; سنڌي شخصيتون: رحيم شورو - مرزا اعظم علي ٽالپر

29 January, 2016

رحيم شورو - مرزا اعظم علي ٽالپر

رحيم شورو
گهڻ رُخي شخصيت - پورهيت کان اداڪار تائين
مرزا اعظم علي ٽالپر
دنيا ۾ هر انسان جو گذريل دور شاندار ماضي بڻجي ويندو آهي، پر اها ئي ماضي انسان سان هر وقت قدم قدم تي گڏ هلندي آهي. مون کي تاريخ ۽ ڏينهن ته ياد نه آهي، پر اهو چٽو ياد آهي ته سال 1975ع جي سانوڻ جي مند جو هڪ گرم صبح هو ۽ ڪچن ٻنپهرن جا پاڇولا هئا، ته پاڙي مان هڪ ٻن ٻارن گهر ۾ اچي چيو، ته ٻاهر موٽرڪار ۾ چند ماڻهو سڏي رهيا آهن. تڪڙو تڪڙو ٻاهر اچي ڏٺم ۽ رڙ ڪندي چيم ته ”اي ماستر تون!“ هن به کلندي، هٿ جي وچين آڱرين ۾ جهليل سگريٽ اڇلي، ڀاڪر پائيندي چيو؛ ”جي جا“.


هي هو سائين اسماعيل بن واصف، جنهن سان منهنجي گهڻي واقفيت هئي ۽ آئون سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل آر ايڇ احمد پاران ڇپايل ڪتاب پڙهي چڪو هوس. اسماعيل بن واصف سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽائيپ رائيٽر هو. هڪدم چيائين ته هڪ نئين سنڌي فلم ”ڌرتي ۽ آڪاش“ ٺاهي رهيو آهيان ۽ سڀ ڪم تيار آهي. پر تو وٽ اچڻ جو مقصد اهو آهي ته جلال چانڊيو کان پوءِ سنڌ جي پهرين عورت روبينه حيدري چپڙي ۽ يڪ تاري جو استعمال ڪندي ڳائي ٿي، ان کي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ تون هن جو خاص انٽرويو ۽ فوٽو هندستان جي فلمي ماهوار اخبار ”شڪنتا“ کي موڪل ته شايع ٿئي. اسماعيل بن واصف جي پيار محبت سبب انڪار ڪرڻ مناسب نه هو، سو گڏ نڪتاسين ۽ شهر ۾ هڪ هوٽل تي ٻاٽلي (ڪوڪا ڪولا) گهرائي کير ملائي پيءَ ٿڌا ٿي ڪار ۾ حيدرآباد روبينه حيدري جي گهر آياسين ۽ ڪچهري کان پوءِ ڪجهه فوٽو نشاط سينما ميمڻ اسپتال وٽ هڪ فوٽو گرافر کان ڪڍاياسين، ان دوران روبينه حيدري پي ٽي وي پروڊيوسر ممتاز مرزا پاران پروگرامن جي ٺلهن آسرن جا سور روئيندي رهي. ان بعد اسماعيل بن واصف جيڪو ماستر جي نالي مشهور هو، فلم ڌرتي ۽ آڪاش جو ڪم شروع ڪيو، ته ملڪ ۾ جمهوري (سول) حڪومت هئي ۽ فلم اندسٽري عروج تي هئي. فلم ڌرتي ۽ آڪاش جي سلسلي ۾ ٻه گانا شهزادي گلفام تڏهوڪي عبرت فلم ايڊيشن انچارج لکيا هئا، ان ۾ هڪ گانو لاهور ۾ نورجهان جو رڪاڊ ٿيو هو ۽ ٻيو گانو عابده پروين جو ڪراچي ۾ رڪاڊ ٿيو هو. ان لاءِ فلم جو يونٽ مڪمل حيدرآباد گاڏي کاتي (حيدر چوڪ طور مشهور نه هو) کان ايسٽرن فلم اسٽوڊيو منگهوپير ڪراچي (لاءِ) روانو ٿيو. ان ڏينهن فلم جي موسيقار جوڙي مان غلام نبي کي سخت سيءُ ۽ بخار هئڻ سبب هلڻ لائق نه هو، ان کي شهاب سنيحا جي سامهون گهٽي مان سندن گهران فلم جي ولين رحيم شورو، راقم (آئون)، عبدالغفور سومرو، ماستر ۽ اياز عالم ابڙو وٺڻ ويا هئاسين. هو ايمرجنسي ۾ انجيڪشن هڻائي چڪو هو، هي فلمي قافلو سج لٿي روانو ٿيو، ته ٻن ٽيڪسين ۾ ليڊيز فنڪار ۽ ٻيا اداڪار هئا، ته بس ۾ ٻي سنگت هئي، جنهن ۾ اداڪار ۽ فلم جو سائيڊ هيرو رحيم شورو مون سان ٻانهن ٻيلي طور سيٽ ٿي گڏ ويٺل هو. منهنجي ۽ رحيم شورو جي سنگت 1970ع کان ٿي هئي، جڏهن هو لالا قادر جي پورهيت تنظيم (سپت) ۾ شامل ٿيو هو. آئون ۽ لالا قادر 1969ع جي ون يونٽ تحريڪ خلاف سينٽر جيل حيدرآباد ۾ مليا هئاسين.
1972ع ۾ وفاقي وزير پيداوار سيد قائم علي شاهه ٽنڊوڄام ٽيڪسٽائل مل جو دورو ڪيو هو، ته ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو پاران سنڌ حڪومت ۾ مقرر ٿيل رحيم شورو ليبر ليزن آفيسر طور گڏ آيو هو. فلم ڌرتي ۽ آڪاش جي عابده پروين جي آواز ۾ شهزادي گلفام جي لکيل گاني جا ٻول هئا ”پيارا ڪري وٺ پيار، ڏس رات هٿن مان پئي وڃي“. هن کي ڳائڻ ۽ اوڪي ڪرائڻ ۾ موسيقي غلام نبي عبدالطيف رڪاڊ ڪندڙ هاشم وڏي محنت ڪئي هئي، ايتري حد تائين جو سئو کن سازندن اڳيان غلام نبي ڌمڪي طور چماٽ لڳندي گاني جي رڪاڊنگ کان اڳ ۽ پوءِ اسان ٻئي گڏ ئي گڏ هئاسين ۽ فلم ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره شبانه ناز تي تبصرو ڪندا رهياسين، جيڪا پنهنجي مخصوص لباس، قدبت ۽ جسماني وزن ۽ ٿولهه سبب سڀني جي توجهه جو مرڪز بنيل هئي. گاني جي رڪاڊنگ رات 2 بجي مڪمل ٿي. ان وقت اسٽوڊيو ۾ موجود مهمان هيڏانهن وڃن لڳا، پر عابده پروين پنهنجي والد صاحب سان فرش تي ئي سمهي رهي. فلم ڌرتي ۽ آڪاش جهموري دور ۾ ٺهندي ٺهندي 1977ع ۾ ملڪ جي حالتن جي تبديلي ٿيڻ سبب فلم به تبديل ٿي وئي هئي، ان وقت ملڪ جي ڍانچي ۾ اسلامي نظام جو اثر هو.
اداڪار رحيم شورو تقريبن چئن فلمن ۾ نمايان رهيو، جن ۾ پلاند، بادل ۽ برسات، ڌرتي ۽ آڪاش ۽ حيدرخان خاص آهن. هن اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو ۽ ان کان سواءِ 7 مارڪ (ست) سگريٽ ڪمپني جي هڪ اشتهار ۾ به ڪم ڪيو هو، جنهن ۾ شادي جي ويندڙ ڄڃ جي بس واٽ تي بيهي ويندي آهي، جنهن کي بيهارڻ بعد رحيم شورو سگريٽ جو زبردست سُوٽو (ڪش) هڻندو آهي ۽ ان کان پوءِ اها بس رواني ٿيندي آهي. فلم بادل ۽ برسات هڪ بهترين فلم هئي، جنهن ۾ اڇن ۽ ڪارن جو نسلي متڀيڊ (سلوڪ) موضوع هو، ابو بلاول هڪ پرديسي (نيگرو) شيدي ۽ چنگاري ڪاري (شيدڻ) هوندا آهن. فلم ۾  ابو بلاول تي فلمايل ۽ رجب علي جو ڳايل نفعو ”اڏر پکيئڙا پنهنجي ديس اڏام، هت نه ملندئي جيئندان“ شروع ٿيندو هو ته راحت سينما ۾ خاموشي ٿي ويندي هئي، هي هڪ ڪهاڻي جي لحاظ ۽ رحيم شورو جي بطور ولين بهترين فلم هئي، حالانڪه بادل ۽ برسات فلم تي ڪجهه وڌيڪ فلمائڻ جي به ضرورت هئي، ان کان سواءِ هن فلم تي ڪجهه وڌيڪ خرچ ۽ ڪجهه محنت سان ۽ هندستان ۾ ٺهي ها، ته وڏي ڪاميابي ٿئي ها. ڇو ته ان زماني ۾ آفريڪا ۾ ڪارن تي ظلم هلندڙ هو ۽ سائوٿ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان علي باقر هو، حيدرآباد ۾ ڪوه نور سينما تي فلمسٽار ابو بلاول کان انٽرويو ۽ فوٽو هندستاني اخبار شڪنتلا کي موڪليو، ته کيس جم برائون جو لقب ڏنو ويو هو.
رحيم شوري 1977ع ۾ ملڪ جو ڊانچو تبديل ٿيڻ سبب فلمون ڇڏي ڏنيون. سندس فلم ڌرتي ۽ آڪاش 8 جولاءِ 1979ع تي شاليمار سينما حيدرآباد ۾ راقم (مون) ماستر اسماعيل، رحيم شورو ريڊيو ٽي وي فنڪار جيدي (اطهر شاهه خان) ۽ ملڪ انوکو سان گڏ ڏٺي هئي. هن سان آخري ڳالهه ٻولهه (رمضان جي عيد وقت ٿي هئي) جڏهن پي ٽي وي لاءِ سنڌي فلمون ۽ فنڪارن متعلق هڪ پروگرام رڪارڊ ٿي رهيو هو، پر هو بيماري سبب ان ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو هو.

رحيم شورو جي پيدائش ۽ وفات جي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن جو فرق آهي، يعني جنم 23 جولاءِ 1943ع ۽ وفات 22 جولاءِ 2015ع آهي. بهرحال هي فلمن لاءِ امريش پوري ضرور هو، پر سندس آواز سنهو ۽ هلڪو هو. تازو سنڌ ٽاڪيز نالي هڪ مهانگو ٿلهو ڪتاب منظر عام تي آيو آهي، پر ان طرفان بچي ويل باقي سنڌي فلمن جي سي ڊي يا ڊي وي ڊي هئڻ جو ڪوبه حال احوال ان ۾ نه آهي ۽ نه ئي باقي سنڌي فلم هئڻ جي صورت ۾، ان لاءِ ڪو محفوظ هئڻ جي خمانت ڏنل آهي، جڏهن ته 2012ع ۾ ڪراچي مان هڪ اردو ليکڪ سجاد احمد سجاد جو ڪتاب توڪل اڪيڊمي پاران زينت پبليڪيشنس وارن ڇپايو آهي. جيڪو سستو آهي ۽ ان جي ميوزيم گهر ۾ سنڌي فلمون عمر مارئي، سسئي پنهون، محبوب مٺا، گهاتو گهر نه آيا، پرديسي ۽ پيار، حيدرخان، فيصلو ضمير جو، ڪارو ماڇي، محب شيدي، نوري ڄام تماچي، مٺڙا شال ملن، ممتاز، ڦل ماڇي، شهيد، پرو، دريا خان موجود آهن. ان سلسلي ۾ سجاد احمد سجاد عبرت لاءِ رابطو ڪرڻ تي خاص ٻڌايو، ته سنڌي فلمن جون پرنٽ ملڻ نه رڳو مشڪل پر محال به آهي. ان جي باوجود به مون ذاتي سنڌي فلمون محفوظ ڪري رکيون آهن. سنڌي فلمن سان محبت رکندڙ ڪو به سڄڻ ڪراچي تشريف کڻي اچي. منهنجي ميوزيم ۾ پنهنجي سنڌ جي سنڌي فلم مفت ڏسي سگهي ٿو. ان کان سواءِ ڪنهن سائين وٽ ڪا سنڌي فلم موجود هجي، ته آئون خريد ڪندس. جيئن هي سنڌ جو خزانو ماضي جي کنڊرن ۾ گم نه ٿي وڃي. ڪاش سنڌ ٽاڪيز ڪتاب ۾ به ڪجهه اهڙو هجي ها يا اهڙي ميوزيم جي سوچ هجي ها.

No comments:

راءِ ڏيندا