ع، ۲۴. سائنسي ميلو ۲۰۲۴ع، ۲۵. امر انسان (ٻالڪ ادب سوانحي مضمون) ۲۰۲۴ع، ۲۶. معلومات جو خزانو، ۲۰۲۴ع. ڊجيٽل ڪتاب: ۲۷. ماڻڪ موتي لال (مضمون ۽ مقالا)، ۲۸. پکراج پري (ٻالڪ ادب ڪهاڻيون)، ۲۹. سدا وسين تون، ۳۰. ”ڊاڪٽر پروين هڪ جاکوڙي محققا“ ترتيب ڊاڪٽر ياسر رضا. اڻ ڇپيل ڪتاب: ۳۱. حويلي ۽ کليل آسمان (ترجمو ڪيل افسانا)، ۳۲. تو ۾ ديرو دوست جو (لطيفيات)، ۳۳. سماج سڌارڪ انقلابي اديب محمد عثمان ڏيپلائي تاريخ جي آئيني ۾، ۳۴. ارباب جي هوشياري (ٻالڪ ادب)، ۳۵. اچو ڙي ٻارو (ٻالڪ ادب: ڪهاڻيون)، ۳۶. ٻالڪ ادب جي ليکڪن جا انٽرويوز، ۳۷. اونداهيءَ ۾ روشني (نصيحتي نقطا ۽ حڪايتون، ٻالڪ ادب)، ۳۸. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جون ادبي خدمتون، ۳۹. سنڌي شاعري جي تاريخ، ۴۰. سنڌي نثر جي تاريخ، ۴۱. هلڻ منهنجو هوت ڏي (سفرنامو)، ۴۲. مفتي منجھه ويهار (آتم ڪهاڻي)، ۴۳. جي پارکو پارس جا (لطيف شناسي)، ۴۴. پاڪستان ادب ڪي معمار ڊاڪٽر فهميده حسين شخصيت اور فن (اردو) ۴۵. صحت ۽ زندگي، ۴۶. ڀورائيءَ ۾ ڀال ٿيا (سوانح)، ۴۷. شاهه لطيف جي جيون جيئڻ جي فلاسافي (لطيف شناسي)، ۴۸. جنرل هسٽري (پي سي ايس)، ۴۹. ڀٽ جو ڀٽائي (لطيفيات: ٻارن لاءِ)، ۵۰. سدا حيات شاعري (لطيفيات).

سنڌ جي تحقيقي ادب جي نالي واري ليکڪا جي اندازن ۵۰ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هن سدائين پڙهيو آهي، تحقيق ڪئي آهي ۽ لکيو آهي. هن وقت به سندس قلم هر وقت انهيءَ جستجو ۾ رهندو آهي ته ڇا لکجي ۽ لکبو ئي رهجي ۽ سدائين لکندي رهندي آهي. مون کي لڳي ٿو هي عظيم ليکڪا ننڊ جا چار پهر به آرام ڪونه ڪندي هوندي، سدائين قلم ۽ ڪاغذ سان جنگ جوٽيندي رهندي هوندي. لکڻ ۽ ڪتابن جي اها رفتار رهي ته انشاءَ الله ڊاڪٽر پروين سنڌي ادب جي سڀ کان وڌيڪ ڪتاب لکڻ جا رڪارڊ ٽوڙيندڙ ليکڪا ٿي ويندي.

سنڌ جي عظيم ليکڪا ميمڻ صاحبه جو ايڏو سارو ڪم ڏسي آئون ته دنگ رهجي ويس، جنهن جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد ۲۶ هجي، ۽ ايندڙ ڪتابن جي تعداد سان ڪتابن جو تعداد ۵۰ تي پهچي ته منهنجي ذهن ۾ يڪدم اها ڳالهه آئي ته هن مايا ناز جاکوڙي ليکڪا جو قدر ڪيترو ٿيو آهي؟ اهو سوال اسان پنهنجو پاڻ کان، ادارن کان ۽ ادبي کيتر وارن کان ضرور ڪندس، پر تاريخ ادي پروين جو قدر ضرور ڪندي ۽ سندس نالو سنهري اکرن سان لکيو ويندو، مون کانئس سوال ڪيو ته سنڌي ادب جي تاريخ لاءِ توهان هيترو سارو ڪم ڪيو آهي. توهان جي ڪتابن ۾ فڪشن نظر ئي نه آيو آهي توهان يا ٻالڪ ادب تي ڪم ڪيو آهي يا ته سنڌي ادب جي تاريخ ۽ تحقيق تي ڪم ڪيو آهي ٻيو ته سنڌ جي ڪهڙن ادارن توهان سان ڪتابن ڇپائڻ جي سلسلي ۾ مدد ڪئي آهي؟

جواب ۾ ادي ورندي ڏني ته مون ڪهاڻيون لکيون به آهن ۽ ترجمو به ڪيون آهن جن جا ٻه ڪتاب “ويهه تولا سون” ۽ “حويلي ۽ کليل آسمان” آهن، پهريون وارو ڇپجي ڪافي مقبول ٿيو آهي. باقي غمزده ٿيندي سنڌ جي ادارن مان انتهائي گهڻي مايوس نظر آئي، هڪ ٻه مثال ڏيندي هن چيو لطيف چيئر جي چيئرمين محترم سليم ميمڻ، مون کي منهنجو لطيف شناسيءَ تي ڪتاب “آديسين ادب آهي اکڙين ۾”، لطيف چيئر طرفان واپس ڪيو ته هي ڪتاب چيئر جي ڇپائيءَ جي ذمري ۾ نٿو اچي. جڏهن ته موضوع جي حوالي سان اڄ تائين لطيف شناسيءَ تي اهو هڪڙو ئي ڪتاب آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراهيم جويو، قاضي نبي بخش (جرمنيءَ مان خط لکي) ساراهيو آهي، ٻه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، پر شاهه لطيف چيئر ڪراچيءَ وارن ڪونه شايع ڪيو. سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر غفور ميمڻ منهنجي منظور ٿيل ٿيسز واپس ڪئي انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪلچر کاتي ۽ ٻئي ڪنهن به اداري مون سان ڪڏهن به تعاون نه ڪيو ۽ ڪنهن به اداري منهنجو هڪ ڪتاب به نه ڇپرايو آهي.

هڙان وڙان خرچ ڪري پنهنجي پوري حياتي ادب ۽ ڪتابن کي ڏيندڙ سنڌ جي جاکوڙي ڪردار پوءِ به مايوس نه آهي هن جا حوصلا اڄ به بلند آهن، توڙي جو هن جو آواز ادارن جو ذڪر ڪندي ڀرجي ٿو اچي. تڏهن به باهمت ۽ حوصلن سان چوي ٿي، ادارا تعاون نٿا ڪن ته ڇا ٿيو، سنڌ جا پڙهندڙ منهنجا ڪتاب پڙهندا ۽ سنڌ جي تاريخ منهنجو نالو سنهري اکرن سان لکندي ته ڄڻ مون کي سڀ ڪجهه ملي ويندو ۽ ڄڻ منهنجون محنتون ساڀيائون حاصل ڪنديون. بس منهنجون ڪاوشون مون جيڪي سنڌي ادب لاءِ وقف ڪري ڇڏيون آهن، اهي تاحيات جاري رهنديون، نيٺ ته منزل ملندي نيٺ ته ساڀيان ملندي مون کي سنڌي ادب جي استاد جي حيثيت رکندڙ، پنهنجي پسنديده ليکڪن ۾ سندري اتم چنداڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، ماهتاب محبوب، عطا محمد ڀنڀرو، عزيز گوپانگ، پروين شاڪر ۽ فيض احمد فيض کي پسند ڪري ٿي. جڏهن ته شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي پسند ڪندڙ نثر ۾ شمس العماء مرزا قليچ بيگ کي سنڌي نثر جو ابو مڃي ٿي، جڏهن ته سياست کيس پسند ڪونهي.

علمي ۽ ادبي شخصيت پروين موسي’ ميمڻ کي علم ۽ ادب جي خدمتن عيوض لاتعداد ايوارڊن، شيلڊن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ لطيف ايوارڊ،HEC ايوارڊ، انجمن ترقي پسند مصنفين، سگا ۽ سنڌي ادبي سنگت جا ايوارڊ قابل ذڪر آهن. سنڌ جي سٻاجهڙي شخصيت واري ليکڪا لکڻ پڙهڻ کانسواءِ هميشه عملي ميدان ۾ به سرگرم رهيون آهن، ناري سنگت، سنڌي ادبي سنگت، سگا، سنڌي اردو فائونڊيشن جي سرگرمين ۽ ادبي ڪلاسن ۾ شامل رهيون آهن. انتهائي مانائتي شخصيت جي مالڪا ميمڻ صاحبه عزت وٺڻ به ڄاڻي ۽ عزت ڪرڻ به ڄاڻي، الله پاڪ کيس عزت، احترام، نياز، نوڙت، رواداري، نيازمندي، محبتن، محنتن، خلوص ۽ بهترين جذبن جي نعمتن سان مالا مال ڪيو آهي. کانئن پسند جي حساب سان سوال ڪيم جواب ڏيندي چيائين، پسنديده شهر هوائن ۽ محبتن وارو شهر حيدرآباد آهي جتي مون زندگي جو وڏو حصو گذاريو آهي.

ڪپڙن ۾ پسنديده رنگ اڇو ۽ ڪارو، موسم جي پسند بابت چيائين سڀ موسمون سٺيون آهن جي اندر جي موسم سٺي هجي، موسم اها پسند اٿم جنهن ۾ شدت نه هجي، نه گرمي جي نه سردي جي شدت، هونئن به ٻنهي موسمن جي شدت مون کي اڌ مٿي جو سور(Migrain) وجهندي آهي. پهرن ۾ صبح صادق جو ٿڌڙو ٿڌڙو پهر وڻندو اٿم، خوشبوئن ۾ گلاب جي معطر خوشبوءِ، کاڌن ۾ چائنيز ۽ ديسي کاڌا. ڪائنات جي سڀ کان خوبصورت تخليق پنهنجي اولاد جي تخليق کي قرار ڏئي ٿي. منافقت، ڪوڙ ۽ ڪاوڙ کي دل تي بار ٿيندڙ خامي سمجهي ٿي. فنڪارن ۾ جيجي زرينا بلوچ ۽ سرمد سنڌي جا آواز سدائين وڻندا اٿم. زندگي ۽ موت بابت چيائين، زندگي وقتي حقيقت آهي ته موت اٽل حقيقت آهي، هن دنيا ۾ جيڪو آيو ان کي اوس وڃڻو آهي، اڳيان جي لاءِ ثمر جي سوچ رکڻ گهرجي.

خواب جيڪو ساڀيان نه ماڻي سگهيو هجي؟

ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب هو جو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽريٽ ڪري پورو ڪيو. پيار ڇا آهي؟ جو مختصر جواب ڏنائين سچو پيار لافاني آهي.

زندگي کان ڪا شڪايت...؟

زندگي سان ڪابه شڪايت نه آهي، رب پاڪ جون وڏيون مهربانيون آهن.

عورت ۽ مرد بابت چيائين، عورت ۽ مرد سماج جي واڌ ويجهه ۾ هڪ مضبوط ايڪائي جي حيثيت رکن ٿا، انفرادي طور هر ڪنهن جي حيثيت مسلم آهي.

رشتيدارن سان تعلقاتن بابت هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ سنڌ جي انتهائي محبت ڪندڙ شخصيت جي جواب ۾ به محبت هئي، چيائين رشتيدارن کي يا ڪنهن به ماڻهوءَ کي توهان عزت ڏيندا، پيار ڏيندا تڏهن موٽ ۾ ملندو، الحمدالله مون کي ڪنهن مان به ڪو مسئلو ڪونهي ۽ ماشاءَ الله منهنجي ڪٽنبي زندگي انتهائي سٺي آهي.

سڀ کان وڌيڪ عزيز هو پنهنجي اولاد کي سمجهندي آهي، چيائين پنهنجي اولاد کي ئي هر ماءُ سڀ کان وڌيڪ عزيز سمجهندي آهي.

سنڌ جي انتهائي مان واري ۽ گهڻ رخي شخصيت پروين موسيٰ کان سڀ کان وڌيڪ ملندڙ خوشي بابت پڇيم ته چيائين، “حج بيت الله نصيب ٿيم، اهو حج انهيءَ سال حج اڪبر هو، اها خوشي وسري نٿي، ڌڻي سڳوري جا لک ٿورا ۽ لکين احسان آهن، جنهن خوشنصيبي عطا ڪئي ۽ انهيءَ کانسواءِ پي ايڇ ڊي مڪمل ٿيڻ جي خوشي به تمام گهڻي ٿي هئي.

ڪو غم جيڪو وساري نه سگهيا هجو؟

پنهنجن جي جدائي جو غم ضرور آهي.

ڪي خواهشون؟

انسان جيستائين حيات آهي خواهشن جي انبارن سان گڏ ئي جيئي ٿو. نماڻيءَ، سادگي پسند طبيعت رکندڙ اديءَ کان پڇيم ته “طبيعت ۾ ڪيئن آهيو”؟

منهنجي سوچ موجب جواب ڏنائين طبيعت جي خبر توهان کي هنن سوالن جي جوابن مان ملي وئي هوندي ته “سادگي پسند آهيان” ۽ طبيعت ۾ هميشه هاڪاري(Positive) لاڙو رکندڙ آهيان.

آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ پيغام ورتم ته چيائين پڙهندڙن لاءِ پيغام اهو ئي آهي ته هو پنهنجي مقصد سان، سچائي سان، لاڳيتي محنت ڪرڻ سان ڪاميابي حاصل ڪن، اهي ئي ڪامياب ٿيندا آهن جيڪي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ محنت ۽ سچائيءَ جو جذبو رکندا آهن.

نامياري ۽ سنڌي ادب جي خدمتگار پروين موسي’ ميمڻ جهڙي نموني، خاموشي سان، پنهنجي منهن ڪم ڪري رهي آهي، مون کي ايترو اندازو نه هو ته هن سنڌي ادب جي ڪيتري خدمت ڪئي آهي، پر پروفائل لکڻ مهل جڏهن انٽرويو ورتم ته مون کي اندازو ٿيو ته پنهنجي منهن جيڪي ڪم ڪندا آهن اهي ڪمال جو ڪم ڪندا آهن، بنا ڪنهن اداري جي سهاري، شهرت جي لاءِ يا اسٽيجن تي ويهي نالي ڪمائڻ لاءِ يا ادبي لابين جي پويان تاڙيون وڄائي اڳتي نڪري اچڻ لاءِ، پر مون هميشه اهو محسوس ڪيو آهي ته ادي پروين انهن سڀني شهرتن کان پري رهي گهر جي هڪ ڪمري ۾ ويهي سنڌي ادب جي ڪيتري ته وڏي خدمت ڪري رهي آهي. هوءَ حق تي سنڌي ادارن کان مايوس آهي ته هن جو حق ادا نه ڪيو ويو آهي جيترو هوءَ لهڻي، هن جو پروفائل پڙهي پڙهندڙ به اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سنڌي ادب جي ادارن هڪ عورت ليکڪا جي اڳيان وڌڻ ۾ ڪيتري سچائيءَ ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو آهي؟ هن پنهنجي لاءِ ڪجهه نه گهريو آهي، رهندو هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهي آهي.

منهنجي دعا آهي ته سنڌي ادبي تاريخ ۾ هوءَ نيون تخليقون ڪندي رهي، الله پاڪ هن کي صحت واري وڏي حياتي بخشي، هوءَ سنڌ جي تاريخ ۾ نوان رڪارڊ جوڙي پنهنجو نالو سنهري اکرن سان انشاءَ الله لکرائيندي، سندس حوصلا بلند ۽ عزم پختو ۽ جذبا پرخلوص آهن. سدائين هن جو نالو سنڌي ادب جي افق تي چوڏهين جي چنڊ جيان ستارن جي ڪهڪشائن ۾ جرڪندو رهي. پاڻ سدائين مرڪندي ۽ مهڪندي رهي. “ادي پروين موسيٰ ميمڻ سنڌ توهان تي فخر ڪري ٿي.”

***

 

(ماھوار ھمسري حيدرآبد جي ڊسمبر ۲۰۲۴ع واري شماري ۾ ڇپيل)



محترمه پروين موسى ميمڻ صاحبه

علم ادب جي من سان آبياري ڪندڙ ليکڪا

نياز مسرور بدوي

دنيا هن وقت هڪ عالمي ڳوٺ بڻجي ويئي آهي، ڪمپيوٽر جي اڳيان ويٺل هڪ نوجوان پنهنجي آڱرين ۽ ڪي بورڊ جي مدد هڪ لحظي منجھ دنيا جو سير ڪري ٿو. ۽ دنيا جون لئبرريون سندس سرچ جي انتظار ۾ پنهنجي ڪتابن جون الماڙيون کولي سندس آجيان لاءِ آتيون آهن. دنيا جا عجيب و غريب علم پي ڊي ايف فائيلن جي صورت ۾ هڪ ڪلڪ جي مدد سان سندن ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ۾ هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي وڃن ٿا. هن وقت دنيا ڊجيٽلائيزيشن ڏانهن وڃي رهي آهي، پر ان جي باوجود ڪتاب جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي.

اسان جي سماج ۾ طبقاتي تعليمي نظام جي هجڻ جي باوجود، ڪمزور طبقو پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي. اها ننڍ وڏائيءَ جي جنگ اسان جي تقديرن ۾ سامراجي طبقي ازل کان لکي ڇڏي آهي ۽ ان سان ويڙهاند به ازل کان ئي جاري آهي. بنا ويڙھ جي اسان جي نوجوان وٽ ٻي ڪا به واھ نه آهي، انهيءَ جنگ جي ابتدا اسان جا نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ سان ڪري چڪا آهن ۽ ان جو خاتمو يا پڄاڻي به تعليم سان ممڪن آهي. اسان جو نوجوان طبقو پنهنجي بقا جي ويڙھ وڙهي رهيو آهي، جنهن ۾ سندن ڪاميابيءَ جا چٽا امڪان آهن، هيٺين ڪلاس جا نوجوان جيڪي سنهري خواب ڏسن ٿا، تن جي ساڀيان لاءِ پنهنجو پاڻ پتوڙين ٿا ۽ ڪڏهن ته سندن سپنا حقيقت جو روپ وٺي، سندن محنتن جو مانُ وڌائين ٿا. انهن جي سپنن کي ماڳ ۽ منزل تي رسائڻ لاءِ، هاڻ اهڙا علم دوست اڪابر سجاڳ ٿي پيا آهن، جيڪي اهو چاهين ٿا ته هن وقت جيڪي ننڍ وڏائيءَ جا وڏاڻ سماج جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، تن جو خاتمو ٿئي. اهڙن انقلابي سوچ جي سرجڻهارن ۾ محترمه ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ به هڪ آهي. جنهن پنهنجي آدرشن کي نهايت سڦلتا سان ماڻيو آهي ۽ ٻين جي خواهشن جي تڪميل لاءِ نور نچوئي، هن اهڙا ڪتاب لکيا آهن، جيڪي نوجوانن جي رهنمائي ڪندي، کين پنهنجي مقصد کي ماڻڻ لاءِ اڀارين ٿا ۽ منجھن اهڙا جذبا پيدا ڪن ٿا، جيڪي نه فقط سندن خاندان لاءِ بلڪ ملڪ ۽ قوم لاءِ نهايت ڪارائتا آهن.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ صاحبه جو جنم ۲ نومبر ۱۹۵۸ع ڌاري محمد موسى صاحب جي ڏيپلي واري گھر ۾ ٿيو. پاڻ ايم انگريزي ادب (۱۹۸۳ع) ۽ ايم سنڌي (۱۹۸۸ع) ۾ پاس ڪيائين. ۱۹۹۱ع ۾ ليڪچرر ٿي ۽ ۲.۱۲ع ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ صاحبه جا تقريباً ٻارهن کن ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ سندس لکيل مضمونن ۽ مقالن جو وچور اندازاً اڍائي سو جي قريب آهي.

ڊاڪٽر صاحبه نهايت محنتي، جفاڪش ۽ پرخلوص محقق آهي، سندس لکيل تحقيقي ڪتاب اعلى معيار جا آهن ۽ دنيا جي جديد ترقي يافته طريقه ڪار کي نظر ۾ رکي ڪري لکيا ويا آهن. انهيءَ ڪارڻ ئي سندس ڪتابن کي اها مڃتا ملي آهي، جو سنڌ جي اعلى ادارن ۾ ويٺل باصلاحيت اسڪالرن سندس ڪم کي ساراهيو آهي. ۽ پنهنجا رايا ڏنا آهن. جن ۾ ڪنهن به قسم جو وڌاءُ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

محترمه ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ صاحبه جي فن، فڪر ۽ محنت بابت محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو لکي ٿو ته “مون کي حيرت آهي ته هڪ عورت جيڪا پنهنجو گھر ۽ ٻار سنڀالڻ سان گڏ نوڪري به ڪري ۽ ان جي باوجود تحقيق به ڪري ته حقيقت ۾ اهو هڪ وڏو جھاد آهي. ”

ڊاڪٽر غلام محمد لاکو صاحب پنهنجي راءِ ڏيندي محترمه ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ بابت لکي ٿو ته “تحقيق، تنقيد، لطيفيات ۽ مضمون نگاري، هن جي لکڻ پڙهڻ جا خاص مضمون آهن. اميد آهي ته مستقبل ۾ به ڊاڪٽر پروين نثر ۾ وڌيڪ گهرائيءَ ۾ وڃي، ماڻڪ موتي ميڙي سنڌي ادب جي خدمت جاري رکندي. ”

ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ بابت راءِ آهي ته “کيس سنڌي ٻولي ۽ ادب سان عشق آهي، جنهن جو ثبوت سندس ڇپيل علمي ۽ ادبي ڪتاب آهن. ”

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر صاحبه بابت هن ريت رقم طراز آهي “پروين موسى ميمڻ هڪ قابل ليکڪا ۽ جفاڪش عورت ۽ پنهنجي استادانه فن جي ماهر آهي. پروين موسى تعليم ۽ ادب جي ميدان ۾نهايت سنڀالي قلم هلايو آهي. ”

سيد مظهر جميل پنهنجي راءِ هن طرح ڏني آهي. “پروين موسى ميمڻ جي ڪتابن تي سرسري نظر وجھڻ سان مون کي معلوم ٿيو ته هوءَ تمام محنت، توجھه، ڪوشش ۽ دل سان ڪم ڪرڻ جي عادي آهي. ”

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ ڪاميابين ۽ ڪامرانين جو داستان هڪ ڊگھي مضمون جو طلبگار آهي، پر انهيءَ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪندي، سندس لکيل ڪتاب تي “سنڌي ادب، تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو” (ادبي تاريخ)، جيڪو محترمه سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي شاگردن جي تعليمي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي لکيو آهي، جنهن جي سنجيده مطالعي ڪرڻ کان پوءِ شاگردن کي ضرور ڪاميابي ملندي.

هن ڪتاب اندر سوين موضوع تعليمي افاديت ۽ اميت کي ظاهر ڪري رهيا آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، بڻ بنياد، تاريخ، جوڙجڪ، ارتقا ۽ سنڌ اندر ڳالهائجندڙ مختلف لهجن ۽ سنڌي ٻولي بابت عالمن جي راين کي نهايت سادي ۽ شاندار طريقي سان سمجھايو ويو آهي.

اهو ڏٺو ويو آهي ته دنيا جي تهذيبن ۾ شاعريءَ کي وڏو مقام آهي. شاعريءَ جو سفر سادگيءَ سان ۽ عام فهم لفظن سان ٿئي ٿو. پوءِ شاعريءَ جو سفر اڳتي هلي ڪجھه ٽيڪنيڪي، تخيلي اڏام سان ڪجھه مشڪل پسنديءَ ڏانهن سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿو. پر جيڪو دوام انهي عام فهم شاعريءَ، قصن ڪهاڻين کي آهي، جنهن کي لوڪ ادب يا فوڪ وزڊم چئي ٿو، سو وقت جي وقت کان هار نه ٿو کائي، پر اهو وقت کي شڪست ڏئي امر ٿي وڃي ٿو. محترمه پروين موسى ميمڻ صاحبه به ادب جي تشريح ڪندي نامور عالمن جا حوالا ڏنا آهن ۽ سنڌ جي ماروئڙن جي گيتن ۽ قصن جي ابتدائي تاريخ پڻ ٻڌائڻ سان گڏوگڏ لوڪ شاعريءَ جي قسمن جي وضاحت پڻ ڪي آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو آهي ته اهي لوڪ گيت سنڌ جي ڪهڙن علائقن ۾ نهايت رس چاھ سان ڳاتا وڃن ٿا. ۽ ڪهڙي وقت ڳايا وڃن ٿا.

ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ صاحبه سنڌ جي ادبي دؤرن جھڙوڪ عرب، دؤر، سومرا دؤر، سما دؤر، ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر، ڪلهوڙا دؤر ٽالپر دؤر، انگريز دؤر ۽ موجوده دؤر حڪومت تائين جي ادبي تاريخ کي نهايت مختصر پر، سهڻي جامع انداز ۾ انهن دؤرن ۾ آيل لاڙن جا تفصيل ۽ تحقيقي جائزا پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن دؤرن جي اديبن ۽ شاعرن جو فني ۽ فڪري جائزو پيش ڪري پنهنجي دانشمنديءَ کي ثابت ڪيو آهي.

هي ڪتاب تقريباً ۱۵ مکيه بابن ۾ ورهايل آهي، انهن ۱۵ بابن مان تيرهن بابن ۾ سوين جزوي عنوان آهن، جن کي نهايت لطيف پيرائي ۾ لکيو ويو آهي. جڏهن ته ٻه باب ڪتابيات جا آهن، جن تان ڊاڪٽر صاحبه استفادو ڪيو آهي.

هن ڪتاب جي اهم ۽ خاص خصوصيت هي آهي ته اهڙو ڪو به موضوع يا عنوان نه رهايو ويو آهي، جنهن جي گھٽتائي محسوس ٿئي ۽ نه وري اهڙو ڪو موضوع شامل آهي، جيڪو تشنه ۽ اڻپورو رهجي ويو هجي.

“سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو (ادبي تاريخ) هڪ اهڙو مطالعو آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اسان جي نوجوانن جي ترقي جا در کُلي پوندا. وڏي اهم ڳالھ اها آهي ته هي ڪتاب ۴۸۸ صفحن جي ڊبل ڊيمي سائيز جي صورت ۾ آهي ۽ هن ڪتاب جي قيمت نهايت واجبي آهي.

دعا آهي ته محترمه پروين موسى ميمڻ جي هن ڪتاب کي دوام ملي.

 

No comments:

راءِ ڏيندا